مير ڪرم علي خان ۽ مير مائل:
مير ڪرم علي خان، سخن فهم، سخن سنج ۽ اهل فن جو
وڏي ۾ وڏو قدردان هو. ڪيترائي شاعر، اديب، عالم، ۽
مصنف سندس درٻار ۾ رهندا هئا، ۽ مير صاحب هميشه
سندن پرورش ڪندو رهيو. حقيقت ۾ ٽالپري دور ۾ فارسي
ادب، زبان، نثر ۽ شعر محض هن هڪ بادشاهه جي ڪري
زور ورتو. مير مائل براه راست سندس درٻار سان
وابسته هو، ۽ هن پنهنجي شاعريءَ جو سڄو زور سندس
مدح ۽ ثنا ۾ صرف ڪيو آهي. سؤ سؤ ۽ ٻن ٻن سوَن شعرن
جو هڪ هڪ قصيدو لکيو اٿائين. انهيءَ طولانيءَ سان
قصيدا سندس ديوان ۽ بياض ۾ موجود آهين. هونئن ته
سڀني ٽالپرن جي مدح سرائي ڪئي اٿائين، ليڪن اها سڀ
”آورد“ معلوم ٿئي ٿي. حقيقي جوهر ۽ سچو پچو زور،
مير ڪرم علي خان جي مدح ۾ ئي ڏيکاريو اٿائين.
طويل قصيدن کي نظر انداز ڪندي، اسان هن هيٺ چند
مختصر قطعا پيش ڪيون ٿا، جيڪي مادح ۽ ممدوح جي
زندگيءَ جا بعض پهلو پيش ڪن ٿا. حقيقت ۾، مير مائل
جي شاعرانه ڪمال ۽ سخنورانه قدرت کي ڏسڻ لاءِ
قصيدن ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪا شيء سردست اسان
جي موضوع کان ٻاهر آهي.
مير ڪر علي خان بيمار ٿي پيو. مير مائل هڪ قطعو
پيش ڪيو، جنهن جو عنوان آهي. ”قطع گذارش در ايام
ناسازيء مزاج وهاج بدرگاه حضور کرم گنجور“.
نا سازش مزاج بعيش و سرورباد،
دور از مزاج اقدس شه هر فتورباد!
با صحت مزاج که بادا رفيق شاهه،
نا سازيء مزاج شها از تو دور باد!
ص 126
مير صاحب جي هٿ ۾ زخم ٿي پيو. مير مائل مختلف
طريقن سان دست مبارڪ لاءِ دعائيه قطعا تصنيف ڪيا.
بخش يا رب بدست مير شفا،
تا کند دستگيريءَ ضعفا،
دست فضل تو دستيارش باد،
بسکه برداشت دل دو دست دعا.
ص 126
ٻيو قطعو هن طرح چيائين.
اي بدستت فضل يزدان دستيار،
دستيارت باد فضل کرد گار،
در دعايت دست دل کردم بلند،
کز دل دست تو آيد بهرمند،
باد در عهد تو دستور العل،
دولت و نصرت با قبال ازل،
در حضورت ”مائل“ بي دست وپا،
دست بسته مي کند عرض دعا،
تا بر آيد دست فضل از آستين،
دست ماؤ دامن شاهان دين.
ص 126
هڪ قطعي ۾ هٿ جو مضمون هن طرح ادا ٿو ڪري.
شاها توئي که دست توهنگام مکرمت،
دائم بدستگيريءَ ضعفاست دستيار،
تا دستيار دست تو آيد شفاي حق،
برداشتيم دست دعا سوي کرد گار.
ص 126
مير صاحب هڪ دعائيه قطعو چيو آهي.
خسرو فضل کرد گار کريم،
از کرم دائما بکام تو باد!
تاز انجم بود نظام فلک،
دور گردون در انتظام تو باد!
شوکت جم شکوه دارائي،
مسند آر اي هر سلام تو باد!
جود طائي و عدل نو شروان،
همدم فيض مستدام تو باد!
جود طائي و عدل نو شروان،
همدم فيض مستدام تو باد!
شاديء دهر عشرت دوران،
عشرت افزاي صبح و شام تو باد!
هست جام جهان نما چو دلت،
عالم مست فيض، جام تو باد!
گوهر و رشک خاتم جمشيد،
بر نگيني که نقش نام تو باد!
خسروا چون توئي غلام علي،
بخت دولت ابد غلام تو باد!
پابر ادهم نهي چو از پئي رزم،
نصرت و فتح هم زمام تو باد!
کرد بر تو کرم عليء ولي،
کرم شه رفيق نام تو باد!
داد شاها ترا مراد علي،
بمراد تو جمله کام تو باد!
باد مير محمدت ياور،
از محمد همه مرام تو باد!
فيض روح القدس بصد تصديق،
جلوه گر هردم از کلام تو باد!
تا شود کام خواه تو عالم،
کام عالم ز فيض عام تو باد!
چون دلم در دعا ست ”مائل“ حق،
دمبدم فضل حق بکام تو باد!
ص 126
مير مائل ڪيترا گذارشي قطعا چيا آهن. هڪ قطعي ۾
سرديءَ جي پوشاڪ طلب ڪري ٿو.
شاها ز قد تو سروقامت پير است،
دائم بقدت قباي شاهي زيباست،
سرما ست و ندارد چو قباي با خويش،
زيبا بدعاگوي خود امداد قباست!
ص 100
شاديءَ تي خرچ جي ضرورت ٿيس، مير سائينءَ جي حضور
۾ قطعو پيش ڪيائين. ڇا مليس، ڪيترو مليس، خبر نه
آهي، ليڪن قدردان آقا ضرور گهڻوئي ڪجهه ڏنو هوندس.
شاها بخرچ شاديم امداد کن مرا،
شادان کنون ز بار غم آزاد کن مرا،
در خرچ شادي است چو درکار مکرمت،
اي گنج مکرمت بکرم شاد کن مرا.
ص 100
هڪ قطعو گذارش ۾ چوي ٿو:
شاها دلم مدام بشغل دعاي تست،
شاغل بحق پيء طلب مدعاي تست،
آمد ز دل چو ”مائل حق کام خواه تست،
اميد کامش از کرم دلکشاي تست.
ص 126
ٻيو به هڪ گذارشي قطعو آهي، چوي ٿو.
شاها ذوالکرمت که مکرمتش،
پيش از عرض کام دلها داد،
ديد چون اين عريضه در دستم،
از کرم دست مکرمت بکشاد،
خواند مضمونش از کرم فرمود،
عرض ”مائل“ بحق قبول افتاد،
در زمان از ره کرم بخشي،
سند وجهه تازه کرد امداد،
بعد اين عرض آنکه کردم عرض،
آمد عرض دعا بمن ارشاد،
بسکه شاد آمده دل از کرمش،
باد دائم بکام دل دلشاد!
ص 126
بياض ۾ هڪ گذارشي غزل آهي.
من چه گويم چه کسم بهر چرا آمده ام،
داعيم بر درت از بهر دعا آمده ام،
بردر دولتت اي مير نکو نام زمان،
داعيء دولتت از فضل خدا آمده ام،
باد راضي ز تو پيوسته خداؤ حضرات،
برضاي دل خود خوش برضا آمده ام،
دارم از در گهت اميد سرفراز بها،
که سراپا بدرت بي سروپا آمده ام،
اي کرم بخش جهان کام رواي احباب،
باميد کرمت کام روا آمده ام،
هست کام دل من چونکه دعاي دولت،
از کجا بهر دعايت بکجا آمده ام،
”مائل“ حقم نازان به غلاميء علي،
طرفه اندر حق ارباب ولا آمده ام.
ص 50
”زندگيءَ جي سفر ۾ اها منزل ئي ڪانهي، جتي چوٽيءَ
تي پهچي، انسان کي هيٺ لهڻو پوي، بشرطيڪ هو پنهنجو
پاڻ هيٺ لهڻ شروع ڪري نه ڏئي. هن سفر جو رستو هيٺ
فقط تڏهن ٿو لڙي، جڏهن مسافر، پنهنجي اڳيان ڪو
مقصد موجود نٿو ڀانئي. ٺلهي ڳالهه؟ شايد ائين به
هجي! پر حقيقت اها اَٿوَ.“
تبصرا
ڪتاب جو نالو ”فتح نامو عرف چچ نامو“
مترجم جناب مخدوم امير احمد صاحب، پرنسپال اورنٽيل
ڪاليج، حيدرآباد سنڌ.
شارح ۽ مصحح جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
صفحا 680 سائيز ڊيمي.
گيٽ اپ دلفريب، ديده زيب، جزبنديءَ سان ۽ مجلد،
بمع گرد پوش نفيس.
قيمت فقط ڇهه رپيا.
”سنڌي ادبي بورڊ“ معياري ۽ محققانه ڪتابن جي
انتخاب ۽ اشاعت جي سلسلي ۾، ڪافي شهرت ۽ مقبوليت،
حاصل ڪئي آهي. سندس هر هڪ ڪتاب، معياري ۽ ديده
زيب، ثابت ٿيو آهي. جنهن لاءِ بورڊ، تحسين جو
مستحق آهي. هن کان اڳ، سير ڪوهستان، گل شڪر، حيات
النبي، تاريخ معصومي، ڪليات حمل ۽ ديوان بيدل،
شايع ٿي چڪا آهن. جي ”هند ۽ سنڌ“ ۾ پسنديده نظرن
سان ڏٺا ويا آهن.
بورڊ جو تازو ڪتاب ”فتح نامو عرف چچ نامو“ شايع
ٿي، تبصري لاءِ پهتو آهي. ڪتاب نهايت دلڪش ۽ ديده
زيب آهي. صوري ۽ معنوي لحاظ سان قابل قدر چيز آهي.
سنڌ متعلق جي به تاريخي ڪتاب لکيا ويا آهن، تن
سڀني ۾ تحقيق، صحت ۽ استاد جي نقطهء نظر سان، ”چچ
نامو“ قابل وثرق ۽ مستند چيز آهي. ”بورڊ“ جي فيصلي
موجب ”تاريخ معصومي“ هن کان اڳ شايع ٿي آهي ۽ هن
کان پوءِ ”تحفته الڪرام، جي ڇپائي جي تياري آهي.
هيءَ تاريخ، اسلام کان اڳ ۽ اسلام جي پهرئين دور
جي فتوحات تي، نهايت صحيح ۽ مستند چيز مڃي وئي
آهي. هن وقت سندس فقط فارسي ترجمو ملي ٿو، پر سندس
اصل عربي متن ناياب آهي.
اُن فارسي ڪتاب جي قدامت، زبان جي ثقالت، ڪتابت جي
فني ڪمزورين، عربي ماخذن سان صحت ۽ سلسله استاد جي
خيال سان اڻ پوري تعلق، فارسي ترجمي جي لغوي ۽
لساني پيچيدگين کي مدنظر رکي، بورڊ هي ڪم جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪري، صحيح انتخاب
جو ثبوت ڏنو.
ڊاڪٽر صاحب هڪ صحيح الخيال، روشن دماغ، محنتي ۽
مشقق پسند، صاحب مطالع ۽ اهل قلم آهي، جنهن جي زير
نگراني، مخدوم امير احمد صاحب، ڪتاب جو متن صاف ۽
سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
ڪتاب جو متن، ڪيتري قدر صحيح آحي؟ اهو اسان جي بحث
کان خارج آهي. ڏسڻو فقط اهو آهي ته سنڌي متن ۾،
ڪيتري قدر صحيح طور واقعات کي آندو ويو آهي، ۽
ترجمو ڪيتري قدر شسته ۽ روان آهي. ان لاءِ مخدوم
صاحب جهڙي ڪنهن مشق، عالم ۽ فاضل شخص جي خدمات کي
حاصل ڪرڻ، ضمانت جو درجو رکي ٿو.
مخدوم صاحب جن، ترجمي جي سڀني فني لوازمات کي
اڳيان رکي، نهايت سليس ۽ سادي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو
آهي. جڏهن ته مخدوم صاحب جي زبان، نهايت صاف آهي،
منجهس ڪابه ثقالت ۽ پيچيدگي نه آهي، تنهن ڪري،
ترجمو نهايت دلنشين ٿيو آهي.
”چچ نامي“ جو متن، 370 صفحن ۾ شايع ٿيو آهي. متن
کان سواءِ، 70 صفحن تي مقدمو آيل آهي، ۽ متن ۾ آيل
مغلق ۽ مبهم حوالن کي کولي کولي سمجهائڻ لاءِ
”اشارا ۽ واڌارا“ جي عنوان سان 371 کان 557 تائين
ڪل 186 صفحا ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ، جن عربي،
فارسي ۽ انگريزي ڪتابن کي اڳيان رکي، متن ۽ شرح ۽
انهن جي صحت ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو ويو آهي، انهن جي
لسٽ 558 کان 564 تائين پورن 7 صفحن ۾ آيل آهي، ۽
آخر ۾، ماڻهن جي نالن جي فهرست، الف بي وار، ۽
صفحن جي انگن سميت، 565 کان 608 تائين، 43 صفحن ۾،
آيل آهي، ۽ ڪتاب جو خاتمو ڀل نامي جي ڇهن ورقن تي
ٿيو آهي، جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب، رڳو ڪتاب جي متن
کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ تي اڪتفا ڪانه ڪئي، ۽ لفظي ترجمي
کي، تاريخ ۽ تحقيق نه سمجهي ڪري، ڪتاب جي اصل عربي
ماخذن، ۽ قديم نسخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، هڪ بيش بها
مقدمو لکيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته
”باوجود شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فاضلانه
نظر جي، ڪافي تصحيح جي گنجائش باقي هئي.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
ان خيال سان ترجمي جي نگرانيءَ کان اڳتي قدم
وڌائي، متن جي نئين سر تصحيح ۽ تحقيق ڪري، اصل
ماخذن سان ڀيٽي، هر لحاظ سان، معياري ۽ محققانه ۽
مورخانه چيز بنائي، سنڌي ادب ۽ سنڌي تايخ تي احسان
ڪيو آهي.
چند لفظن ۾، فقط ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ”فتح نامي“
جو اصل فارسي متن، صرف 248 صفحن جو آهي. پر هيءَ
سنڌي ايڊيشن 700 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ تصحيح ۽
تحقيق جي نقطه نظر سان، هيءَ سنڌي ايڊيشن، هن ڪتاب
جي جملي، اڳين ڇپيل ترجمن، توڙي فارسي متن کان
بهتر آهي. بلڪ ”فتح نامي“ متعلق، هن کان پوءِ
لکندڙ مورخن ۽ محققن کي، صحيح معلومات اخذ ڪرڻ
لاءِ، جيترو صحيح مواد هن ڪتاب ۾ ملي سگهندو،
اوترو نه عربي ۽ فارسي ۾ ملندو ۽ نه انگريزي ۾.
لهذا، بجاءِ طور چئي سگهجي ٿو ته فني ۽ تحقيقي
نقطه نظر سان، سنڌي ادب ۾ نهايت بيش بها اضافو ٿيو
آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو عالمانه ۽ محققانه مقدمو
۽ شرح وارا نوٽ سڀ معلومات افزا آهن. جئن مٿي عرض
ڪيو ويو آهي، هيءُ ڪتاب، جو ”چچ نامي“ جي نالي سان
مشهور آهي، سو نه فقط سنڌ جي تاريخ بنسبت بنيادي ۽
مستند چيز آهي، پر هندوستان ۽ پاڪستان جي تاريخي
سلسلي جو پڻ پهريون ۽ آڳاٽو ڪتاب آهي. هن تاريخ ۾
اسلام کان اڳ وارين سلطنتن جو احوال، ۽ سن 15 کان
96 هجريءَ (637-714ع) تائين، هندوستان جي اتر
الهندين سرحدن تي، اسلامي فوجن جي ابتدائي ۽
اوائلي، بري ۽ بحري حملن جو بيان آهي. آخر ۾ سنڌ ۽
مڪران جي فتح جو مفصل احوال موجود آهي. تنهن ڪري
قدامت جي لحاظ سان، هيءُ ڪتاب وڏي تاريخي اهميت جو
مالڪ آهي. ڪتاب اصل ۾، عربي زبان ۾ لکيل هو، ۽
سندس پارسي ترجمن 316 هجري ۾ ٿيو. موجوده وقت ۾،
اهو فارسي ترجمو ئي آهي، جنهن جا ترجما، انگريزيءَ
۾ به ڪيا ويا آهن، ۽ هن سنڌي ترجمي جو بنياد به ان
ترجمي تي آهي.
ڪتاب جو اصل نالو ڇا آهي؟ ”چچ نامو“ ڇو سڏيو ويو؟
آيا عجمي مصنفن وانگر، هي ڪتاب راجا چچ جي زماني ۾
لکيو ويو آهي؟ يا، مصنف، مهاراجا چچ ڏانهن منسوب
ڪيو آهي؟ اصل عربي ڪتاب اڄ ڪلهه ڪٿي آهي؟ اهو ڪڏهن
لکيو ويو؟ ۽ ان جو لکندڙ ڪير آهي؟ پارسي ترجمو، جو
اسان وٽ موجود آهي، ۽ علمي دنيا ۾ مستند سمجهيو
وڃي ٿو، ان جو اصل عربي ڪتاب سان ڪيترو تعلق آهي؟
فارسي ڪتاب جي متن ۾ اصل عربي نسخي سان ڪٿي ڪٿي
اختلاف به موجود آهي، ان لاءِ ڪهڙي آخري راءِ قائم
ڪري سگهجي ٿي؟ فارسي ترجمي جي ترجمن ۽ مختلف ڇاپن
۾، وقت به وقت، ڪيتري قدر غلطين جي اصطلاح ڪئي وئي
آهي، ۽ ڪيتري قدر اڃا تائين اصلاح جي گنجائش باقي
آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا سوال هن ڪتاب متعلق علمي دنيا
کي ڪافي پريشان ڪري چڪا هئا. پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب
پنهنجي خداداد فهم ۽ دانش سان، سخت محنت ڪري، انهن
منجهيل مسئلن کي سلجهايو آهي.
مقدمي ۾، اول اول، ڪتاب جي مصنف علي ڪوفيءَ جو
مستند احوال، ۽ هن تاريخ لکڻ جي سببن تي روشني وڌي
وئي آهي. ان کان پوءِ، سنڌ جي تاريخ متعلق، جن
عربي مورخن ڪجهه لکيو آهي، انهن جي ڪتابن ۽ مصنفن
جو، مختصر طور تعارف ڪرايو ويو آهي. انهن مان
بلاذري ۽ سندس ڪتاب ”فتوح البلدان“، دينوري جو
ڪتاب ”الاخبار الطوال“، يعقوبيءَ جو ”ڪتاب
الڪبير“، طبريءَ جو ”تاريخ الرسل و الملوڪ“، ابن
اثير جو ”الڪامل“، ۽ ابن خلدون جو ”ڪتاب العبر“،
مشهور آهن. جن ۾ سنڌ جي فتوحات جو ذڪر آهي، پر اهو
ياد رهي ته اهي سڀ مورخ، سنڌ جي فتح کان هڪ سؤ سال
پوءِ پيدا ٿيا آهن، تنهن ڪري سوال ٿو اٿي ته انهن
ڪهڙن معتبر ذريعن سان واقعات کي قلمبند ڪيو؟ ۽
ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن تان، هنن استفادو ڪيو آهي، ۽ سندن
ماخذ ڪهڙا آهن؟
ان سوال جو جواب فقط اهو ٿو ملي، ته انهن سڀني
مورخن جو ماخذ آهي ”المدائني“، پر المدائنيءَ جي
تاريخ ۽ حالات متعلق، سڀ مورخ خاموش آهن، يا سندن
پيش ڪيل معلومات فقط سطحي ۽ سماعي آهي، پر تحقيقي
نه آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مختلف ڪتابن جي ڇنڊ ڇاڻ
کان پوءِ، المدائنيءَ جي حالات ۽ ڪيفيات کي متعين
ڪري، هن ڪتاب جي اصل ماخذ کي، مستند ۽ معتبر ثابت
ڪري، علمي دنيا مان پريشاني دور ڪري، احسان ڪيو
آهي. مدائنيءَ جي حالات کان پوءِ اهو بحث ڪيل آهي،
ته هن ڪتاب جي روايتن جو اصل ماخذ مدائنيءَ جا
ڪتاب آهن.
ان کان پوءِ، ”فتح نامي عرف چچ نامي“ جي ساري مواد
جي ماخذن ۽ سلسله استاد ۽ صحت حالات متعلق بحث ڪيل
آهي. مدائني ۽ سندس خوشه چين مورخن جي روايتن
سندن، تعبير، ۽ مختلف اختلافي حالات تي روشني وڌل
آهي، ۽ شهرن ۽ ماڻهن جنگي ميدانن ۽ سپه سالارن، ۽
جنگي حالات جون صحِح حقيقتون ۽ نالا متعين ڪيا
آهن. قبل از اسلام جا تاريخي واقعات، محمد بن قاسم
جي فتوحات، ڏاهر سان لڙائيءَ جو صحيح ۽ مستند
بيان، مختلف محاذن تي معرڪا، ۽ جنگي واقعا، خاص
خاص هنڌن تي عرب مجاهدن جا مجاهدانه چيل اشعار،
حجاج ۽ محمد بن قاسم جي خط و ڪتابت جو پورو پورو
رڪارڊ، هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي. ايترو صحيح مواد،
ٻين عربي مورخن وٽ ڪونه ٿو ملي.
ان طرح، نسخن جي نقل در نقل سبب، اسماء خاص، ۽
واقعات جي سنن ۽ سالن ۾، تحريف ۽ غلطي ٿيندي آئي
آهي. ان سان گڏ، عبارتن ۾ به ابهام رهندو آيو آهي،
۽ ڪيئي لغزشون فارسيءَ ۾ آڻيندڙ مترجم طرفان،
روايتن جي سلسلن کي حذف ڪرڻ ۽ رنگين عبارت آرائي ۽
انشا پردازيءَ ڪري به، پيدا ٿيون آهن.
روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، واقعات جي صحت کي پرکڻ،
نهايت مشڪل ڪم هو، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب، انهن سڀني
اوڻاين جي تلافي ڪري، نهايت سير حاصل بحث ڪيو آهي.
اهو ايترو علمي بحث، موجوده سنڌي ترجمي ۽ ان تي
ڪيل تحقيق جي اهميت بيان ڪرڻ سان ختم ٿئي ٿو. جنهن
۾ ڊاڪٽر صاحب ڏيکاريو آهي ته:
1. ڪتاب جي متن جو اکر اکر ڪري ڀيٽيو ۽ پرکيو ويو
آهي، ۽ هر مشڪل مقام جي تشريح ڪيل آهي، ۽ اختلافي
راين کي تنقيد جي ڪسوٽي تي هنيو ويو آهي.
2. عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾، ڪي ڪي حصا حذف ڪيل هئا،
اهي مختلف نسخن مان ڀيٽي، هن سنڌي ڪتاب ۾ درج ڪري،
ڪتاب کي مڪمل ڪيو ويو آهي.
3. هن سنڌي ترجمي ۾، ماڻهن ۽ مقامات جي صحيح
صورتخطي ۽ تلفظ قائم ڪيو ويو آهي، جو مختلف نسخن ۾
غلط آيل آهي.
4. ماڻهن ۽ مقامات جي تشريح ڪيل آهي، ۽ مبهم ۽ غير
مشهور شخصيتن جي تاريخ لکي وئي آهي.
5. تاريخي ۽ جغرافيه تحقيق کان سواءِ، ادبي تحقيق
ڏانهن به توجهه ڏنو ويو آهي، فتح نامي ۾، آيل
شاعرن ۽ اديبن جي ڪلام کان سواءِ، سندن حالات به
بيان ڪيل آهن، ۽ سندن ديوانن ۽ اصل عربي ڪتابن مان
ڪافي تحقيق کان پوءِ مواد هٿ ڪري آندل آهي.
6. محمد بن قاسم جي سيرت ۽ اخلاق متعلق، صحيح
واقعات آندا ويا آهن. ابن قاسم جي لقب، خاندان، ۽
شاديءَ متعلق، ڪافي بحث ڪيل آهي. سندس سنڌ مان
واپسي، نظربندي، ۽ وفات تي تحقيقي بحث ڪري، خود
فتح نامي ۾ آيل ڏاهر جي نياڻين واريءَ جڙتو روايتن
جي ترديد ڪئي وئي آهي.
اسان جي اها پرزور راءِ آهي، ته هي ڪتاب ادبي بورڊ
وارن جو هڪ تاريخي يادگار آهي، جنهنکي مطالع ڪرڻ،
۽ سانڍڻ هر علم دوست جو فرض آهي. غ گ
منطوق محمدي.
مرتب ۽ ناشر مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“
صفحا 300 ڊيمي سائيز ڪاغذ اڇو اعليٰ، گليزڊ، جلد
پڪو ۽ مظبوط. ڇپائي صاف ۽ دلڪش، تصويرن سان.
ملڻ جو هنڌ.
دوست علي خان کٽياڻ، مختار عام مخدوم صاحب، هالا
نوان.
سنڌ جي صوفي فقيرن ۾، ”محمد فقير“ کٽياڻ، هڪ
انفرادي حيثيت جو رند قلندر، صاحب نياز، لا مذهب،
لاطمع، رندي رنگ جو فقير گذريو آهي. اڄ به مٿي
اگهاڙا، گيڙو رتا ڪپڙا پهريل، يڪتارو هٿ ۾، ڇير
ٻڌل، هٿ ۾ ڇيردار ڏنڊو، رندي ڪلام پڙهندو فقير،
محمد فقير جي وضع ۽ تقليد تي هلن ٿا. فقير جي ڪلام
جو مجموعو، نهايت سهڻيءَ ترتيب ۽ اهتمام سان،
مخدوم صاحب شايع ڪرائي، سنڌ جي صوفيانه ڪلام ۽ ادب
تي احسان ڪيو آهي. منڍ ۾، محمد فقير جي سوانح حيات
۽ ڪلام جي خصوصيات تي، مفصل ۽ مبسوط مقدمو لکيل
آهي. محمد فقير جي ڪلام کي پڙهڻ کان پوءِ، سندس
”انفراديت ۽ عبقريت“ چڱيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي. جئن
شاهه سچل ۽ سامي پنهنجي پنهنجي رنگ جا موجد آهن،
تيئن رندي ۽ قلندري، مستي ۽ هستي، جوش ۽ خروش،
بلند آهنگيءَ ۽ تعليءَ، آزاد طبعيءَ ۽ لامذهبيءَ
۾، فقير محمد بي مثال آهي. سندس ڪلام جي خاص
خصوصيت آهي ”جوش ۽ جذبو“. ڪلام پڙهڻ کان پوءِ،
انسان ائين سمجهندو، ته ڪنهن ”زلزله فگن“ واديءَ ۾
پير رکيو ويو آهي، جنهن جا هيبت افزا آواز، دل ۽
دماغ کي لوڏي رهيا آهن.
اهو رنگ ”سچل فقير“ وٽ به آهي، پر محمد فقير وٽ،
نهايت پختگيءَ کي پهتو. عربيءَ ۽ فارسيءَ، هنديءَ
۽ سرائڪيءَ زبانن تي عبور حاصل اٿس. مقدمي ۾، فاضل
مقدمه نگار، فقير صاحب جي تاريخ، حالات ۽ مذهب ۽
سندس ڪلام جي خصوصيات تي ڪافي بحث ڪيو آهي. ان سان
گڏ لا مذهب ۽ رند مشرب صوفين جي فڪر ۽ معاملات کي
کولي کولي سمجهايو آهي. فقير جو ابتدائي دور، پير
پاڳاري جي هڪ مريد جي حيثيت سان شروع ٿئي ٿو. ٻئي
دور ۾، فقير، ولي محمد خان لغاريءَ سان صحبت ڪري
ٿو، ۽ اڳتي هلي، هڪ خاص وضع جو فقيري رنگ اختيار
ڪري ٿو. فاضل مقدمه نگار لکي ٿو، ”فقير صاحب
پوريءَ طرح جهد ڪاٽي، نفس نمائي، ڪلي طور فقيري
اختيار ڪئي. ان کان پوءِ، پنهنجي ڳوٺ ۾ ويهي گذارڻ
کي ترڪ ڪري، گيڙو ڪفني پائي، مٿو اگهاڙو، فقراء جو
سنگ بنائي، ڇيرون جاما وجهي، ساز سرود کڻي، پنهنجي
صوفيانه ڪلامن ذريعي، توحيد الاهيءَ جي پرچار
خاطر، سڄيءَ سنڌ ۾ هرجاءِ گهمندو رهيو، ۽ ڪٿي به
گوڏو کوڙي ڪين ويٺو.“
ان جذبي ۽ مستيءَ جي دور ۾، حضرت مخدوم نوح رحه جي
درگاه فلڪ پائگاه جي سجاده نشين، مخدوم ميان غلام
محمد بن مخدوم ظهير الدين عرف پرو ڄام جهڙي نيڪ
سيرت ۽ صاحبدل بزرگ سان صحبت ٿيس. ان دور متعلق
فاضل مقدمه نگار لکي ٿو ته ”هڪ طرف، فقير صاحب جي
شرعي ارادت ۽ عقيدت، ٻي طرف وري، رندانه جرات ۽
راڳ رباب، ۽ مئي ناب سان رغبت ۾ هڪ تضاد نظر اچي
ٿو، ۽ تنقيد ۽ نڪته چينيءَ جو باب کلي ٿو. حقيقت
هيءَ آهي ته توحيد جي اشاعت ۽ صحيح نقطه نظر جي
تبليغ، فقير صاحب جو عين مقصد هو مگر هڪ زاهد
بنجي، پنهنجي پرستش ڪرائڻ کان هو پري هو. ان جي
عيوض، هن نفس نمائڻ خاطر، ظاهري بدعت ذريعي، ملامت
جو بار کڻڻ بهتر ڄاتو. سندس ميڪشيءَ، ۽ ساز سرود
سان راڳ ۽ رقص جي عمل ۾، ”سبڪساران ساحلها“ لاءِ
نفرت جا اسباب هئا. پر جو به صاحب، ان ملامت جي
پردن کان اڳتي نظر وڌائي، فقير صاحب سان دل کولي
رهاڻي ٿي ٿيو، سو سندس زنده دليءَ، بلند فڪر، ۽
توحيدي لات کان متاثر ٿي ٿيو.“
مٿئين حوالي جي پڙهڻ کان پوءِ، فقير صاحب جي مذهب
۽ رندي مشرب متعلق، ڪافي ڄاڻ ٿئي ٿي. ”تصوف“، جو
فقط ”روح ۽ جامعيت“ جو نالو آهي، اهو ظاهري
معاملات ۽ بندشن کان گهڻو مٿي آهي. مولانا روميءَ،
ظاهرداريءَ ۽ ظاهر پرستيءَ ۽ اختلافي گروهه بنديءَ
کي ”استخوان فروشي“ سڏيو آهي، ۽ ٻڌايو آهي ته
”حقيقت ۽ روح ”فقط اهل نظر ماڻهن وٽ آهي، باقي ٻين
وٽ ”ڇلڪا ۽ کلون“ آهن. اهڙن مرده دل، بي بصيرت،
رسم پرست ۽ جاهل ماڻهن جي ”ملامت“ سهڻ لاءِ فقراءِ
صوبيائي ڪرام هر وقت تيار رهندا آيا آهن. محمد
فقير پاڻ چوندو هو ته، ”جنهن ڪيفيت منصور کي
”اناالحق“ چوڻ تي مجبور ڪيو، اها اڳتي هلي عطار تي
آئي، ۽ پوءِ سنڌ ۾ سچل فقير تي آئي، ان کان پوءِ
مستي ۽ موج وارو منصوري مينهن اسان تي اُٺو. ”فقير
اگرچه پابندي شرع نه هو، پر باطني حسن سان
سينگاريل هو، ۽ ”سرتاپا نياز“ هو. انسان ذات جي
محبت ۾ مخمور هو، ظاهرداري ۽ خشڪ خياليءَ جي خلاف،
اهڙو بلند آهنگيءَ سان نعرو هنيائين، جنهن جو تاب
خشڪ قسم جا ماڻهو نه جهلي سگهيا، ۽ ڪفر جون
فتوائون جاري ٿيون، جن کي فقير صاحب برداشت ڪيو، ۽
پنهنجي رنگ ۾ هلندو رهيو. سندس ڪلام گويا مئي گل
فام جو جام آهي.
فقير صاحب جي زندگيءَ ۽ مشرب ۾ ”راڳ“ جو وڏو دخل
آهي. ”راڳ“ سندس روح ۾ رچي ويو هو، ۽ پاڻ ”مجسمئه
سوز و ساز“ بنجي چڪو هو. ايتري قدر جو سندن مرشدن
به، سندس محويت ۽ استغراق کي ڏسي، راڳ جي اجازت
ڏنين. راڳ ڳائڻ لاءِ فقير صاحب، چند پر سوز ۽ سهڻن
اخلاقن وارن فقيرن جي ٽولي بنائي، وڄت جي پوري لئي
۾، مٿو اگهاڙو ڪري، مستيءَ ۽ موج ۾ بيهي نچيندو
هو. هيءَ اها ڪيفيت آهي، جنهن مولانا روميءَ کي،
سوناري جي دڪان اڳيان، برسر بازار نچايو هو!
راڳ جي فن تي به فقير کي مهارت حاصل هئي. سر تار
جو عاشق هو، فقير صاحب جو ان متعلق هڪ خاص نظريو
هو. چوندو هو ته ”ڪائنات جي ابتدا توڙي وجود، سر ۽
تار جي نظام تي بيٺل آهي. الله تعاليٰ ”ڪن“ به سر
سان چيو هو، تڏهن ئي ڪائنات مڪمل تنظيم هيٺ وجود
پذير ٿي.“
فقير پنهنجي رنگ ۾ صاف هو. فقير صاحب پنهنجي حال
کي لڪايو ڪونه. جذبي ۽ جوش جي حالت ۾، لبادو لاهي،
ڪفني پائي، ڇير وڄائي ڏيکاريائين، ڳايائين ته جذبي
۽ جلال سان نچي نچي ڳايائين. رقص ۽ مستيءَ ۾ آيو
ته بر سر بازار بيهي رنگ رچايائين، ميڪشي ڪيائين
ته ظاهر ظهور ڪيائين، نه لوڪ کان ڊنو، نه ملن جي
ملامت کان مڙيو. فاضل مقدمه نگار لکي ٿو ته ”فقير
جي خوبين ۽ خامين جو عڪس، سندس ڪلام ۾ به نمايان
نظر اچي ٿو. جرات رندانه، خودي ۽ خود خيالي، دم جي
ڌن، خيال جي تلاش، جلالي جذبو، مستي ۽ موج، راڳ ۽
رقص، ميڪشي ۽ مدهوشي، اهي مڙيئي نه فقط ڪلام جا
عنوان آهن، پر ان جو مغز ۽ روح آهن. ان ڪري سندس
فڪر جملي ڪافي گو شاعرن ۾ امتيازي حيثيت رکي ٿو.“
ان امتيازي فڪر کي واضح ڪرڻ لاءِ، فاضل مقدمه نگار
چند ترڪيبون بنايون آهن، جن ۾ گويا فقير جو پيارو
ڪلام سمايل آهي. 1. ڏسڻ ۽ پسڻ، 2. سرت ۽ نرت، 3.
فهم ۽ فڪر، 4. معنيٰ، 5. خيال، 6. دم جي سنڀال.
آخر ۾ چند ”اهم نظريا“ پيش ڪيا ويا آهن. جئن عشق،
انا الحق جا اسباب ۽ رندي.
مقدمو، 37 صفحن ۾ پورو ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ڪافيون
شروع ٿين ٿيون. اسان جي اها راءِ آهي ته سنڌي زبان
جو هي هڪ معياري ۽ ناياب ڪلام، شايع ڪري مخدوم
محمد زمان صاحب طالب الموليٰ، سنڌي ادب ۽ تصوف تي
احسان ڪيو آهي. اميد ته علم دوست حضرات هن ڪتاب کي
مطالع ڪندا.
غ. گ
ديوان واصف-
مرحوم محمد بخش واصف جو مڪمل ديوان، ڪاغذ سفيد،
صفحا 218، ڇپائيندڙ، آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد
سنڌ.
مرحوم ”واصف“ جهڙي قادر الڪلام ۽ استاد سخن کان
ڪير نا آشنا آهي؟ واصف مرحوم هر پهلوءَ سان معياري
۽ مستند اديب هو. سندس علمي، ادبي، مذهبي ڪتابن
کان سواءِ، ”ديوان“ به آهي، جنهن جو پهريون ايڊيشن
1922ع ۾ ليٿو ۾ ڇپيو هو، جنهن کي دوباره، آر، ايڇ،
احمد برادرس شايع ڪيو آهي.
”ديوان واصف“، ڇپائيءَ ۽ ڪاغذ جي لحاظ سان چڱو
آهي. ڪتاب ليٿو تان ورتل آهي، تنهن ڪري لازمي طور
ڪافي لفظي ۽ معنوي خاميون رهجي ويون آهن، اميد ته
ايندڙ ايڊيشن ۾ پروف جي غلطين کان ڪتاب کي پاڪ
رکيو ويندو.
سارو ڪتاب، 218 صفحن تي ختم ٿيو آهي. منجهس غزل ۽
رباعيون آهن. منڍ ۾، ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب
”خليل“، حيدرآباديءَ جو مقدمو آهي، جنهن ۾ واصف جي
تغزل جو فني طور تجزيو ڪري، ثابت ڪيو ويو آهي ته
واصف پنهنجي فن ۾، يڪتا، ۽ بي عديل هو. سنڌي
شاعريءَ ۾ سندس معيار، نهايت بلند آهي. واصف جي
شاعري هڪ خاص ماحول ۾ پيدا ٿي، لهذا ان جو اثر
سندس ڪلام تي ڪافي پيو آهي. سانگيءَ کان سواءِ،
قليچ ۽ ناسخ ۽ مير اردو شاعرن جي عشقيه شاعريءَ
کان، ڪافي رنگ ورتو اٿس. تنهنڪري سندس ڪلام جو
گهڻو حصو ”عشقيه شاعريءَ“ سان ڀريل آهي. پوئين دور
۾ قومي ڪلام به چيو اٿس. ان عشقيه شاعريءَ ۾،
عشقيه معاملات کي خوب نباهيو اٿس. پر ”ابتذال“ کان
گهڻو بچيل آهي. شوخي ۽ ظرافت به آهي، پر اها
شائستگيءَ ۽ سنجيدگيءَ کان هٽيل نه آهي.
”واصف“ ڪنهن مشق ۽ قادر الڪلام شاعر هو. سنڌيءَ تي
عبور هوس، فارسيءَ، عربي ۽ هنديءَ، اردو ۽ سنسڪرت
جو ڪافي مطالعو هوس، تنهنڪري سندس زبان ۾ نزاڪت،
رواني، سلاست ۽ دلڪشي گهڻي آهي. سندس ڪلام ۾ مضمون
آفريني به آهي، ۽ تخيل جي بلند پروازي به آهي. ان
سان گڏ سندس انداز بيان ۾ هڪ قسم جي انفراديت آهي،
جا سندس هر ڪلام ۾ موجود آهي. اهل علم سندس ڪلام
کي جلد سڃاڻي سگهن ٿا. ”سادگي“ ۽ ”بي ساختگي“ ڪلام
جو حسن آهي. واصف جي ڪلام ۾ ”سادگي“ آهي، ۽ نهايت
باريڪ، نازڪ ۽ مشڪل معاملا نهايت آسان نموني ۾
آندل آهن. سندس ڪلام متعلق ڊاڪٽر خليل صاحب مقدمي
۾ لکي ٿو ته ”واصف جو تغزل، پختگي، شوڪت الفاظ،
حسن بندش، ۽ مضمون آفرينيءَ جي اعتبار کان اساتذهء
اردو، جو نمونو آهي. اهو بلڪل صحيح آهي، اهوئي سبب
آهي، جو سندس زماني ۾ ڪيترن مٿس سرقي جي تهمت
هنئين هئي! حالانڪ سندس ڪلام پنهنجي عالي فڪري،
بلند خيالي، ۽ معنوي ۽ صوري لحاظ سان، استعارن ۽
تشبيهن جي صحيح استعمال سان، صنايع ۽ بدايع جي
لحاظ سان، ڪنهن به معياري اردو شاعر کان گهٽ نه
آهي. اهل نظر چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا ته سرقي ۽
نقل ۾ اصليت نه ٿي رهي. ان ۾ هڪ قسم جي نقالي،
تصنع ۽ تڪلف، ڦڪائي ۽ هلڪائي، بوسيدگي ۽ فرسودگي
ئي، ڏسڻ ۾ ايندي. تازگي، ۽ بلند پروازي، اصليت
واري ڪلام جا جوهر آهن. بهرحال نوآمز شاعرن لاءِ
”ديوان واصف“ هڪ استاد جو ڪم ڏئي ٿو. تساهل پسند،
نوجوان شاعرن کي گذارش آهي ته هو ڪم از ڪم ”ديوان
واصف“ کي ضرور پڙهن، ۽ مشرقي شاعريءَ جي لوازمات ۽
معامله بنديءَ کان آگاهه ٿين.
اڄ ضرورت آهي ته ”واصف“ جي باقي ڪلام کي نهايت
صحيح نموني ۾ جمع ڪرايو وڃي، ۽ ديده زيبن ۽ دلڪش
ڪري ڇپايو وڃي. اسان ڪتاب جي ناشرن کي مبارڪ ڏيڻ
کان سواءِ رهي نٿا سگهون. غ. گ
ڪتاب جو نالو تاريخ اسلامِ سيرت
النبي ۽ خلافت راشده تي سوال جواب:
لکندڙ جناب ع. ق. شيخ صاحب. گيٽ اپ دلڪش، سرورق تي
سه رنگي پيغمبر اسلام جي روضي جي تصوير، صفحا 307،
ڇپائي اعليٰ درجي جي، ڪاغذ اڇي قسم جو، مجلد ۽
مضبوط. قيمت 0-12-3 رپيه ٽي رپيا ٻارنهن آنا.
ڇپائيندڙ ۽ ملڻ جو هنڌ عليم الله شيرواني، مالڪ
ايڊيوڪيشنل بوڪ ڊيپو حيدرآباد سنڌ.
ايڊيوڪيشنل بوڪ ڊيپو، حيدرآباد سنڌ جي مالڪ مسٽر
عليم الله خان شيروانيءَ جي سعيي ۽ ڪوشش سان هي
ڪتاب جناب ع ق شيخ صاحب مرتب ڪيو آهي.
اصل ته ڪتاب فقط مئٽرڪ جي مقرر ڪيل نصاب کي خيال ۾
رکي لکيو ويو آهي، پر سندس افادي پهلو، رڳو شاگردن
تائين محدود نه آهي.
پيغمبر اسلام ۽ خلفائي راشدين جي حالت، واقعات،
سيرت ۽ اخلاق متعلق مکيه سوالن کي نهايت دلنشين ۽
آسان پيرايي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جواب شسته ۽
سلوٽي، مٺي ۽ روان زبان ۾ ڏنل آهن. انداز بيان
رنگين آهي، جنهن تاريخ جهڙي خشڪ مضمون کي به لذيذ
بنائي ڇڏيو آهي.
جواب صحيح، صاف ۽ جامع ۽ مختصر آهن. اجائي طوالت ۽
پٽاڙ کان فضل مرتب بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ساري ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ، پيغمبر اسلام ۽
خلفائي راشدين متعلق، ايتري معلومات پيدا ٿئي ٿي،
جا هرهڪ مسلمان لاءِ نهايت ضروري آهي. شاگردن لاءِ
خضر راه آهي. پر تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ به،
هڪ تاريخي، ديني ۽ ادبي تحفو آهي. ڇپائيءَ جي
سلسلي ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته نهايت سليقي ۽ فراخ
دليءَ سان طباعت جا سڀ فني ۽ جمالي پهلو مد نظر
رکيا ويا آهن.
پنو، ڇپائي، جلد، سرورق ۽ گيٽ اپ سڀ معياري آهن،
جنهن لاءِ ان جو ناشر، حوصله افزائي ۽ تحسين جو
مستحق آهي. ابتدا ۾، جناب ع. ق. شيخ هڪ عالمانه
تمهيد لکي، فن تاريخ تي روشني وڌي آهي، ۽ ٻڌايو
آهي ته:
”عقلمند قومون، قدم قدم تي، پنهنجي ماضيءَ جو
اندازو لڳائي، آس پاس جو جائزو وٺي، اڳتي وڌڻ جو
رٿائون ڪن ٿيون انسان ڇا هو؟ قومون ڪئن ٺهيون؟
مسلمان ڪئن پيدا ٿيا؟ هاڻي موجوده وقت ۾ مسلمانن
جي علمي، ادبي، سياسي ۽ ديني ۽ معاشي حالت ڇا آهي؟
مسلمانن جي ڪمال ۽ زوال جا اسباب ڪهڙا آهن؟ ماضي
شاندار آهي، حال مايوس ڪن آهي. پر، مستقبل متعلق
ڇا ٿو چئي سگهجي؟ تنهن لاءِ سوچڻ ۽ ويچارڻ هر
مسلمان جو فرض آهي.“
علم تاريخ نهايت زبردست فن آهي. انسان جي ارتقا جي
پوري تصوير، تاريخ ۾ سمايل آهي. انسان جي انفرادي
جدوجهد، اجتماعي نظام، طبقاتي ڪشمڪش، حڪومتن جو
بنياد، شهنشاهت ۽ بادشاهت جو قيام، انهن جون
لڙآيون ۽ جنگيون، تاريخ جي صفحن تي تصوير وانگر
اڪريل آهن، جن کي ”ديده بينا“ وارو پڙهي ۽ پروڙي
سگهي ٿو. اهو به ياد رهي ته تاريخ رڳو واقعات جو
نالو نه آهي واقعات به چند سببن جو نتيجو آهن.
گويا اصل تاريخ، نالو آهي انهن سببن جو، جن جي
ماتحت ڪي واقعا رونما ٿين ٿا.
پيغمبر اسلام ۽ سندس خليفن جي تاريخ، انساني ارتقا
۾ سونهري دؤر آهي. گبن ان دوءر کي ”سونو دور“ سڏيو
آهي. ان دؤر ۾ اخلاق، انسانيت ۽ اجتماعي نظآم ۽
فڪري بلنديءَ جو ٻج وڌو ويو. ان دور کي ڇڏڻ ۽
وسارڻ، نه فقط مسلمانن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو، پر
عالم انسانيت لاءِ به مضر آهي.
اڄ ضرورت آهي ته اسلام جي تاريخ، نئين زاويه نگاه
۽ جديد معيارن مطابق لکجي، ۽ انجي منفي ۽ مثبت حصن
جي ڇنڊڇاڻ ڪجي.
اسان ههڙي نفيس ۽ دلڪش تاريخي تحفي تي، فاضل مرتب
۽ ناشر کي، مبارڪ ڏيڻ کان سواءِ نه ٿا رهي سگهون.
شاگردن ۽ اهل علم حضرات کي ان جي پڙهڻ ۽ سانڍڻ جو
مشورو ڏجي ٿو. غ. گ
پنهل کان پوءِ-
لکندڙ، شيخ ”اياز“ صفها 126، ڪاغذ سفيد، ڇپائي
سٺي، قيمت 0-4-1 روپيه: ملڻ جو هنڌ حبيب پبليڪيشن،
سکر سنڌ.
شيخ ”اياز“ سنڌ جو مشهور ۽ معروف اديب، شاعر ۽
افسانه نگار آهي. سنڌ جي ادب ۾ هن نوجوان اديب جي
هر تحرير، نقش برسنگ جي حيثيت رکي ٿي. ”پنهل کان
پوءِ“، ”اياز“ جي هنن 12 تعميري ۽ اصلاحي افسانن
جو مجموعو آهي. نوران، کلڻي، ڪارو رنگ، رولو
شرابي، نظيران، سفيد وحشي، واچ جا ڪانٽا، مسافر
مڪراني، هي شاعر، ۽ پنهل کان پوءِ.
هڪ هڪ افسانو سماج جي تصوير آهي، ۽ هر افسانو فادي
نقطه نظر سان قابل قدر آهي. ”اياز“ پنهنجي دوربين
نگاهن سان سماج جي غلط زندگيءَ تي ڌڪ هنيا آهن.
ٻولي دلڪش، ۽ معياري آهي. محاڪات نگاريءَ ۽ تصوير
ڪشي، حقيقت بياني ۽ جذبات نگاري جو مرقع آهي اهڙِ
ڪتاب کي مطالع ڪرڻ هر نقطه خيال کان مفيد آهي. غ.
گ.
ڪتاب جو نالو. ڊاڪ بنگلو: لکندڙ، شيخ
عبدالرزاق ”راز“، صفحا 118، ڪاغذ سفيد، قيمت 0-4-1
روپيه: سر ورق سهڻو، ملڻ جو هنڌ حبيب پبليڪيشنس،
سکر سنڌ.
حبيب پبليڪيشنس، سکر هڪ نئون علمي ۽ ادبي ادارو
آهي، جو چند نوجوانن جي علم دوستيءَ جي پيداوار
آهي. هن وقت تائين، ڊاڪ بنگلو، سارنگ، پنهل کان
پوءِ، ۽ ناظم حڪمت، 4 ڪتاب، شايع ٿي چڪا آهن. ”ڊاڪ
بنگلو“ ڪتاب ۾ 8 افسانا آهن. افسانا سڀ تعميري،
تنقيدي ۽ اصلاحي آهن. سنڌي زبان ۾ ههڙو معياري ۽
شاندار اصلاحي مجموعو تحسين جي قابل آهي.
روپيه: سر ورق سهڻُ، ملڻ جو هنڌ حبيب پبليڪيشنس،
سکر سنڌ.
حبيب پبليڪيشنس، سکر هڪ نئون علمي ۽ ادبي ادارو
آهي، جو چند نوجوانن جي علم دوستيءَ جي پيداوار
آهي. هن وقت تائين، ڊاڪ بنگلو، سارنگ، پنهل کان
پوءِ، ۽ ناظم حڪمت، 4 ڪتاب، شايع ٿي چڪا آهن. ”ڍاڪ
بنگلو“ ڪتاب ۾ 8 افسانا هن. افسانا سڀ تعميري،
تنقيدي ۽ اصلاحي آهن. سنڌي زبان ۾ ههڙو معياري ۽
شاندار اصلاحي مجموعو تحسين جي قابل آهي.
منجهس لال جهنڊي، خانمان برباد، مڪني، بشني، ننها
پائي، گرئريٽ ۽ ڊاڪ بنگلو جي عنوانن هيٺ اصليت سان
ڀريل افسانا آهن، جن ۾ ڪئي، ظريفانه انداز ۾ ته
ڪٿي تنقيدي نطر سان، سماج جا ڇوڏا لاٿا ويا آهن.
هر خيال سان هي مجموعو مطالع جي لائق آهي. غ.گ
سارنگ-
لکندڙ، شيخ عبدالرزاق ”راز“ ڇپيندڙ، حبيب
پبليڪيشنس، سکر
سر ورق، رنگين ۽ دلڪش، صفحا 123، ڪاغذ سفيد، قيمت
0-4-1 رپيه
”سارنگ“، شيخ عبدالرزاق ”راز“ جي ڪلام جو دلڪش
مجموعو آهي. ڪتاب جو مقدمو، شيخ ”اياز“ لکيو آهي.
اياز صاحب لکي ٿو ته ”1. سندس عشق و محبت جا جذبات
ڪجهه سطحي آهن. ۽ انهن ۾ خاص گهراڻي، يا اظهار جي
جدت نظر نه ٿي اچي. 2. ڪي اهڙا نظم به آهن، جي
ادبي معيار تي پورا نٿا اچن. بهرحال راز جي
ابتدائي شاعري، سندس درخشان ادبي مستقبل جي آئينه
دار آهي ۽ 3. راز جي شاعريءَ ۾، فطري مناظر سان
اها والهانه محبت نه ٿي نظر اچي.“
ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ، فاضل مقدمه نگار،
شيخ اياز جي راءِ سان اسان کي اتفاق ٿيو آهي.
”راز“ جو ڪلام ڪجهه نومشقي آهي، پر سندس مستقبل
نهايت روشن آهي. اگر فن جو مطالعو، ۽ استادان فن
جي ڪلام جو مطالعو قائم رهيو، ته پوءِ هڪ ڏينهن
سندس ڪلام پخته ڪلام استادن وانگر معياري ٿيندو.
ڪتاب ۾ غزل به آهن، ۽ آزاد نظم جو حصو به آهي.
سرسري طور، ڪتاب قابل مطالع آهي. عالم دوست حضرات
کي گهرجي ته هو هن ڪتاب کي خريد ڪن، ۽ نوجوان اديب
جي حوصله افزائي ڪن. غ. گ
ناظم حڪمت
ڪاغذ اڇو، 38 صفحا، سر ورق گليزڊ، قيمت 8 آنا حبيب
پبليڪيشنس سکر کان ملي سگهي ٿو.
هڪ مختصر ۽ جامع مضمون آهي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي
عوامي ۽ انقلابي شاعر، ”ناظم حڪمت“ جي زندگيءَ، ۽
سندس تعمير ۽ ترقي پسند خيالات کي، سنڌيءَ ۾،
”احساسن بدويءَ“ ترجمو ڪيو آهي. اصل ۾ اهو مضمون،
مرحومه صابره زيديءَ، نيويارڪ ۾، هڪ ترڪي خاتونءَ
جي مدد سان اردوءَ ۾ لکيو هو. اول، ”شاهراه“ دهلي
۾ شايع ٿيو آهي. ”ناظم حڪمت“ جو شمار نه فقط
ترڪيءَ جي، پر دنيا جي مشهور انقلابي ۽ عوامي
شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس زندگي، مسلسل جهان آهي. هو
هميشه ظلم ۽ استبداد جي خلاف لڙندو رهيو. قيد خانا
۽ ڪال ڪوٺڙيون ئي سندس آرام گاهه رهيا آهن. هن
ڪتاب ۾ ان وطن دوست ۽ انسان دوست جي جذبات انگيز ۽
حقيقت خيز زندگيءَ ۽ ڪلام تي تبصرو آهي، ۽ اهو به
حبيب پبليڪيشن سکر سنڌ وارن ڇپيو آهي. غ. گ.
ڪتاب جو نالو انب:
مصنف، مسٽر ڪريم ڏنو راڄپر، ڊپٽي ڊئريڪٽر
ائگريڪلچر ڪاٽن ائنڊ هار ٽي ڪلچر، گورنمنٽ آف سنڌ،
صفحا 68، قيمت 8 آنا، ڇپائي صاف، ڪاغذ اُچو تصويرن
۽ بلاڪن سان ملڻ جو هنڌ نئين کيتي، پبليڪيشن پوسٽ
باڪس نمبر 11، حيدراباد سنڌ.
اسان وٽ اداره ”نئين کيتي“ حيدرآباد سنڌ وٽان، هڪ
ڪتاب ”انب“ پهتو آهي. ڪتاب، سنڌ گورنمينٽ جي هڪ
ماهر ۽ جوابدار آفيسر جو لکيل آهي، جو ڪافي
مطالعي، فني کوجنا، ذاتي تجربن ۽ مشاهدات کان
پوءِ، مختلف قسمن جي بلاڪن ۽ تصويرن سان، شايع ڪيو
ويو آهي. ڪتاب ۾ ”انب“ متعلق ڪافي ۽ شافي معلومات
آهي. سنڌ ۾ انب چڱي انداز ۾ پوکجي ٿو، پر ان جي
پوکيندڙن کي، جڏهن ته ڪافي معلومات ڪانه آهي، تنهن
ڪري، هو ايترو فائدو نه ٿا وٺي سهگن، جيترو کين
وٺڻ گهرجي.
دراصل هي ڪم گورنمينٽ جو آهي، پر عوام ۽ وطن جي
مفاد خاطر، اداره ”نئين کيتيءَ“ وارن اهو ڪم،
پنهنجي ذمي کڻي، سنڌ جي زرعي مسئلن تي احسان ڪيو
آهي. هي ڪتاب اصل ۾ رسالي ”نئين کيتيءَ“ ۾ قسط وار
شايع ٿيو آهي، جنهن کي گڏ ڪري ڇاپيو ويو آهي.
انب جي پيدائش ۽ ان جي واڌ ۽ مرض جي علاج تي، جامع
۽ مڪمل چيز آهي اول مختلف ٻولين ۾ سندس نالا ڏنا
ويا آهن، پوءِ سندس تاريخ بيان ڪيل آهي، ته ڪهڙي
ڪهڙي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پوکيو ويو؟ سنڌ ۾ ڪيتري
ايراضيءَ ۾ پوکجي ٿو، زمين جا قسم، آب وهوا،
ٻيجاري جا طريقا، تخم لڳائڻ، پيوند يا چشمو،
انارچ، ٽنگ گرافٽ، سئنڊل گرافٽ، وپ گرافٽ، ويج
گرافٽ، سائيڊ گرافٽ، ڪرائون گرافٽ، ڪليفٽ گرافٽ،
ڊبل گرافٽ جون مختلف تصويرون ڏئي سمجهايل آهي. ان
کان پوءِ، پيوند لڳڻ جون نشانيون، چشمي چاڙهڻ جو
طريقو، شاين تان چشمو ڪڍڻ، تخمي ۽ پيوندي جي ڀيٽ،
باغ ۾ وڻن لڳائڻ جو نقشو، ڀاڻ جا طريقا، چڪيءَ جي
سنڀال، ڦر ڏيڻ، ميوو لاهڻ، پال وجهڻ، مددي جنسون،
انبن جا قسم، ڪاٽ ۽ ڇانڊ، ڦر نه ڪرڻ جا اسباب،
بيماريون (مهلو، مک، ڪيڙا، جيت، جونءَ، گيدڙي) ۽
علاج، انب مان ڇاڇا تيار ٿي سگهن ٿا (انبچور، ٻيا
مفيد چٽڻيون، آچار، جيم جيلي، مربا، رس، اسڪئاش
وغيره، انب دٻن ۾ ڪئن بند ڪجي، ۽ ٻيا عنوان آهن.
باغ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ، هي ڪتاب نعمت
آهي، ان جي شايع ڪرڻ تي مصنف ۽ ناشر، مبارڪ جا
مستحق آهن. غ. گ.
اسان وٽ هيٺيان ڪتاب پڻ تبصري لاءِ پهتل آهن. پر
افسوس آهي، جو جڳهه جي گنجائش نه هئڻ سبب، هن
موقعي تي، فقط انهن جي نالن ۽ ٻئي ضروري تفيصل ڏيڻ
تي، مجبوراً اڪتفا ڪريون ٿا.
ڪلياتا مسافر:
مصنف، محمد صديق ”مسافر“ ناشر، آر ايڇ احمد
برادرس، حيدرآباد. صفحا، 230 قيمت 0-0-4.
اشرف العلوم، حصو 4:
دين محمد اديب“ آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد.
صفحا 236 قيمت 0-8-3.
تاريخ اسلام، حصو اول:
رشيد احمد لاشاري. ايڊيوڪيشنل بوڪ ڊيپو، حيدرآباد
251: 0-12-2.
تاريخ اسلام، حصو ٽيون:
ابوبڪر شبلي: ايڊيو ڪيشنل بڪ ڊيپو، حيدرآباد: 314.
0-0-4.
تاريخ اسلام، حصو 4:
ابوبڪر شبلي: ايڊيو ڪيشنل بڪ ڊيپو، حيدرآباد: 244،
0-8-4.
اقتصاديات جا ابتدائي اصول:
محمد حسين، ترڪ، ايم اي: ايڊيوڪيشنل بڪ ڊيپو،
حيدرآباد: 158. 0-8-2.
پاڪستان جا اقتصادي مسئلا:
محمد حسين ترڪ ايم اي: ايڊيوڪيشنل بڪ ڊيپو،
حيدرآباد 204: 0-12-2.
زندگيءَ جي راهه تي:
بشير مورياڻي. مغل پبليڪيشن 68: 0-0-1.
مان انتظار ڪندس:
ڪرشن چندر: سهڻي پبليڪيشنس، بمبئي: 90: 0-12-0
سهڻي سهڻي ڪتاب گهر، بمبئي: 52: 0-7-0
مثنوي عقل و عشق:
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“: ساداره روح ادب
سنڌ، هالا نوان: 29: 0-12-0
سنڌي ڊراما ۽ ناول:
محمد اسماعيل، عرساڻي: خود مصنف وٽان: 62: 0-12-0
شڪسته ساز:
محمد حسن ”ساز“: چيلارام روڊ نئو آباد، ڪراچي: 55:
قيمت 0-8-1.
آل سنڌ پندرهين ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻو
15 آل سنڌ ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻي ۾ نهايت شاندار
نموني ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، دادو،
جيڪب آباد، سکر، هالا، خيرپور ميرس، ۽ ٻين شهرن
مان سؤ کن شاعرن، ۽ ادبي جماعتن جي نمائندن ۽
اراڪين شموليت ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ، انجمن آفتاب
ادب دادو، انجمن علم و ادب هالا، جمعيت الشعراي
سنڌ، روح ادب سنڌ، بزم نظامي، محفل احباب جا
نمائندا خاص طور قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ، سنڌ
جي مشهور راڳيندڙن، ۽ فنڪارن به شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس جو انتظام، لاڙڪاڻي جي چند مخلص اهل ذوق
ماڻهن، جمال الدين شاهه بخاري، محمد علي جوهر،
حاجي محمود خادم، عبدالفتح عبد، عبدالحق زيب،
عبدالغفور ڀرڳڙي، هري دلگي، شيخ واحد بخش هيڊ
ماستر ۽ سندس عملي رکيو هو.
ڪانفرنس جي پهرين نشست، 19 اپريل 1955ع، جناح باغ
لاڙڪاڻي ۾، غلام محمد ”گراميءَ“ جي زير صدارت ٿي.
جنهن ۾ گرامي صاحب شعر و شاعري، ادب ۽ سنڌي زبان
جي تحفظ ۽ اشاعت متعلق صدارتي تقرير ڪئي، ۽ ان کان
پوءِ ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب ”خليل“، مرزا قليچ
بيگ جي شعر و شاعريءَ، ۽ سوانح حيات تي بلند پايه
مقالو پڙهيو.
ٻي نشست، جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب
الموليٰ“ جي زير صدارت ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور
ڳائڻن، ۽ راڳيندڙن، مصري فقير هالائي، رسول بخش
گويي سکر واري، خير پور ميرس جي شاهن، ۽ لاڙڪاڻي
جي مشهور ڳائڻي مٺو خان گويي ۽ سوني خان سکر واري،
پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ۽ خلق کي سنڌي موسيقيءَ
جي ڪمالات کان محفوظ ڪيو. صبح جو جناح باغ ۾،
ڪانفرنس جي پنڊال ۾، جمعيت الشعراي سنڌ جي جنرل
باڊيءَ جي ميٽنگ غلام محمد گراميءَ جي زير صدارت
ٿي، جنهن ۾ جمعيت الشعراء جي تنظيم ۽ دستور ۾ ڪي
ترميمون آنديون ويون، ۽ جنرل سيڪريٽريءَ جي چونڊ
ٿي، ۽ اتفاق راءِ سان حاجي محمود خادم کي چونڊيو
ويو. ان کان سواءِ سبجيڪٽ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ به ان
ئي نشست ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن
ڪانفرنس لاءِ 20 ٺهراءَ تيار ڪيا.
ڪانفرنس جي ٽين نشست جناب ڊاڪٽر خليل صاحب جي زير
صدارت ٿي، جنهن ۾ 2 ريزوليشن صدر صاحب جي طرفان
پيش ڪيا ويا، جي پاس ٿيا. ڊاڪٽر صاحب ريزوليشن ۽
ان جي سمجهاڻي پيش ڪري، ڪانفرنس کان رايا طلب ڪندو
رهيو، ان کان سواءِ هندوستان مان آيل شاعرن جو
ڪلام عبدعاقليءَ پيش ڪيو، ۽ ڪي مقالا به پيش ڪيا
ويا.
ڪانفرنس جي چوٿين نشست جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي زير صدارت ٿي گذري. اول ڊاڪٽر صاحب هڪ
فاضلانه ۽ عالمانه تقرير ڪئي، ۽ سنڌ جي قديم
فنڪارن ۽ شاعرن جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي،
۽ ان کان پوءِ مقالا پڙهيا ويا.
ڪانفرنس جي پنجين نشست جناب مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“ جي ٿي گذري، جنهن ۾ اٽڪل سٺ شاعرن پنهنجو
ڪلام پيش ڪيو، جن ۾ سرشار عقيلي، نياز لاڙڪاڻائي،
زيب لاڙڪاڻائي، ڊاڪٽر خليل حيدرآبادي، مخدوم محمد
زمان صاحب ”طالب الموليٰ، ۽ برگ يوسفي، صادق
دهلوي، آغا تاج محمد، حافظ احسن، خواب صاحب، ساجد
صاحب، ساز صاحب، نسيم صاحب، امير صاحب، محمد جمن
هالو ڪراچي، عبد عاقلي ۽ عزيز ڏوڪري واري جو ڪلام
نهايت پسند پيو، ۽ ڪانفرنس آغا تاج محمد جي ڪلام
تي رات جو هڪ بجي ختم ٿي.
ڪانفرنس جي کليل اجلاس ۾، هيٺيان اهم ٺهراءُ پاس
ٿيا.
1. هيءَ ڪانفرنس، ان راءِ جي آهي ته پاڪستان ۽
ڀارت جي اديبن ۽ شاعرن جي وچ ۾ خير سگالي تعلقات
پيدا ڪرڻ لاءِ، هتان وفد ڀارت جي دوري تي وڃي، ۽
ڀارتين جو وفد هت اچي.
2. هيءَ ڪانفرنس، مرڪزي حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري
ته پاڪستان، زبانن جي ترقيءَ ۽ تحفظ لاءِ جيڪا رقم
منظور ڪري، ان جي ورهاست، صوبائي حڪومتن جي زريعي
۽ صوبائي ادبي جماعتن جي مشوري ساڻ ٿيڻ گهرجي.
3. هيءَ ڪانفرنس، وفاقي حڪومت ڪراچيءَ کي استدعا
ٿي ڪري ته ڪراچي وفاقي ايراضيءَ، ۾ سنڌي پرائمري
سڪولن جو تعداد وڌايو وڃي.
4. هيءَ ڪانفرنس، سنڌي ڪتاب ڇپيندڙ ادارن کي
استدعا ٿي ڪري ته هو ڪتابن جي طباعت ۽ صحت جو وڌيڪ
خيال رکن، ۽ قيمتون گهٽ رکن.
5. هيءَ ڪانفرنس ريڊيو پاڪستان جي ڊئريڪٽر جنرل کي
استدعا ٿي ڪري ته
1 سنڌي پروگرام کي اڃا به معياري ۽ دلچسپ بنايو
وڃي.
2 حيدرآباد سنڌ ۾ جلد براڊڪاسٽنگ اسٽيشن کولي وڃي،
3 سنڌي پروگرام، ميڊيم ويو جي بدران، شارٽ ويو تي
نشر ڪجي،
4 پروگرام ۾ گهڻن ۾ مختلف شاعرن کي گهرايو وڃي.
6. هن ڪانفرنس جو رايو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت
حڪومتون، اهڙيون سهوليتون پيد اڪن، جئن ڪتابن ۽
رسالن ۽ اخبارن جو تبادلو سولائيءَ سان ڪري سگهجي،
۽ چندي يا قيمت موڪلڻ سان ڪتاب گهرائي سگهجن.
7. هيءَ ڪانفرنس، پاڪستان ۽ ڀارت حڪومتن کي عرض ٿي
ڪري ته ٻنهي ملڪن جي ادبي ڪانفرنسن ۾، سنڌي اديبن
۽ شاعرن کي شامل ٿيڻ لاءِ سفر جون سهوليتون ڏنيون
وڃن.
8. هيءَ ڪانفرنس، مرڪزي سرڪار کي گذارش ٿي ڪري ته
ون يونٽ ۾ سنڌي ٻولي جي اشاعت ۽ حفاظت لاءِ مناسب
انتظام رکيو وڃي.
9. هيءَ ڪانفرنس، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وس وارن کي
استدعا ٿي ڪري ته سنڌيونيورسٽي پريس قائم ٿيڻ کان
پوءِ.
(الف) سنڌي زبان، ادب ۽ تهذيب متعلق محققانه ڪتاب
تيار ڪرائي، ڇپايا وڃن، جئن آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج
يونيورسٽين ۾ انتظام آهي.
(ب) سنڌي شعر متعلق انگريزي زبان ۾ ڪو مڪمل ڪتاب
شايع ڪيو وڃي.
10. هيءَ ڪانفرنس، مير سيف الله خان منگيءَ کي عرض
ٿي ڪري ته مرحوم سردار گل محمد زيب جي لائبرري، جا
چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڏيهي کائي رهي آهي، ان جا ڪتاب
يا ته سنڌ صوبائي لئبرريءَ کي ڏيڻ ۾ اچن، يا شهداد
ڪوٽ ۾، ”زيب لئبرري“ قائم ڪري، مرحوم جو نالو روشن
ڪرڻ ۾ اچي.
”مهراڻ“ متعلق عالمن ۽ اديبن جا رايا
”مهراڻ“ |
”اوهان صاحبن کي لک لک مبارڪون هجن، جو
اوهان ”مهراڻ“ جو معيار ايڏو بلند رکيو آهي.
اڳ آءٌ اردو رسالن تي ريسون ڪندو هوس، ۽ ان
تي به رسڪ ايندو هو. ته ڪڏهن اسان جي
سنڌڙيءَ ۾ به ڪو شاندار رسالو نڪرندو! اڄ
”مهراڻ“ کي ڏسي، ڦوليو نه ٿو سمايان! سنڌي
ته ڇا، اردو رسالن کان به مهراڻ جو ڳاٽ اوچو
آهي.“ هري ”دلگير“ |
”مهراڻ“ |
مطالع ڪيم، دل بهار بهار ٿي ويئي! رسالو
جنهن حسن ترتيب سان، ۽ معياري مضمونن تي
مشتمل شايع ٿيو آهي، ان کي ڏسي نهايت خوشي
ٿي اٿم!“ ”سرشار“ عقيلي. |
”مهراڻ“ |
سنڌي ادب جو بهترين ۽ معياري پرچو آهي. ان
جي ڪاميابيءَ لاءِ خواهان آهيان هر لحاظ سان
قابل تحسين آهي.“ مخدوم محمد زمان صاحب
”طالب المولي!“ |
”مهراڻ“ |
شايع ڪري، اوهان سنڌ تي احسان ڪيو آهي اسان
جهڙن ”مولاين“ لاءِ مهراڻ جي موجن ۾ موج ڪرڻ
جو ڪافي سامان آهي. مولائي شيدائي. |
”مهراڻ“ |
اميدن کان وڌيڪ سهڻو ۽ دلڪش ٿي شايع ٿيو
آهي. بيگم عبدالله خان چنو. |
”مهراڻ“ |
سنڌي ادب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ادبي دنيا
۾ اڄ تائين ان رنگ ڍنگ جو ڪوبه رسالو شايع
نه ٿيو آهي.“ محبوب علي چنو. |
”مهراڻ“ |
سنڌي ادب لاءِ ”نئون نياپو“ آندو آهي.“
شيخ ”اياز“ |
”مهراڻ“ |
ادبي اميدن جو سهارو آهي. ”نياز“ همايوني. |
”مهراڻ“ |
سنڌي ادب جو غير فاني شاهڪار آهي. رئيس
ضياء الدين ”ضيا“ |
”مهراڻ“ |
نهايت بلند پايه ۽ معياري ادب پيش ڪيو
آهي. حاجي محمود ”خادم“. |
|