سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :11

مير عظيم الدين جي انتقال جي تاريخ جو هن وقت تائين پتو ڪونه هو. ممڪن آهي تڪملهء مقالات شعرا جي مصنف ان جي خبر ڏني هجي، ليڪن چونڪ ڪتاب دستاب نه آهي، تنهن ڪري ان جي مندرجات کان اسان بيخبر آهيون. مير ڪرم علي خان، مير حسين الحسينيءَ کان هڪ تذڪرو ”زبدته المعاصرين“ جي نالي سان 1240هه ۾ مرتب ڪرايو، ان ۾ چند سٽون، مير عظيم الدين لاءِ به لکيون ويون آهن، جنهن ۾ سندن سال وفات 1234هه ڏيکاريو ويو آهي، مصنف لکي ٿو.

”سندي اصلش، از ديول (ٺٽه) مي باشد، و در ڪمال
فصاحت و بلاغت و سخن پردازي عديل و نظير نداشته،
و آخر الامر بمرض سوزناڪ (؟) بعالم بقا رحلت

نموده در 1234هه.“

مير مائل، مير عظيم جي انتقال تي هڪ طولاني مسدس لکيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو سندس انتقال 1234هه ۾ نه بلڪ 1229هه ۾ ٿيو، مير مائل جي هن فقري مان به ساڳيو سال نڪري ٿو. ”وهوالعلي العظيم بجوده“.    ص 114

مير مائل هي مرثيو چيو آهي.

افسوس کاين زمان دگراز خواهش قضا،
بعد از گذشتن مه عاشوره بلا،
در غرهء صفر که بود هم مه عزا،
درد عظيم کرد جهان تعزيت سرا،
 

کاين هردو ماه ماتم سبطين اعظم اند،
ماه محرم و صفر از شهر ماتم اند.
 

زين ماتم عظيم که در آل مصطفيٰ ست،
فرياد يا حسين و حسن باز جا بجا ست،
چون ورداين دوناله پئي درد دل دواست،
نام شهه حسين و حسن ورد دل بجا ست،
 

ايدل بجاست گر نه تواند ز غم عظيم،
کردم بيان درد شهان ماتم عظيم.
 

روز وفات اُن سخن آراي نکته دان،
از درد فرقتش که شده عام درجهان،
ميگفت خاص و عام زهر پير و هر جوان،
اين فرد درد ورد دل و جان بصد فغان،
 

کاين مشعل عظيم چراکرد گل قضا،
کز رو شينش بزم سخن داشته جلا.
 

ان واقف رموز سخن فخر صد کليم،
ناميء اهل فطرت با شوکت عظيم،
شيداي طرز هر سخنش ”قدسي“ و ”سليم“،
مداح خاص احمد و هم آلہ الکريم،
 

چون درجنان باهل سخن کرد سر سخن،
بشنيد بارک الله زتحسين بهر سخن.
 

از بسکه حب خاص علي العظيم داشت،
واز شوق ياد نام حبيب کريم داشت،
حب علي و آل عظيمش صميم داشت،
زالهام روح قدس تخلص ”عظيم“ داشت،
 

روح القدس بسال وفاتش زغيب زود،
گفتا ”بجا محب علي العظوم بود“.

1229هه

چون واصل ودود شد از غايت و داد،
آن شاد دل بمزدهء صد وصل دل نهاد،
نام آوري ديار عظيمت بصدر شاد،
کز نام او محبت اينست مستفاد،
 

سال وصال باز خرد بهر اين غمين،
فرمود ”با ودود وصال عظيم بين“.

1229 هه

چون اهل درد بود و درد عظيم داشت،
با خويش درد عشق بهر دم نديم داشت،
درد شهادت شهدا مستقيم داشت،
با اهل درد ربط دلي از قديم داشت،
 

سالش ز درد مائل غمگين بلوح غم،
”درد عظيم“ کرد رقم با سر آلم.

1228     (1228+1=1229هه)

اين سخت شد عزا که چنين صاحب ڪمال،
يکبار گي بفضل ڪمالات قال و حال،
داده بجان اهل عز داغ صد ملال،
از غم برسته شد بجنان شاد درد وصال،
 

فو شاد در وصال و من اندر غمش غمين،
خوش گفته اند شادي با غم بود قرين.
 

اي واصل جناب علي العظيم ما،
در ماتمت ز عرش عظيم آمد اين صدا،
کاين غمکش عظيم شهيدان کربلا،
در کربلا بسيد شهدا ست دائما.
 

بنمود مقبلت چو حق اي محتشم ڪلام،
بشنوز جان ”مائل“ حق عرض صد سلام.
 

چون در عزاست فاتح خواني ز لازمات،
واز لازمات فاتح خواني بود صلوات،
پر مصطفيٰ و آل و بهر فرد کائنات،
پس بر صلوات ختم کلامست ز واجبات،
 

صلوا علي النبي مع ال آل صبح و شام،
کاين ختمهء عظيم شود مغفرت پيام.

ص 114

هن مرثيي مان معلوم ٿيو ته مير صاحب جو انتقال، 1 صفر المظفر 1229هه جو ٿيو، ۽ هن وقت سندس عمر 67 ورهيه هئي.

مير ضياءُ الدين ”ضيا“ ٺٽوي:

 مير ضياءُ الدين ”ضيا“، مير علي شير جو ڀاءُ ۽ مير مائل جو چاچو هو. مير عظيم الدين جي انتقال واري سال ۾، سنڌ جي هن ٻئي قادرالڪلام شاعر جو به لاڏاڻو ٿيو، ۽ سنڌ کي هڪ ئي سال ۾ ٻن بي مثل ۽ وڏن فارسي، گو شاعرن جي رحلت جو داغ دل تي سهڻو پيو. سنڌ جي آسمان ادب جا اهي ٻئي آفتاب ۽ ماهتاب هڪ ئي سال ۾ هڪ ٻئي پٺيان راهه رباني وٺي ويا.

مير ضياءُ الدين، صاحب ديوان شاعر هو، ۽ هير رانجهي جي قصي کي به مثنويءَ جي بحر ۾ نظم ڪيائين. مير مائل سندس انتقال تي هيٺيون قطعو چيو:

دم تسليم جان حضرت عمويم،
که در هجرش دلم اين داستان گفت،
بوصفش اکمل ال آل از.... تفضل،
ز دل هر اهل فضل اندر جهان گفت،
ز دنيا رفت چون در قصر جنت،
بحق لبيک وصل از شوق جان گفت،
ضياي دين بروحش باد همدم،
ز دل روح القدس باالله زبان گفت،
بعون پنجتن زان سال وصلش،
”ضياء الدين محمد في الجنان“ گفت،

1229هه

بحق پيوسته از خوبيء دارين،
به نزد حق دعاي دوستان گفت،
بحق ”مائل“ بحق بادا بدارين،
به ارباب حق آن جنت مکان گفت،
بگاه ختمهء عفرانش الحق،
عفاک الله پتي اين ختم خوان گفت.

(2)

قبله ام چون بوصيت ز اين پيش،
چند از کار شفاء الدين گفت،
سال وصل خود خود آندم با مني،
”درجنان جاي ضياء الدين“ گفت.

1229هه        ص 115

”در جنان جاي ضياءُ الدين“ جو فقرو مير ضياءُ الدين پاڻ چئي ويو هو.

مخدوم نور محمد بوبڪائي:

بوبڪن جو جيد عالم، شاعر، شعر و سخن جو دلدادو، يارن جو يار، دوستن جو دلدار، مخدوم نور محمد بوبڪائي، مير ڪرم علي خان جي دور جو شاعر هو، ۽ مير مائل جو خاص دوست هو، سندس تخلص ”نور“ هو محڪ خسرويءَ“ ۾ سندس ڪيترائي غزل منتخب ڪيل آهن. سندس شاعريءَ جو رنگ هي آهي.

رخ از نقاب کشا با هزار نا زو ادا،
پئي قرار دل بيقرار مي آيد.
 

مير ڪرم علي خان، هڪ غزل غالباً ”واردات“ ۾ چيو.

ديدم آن نازنين شبي به شکار،
سروقد، گل عذار و مه رخسار.
 

مخدوم نور محمد هيٺيون غزل تصنيف ڪيو، جو پڻ واردات ٿو ڏسجي.

دوش هندو زني پري رخسار،
گشت با من بشهر ڻهڻه دو چار،
گلعذاري که از دو نرگس او،
فتنه رابود گرميء بازار،
تير مزگان آن کمان ابرو،
هر دلي راکه يافت کرد شکار،
کفتمش اي نگار نام تو چيست؟
گفت با نام من چه داري کار!
گفتم اي شوخ اين چه بي رحميست،
که مسافر چنين نمودي زار،
حاليا چون شڪار تو شده ام،
باز از دست خود مرا مگذار!
گفت شيون به کارتو نايد،
جز بصبرت نمي برآيد کار!
گفتمش صبر من نماند بمن!
گفت بي صبر کي بود هوشيار!
شوخيش چون زحد فزون ديدم،
روي گردان ازان شد ناچار!

 

”نور“ از تته شو برون که مباد،
کردت حال شيخ صنعان وار!

چند شعر ملاحظو ٿين.

جور چشم خوابناک يار، ما دانيم و دل،
جنبش اين فتنهء بيدار، ما دانيم و دل،
دل نميدانست پند عقل دورانديش را،
آنچه اکنون ميکشد آزار، ما دانيم و دل.
 

ترا من وفادار انگاشتم،
سراسر غلط آنچه پنداشتم.
 

کم ز قيامت نتوانم شمرد،
فتنهء آن قامت دلجوي تو.
 

اي زتاب حسن شوخت خيره چشم آفتاب،
وز بهار عارض تو خانہء گلشن خراب!
 

نادر شاه ايرانيءَ جي خونريزي ۽ خاص طرح دهليءَ جي بربادي ضرب الثمل ٿي چڪي هئي نادر شاه جي گهوڙن، سنڌ کي به تاخت تاراج ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي ڪيترن شآعرن، نادر شاهه جي آمد ۽ ان جي قتل تي تاريخي قطعا چيا، جن مان نادر شاهي واقعات جو سنڌين جي دل دماغ تي جيڪو اثر پيو، ان جو اندازو ٿي سگهي ٿو. مخدوم نور محمد، نادر شاهه جو نالو پنهنجي شعر ۾ هن طرح استعمال ڪيو آهي.

کرد غارت دهليء دل آن شهه مهه پيکران،
شوخ من اندر ستم کمتر ز نادر شاهه نيست.
 

مير ڪرم علي خان جي دؤر ۾، حيدرآباد جو وڏو عروج هو. ٽالپري دربار اقبال منديءَ جي آسمان تي پهتل هئي. مير صاحب پاڻ به شاعر ۽ شاعرن جو قدردان هو. سڄيءَ سنڌ جا سخنور حيدرآباد ۾ اچي جمع ٿيا. درباري اميرن مان ڪيترا پڻ شاعر ۽ شاعر نواز هئا. حيدرآباد ان زماني ۾ شيراز جون سڪون لاهي رهي هئي. هر علم دوست جو گهر، ادبي ۽ علمي ڪچهرين لاءِ کليل هو. نواب ولي محمد خان، ميان يوسف خدمتگار، خسرو بيگ، سيد ثابت علي شاه، ميان رفيق سبزي فروش، سيد صابر علي شاهه ”صابر“، ديوان صاحب راءِ ”آزاد“، مير غلام علي ”مائل“ سڀ حيدرآباد ۾ موجود هئا. مير ڪرم علي خان، مير غلام علي خان، ۽ مير مراد علي خان، ٽيئي ڀائر، نه فقط قدردان بلڪ پاڻ به سخن سنج هئا.

مخدوم نور محمد رهندو ته حيدرآباد ۾ هو، ليڪن گهر گهاٽ اڃان به بوبڪن ۾ هيس، تنهن ڪري اچڻ وڃڻ پيو ٿيندوهيس. دربار جي قدردانيءَ، احبابن جي اصرار، ۽ حيدرآباد جي علمي مجلس جي ڪشش، مستقل طرح، کيس بوبڪن مان لڏي پلاڻي حيدرآباد ۾ آڻي ڪڍيو. مير مائل سان گهڻي دل گهريائي هيس. جڏهن لڏي آيو، ان وقت خوشيءَ وچان مير مائل هيٺيان قطعا تصنيف ڪيا.

(1)

مزده، آن ماه اوج فضل و کمال،
از ره مهر مهربان آمد.
خوش بخبر آمد و ز آمدنش،
مزدهء لو به مخلصان آمد.
دسته دسته بر او دعا و سلام،
ورد بلبل به گلستان آمد.
ورد احباب گاه تشريفش،
خير مقدم ز شوق جان آمد.
مرحبا کان مهه سپهر شرف،
چون شرف بخش داعيان آمد.
نامش از يمن نور نام نبي،
ورد جان، مواليان آمد.
والئه حرف او دل احباب،
خوش چو وانه گهر فشان آمد.
رفت ز احباب فکر بيکاري،
رونق نو بکار شان آمد.
مرحبا....   ....        .....       ....،
....      ....    .... همر هان آمد.
حيدرآباد کرده بنگله اش،
چون در آنجا ز بوبکان آمد.
”مائل“ حق ز فيض ملهم غيب،
در مديحش چو قطعه خوان آمد.
ديده اين قطعهء موشح گفت،
نام مخدوم چون عيان آمد.
 

هي قطعو موشح آهي، هر شعر جو پهريون اکر وٺي گڏيو، ته ”مخدوم نورمحمد“ پر آمد ٿيندو.

(2)

اي آمدنت عيش فزاي احباب،
با عيش ابد کام رواي احباب،

 

خوش آمدي و کامده از آمدنت،
صد مزدهء کام از برائي احباب!

(3)

از قد ومت اي بمجد و اعتلا مخدوم عصر،
مزدهء صد خيرو خوبي بخش احباب آمده.
خير مقدم کز نسيم لطف تو در شهرما،
گلشن کامم بکام طبع شاداب آمده.
باد از نور محمد نام تو روشن چومهر،
در دعا ”مائل“ زمهرت خوش شرفياب آمده.

(4)

اي دلت از پرتو نورمحمد با جلا،
.................... کام بخش اصدقا!
باد دائم بر سپهر نيک نامي کالقمر،
حرمت نورمحمد نام پاکت با صفا.

(5)

اي ز رويت جلوه گر نور محمد از ازل،
وي ز نورت تا ابد روشن دل اهل امل،
شايد م پيش توعرض عرض کار خويش ازنکه،
سعئي اندر کار خير آمد بحق خيرالعمل.
                                                ص 103
 

مخدوم نورمحمد، حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ کان اڳ، پنهنجي لاءِ 1217هه ۾ جاءِ ٺهرائي هئي، غالباً انهيءَ جاءِ تعمير ٿيڻ کان پوءِ، هو لڏي پلاڻي آيو. اهو سال مير فتح علي خان جي به لاڏاڻي جو آهي. مير مائل انهيءَ جاءِ جي تعمير تي تاريخي قطعو چيو.

چو مخدوم ما نامدار زمان،
که نامش ز اخلاص دل دلنشين ست،
نموده بنا اين مبارک بنا را،
که اندر صفا رشک خلد برين ست،
..... و او عطف آمده سالش الحق،
”مبارک مکان و مبارک مکين ست.“

1217هه        ص 83

مخدوم صاحب، جيد عالم، نادر روزگار حڪيم ۽ انهيءَ دور جو پرگو شاعر هو سندس حالات ڪٿي به ڪونه ٿا ملن. خدا رحمت ڪري مير مائل تي، جنهن محض دوستيءَ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، سندس سلسلي ۾ ڪي تاريخي قطعا لکيا، جنهن ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ جي ڪن پهلوئن جي اسان کي ٿوري گهڻي خبر پئجي سگهي.

مخدوم صاحب کي غلام نبيءَ نالي هڪ فرزند ڄائو مير مائل، ان جي تولد تي ٻه تاريخي قطعا چيا.

(1)

روز ميلاد اين خجسته خلف،
که بجان است غلام نام نبي،
گفت سال ولود او طبعم،
”به ولا آمده غلام نبي“.

(2)

حق داد چون بحضرت مخدوم نيک نام،
فرزند نيک بخت بکام دوام جفت،
ارشاد باد مزدهء ميلاد اسعدش،
آمد ز فيض نورمحمد بدل شگفت،
سال ولود اسعد آن نيک بخت زاد،
”بادا ابد غلام نبي کامياب“ گفت.

1222 هه       ص الف

عيد براد ٿيندي هئي، ته شاعر ٽالپرن جي خدمت ۾ عيدي قطعا پيش ڪندا هئا، ۽ دوستن احبابن ڏانهن به موڪليندا هئا. مير مائل جا ڪيترا قطعا، مختلف عيدن تي، مير صاحبن جي نالي لکيل ملن ٿا. مخدوم صاحب سان چونڪ گهاٽو تعلق خاطر هيس، تنهن ڪري هن ڏي به قطعا موڪليندو هو، انهيءَ قسم جا ٻه قطعا سندس بياض ۾ ملن ٿا.

به مخدوم ميم يمن نور محمد،
چو حق کرد اين عيد اسعد سعيد،
به افزونيء عمر و اقبال دائم،
ز حق باد از عيش نو مستفيد،
خدايا بکن مستجاب از کرم،
ز ”مائل“ بحق اين دعا روز عيد.

(2)

اي ز رويت جلوهء نور محمد آشکار،
نور چشم حضرت يعقوب کنعان با وقار،
بزم حکمت را مسيح و طور معني را کليم،
باشدت فضل و کمال از صدق نيت برقرار،
در شب عيد اين دعا را گفتم و درروزعيد،
آمدم در حضرتت ز اخلاص دل مدحت گذار،
باد مخدوما مبارک با تو اين عيد سعيد،
واز سعادت بخت را مبارک باد يار،
تا بنا مت باد ورد دوستان اين قطعه ام،
باد نامت بالفضائل ناميء به روزگار.

ص 86

مخدوم صاحب ۽ مير مائل جي درميان منظوم محبت ناما به پيا ايندا ويندا هئا. انهيءَ قسم جي خط و ڪتابت مان اهو پڻ اندازو ٿئي ٿو ته شاعريءَ سان سنڌ اندر ڪيتري نه دلچسپي هوندي هئي، ۽ شعر و سخن جو چرچو ڪيڏو نه عام ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي حاوي هو. مير صاحب جي بياض ۾ چند قطعا انهيءَ قسم جا ملن ٿا. جيڪي مخدوم صاحب جي خطن جو جواب آهن.

(1)

تا که نور محمد مرسل،
در جهان همچو مهه منير بود،
نام مخدوميم بفضل و ڪمال،
دائما در جهان شهير بود،
انکه از بس فراست و دانش،
در حضور شهان مشير بود،
انکه گلزار نظم رنگينش،
فرحت افزاي طبع مير بود،
انکه در دم ز فيض حکمت او،
نوجوان کرد وانکه پير بود،
در حضورش ز ”مائل داعي،
عرض دعوات دلپذير بود،
هر دو عالم بدستياريء حق،
دست يزدانش دستگير بود.
 

هن قطعي مان مخدوم جي زندگيءَ جا ڪيئي پهلو روشن ٿين ٿا، مثلاً، طب ۾ کيس ايڏو ڪمال هو، جو هڪ دفعو ته پوڙهن کي به جوان ڪري ڇڏيندو هو، مير ڪرم علي خان وٽ کيس تمام وڏي عزت ۽ درجو حاصل هو، ۽ بطور مشير جي کيس سمجهيو ويندو هو، سندس نظم مير ڪرم علي خان کي بيحد پسند هئا، اها ڳالهه ”محڪ خسرويءَ“ جي انتخاب مان به معلوم پئي ٿئي، ڇاڪاڻ ته مير ڪريم علي خان ڪثرت سان مخدوم جي ڪالم کي پنهنجي خاص انتخاب ۾ جاءِ ڏني آهي.

مخدوم صاحب، هڪ دفعي مائل ڏي سلام موڪليا، جنهن ڏانهنس سلامن جي جواب ۾ هيٺيون قطعه موڪليو.

(2)

بحمد الله که حق کرد امجد دوران،
بمجد نور محمد مدام مخدومي،
زبسکه جلوه فزاي هزار رشد آمد،
شعاي نور محمد بکام مخدومي،
بگفت باد سلامت مدام با آداب،
شنيده ”مائل“ داعي سلام مخدومي،
بحضرتش بسلام اين دعاست عرض دلم،
هميشه باد فزون احترام مخدومي.

(3)

اي صبا در گلشن اجلال مخدوم انام،
عرض کن گلدستهء دعوات داعي يا سلام،
آنکه از نورمحمد روشن آمد نام او،
هست چون خورشيد عالم تاب ازوي فيض عام،
گنج حڪمت مخزن اسرار صدفضل و ڪمال،
خسروي بزم فضائل شاعر رنگين خيال،
همچو نامش روشن عالم بصد مجد و علا،
تاکه از نور محمد دارد اين عالم ضيا.
 

(4)

در خدمت خدام جناب مخدوم،
از مائل مشتاق ز جان عرض سلام است.
                                         ص 103
 

مخدوم دين محمد بوبڪائي:

معلوم ائين پيو ٿئي ته هي بزرگ به مخدوم نور محمد جو ڀاءُ يا ويجهو عزيز هو. فضل ۽ ڪمالات جو صاحب ۽ بزرگ فطرت انسان هو. طب ۾ کيس خاص درڪ حاصل هو. جڏهن مير فتح علي خان آخري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو، ان وقت ٻين وقت جي طبيبن سان گڏ، مخدوم صاحب به وٽس موجود هو. مير مائل سان هن صاحب جو گهاٽو تعلق هو. جڏهن وفات (1229هه) ڪيائين، ان وقت مير مائل ٻه تاريخي قطعا تصنيف ڪيا.

بحکم خواهش حق ناگهان چو مخدومي،
ز صدر فضل و کمالات عزم رحلت بست،
ز شوق دل که بدين محمدي مي داشت،
چو اهل دين بحق آمد وصال او سردست،
مروش سال وصالش بگفت باسر”آه“،
”ز شوق دين محمد ببين بحق پيوست“.
 

”1+1228=1229هه“

(2)

چون زين جهان شده شادان بوصل حق مخدوم،
که درجنان بحق دين زاهل ارشادست،
سروش سال وصالش ازان چنين فرمود،
”بلي که دين محمد زوصل حق شادست“.

1229هه        ص 115

مخدوم مير محمد جي نالي تي به بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو، غالباً هي مخدوم صاحب به مخدوم نورمحمد جي ئي آڪهه مان هو.

اي که نامت به محمد شده مخدوم زمان،
ياورت مير، محمد بود اندر دو جهان،
طرفه در شوق ملاقات شريف از مدت،
بود است نام شريف تو مرا ورد زبان،
 

شکرلله که کنون بر وفق خواهش دل،
خواهش خاطر من يافت حصول شايان،
بعد ازين به که بشکرانهء اين دولت خاص،
بکنم شغل دعاي تو ابد از دل وجان،
باد از مکرمت دولت نيکو نامي،
نام پاک تو ابد نقش نگين دوران،
هست هر خادم درگاه تو چون مائل حق،
”مائل“ از زمرهء خدام تو بادا هرآن.

ص 100

مخدوم نورمحمد صاحب جو انتقال 1230 هه ۾ ٿيو، دوست احباب صدمي ڪري نيم جان ٿي ويا. ادبي محفلون ۽ علمي مجلسون ختم ٿي ويون. حيدرآباد ۾ سندس وجود به هڪ مرڪزي نقطي جي حيثيت ٿي رکي. چئن طرفن جا دوست احباب، يار ۽ اغيار، شاعر ۽ اديب، وٽس هر وقت موجود رهندا هئا. اهو هماهميء جو سڄو مرڪز، سندس انتقال تي بند ٿي ويو. دوستن ۽ شاعرن انهيءَ حادثي تي گهڻو ئي ڪجهه چيو هوندو، جنهن جو اسان کي پتو ڪونه آهي، البته مير مائل جيڪي چيو سو هي آهي.

(1)

کجا شد انکه ز دل مخلص دعاگو بود،
دريغ آه در اين فرقتش بهر حال است!
مگر گذاشته با آل صدر مخدومي،
که از بنا بجهان ارث اهل افضال است،
زيمن نورمحمد که نقش نامش بود،
جلائي بخش وصال جنان به اجلال است،
سروش غيب چنين قال وصل او فرمود،
”وصال نور بنور محمد و آل است“.

1230هه

کندز ”مائل“ حق تا حق اين دعا مقبول،
دعاي مغفرتش ورد دل مهه وسال است.

(2)

چو ناگهان ز قضا اهل فضل را مخدوم،
که بود ناميء دوران ز صورت ذاتي،
بدخت آمد و واصل بحق پس از رحلت،
بحق نور محمد شفيع عرصاتي،
کشيہ سر ز الم گفت هاتفم تاريخ،
”بده بنور محمد ز دل تحياتي.“

1230هه   ص 115

سيد ثابت علي شاه: سيد ثابت علي شاه، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ٽالپرن جي ابتدائي دور جو مرثيه گو شاعر هو. سنڌ ۾ مرثيي کي رواج، بطور صنف جي هن صاحب ڏنو. سنڌي، فارسي، سرائڪي، ۽ اردو زبان تي ڪامل قدرت حاصل هيس. جيڪڏهن سيد صاحب کي سنڌ جو مير انيس کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو.

اصل ملتان جو هو، جتي 1153هه ۾ ڄائو. مدار علي شاهه جو پٽ ۽ نور محمد شاهه جو پوٽو هو. نواب اعظم خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. جڏهن نواب صاحب، صوبه داريءَ جو مدو ختم ڪري واپس ويو، تڏهن سيد ثابت علي شاهه ساڻس گڏ واپس وڃڻ جي بجاءِ هتي رهجي ويو، ۽ سيوهڻ ۾ مستقل طرح سڪونت اختيار ڪيائين. ڪجه وقت کان پوءِ سندس والد، ۽ سندس ڀاءُ سيد پريل شاهه به مستقل طرح سنڌ ۾ هليا آيا. سيد صاحب فارسيءَ ۽ عربيءَ جو عالم هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ کيس سرڪاري وظيفو ملندو هو. ٽالپرن به ان دستور کي سندس زندگيءَ تائين جاري رکيو. مير ڪرم علي خان سندس قدردان هو. ٽالپري خانوادي جا بعض افراد چونڪ پاڻ شيعا هئا، تنهن ڪري انهيءَ دؤر ۾ سندس شاعري خوب چمڪي. کيس ٻه پٽ ٿيا، هڪ امداد علي شاهه ۽ ٻيو احسان علي شاهه. امداد عليءَ جو اولاد اڃان به هليو اچي ٿو. هن وقت جيڪو صاحب حيدرآباد ۾ ٽالپري مقابرن جو خادم آهي، سو انهيءَ فرزند جي شاخ مان آهي، ۽ ان جو به نالو امداد علي شاهه آهي. سيد صاحب جو نسب نامو هي آهي.

سيد عيسيٰ ملتاني مدرس

سيد نور محمد شاهه عرف ثابت علي شاهه

سيد مدار علي شاهه

سيد ثابت علي شاهه      احسان علي شاهه عرف پريل شاهه


 

احسان علي شاهه                    امداد علي شاهه اول

ثابت علي شاهه ثاني
 

        پريل شاهه                 امداد علي شاهه ثاني (هاڻوڪو خادم)

سيد مظفر علي شاهه

ثابت علي شاهه ثالث          احسان علي شاهه ثاني    حسين علي شاهه عرف پريل شاهه

سيد صاحب سان مير مائل جا ڪافي تعلقات هئا. مير صاحب جي بياض ۾ چند قطعا سندس سلسلي جا به ملن ٿا. 1219هه ۾، سيد صاحب ايران ۽ عراق ڏانهن زيارتن تي ويو، جڏهن واپس وريو، ان وقت مير صاحب هيٺيون قطعو تصنيف ڪيو.

آمده ثابت علي چونکه بمجد و علا،
باز زايران بسند طرفه بکام جلي،
سال فدومش بند هاتف غيبم سحر،
گفت ”بمجد و علا آمده ثابت علي.“

1219هه        ص 118

مرزا قليچ بيگ جي قول مطابق، سيد صاحب 27 جمادي الثاني 1225هه جو انتقال ڪيو (قديم سنڌ، 288) مير مائل سندس وصال تي ٽي قطعا چيا.

پيش ازين چون محب خاص علي،
داعيء مير ما بصدق جلي،
ثابت الحب صادق الايمان،
آنکه نامش شود ز سال عيان،
مي شد از سند در زمان حيات،
بزيارات روضہء حضرات،
در دم عزم رفتنش في الحال،
شده ”ثابت علي صادق“ سال.

1208هه

باز چون کرد اين شرف حاصل،
سال ديگر بسند شد واصل،
سال اين خوش قدوم صدق نشان،
شد ز ”ثابت علي بصدق“ عيان.

1209هه

اين ز مان باز چون بحکم قضا،
که بصدق دل است مقام رضا،
با ثبوت ولا و صدق دلي،
آن محب علي و آل علي،
از برائي زيارت شآهان،
کرد رحلت ازين جهان بجنان،
هاتفم گفت سال رحلت او،
”هائي ثابت عليء صادق“ گو.

1225هه

در جنان باد دائم آن مقبول،
داعيء آستانه آل رسول،
خاص، در حضرت شهان دايم،
باد داعيء مير بزم کرم،
”مائل“ حق بيادش از اخلاص،
خواهد از حق ابد شفاعت خاص.

ص 112

هن قطعي جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته 1208هه ۾ به، سيد صاحب، امامن جي زيارتن تي ويو هو، ۽ 1209هه ۾ واپس آيو. مير مائل جو ٻيو قطعو هي آهي.

چون محبت شاهه دين مداح آل مصطفيٰ،
آنکه از صدق حقيقت در محبت داشت جوش،
رفته از دنيا بجنت گشته همبزم علي،
ساغر وصل از کف ساقيء رضوان کرد نوش،
سال وصل آن محب واصل بزم علي،
گفت ”همبزم علي ثابت علي بادا“ سروش.

1225هه   ص 112

محمد يوسف خذمتگار: ميان محمد يوسف، مير محمد خان جو ملازم هو، ملازم ڇا بلڪ دوست، ساٿي، سنگتي ۽ نديم خاص هو، ۽ ساڳئي وقت مير صاحب جو ڪوڪو يعني ٿڃ ڀائي به هو. مير غلام علي خان کي مير محمد خان جڏهن ڄائو (1209هه)، ان وقت يوسف 7-8 ڏينهن جو ڄاول هو. حرم سراءِ ۾ کير جي قلت هئي، تنهنڪري ميان محمد يوسف جي والده کي شهزادي کي ٿڃ ڌارائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. محمد يوسف ذات جو منگواڻو هو سندس والد جو نالو محمد صالح هو. محمد يوسف ۽ مير محمد خان ٻئي گڏ پليا، نپنا ۽ اُسري نسري وڏا ٿيا. تعليم ۽ تربيت به ٻنهي گڏ حاصل ڪئي. محمد يوسف، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تڪميل ڪئي هئي. سڄي زندگي، مير صاحب جي خذمتگاريءَ ۽ رفاقت ۾ بسر ڪيائين، جنهن ڪري ميان يوسف، خذمتگار جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ”ٽنڊو يوسف“ سندس ٻڌايل آهي. مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ، انگريزن وٽ مرزا خسروءَ سان گڏ ايلچي ٿي ويو هو. سندس پٽ محمد صالح مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل هو.

ميان صاحب فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر هو. مثنوي ”ماه و مشتري“ به سندس تصنيف آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته قادرالڪلام شاعر هو. سندس شعر جو رنگ هي آهي.

بتي آشوب دين غارتگر دل فتنهء ايمان،
ستم کيشي، جفاڪاري، بلائي کرده ام پيدا.
 

نقش روي تو نشد از لوح دل زائل هنوز،
گرچه عمري شد که از يادت فراموشيم ما.
 

رفتي و باز ندانم که چه افتاد آنجا،
که لکردي زمن سوخته دل ياد آنجا.
 

اي باد صبح، بنما کز يار تا چه داري،
شد مدتي نديدم آن يار آشنارا.
 

از قيام تو قيامت بجهان گشت عيان،
وز خرا ميدن سرو تو خراميده بلا،
عشوه ناز تو تنها نه بلاي جا نهاست،
خط بلا، خال بلا، زلف تو گرديده بلا،
يک بلا نيست که آنرا يشمار ”يوسف“،
هست سرتا به قدومش همه برچيده بلا.
 

آهسته نه قدم که مبادا شود تباه،
نور نگاه خلق همه فرش راه تست،
کردن نگاه بر رخ خوبان گناه من،
دل بردن و نگاه نه کردن گناه تست
معلوم نيست شب بکجا باده خوردهء،
مخمورمي نمائي و چشمت گواه تست.
 

بهاي بوسهء لعل لب تو صد جان گفت،
هزار جان بفداي تو وه چه ارزان گفت،
هزار گو نه گل اطراف بوستان بشگفت،
بگوش غنچه ندانم صبا چه پنهان گفت،
ز سلسبيل و جنان ترک گفت بتوان ليکه،
به ترک شاهد و ساقي حديث نتوان گفت.
 

شمع از بيکسي و سوز من آگاهي يافت،
که ببالين من امشب همه شب زار گريست.
 

خوش آن شبي که ترا تنگ در کنار کشيم،
سحر بروي تو ديدن چه فال ميمون ست.
 

نقاش صنع خواست کشد تاکه نقش او،
بر قامتش رسيد قيامت کشيد و رفت،
ياران نظر کنيد که آن سنگدل چسان،
بر رغم غير رشتئه الفت بريد و رفت.
 

يا ندارد بجهان روز فراقت پايان،
شب هجران ترا يا سحري نيست که نيست.
 

ني هواي بوستانم ني سر رفتن بباغ،
تاکه افتادم بدامت گلشنم از ياد رفت.
 

نه فصل گل نه نسيم بهار شد باعث،
بباده خورد نم امروز يار شد باعث.
 

شب خيالت دربر من بود همدم تا سحر،
بستر و بالين من چون گلشن کشمير شد.
 

جهان و هر چه درو منزل شکر خوابست،
پياله گير که دنيا چو نقش بر آبست.
 

در کوي تو هرکس که گذر داشته باشد،
حاشا که بفردوس نظر داشته باشد.
 

بهار شوق بديدن نمي شود آخر،
حديث گل بشنيدن نمي شود آخر.
 

خورم آن روز که يارم بکنار آيد باز،
دل سودا زدهء من بقرار آيد باز.
 

برون ز ديده پر خون نمي شوي، چکنم،
فرامش از دل محزون نمي شوي، چکنم!
چنان گرفت خيال تو نقش در خاطر،
که هيچ وجهه به بيرون نمي شوي، چکنم!
 

دل زدستم برده و دادم ز کف صبر و قرار،
باز آن نامهربان بر غارت دين ميرود.
 

صد شکوه بدل داشتم از جور رقيبان،
ليکن چکنم فرصت اظهار نددم.
 

ميان محمد يوسف جو، مير نصير خان (تولد، 14 محرم 1219هه) بن مير مراد علي خان سان به خاص تعلق هو. مير صاحب پاڻ به ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ شعر و سخن جو دلدادو هو، ”جعفري“ تخلص ڪندو، ڪيترا شاعر، اديب ۽ صاحب ڪمال سندس دامن دولت سان وابسته هئا. مير صاحب جو انتقال، 7 ربيع الثاني، 1261هه جو، ڪلڪتي جي قيد خاني ۾ ٿيو، ميان يوسف پنهنجي ڪيترن شعرن ۾ مير صاحب جو نالو آندو آهي.

نامور مير نصير آن کز کفش درگاه جود،
خازن کان منفعل شد بهر در فرياد رفت
”يوسف“ از جور و جفايت بس بجان آمد ازان،
بردر مير زمان امروز بهر داد رفت،
”يوسف“ از مدحت داراي زمان مير نصير،
پس گهر در سر اين رشته کشيدن باقيست.
 

يوسف بمدح شه شده طبعم چو گلشني،
کز خامه ام چکيد بهر سو هزارگل،
داراي دهر مير محمد نصير خان،
کز دست جود او ست طراز بهار گل.

مير مائل سان به ميان محمد يوسف جو خاص رشتو هو. ميان صاحب دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار هو. پنهنجي انهيءَ وصف جو اظهار ڪيترن شعرن ۾ به ڪيو اٿائين.

يک لحظه زنده بودن بي دوستان عذاب است.

عذاب نار جهنم فراق احباب است.

نيست يک لحظه مرا فرقت احباب لذيذ.

مير مائل جي بياض ۾ سندس نالي تي ٻه قطعا ملن ٿا.

اي صبا در گلشن فضل و کمال،
با محمد يوسف آن يوسف خصال،
از دل ”مائل“ بحق عرض سلام،
عرض کن با صد دعا هر صبح و شام،
باد يا رب آن عزيز پر تميز،
در عزيزان، جهان دائم عزيز.
                                             ص 103

(2)

اي به اوصاف عريزي اکمل ايزي تعال،
وي به اعزاز محمد يوسف مصر کمال،
آمد الحق با کمال ذاتي و حسن صفات،
ذاتت از حسن صفات اندر جهان نيک و خصال،
هست در شوق لقايت بحر يعقوب دلم،
..... دائما از شوق دل حزب الوصال،
تابود نام محمد سبحئه نام آوران،
باد ز اعزاز محمد عز نامت لايزال،
مي کنم عرض دعا در حضرتت خوش با سلام،
باد افزون عمر و اعزازت بصد جاه وجلال.
                                                ص 103

ميان صاحب 1261هه ۾ زنده هو. ڇاڪاڻ ته سندس ديوان ۾ مير نصير خان جي انتقال تي قطعا ملن ٿا.

مرزا خسرو بيگ: مرزا خسرو بيگ، ٽالپرن جي حڪومت جو امير ڪبير، اصلي گرجستاني هو. ايران ۽ روس جي مابين جيڪا جنگ لڳي، ان ۾ مرزا جو والد مارجي ويو، ۽ مرزا ستن ورهن جي ڄمار ۾ قيدي ٿي، ايراني سپهه سالار، حاجي محمد ابراهيم خان، وٽ اچي پهتو. ڪجهه وقت بعد انهيءَ سپهه سالار جو اقتدار ختم ٿيو، ۽ سپهه سالار جيل ۾ وڃي پيو. مرزا ان وقت کائنس جدا ٿيو.

ملا محمد اسماعيل، فتح علي شاهه قاچار جي زماني ۾ مير ڪرم علي خان طرفان وڪيل ٿي ايران ويو، جتان موٽندي، هن مرزا خسروءَ کي پاڻ سان گڏ ٽالپري درٻار ۾ آندو، ان وقت مرزا جي عمر 15 ورهيه هئي. مير ڪرم علي خان کي اولاد ڪونه هو. جنهن ڪري هن مرزا کي پٽيلو ڪري پاليو، ۽ تعليم تربيت ڏئي وزارت جي درجي تائين پهچايو. 1827ع ۾، مير صاحب جي وفات کان پوءِ، مرزا گوشه نشيني اختيار ڪري ويهي رهيو. انگريزن سان ميرن جي عهدنامي وقت، هي پنهنجي حڪومت طرفان وڪيل هو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ به شريڪ هو، ۽ شڪست بعد قيد ٿيو. انگريزن کيس آزاد ڪري، ٽالپوري حرم سراءِ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو. 1860ع ۾ وفات ڪيائين، پٺيان چار پٽ ڇڏيائين، مرزا محمد علي، مرزا ولي محمد، مرزا محمد رحيم، ۽ مرزا غلام مرتضيٰ، سندس اولاد اڃان ٽنڊي ٺوڙي ۾ هليو اچي ٿو.

مرزا خسرو، فاضل ترين امير هو. فارسي سندس مادري زبان هئي. تعليم ۽ تربيت به اعليٰ پيماني تي ٿي هيس. تنهن ڪري نه ڇڙو راڄنيتي، ۽ سياسي سوچ سمجهه ۾ برک هو، بلڪ علم و فضل ۾ به سندس درجو بلند هو. شعر و سخن سان به دلچسپي هيس، ”غلام“ تخلص ڪندو هو.

مير مائل جي بياض ۾، مرزا صاحب جي نالي تي به هڪ موشح قطعو ملي ٿو.

من از پي مهريء چرخ چفا کار،
سپردم کار خود با مهربان يار،
رود کي از دل من ياد مهرش،
که مي بايد رخ او مهر انوار،
ز دل از مخلصان خاص احمد،
بجان از دوستان آل اطهار،
اديب و نيک خلق و نيک خصلت،
ز آداب اديب نيک و خبردار،
خرد پرور خرد مندان عالم،
بود خوش از خرد منديش گفتار،
سلام شوق من در خدمت او،
رسان اي نامه بر با شوق بسيار،
رسد گو اين زمان اين نامہء من،
به آن ناميء عصر از قرب سرکار،
وجودش در رواج کار مردم،
بود سرمايئه خوبيءَ هر کار،
بحق او حريفان ”مائل“ حق،
از اخلاص دلش جوياي اخبار،
يقين ز اخلاص او خوشدل چو راعي،
خدا يا دائمش در دهر خوشدار،
گل آسا گل شود اين نامهء من،
سر هر بيت سازي چون بهم يار.

ص 101

هن نامهء منظوم جا پهريان لفظ وٺي گڏبا ته ”مرزا خسرو بيگ“ مرتب ٿيندو.

مخدوم عبدالڪريم صاحب: معلوم نه آهي ته هي بزرگ ڪٿان جو هو. ليڪن مير مائل جي هيٺئين قطعي مان ائين پيو معلوم ٿئي ته پنهنجي دور جو فاضل ترين بزرگ ۽ وقت جي مشاهير مان هو. مير صاحب سان هن مخدوم صاحب جو به قرب هو، قطعي ۾ مير مائل چوي ٿو.

من اندر شوق و ذوق ديدن يار،
ندارم جز بذکر خير او کار،
خوش آمد هر طرف خوش باد دائم،
بکار خير مردم آن خوش اطوار،
دلش ز انوار ايمان پر تجلي،
ز حق چون مهر تابان پر ز انوار،
وفاي عهدش از يوفون بالنذر،
دهد بر صدق عهدش راست اخبار،
مطيع ايزد و ايزد مطاعش،
بود ز آداب طاعت بس خبردار،
علوم دين حق معلومش از حق،
ز فيض علم حق داناي اسرار،
بجا هر جا ست ذکر نيکيء او،
نکو نام جهان و نيک اطوار،
ديانت پيشه ور هر جا به پيشش،
خوش از ترويج دين ست ذکر و اذکار،
ارادت مند ياران صفا کيش،
مريد مصطفيٰ و آل اطهار،
لہ مني بشارات الترقي،
لہ مني دعاي خوبي آثار،
کجا باشد دعا گويش چو من بس،
ز اخلاص دلي هر دم سروکار،
رساند کس به وي از ”مائل“ حق،
بنام حق سلام شوق ديدار،
يقين کز خواندن اين شوق نامه،
شود خود هم ز شوقم اندرين کار،
موشح کردم اين نامه بنامش،
خدا يا در دو عالم ناميش دار.

هن نامهء منظوم جي هر شعر جو پهريون لفظ وٺبو ته ”مخدوم عبدالڪريم“ جو نالو بر آمد ٿيندو.

مير غلام محمد ٺٽوي: بياض جي ڪيترن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپري دور ۾، سنڌ ۾ ايران جي مابين گهاٽا تعلقات هئا. سرڪاري ايلچين ۽ وڪيلن کان سواءِ به هتان جا سرنديءَ ۽ پڄنديءَ وارا ماڻهو، ايران عام جام ايندا ويندا هئا. ايران جي ڪشش لاءِ، امامن جي زيارت جو به هڪ سبب هو. ٺٽي جو هڪ سيد، مير غلام محمد، ايران ويو، مير مائل سندس واپسيءَ تي قطعو تصنيف ڪيو، ثابت علي شاهه ۽ ٻين جي ايران وڃڻ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح معلوم پيو ٿئي ته ايران ۽ سنڌ جي مابين عام جام اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سرڪاري معاملات کان سواءِ، وڏو سبب زيارتن جو به هو. مير غلام محمد لاءِ مير مائل هيٺيون قطعو چيو.

چو با خوش خلف مير ما علي اصغر
که در خوشي.... دلم چو گل بشگفت،
بکام طبع معليٰء آن گزيدهء آل،
به تته از سفر آمد بخير و خوبي جفت،
بروز آمدنش طبعم اين چنين تاريخ،
که ”به بجاه غلام محمد آمد“ گفت،
دگر ”غلام محمد بيامده“ تاريخ،
دلم ز پيک فرح با سر امل بشنفت،

1224+1=1225هه

خدا به آل علي جمله کام دل بخشد،
دلم بکام دلش اين در دعا خوش سفت.

ص 104

مير صاحب جي بياض ۾، انهيءَ دور جي چند شاعرن ۽ اديبن جي انتقال جون به تاريخون موجود آهن. هونءَ ته منجهس اڪيچار تاريخون آهن، ليڪن جنهن صورت ۾ انهن ماڻهن جي متعلق سردست اسانکي ڪابه معلومات فراهم ٿي نه سگهي، تنهنڪري في الحال سڀني تاريخن کي نظر انداز ڪندي، فقط انهن شخصيتن جون تاريخون نقل ڪيون ٿا، جن جي نالن سان سنڌ جي ادبي تاريخ آشنا آهي.

محمد پناهه ”رجا“: ميان محمد پناه ”رجا“، ڪلهوڙن جي دور جو صاحب ديوان ۽ صاحب طرز شاعر هو. اصل ٺٽي جو هو. ليڪن رهندو مير لطف الله عرف مير متاري وٽ هو. حيدرالدين مير ابو تراب ڪامل، شهر ۾ سندس استاد هو. مير علي شير قانع لکي ٿو.

”بلطف طبع وجودت فکر اتصاف دارد (مقالات، 108)

”در اشعار خوش تلاش، ودر تاريخ يابي ناد رالفڪر، مردي نمکين صحبت

آرامي باشد. با فقرا و اهل الله معتقدانه در خور دارد. اکنون تته در صاحب

سخنان غنيمت است.“ (تحفة الڪرام ص 244/3)

”بخدمت مير لطف الله عرف مير متاره وزير سنڌ آب و تابي خوب داشته.

مدت بمصاحبت بسر برد، و در صحبت آن قدر شناس اهل کمال، کارهاي

نمايان کرده.“ (مقالات 108)

تاريخگوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. سندس ڪيتريون نادر تاريخون ”مقالات“ ۾ درج آهن. صاحب ديوان شاعر هو. ”مقالات“ جي انتخاب مان، سندس چند شعر نموني خاطر هيٺ ڏجن ٿا.

نيست غم در بيکسيها گر نه کس باشد مرا،
تکيئه لطف علي و آل بس باشد مرا.
 

نيم بسمل مگذار اين دل بيتاب مرا،
ميتوان کشت بيکبار چو سيماب مرا.
 

يک ابر اشک ريز نشد آنشد آنقدر که ما،
يک بحر اين نداشت بسامان گهر که ما.
تيغي نکرده قتل شهيدان که چشم تو،
زخمي نخوردبر جگر خود سر که ما،
برق اين همه بخنده نيامد که لعل تو،
ابر اين قدر بگريه نشد چشم تر که ما.
 

سيد هد بسمل شرف تسکين دل بيتاب را،
بعد کشتن بيقراري مي رود سيماب را.
 

من و مشق نگه بازي، تو ود زديده ديد نها،
من و نظارهء حسنت، تو و ناز آفريدنها.
من و محو رخت بودن، تو ودر جلوه افزودن،
من وبيخويش گرديدن، تو و بر خويش چيدنها.
بشمشير تغافل نيم بسمل شہ ”رجا“ ظالم،
تو و برپا حنا بستن، من و در خون طپيدنها.
 

سيه روزي که لاف همسري با نو خطان دارد،
سراسر موبمو چون زلف درکارش شکست افتد.
کمال رفعت اقبال را باشد زوال از پي،
دو پاس آخر فروغ آفتاب از بام پست افتد.
 

باين حسن و جمال آن بدر سيما،
به از يوسف عزيزان ميتوان گفت.
ز لعلش بسکه سرخي مي تراود،
دهانش بيرهء پان ميتوان گفت.
 

موبمو بشکست آخر اين دل صد چاک ما،
شکوهء زلف ترا بر شآنه مي بايد نوشت.
 

حسن صد رنگ بهنگام تماشائي چمن،
رنگ گلزار بيک جلوهء طائوسي ريخت.
 

در محفلي که ساغر چشمش بدور نيست،
پيمانهء شراب چه مدهوشي آورد؟
بپاي شوق در راه طلب هرچند گرديدم،
همان آغاز با شد چون خط پر کار انجامم.

محمد پناه ”رجا“ جي انتقال جي تاريخ معلوم نه هئي. ”مقالات“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ٻئي سندس زندگيءَ ۾ لکجي ختم ٿيا. اها مشڪل مير مائل جي بياض آسان ڪئي. مير صاحب سندس انتقال تي هيٺيون قطعو چيو آهي.

وا دريغا ”رجا“ وفات نمود،
هرکه بشنيد شد حزين و ملول،
گفت دل سال فوت آن مرحوم،
”هست مقبول در جناب رسول.“

1197هه   ص 107

ميان محمد اشرف مداح: فارسيءَ جو شاعر ۽ بهترين ڪاتب هو. ٺٽي ۾ رهندو هو. مير مائل جي هٺئين قطعي مان معلو ٿئي ٿو ته مدح نبي سندس شعر جو ميدان هو. انهيءَ ڪري ”مداح“ تخلص ڪيائين.

(1)

داشت از بس شغل جان مدح نبي،
جان ما شاد از محمد اشرف است،
سال دخل او بجنت گفت دل،
”دائما ياد از محمد اشرف است“.

1222 هه

(2)

چون محمد اشرف ما، زين جهان،
کرد در صحن جنان نقل مقام،
سال نقل او بجنت گفت دل،
جاي اشرف جنت الماويٰ مدام.

1212 هه ص 107

آخوند غلام محمد سالڪ: ٺٽي جو باشندو، عالم ۽ فارسي زبان جو شاعر هو، مير مائل سندس وفات تي ٻه قطعا چيا آهن.

(1)

داشت از بس که دخل در تاريخ،
شد چو آخوند ما وصال طلب،
بهر تاريخ وصل خود، خود گفت،
که، ”غلام محمدم بادب“.

1222هه

(2)

آخوند ما غلام محمد که سالک است،
در سلک سالکان شده چون متصل بدوست،
ذڪر سلوکش آمده از بسکه غم فزا،
”هي هي غلام سالک“ تاريخ وصل اوست.

1222هه        ص 107

پهرئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته آخوند صاحب کي تاريخ گوئيءَ ۾ مهارت خاص هئي.

سيد محمود عرف سيد پيرو شاهه: سيد صاحب، ٺٽي جي مشهدي ساداتن مان هو. سيد محمد اشرف سندس والد جو نالو هو. مير مائل جو ماسڙ هو. مير مائل هيءَ نادر تاريخ سندس انتقال تي ڪڍي.

”اللهم صلي علي محمد الا شرف والال المحمود ابدا.“

1216هه        ص 108

ڄام بجار جوکيو: ڪلهوڙن جي دور ۾، بجار جوکيو وڏو بهادر ۽ جوان مرد ٿي گذريو آهي. بجار جوکيي، ميان غلام شاهه جي اشاري تي ڌاراجه (تعلقه ميرپور ساڪرو) جي راءِ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ اهو علائقو ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آيو، ۽ ڪلهوڙن، بجار کي ڄام جو لقب ڏئي، کيس حب نديءَ کان وٺي گهاري تائين جو علائقو رهائش لاءِ ڏئي ڇڏيو. ڪراچيءَ کان ٺٽي جيڪو واپاري مال ايندو هو، ان جي محصول اڳاڙڻ جو به ڄام کي اختيار ڏنو ويو. جوکيه قوم، راجپوت نسل مان آهي، ۽ مڪران کان آيل ٿي ڏسجي. ڄام بجار جي سرڪردگيءَ ۾ مٿي بيان ڪيل علائقي ۾ هنن پنهنجو وڏو اثر قائم ڪيو. ڄام بجار 1411هه ۾ انتقال ڪيو، ۽ مير مائل سندس وفات جي هيٺين تاريخ تصنيف ڪئي.

”دادند جام رضوان با جام“ هاتفم گفت.

1211هه


(1) احسن صاحب ڪربالائي ”نئين زندگي“، مئي 1954ع.

(1) ميان محمد صالح جنگ مان بچي آيو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو محمد اسحاق هو. ان کي سومر نالي پٽ ڄائو، جنهن کي ٻه پٽ، ڦوٽو ۽ وڪيو، ٿيا، جيڪي ٻئي هن وقت حيات آهن، ۽ هوسڙيءَ طرف پاٽورن ۾ پنهنجي زمين تي رهن ٿا. (مرزا احسن ڪربلائيءَ کان ورتل احوال).

(1) ڏسو مضمون مرزا احسن ڪربلائيءَ جو ”نئين زندگي، 1954.“

(1) حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي مقبرن جي سامهون، اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ ۾، مرزا خسرو ۽ سندس پويرن جو قبرستان آهي، مرزا جي مزار مٿي ٿلهي تي پٿر جي ڇٽيء هيٺ آهي، مٿس هي ڪتبو اهي. ”وفات مرحوم خسرو بيگ 2 ماه جمادي الثاني، 1277 هه“ انهيءَ مزار جي اڀرندي پهلوءَ ۾، هيٺ زمين تي، سندس پٽ مرزا ولي محمد جي مزار آهي، جنهن تي ڪتبو آهي ”تاريخ وفات مرحوم جنت آرامگاه مرزا ولي محمد بيگ 29 شعبان، 1289هه.“ مرزا ولي محمد جي سيرانديءَ کان سندس ڀاءُ محمد رحيم جي مزار آهي، جنهن تي ڪتبو آهي. ”وفات مرحوم و مغفور جنت آرامگاه جناب آقا محمد رحيم بيگ مرزا، خلف الرشيد مرحوم مغفور امير ڪبير خلد آشيان، آقا خسرو بيگ مرزا گرجي، بروز شنبه، بتاريخ نهم رجب المرجب، 1223هه“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com