سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :17

مير فتح علي خان جو انتقال:

 مير صاحب کي پٺيءَ ۾ سرطان جي ڦرڙي هئي، جا هميشه علاج معالجي سان رفع دفع ٿي پئي ويندي هئي، ليڪن جڏهن لاڏاڻي جو وقت اچي ويجهو ٿيو، ان وقت ڪنهن به ستيءَ ڦڪيءَ فائدو ڪونه پهچايو، ۽ مير صاحب جو انتقال 10 محرم 1217هه جي رات جو ٿيو. سنڌ جي ٽالپر خاندان جو باني، ۽ سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جو پهريون فرمانروا، سنڌ جو فاتح، مير فتح علي خان، امامن واريءَ رات، رب ڏي راهي ٿيو. ٽالپر گهراڻي ۾ ماتم مچي ويو. سڄيءَ سنڌ تي غمن جو غبار ڇائنجي ويو. مير غلام علي خان کائنس پوءِ ٻئي نمبر تي هو، اهو مسند نشين ٿيو. مير ڪرم علي خان ۽ مراد علي خان ساڻس شريڪ ڪار ٿيا، ۽ مير فتح علي خان جي معصوم ٻار مير صوبدار کي پيءَ جي پڳ ٻڌائي، رسمي طور حڪومت ۾ شريڪ ڪيو ويو. مير مائل، انهن سڀني ڳالهين کي پيش نظر رکندي، هيٺيون تاريخي قطعو تصنيف ڪيو.

فغان و آه که اندر عزاي شاه شهيد،
عزاي خسروي دورن بدهر گشت عيان،
غرضکه در شب عاشوره آن مير کبير،
ز تختگاه ايالت نمود نقل مکان،
گذشته در صف شهداي دين بصد اعزاز،
گذاشت مملکت ملک از پئي اخوان،
درين قضيه که شد رخنما بحکم قضا،
خداش کرد عطا پور نيک نام زمان،
که گفت سال ولود شريف از هاتف،
”بود ابد بشرف مير صوبدار ايوان“

1217هه

خدا زياد کند عمر و بخت و اقبالش،
بياريء حسنين و عنايت يزدان،
درين عزا که بيامد به تهنيت همگام،
هزار شکر براين و هزار آه بران،
به تخت مملکتش مير ما غلام علي،
جلوس کام نموده بشرکت اخوان،
بصبر و شکر که شرط عزاؤ تهنيت است،
سروش غيب چنين بهر سال کرد بيان،
چو ”مير فتح علي خان“ ”ز تخت سند“ گذشت،
بگو ”بزيب غلام علي“ نشست بران،
 

1499  1514  1202هه

    15=1514-1499    1217=1202+15

بحق آنکه شد آن مير واصل حسنين،
هميشه باد دعاگوي زمرهء اخوان!

ص 109

هيٺئين قطعي ۾ فقط وصال جي تاريخ ڏنل آهي.

گشت چون مير واصل شهدا،
جائش اندر بهشت بنمودند،
سال فوتش بهشتيان بخطاب،
”راضي الله عنک“ فرمود نده

1217هه    ص 109

مير صاحب جو مقبرو، هالن واريءَ خدا آباد ۾ آهي. نبي جي گنبذ تي سيد ثابت علي شاهه جو هي قطعو اڪريل آهي.

شب شهادت شاهه شهيد رحلت کرد،
امير فتح علي خان خديو صاحب عصر،
بگفت ثابت زوار سال تاريخش،
”مکين قصر بهشت“ و مکان بهشتي قصر.

1217هه

انهيءَ مقبري ۾ مير فتح علي خان وڏي جي مزار، مير غلام علي خان جي مزار، مير صوبدار بن مير فتح علي خان جي مزار، مير فتح علي خان بن مير صوبدار خان ۽ مير محمد علي خان بن مير صوبدار خان جون قبرون آهن.

بيبي خير النسا جي وفات:

مير فتح علي خان جي والده، بيبي خيرالنسا، جنهن کي قرب وچان بيبي خيران يعني خير ڪندڙ، سخياڻي سڏيو ويندو هو، ان جي وفات تي مير مائل طويل قطعو چيو آهي. بيبي صاحبه سخياڻي، رحم دل، ۽ وڏي خير ڌياڻي هئي. ڪيتريون مسجديون ٺهرايائين، جنهن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي، شاگردن ۽ استادن جي مانيءَ ۽ لٽي جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي، ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي سا به هن بر گذيده مائيءَ جي بدولت آئي.

مير مائل ڏاڍو پر سوز قطعو تصنيف ڪيو آهي.

دريغا که ناگهه بحکم قدر،
قضا اين قضيه نمود آشکار،
قدر خواند منطوقهء کل نفس،
قضا گفت از موت اين العزار،
بدادند از فادخلي جنتي،
بشارت بمرضيہء نامدار،
که اندر جنان بهر آن مرضيه،
خواتين دين اندر در انتظآر،
بر اين مزده ام السلاطين سند،
که باداب شان سلطنت برقرار،
بفرمان مدلولهء ارجعي،
بفرموده عهد رضا استوار،
بخاتون دين اُم سبطين پاک،
شد اندر جنان همدم و همجوار،
فرستاد حق رحمت و مغفرت،
به پيش آمدش از يمين ويسار،
نمودند حوران قصرِ جنان،
بقصر جنان جاي آن حق شعار،
شد اندر خواتين دوران عزيز،
چو خاتونِ دهر از جهان بست بار،
بخواندند انالہ راجعون،
درين غم بفرمان پروردگار،
ز بشنيدن اين صداي الم،
بر آمد ز دل ناله بي اختيار،
فسبحان حي الذي لايموت،
شده سبحهء دل به ليل ونهار،
فطوبيٰ لراضية ناميہ،
فطوبيٰ لمرضيہء نامدار،
فطوبيٰ لتشريفهاءِ الجنان،
فطوبيٰ لتکريمها في العشار،
غرض چونکه مرحومهء حق سرشت،
که درياد حق بود ليل ونهار،
بليل نخستين ز ماه صيام،
که باشد مه رحمت کردگار،
بسرمايهء رحمت ايزدي،
بسوي جنان زين جهان بست بار،
زحوران جنت شد اين سال کل،
به خيرالنساء از ولا باد...........،

1222هه

بخيرالنسا از دل آمد بدرد،
دگر گشت سالش ز دل آشکار،
بجنت ابد باد آن مرضيه،
دعا گوئي اولاد عالي تبار،
درين تعزيت بشرالصابرين،
بود ورد ”مائل“ بليل ونهار.

ص 109

مير مائل ٻيا چار قطعا به انهيءَ حادثي تي لکيا آهن.

بوده در اين دار چو اين صاحبه،
مخلصئه بنت رسول خدا،
باددران دار هم از بعد فوت،
واصلئهء اکملئه دوسرا،
ماحصلش آنکه چو اين صاحبه،
گشت ز اخلاص دلِ با صفا،
در مِه رمضان بشب اولين،
واصلئه محفل آن مهتدا،
سال و صالش دل من گفت باد،
”صاحبئه محفل خيرالنسا“.
 

1222هه ص 110

(3) چون شد اين مقبولهء حق زين جهان،
در جنان، لزد بتول ذي العطاء،
سال ترحيلش سروش غيب گفت،
”زيد اين مقبوله با خيرالنساء“

1222هه        ص 110

(4) چونک پئي وصل حق سوي جنان زاين جهان،
شد بجوار بتول صاحبهء حق شعار،
در دم ترحيل او سال وصالش سروش،
”گفت بخيرالنسا باد ابد همجوار“.
 

1222هه        ص 110

(5) شد چو اين مرحومهء عفت پناه،
واصل جنت به تشريفِ وصال،
هاتفِ غيبم بروزِ وصل او،
”ادخلي جنات عدني“ گفت سال

1222هه ص 110

انهن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم، پهرين تاريخ رمضان 1222 هه جو رات جي وقت انتقال ڪيو.

مير غلام علي خان:

مير فتح علي خان کان پوءِ، پڳ، مير غلام علي خان تي آئي. مير صاحب، 6 جمادي الاول 1227 هه جو انتقال ڪيو. سندس لاش خدا آباد (هالن واريءَ) ۾ دفن ڪيو ويو. مير مائل هيٺيون قطعو تصنيف ڪيو.

شهي که گاه جلوسش بمسند شاهي،
سند به مهر ولايت ز شاهه ما آمد،
بحکم آن سند شاهي و جهان گيري،
شکوه شاهجهانش بمرحبا آمد،
بمرحباش گهِه عزم رزم آرائي،
زشش جهت ظفر و فتح پيشوا آمد،
بعهد شاهيء اويکسر از شهانِ جهان،
بحضرت شهيش عهد صد وفا آمد،
وليء سند غلامِ علي ولي الله،
که از غلاميء شهه بخشش اين عطا آمد،
زيمن صدق غلاميش از صداقت دل،
غلام درگهِه او عزو اعتلا آمد،
کنون بحق چو شوقِ وصال آن شه دين،
ز صدر شاهي در جنت العلا آمد،
بخلد نيز ز يمنِ غلاميءَ نامش،
رفيق صدر نشينان دوسرا آمد،
بروز واقعهء رحلتش زصد اندو هه،
که رخ نما بجهان ناگه از قضا آمد،
”زهي غلام علي بوده“ گفت دل با آه،
دلم بسال وصالش چو در حضا آمد،
 

1227هه

بجا غلام علي هم بگفت دل تاريخ،
چو کامور ز غلاميش جا بجا آمد،
دلش ز مير محمد مدام خوشدل باد،
بحق ز ”مائل“ حق عرض اين دعا آمد.

مير غلام علي خان شڪار جو بيحد شوقين هو. هڪ دفعي هرڻن جي شڪار تي ويو. هڪ هرڻ کي پاڻ تڪبير ٿي وڌائين ته هرڻ جي سنگ جي چنهب زور سان سندس پير ۾ گهڙي وئي. موت لاءِ اهو بهانو بنجي آيو. زخم ڦلاءُ ڪيو، رت ۾ زهر ملي ويو، ۽ آخر لا علاج ٿي مير صاحب انتقال ڪيو.

مير ڪرم علي خان تي پڳ آئي، مير مراد علي خان ساڻس شريڪ ڪار هو، ۽ مير غلام علي خان جي شهزادي مير محمد خان کي پڻس جي پڳ ٻڌائي کيس به شامل ڪيو ويو.

مير صاحب جي زماني ۾، بهاولپور واريون جنگيون ٿيون، شڪارپور جو شهر هٿ ڪيو ويو، ڪراچي قلات کان واپس ورتي وئي، ۽ سبزل ڪوٽ حاصل ڪيو ويو. انگريزن سان 1224 هه ۾ معاهدو ڪيو ويو شڪار جو شوقين ۽ بهادر ماڻهو هو. سيکاٽ جي ٻيلي ۾ ماڻهن مار شينهن کي سامهون ٿي، ترار سان ماريائين. شاهه شجاع الملڪ، جڏهن ڍل اڳاڙن لاءِ سنڌ تي افغانن جو ڪٽڪ چاڙهي آيو، ان وقت مير صاحب کيس کتو جواب ڏئي موٽائي ڪڍيو. مير حسن علي خان لکي ٿو.

تڏهن مير صاحب چيو، نامور!
انهيءَ خيال موهوم کان در گذر،
زمانه دگرکون آئين نهاد،
شد آن مرغ که او بيضه زرين نهاد،
سپهر آن بساط کهن در نوشت،
نشاط دگر ملک را تازه گشت،
هينئر ڪهڙي ڍل، ڍل جو آ ذڪر ڇا،
ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا ٻئي ويا هليا،
جي وڙهڻو هجئي شاه تان آبرون،
هي گوءِ ۽ هي ميدان، آءٌ ۽ تون“

ص 86

(چيائين جيڪا ڪڪڙ سونا آنا ڏيندي هئي، سا هلي وئي، ڏيڻ وارا به ويا ۽ وٺڻ وارا به ويا، هاڻي جي جنگ ڪرڻي آهي ته ميدان ۾ نڪر، هيءَ گوءِ ۽ هي چوگان.)

مير مائل ٻيو هڪ تاريخي قطعو به چيو آهي، جنهن ۾ مير غلام علي خان جي تعزيت ۽ سندس شهزادي مير محمد خان جي مسند نشينيءَ تي تهينت پيش ڪيل آهي!

چون شِه سند آن غلامِ نام شاهنشه علي،
آنکه مي بد مسند آراي شهي در ماه وي،
 

همچو شاهانِ سلف در شوق وصل حق بحق،
کرد رحلت زين جهان روي جنان ناگاه وي،
 

بعد ترحيلش چو شهزاده محمد مير نام،
جلوه بخش آمد بر اوج سلطنت چون شاه وي،
 

ز استماع اين خبر بشنيد اين سال از سروش،
”جلوه بار آمد مهه نو بعد سلخِ ماه دي“.

1227هه

تابود ز امروز فردا ذڪر در بزمِ شهان،
باد افزون عمر و جاهش زان شهِه جمجاه وي!

         ص 110

ولادت مير عبدالله خان:

مير عبدالله خان بن مير غلام حسين خان بن مير عبدالله خان بن مير بجار خان بن مير بهرام خان بن مير شهداد خان، جي تولد تي مير مائل هيٺيون قطعو چيو.

معلوم ٿئي ٿو ته مير غلام حسين کي اهو فرزند وڏيءَ ڄمار ۾ ڄائو.

فضل حق با مزده خوبي خوش ثمر،
زائدالعمر اين خلف بالخير دار،
مرد دوران کز غلاميء حسين،
ناميء عصراست بر صدر رشاد،
نور چشمِ خاص عبدالله مير،
خوش شيم والا همم عالي نزاد،
نيک نام و نيک خلق و نيک بخت،
مخلص السادات نيکو اعتقاد،
بسکه دارد متکا بر صدر جاه،
صدر جاهش زين خلف آباد باد،
تا شود چون جدِ ماجد نامور،
نام وي خوش مير عبدالله نهاد،
شوکتِ بهرامي و بجار وي،
باد از شان و شکوهش مستفاد،
در نشاطِ زادنش از بسکه حق،
بر رخ دل باب خيريت کشاد،
گفت دل سالِ چنين روزِ نشاط،
”مير عبدالله چه بهه با خير زاد“،

1232هه

”مائل“ حق خواهد از حق در دعاش،
باد عمر و بختش اندر ازد ياد!

    ص 77

مير مائل، مير غلام حسين جي مدح ۾ به هڪ قطعو چيو آهي.

اي ز رويت جلوه گر ثورِ غلاميء حسين،

مير عبدالله بن بجار خان را نور عين،
 

شوڪت بهراميت چون طيش بهرام فلک،

زمرد اعداي دين را افکند در شور شين،

بسکه داري در بمين اقبال و دولت دريسار،

در رکابت مي رود فتح و ظفر از جانبين،
 

ديده از دست سخايت فتح باب کام دل،

دائم آمد دستيارت فاتحِ بدر و حنين،

زاستماعِ نيکيء نام و صفاتِ نيک تو،

ورد دلها نام نيکت آمده چون فرض عين،
 

دائما اقبال و دولت دائما عيش و نشاط،

باد با عهدت قرين هم چون قرانِ نيرين!

هست حسنينِ سرورِ زور بخش ايزدت،

همچو خورشيد و قمر پئي هم دو روشن اخترين.

ص 104

مير ٺاري خان جا فرزند: مير ٺارو خان، مير پور خاص جو پهريون ٽالپر حڪمران هو. 1198هه ۾ تخت نشين ٿيو، ۽ 1245 هه ۾ انتقال ڪيائين. وڏو بهادر ۽ جانباز سردار هو. پنهنجي دور ۾ هن ريگستاني علائقي جو ڪيترو حصو بزور شمشير پنهنجي مملڪت ۾ داخل ڪيو. مير شير محمد خان جنهن کي ”شير سنڌ“ جو لقب عوام ڏنو هو، سو سندس تخت جو آخري وارث هو، جيڪو انگريزن سان جوانمرديء سان وڙهندي گرفتار ٿيو، ۽ نظربنديءَ جي حالت ۾، 1294هه ۾، انتقال ڪري ويو.

مير ٺاري خان کي، 1226 هه، مير غلام محمد نالي پٽ ڄائو. مير مائل جو انهيءَ خاندان سان به راه و رسم جو تعلق هو. مير ضياالدين ”ضيا“، مير ٺاري جو درباري شاعر هو، جيڪو مير مائل جو چاچو هو، انهيءَ ڪري مير مائل، مير غلام محمد جي تولد تي هيٺيون قطعو پيش ڪيو.

چون فضل حقِ بکام دلِ مير تهاره خان،

که او دائما ست کامور از فضل حق تعال،

خوش بر مراد مير که نامش علي مراد،

مشهور عالم است بسر نامهء جلال،

از غايت تفضل کان بخش خاص شناست،
 

بخشيد اين مبارک مولود خوش خصال،

مولود نيک مير غلام محمد اسم،

که اسمش مبارکست ز افضال لايزال،
 

هر کام آنکه باد ابد کامياب فيض،

اين خوش خلف بجاه سلف در جميع قال،

از استماع مزدهء ميلاد اسعدش،

فرمود دل ”غلام محمد بکام“ سال.

1226هه

يا رب مدام تا که بدمها ثناي تست،

يا رب مدام تاکه ز افضال تست قال،

دائم ز فضل نام نبي و غلاميش،
 

دائم به يمن نام علي و جميع آل،

ياد اين گزين خلف به اميران نام دار،

نام آورِ زمان بصد بخشش و نوال!
 

مير مان هر هڪ ٽالپر پنهنجي مهر يا منڊيءَ لاءِ سجع ٺهرائيندو هو، مثلاً

مير فتح علي خان جي سجع هئي

”داد نصرت خدا به فتح علي،
به مددگاريء نبي و علي.“
 

مير غلام علي خان جي سجع هئي

”ناصر من بود نبي و ولي،
منم از جان و دل غلام علي“.
 

مير ڪرم علي خان جي سجع هئي

”کرد بامن کرم عليء عظيم،
بحق حضرت نبي و کريم“.
 

مير مراد علي خان جي سجع هئي

بحقِ حضرتِ نبي و ولي،
يافت از حق همه مراد علي.“
 

مير  مراد علي خان جي ٻي سجع هئي

”بندهء مصطفيٰ مراد علي داشت.“
 

مير نور محمد خان جي سجع هئي

”ز نور محمد جهان روشن است“.

مير محمد نصير خان جي سجع هئي

”علي و حسين و حسن دستگير،
خدا يار و ياور محمد نصير“.
 

مير محمد خان جي سجع هئي

”مير محمد مه اوج کرم“.

مير صوبدار خان جي سجع هئي

”ظل احمد تاج فرقِ صوبدار“.

سندس ٻي سجع هئي

”صوبدارِ جهان ز فتح علي“.

شهداد خان جي سجع هئي

”خاکپائي مرتضيٰ شهداد خان“.

مير حسين علي خان جي سجع هئي

”کرد روشن ز فيض لم يزلي،
آفتابِ جهان حسين علي“.
 

مير نصير خان جي ٻي به هڪ سجع هئي

”سزد گرنهد بر ثُريا سرير،
کسي راکه باشد محمد نصير“
 

مير مائل، شهزادي غلام محمد خان جي سجع ٺاهي.

”حب علي مراد غلام محمد است.“

       ص 75

مرزا قليچ بيگ، مير ٺاري خان جي ٽن پٽن جا نالا ڏنا آهن. مير غلام حيدر، مير علي مراد ۽ مير غلام الله. مير غلام محمد جو نالو شجري ۾ ڪونه ڏنل آهي. مير غلام الله جي وفات 1228 هه ۾ ٿي، مير مائل، ان جي وفات تي هيٺيون قطعو چيو:

در جواني مير ما چون کرد فوت،
انگه دل در حزن فوتش آه گفت،
سال فوتِ آن جوانِ نيک دل،
”وائي بر حزن غلام الله گفت“.

1228هه   ص 121

تولد مير بجار خان بن مير بهرام خان:

مير بجار خان، مير بهرام خان بن مير شهداد خان جو پٽ هو، سندس تولد تي مير مائل هيٺيون قطعو چيو.

مير بهرام خان نام آور،
آنکه کامش ز حق مدام آمد،
خوش بکام دلش ز بخشش حق،
خلف سعد نيک نام آمد،
گفت هاتف بسال ميلادش،
”مير بجار خان بکام آمد“.

1215هه

باد از حق مبارک اين فرزند!
شب بخوابم چنين پيام آمد،
 

بارک الله بعمره ابدا!
ورد ” مائل“ بصبح و شام آمد.

   ص 73

مير علي محمد خان:

مير علي محمد خان، مير احمد خان جو فرزند هو، جيڪو فرزند هو مير محمود خان ولد مير بهرام خان بن مير شهداد خان جو. انهيءَ مير صاحب جي نالي تي مر مائل جي بياض ۾ هڪ مدحيه قطعو ملي ٿو.

خان ما کز کمال عزو شرف،
هست نامش علي محمد خان،
در دعايش بخمسته الاوقات،
با محمد علي ست ورد زبان،
ميبرم تحفتہء دعا پيشش،
تا چه پيش آيدم کند ز احسان،
باد نامش چو اين دونام نکو،
دام نقش نگين ز دور زمان،
دائم از صدق حب اين حضرات،
باد مقبول حق بهر دو جهان.

      ص 105

مير رستم خان:

رستم خان، مير فتح علي خان، ۽ غلام علي خان جن جو سوٽ هو. سندس شجرو هن طرح آهي. رستم خان بن سهراب خان بن مير چاڪر بن مير شهداد بن مير هوتڪ خان بن ڪڪو خان بن شاهو خان.

بقاي طبع خود رشک هزاران گلستان کردم،

بمدح مير رستم خان زبان تا گلفشان کردم!

نمودم سرچو توصيف علوئي رتبه و قدرش،
 

پئي معراج طبع خود زکيو ان نردبان کردم،

سخن در وصف جودش همچو گوهر جلوه زن آمد،

چو خوش گردد سخن سرمايئه صد بحر و کان کردم،
 

زيادم رفت يکسرشيوهء نا مهربانيها،

چو يادِ مهربانيهاي آن خوش مهربان کردم،

عجب نبود اگر نازم بطبع نکته سنج او،
 

چو عرضِ اين غزل در حضرت آن نکته دان کردم،

چو ميدارد ز دل ”مائل“ بحق شغل دعاي او،

بحق باشد اگر خود را شمار از داعيان کردم.

    ص 49

مير چاڪر خان: مير رستم جي ٻئي ڀاءُ مير چاڪر خان جي سلسلي ۾ به هڪ قطعو بياض ۾ ملي ٿو.

مير چاڪر خان والا مرتبت،
آنکه از جان چاکر آل عباست،
بس که دارد از ازل دل با خدا،
دائما ورد دلش نام خداست،
نيک نام و نيک خلق بخت،
نيک نامي خوش به بختش آشناست،
هم اديب و هم خليق و هم شفيق،
وصف اخلاق شريفش جا بجاست،
باد دائم نامور با اين صفات،
ورد ”مائل“ دائما اين خوش دعاست،

ص 49

مير رستم خواه مير چاڪر خان تي ٻئي قطعا نهايت گرم جوشيءَ سان لکيا اٿائين. معلوم ٿو ٿئي ته مير رستم خان وڏو سخي ۽ دريا دل شهزادو هو، جودو ڪرم، داد و دهش ۽ عام بخشش سندس خاص وصفون هيون، ساڳئي وقت سخن فهم ۽ نڪته دان به هو. اهڙيءَ طرح مير چاڪر خان نيڪ، خليق، شفيق ۽ اهل دل شهزادو هو. شريف الطبع ۽ نيڪ نفس.

مير سهراب خان:

مٿين ٻنهي شهزادن جي والد مير سهراب خان جي مدح ۾ به هڪ قطعو بياض ۾ موجود آهي، جنهن ۾ مدح جي رسمي الفاظن بعد، مير مائل، مير سهراب خان کان شاديءَ جو خرچ گهريو آهي، ۽ ٻيو گذران لاءِ وظيفي جي به طلب ڪئي اٿائين. انهيءَ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مير مائل اگرچ مير ڪرم علي خان جي دربار سان متعلق هو، ليڪن ضرورت جي حالت ۾ ٻين ٽالپر اميرن کان به طلب امداد ڪندو هو. قطعو هي آهي.

ايا مير سهراب خان نامدار،
بنام آوري شهرهء روزگار!
کند حق فزون ننگ و ناموس تو،
که آيد جهاني به پابوس تو!
دعاگوي دولت غلام علي،
غلام غلامان نام علي،
بناموس نام تو از راه دور،
رسيداست بهر دعا در حضور،
کنون شرط ناموس و نام آوري،
همين است که کامش تمام آوري،
بود کام او کز کمال سخا،
کني اين دو مقصود او را روا،
يکي خرچ شادي که دارد به پيش،
دويم وجهه از بهر گذران خويش،
اگر مي دهي مي دهد حق بتو،
بنام آوري عز و اقبال نو،
و گر نه خدا کام فرما بس است،
عطا ساز کام دل هر کس است،
خدايا به آن نامداري ديار،
به افزونيء دولت پائدار،
موفق بکن با صفات نکو،
که باشد فزون ننگ و ناموس او!
 

کنون عرض داعي تمام آمده،
ز ”مائل“ بحق والسلام آمده.
 

مير مائل وظيفي ۽ شاديءَ جو خرچ ته گهريو آهي، ليڪن پنهنجي خودداريءَ، عزت نفس ۽ بردباريءَ کي قائم رکيو اٿائين، چوي ٿو.

اگر مي دهي مي دهد حق بتو،
بنام آوري عزم اقبال نو،
و گر نه خدا کام فرمابس است،
عطا ساز کام دل هرکس است.

(جيڪڏهن حاجت روائي ڪندين ته تنهنجي مهرباني، تنهنجو نالو ٿيندو ۽ تنهنجي عزت ۽ اقبال بلند ٿيندو، ورنه ڪم خدا تي آهن، هر ڪنهن کي ڏيڻ وارو اُهو آهي.)

شهزادي جي شادي:

مير مائل جي بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو. جيڪو ڪنهن ٽالپر شاهزادي جي شاديءَ تي چيو ويو اهي، نالو ڏنل ڪونه آهي.

شکر خدا که اکنون از لطف خود خدا داده،
زين تازه کتخدائي خوش کام شاه داده،
شاديء شاهزاده چون شاهه سند بنمود،
يکسر بروي دوران باب فروح کشاده،
تاريخ شاديش دل با غايت فرح گفت،

8

”باداشه مبارک شاديء شاهزاده“.
1216
+8=1224 هه    ص 82

معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي قطعو، مير غلام علي خان جي شاهزادي جي شاديءَ تي چيل آهي، ڇاڪاڻ ته 1224هه ۾ اهوئي سنڌ جو بادشاهه هو.

مير مراد علي خان:

مير مراد علي خان ٽالپرن جي پهرئين چوياريءَ جو آخري رڪن هو، جنهن تي مير ڪرم علي خان جي انتقال کان پوءِ، 16 جمادي الثاني 1244هه جو، پڳ آئي.

سنڌ ۾ پهريون دفعو، مير مراد علي خان حيدرآباد ۾ سڪي ٺاهڻ جو ضرب خانو کولرايو. انهيءَ ڪارخاني جو مهتمم فتح محمد لوهار هو. مير صاحب نموني طور 40-50 اشرفيون پنهنجي نالي تي ٺاهرايون، جن کي پسند ڪري، حڪم ڪيائين ته خزاني جو سمورو سون ضرب خاني ۾ آڻي، سڪا ٺهرايا وڃن. اهو ڪم اڃان شروع ئي نه ٿيو ته مير صاحب رحلت ڪري ويو، ۽ اهو ضرب خانو بند ويو. مير مائل مير مراد علي خان جي نالي به ڪيترائي گذارشي ۽ مدحيه قطعا ۽ قصيدا چيا آهن. انهن مان چند هن هيٺ درج ڪجن ٿا.

زهي بنام نکو شهره زمين و زمان،
مراد بخش جهان مراد ياب جهان،
بود مراد علي خان مير خوش نامش،
زعون نام شريف علي بن عمران،
زبسکه هست مريد جناب آل علي،
بود مراد دلش حاصل از علي هر آن،
به اتحاد نبي و بدوستيء علي،
زهي بصدق ارادت مريد درگهه شان،
سخن شناس و سخن فهم قدردان، سخن،
غريب دوست و فقير آشنا و معنيٰ دان،
بقدر دانيء آن قدردان سخن،
غريب دوست و فقير آشنا و معنيٰ دان،
بقدر دانيء آن قدردان اهل سخن،
نهال طبع سخن مي شود ابد ربان،
چو هست کام رواي جهان بجودو سخا،
هميشه کام دلش باد حاصل از يزدان،
ز بس به درگهه او کام خواه مي آيند،
سزد که کام دل داعيان دهد ز احسان،
بدرگهش چو برات وظيفه ام کردند،
بود وظيفهء داعي دعاي وي هر آن،
بعون طالع مسعود با فروغ ازل،
دلش ز نور محمد بود ابد رخشان،
هميشه باد محمد نصير وي همه جا،
بعون بنصر الله في الهم......!
 

خدا زياد کند عمرو بخت و اقبالش!
بود ز ”مائل“ داعي همين دعا شايان.

ص 50

مير ڪرم علي خان وانگر، هي مير صاحب به علمي ذوق جو صاحب هو. پاڻ به فارسي شعر چوندو هو ۽ شاعرن جو به قدردان هو. ”محڪ خسروي“ جنهن ۾ فارسي شاعرن جو انتخاب آهي، پاڻ 1237هه ۾ مرتب ڪيائين. ”طلب مراد“ (1246هه) سندس مشهور آهي. ازانسواءِ فارسي ديوان به اٿس. سندس حڪم تي مير حسن الحسيني ”زبدة المعاصرين“ جي نالي سان هڪ ٻيو انتخاب به 1240هه ۾ تيار ڪيو، جنهن جي ديباچي ۾ انهيءَ دور جي ايراني ۽ سنڌي شاعرن جو احوال ڏنل آهي. انهيءَ ادب پروريءَ ۾ سخندانيءَ ڏانهن مير مائل مٿئين قطعي ۾ اشارو ڪيو آهي. مير صاحب 6 جمادي الثاني 1249هه جو انتقال ڪيو. ”باب باغ ارم“ مان اهو سال نڪري ٿو.

مير صاحب کي ٻه نياڻيون ۽ چار پٽ هئا، مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان. مٿئين قطعي ۾ فقط ٻن شهزادن جو نالو آيو آهي، غالباً باقي ٻه شهزادا قطعي جي تصنيف کان پوءِ ڄاوا. مير مائل جو ٻيو قطعو هي آهي.

مرا به نام تو چون اتحاد هم نامي ست،
سزد که نام تو نقش نگين دل سازم،
غلام نام علي نامدار دوران باد،
رقم بنام شريف تو اين سجل سازم،
مدام تاکه دلم ”مائل“ حق است بدعا،
دل و دهان بدعاي تومشتغل سازم.

ص 120


(1) انگريزن ۽ سنڌ جي مابين هيٺين سالن ۾ معاهدا ٿيا.

22 سپمٽبر 1758ع، محصول جي سهوليتن لاءِ ڪمپنيءَ سان ٿيو،

22 اپريل 1761ع، تجارتي سهوليتن لاءِ ڪمپنيءَ سان ٿيو.

22 آگسٽ 1809ع (1234هه)، مير ڪرم علي خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ معاهدو ٿيو.

9 نومبر 1820ع (1236هه)، مير ڪرم علي خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو،

28 نومبر 18 نومبر 1836ع (1252هه)، نئين سر عهد نامو ٿيو،

20 اپريل 1838ع (1254هه)، نئين سر عهد نامو ٿيو،

1843ع ۾، سڀئي عهدناما انگريزن پاڻيءَ ۾ پسائي سنڌ تي قبضو ڪيو.

(1) بهرام مريخ ستاري جو نالو آهي، ”جلاد فلڪ“ به ان کي چئبو آهي. بهادر انسان کي ٻن سان تشبيهه ڏبي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com