اهڙين ڳالهين هلندي، جي مٿان ڦاپل اچي سهڙندي هئي،
ته پوءِ وري خبر نه آهي، ته ڇو، سڀئي منهن ٻئي
پاسي ڪري، يا ماٺ ڪري ويهي رهنديون هيون، ۽ ويچاري
ڦاپل وري ماٺ ڪري ويهي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، چلم
جا ٻه ٽي گڙڪاٽ ڪڍي، هلي ويندي هئي. پاڙي ۾ هن کي
ڪيترن نالن سان سڏيندا هئا. ڦاپو ڦڪڙ، ڏائڻ، ڪاز
ڄڀي، سڃي سکڻي، گهر تاڪائو، ۽ خبر نه آهي ته ٻين
ڪهڙن لقبن سان کيس ياد ڪندا هئا. هن کي به اها سڄي
خبر هوندي هئي، ته ماڻهو پرپٺ کيس ڇا ٿا سمجهن،
پر، وس پڄندي جهيڙي جي پاڻ شروعات ڪانه ڪندي هئي،
هائو، جي ڪنهن پهريائين هن سان هٿ اٽڪايو، ته پوءِ
مجال آهي جو آڻ مڃي!
آخر هن جي ڏهٽيءَ لاءِ مائٽيون اچڻ لڳيون، مگر سڀ
ڌريون هن جي ڏهٽيءَ کي ڏسي، پسند ڪري، مٺائي،
ڏيئي، رضامند ٿي وينديون هيون، پر وري شاديءَ جي
ڏينهن ٻڌڻ لاءِ ڪا ڌر ڪانه موٽندي هئي، هتي پٺيان
انتظار ۾ هوندا هئا ته اجهو ٿا اچن ۽ ڏينهن پڪا
ڪن. سڀڪو انهيءَ تي گهڻو خوش پيو ٿيندو هو، اهي
ساڳيا پاڙي وارا جيڪي هن جي وهاريل نياڻيءَ کي
اٿارڻ لاءِ هن کي ڦٽ لعنت ڪندا هئا، سي اندر ئي
اندر پيا کڳيون هڻندا هئا. سر گوشيون ٿينديون
هيون، ٽهڪن تي ٽهڪ لڳندا هئا، ۽ تاڙين تي تاڙيون
وڄنديون هيون، پر سڀني کان دائي ڪريمان مڙيئي اڳتي
هوندي هئي. نيٺ هلندي هلندي، ماسي ڦاپو ويچاري ڊهي
پيئي. ڪجهه کنگهه، ڪجهه تپ ته هن کي مندن کان
ايندا هئا. اُڏوهي لڳل اڪيليءَ ٿوڻيءَ وانگر واءُ
جهڪ جا ڌوڻا جهليندي جهليندي لڏندي لمندي، نيٺ وڃي
پٽ پيئي. پر جيئڻ جي ڪا زال ۾ امنگ هئي! صبح جي
پهر ۾، جڏهن بت ۾ ڪجهه خنڪي ڀائيندي هئي، تڏهن
پنهنجن پراون تي بس ڪڙڪاٽ پيا پوندا هئس مٿاڇري
مٿاڇري ڏسندڙن کي ته لکائي ڪانه پوندي هئي ته ڪا
بيمار آهي.
ترت ئي هڪڙي ڏينهن صبح جو، دائي ڪريمان جي معرفت،
سڄي پاڙي ۾ هيءَ ڳالهه پکڙجي ويئي، ته ڦاپوءَ جي
ڏهٽيءَ کي ويٺي ويٺي پبٽ ٿي پيو آهي! سڀ ان کي شرع
۽ مذهب جي خلاف سمجهڻ لڳا، ساڳيون چميگويون نئين
سر شروع ٿي ويون، اشارا ٿيڻ لڳا، دٻيل دٻيل کلڻ جا
آواز ٻڌڻ ۾ آيا، ڳليءَ ڳليءَ ۾ ذڪر نڪتو ۽ ساڳئي
ڏينهن شام جو ڦاپوءَ جي موت جو ڄاڻ پهتو. سڀني جي
واتان رڳو ”اڙي!“ ٿي نڪتي. چيائون ”ڇو؟ ڪڏهن اهڙي
بيمار ٿي؟“ ”ڪيئن مئي، ڇا ٿيس؟“ اهي مختلف سوال
ماڻهن جي واتان پئي نڪتا. ساڳيون زالون جي سندس
عيب جوئي ڪرڻ لاءِ هميشه سندرا ٻڌيو بيٺيون
هونديون هيون، سي به ارمان ڪرڻ لڳيون، سندس ڪفن
لاءِ گهر ۾ هڪ پئسو به نه هو، شام تائين ڪوبه ڪفن
دفن جو بندوبست نه ٿي سگهيو. پاڙي ۾ چندو ٿيو.
جيڪي ڪنجهي ڪرڪي ٻه چار پيسا گڏ ٿيا، تن مان
مرحومه جو ميت اجاريو ويو ۽ امانت ڌڻين کي پهچائي
وئي. مرڻ کان پوءِ جن جي گهران ڪفن لاءِ پيسو پائي
نٿو نڪري، انهن تي کلڻ ته تمام سهنجو ڪم هو، پر
انهن جي عزت سنڀالڻ، تمام ڏکيو ڪم. پاڙي وارن کي
ڦاپوءَ جو جهيڙو، ۽ گارگند جلد ٿي آڏو آيو، ۽ سندن
واڇون تماشي ڏسڻ لاءِ تمام جلد ٽڙي ٿي ويون، پر
عزت تي ڏک ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان به ڳوڙها ڪونه ڪريا!
دائي ڪريمان جو پٽ غلامون ڏس هاڻ ته ڳاٽ مٿي ڪيو
پاڙي ۾ وتي گهمندو، ڪڏهن سيڌي جي دڪان وٽ، ڪڏهن
بجليءَ جي ڳاڙهي ٿنڀي وٽ، ۽ ڪڏهن ڪنهن جي گهر جي
دروازي اڳيان اچو بيهي نورل کي به مار نٿي ڏنائين؛
زالون کيس ڏسندي ڏسندي پاسو ڏيئي پئي لنگهيون، مرد
به ماٺ ماٺ ۾ ڪن ٽار ڪيو پئي هليا چليا، مگر ڪوبه
هن کي چوڻ وارو نه هو. امام بخش چاچو ڍڳيون مينهون
وٺيو، پناهه گير ڇوڪرين کي ڇينڀيندو، ڳالهائيندو
ائين ئي لنگهندو ٿو رهي، حسين رازو سٿڻ جو پائنچو
هڪڙو هيٺ ته ٻيو مٿي، آڱرين تي حساب ڪندو ائين ئي
ويندو ٿو رهي، پاڙي جي اٿڻ جو وقت، صبح جو اٺ بجا،
۽ سمهڻ جو رات جا اٺ بجا، اڄ به ساڳيو آهي. اهڙيءَ
طرح وقت پنهنجي اڻ لکي رفتار سان ائين ئي گذرندو
پيو رهي. ڦاپوءَ جا جهيڙا جهڳڙا ته هاڻ بلڪل بند
ٿي چڪا هئا.
سانوڻ جو مهينو آيو، جهڙڦڙ ٿي، سنهي بوند پئي
پيئي، رستي تي ڪجهه ٻار پئي ڊوڙيا، ماڻهو ڪي دڪانن
وٽ بيٺا هئا، ۽ ڪي آيا ويا پئي، غلامون پنهنجن ٻن
سنگتين سان گڏ پيروءَ ٽانگي واري جي طنبيلي وٽ
بيٺو هو، ٻنهي هٿن سان وار ٺاهيائين، منهن آسمان
ڏانهن ڪيائين ۽ ٿورو مشڪي چيائين، ”ڀيڄ مولا.....
ڪو نئون شڪار ڏيار.... ڀيڄ..... ڀيڄ.“
اميد!
اوهان کي ”عيش پسند“ ڏسي، منهنجي دل ۾ وڍ ٿا پون.
”وطن“ جي نماڻي مورت پنهنجي شاندار روايتن جي
تصوير ڪڍي، اوهان جي اڳيان آئي آهي.
نوجوان! ترسڻ جو وقت ڪونه آهي. هن اڏامندڙ زندگيءَ
تي ڪهڙو ڀروسو؟ جنهنجو هڪ هڪ پل جو هت گذري ٿو. سو
ٻئي طرف ڪفن جي ڪپڙي ۾ هڪ ڌاڳو ٿو اُڻي!
سستيءَ ۾ اهڙي املهه زندگي، آخر ڪيستائين
گنوائينداسين؟
دل ۾ قوم ۽ وطن لاءِ ڪجهه جاءِ پيدا ڪر، خود غرضي،
نفسا نفسي کان پاڻ پالهو ڪر، پوءِ ڏس ته ڪئن نه
فتح تنهنجي اڳيان مسڪرائيندي ٿي اچي!
هٺ ۽ پاڻپڻو ڪڍ، ۽ ڀائرن سان ڪلهي ڀائي ٿي ڪم ڪرڻ
سک صبر ۽ صداقت هر وطن خدمتگذار لاءِ لازمي شيون
آهن. پر افسوس جو اُهي ٻين ملڪن ۾ ته موجود آهن،
پر هڪ تون ئي آهين، جنهن وٽ ٻيو سڀ ڪجهه آهي، پر
نه آهن ته فقط صبر ۽ صداقت!!
وڌندو رهه! ۽ هر نيڪ ڪم ۾ بي داغ زندگيءَ سان شامل
ٿي، ۽ ٻين لاءِ سهڻو مثال پيدا ڪر.
مان توکي خاطري ٿو ڏيان، ته دنيا ۾ ڪابه طاقت ۽
ڪوبه خطرو ڪاميابيءَ تائين پهچڻ واري راهه ۾ توکي
روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو! (وويڪانند)
”اياز“ قادري
بلو دادا
هو سڄي پاڙي ۾ بدنام هو. هرڪو هن کان ڪؤ کائيندو
هو: جهڙو تهڙو ته هن جو نالو به ڇرڪي وٺندو هو
پئسي وارا، هن کي بنهه گونڊو سمجهندا هئا. پاڙي جو
دادگير ليکيو ويندو هو. سندس نالو بلاول هو، مگر
کيس ڪوٺيندا هئا ”بلو دادا“. رنگ جو ڪارو ڪٺ، وار
ننڍڙا، گهنڊيدار ۽ سخت، جي ڪيتري به تيل لائڻ سان
نه نرم ٿيندا هئا، ۽ نه ڦڻي ڏيڻ سان ئي ڪنهن طريقي
تي بيهندا هئا، منهن ڪشادو، گول، اکيون ننڍيون ۽
حرفت ڀريون، جن ۾ هر وقت حرڪت پيئي نچندي هئي، نڪ
ڊگهو، مگر ناسون ويڪريون چپ ٿلها، ڏند وٿيرڪا، جي
مساڳ لڳائيندو هو ته چپ ڳاڙها ۽ ڏند اڇا ٿي ويندا
هئس، پر جي پان کائيندو هو ته ڏند ۽ چپ ٻئي ڳاڙها،
ڇاتي ڪشادي بازو سخت ۽ مضبوط جهڙو رڪ قد جو ڇوٽو،
سندس منهن ۾ اهڙو رعب هوندو هو، جو ڪنهن ڏانهن
ڪاوڙ مان نهاريندو هو ته همراهه کي ڏڪڻي وٺي ويندي
هئي، آواز ۾ ڪڙڪو ۽ کڙڪو، هروقت پيو گجندو، ڳالهين
جو ڳهير، جي ڳالهائڻ ۾ ڇٽڪيو ته خدا بس ڪرائيس، فٽ
بال جو چمپئن، گهڻو ڪري راند ۾ سينٽر فاروڊ بيهندو
هو، باڪسنگ جو ڪوڏيو، هروقت اها ڳالهه ته کاٻي مڪ
ڪيئن هڻجي، ۽ ساڄو چنبو ڪيئن گسائجي.
منهن جي ڄاڻ ساڻس چاڪيواڙي ۾ ٿي. گهڻو ڪري
جهانگيان مڪرانيءَ جي ڪيبن تي ويٺو هوندو هو.
ڄنگهون ٽيبل تي ۽ پٺي ڀت سان. پاڻي ۽ چانهه جو
گلاس، ڪنهن وقت ڀريل ڪنهن وقت خالي، هميشہ سندس
ڀرسان پيا هوندا هئا. آءٌ لنگهندس ته وڏي واڪي
چوندو ”ماستر، اچ چانهه پيءُ“. مونکي ڪنهن وقت
”ماستر“ ۽ ڪنهن وقت ”سائين“ چوندو هو. آهستي
آهستي، اسان جو ناتو ويو وڌندو، مونکي سندس مڪراني
گاڏڙ سنڌي لهجو ڏاڍو وڻندو هو. چاهيندو هوس ته ڀل
پيو قصا ڪٽي. جي سندس ويجهو ٿيندو هوس ته ڳراٽڙي
پائي کڻي هٿ هٿ ۾ ڏيندو هو. منهن جي ٻين دوستن کي
اسان جي سنگت ڀانءِ نه پوندي هئي، پاڙيوارا به رنج
هئا. مائٽ به تنگ. اسڪول جا ماستر به چڱو نه
سمجهندا هئا. شاگرد ڪجهه ڪڇندا ته ڪين هئا، مگر
بلوءَ جي دادگيريءَ جا داستان لاهي چاڙهي پيا بيان
ڪندا هئا.
هڪڙي ڏينهن هيڊ ماستر به رکي رکي چئي ڏنو ”اوهان
کي پاڻ جهڙن تعليم يافته ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ
گهرجي!“ مائٽن چيو، ”توکي ٻيو ڪو ماڻهو ملي ئي نٿو
جو هڪڙي گشئي سان کڻي ياراڻو ڳنڍيو اٿيئي!“ دوستن
دڙڪو ڏنو ته ”يار، جيڪڏهن تنهنجي انهيءَ گونڊن سان
سنگت آهي ته اسان جي الله توهار!“ مون به ڪنهن جي
پرواهه نه ڪئي، آخر دوستي جو ٿي!
هڪڙي ڏينهن، جيئن چاڪيواڙي پهتس، ڏٺم ته گوڙ لڳو
پيو آهي. ماڻهن جا حشام بيٺا آهن. بلوءَ جي گارين
جو زيپٽ پيو پوي. مون سمجهيو، اڄ خير نه آهي.
الائي ڇا ٿيو آهي! گوڙ کي چيريندو، اڳتي وڌيس.
ڏسان ته ڪار بيٺي آهي. ان جي اڳيان، بلو هڪ موٽي
سيٺ کي گردن کان جهليو بيٺو آهي. ”سالا حرامي
جيڪڏهن توکي ڪار نٿو هلائڻ اچي ته ڪار ڇو هلائي
ٿو!“ سيٺ ڪرڙيءَ وانگر پئي ڦٿڪيو. ”ڇا اوهان سيٺيا
دنيا جي نشي ۾ ايترو انڌا ٿي ويا آهيو جو غريبن جي
مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙهيو!“ مون وڃي بلوءَ
کي پٺيان ڀاڪر وڌو. منهن ورائي دانهن ڪيائين،
سائين ڏسو، هي حرامخور ڪهڙو نه بي پرواهيءَ سان
ڪارون ٿا هلائين. غريب ڇوڪري مٿان ڪار چاڙهيو اٿس.
ان کي اسپتال ڇڏڻ بدران، ڪار ڀڄائي ٿو وڃي!“ ائين
چئي هڪڙو زور سان چنبو وهائي ڪڍيائينس. مون کڻي
سندس هٿ روڪيو. ڪجهه سندس جوش گهٽيو. سيٺ کي
چيائين ”کڻ هن ڇوڪري کي ڪار ۾!“ ڇوڪر کي ڪار ۾
کڻائي اسپتال آياسين. ڊاڪٽر جي فيءَ سان گڏ ڇوڪر
جي مائٽن کي سيٺ کان پنجاهه رپيه وٺي ڏياريائين،
تڏهن وڃي سيٺ جي جند ڇٽي.
هڪڙي ڏينهن، جيئن اسڪول ۾ گهڙيس ته ڇوڪرن چيو،
”سائين رات اسان جي پاڙي ۾ وڏو جهيڙو ٿيو آهي.“
مون سمجهيو، ضرور بلوءَ ڪو دنگو مچايو هوندو.
”سائين، رات، بلو دادا ٽن چئن اشرافن جي لاک لاٿي
آهي. ويچارن کي خوب موچڙا هنيا اٿس. سندس رت ڪتو
نه چٽي. بس، کين اڌمئو ڪري، ڇڏي ڏنائين.“ مونکان
هينئر پرهائڻ ته ويو وسري. اچي اڻ تڻ لڳي ته رات
الائي ڪهڙو معاملو ٿيو آهي. جيئن تيئن ڪري، جڏهن
سڪول کان ڇوٽي ملي، ته ڏسان ته جهانگيان جي ڪيبن
تي مڙس اک سڄايون ويٺو آهي. وڃي ڀرسان ويٺو مانس.
هوٽل جي ڇوڪر کي واڪو ڪري چيائين، ”چانهه کڻي
آءُ.“ مون چيس، ”آءٌ تنهنجي چانهه نه پيئندس.“
آخر ڇو!
”تون ڪيترا ڀيرا مون سان وعدو ڪيو آهي ته داد گيري
نه ڪندين، مگر جيئن ٿڌ تيئن وڌ!“
يڪدم وراڻيائين، ”سائين، پهرين ڳالهه ته ٻڌ، رات
ڇا ٿيو. ٽي حرامزادا سوٽيل بوٽيل، پاڙي جي ڇوڪرين
جي پٺيان پيا ڦرن. ڀلا سائين، تون چئو، اهڙي وقت،
بلو بس ڪري وهي؟ ٻه ٽي لپاٽون هڻي، سالن کي سبق
سيکاري ڇڏيم.“
هڪڙي دوست جي شاديءَ جي، ملير ۾، ڪوٺ ملي. بلوداد
کي چيم ته گڏجي هلنداسون. پروگرام رکيوسين ته هتان
آچر ڏينهن، ڏهين ڌاران، چاڪيواڙي کان نڪري، لي
مارڪيٽ وٽان بس پڪڙي، ملير هلنداسون. سڏ واري
ڏينهن، اڃا چاڪيواڙي کان سوء کن وکن جو مس کنيوسين
ته ڀت جي پاڙ ۾ ڪنهن مسڪين جو لاش نظر آيو. سمجهه
۾ ائين پئي آيو ته ڪو پرديسي بيمار آهي، جنهن کي
رات سيءَ سڪائي ڇڏيو آهي. ڏسندي چيائين ”سالي کي
مرڻو ئي اڄ ۽ هتي هو.“ گهڙي رکي وري چيائين
”سائين، هن جو ٺڪاڻو ڪيون.“ مون اڃا ڪڇيوئي ڪڇيو
ته جهٽ وراڻيائين، ”ڪنهن جي شاديءَ ۾ وڃڻ بدران،
ڪنهن جي موت تي وڃجي ته ڀلو!“ آءٌ چپ ڪري بيهي
رهيس بگيءَ واري کي سڏ ڪيم. بگيءَ وارو پڙ ڪڍي
بيٺو چي، آءٌ پنهنجي بگيءَ تي لاش نه کڻندس.
هوڏانهن، ”بلوءَ سان پالو پيو هوس، سو قميص کان
ڇڪي کڻي هيٺ لاٿائينس. بگيءَ وارو ائين ڪڇي جهڙي
ڀت. لاش کي بگيءَ ۾ کڻي، اچي مسجد وٽ پهتاسون.
بلوءَ وٽ پئسو ٺهيئي ڪونه. مون لاءِ به مهيني جون
پويون تاريخون. ڪفن دفن جو خرچ ڪٿان اچي!“
”بلو، هينئر ڇا ٿيندو؟“
”سائين، هي بليڪ مارڪيٽر“، سيمنٽ جي ٺهيل وڏيءَ
بلڊنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”اسان جي پئسن سان
ئي شاهوڪار ٿيا آهن. اڄ اسان جي موت تي هنن کي
پيسا ڏيڻا ئي پوندا.“ مونکي لاش وٽ بيهاري، پاڻ
سيمنٽ واريءَ بلڊنگ ۾ گهڙي ويو ٿوريءَ دير کان
پوءِ موٽي آيو. سندس هڪ هٿ ۾ ڏهين ڏهين رپين جا ٻه
نوٽ هئا، ۽ ٻئي هٿ ۾ کليل چاقو. ”بلو، هي چاقو!“
”سائين، پهريائين ته گوٿ ناٿي پئي ڪيائين، مگر هن
کي ڏسي ڍڍرئي ڍرا ٿي پيس!“
جئن وئڪيشن ختم ڪري، ڪراچيءَ وريس، اندر ۾ اُڪير
هيم ته بلوءَ سان ملان. جڏهن جهانگيان جي ڪيبن وٽ،
پهتس، ڏٺم ته بلو غائب هو. جهانگيان ٻڌايو ته بلو
مڪران هليو ويو آهي.
”ڇو؟“ مون يڪدم پڇيس.
”سائين“، سيمنٽ جي بلڊنگ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين،
”سيٺ صاحب، بلوءَ کي گونڊاائڪٽ هيٺ شهر نيڪالي
ڏياري ڇڏي!“
مان سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا، بلو سچ مچ گونڊو هو!
نوجوانن ڏانهن
اَچو، پٿر جهڙا پَٺا، رُڪَ جهڙيون رڳون، فولاد
جهڙو جگر، جبل جهڙي اڏول دل کڻي اچو. اهڙا نوجوان
اچو، جي موت جي مقابلي کان نه ڪيٻائين، وطن جي
حفاظت ۽ خدمت جي راه ۾ سوريءَ کي سيج سمجهن ۽
اونهي ۾ اونهي سمنڊ کي ماپڻ جي صلاحيت رکندا هجن ۽
زورآور شينهن سان زور آزمائي جو حوصلو رکندا هجن.
(وويڪانند)
شيخ حفيظ
ٻه ڳوڙها
آفيس مان نڪري، ٿڙندو ٿاٻڙندو، هڪ هوٽل اڳيان اچي
بيهي رهيو. ڪجهه دل من پڇيائين، ۽ پوءِ، اندر گهڙي
ويو. ڪنڊ ۾ پيل هڪ ميز کيس دل وٽان جڙي، پاسو ڏيئي
وڃي اتي ويٺو.
هو هڪ افسانه نويس هو، ۽ هڪ آفيس ۾ ڪلارڪي ڪندو
هو. افسانه لکڻ، آفيس ۾ گهاڻي جي ڏاند جيان ڳهڻ، ۽
هوٽلن ۾ ماني کائڻ، هن جي ڪل زندگي هئي.
هوٽل ڪو عاليشان ڪين هو. وچولي درجي جو هوٽل اهڙو
جنهن ۾ هڪ ويلي مانيءَ جو بل ڏهه ٻارنهن آنا اچي،
۽ چانهه جو ڪوپ وغيره ملائي، لٿي پٿي هڪ رپيو ٿئي.
هو ميز تي وڃي ويٺو ته ڊبل روٽيءَ جيان ڳٽن ڀريل
هڪ ڇوڪري اچي کانئس آرڊر پڇيو.
”ڇا تيار آهي؟“ هو ڀڻڪيو.
”ڀينڊي گوشت، پٽاٽا گوشت، سائي ڀاڄي، دال، روس،
مغز، مرغي...“ ڇوڪر کي ڄڻ چاٻي اچي ويئي، ۽ هو
طوفان ميل جي رفتار سان کاڌن جي فهرست ٻڌائڻ لڳو.
افسانه نويس، پنهنجي لاءِ تمام معمولي ٻوڙ مانيءَ
جو آرڊر ڏنو، ۽ منهن ورائي پنهنجي آس پاس واري
ماحول کي جاچڻ شروع ڪيو. سامهون هوٽل جي بورچيءَ
هڪ وڏي هنڊي مان چمچو گهمائي گهمائي، ڀري کڻي پليٽ
۾ وڌو. ڇوڪري، هڪ هٿ ۾ چلڪندڙ پاڻيءَ جا گلاس
آڱرين ۾ لڙڪائيندي، ۽ ٻئي هٿ ۾ مانين جي ٿالهيءَ
تي ٻوڙ پليٽ کڻي اچي سندس ميز تي اڳيان پٿاريا.
افسانه نويس، ويچارڻ لڳو، ”ڪهڙا نه گندا آهن، هي
هوٽل وارا! هن ميز تي، الائجي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو،
کاڌو کائي ويا هوندا! الائجي ڪهڙن ڪهڙن مرضن جا
جيوڙا ڇڏي ويا هوندا! ۽ هي بورچي....“ هن جي خيالن
جي زنجير اڃان اڌ ۾ ئي هئي، ته هوٽل جو ڳاڙهو
ڳٽول، ڊبل روٽيءَ وانگر سڄيل ڇوڪرو سامهون پئي
گراهڪ وٽ ڀينڊي گوشت، پٽاٽي گوشت، سائي ڀاڄي، دال،
روس، مغز، برياني، پلاءُ....جي ياد ڪهات ڪڍڻ لڳو،
۽ پوءِ هو ڪنڌ هيٺ ڪري مانيءَ کي کائڻ لڳي ويو.
گهڙي پل رکي، هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي ورتو، ۽
وري پنهنجي خوراڪ چرڻ ۾ لڳي ٿي ويو. ماني کائڻ کي
هو هميشه ”آهر چرڻ“ چوندو هو، ڇو ته سندس خيال
موجب، عام ماڻهن کي نڪي ماني ملي ٿي، ۽ نڪو هو
کائي ئي ڄاڻن! ”هو ته بس چري ڄاڻن، ۽ چربي آهي
آهر، نه ماني. ماني ته کائبي آهي!“ هو پنهنجي خاص
نوع ۾ چوندو هو.
ٿلهو ڇوڪرو ٻئي گراهڪ کي ماني ڏئي، ٻين ميزن کي
صفا ڪرڻ ۾ لڳي ويو. اتان هٿ واندو ڪري، هن پريان
ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل ڪٻٽ مان هڪ ڊبل روٽي ڪڍي، سلائيسن
ڪٽڻ جي مشين ۾ وجهي، سلائيسون ڪٽيون، ۽ اچي هڪ ميز
تي رکيائين. ڪنٽر تي وڃي، هن هڪ چانهه جو ڪوپ
ورتو، ۽ ميز تي اچي، چانهه ۾ ڊبل روٽي ٻوڙي کائڻ
لڳو.
افسانه نويسن ڪڏهن ڪڏهن، اکيون کڻي، هن ڏانهن ڏسي
ٿي ورتو، پر وري پنهنجي ”آهر چرڻ“ ۾ مگن ٿي ٿي ويو
”هو دل ۾ سوچي رهيو هو، هي ڇوڪرو ڪير هوندو؟ ڪٿان
آيو هوندو؟ ڳاڙهو ڳٽول لڳو پيو آهي! هتي هوٽل ۾
نوڪري ڇو ڪئي اٿس؟ پڙهي ڇوڪين ٿو؟ هن جيڏا ٻيا
ڇوڪر ته اسڪول ۾ علم......“ يڪايڪ هن جي خيالن جي
زنجير ٽٽي پيئي. ڀرسان ٻيءَ ميز تي ٻيو هڪ ڇوڪرو
هڪڙي نئين آيل گراهڪ لاءِ ”آهر“ رکي رهيو هو.
موٽندي، ڇوڪري جو هٿ افسانه نويس جي سامهون رکيل
گلاس کي لڳي ويو، ۽ پاڻي گلاس مان ڇلڪي سندس
مانيءَ تي اچي پيو. افسانه نويس کي ڪاوڙ اچي ويئي.
ڪرڙيون اکيون کڻي هن ڇوڪري ڏانهن نهاريو. هن جون
نگاهون ڇوڪري جي نظرن سان ٽڪريون، عجيب بي ڪسيءَ ۽
پڇتاءُ جون هيون اهي نظرون! ڪاوڙ ڀريا لفظ هن جي
من مان اڦرڪي چپن تائين آيا، ۽ اتي ئي بند ٿي ويا.
هن محسوس ڪيو، ڄڻ ڇوڪرو اکين ئي اکين ۾ چوندو هجي
”سائين،...... مونکي معاف ڪر. ڀل ٿيم..... تون
بخش....... تون ته وڏو آهين..... آءٌ اڃا ٻار
آهيان......... ڏس........ منهنجي اکين ۾.......
منهنجي اکين ۾ اڃان ننڊ ڀري پيئي آهي....... آءٌ
رات پوريءَ طرح سمهي به ڪين سگهيو هيس...... آءٌ
سڄو ڏينهن، هن هوٽل ۾ ڳهندو
آهيان.......۽........۽ سائين...... تون گوڙ ڪندين
ته سيٺ مونکي ماريندو. پوءِ ........ مونکي معاف
ڪر...... مان غريب آهيان....... مسڪين.....ابهم.“
ڇوڪري جي اکين مان هن انيڪ افسانا پڙهي ورتا هن،
اُتي غريبت ۽ اڻ هوند جون دردناڪ ڪهاڻيون پڙهيون،
۽ ذلت ۽ بيشرميءَ جون ٺٺوليون پڙهيون. انهن اکين
۾، هن انسان جي ڪٺل، ڪچليل انسانيت جي روئداد ٻڌي،
۽ مظلوم معصوميت جون التجائون ۽ داستان پڙهيا.
پوءِ هو وري ڪنڌ هيٺ ڪري آهر چرڻ لڳي ويو.
ٿلهو پٺاڻ ڇوڪرو، ڊبل روٽي ۽ چانهه ختم ڪري، اٿي
کڙو ٿيو. ۽ پوءِ هو، نٻل هيسيل ڇوڪرو، ڪنٽر تان
چانهه وٺي اچي ميز تي ويٺو. هن چانهه جي هڪ ٻه
سرڪي ڀري، ۽ پوءِ، شايد هن محسوس ڪيو ته کيس بک به
هئي. هو اٿيو، ۽ ڪٻٽ مان ڊبل روٽي ڪڍي، ٻه سنهيون
سلائيسون ڪپي کڻي آيو. رکي ڊٻل روٽي وات ۾ وجهي،
هن چڪ سان ، گراهه وڍيو، ۽ چانهه جي ڪوپ مان سرڪي
ڀري وات ئي وات ۾ مليدو ٺاهي، ڳڙڪائڻ لڳو. ”ڪيترو
نه مختلف آهن، هي ٻئي ڇوڪرا! شايد هو ڊبل روٽيءَ
جيان سڄڪ، ڳاڙهو ڳٽول ڇوڪرو به ڪڏهن ڳري جهري، هن
نماڻي نٻل ڇوڪري وانگر سڙي سڪي گهنجيل ڪاٺيءَ مثل
ٿئي ويندو!“ افسانه نويس سوچڻ لڳو.
ڇوڪر چانهه ختم ڪري ورتي. هو فقط هڪ سلائيس ڳڙڪائي
سگهيو هو. ٻي هن کان ڪانه هلي سگهي. هو وري ڪنٽر
ڏانهن ويو، خالي ڪوپ ڪنٽر تي رکي، هن ڊبل روٽيءَ
جي بچيل سلائيس، اوبر واري ٿانوَ ۾ اڇلائي.
افسانه نويس جون اکيون ڇوڪر ۾ کتل هيون. ڇوڪرو ڊبل
روٽيءَ ڏانهن ائين گهوري نهاري رهيو هو، ڄڻ چوندو
هجي ”ڏسو ته سهي، منهنجو کاڄ ئي ڪيترو! پر.....“ ۽
ڇوڪر ٿڌو ساهه ڀريو...... افسانه نويس کي ڄڻ ڪنهن
چوچڙي دکائي هنئين. هن جي دل ۾ خيال آيو ته هو
ڇوڪر کي ڀاڪر پائي چوي ”تون اداس ڇو آهين؟ تون ٿڌا
ساهه ڇو ٿو ڀرين؟ تنهنجي اداسائي ته پوريءَ ڪائنات
کي اداس ڪيو ڇڏي...... معصوم ننڍڙا نينگر، تون
اداس نه ٿي.....“ پر هو خاموش رهيو.
نٻل معصوم ڇوڪر، چانهه جي ڪنٽر سامهون بيٺو، ڳاڙهي
ڳٽول ڇوڪري کي اداس نظرن سان چتائي ڏسي رهيو هو.
ڪنٽر جي پٺيان بيٺل ماڻهو، ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪر کي هوس
ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو. نئين نويل ڇوڪر کي
ڪاوڙ اچي ويئي. ”ڇاهي ڙي؟“ ڇوڪر پنهنجو پورو زور
لڳائي رڙ ڪئي.
”چريءَ جا ڦر!“ ڪائونٽر پٺيان بيٺل ماڻهوءَ سندس
رڙ جو جواب ڏنو.
”هڻ ڀيڻ........ (گار ڏئي) کي،“ رانڌي اندران
رنڌڻي رڙ ڪئي.
”پوءِ تون.....“ ۽ ڇوڪر چوندي چوندي رڪجي ويو. ڄڻ
ڪنهن ڄڀ ڪوري ڪڍي هجيس.
ڪنٽر پٺيان بيٺل ماڻهو، ڏند ڀيڪوڙي ٻاهر نڪتو. هن
ڇوڪر جي وارن کان وٺي، کيس ٻه ٽي ڌانڌوڙا ڏنا، ۽
سندس ڪنڌ مٿي ڪري، سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو. ڄڻ چوندو
هجي ”سمجهو ڇا ٿي ڙي؟.... گوڙ ٿو ڪرين؟.... سڌو ٿي
هلندين يا...“ ۽ پوءِ هن کي ڇڏي ڏنائين.
ڇوڪر جا وار ڇٽا، ته هو گهڙي پلڪ ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو
رهيو، ڄڻ ڪجهه سوچيندو هجي، پوءِ هن ڪنڌ کنيو، ٻه
موتين جهڙا ڳوڙها، ڇوڪر جي پلڪن تي ڄمي بيهي رهيا
ڄڻ چوندا هجن، ”ياد رک، اڳتي، ايترو به ٻاهر ڪونه
اينداسونءِ!“
ماني ختم ٿي چڪي هئي. افسانه نويس هٿ ڌوئي، دخل تي
اچي پئسا ڏنا. ٻاهر نڪري، هو ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر
ڏانهن هلڻ لڳو.
ڏاها!
ڏاها! پرائي چمڪي تي پاڻ نه ڀلاءِ! ڪجهه پنهنجو به
خيال هلاءِ!
ٻاهر جي هرهڪ ڳالهه کي چنبڙي پوڻ ۽ ان تي اکيون
ٻوٽي عمل ڪرڻ، پنهنجي غلام طبيعت جو دوکو آهي، ۽
پنهنجي ڪمزور دماغ جو ثبوت آهي. قدرت چاهي ٿي، ته
پنهنجي سر پنهنجي اصولن پٽاندر اسرڻ گهرجي.
مان توکي خاطريءَ سان چوان ٿو، ته جنهن تي پنهنجي
ملڪ ۽ مذهب جو ٺپو هجي، تنهن کي به صحيح سمجهي،
ڀلي قبول ڪر، ۽ استعمال ۾ آڻ ان جي خلاف جيسين
ڪافي ثبوت نه مليو آهي. تيسين ان کي رد ڪرڻ حماقت
۽ جهالت نه آهي ته ٻيو ڇاهي؟ ۽ ساڳئي وقت جنهن تي
ٻاهر جي ڇاپ لڳل هجي، تنهنکي يڪدم رد ڪرڻ نه
جڳائي. جيستائين ان کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي ثبوت نه
هٿ اچن. (وويڪانند)
بشير مورياڻي
زندگيءَ جو روڳ
”جيل موڪليوس!“
”يا اهڙي سيکت ڏيوس، جو عمر ڀر ياد ڪري!“
”ٻار ٻچار به اٿس؟“
”انهن جو خيال به ڪونه ٿيس؟!“
”ڏاڍو ڪو چنڊال ٿو ڀائنجي!“
اهي سڀ ڳالهيون صدروءَ جي باري ۾ ٿي رهيون هيون، ۽
هو ڪنڌ جهڪائي ماڻهن جي انبوه جي وچ ۾ بيٺو هو. هن
جو چهرو هر قسم جي جذبات کان خالي هو. هو رڳو تڪڙو
تڪڙو ساهه کڻي رهيو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاٺ مڏيءَ جي
مالڪ غوث بخش ڏانهن پئي ڏٺائين، جيڪو ماڻهن جي ميڙ
۾ بيهي ساڻن ڳالهائي رهيو هو.
”ڪم سچ پچ جيل وڃڻ جهڙو ڪيو اٿس. ڇا خود ڪشي ڪرڻ
گناهه نه آهي؟“ هن سوال پڇي، ماڻهن جي منهن ڏانهن
داد طلب نگاهن سان ڏٺو، ڄڻ ته رڳو هن جي ذهانت اهو
سوال جهٽي ورتو هو. ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا،
پر خاموش رهيا. هڪ بزرگ صورت شخص ماڻهن کي پري
هٽائيندو اڳتي وڌي آيو.
”جيڪي اوهان چيو سو بيشڪ صحيح آهي. خودڪشيء جو
ارادو ڪرڻ به ڏوهه آهي.“ ماڻهو ڪنڌ لوڏي ان ڳالهه
جو اعتراف ڪرڻ لڳا. ڪن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ۽ نگاهن
ئي نگاهن ۾ هڪٻئي کان سوال جواب ڪيا.
”ٻار ٻچا اٿس!“ اُن بزرگ شخص سوال ڪيو.
”شايد،“ مڏيءَ جي مالڪ غوث بخش بي پرواهيءَ سان
چيو.
”هائو اٿس. ٽي ٻار به اٿس،“ هڪ مزدور جواب ڏنو.
”ته پوءِ مان اوهان کي عرض ٿو ڪريان،“ بزرگ، غوث
بخش کي مخاطب ڪندي چيو، ”ته انهيءَ بدنصيب تي رحم
ڪريو. کيس ٿاني نه موڪليو.“
”هو ڪنهن رحم جي لائق نه آهي. هن کي جڏهن پاڻ تي
ئي رحم نه آيو. ته پوءِ ٻيو ڪو مٿس ڪيئن رحم ڪري؟“
صدرو، ڪنڌ جهڪائي، ڳوڙهن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪندو
رهيو. بزرگ چيو، ”هن تي نه سهي، پر هن جي ٻارن تي
ضرور رحم ڪريو. سوچيو، جيڪڏهن هي جيل ۾ پوندو، ته
پوءِ انهن جي سار ڪير لهندو؟ ڪير انهن کي پاليندو؟
گهر جي سنڀال ڪير ڪندو؟“
غوث بخش ڪجهه دير سوچيندو رهيو.
”چڱو، توهان ستايو آهي، تنهنڪري ڇڏيانس ٿو.“
”مرادوند ٿيندؤ، خوش رهندؤ شال،“ بزرگ پنهنجي عزت
افزائي تي خوش ٿي هلڻ لڳو. وري پٺتي موٽي صدروءَ
جي ويجهو آيو.
”وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪجانءِ- توکي زندگي ضايع ڪرڻ
لاءِ نه ملي آهي. ان کي بهتر بڻاءِ. بزرگ جي وڃڻ
کان پوءِ، اڪثر ماڻهو به هلڻ لڳا. رڳو مڏيءَ جا
مزور ۽ منشي بيٺا رهيا.
غوث بخش وري وڃي موڙي تي ويٺو. صدرو ساڳيءَ حالت ۾
بت بڻيو بيٺو رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ مزور
سڏڻ آيس.
”هل ڙي! سيٺ ٿو سڏئي، ٽن ڏينهن جو حساب صاف ڪري،
دڳ ڇڪ.“
هو مزور جي پٺيان هوريان هوريان هلندو ويو.
”منشي صاحب، سيٺ جو حڪم آهي ته هن جو ٽن ڏينهن جو
حساب چڪتو ڪري ڇڏيو.“
منشي صاحب هڪ سنهو، ڊگهو رجسٽرڊ کوليو. ان ۾ ڪجهه
لکيائين. ”هيڏي اڄ، کٻو آڱوٺو ڪڍ...“
ٻاهر نڪري، سيٺ کان موڪلائڻ بنا، هو هلڻ لڳو، ته
سيٺ گهرائي چيس، ”ڇورا، ڇو حياتيءَ کان ڪڪ ٿيو
آهين!“
صدروءَ وراڻيو، ”سائين، مون کان ته موت به ڪڪ
آهي.“
ائين چوندي، کيسي ۾ پيل 3 آنا 12 آنن کي هٿ جي
آڱرين سان محسوس ڪندو، اڳتي هلڻ لڳو.
هو پريشان هو. هو جڏهن به پريشان ٿيندو هو ته شدت
سان پنهنجا پيءُ ماءُ ياد ايندا هيس. هن جو خيال
هو ته هن جي پريشانين جو سبب به اُهي ئي هئا، جن
کي مئي ڪافي وقت ٿي چڪو هو هن کي سڀ کان گهڻا خار،
ان مهل ماءُ تي ايندا هئا. هن جي دل ۾، تڏهن ماءُ
لاءِ ذرو به عزت نه رهندي هئي. ”چوندا آهن ته ماءُ
جي پيرن هيٺان جنت آهي. پر منهنجي ماءُ جي پيرن
هيٺان شايد ڪا دوزخ جي باهه هئي، جنهن جون جڀيون
اڄ به منهنجي جسم کي جلائي رهيون آهن،“ هو سوچيندو
هو.
صدروءَ جو خيال هو ته جي هو شادي نه ڪري ها، ته هن
جون پريشانيون وڌن نه ها. هن جي زندگي برباد نه
ٿئي ها. ماڻس کي هن جي شاديءَ جو ڪيڏو نه شوق
هوندو هو. هو اڃا جوان ئي مس ٿيو هو جو هن اها دعا
گهرڻ شروع ڪئي هئي، ”خدا ڪڏهن اهو ڏينهن ڪندو
منهنجو صدر پرڻبو!“
هوءَ اهو جملو گهڻو ڪري تڏهن دهرائيندي هئي، جڏهن
هن جون پاڙي واريون، هن سان ڪنهن شاديءَ وهانءَ جو
ذڪر ڪنديون هيون، يا ڪنهن شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪا
نينڊ ملندي هئس، يا جڏهن مڙس سان صدروءَ جي آئنده
جي باري ۾ ڳالهائيندي هئي. صدرو، پنهنجي زندگيءَ
جي شروعاتي ڏينهن تائين ته بيڪار گهمندو رهيو.
پوءِ پڻس کي ڪو خيال آيو، يا ٻين پاڙي وارن جي ريس
تي، پٽ کي ميونسپل پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايائين.
هو اڃا پنجين سنڌيءَ ۾ ئي هو، جو پڻس رضا ڪئي.
صدروءَ کي وقت کان اڳ آيل تلخ مسئلن سان منهن ڏيڻو
پيو. ڪي پاڙي وارا ڪڏهن پڇندا ڳاڇندا هئن. ماڻس
انهن سان ڪم تي موڪلي ڏنس، ۽ اهڙيءَ طرح هن جو
تعليمي مستقبل ختم ٿي ويو.
هن جڏهن پنهنجي پهرين ڪمائي ماءُ جي تريءَ تي آڻي
رکي، ته ماڻس گهور گهور ويس، لکين دعائون ڪيائينس،
۽ ان وقت هن جي اها پراڻي خواهش ڏاڍيءَ تيزيءَ سان
اڀري آئي، ته پنهنجي صدر جي شادي اکين سان ڏسي! هن
کي رپئي جي نوٽ تي صدروءَ جي ڪنوار جي مبهم تصوير
نظر آئي. هن جي محويت تڏهن ٽٽي، جڏهن صدروءَ چيس،
”امان ٻه گرهه پچائي ڏي ڀلا!“
هن صدروءَ کي پيار ۾ محبت سان ڏٺو. هن جو صدر ڪيڏو
نه وڏو ٿي ويو هو! هن کي جلد کان جلد پرڻائڻ
گهرجي.
جلد نه، دير سان ئي سهي، نيٺ هڪ ڏينهن صدروءَ جي
شادي ٿي. ماڻس جي دل جي خواهش پوري ٿي. هن کي به
شايد پٽ جي شادي ئي ڏسڻي هئي. پٽ جي شاديءَ کان
پوءِ جلد ئي گذاري وئي. هاڻي صدرو ۽ جوڻس اڪيلا ٿي
پيا، هو، نئين شاديءَ جي نشي ۾ پهريائين ايترو ٻڏل
رهيو، جو تن من جي سڌ به ڪانه رهيس، پر جئن وقت
گذرندو ويو، تئن زندگيءَ جون تلخيون نئين سر پيدا
ٿينديون ويون، جن هن کي چماٽون هڻي هڻي اگهور ننڊ
مان جاڳائي وڌو.
هن کي پهريون ٻار ڄائو، ته ڏاڍي خوشي ٿيس، ۽ جڏهن
جوڻس ويم جا ڏينهن ڪاٽي وري تندرست ٿي، تڏهن
بادشاهه پير جا نڪل ۽ ريوڙيون ورهايائين پوءِ جوڻس
محض ٻارن ڄڻڻ جي مشين ٿي پيئي. هن کي هر سال ٻار
ڄمڻ لڳو. هوءَ پاڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويئي
۽ کيس هميشه هڪ نه ٻئي مرض جي شڪايت رهڻ لڳي. صدرو
بدستور مزوري ڪندو رهيو. پوريءَ سوريءَ ڪمائي مان
گهر جو ۽ دوائن جو خرچ ڪيستائين ڪو ڪري سگهندو. هو
زال جي وٿين مان ويندڙ زندگي هڪ طرف، ٻارن جون
بکون ۽ اٻالا حال ٻئي طرف. صدرو عجيب ڪشمڪش ۾
مبتلا ٿي ويندو هو.
پهريائين، جڏهن گهر جو الڪو نه هوندو هيس، ڏکيو
سکيو مڙئي چڱو گذر ٿيندو هوس، ۽ جڏهن جوڻس تندرست
رهندي هئي، تڏهن هو پاڙي جي اوستن سان ٻاهر
مسافريءَ تي به ويندو هو ۽ اتان ڪمائي موڪليندو
هو. هاڻي ائين به ڪري نه پئي سگهيو. هڪ ته جوڻس جي
حالت اگهي پئي رهي، جنهنڪري ٻارن جي سنڀال به هن
کي ڪرڻي پوندي هئي. ٻيو ته ٻاهر ڪم تي وڃڻ سبب هن
جو خرچ به گهڻو ٿي ويندو هو. اتي هن کي کاڌي ۾
ويسي به ڏيڻي پوندي هئي، ۽ ٻيواڙيو ٿڙيو خرچ جدا.
پر مصيبت وري اها هئي جو شهر ۾ ڪم مڙيئي پورو سارو
هو. هفتي ۾ چار ڏينهن مس ڪم سان لڳو ٿي نه ته ٻيو
ٿيو ڀلو!
جوڻس کي پهريائين هلڪو بخار اچڻ لڳو هو، جو پوءِ
وڌي ويو هو، ۽ انکانسواءِ مٿي ۾ ڀنواٽي به ايندي
هيس، ۽ سيارو آيو ته کنگهه به شروع ٿي ويس.
ماءُ جي سنڀال کان سواءِ، ٻار به اٻاڻڪا ۽ ڪڪ ٿي
پيا هئا. انهن مڙيني ڳالهين هن کي پريشان ڪري ڇڏيو
۽ هو جڏهن به پريشان ٿيندو هو ته ماءُ کي ضرور ياد
ڪندو هو، جنهن هن کي جهنجهٽ ۾ ڦاسايو هو. نه هجي
ها بانس، نه وڄي ها بانسري، نه ڪري ها شادي، نه
پوي ها ڳڻتين ۾. گويا هن جي شاديءَ جي اڪيلي
ذميوار ماڻس ئي هئي!
هو جڏهن به گهڻو پريشان ٿيندو هو، تڏهن دل ئي دل ۾
ماءَ تي ڇوهه ڇڊيندو هو، پر پوءِ جلدي کيس پڇتائڻو
به پوندو هو ۽ وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ کيس اهڙي قسم
جي خيالي ڄار مان نجات ملندي هئي.
”مري ويلن جو ڪهڙو ڏوهه؟ زندگي ته گذارڻي آهي. ان
سان منهن ته ڏيڻو ئي پوندو.“ ۽ انهيءَ گهڙيءَ هن
جي دل ۾ پنهنجي بيمار زال ۽ ٻارن لاءِ رحم ۽ پيار
جو جذبو جاڳندو هو.
”هن ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه!“ هو زال بابت سوچڻ
لڳندو هو. ”مان ئي پنهنجي جنسي خواهش جو ٻانهو
آهيان. مون پنهنجي هٿن سان پاڻ ئي هي سڀ پريشانيون
پيدا ڪيون آهن ۽ پاڻ ئي انهن جي شڪايت ٿو ڪريان!
زندگيءَ جو ته ڪوئي ڏوهه ڪونهي ۽ منهنجي زال جو به
ته ڪوئي ڏوهه ڪونهي ۽ منهنجي زال جو به ته ڪوئي
ڏوهه ڪونه آهي!“
آخر جڏهن روزگار سان لڳو، تڏهن ڪجهه ساهه پيس
پهرئين ڏينهن جي مزدوريءَ مان گهر لاءِ سيڌو وٺي
آيو. ٻئي ڏينهن ڪم تي ويندي سوچيندو پئي ويو،
”جمعي تائين منهنجا ٽي روز ٿيندا. پوءِ ضرور ڪنهن
سياڻي طبيب کان هن کي تپاسرائيندس“ جڏهن ڪم واري
جاءِ تي پهتو ته مستري صاحبڏني چيس، ”صدورا!“ هو
سدائين هن جي نالي کي ائين بگاڙي ادا ڪندو هو. ”اڄ
ٻيلي تون فرحت وٺ، بٺي تان سرون ڪونه آيون آهن. اڄ
ڪم بند ڪيو اٿئون. رڳو رسولي ۽ رحيم بخش کي اندر
”پيٽين“ ڪرڻ تي لڳايو اٿم.“
هن ٻڙڪ به نه ٻولي ماٺ ڪري، ڪنڌ جهڪائي گهر موٽي
آيو. جوڻس هن جي منهن مان اصلي ڳالهه ته سمجهي
وئي.“
”تڪليف وڌي وئي آهي؟“ هن جهڪي، نرڙ تان وار
هٽائيندي پڇيس. هوءَ جواب ۾ کنگهه ۾ اچي ڇٽڪي ۽ هو
ٻارن کي وٺي اڱڻ ۾ اچي ويٺو. سوچڻ لڳو، ”ڪهڙي طبيب
کي ڏيکارجي؟ ۽ پئسا ڪٿان اچن؟ مفت ۾ چڪاسڻ لاءِ ته
ڪوئي تيارئي ڪونه ٿيندو؟ ۽ جنهنجي دوا ٿيندي رهي
ٿي، انجو ته ڪوئي حال ڪونهي.“
هنکي حڪيم فتح محمد ياد اچي ويو. ”ڪهڙو نه مهربان
آهي“ هڪ دفعي هو پنهنجي پاڙيسري اوستي محمد عليءَ
سان گڏجي وٽس ويو هو. محمد عليءَ جي ننڍڙي بيمار
هئي. هو ان جي دوا وٺڻ پئي ويو، ته رستي تي صدرو
گڏجي ويو هوس. ڳالهيون ڪندي هو وڃي حڪيم فتح محمد
جي دواخاني تائين پهتا هئا.
”انهيءَ کي ڏيکارجي پر پئسا ته هو به گهرندو ۽
پئسو پاڻ وٽ ٺهي ئي ڪونه تنهن هوندي به ڪوشش ته
ڪريان. من ڪو روح ۾ رحم پويس.“
هو ٻارن کي راند ۾ مشغول رکي، انهيءَ مهل حڪيم فتح
محمد وٽ ويو، ۽ کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌايائين.
”سڀاڻي مان گهڻو ڪري ڪم سان لڳندس. جي اوهان علاج
شروع ڪندا ته پئسا روز جو روز اوهان کي ملندا
رهندا.“
حڪيم فتح محمد، هن سان همدردي ڏيکاري، ۽ بيمار کي
دواخاني آڻڻ لاءِ کيس چئي، ٻين سيڙيل مريضن ڏانهن
متوجه ٿيو.
صدرو تڪڙو تڪڙو گهر ويو. پاڙي مان اٺ آنا اڌار وٺي
زال کي بگيءَ ۾ چاڙهي، حڪيم فتح محمد جي دواخاني
تي وٺي آيو. مريضه کي تپاسڻ کان پوءِ حڪيم چيس.
”سلهه جو خطرو آهي. علاج نه ٿيڻ جي حالت ۾ هڪدم ٿي
پوندي- ڪي آثار ۽ اهڃاڻ ته هاڻي به نظر اچن ٿا.“
هن جا طاق لڳي ويا.
”توهان مهر ڪري علاج شروع ڪريو. خدا گهريو ته پئسا
روزانو، سڀاڻي کان اوهانکي پهچايئندو رهندس. حڪيم
هن سان شريفاڻو ورتاءُ ڪيو، ۽ ٻن ڏينهن جي دوا
ڏنائينس. اهو سڄو ڏينهن هن تي قبر جهڙي خاموشي
طاري رهي.
ٻئي ڏينهن به هو ڪم تي چڙهي نه سگهيو. هن کي هاڻي
حڪيم فتح محمد جو مرم مارڻ لڳو، جنهن شرافت ۽
همدرديءَ وچان هن جي گهر واريءَ کي مفت تپاسيو هو،
۽ دوا به ڏني هئائين.
”حڪيم جي پئسن جو ڇا ٿيندو؟“
سومهڻي مهل محمد عليءَ اچي هن جو در کڙڪايو.
”ٿيو ڪو چاڙهو؟“ صدروءَ جو منهن لٿو ڏسي محمد علي
پڇيو.
”مستري صاحبڏني ته صفا رکو جواب ڏنو. شهر ۾ ڪم جي
ڍرائي آهي. ٻاهر وڃي نٿو سگهان. گهر جي ته توکي
خبر آهي. ڪيان ته ڇا ڪيان؟“
”ڪاٺ مڏي تي مزوري ڪندين؟“ محمد عليءَ ڪجهه سوچي
پڇيس.
اهو سوال هن لاءِ اوندهه ۾ روشنيءَ جي ڪرڻي مثال
هو.
”ڪنهن جي مڏيءَ تي؟“ هن دلي اضطراب کي خوشيءَ ۾
تبديل ٿيندي محسوس ڪيو.
”غوث بخش کي سڃاڻين؟“
هن ڪنڌ لوڏي ”هائو“ ڪئي.
”ڇا ارادو ڪيئي؟“
”يَر، اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي؟“
”ته پوءِ مونسان گڏجي هلجانءِ.“
جنهن ڏينهن کان، صدروءَ ڪاٺ مڏيءَ تي مزوري ڪرڻ
شروع ڪئي، ان جي ٽئين ڏينهن هڪ دردناڪ حادثو ٿيو.
مڏيءَ جي مزدورن جو هونءَ ڪم رڳو ڪاٺيون ڍوئڻ هو
پر هنن کي اڪثر بيگار ۾ به وهايو ويندو هو. تنهن
ڏينهن بخشڻ کي مستري ڪاٺ چيريندڙ مشين تي بيهاريو
هو. هو اڻڄاڻ هو. مشين جي پوري خبر ڪانه هيس.
اچانڪ هن جي ٻانهن مشين جي ڪات سان ڪپجي پيئي.
هنجي رڙين تي مزور ۽ مستري ڊوڙندا آيا، ۽ بٽڻ
دٻائي مشين بند ڪئي ويئي. مڏيءَ جا باقي مزور،
منشي ۽ مڏيءَ جو مالڪ غوث بخش اچي پهتا. غريب مزور
جي ٻانهن رڳو گوشت جي تند تي پئي لڙڪي. اهو دردناڪ
نظارو ڏسي گهڻن پنهنجا منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيا. هن
کي اسپتال نيو ويو. ٻن ٽن ڏينهن تائين مزورن ۾
انهيءَ حادثي جو چو ٻول رهيو. صدروءَ کي ٻين مزورن
جي واتان ٻڌڻ ۾ آيو، ته بخشڻ کي سيٺ 250 رپيا به
ڏنا، ۽ علاج به پنهنجي خرچ سان ڪرائي رهيو اٿس.
ان کان پوءِ صدرو هڪ عجيب ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا
رهيو.
عيدو، ڪاٺين کڻڻ لاءِ گدام ۾ آيو، ته صدروءَ کي
بيٺل ڏٺائين.
”صدر راجا! ٻيڙيءَ جو وزم ٻزم ته هڻاءِ.“
”هون“ هن جي خيالن جو سلسلو ڇڄي پيو.
”هون جا ٻچا ٻيڙي ڪڍ!“
”هون------ها!“ هو ڄڻ ته ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ۽ کيسي
مان ٻيڙي ڪڍڻ لڳو. ”بخشڻ کي حالي ته بهاري ٿي
پيئي. گهر ويٺي 250 رپيا ملي پيس!“ هن عيدوءَ کي
ٻيڙيءَ ڏيندي چيو.
”غريب جي ٻانهن ته ويئي نه- سودو نفعي وارو ٿوروئي
آهي؟“
صدرو چپ رهيو. سوچيندو رهيو.
”اڍائي سو رپيا مون کي ڪيڏو نه فائدو پهچائي سگهن
ٿا!“
هو وري خيالي ڄار ۾ ڦاسي ويو. هن جي اکين اڳيان
زال جو نحيف جسم، مبهم صورت ۾ ڦرڻ لڳو.
”هن جي حالت خراب ٿي رهي آهي. هوءَ زندگي ۽ موت جي
ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. ٻارن جي حالت خراب آهي مونکي
250 رپين جي سخت ضروت آهي. ڪاش مان بخشڻ هجان ها!“
هو سوچي رهيو هو.
”مان به ته ائين ڪري سگهان ٿو!“ هن کي هڪ خطناڪ
خيال آيو. وري سوچيائين ته بخشڻ ائين پاڻ ته نه
ڪيو هو. شايد ڪوئي به ائين نه ڪري سگهندو. ائين
هنجي ذهن ۾ خيالن جي آنڌ مچي ويئي. آخر هن طئي ڪيو
”پر، مان ائين ڪري سگهان ٿو. مون ۾ ايتري قوت آهي.
ايتري....“
هو تيزيءَ مان، بي اختيار ٿي مشين واري ڪمري ڏانهن
وڌيو. مشين ان وقت بند هئي. هڪڙي ڪاٺ جي تختي تي
ڪيترائي بٽڻ لڳل هئا. هو هڪ هڪ بٽڻ کي هيٺ ڪندو
ويو. آخر هڪڙي بٽڻ کي هيٺ ڪرڻ سان مشين گڙگڙاهٽ
ڪري هلڻ لڳي. مشين چالو ٿيڻ جي آواز تي مستري ٻئي
ڪمري مان نڪري ڀڄندو آيو. ۽ ان کان اڳ ۾ جو صدرو
پنهنجي ٻانهن مشن جي ڪرٽ ۾ ڏئي، هو وٽس اچي پهتو،
۽ کيس ڳچيءَ کان پڪڙي ڇڪي ورتائين. هن کي سيٺ غوث
بخش جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جتي سڀئي مزور ۽ ٻيا
ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هن تي خودڪشيءَ جو الزم هڻي
نوڪري مان ڪڍي ڇڏيائون.
صدرو، کيسي ۾ ٽن رپين، ٻارهن آنن کي هٿن سان محسوس
ڪندو گهر پهتو.
”اڄ دوا وٺڻ وسري ويئي ڇا؟“ جوڻس پڇيو، جيڪا هنجي
منتظر پئي ڏٺي.
هن چپ چاپ، کيسي مان 3 رپيا 12 آنا ڪڍي هن جي اڀري
بيمار جسم تي پکيڙي ڇڏيا. |