سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :12

(2) قديم آثار، مقبرا، مسجديون ۽ قلعا:

مير مائل جي بياض ۾ اسان کي ڪيترا قطعا ملن ٿا، جن ۾ تاريخي جاين جي مرمت، درستيءَ ۽ تعمير جون تاريخون ڏنل آهن. انهن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن خوا انهيءَ زماني جي ٻين سرنديءَ وارن، تاريخي عمارتن ۽ قلعن ٺهرائڻ ۽ قديم آثارن ۽ مقبرن ۽ مسجدن جي تحفظ، ۽ مرمت ۾ انتهائي فراخ حوصلگيءَ کان ڪم پئي ورتو.

ٽالپرن کي عمارتن جي تعمير جو خاص شوق هو. هنن ڪيترا مضبوط ۽ مستحڪم قلعا ٺهرايا، سير تفريح جون جايون، مسافر خانا ۽ باغ تيار ڪرايا، پنهنجي رهايش لاءِ بهترين شاهي محل اڏايا. انهيءَ دؤر جي ڪيترن شاعرن جي ديوانن مان، اسان کي تاريخي قطعن جي ذريعي، انهيءَ قسم جي معلومات ملي ٿي. ٽالپرن جي حالات مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته کين چند ڳالهين سان خاص شوق هو، شڪار، هٿيار، هيرا جواهر، علم، عمارتون ۽ باغ اهي شيون سندن خاص شوق جون هيون.

مير مائل جي بياض مان جن آثارن جي مرمت ۽ تعمير جا قطعا ملن ٿا، انهن جو ذڪر هيٺ ڪيون ٿا.

مسجد خضري. اها مسجد اڄ به ٺٽي ۾ پنهنجي اصلي حالت ۾ مضبوط، مستحڪم، جيئن جو تيئن موجود آهي. انهيءَ مسجد کي ٺٽي جي مغل ڪاموري، مير عبدالرزاق ”معموري“ معروف به نواب مظفر خان جهانگيريءَ، ٺهرايو. اتي انهيءَ زماني ۾، ٺٽي جي مشهور ”گودڙي بازار“ هوندي هئي. اڄ خبر نه آهي ته مسجد سان لڳ جيڪا بازار آهي انکي ڇا ٿو سڏيو وڃي.

مرزا غازي بيگ ترخان جي انتقال (1021هه) بعد، مرزا رستم صفوي ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ساڻس گڏ مير عبدالرزاق ”معموري“ به جمعداريءَ جي عهدي تي مقرر ٿي آيو، جنهن 1022هه ۾، اها خوبصورت مسجد، پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ، گودڙي بازار ۾ ٺهرائي. مسجد، مغليه طرز تعمير تي ٺاهيل آهي. مسقف عمارت ٽن گوشن ۾ تقسيم ٿيل آهي ۽ مٿان ٽي گنبذ اٿس. مسجد ۾، ٻاهر ڪشادو ٽائليس جي فرش سان ايوان آهي، ايوان جي اترئين طرف ۾ 10 فٽ کن اوچي ٿلهي تي وضوءَ لاءِ تلاءُ ۽ ان جي پاسي ۾ سايه دار ڇٽي آهي. مسجد جو داخلي دروازو بازار ۾ کلي ٿو. مسجد جي اندر خوبصورت ڪاشي ڪاريءَ جو ڪم آهي. غالباً هر زماني ۾ ان جي مرمت ٿيندي آئي آهي، جنهن ڪري اڄ به بلڪل نئين حالت ۾ ڏسجي ٿي.

مسجد جو محراب پنج گوشو آهي، هر گوشي جي پيشانيءَ تي خوبصورت طغرائي خط ۾ آيات قرآني اڀريل اکرن ۾ اڪريل آهن. آخري ٻن گوشن تي هي ڪتبو آهي.

(1) خاک آستان حضرت نبوي صلي الله عليہ وآلہ وسلم، عبدالرزاق

(2) الحسيني المعموري الملقب بمظفر خان بتاريخ اتمام شد.

1022 هه

مير عبدالرزاق، عالم فاضل ۽ فارسيءَ جو زبردست شاعر هو. ”معموري“ سندس تخلص هو. شاعرن جي هميشہ سر پرستي ڪندو هو، چنانچه ٺٽي ۾ عبدالقيوم ”ظريف“ شاعر ۽ ميان دانشور ”شهري“ وٽس رهندا هئا. مير عبدالرزاق جي، سنڌ جي سلسلي ۾، هڪ رباعي مشهور آهي.

يکچند درين سند پريشان گشتيم،
گفتيم گران شويم، ارزان گشتيم،
در طالع ما کساد بازاري بود،
آئينه فروش شهر کوران گشتيم.

مظفر خان مسجد ٺهرائي، ۽ خدا جو شڪر جو اڄ تائين اها قائم رهندي آئي آهي. جنهن ڪري اسانکي اهو به معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ بازار جو اڄ کان چار سؤ ورهه اڳ ڇا نالو هو! انهيءَ مسجد جي تمام چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي. مير مائل خوشيءَ وچان ٽي قطعا جوڙي راس ڪيا. مير ڪرم علي خان وٽ سون رپئي جو خزانو هو، هن مسجد کي مرمت ڪرايو. اسان جو شاعر سون رپئي کان خالي، ليڪن شعر و سخن جي دولت سان مالا مال هو، تنهن قطعا تيار ڪيا. مير صاحب جي مرمت ڪرائڻ جي اڄ ڪنهن کي خبر ڪانه پوي ها، جيڪڏهن مير مائل، پنهنجي قطعن جي ذريعي، مير صاحب جي انهيءَ عمل خير کي زندگي جا ويد نه بخشي ها.

(1)

چون مير ما کرم علي آن شاهه حق شعار،
کز حق موفق آمده في الخير بر مزيد،
اکنون بصد کرامت ترميم نو بخير،
داده جلاي تازه باين مسجد مجيد،
تاريخ اين مبارک ترقيم دل ز غيب،
”خير کرم بداده بمسجد جلا“ شنيد.

1229هه

خير کرم بداده بمسجد چه زيب بهه،
ديگر بدل زغيب بال ندا رسيد،
هم سال آن ز لفظ ”بجا خير تازه“ دل،
روح القدس پئي.... احباب بر کشيد.

1229هه

يا رب بحق خوبيء اين تازه خير شاهه،
بادا بخير تازه ز اکرام مستفيد!

ص 83

(2)

اخيء دهر و کرم يار زمان مير کريم،
که بوصف کرم از نام علي داد نمود،
ديده اين مسجد حق منهد و افتاده،
مساجد الله پئي شعل صلواة معبود،
حاليا طرفه ز تعمير بناي او دل،
از شريف بخشيء ترميم جلايش افزود،
سال ترميم بخيرش که بود خير کرم،
”خير مسجد بکرم آمده“ سالش فرمود،

1229هه

ياد ازين خير کرم ”مائل“ حق بر بابش،
داعيء خير شهه ذولکرم از رب ود ود.

ص 84

(3)

يافت اين مسجد چو از خير شهه بزم کرم،
آنکه تعمير مساجد خيرش آمد ماه و سال،
حالي از ترميم نو خوشتر ز تعمير قديم،
بهر شغل مومنين زيب وصفائي لايزال،
طبع داعي ديده اين ترميم با خير از کرم،
”باد از اهل کرم خير مساجد“ گفت سال.

1229هه

”باد اين مسجد ز ترميم کرم بازيب وزين“،
سال آن با واي بسم الله اگر آمد بقال.

1227هه        2

1227+2=1229هه

باد دائم في الصلواة الخمس چو ”مائل“ بحق،
هر مصلي سائل خيرش ز فضل حق تعاليٰ!

ص 84

ٻئي نمبر قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد منهدم ٿي وئي هئي، جنهن کي مير صاحبن نئين سر ساڳيءَ طرح مرمت ڪري، نئين زندگي بخشي. موجوده حالت مان اندازو ٿئي ٿو ته محراب ۽ مسقف عمارت ساڳي پهرينءَ تعمير واري آهي، ممڪن آهي ته بيحد خسته ٿي وئي هجي ۽ ٻاهريان حصا منهدم ٿي چڪا هجن، جن کي مير صاحب نئين سرتعمير ڪرائي، سڄيءَ مسجد کي نئون ڪري ڇڏيو. مير صاحب کان پوءِ به مسجد جي وقت بوقت، مرمت ٿيندي رهي آهي، جيئن ته اڄ به ڄڻ نئين بيٺي آهي. مسجد ۾ سواءِ مير عبدالرزاق واري ڪتبي جي ٻيو ڪوبه ڪتبو ڪونه آهي.

جامع مسجد: ٺٽي جي جامع مسجد، شاهجهان جي دور ۾، ٺٽي جي گورنر، مير ابوالبقا امير خان، ٺهرائي. اڄ اگرچه خسته حال ۽ هاڻوڪن مسلمانن ۽ هاڻوڪي اسلامي حڪومت جي زبون حاليءَ تي مرثيه خوان آهي، تاهم اڄ به ان جي ساخت، طرز تعمير، شڪوه، ڪاشي ڪاريءَ جو باغ و بهار ڏسڻ وٽان آهي. آثار قديمه جي ماهرن جو قول آهي ته ڪاشي ڪاريءَ جي جوڙجڪ جيڪا هن مسجد ۾ ڪئي وئي آهي، تنهن جو مثال ايران ۾ به ڪونه ٿو ملي. اڄ مسجد جي حالت زبون آهي، بعض حصا ته تقريباً زمين دوز ٿيڻ تي اٿس. سنڌ جي حڪومت، ڪيترن سالن کان ڍل جي ذريعي، سنڌ جي مسلمانن کان لکين رپيا مرمت جي بهاني تي ورتا آهن، ليڪن معلوم نه آهي ته اڃان ڇو کين ٻي ڪا توفيق ڪانه ٿي آهي! جيڪڏهن خوانخواسته اها مسجد شهيد ٿي وئي ته ثقافت جو هڪ وڏو نشان سنڌ مان هليو ويندو.

محڪم آثار قديمه جي رپورٽ (نمبر 8، طبع بمبئي، 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد تي 9 لک رپيا، شاهه جهان جي حڪم سان، امير ابوالبقا خرچ ڪيا هئا. مسجد جي ڪرسي ۽ بنياد پٿر جا آهن، باقي مسجد پڪين سرن سان تعيمر ٿيل آهي. ڇت ۾ ننڍا وڏا جملي 92 گنبذ اٿس، جن مان ٽي گنبذ وڏا ۽ مرڪزي آهن. انهن گنبذن جي اندران ڪاشيءَ جي چٽ سالي، نهايت چابڪدستيءَ سان ڪئي وئي آهي. سرون اهڙيءَ خوش مذاقيءَ سان ملايون ويون آهن، جو سڄي مسجد باغ و بهار بنجي وئي آهي. وچين عمارت جو رقب 305x170 فٽ آهي. مسجد ۾ چار تاريخي ڪتبا آهن، جيڪي هيٺين ڪاتبن جا لکيل آهن.

1. عبدالله، سنه 1068 هه.

تحفة الڪرام انهيءَ ڪاتب جو ذڪر خطاطن جي زمري ۾ ڪيو آهي، سندس نالو آهي، سيد عبدالله حسيني، کيس ”نازڪ رقم“ جي خطاب سان ياد ڪيو اٿائين.

2. شيخ محمد فاضل.

تحفة الڪرام لکيو آهي، ”ولد شيخ محمد، معاصر عهد شاهجهان، درکتبه نويسي خط ثلث نادره زمان زيسته.“ شيخ فاضل جي پٽ جو نالو به محمد هو، جيڪو پڻ صاحب تحفة الڪرام جي قول مطابق ”در کتبه نويسي مثل پدرمهارت مي افراشت.“ ص 241/3.

3. عبدالغفور، سنه 1057 هه.

4. سيد علي، سنه 1104 هه.

تحفة الڪرام هن لاءِ لکيو آهي ته ”سيد علي بن عبدالقدوس، ماڙندراني، در خط ثلث و نسخ و سائر خطوط نظير سيد علي معروف بوده، شاگرد مخدوم الياس خوشنويس است، که بشاگرديش بسا بزرگ بخوش نويسي نامي اند.“ (200)/3

5. ڀنڀو بن حسن.

6. طاهر بن حسن ڪاتب.

تحفته الڪرام ۾ آهي ته ”سيد حسن خوشنويس در عهد ترخانيه (962-1021هه) بفنون خوش نويسي ماهر وقت زيسة، پدرش سيد محمد طاهر جامع هفت قلم معروف انام گذشته.“ ص 241/3.

مسجد ۾ قديم ڪتبا هيٺيئن طرح آهن.

مشرقي ايوان جي مغربي دروازي جي اندروني ۽ بيروني طرفن ۾ ڪتاب آهن، اندرئين طرف جو ڪتبو طاق سان گڏ ٽن ٽڪرن ۾ بخط نستعليق آهي.

بادشاهه زمانه شاهه جهان،
جامع تته دلکشا پرداخت،
مرتفع جا معي که گنبد او،
سايه برقبهء سما پرداخت،
خاصه بهر خدائي ظل خدا،
خانہ رحمت خدا پر داخت،
فرش جامع بحکم شاهه جهان،
زيدهء آل مصطفيٰ پرداخت،
رضويء انتساب مير جلال،
که وزارت از و صفا پرداخت،
گشت فرشي که سنگ آن ز صفا،
رشک جام جهان نما پرداخت،
سال تعمير آن دبير خرد،
”فرش مطبوع و دلکشا“ پر داخت.

1068هه

هن ڪتبي مان سنگين فرش جي هڻائڻ جو سال نڪري ٿو، جنهن کي مير جلال رضوي وزير هڻايو. فرش ايترو لسو ۽ چمڪدار هو جو ڄڻ جام جهان نما هو. اڄ انهيءَ فرش جي جيڪا حالت آهي، سا هرڪو ڏسي سگهي ٿو.

طاق جي اندرئين طرف، خط ثلث ۾ هي ڪتبو آهي.

تبارڪ الذي نزل الفرقان....... (تا)......... انہ غفور الرحيم

صدق الله صدق الله العلي العظيم.    شيخ محمد فاضل.

انهيءَ طاق جي کٻي ۽ سڄي، بخط نستعليق، هي ٻه ڪتبا آهن.

(1) چون ز صاحب قران شاهجهان،
يافت ترتيب مسجد اعليٰ.
(2) هاتفم گفت سال اتمامش،
”گشت زيبا چو مسجد اقصيٰ“.

1057هه

مشقه عبدالغفور.

مغربي مسقف حصي ۾، ٻاهرئين طرف کان، بخط ثلث هي ڪتبو آهي.

لقد صدق الله رسولہ الرؤيا.... (تا).... مغفرة و اجرا عظيما.

کتبه سيد علي بن سيد عبدالقدوس، 1104هه.

محراب جي مٿان جو ڪتبو بخط ثلث هي آهي.

اقم الصلواة.....(تا) زهوقا.

مشقه العبد الفقير بنبو بن حسن.

انهيءَ حصي جي وڏي گنبد جي هيٺان عمارت مثمن آهي، انهيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث لکيل آهي.

سبحان الذي اسريٰ.... (تا).... غزابا اليما.

ڪتبه فقير طاهر بن حسن ڪاتب.

صحن جي اترئين ۽ ڏاکڻي طرفان جي وچ ۾ ٻه ايوان آهن، اترئين ايون جي ٻاهرئين طرف کان آيات قرآن اڪريل آهن، ۽ ڏاکڻي ايوان جي اندران مغربي ديوار تي هيٺيون ڪتبو نستعليق خط ۾ پٿر تي اڪريل آهي.

نديده چشم فلک مسجدي بدين خوبي،
که آمدند ملايک برائي ديدن فيض،
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش،
بديده کرد اشارت که ”هست معدن فيض.“

1054هه

ڪتبن جا سال ترتيب وارهن طرح آهن. سنه 1054هه سنه 1057هه سنه 1068هه سنه 1104هه محڪمئه آثار قديمه جي ماهرن انهن ڪتبن مان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته 1054هه ۾ عمارت ٺهڻ شروع ٿي، 1057هه ۾ ختم ٿي، شاهه جهان جي آخري سال 1068هه ۾ مير جلال فرش هڻايو، ۽ عالمگيري عهد جي 1104هه ۾ انهيءَ مسجد ۾ ڪي ترميمون ٿيون.

انگريزن جي دور ۾ انهيءَ مسجد جي ٻه دفعا مرمت ٿي. هڪ دفعو سر بارٽل فريئر 1272هه (1855ع) ۾ ڪرائي، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر جي زماني ۾ 1311هه (1894ع) ۾ ٿي. منهنجي نظر مان مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ نقشبنديءَ جو بياض گذريو. جنهن ۾ هڪ خط جو نقل هو، جيڪو مخدوم مرحوم، ٺٽي جي عوام طرفان، مير علي مراد خال ٽالپر واليء خيرپور ڏانهن انهيءَ مسجد جي مرمت لاءِ لکيو هو، معلوم نه آهي ته مير صاحب مرمت ڪرائي يا نه، ليڪن مير مائل جي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته مير مراد علي خان پنهنجي دور ۾ چڱيءَ طرح انهيءَ جامع جي مرمت ڪرائي. مير مائل پنهنجي بياض ۾ انهيءَ مرمت تي چار قطعا نقل ڪيا آهن.

(1) وه اين مسجد شاهي آنگه سالش،
به ”معدن فيض“ پيش ازين،

1054هه

در حال ز فيض رشد تازه،
از دولت مير نيک آئين،
کز نام علي مراد يابست،
دائم به بقاي دولت و دين،
از فيض مراد تازه ترميم،
بگرفت بکام دل چو تزئين،
فومود سروش غيبم اين سال،
”اين معدن فيض حاليا بين.“
 

1227هه        ص 82

(2) ........        .......  .......  ........

باز از مسجد و شرف اين جامع شاهي گرفت،

با هزاران زيب و زينت تازه تزئين الرشاد،

گفت طبعم در دعا تاريخ ترميمش چنين،

”باد دائم امجد اين جامع ز ترميم مراد“.
 

1227هه        ص 2

(3) حسبة لله بکام آنکہ.............،

دارد از شوق دلي شغل عبادت دل نهاد،
 

برد از طبع براهم مسجد حق کز قديم،

دارد از سعي صفا باکعبة الله اتحاد،

چون بترميم مراد از نوچو تعمير قديم،
 

داد با صد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد،

در خوشي خوش سال ترميمش سروش غيبي گفت،

”آمده نو باز اين مسجد ز ترميم مراد.“

1227هه

ديده هر کس بر مراد طبعش اين ترقيم خير،

از جزاڪ لله خيرا صد نويد کام داد،

تا بود ”مائل“ بياد حق قلوب المومنين،

ورد شان دائم در اين مسجد دعائي مير باد.

ص 82

4. شکر حق کز پيرويء سنت ختم الرسل،
آنکه واجب کرد تعمير مساجد بر عباد،
رونق عباد دوران مير نام آورکه او،
دارو از نام علي حاصل بدوران هرمراد.
 

هيءَ جامع مسجد، محلي ڀائي خان ۾، آهي، جتي مسجد آهي، ان پٽ کي انهيءَ زماني ۾ چوڪ امان ۽ چوڪ عبدالغني ڪري سڏيو هو. هن وقت نه اهو محلو انهيءَ نالي سان آهي، نه چوڪ امان ۽ چوڪ عبدالغني موجود آهن. خدا جو شان آهي.

تالاب جلوه گاه امامين:

مڪليءَ جي قبرستان ۾، مرحوم ميان عبدالرحيم شاهه سجاول واري جي بنگلي کان 5 سو قدم پري اولهه طرف، جلوه گاهه امامين آهي. انهيءَ متعلق ”تحفة الطاهرين“ جو مصنف لکي ٿو ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته، هڪ ٻڪرار روزانو اتان اچي ٻڪريون لنگهائيندو هو، ٻڪريون جڏهن اتان لنگهنديون هيون، ان وقت بالڪل خاموش ۽ اهڙيءَ طرح پاسو ڪري وينديون هيون جو ڄڻ ڪو اسرار هنن ڏٺو آهي. اها حالت روزانو ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن ٻڪرار هڪ بزرگ کي اتي دعا گهرندي ڏٺو، جڏهن بزرگ دعا کان فارغ ٿيو، ان وقت ٻڪرار پنهنجي روئداد کيس ٻڌائي، تنهن تي بزرگ کيس وراڻي ڏني. ’اين جاي پاکان و برگزيد کان الاهي است که عالم ملک و ملکوت گردن اطاعت بزير ايشان نهادند.‘ ڄام نندي جي زماني ۾، جڏهن حضرت مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، ولدان مخدوم اسحاق (هالن وارا) ٺٽي آيا، ۽ مڪليءَ جي انهيءَ زمين تي زيارت لاءِ پهتا، ان وقت جتيون لاهي، نهايت ادب ۽ احترام سان دعا گهرڻ بيهي رهيا. ماڻهن جي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته ’اين جائي ست که بر عرش مجيد تفوق دارد.‘ ڇاڪاڻ ته هتي ’جلوهء جمال جهان آرائي حضرت امامين ڪريمين ڏسڻ ۾ قدس سره، اتان اچي لانگهائو ٿيو. کيس انهيءَ جاءِ تي امامن سڳورن جي جلوي جا انوار نظر آيا. هن فوراً اتي ويهي انهيءَ ٽڪري جي چوڌاري پٿرن جي ديوار ڪڍي حد نشان قائم ڪيا، ان کان پوءِ روزانو پاڻ ميدان کي ٻهاري ڏيندو هو. نواب سيف الله خان ٺٽي جي مغل گورنر انهن حد نشانن تي نئين سر پڪي ديوار ڪڍائي، ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ صاحب زادي خداد خان انهيءَ حصي تي گنبذ ٺهرايو.

نواب سيف الله خان، نواب مهابت خان ”ڪاظم“ کان پوءِ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، ۽ 5 سال اتي رهيو، وفات کان پوءِ سندس وصيت تي لاش انهيءَ اراضيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. آقا محمد ڪريم صفاهاني ”عاشق“، نادري دؤر جو مشهور شاعر، جنهن کي نادر شاهه پنهنجو وڪيل ڪري سنڌ ۾ موڪليو هو، سو به انهيءَ جوار ۾ دفن ٿيل آهي. جلوه گاه ڏي ويندي، دروازي کان سو قدم اوري، چاري جي ڪناري تي، هڪ پٿر جي ٿلهي تي سندس مزار موجود آهي، 1155هه ۾ سندس انتقال ٿيو، مزار جي ڪتبي جو هڪ شعر آهي.

بتاريخ هر سو شنيد اين ندا،
مکان يافتي درجوار حسين.

جلوه گاهه امامين جي چوڌاري هزارين قبرون آهن، جن ۾ ڪيتر نامي بزرگ ۽ مشاهير محو خواب ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن وقت به جلوه گاهه نهايت سٺيءَ حالت ۾ آهي، چوڌاري ديوار آهي، اندر ڪشادي صحن ۾ اولهه ۽ اتر جي ڪنڊ ۾، ڇٽيءَ هيٺان ۽ پٿر جي پڃري اندر، زمين جو اهو مقدس ٽڪرو آهي، جنهن لاءِ بزرگن چيو آهي ته ان جو مرتبو عرش کان به اعليٰ ۽ افضل آهي! صحن جي ايوان جي ڏاکڻيءَ ديوار جي دروازي مان ٻاهر نڪرجي ٿو، ته پٿر جي ٺل تي هڪ پٿر نصيب ٿيل آهي، ان تي ٻن قدمن جا نشان آهن، جن لاءِ روايت آهي ته اهي حضور جن جي قدم مبارڪ جا نشان آهن!

انهيءَ جلوه گاهه جي تلاءَ جي درستي، ٺٽي جي سيد ابراهيم شاهه، 1211 هه ۾ ڪرائي هئي، جنهن جي تاريخ ۾ مير مائل هيٺيون قطعو لکيو.

به مکلي اين گزين تالاب خوش آب،
که آبش در صفا چون مهرو ماهه هست،
برائي خرچ درگاهِ امامين،
نشان سيد ابراهيم شاهه هست،
خرد تاريخ تعميرش چنين گفت،
”که اين تالاب وقف جلوه گاه هست.“

1211 ص 82.

قلندر لال شهباز:

سنڌ جي روحاني شهنشاهه، حضرت قلندر شهباز شاهه جي روضہء پر انوار جي ترميم، مرمت، ۽ درستي هر دور ۾ ٿيندي رهي آهي. وقت جي هر بادشاهه ڪجهه نه ڪجهه انهيءَ درگاهه ۾ تعمير ڪرائي، پنهنجي لاءِ سعادت دارين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.

سڀ کان پهريون، سلطان فيروز تغلق جي دور ۾، ملڪ اختيار الدين والي سيوستان، روضو مبارڪ، 7 رجب 757هه جو ٺهرايو. هڪ ڪتبي مان اهو معلوم ٿئي ٿو. ٻئي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته روضي مٿان گنبذ، ملڪ جلال الدين، 7 صفر 758هه جو جوڙايو. ديندار خان (سيد ڀورو عرف ديندار خان وفات 1045هه) جي ڪتبي مان پتو پوي ٿو ته مرزا جاني بيگ به انهيءَ گنبذ جي مرمت ڪرائي، ۽ فيروزي دور جا اهي ڪتبا هن لهرائي هيٺ رکي ڇڏيا. شاهه جهان جي زماني ۾، جڏهن ديندار خان مرمت ڪرائي، ان وقت هن وري انهن ڪتبن کي ديوار ۾ هڻائي ڇڏيو. ديندار خان، 1040هه ۽ 1041هه ۾، روضي ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون، سڄي خانقاهه جي مرمت ڪرائي ۽ ايوان ۾ فرش ٻڌارايو، ٻه مسجديون به 1043هه ۾ خانقاهه اندر تعمير ڪرايون. انهيءَ ساڳئي ديندار خان، ڇٽي امراڻيءَ جو مقبرو به 1054هه ۾ ٺهرايو. مرزا جانيءَ جي پٽ مرزا غازيءَ (1008-1021هه)، والد جي اڌ رهيل مرمت کي تڪميل تي پهچايو. ميان غلام شاهه 1173هه ۾ درگاهه کي هڪ نشان پيش ڪيو، خانقاهه ۽ روضي جي نئين سر مرمت ڪرائي، ۽ هن وقت جيڪا ڏيوڍي آهي، سا انهيءَ وقت ميان غلام شاهه ٺهرائي

ٽالپري عهد ۾، مير ڪرم علي خان درگاهه جي مرمت ڪرائي، ۽ درگاهه ۾ چانديءَ جو دروازو هڻايو مير مائل انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان قطعا تصنيف ڪيا.

(1)

چون به اين روضہء جنان رفعت،
که به بابش بود فلک دربان،
روضہء شاهباز روضہء قدس،
لعل شهباز شيخنا عثمان،
داد اکنون کرم علي خان مير،
از کرم هاي ايزد منان،
بهر ترويج کار اجرو خير،
که بود احسن از شهان زمان،
خوش به ترميم روضه زين نوباب،
زيب و تڪميل زينت شاهان،
باب اين روضة الصفا کردند،
از زرو سيم مهرو مهه رخشان،
لوحش الله که بخت و اقبال ست،
از درش بخش مقبلان جهان،
بسکه باب کشود کام دلست،
باب اين بارگاهه فيض نشان،
دلم از شوق آستان بويش،
صبحدم درد عاي بانيء آن،
خواند تاريخش اين چنين ”بکمال“،
”قبل الله خيره ز احسان“.
 

91     1231=1140+91هه

باز سالش به ”باب“ گفت دگر،
”ضاعف الله اجره برخوان“.
 

1231=1226+5هه

حبذا بارگاه باب سلام،
باسر گام باز کرد بيان،

20

هر دگر کرد گل دلم اين سال،
”آمد اين باب روضہ باب جنان“،

1231=1211+20هه

خوش بر ابن باب ”مائل“ حق است،
سائل خير خوبيش همه آن.

ص 84

(2)

حبذا اين باب باب روضہ جنت نظير،
کامداز خير امير ذوالکرم اکرام جفت،
هاتفم سال درستيش زلوح سيم وزر،
از طلاو نقره مهرومه است اين باب گفت.

ص 84

مسجد اقصيٰ:

مير ”مائل“ جي هيٺين قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير غلام علي خان هڪ نئين مسجد ٺهرائي هئي، جيڪا خوبيءَ ۽ خوبصورتيءَ، جو نزاڪت ۽ حسن تعمير جي لحاظ سان مسجد اقصيٰ جي مماثل هئي. اها مسجد 1226هه ۾ جڙي راس ٿي، پر قطعي مان اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪهڙي شهر ۾ جوڙائي وئي، گمان آهي ته حيدرآباد ۾ ٺاهي وئي هوندي. هيٺين قطعن مان ميرن جي تعميري جدوجهد ۽ ڪارگذاريءَ جو پتو پوي ٿو.

(1)

نام حق کز پيرويء سنت مبعوث حق،
 

آنکه در شهر مدينہ ساخت مسجد اولا،

گشت تعمير مساجد از پئي شغل صلواة،

بر خداوندان قدرت لازم از حکم خدا،
 

خاصه بر اصحاب دين و جمله شاهان قديم،

واجب آمد همچو فرض اين سنت لازم ادا،

زين جهة در شهر کوفه سنتا تعمير ساخت،
 

همچو بيت الله از مسجد علي المرتضيٰ،

شکر لله کاين زمان بر پيرويء سنتش،

شاهه والا دل غلام نام شاهه اوليا،
 

خسرو سند آن مخاطب با عنايت خان شاهه،

پيرو دين نبي و ملجاي اهل رجا،

حبذا نو مسجدي عالي که باب طاعتش،
 

باز چون باب السلام آمد بصد صدق و صفا،

حبذا نو مسجد روشن که خورشيد و قمر،

ميکند از پر تو روز و شبش کسب ضيا،
 

نا نمايد اقتدا بشنيد صوتش اهل عرش،

مي رود صوت اذانش راست تا عرش علا،

کو امام و مقتديٰ گاهي دعا خواهد ز حق،
 

حرمت محراب اين مسجد حصول مدعا،

سال تعمير شريفش چون همي جستم ز عيب،

”طرفه اعلا مسجد اقصيٰ ست“ اين آمد ندا،
 

1226هه

باد يا رب از مساجد تا جهان روشن چراغ،

باد روشن تر چراغ دولتش صبح و مسا!

تا دعائش از کرم ايزد نمايد مستجاب،

”مائل“ حق در صلواة الخمس مي گويد دعا!

ص ج

(2)

چون شهه سند غلام علي آن خان کريم،

ساخت از بهر حق اين مسجد زيبا بزيب،

هاتفِ غيب چنين سال بنايش فر مود،

”تشت اين مسجد از مسجد اقصيٰ با زيب“.

1226هه

يا رب اين مسجد شاهي ابد يا شه سند،

باد چون کعبهء حق قائم و برپا با زيب!

ص ج

مقبره شاهه مسڪين:

ٺٽي ۾ شاهه مسڪين عليہ رحمة جو مقبرو اڄ تائين مشهور زيارتگاهه آهي، اهو بزرگ مرزا عيسيٰ جي زماني جو مشهور ۽ ڪامل ولي الله آهي، مرزا عيسيٰ جي زماني ۾، پورچو گيزن جيڪو ٺٽي تي حملو ڪيو ان ۾ اهو بزرگ به شهيد ٿيو.

مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود بکريءَ جي مابين، مرزا حسين ارغون جي انتقال کان چند ڏينهن اڳ (962هه)، مصحف شريف تي جيڪو معاهدو ٿيو هو، سو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي کڻڻ کان پوءِ به هلي نه سگهيو. چنانچه ورهاست جي پهرئين سال ئي، سلطان محمود ۽ مرزا جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيو، نوبت جنگ جدال تائين وڃي پهتي. مرزا عيسيٰ، امداد وٺڻ لاءِ، پورچو گيزن ڏانهن سفارت، بسين (BASSEIN) شهر ۾ موڪلي. پورچو گيزي گورنر فوجي امداد ڏيڻ قبول ڪئي. سنڌ سان تجارتي مقاصدن خاطر، تعلق قائم ڪرڻ لاءِ هونءَ به خواهشمند هو ۽ هي موقعو هن کي غنيمت نظر آيو. چنانچه هن 28 جهاز ۽ ست هزار سولجر فورا، پيڊرو باريٽو رولم (PEDRO BARETTO ROLIM) جي ڪمان هيٺ، سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليا. اها ڪمڪ جنهن وقت ٺٽي پهتي، ان وقت مرزا عيسيٰ، سلطان محمود جي مقابلي لاءِ ٺٽي کان ٻاهر ويل هو، جنگ جي نوبت ڪانه آئي، ۽ ٻنهي جي مابين صلح ٿي ويو. جڏهن اهو اطلاح ٺٽي پهتو، ان وقت پورچوگيز جرنل پنهنجا اخراجات طلب ڪيا. مرزا عيسيٰ اڃان پهتو ڪونه هو، مرزا جي پٽ تاوان ڏيڻ ۾ پس و پيش ڪئي، پورچو گيزن اوچتو هڪ ڏينهن منجهند جو ٺٽي تي حملو ڪيو، سڄي شهر کي باهه ڏنائون، دڪان، گهر ۽ بازاريون لٽيائون، ۽ تقريباً 800 سو مسلمانن کي مسجدن ۾ جمعي جي نماز پڙهندي شهيد ڪري ڇڏيائون. ٺٽي ۾ انهيءَ ريت جيڪا لٽ ڦر ٿي ان جو بيان ڪندي، مسٽر ايٽڪن، سنڌ جو گزيٽئر نويس، لکي ٿو ته:

"… Destroying property worth Two Million of Gold, and went off with such loot, as had rarely been taken in Asia, This is a Portuguese version of the affair".  Sind Gazetteer, Vol: A 104-5

تحفة الڪرام لکي ٿو ته اُهي فرنگي، گوا کان اچي، لاهوري بندر تي لنگر انداز ٿيا. جمعي ڏينهن، 962هه ۾، عين نماز جي وقت، هو شهر ۾ داخل ٿيا، ۽ بيدريغ لٽ ڦر ۽ قتل غارت شروع ڪري ڏنائون، بازار اميربيگ ۽ جامع فرخ ۾ گنج شهيدان لڳي ويا، اهي ٻه جايون خونريزيءَ جون خاص طرح آماجگاهه بڻيون، ليڪن متفرق طرح به سڄي شهر ۾ خون خرابو ڪيائون، ويندي وقت، سڄي شهر ۾ بارود وڇائي باهه ڏئي هليا ويا.

’مرزا عيسيٰ فورا اچي ٺٽي پهتو، ڀڳل ٽٽل جاين کي درست ڪرايائين، شهر پناهه نئين سر ٺهرايائين، ازانسواءِ سمنڊ کان جيڪا ڪشادي نار لاهوري بندر تائين ايندي هئي، ان جا ٻئي پاسا پٿر سان لٽرائي، ان کي ايترو سوڙهو ڪري ڇڏيائين، جيئن جهاز اچي نه سگهي، سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾ پهري لاءِ هڪ ننڍو قلعو ٺهرايائين، جنهن کي شاهه بندر سڏيو ويندو هو.‘ (تحفة الڪرام، ص 67/3)

تحفة الطاهرين جي مصنف جو قول آهي ته ’جامع مير فرخ ارغون ۾ پهچي، پورچو گيزن قتل عام شروع ڪري ڏنو، ۽ ”انداز دو هزار کس که بسياري از اولياء الله دران ميان بود ند، بدرجہء شهادت رسا نيدند“.       ص 65

انهيءَ مسجد ۾ جيڪي شهيد ٿيا، تن کي مسجد جي اترئين ديوار سان دفن ڪري، گنج شهيدان تيار ڪيو ويو. ساڳئي مصنف جي قول مطابق، بازار امير بيگ ۾ به اهڙيءَ طرح حادثو ٿيو، پر اتي،

”زياده 5 صد کس که درميان شان ابرارو احرام بودند بدرجهء شهادت فائز ساختند“           ص 75

اهو ٻيو گنج شهيدان، جامع بازار اميربيگ جي ڏکڻ ۾ ٺاهيو ويو، اهي ٻئي گنج شهيدان مغلواڙي ۾ هئا. ٽيون گنج شهيدان اگر محلي ۾ ٿيو. تحفته الطاهرين جو صاحب لکي ٿو ته ”انهيء مسجد ۾ به پنج سؤ کن مسلمان شهيد ٿيا جن کي پڻ مسجد جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.“ ص 78

انهيءَ خونريزيءَ ۾ جيڪي بزرگ ۽ اوليا شهيد ٿيا، انهن ۾ شاهه مسڪين عليہ رحمة به هو. تحفة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته:

”شاهه مسڪين فقيري کامل،
سيدي والا نسب تکيه دار مکان
مدفنست در فترت فرنگيان شهادت يافته،
در صاحب کمالان آسوده،
درتته بقدم بزرگي و تفوق کمالات اشهر،
ميان ابو ابو القاسم نقشبندي فرموده،
در تته بزرگي به اين کمال مدفن نيافته،
الحق زيارتش برارنده هر گونه مرادات واقع.“

ص 246/3

هن شهيد درويش جي جيڪا هن وقت درگاهه آهي، اها ڪنهن وقت سندس رهڻ جي جاءِ هئي. انهيءَ بازار کي جنهن ۾ مرحوم جي خانقاه آهي، ارغوني دور ۾ غلہ بازار (اَن جي بازار) سڏيو ويندر هو، ۽ انهيءَ بازار جي نسبت ڪري انهيءَ محلي جو نالو ”محلئه غله بازار“ هو (تحفة الطاهرين ص 55). تحفته الطاهرين جي مصنف، سندس احوال لکندي هيٺيئن طرح کيس ياد ڪيو آهي.

”شاهباز فضاي لاهوت، يکه تازان ميدان جبروت، سر دفتر اولياي کبار، سالار قوافل ابرار، صاحب مناقب عليہ، مظهر کرامات جليہ، گلدستئه بوستان اصطفا، گل سر سبز حديقئه ارتضا، شهسوار مضمار معرفت و يقين، سيد شاهه مسکين.“ ص 55

اڳتي هلي لکي ٿو ته

”از روات ثقات منقول است که آن بزرگوار بعالم روحانيت در محافل اولياء الله بمنصب جانشينيء حضرت غوث الاعظم قدس سره سرفرازي دارد.... زيارت فيض اشاعت او، گره کشاي کار فروبستگان، و مرهم بند ناسور دلخستگان است، هر کہ از صدق ارادت باستانش رسيد بکام دل آرميد.“

ص 55

بزرگ هميشه ذڪر فڪر ۾ مشغول رهندو هو، ۽ صلوات شريف هميشه زبان تي هوندي هيس. جيڪو ماڻهو صلواه پڙهندو هو، انکي نهايت ئي قرب ڏيندو هو، ۽ ان جي حاجت روائي فوراً ڪندو هو. پنهنجي زندگيءَ ۾ هن ڪيترن کي ئي صدق وفا جي مقام تي پهچائي ڇڏيو، انهن مان هڪ خاڪي شاهه به آهي، جنهن سموري زندگي شاهه مسڪين جي خدمت گذاريءَ ۾ گذاري ڇڏي، ۽ ”آنچه يافت يافت“، انهيءَ خاڪي شاهه جي مزار به پنهنجي مرشد سان گڏ آهي. (تحفة الطاهرين ص 55-56).


(1) جمعداري: مالي محڪمي جو مهتم.

(1) معموريءَ جو حال تحفته الڪرام ص 96/3 ۽ ماثر الامرا  ص 376/3 ڏسڻ گهرجي.

(1) امير ابوالبقا ۽ سندس خاندان تي منهنجو مفصل مضمون، انجمن ترقي اردوءَ جي رسالي ”اردو“ ۾ پڙهڻ گهرجي.

(1) ”مخدوم الياس خوش نويس بن مخدوم يوسف در خط نستعليق و نسخ مهارت کلي داشته به استادي وقت مشهور، شاگردان رشيد مثل سيد علي ازو بهرور فن کمال شدند.“ تحفته الڪرام ص 241/3.

(1) محلو ڀائي خان، مرزا خسرو بيگ چرڪس جي پٽ لطف الله عرف ڀائي خان جي نالي تي هو. ڀائي خان جو خطاب، مرزا غازيءَ کيس ڏنو هو. ”چوک امان“ ملڪ محمد امان جي نالي تي هو، جيڪو مرزا جانيءَ جي اميرن مان هو، ۽ چوڪ کي چوڪ ”ملڪ مان“ ڪري سڏيندا هئا. ”امان“ لفظ مان ”الف“ حذف ڪري ڇڏيندا هئا. اهو چوڪ، محلي ڀائي خان ۾ چوڪ عبدالغنيءَ سان گڏ هو. چوڪ عبدالغني غالباً اهو آهي جنهن ميدان کي هاڻي ”پلنگ پاڙو“ سڏين ٿا ۽ جتي هن وقت هڪ وڏو پلنگ پيو آهي. مسجد امير خاني جيڪا مسجد جامع جي اترئين ڪنڊ تي 200 کن قدمن جي مفاصلي تي آهي، سا ان وقت بلڪل چوڪ امان جي وچ ۾ هئي، ۽ ديوار سان لاڳيتو گهر شيخ مريد قانون گو جو هو، اڄ اها مسجد به زبون حالت ۾ ويران پئي آهي. هيءَ مسجد، مير ابوالبقا امير خان جي ڀاءَ مير عبدالڪريم امير خان ٺهرائي هئي، انهيءَ جاءِ تي هندن جو هڪ ٽڪاڻو هو جنهنکي ڊهرائي اها مسجد ٺهرائي وئي هئي.

(1) تحفته الطاهرين، ص 42-43.

(2) مقالات الشعرا، ص 109.

(1) هي معلومات درگاهه تي لڳل ڪتبن مان حاصل ڪئي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com