سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ  2/  1955ع

غلام محمد گرامي

گذارش

آزادي

چوڻي آهي ته ”مينهن وسندا، ته چڪون به ضرور ٿينديون.“ تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش، پنهنجي مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو ڀانيوسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون جيڪي مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهيءَ سيلاب ۾، ڪي لٽجي ۽ پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر ته بنهه ختم ٿي، لڙهي هليون وينديون، ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ ڀريون پنکڙيون، چونڊڻ چپوٽڻ سان به، ٻيهر شايد اسان جي پلئي ڪڏهن به پئجي ڪين سگهن!

پر چڪن سان گڏ، نيئن زندگيءَ جو نئون پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي آهي! سمنڊ ۾ سپون، بيابانن ۾ کاڻل تتل واريءَ جا دڙا، ۽ بستين ۾ ڍور ڍڳا، پکي پرندا ۽ هاري ناري به ته انهيءَ آب حيات مان پنهنجون اُڃون لاهي، حياتيءَ جا ثمر حاصل ڪندا آهن! ساڳيءَ ريت، آزاديءَ ملڻ سان ئي ڏٺوسين ته چوڌاري، سنڌي ادب جا سوين سيڪڙائون، نون ارادن ۽ نون امنگن سان، پنهنجا پنهنجا ساز سامان سينگاري ۽ صاف ڪري، ميدان تي نڪري آيا، سنڌي ادب جي ويران ۽ لهسيل باغ کي ٻيهر سرسبز ۽ شاداب بنائڻ لاءِ ڪيتروين ئي رس ڀريون ڪچهريون ۽ مدبرانه مجلسون ڪٺيون ٿيون، ۽ هر ڪو، هند توڙي سنڌ ۾، پنهنجي پنهنجي منهن ۽ پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي باغبانيءَ ۾ دل جان سان جنبي ويو، ايتري قدر جو ترت ئي اسان جا ڏولاوا ڏور ٿي ويا، ۽ اسان کي فقط اهو خوف نه رهيو ته سنڌي ٻولي ۽ ان جو بيش بها ادبي خزانو ڪڏهين ڪو ناپيد ٿي ويندو، پر دلين ۾ اها اميد پڻ اسرڻ لڳيسون ته جيستائين سنڌي مائرون، پنهنجن معصوم مٺڙن ٻارن کي، پنهنجين محبت ڀرين هنجن ۾، سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون ڏينديون رهنديون، تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي ٻولي، ۽ ان جي ادب جا پر بهار گل ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ، جيئن پوءِ تيئن زياده اُڀرندا ۽ اُسرندا، وڌندا ۽ ويجهندا ئي رهندا.

”ون يونٽ“

آزاديءَ جي وسڪاري کان پوءِ، اڄ وري اسان جي ملڪ ۾ ٻيهر آسمان آگميو آهي، کنوڻيون کڙيون آهن، ۽ ڀريل بادل بنهه برسڻ وارائي آهن. مغربي پاڪستان يعني بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جي، هڪ ”وحدت“ قائم ٿي رهي آهي. مينهوڳيءَ ۾، سنڌ جا ڌنار پنوهار ۽ هاري ناري، وسندڙ آسمان ڏانهن نهاري، ”ڀيڄ، مولا! ڀيڄ“ به پيا ڪندا آهن، ته وڄن جا چمڪاٽ ۽ گوڙين جا ٽڙڪاٽ ٻڌي، پنهنجن ٽمندڙ ٽوئن ۽ جهرندڙ جهوپڙين ۾، خوف وچان، ڀنل پکيڙن وانگر، مٿرا لڪايو، ”الله صمد، الله صمد“ به ويٺا پڙهندا آهن! سنڌ ۾ ”ون يونٽ“ جي مخالفن توڙي حمايتين جي به اڄ اها ساڳي حالت آهي. چوڌاري، دلين ۽ اهي اڊڪا ٿي بيٺا آهن ته هاڻي، اسان جي، ادب، اسان جي ثقافت، ۽ اسان جي ٻوليءَ جو ڇا ٿيندو!

1860ع ۾، جڏهن اٽليءَ جو ملڪ، فرانس، آسٽريا، سپين ۽ نيپلس جي گڏيل فوجن فتح ڪيو، تڏهن، اٽليءَ جي هڪ لاثاني محب وطن، گئري بالڊيءَ، کان پڇيو ويو ته ”هاڻي، اٽليءَ جو ڇا ٿيندو؟“ تڏهن جهٽ هن ورندي ڏني ته ”ملڪ منهنجو ويو، ته نيٺ وري پوندو: منهنجي ٻولي شل مون کان نه وڃي!“ اڄ، اسان جي حالت، گئري بالڊيءَ جي اٽليءَ جهڙي ته نه آهي: نه اسان جو ملڪ ٿو اسان جي هٿان وڃي، ۽ نه اسان جي ٻولي ئي ٿي اسان کان کسجي. ”ون يونٽ“ اسان جي پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ حصي جي ”وحدت“ آهي- ٻئي ڪندي، اها ”وحدت“ هڪ سياسي ۽ انتظامي وحدت آهي: ۽ انهيءَ نقطي نگاه کان مغربي پاڪستان ته ڇا، پر سمورو پاڪستان، مغرب وارو توڙي مشرق وارو، هڪ ئي ”سياسي وحدت“ جو درجو رکي ٿو. ائين برابر آهي ته ملڪ جي هيءَ سياسي وحدت، جيئن ٻين يونٽن جي موجودگيءَ ۾ قائم رهي سگهي ٿي، تيئن ان جي هڪ يونٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ صوبن جي موجودگيءَ ۾ قائم رهي سگهي ٿي، تيئن ان جي هڪ يونٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ صوبن جي موجودگي به ان کي ٽوڙي نٿي سگهي پر جيڪڏهن اڄوڪن ويهارو کن جمهوريت نا آشنا صوبن ۽ رياستن کي ملائي، انهن جو هڪ ئي انتظامي مرڪز قائم ڪيو ٿو وڃي، ته ان مان آخر ڪنهن تهذيب، ڪنهن ثقافت، ڪنهن ٻوليءَ ۽ ان جي ادب کي، ڪنهن نقصان جو انديشو ڇو پيدا ٿئي؟ مغربي پاڪستان جي هن خالص ”انتظامي وحدت“ جي هيءَ معنيٰ ته هرگز نه آهي ته اتي بلوچ، پٺاڻ، پنجابي ۽ سنڌي ٻولين ۽ ثقافتن جو ڪو مستقل ۽ علحدو وجود ئي ڪونهي! ائين وسهڻ ۽ ائين چوڻ ٿيندو ڄڻ سج جي تڙڪي کي کاريءَ هيٺان لڪائي وٺڻ جي دعوا ڪرڻ. جيڪڏهن يونائٽيڊ اسٽيٽس، روس، چين، برطانيه، ڪئناڊا، سئٽزرلنڊ وغيره جهڙا عظيم ملڪ، پنهنجي، پنهنجي جڳهه تي، هڪ قومي وحدت هئڻ هوندي به، انتظامي لحاظ کان توڙي ثقافتي ۽ لساني حيثيت ۾، سچ پچ هڪ کان وڌيڪ رياستن، ٻولين ۽ قوميتن جا مجموعا آهن، ته عين ممڪن آهي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ، جڏهن اسان ۾ جمهوريت جي شناس ۽ ان جي صلاحيت پيدا ٿئي، تڏهن خود ان زماني جي ملڪي انتظام لاءِ لازمي ٿي پوي ته، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خصوصيتين کي خيال ۾ رکندي، ٻيهر هتي بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ جون مڪاني خود حڪومت جمهوريتون ٺاهيون وڃن، ۽ اهڙيءَ طرح لفظ ”پاڪستان“ جي اصلي تصور مطابق، صالح ۽ صحتمند ”ڪثرت“ جي بنيادن تي، اسان جي وطن پاڪ جي به هڪ، واقعي حقيقي معنيٰ ۾، مضبوط، لافاني ۽ عظيم ”وحدت“ قائم ٿي وڃي. اسان هاڻي به پاڪستاني آهيون، ۽ پوءِ به پاڪستاني ئي رهنداسون. پر جيئن هندو، ڪرستان، پارسي ۽ مسلمان هئڻ سان گڏ، اسان کي ڪو پاڪستاني ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي، تيئن پاڪستاني هئڻ سان گڏ، نه هاڻي ئي اسان کي ڪو بلوچ، پٺاڻ، پنجابي، بنگالي ۽ سنڌي هئڻ کان روڪي ٿو، ۽ نه آئنده ئي ڪو روڪي سگهندو.

سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آهن. ”مهراڻ“ جي اڳئين اشاعت ۾ هڪ هنڌ اسان چيو هو ته ”سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت ۾ ڪي اهڙيون امتيازي خوبيون موجود آهن، جيڪي جيڪڏهن گم ٿي وڃن، ته انهن جي پورائي يا تلافي ڪنهن به ٻئي ملڪ، ڪنهن به ٻيءَ قوم ۽ ڪنهن به ٻيءَ ثقافت هٿان ٿي نه سگهندي.‘ ظاهر آهي ته جيسين اسان وٽ اهي امتيازي خصوصيتون موجود آهن، تيسين اسان جي سنڌ، اسان جي سنڌي ثقافت ۽ اسان جي سنڌي ٻولي پڻ قائم آهن- ون يونٽ ۾ توڙي ڪنهن ٻيءَ صورت حال ۾، انهن جو هڪ وار به ونگو ٿي نٿو سگهي. ائين برابر آهي ته جيئن سڀڪا نئين ڳالهه ڪي نه ڪي مشڪلاتون پيدا ڪندي آهي، تيئن ”ون يونٽ“ ۾ پڻ اسان لاءِ، اسان جي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب لاءِ ڪي نه ڪي نوان مسئلا ضرور درپيش ايندا. پر سرائيءَ جي ڳالهه وانگر ”اپڻي شئي اي، روسون به، کاسون به!“ سو پنهنجي ”ون يونٽ“ ۾، به پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي، جيڪڏهن اسان پنهنجو ڪري سمجهيو، ۽ ان جي قسمت سان پنهنجيون قسمتون ڳنڍيونسين، ته نه فقط ان ڳالهه جو ڪو امڪان ڪونهي، پر اهو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي ته ان کي ڪنهن قسم جو ڪو گزند پهچي سگهندو.

اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ

”ون يونٽ“ ته پاڻ هڪ موقعو آهي، جنهن ۾ اسين پنهنجي ٻوليءَ جي ڪامياب مستقبل جي هڪ بنيادي ۽ پايدار تعمير ڪري سگهون ٿا. ضرورت فقط هن ڳالهه جي آهي ته سڄاڻ هاريءَ وانگر، زمين آهر ۽ موسم پٽاندر ٻج ڇٽيون، پنهنجن فرضن جي ڄاڻ ۽ ذميوارين جو احساس ڌاريون، پنهنجي آس پاس کي ڏسون ۽ جاچيون، وقت جي تقاضا ۽ زماني جي اشاري کي بنهه دل جي ڪنن سان ٻڌون ۽ هنئين سان هنڊايون: ائين ڪرڻ سان ئي اسان جا اديب ۽ ناشر، پنهنجي همعصر دور توڙي آئنده نسلن لاءِ، صحيح فخر جو باعث بنجي سگهن ٿا، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مخلص ۽ لافاني خادمن جي زمري ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.

ادب، واندڪائيءَ جي وندر، ناموريءَ جو ذريعو ۽ پيسي پيدا ڪرڻ جو وسيلو به برابر آهي، پر ان جو اصلي شان ڪنهن زياده اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد لاءِ مخصوص آهي، ادب ذريعي، انسانن جي ذهن کي اڇو اجرو ۽ صاف ڪري سگهجي ٿو، کين صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشناس ڪري سگهجي ٿو. سندن دلين ۾ هن عيبدار دنيا کي بدلائي، نيئن سر ٺاهڻ جا جذبا ۽ امنگ، همتون ۽ ارادا پيدا ڪري سگهجن ٿا، منجهن علم جو احترام، سچ لاءِ محبت ۽ حسن جي صحيح پرک پروڙ لاءِ گهربل جمالياتي حسن، ۽ انسان ۽ انسان جي عظمت جو قدر ۽ احساس پيدا ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اسان اديب ۽ ناشر، ادب جي انهن اعليٰ مقصدن کي خيال  ۾ رکنداسون، ته يقيناً پنهنجي ادبي تخليقن ۽ مطبوعات کي سندن مڙني معنوي توڙي ظاهري وصفن سان پهرين سينگاري ٺاهي، مڪمل ڪري، پوءِ ئي پنهنجن محترم پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهنداسون. جڏهن پنهنجن پڙهندڙن لاءِ عزت ۽ محبت جو اظهار، انهيءَ صورت ۾، اسين ڪنداسون، تڏهن ئي هنن جي دلين ۾ اسان لاءِ محبت ۽ عزت جا جذبا پيدا ٿيندا، ۽ پوءِ اديب، ناشر، ۽ پڙهندڙ ٽيئي گڏجي، پنهنجون سموريون دلچسپيون ۽ ڪوششون هڪ ئي گڏيل مقصد، يعني ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ، مخصوص ڪري سگهندا. ٻيءَ حالت ۾، جيڪڏهن لکڻ وارا صرف بي لغام قلم ڪارين ۾ تيز، ناشر صرف غلط ۽ بد زيب ڇپيل ڪتابن تي بيجا قيمتن هڻڻ ۾ ڀڙ، ۽ پڙهندڙ صرف مفت جي ڪتابن تي اتفاقي نظر ڦيرائڻ ‎۾ ئي خوش هوندا، ته پوءِ اسان جو غريب ادب جتي آهي، بس اتي ئي پيو اسڙڪندو: انهن حالتن ۾، ۽ اهڙن اديبن، ناسرن ۽ پڙهندڙن هٿان، ان جو اسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ذرا مشڪل ٿو معلوم ٿئي.

”مهراڻ“

”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي کي جنهن پريم سان مرتب ڪري، سينگاري ٺاهي، پنهنجن عزيز پڙهندڙن جي هٿن ۾ اسان پيش ڪيو، ان لاءِ، اسان جي اميدن کان به سوائي شاباس، اسان کي کانئن ملي چڪي آهي. ان لاءِ، اسان سندن نهايت شڪر گذار آهيون. اسان کي پنهنجن اوڻاين جو به پورو احساس آهي: تنهنڪري، هڪ گهڙيءَ لاءِ به اسان وسڪي ويهي نه رهيا آهيون ته اسان جي پهرين پيشڪش رڳو تعريف جي لائق هئي، ۽ ان ۾ ڪي نقص هئائي ڪونه. ڪٿي، پنهنجي اعليٰ مقصد جي بلند معيار تي، پڪ آهي ته پهچي نه سگهيا آهيون. تنهن ڪري، پنهنجي محترم پڙهندڙن کي پهرين گذارش هيءَ آهي ته جتي به هو اسان جي ڪا ڀل چڪ ڏسن، اتي ڀلائي ڪري اسان جي رهبري ڪن. ”مهراڻ“ جي پهرئين توڙي هن پرچي ۾ جيڪي به خوبيون ۽ خاصيتون موجود آهن، تن لاءِ، گهڻي ڀاڱي، اسان جي شاعرن، افسانه نويسن ۽ مضمون نگار دوستن کي ئي جس چئجي ته وڌيڪ مناسب آهي. ”مهراڻ“ جي اوڻاين لاءِ، اسان خالص پاڻ کي جوابدار سمجهون ٿا، ڇو ته، هڪ ته مواد جي چونڊ اسان پاڻ ڪئي آهي، ۽ ٻيو ته پنهنجن ڪن سنڌي اديبن ۽ عالمن کان سندن ادبي شاهڪار اڃان هٿ نه ڪري سگهيا آهيون، جو اهڙي جامع ذخيري مان ڪا اڃان ئي وڌيڪ بهتر چونڊ ممڪن ٿي سگهي ها. پنهنجين نيازمندانه منٿن ميڙين کي اڃان ايترو اثرائتو نه بنائي سگهيا آهيون، جو اسان جا اهي اديب ۽ عالم اسان کي پنهنجي قلم جي نظر فيض اثر سان نوازڻ تي آماده ٿين اسان اياڻن اڀرن آڏو، جيڪڏهن معلوم ”مڙيئي مون ڏانهن، هوتن ڏانهن نه هڪڙي“ تي ئي ختم ٿئي ته به چئبو ته لک کٽياسون!

دعوت

”مهراڻ“ ۾ آئنده اشاعت کان وٺي، ٻن وڌيڪ عنوانن کي شامل ڪرڻ جو ارادو آهي. (1) ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته...“ ۽ (2) ”سنڌي نثر جا مثالي فقرا“. پهرئين عنوان ماتحت، زندگيءَ جا ڪي سچا واقعا جي لکندڙن جي شخصي تجربي يا مشاهدي هيٺ آيل هجن، اهي ڏنا ويندا. هن عنوان لاءِ، ڪوبه دوست، رسالي جي هر اشاعت لاءِ هڪڙو واقعو، گهڻي ۾ گهڻو 300 لفظن يا ان کان به مختصر لفظن ۾ لکي، اسان ڏانهن موڪلي سگهي ٿو. واري واري تي، بهترين واقعي لکي موڪلڻ واري دوست کي، ”مهراڻ“ جي اداري طرفان، ڏهه روپيا انعام طور ڏنا ويندا. هتي مثال طور، اسان پنهنجي شخصي مشاهدي هيٺ آيل هڪ سچو واقعو لکندڙن جي رهبريءَ لاءِ پيش ڪريون ٿا:

”ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ماستر هوس، رسيس ۾، اڪثر ٻاهر بندر روڊ تي هوٽل ۾ چانهه پيڻ ويندو هوس. هڪ ڏينهن، جيئن چانهه ڪوپ پي، هوٽل مان ٻاهر نڪتس، ته ڏٺم ته هڪڙو چڱو موچارو ٿلهو ماڻهو، سوٽيل بوٽيل، ٽوپلو مٿي تي، ڪڇ ۾ ٻه چار فائيل، هڪڙي هٿ ۾ ڪيلن جو ڇڳو کنيو، ٻئي هٿ سان ڪيلي جون کلون لاهيندو، بي پرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو به وڃي، ۽ ڪيلو کائيندو به وڃي! پنج ڏهه وکون اڳيان پئي ويو، اوچتو ئي اوچتو، همراهه جو پير پنهنجي ئي اڇلايل ڪيلي جي کل تي اچي پيو، ۽ وٺي ٿو مڙس ترڪي بس ڌو پٽ تي! ڪيڏانهن ويو ٽوپلو، ڪيڏانهن ويا فائيل! ٿڙي ٿڦڙي اٿيو، فائيل ميڙيائين، ٽوپلو هٿ ڪيائين، ڪيلا ته هٿ ۾ هئس ئي، ۽ اوچتو نظر ٿي پويس پاسي ۾ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ ويچاري گهورڙئي تي، جنهن خالي لفافا، ربڙ، پينسلون وغيره پئي وڪڻيون! بس سائين، پوءِ ته صاحب نه ڪئي هم نه تم، ويچاي گهورڙئي تي رڙ ڪري الرجي ويو چي، ’ههڙا تهڙا، شرم نٿو اچيئي، فٽ پاٿ تي رستو روڪيو ويٺو آهين، ماڻهن کي هلڻ به ڪين ڏيندين ڇا؟‘ ويچارو گهورڙيو اچي ڦاٿو. جي ٿو جواب ڏئي ته ٿو گوڙ وڌي، ۽ پوليس وارو، اجهوڪي اجهو، اچي ٿو اٿاريس، مڙئي جيئين تيئن ڪري جند ڇڏايائين. هيڏانهن هيءُ سنئون سيبتو، سوٽيل بوٽيل همراهه، غريب تي ڪاوڙ ڇنڊڻ کان پوءِ اٿي اڳتي هليو. مون پنهنجي اکين سان اهو لقاءُ ڏٺو: صاحب بهادر کي اهوئي مٿي ۾ ٽوپلو، ڪڇ ۾ اهي ئي فائيل، ۽ هٿ ۾ اهوئي ڪيلن جو ڇڳو، اٿي هيلو. خالي هٿ سان ڪيلي جون کلون ڇليندو، بي پرواهيءَ سان اڳيان اڇلائيندو، ڪيلي کي چڪيندو، منهنجي اڳيان ئي اڳيان، سڌوئي سڌو، بندر روڊ جي فٽ پاٿ وٺيو، اڳتي ويندو رهيو. ڄڻ ته ڪجهه ٿيوئي ڪونه هوس!“

ٻئي عنوان ماتحت، ڪوبه دوست، ڪنهن به قديم توڙي جديد سنڌي نثر نويس جو ڪو لکيل هڪ فقرو يعني فقط هڪڙي پئراگراف جيڪا کيس مطلب، ٻوليءَ، لفظن جي اثرائتي استعمال وغيره سبب بهترين لڳي هجي، سا اسان کي لکي ڏياري موڪلي. اهڙن مڙني آيل فقرن مان، سڀ کان وڌيڪ جيڪو فقرو اداري کي پسند ايندو، تنهن لاءِ موڪلڻ واري کي 5 رپيا انعام ڏنا ويندا. هڪ دوست، هر اشاعت لاءِ هڪ ئي فقرو موڪلي سگهي ٿو. فقرو مڪمل حوالي سان هئڻ ضروري آهي يعني اهو ڪنهن جو لکيل، ڪهڙي ڪتاب جي ڪهڙي صفحي تي آيل آهي، اها ڳالهه صاف طرح ڄاڻائڻ گهرجي.

مهراڻ جي آئنده اشاعت کان وٺي، اداري طرفان، سنڌي مختصر افسانن جي پڻ چٽاڀيٽيءَ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هر اشاعت لاءِ جيڪي به افسانا وصول ٿيندا، تن مان جيڪو بهترين افسانو سمجهيو ويندو، ان جي لکندڙ کي، اداري طرفان، 20 روپيا انعام ڏنو ويندو.

جيڪي افسانا، سچا واقعا، ۽ مثالي جملا، ”مهراڻ“ جي ڪنهن به اشاعت جي ڇپائيءَ شروع ٿيڻ کان پوءِ پهچندا، انهن کي رسالي جي ٻيءَ اشاعت جي مقابلي لاءِ آيل سمجهيو ويندو.

معذرت

اڳئين پرچي ۾، اسان کان هڪ نهايت دکدائڪ غلطي ٿي ويئي آهي. محترم سوڀراج نرملداس ”فانيءَ“ کي، ڀل کان، ”آنجهاني“ سڏيو اٿئون. رسالي جي شايع ٿي وڃڻ کان پوءِ، اسان کي معلوم ٿيو ته هو صاحب زندهه آهي. اسان جي دعا آهي ته اسان جي سنڌڙيءَ جو هيءُ غير فاني شاعر، هند ۾، سنڌي زبان جي خدمت لاءِ شال هزار عمريون زنده رهي، ۽ هر عمر هزار سالن جي ماڻي آمين!

گذارش

آخر ۾، پنهنجن محترم اديبن ۽ پڙهندڙن، سنڌ توڙي هند وارن، جي خدمت ۾ وري به عرض ٿا ڪريون ته هو سنڌي زبان ۽ ان جي ڪارآمد ادب جي اشاعت لاءِ اسان جا ساٿي ٿين، اسان ڏانهن، وقت بوقت پنهنجا مشورا موڪلين، اسان سندن قلمي تعاون، سندن تجويزن، ۽ نڪته چينين کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا.

والسلام

(م. ا. ج)

دعا

]ميان سرفراز شهيد (1772-1775ع)، ڪلهوڙا خاندان جو صاحب ڪلام حاڪم هو. سندس هيءَ مدح شريف، قيد جي حالت ۾ (1774ع) انتهائي سوز ۽ رقت سان چيل آهي. سنڌي ادب ۾ مدح جي صنف، ميان صاحب جي هن بي مثل مدح سان ئي شروع ٿي. جيتوڻيڪ هن مدح شريف جو غير فاني ”وراڻو“ (ڀلا ڄام، هن غلام،.......)، سنڌ ۾ هر ڪنهن جي زبان تي رهي ئي رهي ٿو، پر افسوس آهي جو سڄي مدح اڄ تقريباً ناياب آهي. هن موقعي تي اسان، بطور دعا جي، هن متبرڪ مدح کي ”مهراڻ“ ۾ نئين سر شايع ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون. ’گرقبول افتد ز هي عز و شرف‘[.

بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر نگاهه،

منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه رسين مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج، تون.

مان جاهل، مان ڪاهل، مان ڪچو ڪمينوُن،

نه مون حال، نه مون قال، ڀلا ڀال، ڪرين توُن،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،

پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکين ڏان، ڏئين تون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

چارئي يار، جيءَ جيار، ڪندا وارِ، وري مون،

مون بيڪار، سندي سار، سگهي شال، لڌائون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

سچا صديق، رنج رفيق، ڏين توفيق، تُسِي مون،

عمر ڄام، تنهنجي سام، پئي پاند، لڳاسون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

غني عثمان، ڪيو قرآن، جمع سيپارهه، ۽ سورون،

علي گهوٽ، ڀڳا ڪوٽ، سندا ڪفر، ڪنارئون:

ڀلا ڄام هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

صادقين، عادلين، ذي النورين، حنيف،

جمالين، ڪمالين، شجاعين، علي:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

امامين، سونهارين، سندو آسرو، اٿهون،

حسنين، شريفين ڪندا مهاڙ، موٽي مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

صحابنِّ، ڪرامنِّ، تابعنِّ، کي سِڪُهون،

تن ڀلنّ، وسيلنّ، سندي توهه ٿا تڳهُون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

سچّار، ۽ موچار، جي مهندار، ليکياسون،

تن مڙنّ، ڀلارنّ، سندو شان، آهين تُون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

نه سا خالق، نه ڪي ملڪ، نه ها فلڪ، زمينون،

تنهنجي نور، جو ظهور، ٿيو آڳاٽو، سڀن کون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

اول به، ۽ آخر به، والي ملڪ سندو تون،

ظاهر به، ۽ باطن به، تنهنجون پيئون پچارون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

شريعتّ، طريقتّ، ٿئي نصيب، اسان ڪُون،

حقيقتَ، معرفتَ، سندي نظر، ڪرين تون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون،

هدايتَ، حمايتَ، عنايتَ، ڪرين تون،

امانتَ، سلامتَ، اچي لڪَ، لنگهايُون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

سَر زمينَ، ڪيم ڪينَ، آهيان نيٺ نماڻون،

مٿي دين، تون امينَ، اُڀاريج اسان ڪون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

صغير، ۽ ڪبير، ڪيم ڪِرتَ، ڪچايون،

محمد مير، هن حقير، سنديون ميٽ مٺايون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

يَڪسِبُونَ، ڪم زبون، ڪيم، خون، خطائون،

ميٽي ڏوهه، پنا توهه، ڪرين بخش عصائون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

شيطان، ۽ دجال، سندي شّر کان، رکُهون،

ظالم سڀ، ختم- خير، ڪرم ساڻ، ڪرين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

ڀلو ڀرم، حيا شرم، پني ڪرم، ڪمينون،

مِٽي وهم، لاهي غم، پورا ڪم، ڪرين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

منجهه قبر، ڪج خبر، پيغمبّر، سندي مون،

ڀتن ڀيڙ، ڪنان مير، هن حقير، رکين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

منڪرُّ، ۽ نڪِيرُ، ايندا پڇڻ، پڇاڻون،

روبروءِ، سرخروءِ، آبروءِ، ڏئين مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

قيامتُّ، ۾ شفاعت، ڪندين امتّ، اتي تون،

تنهن وير، ڀري پير، سگهو شير، رسين مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

امتحان، کي عصيان، منجهه ميزان، وڌائون،

وقت ڀيٽ، ڪرهو ميٽ، ڪرم ساڻ ڪچايون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

پل صراط، مٿي واٽ، رمي پير، رکياسون،

رسين راهه، مٿي واهه، ڏيئي ٻانهه، اڪارئون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

جمال، ۽ ڪمال، تنهنجي لاءِ، واجهاڻون،

ٿيون شال، منجهه وصال، وڃي هوتن- هاڻون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

لنگهيا لڪَ، لٿا شڪَ، هلي حقَ، گڏياسون،

في الحال، منجهه وصال، اچي محب، ملياسون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

بسم الله، لڳ الله، ڪرنگاهه، پرين تون،

آهم آس، توڏهون خاص، بند خلاص، ڪرين مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

چارئي طرف، تنهنجي شرف، روشن اُڀّ زمينون،

منهنجا نور، ٿيو معمور، مڪو ملڪ، مدينون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

بسم الله، سين مداح، تنهنجي شاهه، چئيسون،

هيءَ ساراهه، لڳ الله، ڪر قبول، هٿان مون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون:

”سرفراز“ آ اداس، آهي آس، اوهان ڏون،

راهه راس، بند خلاص، خوبي خاص، ڏئين مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

هيءَ مداح، تنهنجي شاهه، چيم وصف، واکاڻون،

سڻي پاڻ، ڪنن ساڻ، ڏئين ڏاڻ، ڏاڏاڻون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻڃ تون.

شعر

بيت

مخدوم امين محمد صديقي رح، شيخ مبارڪ ”اياز“، ۽ لطف علي شاهه ”منظور“.

ڪافيون

مخدوم امين محمد صديقي رحه، صاحب ڏنو شاهه رحه، زمان شاهه رحه، پير حسين بخش شاهه رحه، محمد سعيد شاهه، محمد خان ”غني“، اسد الله شاهه، علي بخش ”رضا“، ”فدا“ سرشاري، ۽ غلام محمد ”گرامي“.

گيت

شيخ مبارڪ ”اياز“، پير شاهنواز ”عارف الموليٰ“، سراج الحق ”بسمل“، ۽ غلام احمد ”همدم“.

نظم

ڊاڪٽر ”خليل“، هري ”دلگير“ ۽ ”اياز“ قادري، عبدالقيوم ”صائب“، ضياءُ الدين ”ضيا“، عبدالڪريم ”گدائي“، ”نياز“ همايوني، کيئلداس ”فاني“، ۽ طفيل احمد ”طفيل“.

غزل

طالب الموليٰ اياز، خواب، عبدالله ”عبد“ عبدالحليم ”جوش“، شمشير الحيدري، ”اختر“ رضوي، تنوير، بيدل، ”بشير“ موريائي، ”ناز“ گرپانگ، ”سليم“ ڳاڙهوي، خوشيرام ”پريم“، هري ”دلگير“، ٻڍل بيگ مرزا مرحوم، ۽ مرزا مدد علي بيگ مرحوم.

رباعيون

غلام محمد ”گرامي“

آزاد نظم

شيخ عبدالله، سراج الحق ”بسمل“، غلام محمد ”گرامي“، ۽ محمد ابراهيم جويو.

”بيت، سنڌي شاعريءَ جو روح آهي. اسان جي ڏات جي يگانگت ان مان ظاهر آهي، ان ۾ اها تخليقي انفراديت آهي جا گيت، غزل ۽ نظم ۾ نه آهي. گيت هندي ادب جو ورثو آهي، غزل پارسي ۽ اردوءَ جو، ۽ نظم يورپي ادب جو. بيت، پنهنجن مختلف نمونن ۾ نه فقط سنڌي شاعر جي جذبات، خيالات ۽ احساسات جو بهترين آئينه دار آهي، پر ان جي موجوده شڪل به سرزمين سنڌ جي تخليق آهي.

شيخ مبارڪ ”اياز“

”(سنڌي) موزون شاعري، اگرچه عربي ۽ فارسي ترڪيبن تي ٻڌل آهي، ۽ انهيءَ ڪري وزن جي رواني آڻڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو عربي ۽ فارسي لفظن جي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. پر، جڏهن ته شاعري سنڌي زبان ۾ ڪرڻي آهي، ۽ انهيءَ ڪري، وڌ ۾ وڌ نه، ته به تعليم يافته سنڌي طبقي جي سمجهڻ جهڙي زبان ڪتب آڻڻ گهرجي، ۽ ڪوشش ڪري اُن ۾ عام فهم سنڌي لفظ استعمال ڪجن، بلڪ خالص سنڌي لفظ هجن، ۽ وزن ۽ روانيءَ ۾ به فرق نه اچي، ته اهو سون تي سهاڳو آهي.

”بيان ۽ ادائگيءَ جو نمونو اهڙو هئڻ گهرجي، جو مجازي شاعريءَ سان گڏ، اُن کي حقيقي معنيٰ ڏانهن وٺي وڃجي، ته به غلط نه نڪري. سنڌي شاعريءَ جي هيءَ هڪ نهايت اهم خصوصيت آهي، جا کيس دنيا جي اڪثر ٻولين جي شاعريءَ کان ممتاز ڪري ٿي. اسان جا بزرگ، اسان کي اها خصوصيت ورثي ۾ ڏئي ويا آهن، ۽ اسانجو فرض آهي، ته هن متبرڪ ورثي جي حفاظت ڪريون.“

”سرشار“ عقيلي

بيت

مخدوم امين محمد صديقي رحه

سڪي سڱ ٿيوم، جيڏيون ذات جتن سان،

ستيس سنجهي سيج تي، هٿان هو ويوم،

”امين محمد“ عشق جو، پرو پوءِ پيوم،

ڪيچين ڪاڻ ڪيوم، پيرين پاهڻ پٻ جو.

 

پيرين پاهڻ پٻ جو، ڀڃي ڪيم ڀورا،

سرتيون وسيا ساهه تي، گوندر جا گهوڙا،

اچي آرياڻي ڪندا، ٿڪيءَ تي ٿورا،

کاڻيءَ کي کونئرا، اچن اوٺيڙن جا.

 

اچن اوٺيڙن جا، اندر تي اوڀر،

ذرو جي ظاهر ڪريان، ته سڙي وڃن سر،

ڪنين پئي ڪيچين کي، من آهون ڪن اثر،

ڪافن ۾ ڪوڪر، ٻاروچو مانَ ٻڌي.

 

ٻاروچا ٻاجهه پئي، من آرياڻي اچن،

جيڏيون جن جا جيءَ تي، پلپل پور پون،

ڪوهياري جا قلب تي، وري مچ مچن،

تن ڦوڙائي ڦٽن، اندر منهنجو اڌ ڪيو.

 

اديون ڪا هلندي، ڪمينيءَ سان ڪيچ ڏي،

سور سڀئي سرتيون، ساجن سان سلندي،

”امين محمد“ عشق جي، جوشن ۾ جلندي،

ملي تان ملندي، نه ته مرندي مارڳ وچ ۾.

 

مرندي مارڳ وچ ۾، سور کنيائين ساڻ،

پيس رات پٽن ۾، تن اوٺيڙن اهڃاڻ،

جيئري شال جبل ۾، ٿئي آرياڻي اڳواڻ،

جڏهن پٿون ڪيائين پاڻ، تڏهن پريَس پت پنهونءَ سان.

 

پري پت پنهل سان، ٿيو ويچاريءَ وصال،

ڇلي پئي ڇپرين، هيڻو وٺي حال،

”امين محمد“ عشق جو، ٿيڙس قرب ڪمال،

دردن جي دڪان جو، درسن ٿيس دلال،

سڪ سڄيائي سسئي، پنهون جلّ جلال،

جهُلي تنهن جهوليءَ پيو، سڀني بدر هلال،

جيڏيون ٿيس جمال، هاڙي ۾ تنهن هوت جو.

مولابخش ”مسڪين“ مرحوم

هاري هلاءِ هرکي، جهڙ ڏسي نا جهڄُ،

موڙها محبت مينهن ۾، ڀيرا ڏيئي ڀڄُ،

ته آخر اها وِڄُ، توتي چمڪي چانڊاڻا ڪري.

 

اڄ ساريندي سڄڻ کي، ڳوڙها پيا ته ڳڙي،

ناهي آرام عجيبن ريءَ، گهايل کي ته گهڙي،

لالن اچ لڙي، ته وڃن سور سنڌا ڪيون.

 

”مسڪين“ هن مام جو، ڪونهين سڌ سماءُ،

جو دوست ڦري دشمن ٿيا، ترتئون ڏيئي تاءُ،

مِٽَن منهن موڙي ڇڏيا، جن سڳن ڏنو ساءُ،

ڪو جو وريو واءُ، پنهنجائي پروا ٿيا.

 

شيخ مبارڪ ”اياز“

اڪيلو آهيان، ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾،

اڃا ڄاتم ڪينڪي، ڇو آهيان، ڇاهيان،

آهيان يا ناهيان، سو به نه آيم سمجهه ۾.

 

ويا اڄ اڏي، مون کي منهنجا سپرين،

آيا گهڙي اوچتو، جن کي ساهه سڏي،

تن کان پوءِ تڏي، آهي بوءِ بهار جي.

 

گهُلي ڏکڻ- هير، پيا پور پرينءَ جا،

اندر جي اڪير، سيون چڀايون ساهه ۾.

اکڙيون اُڃايل، سڄڻ تنهنجي سونهن جون،

سدا سڪايل، رهوين بوند برهه لئي.

 

ڏکائي ويو ڏُور، مون کي چنڊ چريو ڪري،

دل کان ناهي دور، دوري آ ديدن جي.

 

سالن کان سانڍيم، ساهه اندر ساڃهه،

ڀالي آءٌ برهه، تڪيان پيو تو لاءِ مان.

 

آهيان راڳيندڙ، ڪنهن روحاني راز جو،

ڪيو سِرُ سگهڙ، روح رچي ويو رمز ۾.

 

پرهه جو پرواز، ڪيو ساهه سڄڻ ڏي،

ڪل رمزون ۽ راز، کلي پيا کَنَ ۾.

 

وڌم ڏکن ڏاڻ، سک نه سنڀران سپرين،

اڄ ته پسائي پاڻ، آٿت ڏي ”اياز“ کي.

 

ملي منهنجي من کي، دُکن جي دولت،

اچي هر آفت، وڌا هار هنئين کي.

 

دکڙو منهنجي دل جو، اڄ ڳوڙهن ۾ ڳول،

موتين سندي جهول، سونجهي ڏس او سپرين.

 

چپن چؤرايو، ازل جي آواز کي،

مهرون لڳيون منهن تي، ته ڳوڙهن ڳالهايو،

پرين پهاچيو، اسان نياپو نيهن جو.

 

واسينگن جي واٽ، آهي سفر سچ جو،

ڪيئي ٿيا ڪاٽ، هلندي حبيبن ڏي.

 

سچائيءَ ۽ سونهن، سڏيو منهنجي ساهه کي،

وندر ۽ ورونهن، مون ليءِ پيار پرينءَ جو.

 

گهڙي تو گهاري، لَٿي سڪ صدين جي،

وڃان مان واري، سڄن تنهنجي سونهن تان.

 

منهنڙو منهنجي يار جو، پرهه کان پيارو،

مٺڙو، موچارو، سڄڻ منهنجي ساهه جو.

 

طرز پراڻي- نياپو نئون

ننڍڙيءَ نينگر واٽ تي، ويٺي واجهايو،

الله ۽ انسان ڄڻ، ٻنهي ٻاڏايو،

پينوءَ پهچايو، ڏاڍو ڏک ضمير کي.

 

ماڻهو منهنجي ملڪ جا، اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ،

ڏکن- ڏڌيون جهوپڙيون، بکن ڀريا ڀاڻ،

الله تن ۾ آڻ، ساڃهه پنهنجي ساهه جي.

 

ڪهڙو ڪهڙو ڪوس، ڏسون لڇندڙ لوڪ جو،

سڄڻ اسان سوس، پليو تنهنجي پيار جو.

 

ساري رات سڙي، سوچ اسان جي سچ لاءِ،

اچي نڪري شل الا، جنهن سان جان جڙي،

ڳوڙهن منجهه ڳڙي، وڃن وهم وجود جا.

 

سهسين سورج چمڪيا، ڪيا چنڊ چٽاءَ،

ماڻهوئڙن مٿاءَ، اڃا اونداهه نه لٿي.

 

چانئٺ کي چمي، گهر ۾ ڳوليم گهڻگهرا،

پرڙن تي پوپٽ جي، ويو وقت اُڏي،

ڪا جا واءُ لڳي، پن نه مليو پن سان.

 

نسريو تنهنجو نينهن، وسري واٽ وجود جي،

محبت مون کي ماڳ جي، سانوڻ سندو مينهن،

آهيان راتو ڏينهن، پانڌيئڙو پرينءَ جو.

 

محرم منهنجي من جا، اچي ڏي آواز،

روح رسيلا راز، ترسايا تنهنجي ڪري.

 

آئي ننڊ نيڻن کي، اُڏاڻو ارواح،

ڄڻ منهنجو ساهه، پهتو تو وٽ پل ۾.

 

چڻنگون اُڏاڻيون، ڪڏهن ڪنهن ڪنهن مچ مان،

ڀنڀٽ متا برهه جا، خدايون کاڻيون،

جڏهن وساڻيون، صديون سرد ڪري ويو.

 

اُلا ڏس، اَلا! ٻاريا عشق اندر ۾،

برهه هينئن ڀلا، جلايو ڇو جيءَ کي.

 

اکڙين ۾ آيو، سارو ساهه سڄڻ جو،

چميءَ سان چايو، منڙو اسان محب جو.

نگاهن مان نينهن، ڇلڪي پيو ڇاٽون ڪري،

ڏٺي ٿيا ها ڏينهن، محب ملي ويو اوچتو.

 

سوچي ڪجهه سڄڻ جو، منهڙو مرجهايو،

سرءُ جو سايو، ٽهليو ڄڻ ٽانگر ڪري.

 

الا، وقت وداع جي، ڳوڙهن ڳالهايو،

اکين ۾ آيو، سارو ساهه سڄڻ جو.

 

سمايم هر سٽ ۾، ازل جا اصول،

ڪري، يا نه قبول، خيال نه اٿم خلق جو.

 

سيد لطف علي شاهه ”منظور“

کُٿا کَٿيءَ پاند، پَکَن پاندُر پٽ پيا،

جن مسافر ڪانڌ، ڪوسيون سمهن ڪين ڪي.

 

مونکان مون پرين، بنهيائين بس ڪي،

سلهاڙي سورن، لڪن لوچيندي ڀڻان.

 

ڄيري ڄراٽي، سک نه سمهي سسئي،

وتي گهُوماٽي، هينئين رکيو هٿڙا.

 

توڻي سورن سٿ، ته به کلي کائي اکتيون،

جنين هاديءَ هٿ، سي ڪالهه ئي ڪيچ رَساڻيون.

 

ليکوڙي ليکو، آتڻ تي مون آئيو،

گهڻو گيرب گاءُ ٿي، مون ڪتڻ تي ڪيو،

ڪرمين مون نه ڪڙهيو، انگين آجي جي ٿيان!

 

ڪتيوڙي ڪتيو، ڪي اڃان سڄ آهي،

وهوم لاهي، آتڻُ سڀان آسري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com