افسانا |
1. |
بدلو |
از جعفري |
2. |
پريشان انسان |
از شيخ |
3. |
بڻ |
از ڀٽي |
4. |
نئون شڪار |
از ابن الياس |
5. |
بلو دادا |
از اياز |
6. |
ٻه ڳوڙها |
از حفيظ |
7. |
زندگيءَ جو روڳ |
از مورياڻي |
ڊاڪٽر غلام حسين جعفري
بدلو
لاکن ۾ ڪليڪٽر صاحب جي منزل هجي. ڳوٺ ۾ بٺ بيگر جي
ذل لڳي پيئي هئي، ڪڙمي، ڪاسبي، واٽهڙو جيڪو ٿي
ڪمدار جمعي خان کي هٿ آيو، سو سوگهو. ڪنهن جي مجال
جو کڻي آڱر کڻي! بدقسمتيءَ سان، لطيف به اڄ پنهنجي
ننڍڙي لاءِ، پساريءَ کان ڪجهه دوائن وٺڻ خاطر، اتي
اچي نڪتو هو، اڃا پسار وٺي دڪيءَ تان پير هيٺ مس
رکيائين، ته مٿان جمعي خان اچي هٿ پڪڙيس، چي: ”ابا
هل.“
”ڪمدار، ڪيڏي؟“
”ڪيڏي پوءِ پڇ، اول سڌو ٿي هل.“
”سڌو ڪيئن؟ ڪمدار صاحب، مونکي ڇڏ، منهنجو ننڍڙو بي
مزي آهي. ويچارو ٽن ڏينهن کان تپ ۽ پاسي جي سور
کان پيو آهي. آءٌ آيو آهيان سندس دوائن لاءِ. هي
پڙيون ڏس! جمعا خان، مون تي ٿورو ڪر!“
”اشراف جا پٽ! آءٌ اهي عذر ڪونه ٻڌندس، ڪونه.
هيڏانهن ٿي هل.“
”پر جمعا خان...“
”پر وري ڇا جي؟ هل هيڏانهن سڌو ٿي.“
”آءٌ ٿو چوان ته مان لاچار آهيان. هروڀرو ظلم آهي
ڇا؟ ڀلا، نٿو هلان.“
اتي جمعي خان کي البت جوش چڙهي ويو. ورائيندي لڪڻ،
هڪڙو، ٻيو، اڃا ٽيون کنيائين ڪين، ته لطيف لڪڻ مان
کڻي جهليس. اکيون ڏسوس ته ڳاڙهيون جهڙيون رت،
ماڻهو ڦري آيا، ۽ ائين پئي ڏٺو، ته اجهو ٿو قصو
وڌي. مگر نه، لطيف غم کائي، پٽڪو ٻڌوندو، اڳيانئس
ٿي هليو. ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. تو، مون، هن ۽ هن جي
وات، اها وائي هئي، ته اڄ لطيف جو خير ڪونهي.
ساڳئي ڏينهن شام جو، لطيف کي ڪنواٺي ڪلهي تي، کوهه
تان پاڻي ڀري، بنگلي ڏي پئي ويو. سندس ڪنڌ هيٺ، ۽
خيال ڪجهه پريشان هئا. وري وري پنهنجي ٻچڙي جي
نازڪ حالت جو نقشو آڏو آڻي، ٿڌا ساهه پئي ڀريائين،
هڪ طرف اهو اونو ته انهيءَ وچ ۾ الائي ڇا ٿي گذريو
هوندو، ته ٻئي طرف اها ڳڻتي ته هتان الائي ڪڏهن ٿي
جند ڇٽيم.
ساري ڏينهن جي بک ته يار کي ياد به ڪانه هئي، جڏهن
بنگلي کي ويجهو پهتو، تڏهن جان کڻي ڏسي، ته پريان
جمعو خان به پيو اچي. هيڪر ته ساري جان ڪانڊارجي
ويس، پر وري زمين ڏانهن نهاري غم کائي، اڳتي وڌيو
۽ خيال ڪرڻ لڳو، ته جي منٿ ميڙ سان ڪم نڪري، ته
جيڪر وڃي ٻچڙي ڀيڙو ٿيان، نه ته ٻيو رستو ته جند
ڇڏائڻ جو ڏسجيئي ڪونه ٿو. ڏاڍن سان شوخي ڪرڻ،
ٿيندو وڌيڪ وير وِهائڻ. آءٌ غريب ڇا ڪري سگهندس!
جمعو خان به ويجهو پهتو، ۽ لطيف ڪجهه چوڻ تي هوس،
ته ڪمدار ڌمڪيءَ سان چيس ”تکو ٿي، تکو ٿي! ڍڪريلن
وانگر ٿو هلين. اڃا آهي مغز ۾ واءُ ڇا؟“ لطيف ڪجهه
نه ڪڇيو. صبر ڪري، ڪجهه تکو ٿيو.
سج لهڻ کي پهتو هو، پکي واهيري تي، ۽ مال پنهنجي
وٿاڻن تي وري رهيا هئا. ڪڙمي ڪاسبي پنهنجي ڪمن کان
فارغ ٿي، واپس گهرن ڏانهن اچي رهيا هئا. سياري جي
موسم هئي. سيءُ به البت زياده پئي پيو. آس پاس
باهيون ٻري چڪيون هيون، ۽ چلهه جي چوڌاري گهر گهر
۾ چڱو چهچٽو لڳو پيو هو. اهڙي وقت، زينب پنهنجيءَ
جهوپڙيءَ ۾ پٽ جي سيرانديءَ کان ويڳاڻي ٿي ويٺي
هئي. سندس اکيون پٽ ۾، ۽ سندس خيال، پنهنجي خاوند
جي ايتريءَ دير سبب، البته پريشان هئا. ”ايتري
دير! سوئي وري پٽ جي ههڙي حالت هوندي! يا خدا!
هيءُ منهنجي اکين جو ڏيو، ۽ هو منهنجي حياتيءَ جي
ٽيڪ، ٻنهي کي شل رکي ڏينم! زياده ڪجهه نه ٿي
گهران. آخر تون ئي اسان غريبن جو آڌار آهين.“ ائين
چوندي اکين مان لڙڪ وهي اٿي هليس. پٽ جي پيشاني
چمي، رئي سان اکيون اگهڻ لڳي.
منهن اونداهي اچي ٿي هئي. لطيف به ڏٺو ته موڪل
اونهنئين ڪانه ملندي، ۽ پوئتي الاجي ڇا ٿيو هجي،
سو جمعي خان جا پادر سر تي سهائي، گهوڙن جو داڻو
طنبيلي ۾ رکي، رسي ڪترائي نڪتو. اڌ ڪلاڪ به ڪين
گذريو، ته اچي گهر پهتو. پنهنجي زال کي ڳوڙها
اُگهندو ڏسي، دل ڀرجي آيس، مگر آخر مرد هو. پٽڙي
ڏانهن نهاري، زال کي چيائين، ”شانوءَ ماءُ، جلد
هيءُ ڪاڙهو تيار ڪري وٺ، ٻچي کي ڏاڍي تڪليف ٿي
هوندي.“
پاڻ پٽ کي ”بابو بابو“ ڪندي پيشانيءَ تي هٿ رکي،
سندس لڱ ڏسندي، مٿن کان ويهي رهيو، ۽ ڪنهن اونهي
خيال ۾ پئجي ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، سج چڙهي سنئون مس ٿيو ته در تي
سڏ ٿيو.
”لطيف، او لطيف!“
”ادا، ڪهڙو“
”مائي، لطيف آهي؟“
”ادا، هائو ڇو؟ اندر اچ.“
”نه، مائي، ٻاهر ته موڪلينس.“
لطيف سمجهي ويو ته سڏ خير جو ڪونهي، معلوم ٿيس ته
خان گهرايو آهي. هيڪر ته خيال آيس ته جيڪر رمضان
کي وٺي، پنهنجي گهر جي ساري روئداد ڏيکاري. مگر پڪ
هيس ته خان، ڪرڙو زميندار آهي. هن کي سندس مجبورين
جي ڪهڙي پَرِ! هو ڳالهه ٻڌندوئي ڪونه. سو زال کي
ٻه لفظ دلداريءَ جا چوندو، رمضان سان گڏ روانو
ٿيو.
لاکن جي اوڀر پاسي، چاڪر خان جي اوطاقت هئي، اس جي
تڙڪي تي، خان پاڻ ۽ ٻيا ڪيترا آس پاس جا زميندار ۽
ڪڙمي ويٺا هئا. ڪليڪٽر صاحب جي شڪار جون ڳالهيون
پئي هليون، ۽ خان جا ٽهڪ چڱي پنڌ پئي ٻڌا. اتي
رمضان به لطيف سميت، اچي سلام ورايو. خان جي جيئن
لطيف تي نظر پئي، تيئن اٿي کڙو ٿيو. سندس پٽڪو
لاهيندي، وارن کان وٺي، دسي، مٿان چڙهي ويس.
پوءِ ته لطيف ويچارو بيهوش ٿي، پٿجي رهيو. خان
بدشد ڳالهائيندو، چلم کي وڃي لڳو ماڻهن، لطيف کي
کڻي پاسيرو ڪري، هڪ ڇنل کٽولي تي سمهاريو، ۽ ڏينهن
لڙئي ڌاري، هڪ گاڏيءَ تي کڻائي، کيس وڃي گهر لاهي
آيا.
هن واقعي کي گذرئي هڪ سال ٿيو آهي. لطيف، اڄ ٽن
ٻين ساٿين سميت، پوليس جي پهري هيٺ نظربند،
لاڙڪاڻي جي اسٽيشن تي ويٺو آهي. چيو وڃي ٿو ته کيس
خان بدمعاشي ۾ ڏياري، ٻن سالن جي سخت پورهئي جي
سزا ڏياري آهي. ۽ هو اڄ سکر جيل ڏانهن موڪليو پيو
وڃي. ٿورو پرڀرو، زينب پنهنجي پٽ شانوءَ سميت وڻ
جي ڇانو هيٺ، نهايت مغموم ويٺي آهي. شانو، پٿرين
جون مٺيون ڀري، ماءُ جي جهوليءَ ۾ وجهي رهيو آهي،
۽ ڪڏهن پيءُ ڏانهن اشارا ڪري، ماءُ کي ڏانهس هلڻ
لاءِ هٿن سان ڇڪيو پيو ڇڪي. گاڏيءَ جي گهنٽي وڳي،
لطيف، منهن ورائي، زال ڏانهن نهاريو. ايندڙ وڇوڙي
جو نقشو سندس اڳيان تري آيو. اکيون کڻي بند
ڪيائين. زينب جي اکين مان پڻ لڙڪ وهي هليا. پنهنجي
پٽڙي کي ڇاتيءَ سان لائي، سندس پيشاني چمي، اکيون
مٿي ڪري چيائين، ”اي ڏکين جا ڏاتار، اسان کي هنن
ڏکن لاءِ ڇو پيدا ڪيئي! اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو! ڪٿي
آهي تنهنجو انصاف! گاڏي پڻ اچي سهڙي. لطيف ۽ سندس
ساٿين کي چاڙهي کڻي اندر ويهاريائون. زينب، پٽ کي
گود ۾ کڻي ڏانهس ڏسندي رهي گاڏي ڇٽي. لطيف، پنهنجي
ڏک ڀريل اکين سان نهاريندو رهيو. گهڙيءَ ۾ گاڏي
نظر کان غائب ٿي، مگر زينب ڪجهه مدت تائين اتي ئي
بيٺي رهي!
زينب کي هاڻي گهر ڄڻ کائڻ پيو اچي. سندس دل، گهڻو
ڪري، اداس هئي. پهرن جا پهر، پورن ۾ غرق ٿي ويندي
هئي. مطلب ته ڪجهه عجب پريشاني مٿس غالب هئي.
جلدئي سندس ڀاءُ آيو، ۽ کيس پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو.
مگر زينب اتي به ڪو گهڻا ڏينهن گهاري نه سگهي.
ڀاءُ کان واپس گهر ورڻ جي موڪل گهريائين، ۽ اچي
پنهنجي ڪکن ڀيڙي ٿي آهستي آهستي سندس گهر جي ڪم
ڪار ۾ دل پرڀڻ لڳي، ۽ اوڙي پاڙي وارين جي سنگ ۾
پنهنجي غم جو وقت ڪاٽيندي رهي، ساري ڏينهن جي
پورهئي کان پوءِ، جڏهن کٽولي تي ليٽندي هئي، تڏهن
جيڪي سو دنيا جا سڀ سور، نئين سر سندس سامهون
ايندا هئا. مگر ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻيندي هئي.
پنهنجي خاوند جي ياد ۾ خيال پچائيندي پچائيندي، اک
لڳي ويندي هيس ۽ ڪجهه ننڊ ڪري وٺندي هئي.
لطيف کي اڄ واپس ڳوٺ آئي، ڳپل ڏينهن ٿيا. منهن ۾
البت لٿل، ۽ بت ۾ گهڻو هٽيل، پئي لڳو. گهر کان
ٻاهر نڪرندي ٿورو شرم پئي آيس. گهڻو ڪري خيالن ۾
غلطان نظر ايندو هو. هڪ رات اوچتو پنهنجي زال کي
سڏي، ڀر ۾ ويهاري، ڪجهه ڀڳل لفظن ۾ چيائين،
”شانوءَ ماءُ، اڄ منهنجي جان ۾ بي آرامي آهي.“
جوڻس ڊڄي چيو، ”آخر ڇا آهي؟“.
ٻيو ڪجهه به نه. ٻڌ! آءٌ فيصلو ڪري چڪو آهيان.
پنهنجي ٻچڙي جي محبت، ۽ تنهنجي پيار، مون کي گهڻو
روڪيو، مگر آءٌ وس کان ٻاهر آهيان. مون کان اهو
سٺو نٿو ٿئي. آءٌ ڪين رهندس. آءٌ اڄ اوهان کي مالڪ
جي حوالي ٿو ڪريان! مون کي رخصت ڏسي....
زينب اچانڪ سندس گلي ۾ لڙڪي پئي، ۽ ڳراٽڙي پائي
چوڻ لڳي، ”هي چئين ڇا ٿو؟ اسان کي ڇڏي ڪاڏي
ويندين؟ هي مصيبت جا سال ئي الائي ڪيئن ڪٽيا آهن،
۽ آئي، وري کڻي اها وائي ڪئي اٿئي! ٻڌاءِ ته سهي،
نيٺ ڇا آهي؟“
لطيف وراڻيو، ”ڇا چوان! مون سمجهو ٿي ته اسان جي
شادي، اسان جي ڏکن جو خاتمو ڪندي. مگر افسوس، غريب
جي مصيبتن کي نڪا مند نڪو موت! ڇا هي ظالم مون کي
آرام سان ويهڻ ڏيندو؟ هر گز نه.... اجهو ٿو نيون
آفتون آڻي، ڪنهن نه ڪنهن آفت ۾ اوچتو اڙائي
ڇڏيندو.“
”پر ميان! مرد به ڪو تڪليف ڀر ڊڄندا آهن؟“
”نه، مگر مصيبتون به اهي جي عزت سان سهجن. ههڙي
ذلت جي زندگي کان عزت جو موت بهتر!“
اتي لطيف جون اکيون ڳاڙهيون جهڙيون لعل ٿي ويون.
سندس دم گهٽجڻ لڳو. چيائين، ”خان! خان! انهيءَ جو
بدلو پنهنجي خون سان ڏيندو! آخر منهنجي رڳن ۾ به
ٻروچڪو رت آهي! ڏسي وٺبو.“
زينب، گندي لاهي، کڻي پيرن تي رکيس، ۽ نهايت آزيون
ڪري چوڻ لڳيس ”اي منهنجي سر جا سائين! اسين غريب
آهيون، انهيءَ ضد تان لهه! پاڻهي اُهو خدا ڪئيءَ
جي سزا ڏيندس.“
”خدا! خدا تڏهن مون کي هٿ ڇا لاءِ ڏنا؟ انهيءَ
لاءِ ته هٿ ٻڌي، اهو ظلم سهان! نه، نه! ڌڻيءَ جي
ته پاڻ موڪل آهي، ته جهڙو ڪو ڪري، تهڙو ڀري.“
زينب جڏهن ڏٺو ته مڙس ڦرندو ڪونه، تڏهن سندس پيرن
تي ڪري، چوڻ لڳي، ”اڙي هن ٻچڙي جي صدقي انهيءَ
ڳالهه تان لهه. اسان کي ڪهڙي آسري ڇڏي ويندين!“
لطيف، البته ٿڌو ٿيو. زال کي به سامت آئي. لطيف،
پنهنجي کٽولي تي ائين ئي ليٽي پيو پر زينب ويچارءَ
کي ڊپ وچان ننڊ ڪانه آئي! سمجهه ۾ نٿي آيس ته سندس
قسمت ۾ الاجي ڇا هو؟ سندس مڙس کانپوءِ پٽ ننڍڙو
ٻار ۽ پاڻ اڪيلي، ڪيئن هن اڻکٽ حياتيءَ جا ڏينهن
ڪاٽيندي، دير، دير سان اک لڳس ۽ ڀيانڪ خوابن جي
دنيا ۾ وڃي غرق ٿي.
ٻئي ڏينهن صبح جو، لطيف سويرو ڍورن ڍڳن پويان،
ٻاهر نڪري ويو. جڏهن منجهند ٽاڻي موٽي آيو، تڏهن
ڏاڍو خوش پئي ڏٺو. زينب، هي ڏسي ڪجهه سرهي ٿي.
لطيف جا خيال هينئر گهڻو بدليل نظر آيا، ۽ زينب جو
به اونو لٿو. ان ڏينهن، لطيف شام جو ٻاهر ڪونه
نڪتو. ماني سوير ڀرو کائي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي
ستا ۽ گهڙي ۾ ننڊ پئجي ويا.
رات جا اٽڪل ٽي لڳا هئا. ڪنهن شيءِ کڙڪي تي، زينب
ٽپ ڏيئي اُٿي. ڏئي جي سوجهري تي ڇا ڏسي، ته لطيف
کي هٿ ۾ هڪ رت رڱيل ڪهاڙي آهي، سندس مٿان صبر ۾
بيٺو آهي. سندس وات مان اچانڪ رڙ نڪري ويئي، ”هئي،
مٺيس هي ڇا ڪيئي!“
”خبردار! جو هڪ به لفظ ڪڇيو اٿيئي! جيڪي ٿيڻو هو،
سو ٿيو. هاڻي خدا حافظ.“
پوءِ ڪهاڙي رکي، پٽ جي پيشاني چمي، زال ڏانهن
نهاريندي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪتو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، ڳوٺ ۾، ڳليءَ گس تي، اها ڳالهه
هلي ويئي ته لطيف، رات خان جو خون ڪري، کليو
کلايو، ڪهاڙيءَ سميت، ٿاڻي تي وڃي حاضر ٿيو ۽
قبولدار ٿيو هو ته: چاڪر خان، جو خوني آءٌ آهيان!
ع - ق - شيخ
پريشان انسان
مٿي ۾ سور، دل جي ڌڪ ڌڪ، بدن ۾ هلڪو هلڪو بخار،
چيلهه ته ڄڻ ڪنهن چچري ڇڏي هجي، پنين ۾ سور، ۽
خيال پريشان، گهر ۾ سيڌو سامان کٽل، مهيني جي
اوڻٽيهين اونداهي، پگهار جو ڪڏهوڪو ڏيوالو نڪري
ويل، اها ڪوڏي ڪانهي جو شام جو ٺلهو چانهه جو ڪوسو
پاڻي کڻي نڙيءَ مان اوتجي، ٻه ٻار دائمي بيمار ۽
دوائون بلئڪ مارڪيٽ مان به ملڻ محال، ته پوءِ اهڙي
ماحول ۾ ارمان، ارادا، امنگون ۽ آسرا، مستقبل جا
روشن خيال، زنده دلي، خوش مزاجي ۽ راحت جون سڀئي
ساعتون ڪهڙي ڪم جون! هن جيئڻ جي جنجال، جو محشر
اڃان ٻيون ڪهڙيون عقوبتون ڪندو! باقي پٺيان بچيو
ڇا؟
انور جي تڪليفن جي انتها ٿي چڪي هئي. کٽ تي
ليٽندي، انيڪ خيال ۽ اوسيڙا هن جي دماغ کي وڪوڙي
ويا، جهڙيءَ طرح ڏينڀن جو ولر ڪنهن جي جسم کي چهٽي
چنبڙي اڏامي وري اچي چهٽي. اها ڳالهه ڪا هن لاءِ
نئين نرالي ڪانه هئي. هو ننڍي هوندي کان ئي،
زندگيءَ جي حسين لحظن لاءِ واجهائيندي، سڀني
مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ به ڪڏهن سک جو سمون
ڪونه سنڀريو. زماني ۽ ان جي گردش هن تي ڪافي زور
آزمايون ڪيون هيون. ڇا لڳي هن جي چاليهه ورهيه
ڄمار، ڇا لڳن هن جي مٿي جا هرک جهڙا وار. منهن
ميرانجهڙو، ماس ته سندس جسم تان ڄڻ ڪنهن روڙي ڪڍي
ورتو هو بت ۾ باقي هڏا هئا جي فقط چمڙيءَ سان
ويڙهيل هئا. زندگيءَ جي چمڪ ٿوري يا گهڻي اکين ۾
ته رهندي ئي آهي، پر هن جون ته اکيون به ڏرا ڏيئي
ويون هيون. پڙهيو ته پورو سورو هو، پر زماني جي
تتل ديڳ ۾ ”ڪڙهيو“ سو ڪافي هو. مائٽن ننڍي هوندي
ئي پرڻائي ڇڏيو هوس. چار پنج ٻار پيدا ڪيا هئائين.
سرڪار جو معمولي ملازم ۽ پگهاردار هو. ڪو وقت هو
جو هو پنج ئي وقت نماز پڙهي، وظيفا ڪڍي، الله
سائينءَ جي حضور ۾ آزيون ۽ نيزاريون ڪري، مٿي کي
اهڙي ته زور سان سجدي ۾ گسائيندو هو جو سندس
نيازمند پيشانيءَ تي هڪ ڪارو داغ رهجي ويو هو. پر
خبر ناهي الله سائين مٿس ڏمريل هو يا شيطان جي
ساڻس سنگت هئي هن جي قسمت ۾ ڦيرو نه اچڻو هو سو نه
آيو. پنجن ڇهن سالن جي لڳا تار رياضت ۽ نماز
کانپوءِ، هن جي طبيعت ۾ اهڙو ڪو ابتو چڪر آيو جو
هن ڏاڙهي ڪوڙائي، نماز کي طلاق ڏيئي ڇڏي. انهيءَ
جي عوض، هن ۾ هڪ ٻي عادت، ويچارڻ ۽ وجهلڻ جي، گهر
ڪري وئي، خاص ڪري جيڏيءَ مهل رات جو اچي هو کٽ تي
ڊهندو هو، ته خيال ۽ سوال هن جي دماغ ڏانهن ولرن
جا ولر ڪندا، ڊوڙندا ايندا هئا، ۽ ائين هر رات
خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪي ڦٿڪي، پاسا ورائي
ورائي، اوٻاسيون ڏيئي، سمهي رهندو هو، ۽ صبح جو سج
اڀرئي کان پوءِ اٿي، مشين وانگر آفيس جي ڪارخاني ۾
ٺڪ ٺڪ ڪري، ڏينهن ڪاٽي ڇڏيندو هو، ۽ رات، ساڳي
تات، اهوئي ڳن، اهوئي رنبو، پور پچائيندي
پچائيندي، بي آراميءَ ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو.
اڄ به دستور موجب کٽ تي اچي ليٽيو هو، ته هن محسوس
ڪيو ته هاڻي هو ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي. هن جي جسم
ڏيئي وٺي اچي دنگ ڪيو آهي. عين انهيءَ وقت هن جي
ذهن ۾ هڪ سوال تري آيو. ”جيڪڏهن اڄ رات جو مري
وڃان ته هوند ڇا ٿئي؟ ٿيندو وري ڇا؟ ڄڻ ڪو ڪتو مري
ويو. نه نه، آءٌ مري ويندس ته ڏاڍو نقصان ٿيندو.
سڄي آڪهه تڪليف هيٺ اچ ويندي. لاش کي به ڪفن نصيب
ٿئي يا نه! گهر ۾ ته سڃ پئي واڪا ڪري ڪفن ۽ قبر
لاءِ ته پئسا گهرجن. گهر واريءَ ۽ ٻارڙن جي روڄ
راڙي تي ڪو پاڙيسري لڙي به ايندو الائي نه. ڪنهن
کي من قياس به اچي، چندي چيري مان ئي من منهنجي
پڇاڙي سرهي ٿي وڃي. جي نه ته پوءِ ڀلا ڇا: مئي کان
پوءِ سج اڀري نه اڀري، مرڻ کان پوءِ مونکي ڪهڙي
پرواهه، پوين جا ڀاڳ پوين سان. ٻارڙا هٿ پير هڻي
پاڻهيئي جوان ٿي ويندا. پر، کين نيٺ ڪير
کارائيندو، ڪير پياريندو، هنن بيمار ٻارڙن کي دوا
درمل ڪير وٺي ڏيندو. ڊاڪٽرن جي في ڪير ڀريندو، کين
دوا نه ملندي ته چاق وري ڪيئن ٿيندا. هو پڪ چڙي
مري ويندا. باقي ٻيا ٻه ٻار؟ من اهي ئي سڌري پون،
چار اکر پڙهي من مون وانگر، جهڙي تهڙي نوڪري ڪري
سگهن. پر انهن کي به سنڀاليندو ڪير، مون کان ئي
هنن جي پوري پر گهور نٿي ٿئي، رڳو وڻ کي ئي جي
پاڻي نه ملي ته سڪي سڙي ٿو وڃي. ڪنهن کي گتي پئي
آهي جو هيءُ منهنجو گهنگهر گهلي پنهنجي ڳچيءَ ۾
وجهندو. پوءِ هو پڪ پنڻ شروع ڪري ڏيندا، فقير ٿي
پوندا، پوءِ هو رستن، گهٽين ۽ گهرن جي درن تي
صدائون هڻندا، ليلائيندا، هرهڪ جي اڳيان هٿ
ٽنگيندا. هيءُ مسواڙ وارو گهر به نيٺ خالي ڪري
اٿڻو پوندن. منهنجي گهر واري وڃي منهنجي ڀاءُ وٽ
رهندي، پر هنن جو گهر به سوڙهو آهي. مگر دل سا وڏي
هجي باقي گهر سوڙهو هوندو ته ڇا ڪندو! منهنجي
ڀاڄائي، بچي شل، سهي مونکي ئي ڪانه سو ٿي منهنجي
زال کي پنهنجي گهر ۾ ترسائي. هن هيڏيءَ ساريءَ
دنيا ۾، هن آسمان جي هيٺان، هنن کي ڪٿي مٿي لڪائڻ
جي ڪا جاءِ به ملندي الائي نه. من ڪٿي مٿي جي
ڇانوَ ڪري، ٻارن جي ماءُ ويهي رهي، پر هن پوڙهي ۽
پراڻي کوکي کي پڇندو ڪير؟ چڪلو به ته پوريءَ ريت
ڪين وسائي سگهندي. منهنجي زال ۽ چڪلو! ٿو ٿو، هيءُ
ڇا، ائين ڪو پنهنجي زال لاءِ سوچي به سگهندو! حيف
هجي منهنجي زندگيءَ تي جو مرڻ کان پوءِ به اهڙا
ڪلور ڪري. پرڪي ماڻهو ته جيئري ئي ائين ڪري رهيا
آهن. چڪلي ۾ جي ويٺيون آهن تن سڀني جا مڙس ٿورو ئي
مري ويا آهن. انهن کي به ته پيءُ، ماءُ، ڀيڻون ۽
ڀائر آهن. اهي به ته اسان وانگر ئي انسان آهن،
پوءِ اهي ڇو اهڙي ذليل زندگي گذاري رهيون آهن. هنن
جا گهر ٺهرائڻ وارا، هنن جا گماشتا ۽ دلال به ته
هن ئي دنيا جا ماڻهو آهن. پر هٿ جون پنج ئي آڱريون
هڪ جهڙيون ناهن، ۽ سڀئي انسان هڪ جهڙا ناهن. آءٌ
هرگز اهڙو ڪين ٿيندس. آءٌ مقابلو ڪندس، دنيا جي
ذري ذري سان لڙندس، وڙهندس، پنهنجي اولاد لاءِ،
پنهنجي گهرواريءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري، پوءِ ئي
مرندس. تنهن وچ ۾ موت ايندو ته موت کي به منهن
ڏيندس، سندرو ٻڌي کيس ٻک وجهندس، پر آڻ ڪين
مجيندس، آءٌ خود ملڪ الموت کي به موٽائي ڇڏيندس،
موت، اڙي موت! آءٌ توکي نپوڙي، گهٽي گهٽي ماريندس،
وڃ، ٽري وڃ منهنجي اکين کان، آءٌ اهڙي سٿري ڌر
ناهيان. اڃان آءٌ جوان آهيان، ۽ جوان ئي رهندس.“
هن جي ذهن مان موت وارو خيال پڇ پائي وٺي ڀڳو، ۽
اهڙو ڀڳو جو گم ٿي ويو. هن وٽ جذبا، جوش ۽ همت،
ڊوڙندا آيا. هن کي سينگاري پکاري، هٿ کان جهليندي،
وڃي زندگيءَ جي بنهه محلات ۾ ويهاريائون. نوڪر
چاڪر، ڌن دولت ۽ مان مرتبو، هن جي اڳيان ڦيريون
پائي اچ وڃ ڪرڻ لڳا. هن جي زال، راڻي ٿي هن جي
اڳيان آئي. هن جا ٻار شهزادن جي پوشاڪ پهري آيا.
تندرستي نچڻ لڳي، ۽ خوشيءَ ٻٽا ٻٽا ٽهڪ ڏنا. حسن ۽
جوانيءَ حيا کان ڪنڌ کڻي هيٺ جهڪايو. شرميلي نگاهن
چوريءَ چوريءَ گهورڻ شروع ڪيو. هڪ رنگين تصوير
خيالن جي پردي تي چٽجڻ لڳي. فيروزي رئو، هيرن
جواهرن سان جڙجي، آسمان تي ڇڪجڻ لڳو، هڪ نوراني
خمار پکڙجي ويو هڪ ازلي سرور جو احساس پيدا ٿيو.
دلفريب خوشبوءِ جي هٻڪار وڌندي وئي، ۽ زمين جنت
بنجي وئي دنيا جي تختي تان غم، ڏک، دک ۽ درد،
مصيبتون ۽ مشڪلاتون، هڪ هڪ ڪري سڀئي موڪلائي ويا.
اتي سڀئي انسان راجا هئا، سڀئي ٻار شهزادا هئا ۽
سڀئي عورتون راڻيون هيون، ۽ سڀئي انسان هڪ جهڙا
انسان هئا. اتي هيءَ هٿرادو هٺ وڏائي ۽ اوچ نيچائي
ڪانه هئي. ڪنهن کي ڪنهن سان عداوت ڪانه هئي. پيار
۽ محبت جو راڄ هو. همدرديءَ جي حڪومت هئي. هر هڪ
آزاد هو.
پاسائين پيل ٻار کنگهيو. ڪنڊ ۾ ستل زال ٿڌو شوڪارو
ڀريو. انور جي خيالن جو سينگاريل محلات ڌوڏي سان
ڌو اچي پٽ تي ڪريو. ڪرڻ سان اهو سارو رنگ محل چڪنا
چور ٿي ويو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن جي چيلهه مان
سور جون سوٽون اسرڻ لڳيون. هو پاڻ کي ٿڪل محسوس
ڪرڻ لڳو، ڄڻ کيس ڪنهن ڏاڍي مار ڪڍي هئي. هن پاسو
ورايو. هو اڃان جاڳي رهيو هو. ننڊ هن جي اکين ۾
اڃان آئي ڪان هئي. هن وري پاسو ورايو. هو ڪنهن
لاءِ واجهائي رهيو هو. خبر ناهي ڇو ايترو انتظار ۽
اوسيڙو ڪري بيتاب لڇي پڇي رهيو هو. هن جي آسپاس
خاموشي هئي، پر هن جي ذهن جي خاموش سمنڊ ۾ ڪو
طوفان هلچل مچائي رهيو هو. گوڙ وڌڻ لڳو، ۽ زور شور
سان ڌوڪيندو، کيس پنهنجي تيز رفتاريءَ جي هنج ۾
ويڙهي ۽ ريڙهي اڳتي وڌڻ لڳو، ۽ هو وري خيالن جي
پهاڙ جيڏين لهرين ۾ لڙهي ويو. هو ترڻ جي ڪوشش ۾
ٻڏڻ لڳو، هن ٿاڦُڙا هڻڻ شروع ڪيا. هن ڪناري ڏانهن
پهچڻ جو خيال ڪيو ته هڪ وڏيءَ وير هن کي وڪوڙي وري
وڃي ساڳئي اوڙاهه ۾ اڇلايو. هو غوطا کائڻ لڳو. هن
جو جسم ڪنهن ديو جي ٺهيل پينگهه ۾ هيٺ مٿي اڇلجڻ
لڳو. هن جو وات ڦاٽي ويو. سمنڊ جو پاڻي هن جي
نڙيءَ کان اندر وڃڻ لڳو. هن جون اکيون ڦوٽارجي
ويون، هوش حواس جدا ٿي ويس، بي جان جسم وانگر هيٺ
ڪرڻ لڳو. بي خبريءَ جي احساس هن کي ڇڪي ڇڪي، ڪاپار
ڀر اڇلائي وڃي تري ۾ ڦٽو ڪيو.
ڪرڻ سان، چهنبدار ڪاٺين، چڀندڙ ڪنڊن ۽ نوڪدار پٿرن
جي تيز زخمن هن کي پرڻ ڪري ڇڏيو. هو سجاڳ ٿي پيو.
هن زور ڪري اکيون کوليون، هو کٽ تي ليٽيو پيو هو.
ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو. هو اهڙين خودساخته سزائن
تي هري مري ويو هو هن نماڻائيءَ سان مٿي نهاريو.
سٻاجهي آسمان تي سدا چمڪندڙ تارا جهرمر لايو بيٺا
هئا. هن ڪرموڙيا. آهستي آهستي اکيون پوري، تارن جي
مٺي من موهيندڙ روشنائي پنهنجي ماڻڪين ۾ بند ڪئي.
هن سمجهيو ته هن جي ٿڪل ٽٽل جسم تي ڪن ريشمي
آڱرين، نازڪ گلن جي نفيس پنکڙين جي ورکا ڪرڻ شروع
ڪري ڏني آهي، سون ۽ چانديءَ جي ڪا دز هئي جا هن جي
مٿان آهستي آهستي ڄڻ ڇنڊجي رهي هئي. انهيءَ نوراني
دز مان اوچتي هڪ اماڙي زون زان ڪري نڪتي دور اولهه
ڏانهن هڪ تارو کڙيو ۽ کن ۾ غائب ٿي ويو. هن جي ذهن
تي ائين ڪجهه اڇلجي اچي لڳو، دکندڙ ڪوئلن تي
پئٽرول هارجي پيو، باهه جو ڀنڀٽ ڀڙڪو ڏيئي هن جي
چوڌاري ڦهلجڻ لڳو، ۽ هو وري انهيءَ ڄڀيءَ جي لپيٽ
۾ لوساٽجي کامڻ ۽ سڙڻ لڳو. بي تاب ٿي هن وري پاسو
اٿلايو.
هو اکيون کولي آسمان کي بي معنيٰ نگاهن سان تڪڻ
لڳو. هن جي خيالن جو گهوڙو چئوپير زمين کان مٿي
اڏامڻ لڳو، ڄڻ ته هن کي زمين تي پير هڻڻو ئي ڪونه
هو. زمين تي ڄڻ ڪنهن ٽانڊا پٿاري ڇڏيا هئا. هوا جي
واچوڙي وانگر هو پري پري آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو.
هو سڀئي حدون اورانگهي، گستاخي ڪري وڃي الله جي
حضور ۾ پهتو. هو بي حيا ۽ بي ادب ٿي چوڻ لڳو، الله
سائين، تون اتي ايترو پري، ستين آسمان کان به مٿي،
ويٺو آهين. زمين وارن جون آهون دانهون تو تائين
ڪينءَ پهچنديون. پر اڄ ته آءٌ تنهنجي اڳيان،
تنهنجي ويجهو، بنهه آمهون سامهون آيو آهيان. ٻڌ
تون ته رحم ڪندڙ آهين. آءٌ ڪٿان ۽ ڪيترو پنڌ ڪري
تو تائين پهتو آهيان! توکي ٻڌڻو ئي پوندو، مونکي
اجازت ڏي ته آءٌ پنهنجي زبان کوليان. هيءُ دنيا
توئي ته ٺاهي آهي. هيءَ زمين ۽ آسمان توئي ته
جوڙيا آهن. آدم کي به ته توئي خلقيو آهي. اي
منهنجا مولا، توکان ٿو اڄ آءٌ پڇان، آخر هيءُ
سمورو مانڊاڻ تو ڇا لاءِ منڊيو آهي؟ آدم کي سزا
ڏيئي تو هرون ڀرون زمين تي ڇو لاٿو؟ تنهنجي دنياکي
ته هن اڳ ۾ ئي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي! ڪن ته پاڻ
لاءِ وري هتي ئي بهشت بنائي ڇڏيا آهن! پوءِ تنهنجو
دوزخ ۽ تنهنجو بهشت آخر ڪهڙي ڪم ايندو؟ انسان ته
توکان سنڀاليو ئي ڪونه ٿو ٿئي! ڪي ته توکان تنهنجي
خدائي به ڦريو، هتي خود خدا بنيا پيا گهمن!
دنيادارن ته تنهنجي هيءَ دنيا توکان کسي، وڃي
پنهنجي قبضي ڪئي آهي، ۽ جيئن ٿو کين وڻي تينءَ ٿا
پيا پنهنجي دنيا کي هاڻي هلائين چلائين! تو وٽ هنن
باقي ڇڏيو به ڇا آهي؟ تنهنجي دنيا ۾، تنهنجا هي
رقيب، هي غاصب ايترو ظلم ڪن، ايترو انڌير مچائي
وهن، ۽ تون اتي محشر جو توراڙو هٿ ۾ جهليو، ويٺو
تماشو ڏسين! ڇا دنيا جا هي ننڍڙا خدا به تو خلقيا
آهن؟ ۽ ڏس هو مفلس، ڪنگال، غريب، بکيا اگهاڙا ۽
بيمار اهي به ته توئي اپايا آهن. ايڏي امير پروري
آخر ڇو؟ هڪڙن جا پنهنجا پيٽ به خالي، ته ٻين جا
ڪتا به کايو پيو پيا الوليون ڪن! مون اياڻي کي
جواب ته ڏي، اي ڄاڻڻهار! آءٌ هيتري بڪواس ڪري ويو
آهيان. مونکي روڪ ته سهي. ڳالهائين ڇو نه ٿو؟ ڪين
مون جاهل کي پنهنجي عظيم ماٺ سان ئي آڻ مڃائڻي
اٿئي؟ تنهنجا راز آءٌ برابر ڪين ٿو ڄاڻان. تڏهن ته
مون سج، چنڊ، هوا، باهه پاڻيءَ، وڻن ٽڻن، نانگ
بلائن، ڍورن ڍڳن، فرشتن، ديوتائن ۽ پيغمبرن کي
پوڄي پوڄي باقي اچي هاڻي تو هڪڙي جي عبادت جو
سهارو جهليو آهي! ۽ انهن سڀني خود قربانين، تپشائن
۽ بندگين جو عيوضو؟ منهنجي صبر ۽ آزمائش جي به ڪا
انتها هجي! هاڻي، ڏس هيءُ هتان جي دنيادارن جو
ائٽم بم، هئڊروجن بم ۽ بلو بم! هاڻي، ڄاڻ ته هيءَ
دنيا توکان به وئي ۽ هنن کان به وئي! آءٌ نه رهيس،
۽ تون رهئين، ان مان مونکي ڇا حاصل، ۽ مون مان
توکي ڇا حاصل؟“
انور خيالي دنيا ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتو هو. هن
جون اکيون ٽانڊن وانگر ٻري رهيون هيون هن جي
پيشاني تپي لال ٿي وئي هئي. هن جي دل تي ڪو زور
زور سان مترڪا هڻي رهيو هو. هن جو جسم گرم گرم
سيخن سان ڏنڀجي رهيو هو. هو لڇڻ لڳو. هو ڦٿڪڻ لڳو.
ڄڻ ته باهه جو وڏو مچ ٻريل هو جنهن تي هو ڪباب
وانگر سيڪجي رهيو هو. هن جو جسم سڙڻ ۽ کامڻ لڳو.
هن پاسو ورايو. پري پري کان، بنهه پڙاڏي طور هن جي
تاڙين چڙهيل ڪنن ۾ هڪ غير مانوس آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
صاف ڪو چئي رهيو هو. بس ڪر، بيهودا، پاڳل، ڪهڙي بڪ
بڪ پيو ڪرين. تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. تون چريو ٿي
ويو آهين. تون هاڻي بنهه وحشي حيوان ٿي پيو آهين!“
آواز هيبت ناڪ هو. انور جي دماغ تي دهشت ڇائنجي
وئي، ن جو بدن، هن جا هٿ ۽ پير، سقرات جي آخري وقت
وانگر، ڏڪي ڏڪي سيٽجڻ لڳا، ۽ سيٽجي سيٽجي ساڻا ٿي
ويا. هن جي اکين جا تارا مٿي اکين جي کوپن ۾ لڪي
ويا. هن جا چپ آهستي آهستي ڦرڪڻ لڳا. هن شايد ڪجهه
چوڻ ٿي چاهيو. هو وڦلڻ لڳو، ضعيف زبان مان ”توبهه
توبهه“ جا اکر نڪتا، ۽ عين انهيءَ مهل هن جو ڪنڌ
لڙڪي، ڪري پيو. هن جي وات مان ٿوري گگ وهي اچي
وهاڻي کي لڳي. شايد، شايد هن کي ننڊ اچي وئي هئي.
انتظار
پيارا، جيڪڏهن تون نه ڳالهائيندين، ته پوءِ مان
پنهنجي ”دل“ تنهنجي ”مٺيءَ ماٺ“ سان ڀري ڇڏيندس، ۽
چپ چاپ، تارن سان ڀريل، ۽ صبر سان سر جهڪايل ”رات“
وانگر انتظار ڪندس. پرڀات ته پڪ ايندي، ۽ اوندهه
به اوس ويندي، ۽ تنهنجي مٺي ڪلام جا چشما، آسمان
ڏاري هيٺ وهي هلندا، تڏهن منهنجي پکين جي هر هڪ
آکيري مان تنهنجا ”لفظ“ گيتن جي صورت ۾ اڏامندا، ۽
منهنجين لاله زار وادين ۾ تنهنجا سر گلن جي صورت
وٺي ٽڙي پوندا! (ٽيگور)
رشيد ڀٽي
بُڻُ
”اڙي سگهو ٿي، ڪين ڪيانءِ وري سڌو!“
وڏيري جو دڙڪو ٻڌي، مينهون وري اڳتي وڌيو. هن جي
سامهون جوئر جا ڊگها ڊگها ڪانا بيٺا هئا، ۽ انهن
جي پويان واهه جي ڪڙ تي بيٺل وڻن تي اڪيچار ماڻهو
ويٺا هئا. هو سڀ تماشو ڏسڻ آيا هئا. رات، وڏيري جي
پوک ۾ سوئر ڏسايو هو، ۽ صبح جو، وڏيرو صاحب به ڪتن
جي لوڌ سوڌو اچي پوک تي پهتو هو. وڏيري جي اچڻ
سان، سوئر تي ڪتن جي پڇ ڪرائي وئي. ڪتن کي ڏسي،
سوئر ڀڳو، هن ٻنيءَ مان نڪري واهه ڏانهن منهن ڪيو.
کڏ تي وڏيري جا توبچي ويٺا هئا، تن فائر ڪيا، جن
مان ٻه سوئر کي لڳا، پر اڳيان سوئر به سوئر هو، ڪو
اهڙو تهڙو نه هو جو ٻن گولين سان خلاص ٿي وڃي. هو
گوليون پچائي ويو، ۽ ڇتو ٿي بيهي هڏڪارڻ لڳو. ڪتن
به راڙو ڪري وڃي ورتس، پر ڦٽيل سوئر اڳيان ڪتن جي
هڪ لوڌ ڪٿي ٿي بيهي، کن ۾ هڻي سڀ ڪتا سيٽائي
رکيائين، ڪي پڇ پائي وٺي ڀڳا ۽ ڪي ساڻا ٿي پئجي
رهيا. سوئر به ڪتن کان جند ڇڏائي، ڪسيءَ ۾ کپ کوڙي
ويهي رهيو. سڀ ماڻهو منتظر هئا ته ڇا ٿو ٿئي.
وڏيري ڇٽل به وڏيري رجب ڏانهن ماڻهو ڊوڙايا هئا.
”وڏيرا، جهٽ ڪر، لوڌ موڪل، مهل هيءَ اٿئي!“ پر
وڏيري رجب جو ڳوٺ به ته چار ميل پري هو، سو وڏيري
ڇٽل کي اچي آنڌ مانڌ ورتو، تريون مهٽي پئي
پانڌيئڙن کي گاريون ڪڍيائين، ”ههڙا تهڙا يڪو وڃي
گم ٿيا، الاجي ڪتي جا ڦر ڪٿي وڃي ويٺا.“ وڏيري کي
اڄ جهڙي ڪاوڙ ڪڏهن به نه ٿي هئي. هن کي ”راڻيءَ“
جو خيال هر هر ستائي رهيو هو. راڻي، هن وڏيري پريل
کان پنهنجي خاص چڙهيءَ جو مهري اٺ ڏيئي ورتي هئي.
ڪتي به ڪتن جي ماءُ هئي! چيائون پئي ته وڏيري قادن
واريءَ ”مومل“ جي بڻ مان هئي. پر اڄ مومل جي پوٽي
۽ وڏيري ڇٽل جي راڻي، سوئر اڳيان مرڻينگ حالت ۾،
رت ٻڏل جسم سان، سيٽي پيئي هئي. هو سوچي رهيو هو،
”منهنجي راڻي جا مون ڇهين سوين وارو مهري اٺ ڏيئي
ورتي آهي، سا ائين منهنجي اکين اڳيان مري وڃي!
ائين ڪيئن ٿيندو!“ هن توبچيءَ کي فائر ڪرڻ جو حڪم
ڏنو، پر توبچي به ته ائين نه پئي ڪري سگهيو، ڇو جو
هن ڄاتو پئي ته جي گولي ٿڙي سوئر بدران وڃي راڻيءَ
کي لڳي، ته سندس به خير نه هوندو.
اوچتو، وڏيري ڇٽل جي نظر مينهن تي پئي. مينهون هن
جو نوڪر هو. بهادر ۽ مڙس ماڻهو هو اڪيلي سر وڃي
سوئر سان وڙهندو هو. وڏيري، منيهين کي سوئر اڳيان
راڻيءَ جي کڻي آڻڻ جو حڪم ڏنو. مينهن ڄاتو پئي ته
حڪم نه مڃڻ جي حالت ۾ ڇا ٿيندو.
هو هيٺ ٻنيءَ لٿو ماڻهن ۾ جهٽ لاءِ چپ ٿي ويئي.
سڀني ڄاتو پئي ته مينهون مڙس ماڻهو آهي، هو هن کان
به وڏن مرن کي ماري چڪو هو، هي ته هن اڳيان ڪجهه
به نه آهي. پر سڀ دنگ رهجي ويا، جڏهن ڏٺائون ته
مينهون پوئتي موٽي رهيو هو. هو هاڻي وڏيري وٽ پهچي
چڪو هو، ۽ ادب سان هٿ ٻڌي چيائين، ”سائين، مون
سوئر سان وڙهڻ کان قسم کڻي چڏيو آهي.“
”پٽ قسم ٿو کڻي! اڙي سگهو ٿي ڪين ڪيانءِ وري سڌو!“
اهو دڙڪو ٻڌي، مينهون لاچار ٿي وري هيٺ لٿو. هو
بهادر هو، ۽ هن کان به وڏا سوئر اڪيلي سرماريا
هئائين. پر اڄ الائي ڇو هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي
هئي. هن جي اکين اڳيان اوندهه ٿيڻ لڳي، ۽ آهستي
آهستي سندس اڳيان بيٺل وڻ ۽ انهن تي ويٺل ماڻهو هن
جي اکين ۾ جهڪا ٿيندا ويا، ۽ آخر دونهين جو روپ
وٺي گم ٿي ويا. هاڻي انهن جي جاءِ تي هن پنهنجي
پوڙهيءَ ماءُ جي صورت ڏٺي. ٻڍي ۽ هيڻي هوءَ لٺ جي
آڌر ڏيئي، هن ڏانهن وڌي رهي هئي. هن جي اکين ۾
التجا هئي ۽ آس. مينهين جي منهن مان زور سان نڪري
ويو، ”امان، مان تنهنجي آس پڄائيندس. مان سوئر سان
ڪڏهن به نه وڙهندس.“
”وڃين نه ٿو ڙي سوئر جا ڦر! منهنجي بڻياري ڪتي ڪا
نڌڻڪي آ ڇا؟ منهين جي اڳيان ماءُ جي صورت گم ٿي
وئي. هن ڪنڌ ورائي پٺتي ڏٺو. وڏيرو ڇٽل کڏ تي بيٺو
هن ڏانهن گهوري رهيو هو. ڪنڌ ڦيري هو اڳتي وڌيو.
هاڻي هو جوئر جي بلڪل ويجهو اچي چڪو هو. ايترو
ويجهو جو اندران سوئر جي سهڪڻ ۽ ٻهڪارڻ ۽ ڪتن جي
ڪوڪاٽ جو آواز به هن جي ڪنن تائين پهچي ٿي سگهيو.
هو اڃا به هڪ قدم اڳتي وڌيو، ۽ پوءِ اوچتو بيهي
رهيو. هو سوچڻ لڳو، اڳتي وڌي يا نه؟ هو ته اڄ ماءُ
سان انجام ڪري آيو هو ته وري سوئر جو شڪار نه
ڪندو، ۽ ماڻس به ڪهڙي نه پيار جي ڳراٽڙي پائي کيس
چيو هو، ”پٽ، اچي چڙهي آهيان! اڄ هلان الائي
سڀاڻي. دل ٿي گهريم ته توکي پرڻائي، هٿيڪو ڪري
وڃان. ابا، حياتي تي ڀروسو ئي ڪونهي، هيڪر ته
پوٽيون پوٽا به ڏسي وڃان!“ هو سوچڻ لڳو ته سندس
ماءُ کي کي هن جي وهانءَ جو ڪيترو نه اونو هو، ۽
ڪيترو نه تڪڙو هن سندس پرڻي جو بندوبست ڪيو هو.
”ڏسندي جي چوڏهينءَ تي منهنجو وهانء آهي،“ هن
هوريان دل ۾ چيو. سندس دل ۾ ماءُ جي لاءِ پيار ۽
عزت جي لهر هڪ دفعو وري ڊوڙي ويئي ۽ هوريان دل ۾
چيائين، ”امڙ، تون مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين، تنهنجي
مامتا اڻ مٽ آهي. مان پنهنجو قول پاڙيندس. امان،
مان تنهنجي آس ضرور پوري ڪندس!“ ۽ هو هڪ دفعو وري
پٺتي موٽيو.
”ڪميڻا وري ٿو موٽين، چڱو مان به ڏسندس ته ڪيئن ٿو
ڳوٺ ۾ رهين، اصل ڀت ڀائپيءَ مان ڪڍائي
ڇڏيندوسانءِ، ڏيندوسانءِ، ڪتي جا پٽ، سو ڏهين قلم
۾!“ مينهين جا قدم رڪجي ويا. ”وڏيرو ڳوٺ مان ڪڍي
ڇڏيندو! ڀت ڀائپي به ڳوٺ سان نه رهندي! مان ڪاڏي
ويندس؟ امڙ ڪيئن ڪندي؟ گلان جو پيءُ به ته مائٽي
نه ڳنڍيندو! پوءِ سڱ ڪير ڏيندو!
پوءِ.........پوءِ، اما جي آس ڪٿان پوري ٿيندي؟
ڪٿان کائينداسون؟ ڪير ٻيلي بيهاريندو؟ هاڻي ته
وڏيري جي در تي نوڪري ڏيئي پنهنجو ۽ امڙ جو پيٽ
پاليان ٿو. پوءِ ته اهو به نه رهندو.“ اهي سڀ سوال
۽ ويچار هن جي دماغ تي وسڪارو ڪرڻ لڳا، هن انهن جي
جواب سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آخر جواب به ڪهڙو ٿي ٿي
سگهيو انهن سوالن جو! هن هاڻي وڏيري جي حڪم مڃڻ جو
فيصلو ڪري ڇڏيو هن کي پنهنجو پيٽ پالڻو هو، گلان
جو سڱ وٺڻو هو، ۽ سڀ کان وڌيڪ هن کي پنهنجي ماءُ
جي آس پڄائڻي هئي.
هو اڳتي وڌيو. ڪانن کي هٿن سان هٽائيندو، هو جوئر
۾ گهڙيو. چوڌاري هڪ دفعو وري سانت ٿي ويئي. سڀ
اکيون ڦاڙي، آدم ۽ مرونءَ جو مقابلو ڏسڻ لاءِ
منتظر هئا. هڪ طرف سوئر جي ٻهڪار جو آواز وڌي رهيو
هو. شايد نڀاڳي انسان کي آيل ڏسي هو حملي جون
تياريون ڪري رهيو هو، ۽ ٻئي طرف ميڙ ۾ ۽ وڏيري وٽ
مينهين جي بهادري جا قصا ٿي رهيا هئا. جهٽ پلڪ ۾،
جوئر ۾ اٿل پٿل ٿي ويئي، ڪانن جي ڀڄڻ جا ٺڪاءُ پري
کان ٻڌڻ ۾ پئي آيا. هڪ دفعو وري خاموشي ٿي ويئي.
شايد مينهون، راڻيءَ کي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.
ڪانن ۾ هڪ دفعو وري چرپر ٿي، ۽ رت ٻڏل مينهون،
راڻيءَ کي ٻانهن ۾ کڻي ٻاهر نڪتو. پويان کڏ تان
توبچيءَ فائر ڪيا، ۽ ٿڪل ڦٽيل سوئر هميشہ لاءِ سرد
ٿي ويو.
مينهون، ڪتي کڻي اڳتي وڌيو ٻه چار وکون ڀري ڪري
پيو. ”واهه ڙي واهه، مينهان! مينهل، ساءِ، مڙس
ماڻهو اٿو!“ چوندو، وڏيرو کڏ تان هيٺ لٿو. پر
مينهون اهو جملو ٻڌي نه سگهيو. هو ان کان اڳ
پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ جي حسرتن سوڌو هن دنيا کان
دور وڃي چڪو هو. وڏيري کي مينهين جو ڪوبه خيال نه
هو. هئڻ به ڇو گهرجي مڙسن تي اهي مهلون اينديون
آهن!
وڏيري ڊڪي اچي ڪتي کنئين، ”سوئر به ڏاڍو ڦٽيو اٿس،
ويچاري معصومڙي!“ هن، ڪتي رسولي کي ڏني، ۽ پاڻ
ٽانگي تي چڙهندي چيائين ،”اڙي ڪمو! سوئر کي
ڪاواٽيءَ تي ڳوٺ کڻائي هل. راڻيءَ کي ملم پٽيءَ
لاءِ شهر موڪل چاڪ ٿي اچي ته وڏيري ربن واري ڪتي
سان ڇڏي اچجانس. هو بڻيارو آهي، سٺو بڻ ڪندا.
بڻياري ڪتي آهي، گلر به پاڻ جهڙا ڄڻيندي، اڄ ڪالهه
حياتيءَ تي ڀروسو هونءَ به ڪونهي، بڻ ته بچي پئي!“
سچي دوستي
گهڻيئي دفعا چڱي ۾ چڱي خذمت جا اسين پنهنجن دوستن
جي ڪري سگهون ٿا، اها آهي کين نا اميد ڪرڻ ۽
ڪاوڙائڻ“
اهو تڏهن جڏهن هو اسان جي ضمير جي خلاف ڪو ناجائز
ڪم اسان کان وٺڻ جي ڪوشش ڪن. چڱو آهي، ته دوستن جي
رسڻ ۽ ڪاوڙجڻ جو نقصان برداشت ڪجي، پر اصول ۽ ضمير
کي ڪيرائڻ جو نقصان نه ڪجي. (گانڌي)
ابن الياس سومرو
نئون شڪار
اندران پٽَ جي پاٽي، ۽ ٻاهران گار جي لولي لڳي
پيئي هئي. ”اڙي، تنهنجو دستگير ڳاٽو ڀڃي، مولا
مشڪل ڪشا نڙيءَ ۾ ڳنڍ ڪڍيئي، شل ايڏوڙو وڃين؛ روز
ٿو نانگن کاڌو، منهنجي معصومڙي کي ماري.“ اندران
ماسي ڦاپو پٽ پاراتو ڪري رهي هئي: جيڪڏهن ڪو نورل
کي ماريندو هو، ته بس ڪاري واري مچائي ڏيندي هئي؛
هونءَ ماڻهن کي خبر هئي ته هميشہ ننڍڙي نورل کي،
گولين جي راند تي يا ڪنهن ٻئي سبب، ڪوپاڙي اوڙي جو
ڇوڪر ٻاڪر ماريندو هو ته هي جهيڙو لڳندو هو، پر اڄ
ماسي ڦاپوءَ، ماڻهن ڏي نهاري، ڳالهه ئي ڪا اور پئي
ڪئي! چي، ”ڪميڻو ڪنهن جاءِ جو، در وٽ بيهيو، اندر
پيو ليا پائي، شرم نٿو اچيس؛ پنهنجي ماءُ ڀيڻ
ڪانهيس ڇا؟
ٻاهر وري جعفر جو ڀاءُ غلامون، سو گارين جا دس
چاڙهي رهيو هو. ”تنهنجي ماءُ.....، تنهنجي
ڀيڻ....، ٻاهر ته ڪڍينس، ته لت لت تي رکي ٿو
چيريانس.“
صبح جو!! جو وقت هو، رستي تي ڳنڍن وارا، ۽ لٺين ۾
ڦوڪڻا ٻڌي وڪڻڻ وارا، به اچي گڏ ٿيا، تنهن سان گڏ
کنڊ جي ڊيپوءَ تي ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا، سي به
ٻاهر نڪري اچي ملاکڙو ڏسڻ بيٺا. وڏو ڌمچر مچي ويو،
۽ هڪ عجيب صورت حال پيدا ٿي چڪي هئي.
ماسي ڦاپوءَ جو ڪنهن داد فرياد نه ڪيو، سڀني ائين
چيو ته هن ڇوڪري جو اصلي ڏوهه ڪونهي، سڀ انهيءَ
مائي جا ڪم آهن، جا چوويهه ڪلاڪ ”وڙهان وڙهان“ پئي
ڪري!
هونءَ، اسانجي پاڙي ۾، جنهن کي غريب آباد جي نالي
سان سڏيندا آهن، عام طور ان وقت تي هڪ خاموشي ۽
سست رفتاريءَ جو عالم هوندو آهي. پاڙي جي جاڳڻ جو
وقت صبح جو 8 بجي، ۽ رات جو اٺ وڳا هوندو آهي، نه
ته سڀڪو پنهنجو منهن وٺيو پيو ويندو آهي. مثلاً،
امام بخش چاچو، پنج ست مينهون ۽ ڍڳيون ڪاهيو،
پناهگير ڇوڪرين کي هٽائيندو لنگهندو آهي. هي انهن
کان انهيءَ ڪري خفا ٿيندو هو جو هو هميشه ڇيڻي کڻڻ
جي لالچ ۾ ڍڳين ۽ مينهن جي پٺ ۾ اکيون وجهيو پيون
هلنديون هيون، ڇيڻو لٿو ناهي، ۽ کنيو نه آهي. ”اري
اُٺائو، سليمن، خبردار! جاني نه پائي“ وغيره جا
آواز ٿيندا هئا. حسين رازو، سٿڻ جو هڪڙو پائنچو
مٿي ۽ هڪڙو هيٺ، تڪڙو تڪڙو، آڱرين تي نه ختم ٿيندڙ
حساب ڪندو پيو ويندو آهي، جنهن کي غريب آباد جا
لچا لچا ڇوڪرا ڏسي پريان چوندا هئا، ”حسين! ڏوڏيءَ
جو سير گهڻي آهي؟“ حسين، بنا لوڻي ڦيرائڻ جي،
چوندو هو ”ماڻهين کان وڃي پڇو.“ ۽ قاضي صاحب جو
وڏو پٽ، گرلس هاءِ اسڪول جي لاريءَ جي انتظار ۾
ٿنڀ بنيو پاسي ڪنڊ ۾، چپ چاپ بيٺو هوندو آهي.
مگر اڄ ته قصوئي اونڌو هو، هڪڙي طرف گار، ٻئي طرف
پِٽ، ۽ ٽئين طرف ماڻهن جو گوڙ، ڪوبه جهيڙي ۽ گارين
کي بند ڪر جي جرات ئي نه پيو ڪري، ڦاپوءَ کي ماٺ
ڪرائڻ ڪنهن به حالتن ۾ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي.
ڦاپوءَ جو هرهڪ لفظ ۽ هرهڪ ڳالهه پاڙي ۾ وڏي کان
وڏي ڳالهه هوندي هئي، جنهن جو مقابلو ڪير به نه
ڪري سگهندو هو.
ڦاپوءَ جي گهر جي حالت ڇا هئي؟ ٽي پٽ هئس: هڪڙو مس
وهيءَ رسيو هو، ڇڙهو ڇانڊ هو، پر ڪنهن به پرائيءَ
نياڻيءَ سياڻيءَ ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندو هو،
مانيءَ ڳڀو ٻڌي، ڍڪيءَ جو گهران نڪرندو هو، ڪوهه
ڏيڍ پنڌ تي مزوري ڪري مس اٿلي واپس ورندو هو. باقي
ماسي ڦاپوءَ جا ٻه پٽ، بس سياري اونهاري، ڪاري
ٿلهي بافتي جون ليڙون لڙڪائيندا، پاڙي جي ننڍڙن
ٻارن سان وتندا هئا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙون
پائيندا، ۽ آئي وئي جون ڇڙٻون جهليندا هن کي ٻه
نياڻيون به هيون جن مان هڪ کي مڙس ڇڏي ڏنو هو، ۽
ٻي پنهنجي ٻارن ۽ خاوند سميت وٽس رهندي هئي،
ڦاپوءَ کي ان ڌيءَ مان هڪ سامايل ۽ خوبصورت ڏهٽي
به هوندي هئي، بس، ڦاپوءَ جي پهنجن شادي ٿيل ڌيئن
سان ايڏي محبت ۽ سندس ٻيا اهي ننڍا وڏا جهيڙا جهٽا
سڀڪو پاڙي وارو ائين چوندو هو ڪير آخر هنن سان
پنهنجو پلؤ اٽڪائيندو! ڪنهن کي پنهنجي عزت وڃائڻي
آهي، جو هن ڪني ڪينجهر ۾ هٿ وجهندو! ميان! پٽڪو به
سلامت نه هوندو انهيءَ نئين ناٺيءَ جو.“
زالون ڪنهن راڄ ڪاڄ ۾ گڏ ٿينديون هيون، ته ڦاپوءَ
جي ڳالهه ضرور آڻي وچ ۾ وجهنديون هيون، خاص ڪري،
مائي ڪريمان ڳالهه چوريندي هئي، جيڪا هڪ ئي وقت
پاڙي جي دائي، ٻوڙ ڀاڄيءَ جي خبر رکندڙ، ۽ بنا تند
تار نياپا آڻيندي هوندي هئي، ڳل تي اڱر رکي،
شروعات ڪندي هئي، ”مائي! ڳالهه ٿي ڪجي، ته وڃيو
پري پوي، منهنجي غلامونءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو سندس،
جو گاريون به ڏنائين، ۽ پٽ پاراتو به ڪيائين،
پنهنجيءَ وهڙيءَ کي نٿي جهلي، جا ڀتيون پيئي ٽپي.“
ڪريمان دائيءَ جو گهر، ڦاپوءَ جي ڀر ۾ هوندو هو،
تنهن ڪري سندس ڳالهه، ٻين جي بنسبت، سچي ۽ معتبر
سمجهي ويندي هئي. سڀني جو ڇرڪ نڪري ويو، ”هان!“
”مائي هي زماني جا حال آهن.“ ”توبه! خدا حقون به
رکي ناحقون به رکي...“ ناني جنت، جيڪا ڪنهن ڪنڊ ۾
زالن کان پرڀرو، ننڍين ننڍين نينگرين سان مغز ماري
پيئي ڪندي هئي، ۽ وقت سر زالن کي مٿي جي سور جا
ڦيڻا پيئي هڻندي هئي، ۽ سندس ٻارڙن جا تپ پيئي
ٻڌندي هئي، سا به اُتي پنهنجي مذهبي معلومات ۽
پنهنجي موجودگيءَ جي اظهار ڪرڻ خاطر، ڪنهن ڪنهن
مهل، وچ ۾ ورندي ضرور ڏئي ”امان! ڪهڙو ضرور آهي،
ايڏين اڌين ساماڻل نياڻين کي گهر ۾ وهارڻ جو، شرع
محمديءَ موجب، سويل ئي شينهن ڪلهي چاڙهي ڇڏجين.“ |