سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :14

مير مائل، انهيءَ فتح تي طولاني قطعو چيو آهي، جنهن ۾ پڻ سال 1228هه ڏنو ويو آهي.

صد شکر حق که کرد بکام دوام فتح،
زين فتح تازه سهره آفاق نام فتح،
فتحي که هست فتح عمر ڪوٽ نام او،
در افتتاح دين متين خوش بکام فتح،
فتحي که خوش بحرمتش از مدعا فزود،
فتح المبين دين بجهان احترام فتح،
فتحي که دين مير محمد عيان نمود،
در هر مکان بيار بش از اهتمام فتح،
زين فتح دين که کرد شر کفر بر طرف،
آمد بکام امت خيرالا نام فتح،
زين فتح دين که بهر شهان نظم تازه داد،
آمد مَمَد شاهيء شان انتظام فتح!
زين فتح دين که مزده ده صدفتوح ازانست،
بادا رفيق فوج شهان هر مقام فتح!
منصور حق کرم علي شاهه ذوالحشم،
کافزوده شوکت شهيش احتشام فتح،
فيروز دين مراد علي مير نامدار،
کز يمن نامش آمده حاصل مدام فتح،
آن يک بعزم رزم سليمان شکوه دهر،
وان ديگري چو آصف دوران بکام فتح،
خوشتر بعهد دولت و اقبال شان نمود،
روشن بدهر فتح عمر کوٽ نام فتح،
صد آفرين بجمله سران قشون شاهه،
بودند بسکه جمله مدار المهام فتح،
نازم که روز فتح شما قوم راجپوت،
پامال همچو نقش قدم ز اڙدهام فتح،
خاصه پحضرت شه ما ذوالکرم که داد،
باصد کرم عليش ز حق مستدام فتح،
يعني به هر وغا علي از مکرمت بداد،
در دست غازيان قشونش زمام فتح،
تا مقتداي تازه فتوحات نوشود،
اين فتح تازه آمده از حق امام فتح،
چون سال فتح، ”فتح عمر کوت“ بود عرض،
وين بيشتر بروي دعا درپيام فتح،
 

1224هه        1228=4+هه

باد اين نشان فتح کنون نيز در دعا،
معروض حضرتش به بشارات نام فتح،
تا دستگيريم ابد از مکرمت کند،
بادا به دستش از کرم شهه حسام فتح!
 

خوش در دعا بسلمہ ربہ مدام،
از ”مائل“ حق است حضورش سلام فتح.

ص 54

ٽالپرن، پنهنجي دور ۾، حڪومت ۾، سنڌ جا اهي سڀ حصا بزور شمشير وري حاصل ڪيا، جن کي ڪلهوڙن جي آخري نا اهل حڪمرانن، پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو هو. 1795هه ۾ هنن ڪراچيءَ جو شهر قلات کان واپس ورتو، جنهنکي ڪلهوڙن، خان قلات کي سندس ڀاءُ جي خون بها ۾ ڏئي ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح شڪارپور جيڪا مدت مديد کان افغانستان جي دراني حڪمرانن جي حوالي هئي، ان کي به 1824ع ۾ واپس ورتائون. سرحدي راجپوت رياستن جو هميشه کان سنڌ سان خرخسو هليو ٿي آيو، عمر ڪوٽ جي هن فتح اهو خدشو به هميشه لاءِ دور ڪري ڇڏيو.

ڀانئجي ٿو ته 1228هه جي شڪست بعد، راجپوتن دوباره عمرڪوٽ جي حدن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مير مائل جي بياض ۾ به ٻيو به هڪ قطعو ملي ٿو، جنهن مان 1235 هه جو سال بر آمد ٿئي ٿو.

بهر پنج وقت دعا خوش بنا،
   12
”دهه و دو“ امام هديٰ يار باد!
خصوصاً بفوج شه ذوالکرام،
علي بالکرم جابجا يار باد!
”به فتح عمر ڪوٽ“ از بهر سال،
ز الهام روي دعا يار باد!

1231هه        4

1245=4+1231 هه

ابد يار ”مائل“ بحق چون حق است،
دعايش به اين مدعا يار باد!

ص 127

مير مائل، ٻن قطعن کان سواءِ، هڪ طولاني قصيدو به چيو آهي، جنهن ۾ فتوحات جو ذڪر ڪندي، عمرڪوٽ جي فتح تي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي مبارڪون ڏئي ٿو.

ز تشريف جانان بجان مزده باد!
چه جان، بل به جان جهان مزده باد!
بجان جهان جاودان زين خوشي،
زخوشنوديء جاودان مزدباد!
چه خوشنوديء جاودان فتح دين،
کزين با همه مومنان مزده باد!
درين مزده ام گفت گويندهء،
ز حق از پئي مزده خوان مزده باد!
من اين مزده در مزده مي گويمت،
کزان دم بدم با شهان مزده باد!
ز تشريف جانان و از فتح دين،
بشان بر تمناي جان مزده باد!
چو شهه داد نصرت به بهراميان،
به احباب اين خاندان مزده باد!
بود صوبداري چو مخصوص شان،
بهرسو....... اوان مزده باد!
بر اين مزده که اين مزده فتح علي ست،
به آن شاهه جنت مکان مزده باد!
بکام غلام علي نام شهه،
ازين فتح نو في الجنان مزده باد!
ز شاهان پيشين به شاهان حال،
ازين فتح فرحت نشان مزده باد!
فبشر لهم من فتوحات دين،
ازين نو بشارت بشان مزده باد!
ازين نو بشارت که آمد ز غيب،
بشان باهمه دوستان مزده باد!
بشاهان ز اين مزده در مزده لم،
ز شاهنشه دو جهان مزده باد!
چو هرچاست فتح بلوچان سنڌ،
ز حق بهر اين غازيان مزده باد!
بشاهان پئي دفع هر شور و شر،
ز نو دفعئه مير خان مزده باد!
به تخريب ارباب کفر و نفاق،
ز حق بهر اين مومنان مزده باد!
ز مخذوليء کفرهء راجپوت،
بهر دم به اين مقبلان مزده باد!
بشاهان مقبول من عند حق،
ز مخذولئيء دشمنان مزده باد!
ز اعدا نشان در مکان....،
ازين نو نشان هر مکان مزده باد!
فسبحان من خذل اعدا ئهم،
ازين تازه نصرت بشان مزده باد!
ز انا فتحنا لهم فتح دين،
بشاهان اين خوش زمان مزده باد!
بود چون کرم بالعي نامور،
به آن شاهه نام آوران مزده باد!
قرين کرم چون مراد از علي،
به شهه زين مبارک قران مزده باد!
به آن هردوشه ناظم ملک سندهه،
زتنظيم اين داستان مزده باد!
ز تنظيم اين داستان دعا،
بشان از دلي را عيان مزده باد!
ازين فتح نو يمن مير محمد،
به شاهان و شهزاد گان مزده باد!
لنعم الکرام من علي العظيم،
بشه زين کرم جاودان مزده باد!
بعهدش ز ترويج دين متين،
ز مسدوديء کافران مزده باد!
همه راجپوتان خدا خوار کرد،
بشه از خواريء شان مزده باد!
بعالم پئي خواريء راجپوت،
ز تشريح اين داستان مزده باد!
به آن شير دل شاهه مقبول حق،
ز مخذولي اين سگان مزده باد!
چو نام فساد از جهان شد بشه،
ز گمناميء مفسدان مزده باد!
ز نصر من الله فتح قريب،
به آن شاهه نصرت نشان مزده باد!
به آن شاهه منصور من عند حق،
ز نعم النصير اين زمان مزده باد!
خدا گفته چون فاقتلوا المشرکين،
بشه دائم از قتل شان مزده باد!
ز اقبالش آمد چو اين کار راست،
به آن مقبل کاردان مزده باد!
ز عدلش که آباد عالم نمود،
بعالم ازان و امان مزده باد!
شنهشان ثقلين چون يار اوست،
بشاهيش از انس و جان مزده باد!
چو اخلاق آن از حق ست رسم خاص،
به آن مخلص خاص شان مزده باد!
محيط زمين است چو دوران عيش،
بدورش ز هفت آسمان مزده باد!
ز تکريمش آمد چو عالم بکام،
به آن بالکرم کامران مزده باد!
فکرم هوَ بالکرم يا کريم،
بوي زين دعا هر زمان مزده باد!
چو شغل دلم حمد حق در دعاست،
ز آمين به اين جمله خوان مزده باد!
به شه در دعاي عطاي خلف،
ز يعطي هو المستعان مزده باد!
بود مزده در مزده اين نامه ام،
بشه از همه هر زمان مزده باد!
بهر شعر و مضمون رنگين وي،
ز شعراي رنگين بيان مزده باد!
ز شيرين کلاميء اين خوش کلام،
به آن خسرو خسروان مزده باد!
 

چو ”مائل“ بحق سائل فضل اوست،
ز فضل حقش جاودان مزده باد!
 

بهاولپور ۽ ٽالپرن جي آويزش

پهرين رجب 1224هه (1809ع) جو، محمد بهاول خان، واليء بهاول پور، انتقال ڪيو، نواب صادق محمد خان ثاني تخت نشين ٿيو. محمد بهاول خان جي زماني ۾ ٽالپري حڪومت ۽ بهاولپور جا تعلقات نهايت مستحڪم ۽ شگفته هئا، انهيءَ حد تائين جو آڏي وقت ۾ هڪ ٻئي سان هميشه همدردي ڪندا رهندا هئا. تيمور شاهه جڏهن مدد خان کي بهاولپور جي لٽ ڦر لاءِ موڪليو، ان وقت مير فتح علي خان فوراً نواب ڏي همدردانه خط لکيو ۽ مدد جي آڇ ڪئي، نواب صاحب، مير صاحب ڏي شڪريي جو خط لکي  موڪليو، جو ”صادق التواريخ“ (ص 68) ۾ موجود آهي.

نواب صادق محمد خان جي دور ۾، اوچتو تعلقات ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي پئي. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ”اُچ جي هڪ آبرودار سيد ذوالفقار شاهه کي نواب محمد صادق خان تڪليف پهچائي، جنهن ڪري هو اتان ڀڄي، ميرن وٽ آيو. ميرن سفارشي خط لکي نواب ڏي موڪليس، پر خط جو ڪو اثر ڪونه نڪتو، ۽ الٽو سيد کي وڌيڪ تڪليف ڏني وئي، ٽالپرن ڪاوڙ مان طاهر محمد خدمتگار کي لشڪر ڏئي بهاولپور موڪليو، جنهن رياست جا ڪيترا ڳوٺ وڃي هٿ ڪيا. نواب مجبور ٿي ساڻس صلح، ۽ سيدن کي به سندس جاگيرون واپس ڏئي راضي ڪيو. ٽالپرن ڏانهن پنهنجو پٽ بهاول خان ثاني، بطور يرغمال جي، موڪلي ڏنائين، ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو به جنگ جي تاوان ۾ ڏنائين.“ (قديم سنڌ، ص 337).

مرزا قليچ بيگ، پنهنجي انگريزي تاريخ (جلد ٻيو، ص 211) ۾ لکيو آهي ته ”طاهر خدمتگار، شهزادي کي وٺي، جڏهن ڪشمور ۾ آيو، تڏهن اتان درياهه رستي حيدرآباد طرف روانو ٿيو، ۽ حاجي مير خان جي ٽنڊي وٽ پهچي، ٽالپرن ڏانهن، شهزادي جي اچڻ جو اطلاع موڪليائين، مير صاحب غلام علي خان، مير محمد خان کي سندس استقبال لاءِ ڏياري موڪليو، جنهن عزت سان شهزادي کي حيدرآباد آندو.“

مير حسن علي خان، سنڌ جي شاهنامي ۾ لکيو آهي ته ”مير سهراب خان، خيرپور جي واليءَ، پنهنجو لشڪر بهاولپور ڏياري موڪليو. جيڪو احمد پور وٽ پهچي، هڪ سڪل واه جي تري جو بچاءُ وٺي، جنگ جو مورچو ٺاهي ويهي رهيو. محمد صادق خان به پنهنجو لشڪر وٺي اچي آڏو ٿيو. جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ، نواب انهيءَ واهه جو منهن کولرائي ڇڏيو، جنهن ڪري ٽالپري لشڪر، پنهنجو سامان، پٽڪا، جتيون، سڀ واهه ۾ ڇڏي وٺي ڀڳو. محمد صادق خان، پٽڪن ۽ جتين جون هڙون ٻڌارائي، حيدرآباد، ٺٺوليءَ طور، موڪلي ڏنيون، جنهن تي مير غلام علي خان کي تاءُ آيو، ۽ هن پنهنجو لشڪر طاهر محمد هٿ جنگ  لاءِ ٺاهي ٺڪي موڪليو.“

جتن جو ۽ ٽوپن جو بار گران،
وجهي اٺ تي هن طرف ڪيائين روان،
اگرچه سو لشڪر نه هو مير جو،
په هو صاحب غيرت هئو نام جو،
اهو حال خاطر تي ٿيو ناگوار،
ته صادق محمد هيءَ ڪئي ڪهڙي ڪار.
 

مير صاحب، طاهر محمد سان گڏ، فقيري خدمتگار کي به ڏياري موڪليو هو)

چو طاهر فقيري کي آن شيرنر،
ڪريو خون دشمن منجهان خاڪ تر.

ص 83

مير حسن علي خان لکي ٿو ته سبزل ڪوٽ جي قلعي ۽ 12 هزار رپيا ساليانه ڍل تي صلح ٿيو، ۽ پنهنجو شهزادو به صادق محمد خان ڏياري موڪليو. طاهر خدمتگار کي، انهيءَ فتح جي عيوض، مير صاحب ”نواب“ جو لقب عنايت ڪيو، ۽ قلعداري به سندس سپرد ڪيائين.

”صادق التواريخ“ بهاولپور وارن جي نقطه نگاهه سان لکيل آهي، انهيءَ معاملي متعلق، انهيءَ تاريخ جي روايتن جو اختصار هن طرح آهي.

(1) 1224هه/1809ع ۾، فضل علي خان هالاڻي (هالي پوٽو) ۽ مير اسلام خان، مير سهراب خان ڏانهن دانهن کڻي آيا ته نواب سندس ناحق علائقو ضبط ڪري ڇڏيو آهي، سو مهرباني ڪري کين وٺي ڏنو وڃي.

(2) مير سهراب خان انهن جي حالت کان متاثر ٿي، پنهنجي جرنيل، سيد گولي شاهه (روهڙيءَ واري) کي لشڪر سميت موڪلي ڏنو، انهيءَ پيش قدميءَ کي روڪڻ لاءِ نواب صادق محمد خان پنهنجي وزير ۽ سپهه سالار، نصير خان گورگيچ، ۽ فتح محمد غوريءَ کي ڏياري موڪليو.

(3) ساڳئي وقت، نواب، نور محمد خان نمبردار کي مير غلام علي خان ڏي مير سهراب جي پيش قدميءَ جي شڪايت سان، ڏياري موڪليو، مير سهراب خان به پنهنجو ماڻهو موڪلي حملي جي نوعيت ۽ حقيقت کان آگاهه ڪري مير غلام علي خان کان امداد طلب ڪئي، مير صاحب کائنس تي غور ڪرڻ بعد، نواب ولي محمد جهڙي مدبر سياستدان ۽ تجربيڪار امير کي ڪجهه لشڪر ڏئي روانو ڪيو، ۽ مير سهراب ڏي چورائي موڪليائين ته جنگ جي بجاءِ جيڪڏهن معاملو صلح سان طي ٿي وڃي ته بهتر آهي.

(4) ولي محمد خان لغاري سر زمين تي پهچي، مير نصير خان گورگيج کي چورائي موڪليو ته معاملي کي صلح سان طئي ڪرڻ بهتر آهي، اوهان جي طرفان جسونت راءِ، جيڪو اڳ حيدرآباد ۾ بطور وڪيل جي آيو هو، اچي مون سان ڳالهيون هلائي مير نصير خان گورگيچ، فوراً جسونت راءِ کي ڏياري موڪليو، ڳالهيون ٻولهيون هليون ليڪن صلح ٿي نه سگهيو.

(5) ولي محمد خان ۽ سيد گولي شاهه پيش قدمي شروع ڪري ڏني، سندن خيال هو ته محمد پور تي حملو ڪجي، گورگيچ پنهنجا سپاهي فوج کي روڪڻ لاءِ محمد واه تي ڏياري موڪليا، 11 شوال 1224هه (1809ع) جو ولي محمد خان ۽ گولي شاهه اهو پاسو ڇڏي، بهاولپور جي ويجهو اچي مورچو ٺاهيو، ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا جنهن ۾ طرفين جا ڪيترا ماڻهو ماريا ويا، آخر فيصلو ٿيو ته نواب ولي محمد خان ۽ مير نصير خان پاڻ ۾ گڏجي صلح جا شرائط طئي ڪن، چنانچه 12 شوال جو ٻئي سپهه سالار پاڻ ۾ گڏيا.

(6) نواب ولي محمد خان نهايت عقلمند ۽ زبردست مدبر هو، مير گورگيچ کي ڳالهائڻ ۾ هن ايترو مجبور ڪري ڇڏيو جو آخر هن نواب ولي محمد خان جا پيش ڪيل سڀئي شرط قبول ڪيا.

(7) 6، ذيقعده 1224هه جو، شهزادو رحيم يار خان، خير محمد گورگيچ ۽ مولوي شير عليءَ جي معيت ۾ حيدرآباد پهتو، جتي ٽالپرن کيس شايان شان عزت آبروءَ سان رهايو، ۽ هر طرح سان سندس خاطر مدارات ڪندا رهيا. تان جو 22، محرم 1225هه جو شهزادو يرغمال جي مدت پوري ڪري، احمد پور شرقيه، پنهنجي والد وٽ پهتو.

مير مائل، انهيءَ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ تي هڪ قطعو چيو آهي، جنهن جو عنوان آهي. قطعه در مبارک بادي و تاريخ فتح بلوچان و شکست فوج محمد صادق خان دائود پوتره، و آوردن پسر او در حصور برسم يرغمال، مرتبهء اوليٰ“.

بحمد الله که آمد از شهه دين،
ز فتح او دل شهه کرد خوشنود،
شه از نو درمبارک باد اين فتح،
بروي دهرباب عيش بکشود،
شه سند آن سکندر جاه وجم بخت،
که عون شاهه جاه و بخش افزود،
غلام نام شه شاهي که آمد،
غلام هر ايازش صد چو محمود،
 

يکي زان خسرو بزم کرامت،
که آمده از کرم رونق ده جود،
دگر نام آور از حسن ارادت،
که بخشد هر مرادش را علي زود،
چو در تائيد فوج مير سهراب،
که بي تائيد ابن سو بود بي سود،
از امداد قشون فاتح شان،
ز ارشاد فتوح بخت مسعود،
بسرداريء نواب نکو نام،
که نامش از خطابش باد مشهود،
بعزم شاهيء جزم توکل،
روان زين سوقشون فتح بنمود،
و ازان سو نيزپو خان بهاول،
که صادق با محمد نام او بود،
به ارشاد نصير آن خان گرگيچ،
به امداد دگر اقوام مردود،
بهمراه اخ و خانان ديگر،
روان پئي هم بسي افواج بنمود،
ازين سو جمله پاک اندر ارادت،
وزان سو هرهمه زين فيض مترود،
ازين سو جمله ثابت در محبت،
وزان سو جمله چون ”اصحاب اخدود“،
ازان سو جمله نيک از فيض خلت،
وزان سو جمله بد چون آل نمرود،
ازين سو جمله در پيکار دل شاد،
و ازان سو جمله زين دهشت غم آلود،
ازين سو جمله خوشدل عازم جنگ،
و ازان سو جمله..........،
چو افتادند باهم دل تقابل،
ز صلح و جنگ چندي گفتگو بود،
ولي بلاآخرت فوج دو جانب،
ز ارض اندر سماوات آتش و دود،
ز ضرب شلف شان گرچه آنروز،
بيامد کوشش بلوچ بي سود،
ولي از تاب شمشير بلوچان،
چو خائف بود فوج خصم مردود،
نموده درميان سادات مصحف،
امان خواه آمدند از فوج شهه زود،
درين بازي عدو را ديده شش پنج،
چنين نقش دو شش زد نرد مقصود،
که از ياريء حق افواج نصرت،
جنود خصم را بنموده نابود،
گرفته پور خان و چند سردار،
برسم يرغمال از خان مطرود،
بخرج لشکرو عهد اطاعت،
رسانيدند خود را پيش شهه زود،
.................... دل از دست،

بغارت رفته يک سر ملکش از جهل،
ز جهلش ديده آخر ملکش اين سود،
خرد تاريخ اين نو فتح دلخواه،
”زهي دلخواه اين به فتح“ فرمود،
”مبارک آمد اين نصرت ز حق“ باز،
دلم تاريخ اين نو فتح پيمود.
 

1224هه

مبارک باد اين فتح خدا داد،
بکام جمله شاهان ذوي الجود!
ز جودت باد يارب عشرت و فتح،
ببزم و رزم شان پيوسته برجود!
بظل مکرمت خوش ”مائل“ حق،
ابد ز اکرام شاهي باد خوشنود!
 

هيٺيان ٻه قطعا به انهيءَ جنگ جي تاريخ ڏين ٿا.

(2) زين فتح نوکه کرد شثون شهان سند،
رفته از زمين بگوش فلک جون پيام فتح،
روح المقدس بروئي اِمل بهر سال آن،
گفته ”بلند باد به اين فتح نام فتح“.
 

1       1224=1223+1

(3) چونکه با فوج شبان بروفق خواهش دل،
داد از ياريء اقبال چنين فتح خدا،
سال اين فتح چنين جلوه گر آمد ز دلم،
”آمد اين فتح به اقبال شهان جلوه فزا“.

1224هه        ص ج

مٿئين قطعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته بهاول پور وارن مصحف ۽ سادات وچ ۾ ميڙ طور آندا هئا، ۽ شهزادي کان سواءِ چند سردار به يرغمال طور ڏنا هئائون. ”صادق التواريخ“ فقط ٻن سردارن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي سمجهڻ گهرجن ته همرڪاب ٿي نه آيا هئا، بلڪ يرغمال ۾ حيدرآباد پهتا. مرزا قليچ بيگ ۽ مير حسن علي خان فقط انهيءَ هڪ جنگ جو احوال سرسري طور ڏنو آهي، ليڪن مير مائل جي بياض مان هڪ قطعي جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ٻن سالن بعد، 1226هه ۾ وري ٻيهر سنڌ ۽ بهاولپور جي آويزش ٿي، ۽ ان جي تصديق ”صادق التواريخ“ مان به ٿئي ٿي.

بهاولپور سان ٻي جنگ:

ٻيءَ جنگ جا اسباب ”صادق التواريخ“ جي ذريعي هيٺئين طرح معلوم ٿين ٿا.

(1) شهزادو رحيم يار خان، 23، محرم 1225هه جو سنڌ مان موڪلائي، پنهنجي رياست ۾ وڃي پهتو. بهاولپور جي سرحدي محافظن، ڪجهه عرصي بعد، مير سهراب خان سان مخفي طرح تعلق پيدا ڪيو. پنهنجي نواب سان هنن جي شڪر رنجي ٿي. مير صاحب کي هنن آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هو کين معقول صلو ڏيندو ته هو بهاولپور جي سرحدي علائقن تي سندس قبضو ڪرائي ڇڏيندا.

(2) نصير خان گورگيچ جيڪو رياست جو نه فقط وزير اعليٰ، سپهه سالار ۽ مدار المهام هو، بلڪ نواب جو به لاڏلو امير هو، سو به نواب صاحب کان نا خوش ٿي پيو. هن به، صالح افغان جي ذريعي، مير سهراب خان ڏانهن خفيه خط موڪليو، جنهن ۾ بهاولپور تي حملي ڪرڻ جي آڇ ڪيل هئي. مير گورگيچ هڪ طرف مير صاحب ڏي خط لکيو، ٻئي طرف پنهنجي رازدار دوستن جهڙوڪ فتح محمد غُريءَ، احمد خان افغان، غلام قادر ۽ ڌمان سنگ کي، جيڪي رياست ۾ وڏن وڏن عهدن تي هئا، گهرائي کين سمجهايو ته جڏهن ٽالپرن جو لشڪر سرحد تي پهچي، ان وقت هو پاڻ ته ٻاهر ٻچا وٺي فوراً سنڌ ڏانهن هليو ويندو، پٺيان اهي امير ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪري، نواب کي تخت تان لاهي صاحبزادي رحيم يار خان کي مسند نشين ڪري ڇڏين.

(3) ٽالپرن، اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاڻي، پنهنجو لشڪر موڪلي ڏنو. مير مبارڪ ۽ سيد گولو شاهه، خيرپوري لشڪر جا مهندار هئا، ۽ نواب ولي محمد خان، ۽ مير هالو خان ٽالپر، حيدرآبادي لشڪر جا سردار هئا. ٻئي لشڪر پيش قدمي ڪندي، صادق آباد تائين پهچي ويا. نصير خان جي طرفان رياستي لشڪر کي حڪم مليل هو ته هو ڪٿي به ٽالپري لشڪر سان مزاحمت نه ڪري، جنهن ڪري نهايت آرام ۽ اطمينان سان، سنڌ جي لشڪر، صادق آباد تائين قبضو ڪري ورتو.

(4) نواب صاحب، فتح محمد غوريءَ ۽ محمد يعقوب بخشيءَ کي فوج ڏئي، مقابلي لاءِ موڪليو، مير گورگيچ جي سازش کان نواب قدري واقف ٿي چڪو هو، جنهن ڪري هن کي پاڻ وٽ روڪي وهاري ڇڏيائين. نواب نيڪ دل هو، سو گورگيچ، هيٺاهيون مٿاهيون ڏيکاري، آخر موڪل ورتي، ۽ دربار مان نڪري اچي لشڪر سان مليو، ۽ پنهنجي ڀاءُ، گل محمد، کي ٽالپري لشڪر ۾ موڪلي، کين چورايائين ته هو ٻيڙين جي ذريعي مٿان مٿان احمد پور شرقيه پهچي وڃن، تنهن تي، ميرن پنهنجي خير انديش جي مشوري مطابق احمد پور جو رخ رکيو.

(5) فتح محمد غوري، نواب جو لشڪر وٺي، احمد پور روانو ٿيو. نواب جڏهن احمد پور ڏي دشمن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن پاڻ وڃي ديراوڙ جي قلعي ۾ ويهي رهيو. نصير خان، ٽالپري لشڪر ڏي نياپو موڪليو ته ميدان صاف آهي، تنهن ڪري بنا هٻڪ جي اُچ کان ٿيندا، رضا محمد موساڻ جي ڳوٺ ۾ پهچي وڃو. چنانچه، ميرن جي لشڪر اتي پهچي مورچي بندي شروع ڪري ڏني. نصير خان، ڏيکاءَ خاطر، لڙائيءَ جي تياري ڪئي، ۽ ٽن ڏينهن تائين معمولي طرح مقابلو به ڪندو رهيو، ليڪن اندرون اندر هن هر طرح ٽالپري لشڪر کي تقويت پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، تان جو مير مبارڪ جا دستا مشرقي علائقي ۾، قائم پور تائين، پهچي ويا.

(6) انهيءَ موقعي تي، نصير خان ٻارن ٻچن کي سنڌ موڪلي ڇڏيو، ۽ پاڻ به ڀڄڻ جي موقعي جو منتظر رهيو. جڏهن ٽالپري لشڪر جي گهڻي ڀاڱي رياست تي قبضو ٿي ويو، تڏهن نواب ششدر ٿيو. نصير خان گورگيچ ڏانهن نياپو موڪليو ته هاڻي سواءِ پيش پوڻ، آڻ مڃڻ ۽ صلح صفائي ڪرڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونه آهي، صلح جي حالت ۾ وري به صاحبزادي رحيم يارخان کي يرغمال ۾ ڏيڻو پوندو. نواب، ٻي ڪابه واهه نه ڏسي ڏانهنس چورائي موڪليو. ”منظور فرموديم اگرچه مصلحت نديديم.“

(7) 12 محرم 1226هه (1811ع) جو، صاحبزادو رحيم يار خان، ٻيهر سنڌ ڏي بطور يرغمال جي بهاولپور مان روانو ٿيو، مولوي شير علي، مير حافظ گل محمد پرجان، به ساڻس گڏ آيا.

مرزا قليچ بيگ، هن ٻيءَ جنگ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي پهريئن جنگ جي سلسلي ۾، سبزل ڪوٽ جي ملڻ جو واقعو بيان ڪري ٿو، جيڪو پهريون حيدرآباد وارن جي قبضي ۾ رهيو، ۽ پوءِ حيدرآباد وارن، خيرپور جي حوالي ڪيو.

مير مائل، هن ٻيءَ جنگ تي به قطعو چيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن پوئينءَ جنگ ۾ ٽالپرن کي، تاوان جي طور، ٻه قلعا مليا. هن قطعي جو ڪجهه حصو ضايع ٿيل آهي، پهريان چار شعر ڦاٽي ويا آهن، ۽ عنوان هن طرح اٿس، قطعه در مبارک باد تاريخ فتح بلوچان و شکست محمد صادق خان دائود پوتره، و گرفتن دو قلعه او بمعه خرچ لشڪر و آوردن پسر او در حضور برسم يرغمال، مرتبهء ثاني.“

شکرلله که خوش بفتح و ظفر،
يمن امداد ايزدي منان،
فوج شاهان سند گردون فر،
صاحب شوڪت و حشمت و شان،
شاهه سنڌ آن غلام نام علي،
....................... عنايت خان،
 

کرده در ملک وي نزول اجلال،
ساخته جمله ملک وي ويران،
يرغمال و دو قلعهء مضبوط،
که رسيدند در تصرف شان،
با عهد و اداي خرچ قشون،
آن چه انجام بابد از شاهان،
به طمانيت کلام مجيد،
بگرفته ز خان روگردان،
فتح ياب آمده بجاه و جلال،
بارک الله همت مردان،
بارک الله که درهمه آفاق،
کرد اين فتح نام فتح نشان،
سال اين فتح هاتفم فرمود،
”فتح ياب آمده جيوش شهان“.

1226هه

مٿئين قطعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٻن قلعن سان گڏ تاوان جنگ جو، خرچ جي صورت ۾ به ورتو ويو، ۽ ڪلام مجيد وچ ۾ ڏئي بهاولپور وارن آئنده لاءِ پنهنجي روش متعلق اطمينان ڏياريو.

مرزا قليچ بيگ، مير حسن علي خان، خواه ”صادق التواريخ“ وارن جيڪي اسباب بهاولپور تي چڙهائيءَ جا بيان ڪيا آهن، تن ۾ هڪ ته اختلاف آهي، ان کان سواءِ اهي ايترا ڪمزور آهن، جو سنڌ وارن کي انهن سببن ڪري بهاولپور تي يلغار ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونه ٿي پهتو. اسان جي خيال ۾ ٽالپرن لاءِ ضرور ڪي قوي سبب پيدا ٿيا هوندا، جن جي تحقيق ڪرڻ لازمي آهي.

انهيءَ سلسلي ۾، محمد اعظم بن مولوي محمد صالح اسدي الهاشميءَ جي تاريخ، ”اقبال نامهء سعادت آيات“ جو مطالعو مفيد ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مصنف 25-1226هه ۾ بهاولپور جي طرفان انهيءَ سلسلي ۾ ٽالپرن جي دربار ۾ پهتو هو، ۽ هن سمورا واقعات تفصيل سان پنهنجي تاريخ ۾ ڏنا آهن، افسوس آهي جو هن مضمون لکڻ وقت اهو ڪتاب مهيا ٿي نه سهگيو.

ٺٽي جا هندو ۽ مسلمان:

سنڌ جا ٽالپر حڪمران، مذهبي تعصب ۽ ديني جهيڙن جهڳڙن کان بلڪل پاڪ صاف ۽ پري هوندا هئا. مذهبي تعصب کان انهيءَ حد تائين لاتعلق هئا، جو هنن پنهنجي خاص عقيدي کي به زور زبردستيءَ، يا حيلي حوالي سان فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. اهو طريقو نه فقط مرڪزي حڪمرانن جو هو، بلڪ ميرپورخاص ۽ خيرپور وارن به انهيءَ طور طريقي تي پاڻ کي هلايو. خيرپور وارن جي تخت نشينيءَ جون ته سموريون رسمون کهڙن جا سني مخدوم بجا آڻيندا هئا، ۽ انهيءَ حد تائين ٽالپر، مخدومن تي پاس خاطر ڪندا هئا جو کهڙن جي ڳوٺ ۾ محرم جو ماتم به سرڪاري طرح ممنوع هو.

اهوئي سلوڪ ٽالپرن جو پنهنجي هندو رعايا سان هو. ديوان آوتراءِ ملڪاڻي لکي ٿو ته ”سندن صاحبيءَ ۾ مسلمان هندن کي مذهب نسبت ڪونه ستائيندا هئا“، (سنڌ جا ٽالپر، ص 41). هندن جي حالت، ٽالپري دور ۾، ڪن حالتن ۾، مسلمانن کان به وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط هئي. مذهبي، معاشرتي ۽ تمدني آزادي کين مسلمان رعيت کان زياده هئي. انهيءَ وقت جي علمائن انهيءَ سلسلي ۾ چند رسالا لکيا آهن، جن مان هندن جي حالت جو پورو پورو اندازو ٿي سگهي ٿو. علما جو طبقو بيحد ناراض هو ته هندن کي ايتري آزادي ڇو ڏني وئي آهي جو هر لحاظ سان مسلمانن تي فوقيت حاصل ڪري ويا آهن. ”وياج عام جام کائين ٿا، شراب نوشي کلم کلا ڪن ٿا، نماز جي وقت ڄاڻي واڻي ناقوس وڄائي، نماز ۾ خلل وجهن ٿا، سمورا سرڪاري عهدا سندن هٿ ۾ آهن، جتي کين وڻي ٿو اتي پنهنجا بت خانا ٺاهيندا وتن ٿا، مسلمان شريفن جي محلن ۾ پڪيون عمارتون ايتريون بلند ٺاهين ٿا جو مسلمانن جي گهرن ۾ سندن نظر پوي ٿي. هٿيار پنهوار هميشه ٻڌايون وتن ٿا. راڳ، ناچ، گانا هر وقت سندن محفلن ۾ ٿين ٿا. مسلمان غلام هو خريد ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪو خوشيءَ سان هندو مسلمان ٿئي ٿو ته ان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. مسلمان قاضي جيڪڏهن اعتراض ٿو ڪري ٿو ان کي ايترو تنگ ڪن ٿا جو هو اتان لڏي جند ڇڏائي ٿو چنانچه مخدوم محمد ابراهيم جي پنهنجي چوڻ موجب، خود هو پاڻ هندن جي خصومت کان ٺٽو ڇڏي ڪراچيءَ لڏي ويو“(؟!)

بهرحال انهيءَ ذڪر ڪرڻ مان مطلب هي آهي ته ٽالپر پنهنجي سر مذهبي جنگ و جدل کان قطعي پرهيز ڪندا هئا، انهيءَ حد تائين جو خود ڪن مسلمان علمائن کي سندن انهيءَ پاليسيءَ سبب سخت شڪايتون پيدا ٿيون، ۽ ايترو گرما گرم بحث شروع ٿيو جو ان معاملي تي 4-5 رسالا لکجي ويا.

ٺٽو هندن جي اثر سوخ جو وڏو مرڪز هو، ۽ ساڳئي وقت ٺتي ۾ مخدومن، قاضين ۽ ساداتن جو به زور هو. هندو رهڻيءَ ڪهڻيءَ، پيسي پاڻيءَ، جاءِ جڳهه، ۽ اثر اقتدار ۾ وڌيل هئا، ۽ مسلمان هرلحاظ سان پٺٽي پيل، ليڪن مذهبي معاملن ۾ نهايت متشدد هئا، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي فرقن جي مابين دلين ۾ لڪيل اختلاف ظاهري جهيڙي جهڳڙي جي صورت به اختيار ڪندا هئا.

مير مائل جي بياض ۾ چند قطعا ۽ ڪجهه قصيدا اسان کي ملن ٿا، جن مان انهن اختلافن جو پتو پوي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته هڪ نوجوان هندو، پنهنجي رضا خوشيءَ اسلامي تبليغ جي زد ۾ اچي ويو، مسلمان خوش ٿيا، هندن ۾ هيجان اچي ويو. مير مائل انهيءَ واقعي تي نه ڇڙو پاڻ خوش ٿيو، ملڪ جي واليءَ کي به اسلام جي انهيءَ فتح تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.

1. مبارک باديء اين تازه مسلم،
بود عرض شهه صدر کرامت،
شهه ما آنکه از صد گونه اکرام،
با قبال ابد بادا سلامت!

ص 100

2. خوش ايزد رونق اسلام افزود،
سلام الله عليٰ من اسلم است اين،
بشاه ذوالکرم از بارک الله،
مبارک باديء نو مسلم است اين!

ص 100

ڀانئجي ٿو ته هندن انهيءَ نو مسلم کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تي ٺٽي جي مسلمانن ۾ سخت اضطراب پيدا ٿيو. ميرن جي طرفان ٺٽي تي جيڪو ڪاردار هو، اهو به هندن جو حمايتي هو. مير مائل، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ گذارشي قطعو ٽالپر حڪمران جي خدمت ۾ موڪليو، جنهن جو عنوان هي آهي. ”قطعهء گذارش درهجو کاردار نابکار، هنگام اسلام نو مسلم و شهادت او از دست کفار فجاره و حمايت وي.“

اين نا بکار نوکہ شده کار دار شهر،
در کربلاي تته کم ازين زياد نسيت،
او خصم آل بوده و اين خصم آل و دين،
کارش بال ودين همه جز عناد نيست،
کاري که رفتہ است زبد کاريش بدين،
والله که طبق نص کم از ارتداد نيست،
با مصطفا است از ستم اين رجيم داد،
کزداد ظلميش بکس از خوف ياد نيست،
بايد بشب بقوم ثمودش درست کرد،
اين کهوکهر خبيث که از قوم عاد نيست،
مي گويد اوکه، حکم شهان بهرمن چنين ست!
والله بکس بر اين سخنش اعتماد نيست،
بر حرف مفسدان نه سزد گاه اعتماد،
زين افترا چو ماحصلش جز فساد نيست،
شد شهر تته شهر محن ز زانکه زين اداش،
جز اهل کفر هيچکس از شهر شاد نيست،
فرض است برشهان زمان داد اين ستم،
چون اين زمان بجز در شان جاي داد نيست،
بايد نمود جهد به تخريب اهل کفر،
با اهل کفر چون ره شان جز جهاد نيست،
يا رب... لهم عملاً من ولاي دين،
خوش غير ازين وظيفه بزاد المعاد نيست،
بادا دعاي خوبيء شان ورد اهل حق،
چون جز دعا به ”مائل“ حق هيچ ياد نيست!

ص 120

ٺٽي جو ڪاردار کوکر ذات جو هو. شهر ۾ جيڪا پاليسي هو هليو ٿي، تنهن لاءِ هن مسلمانن کي ٻڌايو ٿي ته ائين ڪرڻ لاءِ هنکي سرڪار جو حڪم مليل آهي، جنهن تي مير مائل جو قول آهي ته هن جي انهيءَ قول تي مسلمانن کي ڪوبه اعتبار ڪونه آهي، ليڪن سندس انهيءَ غلط ۽ ظالمانه روش جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو:

شد شهر تته شهر محن زانکه زين اداش،

جز اهل کفر هيچکس از شهر شاد نيست،

فرض است بر شهان زمان داد اين ستم،

چون اين زمان بجز در شان جاي داد نيست.
 

مير مائل هندن سان هيٺئين سلوڪ ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو.

بايد نمود جهد به تخريب اهل کفر،
با اهل کفر چون ره شان جز جهاد نيست.
 

انهيءَ ڪاردار تي مير صاحب ٻيو به هڪ قطعو چيو آهي.

در عهد عدلت اي شه نوشيروان عهد،
وين ظالم خبيث دل خلق بسته است،
بک دل شکست نيست که گويم ز حال او،
ظلم فلاني است که صد دل شکسته است.

ص 126

معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي مسلمانن جي دانهن جي، ٽالپري درٻار ۾، داد رسي ٿي ۽ انهيءَ ڪاردار جي اتان بدلي ٿي وئي. هيٺئين قطعي مان اهوئي قرينو ڪڍي سگهجي ٿو. عنوان آهي ”قطعه شکر گذاري درستيء کار.“

نازم بداد بخشيت اي شاه ذوالکرم،
کز داد بخشيء تو جهان ز ظلم رست،
زين داد بخشيت که جهان ست بشکر آن،
با عدل و داد مکرمتت تازه بندوبست،
کي مي شود درست بجز بيخ بشکني،
از فرط ظلم آن که دل مرد مان شکست،
هر خاص و عام شهر به اين داد بخشيت،

برداشت سوي حق زدل اندر دعا دودست،
يا رب بکام ”مائل“ حق باد دائما،
خوشنود با کرامت اين شاهه حق پرست!

ص 100


(1) فقيرو، مير صاحبن جو خاص ملازم هو، فقير جو پڙ انهيءَ جي نالي تي حيدرآباد ۾ آهي.

(1) انهيءَ مصنف جا انهيءَ سلسلي ۾ هي ڪتاب به ڏسڻ گهرجن. ”مقصوداعظم“ ۽ ”جواهر عباسيه“.

(1) هن مسئلي تي هيٺيان ڪتاب پڙهڻ گهرجن، جن مان ان زماني ۾ هندن جي حالت جو ڪنهن قدر اندازو ٿي وڃي ٿو. 1. اماطة اذي البيدعن طريق جواز استعمال اموال الکافر العنيه، تصنيف مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، 1209هه، 2. نشر حلاوي المعارف والعلوم في الرد علي من نصر الکفارو اهل الرسوم، مخدوم محمد ابراهيم، 1210هه، 3. دماج المغنم، مخدوم محمد ابراهيم، 1209 هه 4. ذب الظلمه عن مال اهل الذمه، مخدوم محمد صادق، شاگرد ملا عثمان بن ٺارو، 1209هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com