سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :16

ٺٽي ۾ ڏڪار:

مير مائل جي بياض ۾، ٺٽي جي ڏڪار متعلق به چند دلچسپ قطعا موجود آهن.

(1)

ز قحط غله چنان عالمي بجان شده است

که جسان عالم در ناله و فغان شده است،

بود تدارڪ اين امر بر شهان معروض،

ز امر حق چو چنين بر شهان شده است،

تدار ڪش بود اين آنکه ........ طلبند،

هر آنچه غله ازين شهر ماروان شده است،

دکر شود ز کرم وجهه داعيان جاري،
 

ز اهل مکرمت اين عرض شايگان شده است،

هميشه باد جهاني ز فيض شان آباد،

خوش اين عريضئه آباديء جهان شده است!

ص 117

(2)

شهر يارا طرح غله شهر را ويران نمود،

فکر ويرانيش خلق را حيران نمود!

چند از ويرانيش در حيرت آرم ذکريش،
 

چونکه ذکرِ عدل شاهان خلق را شادان نمود،

تا کنند آباد شاهان ملک خود با عدل و داد،

حق صفات عدل شاهان ذکر در قران نمود،
 

از کرم اي شاه صدرِ عدل و احسان بالمراد،

بايدت يا العدل اين مشکل ز شان آسان نمود

باد آبادان ابد از عدل شاهان ملک سند،
 

”مائل“ حق اين دعا در عرض ورد جان نمود!

ص 124

(3)

برشهان دائم ز حق واجب رعيت پروري است،

کز رعيت پروري اقبال شان را برتري است.

ص 124

(4)

مير مائل هيٺئين قصيدي ۾ قطح جي مفصل حالت بيان ڪندي، ڪي نهايت دلچسپ پهلو بيان ڪيا آهن.

در تجاهل گناهه بر من نيست،
عقل در روغن است، روغن نيست،
مرد ميت زمردمان گم شد،
مرد بي عقل کم تر از زن نيست،
روح حيواني ست غلئه قوت،
از گرانيش روح در تن نيست،
روح از تن چو رفت رفت گذشت،
چيست باقي که در گذشتن نيست؟
روغن و غله عقل و روح چو بود،
جز تمنا بخويش بردن نيست،
زندگاني وبال جان شده است،
چاره ديگر بغير مردن نيست،
مردن آسمان ولي پس از مردن،
طاقت نان و حلوه کردن نيست،
مرده هم نان و حلوه مي خواهد،
چه توان کرد هردو با من نيست!
 

مير صاحب لکي ٿو ته ”قحط تباه ڪري ڇڏيو آهي، ان جي گرانيءَ بدن مان روح فنا ڪري ڇڏيو آهي، زندگاني وبال ٿي پئي آهي، هن وقت ته مرڻ کان سواءِ چارو ڪونه آهي، ليڪن ڇا ڪجي مرڻ به ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته مردي کي به جمعاڻي تي ماني ۽ حلوو گهرجي، مرجي ته سهي پر اهو پويون ماني حلوو ڪينءَ مهيا ڪجي! نه ختمي جي طاقت، نه خيرات جي قوت، نه جمعاڻو، نه چاليهو ڪري سگهبو!“

تته ويران شدو درين مذکور،
ذکر ويرانيش نهفتن نيست،
کاردارش زکار رفته سگي،
آن که کارش بجز گزيدن نيست،
وان دگر سک که کو توال ويست،
کم تر از شمر اين جوشن نيست،
من چه سازم کزين خرابيء حال،
اين خرابه سزاي مسکن نيست،
ماندن اين جا ست مشکل و ليکن،
چه کنم دست و پاي رفتن نيست،
وحشت آباد شد جهان يکسر،
هيچ جا جاي آر ميدن نيست،
جنس غله ز نقد جا نست گران،
زين گران ترکه جان در تن نيست!
 

مير صاحب چوي ٿو ته ”ٺٽي جو سڄو شهر ويران ٿي ويو آهي، جيڪا حالت آهي ان کي ڪيترو لڪائجي، هڪ ته ڪاردار بيڪار، نڪمو ۽ فضول ڪتي جهڙو آهي، جنهن جو ڪم سواءِ ان جي ٻيو ڪونه آهي ته سڄو ڏينهن وتي ڏاڙهيندو، ڪوٽوال صاحب ڄڻ شمر جو اولاد آهي، ٺٽو، حقيقت هيءَ آهي، ته هاڻي رهڻ جهڙو آهي ئي نه، پر ڇا ڪجي ”چه کنم دست و پاي رفتن نيست!“

جان به لب عالمي ست زين شيون،
شيون همچو جان سپردن ليست،
رفت چون جان زمن کجا جويم،
جان زتن رفته را نشيمن نيست،
قول ارباب حق بود مقبول،
اعتماد بقول ميمن نيست،
گويد از زر شود حصول مدام،
حاصل اين يقين بجز زن نيست،
ميکند نرخ پيش حاصل بيش،
اين سخن درخورِ شنيدن نيست،
بخزانه شود ازين توفير،
اين خبر در کتاب مخزن نيست،
زربده غله خر اگر داري،
زانکه زر از براي ديدن نيست،
جاي حرفست ولي چه بايد گفت،
بنده را جاي حرف گفتن نيست،
مي خرند اهل دولت و جزشان،
به کسان قدرت خريدن نيست،
عالم جان بلب بگرسنگي ست،
سيريء شان زيک دوخرمن نيست،
غله داران بعشرت و عيش اند،
در غريبان بغير شيون نيست،
غله خر حاليا کسي در سند،
جز بکفار و چند ميمن نيست،
طرفه بد مشرب اند شان، که بشان،
بيم از پرسش مهيمن نيست،
غله از سندمي کشند ولي،
هيچ بهبود در کشيدن نيست،
مي شود حق ازين گران خاطر،
اين گران خاطريش احسن نيست،
نيست اين کار از خلل خالي،
چاره اش جز بمنع و قد غن نيست،
چند گويم شکايت اين قوم،
که مرا دخل اندرين فن نيست،
 

”بليڪ مارڪيٽ ڪندڙ ميمڻ قوم، ڪاري قيام ڪري ڇڏي آهي، اگهه ايترا چاڙهي ڇڏيا اٿن جو جان ڏني به داڻو ملي ڪونه ٿو سگهي، سڄيءَ سنڌ جو ان انهيءَ قوم ۽ هندو زردارن اچي ڪٺو ڪيو آهي، هن وقت اسان سڀ مصيبت ۾ آهيون، عيش و عشرت فقط اهي بلئڪ مارڪيٽر ڪن ٿا، جن کي نه خدا جو خوف آهي، ۽ نه ڪنهن بالا دست جي پرواه!

حيدرآباد حيدرآباد ست،
خوش در آنجا نشان....... نيست،
ز اهل اسلام مزده درکار ست،
کار با مزدهء برهمن نيست،
بر شهان لازم است تدارڪ کار،
کار من جز بعرض کردن نيست،
خاصه شاهي که باد دل و دستش،
در کرم هيچ جاي معدن نيست،
آنکه در روز کين تقابل وي،
صد چو اسفند يار و بهمن نيست،
گر نسيمِ کرم و زد بيشک،
در جهان همچو سند گلشن نيست،
ورنه از شور اين خس و خاشاک،
حاليا سند کم ز گلخن نيست،
رسم اين غرضه گو ز من با شه،
چون مرا طاقت رسيدن نيست،
 

مير صاحب کي عرض ٿو ڪري ته ”انهيءَ معاملي جو تدارڪ ڪرڻ اوهان تي لازم آهي منهنجو ڪم ته فقط عرض ڪرڻ آهي، جيڪڏهن مير ڪرم علي خان جي ڪرم جي هوا گهُلي ته سنڌ جهڙو گلشن سڄي جهان ۾ ٻيو ڪونه آهي، ٻيءَ حالت ۾ ته هن وقت سنڌ جو حال اهو آهي جو ڌوڙ اڏامي رهي آهي، مان پاڻ پهچي ڪونه ٿو سگهان، هتان ويهي عرض پهچائڻ کان سواءِ چارو ڪونه آهي!“

شه به شاهان ابد سلامت باد،
کس دعاگوي شاه چون من نيست!
کر دم از دوستي نصيحت وي،
گفتن پند کار دشمن نيست،
حال فضل اين شد و کنون اميد،
جز بفضلِ کريم ذوالمن نيست،
 

حق کند آشکار يُسر از عُسر،
عرض ”مائل“ بحق نهفتن نيست،

ص 42

نشيدار شين تي بندش:

شراب، ڀنگ، چرس، ۽ ٻين نشيدار شين کان ذاتي طرح ٽالپر حڪمران يا شهزادا خواه امير قطعي دور هئا، انهيءَ حد تائين هو انهيءَ معاملي ۾ پاڪباز هئا، جو حقو به سندن حلقن اندر استعمال ڪونه ٿيندو هو.

ٽالپر، انگريزي دوائون پاڻي ۾ گڏيل، هن ڪري استعمال نه ڪندا هئا ته مٿان منجهن شراب جي آميزش هجي. ڊاڪٽر برنس، ذاتي مشاهدي بعد بيان ٿو ڪري ته ”مسلمان حاڪم گهڻو ڪري عياش، سست ۽ نڪما ٿين ٿا، ليڪن سنڌ جا سردار انهن عيبن ۽ علتن کان آجا آهن، عياشيءَ سان سندن رغبت غالباً هن ڪري به نه آهي جو هو تمام خود دار ۽ نهايت بلند خيالن وارا آهن. نشيدار شين کان به صفا پري آهن.“

هڪ دفعي جي ڳالهه ٿو ڪري ته ”مون کان مراد علي خان ڏاڙهونءَ کائڻ جي اجازت گهري. مان ”ڏاڙهونءَ جي لفظ کي ”دارون“ سمجهي، کيس چيو ته هن بيماريءَ ۾ شراب جهڙِ محرڪ شيء مفيد نه آهي، متان خون جو دورو وڌي وڃي. مير صاحب جو چهرو لال پيلو ٿي ويو، هن مون کي چيو ته ”اوهان کي منهنجي اڳيان اهڙيءَ شيءَ جو نالو نه کڻڻ گهرجي، جيڪا اسان جي لاءِ حرام آهي.“ ڊاڪٽر برنس اڳتي لکي ٿو ته ”پڙهندڙ متان ائين سمجهن ته هن منهنجي اڳيان فقط ڏيکاءَ ٿي ڪيو نه، بلڪل نه. اها حقيقت ۽ منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته امير نشيدار شين جي استعمال کان پاڪ ۽ صاف آهن. مون کي معلوم آهي ته ڪن وقتن تي دربار ۾ ڪو ماڻهو شراب پي آيو ۽ سندس وات مان بوءِ، مير صاحبن تائين پهتي، ته ان کي سخت بي عزتو ۽ ذليل ڪري دربار مان ڪڍرايو ويو، جيئن ته هڪ دفعي بهادر خان کوکر، هڪ بلوچ سردار، جيڪو مير مراد علي خان جو خاص ماڻهو هو، سو نوڪريءَ مان ڪيتري وقت تائين محض هن ڪري ڪڍيو ويو، جو هڪ دفعي کيس نشي ۾ ڏٺو ويو هو.“ ڊاڪٽر آخر ۾ لکي ٿو ته ”ٽالپر دوا طور به شراب ڪڏهن استعمال ڪونه ڪندا هئا، ساري ڪٽنب ۾ آفيم به ڪو ڪونه کائي، ۽ نه حقي جي ئي ڪو ويجهو آهي.“

منشي آوتراءِ به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو. پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مير“ ۾ چو ٿو ته ”مير صاحب نشو ڪنهن به قسم جو ڪونه وٺندا هئا، انهيءَ نسبت هو بلڪل پرهيزگار رهندا هئا.“ ص44

ٽالپرين جي انهيءَ روشن جو البته عوام تي اثر ڪونه هو. هو پنهنجن نشن پتن، ڀنگ ڀڳڙن، آفيم ۽ چرسن ۾ مشغول رهندا هئا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ”جيڪر ڀائنجي ته انهيءَ ڪري، حاڪمن جي پرهيز جو رعيت تي چڱو اثر ٿيو هوندو، پر آزمودي مان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته اڪثر سڀ سپاهي ۽ ڪيترا درٻاري هر طرح جي نقصان ڪار ۽ ڪمزور ڪندڙ عيش ۽ عشرت ۾ مبتلا آهن. آفيم وٺڻ اهڙو عام جام آهي، جهڙو ڪڇ ۾: ۽ ڏٺم ته برانڊيءَ جون ٻه بوتولون وڏي ۾ وڏي سوغات ليکيون وڃن ٿيون.“ ص 88

مسٽر برٽن، مشهور انگريز سياح، حسب معمول پنهنجي زنده دلانه انداز ۾ انهيءَ مسئلي تي هيٺيئن طرح رقمطراز آهي.

”هاڻوڪيءَ حالت ۾، سنڌ اندر شراب نوشيءَ جي علت ڦهلجي وئي آهي. سڀني درجن جا ماڻهو، سواءِ عالمن ۽ ديني رهنمائن جي، سڀ پيالي ڀائي آهن. شراب ۾ اڪثر اڌ تي پاڻي ملائي پين ٿا. پيسي وارا ماڻهو کاڌي کان اڳ به چڪو چاڙهي ٿو، موج ۾ اچڻ بعد کاڌو کائي، وري چڪو پئي ٿو، وڌيڪ ڪنهن کي مزو وٺڻو ٿئي ته شراب مٿان ڀنگ جو پيالو به چاڙهي ٿو. ان مان کين خيال آهي ته نشو تيز، تازو ۽ سوادي ٿئي ٿو.“

برٽن صاحب، حسب دستور، هر معاملي کي تفصيلي حد تائين لکندو آهي. چنانچه هن تفصيل ڏنو آهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ اندر شراب جا ڪهڙا قسم هئا. اسان به گهرون ٿا ته اهو پهلو ناظرين جي سامهون اچي.

سنڌ ۾ شراب جا ٻه نمونا مروج هئا

(1) ڳڙ جو دارون: هيءُ، ڳڙ ۽ ٻٻر جي ڇوڏي مان ٺاهيو ويندو هو. برٽن صاحب لکي ٿو ته ”اهو شراب تکو ۽ بي ذائقي آهي. ان کي هندو، شوق سان پين ٿان، سڄي سڄي بوتل، 15 منٽن جي وقفي سان چڪو چڪو ڪري پي وڃن ٿا.“

(2) ڇهارن يا کارڪن جو دارون: ”اهو شراب اگرو ۽ سخت گرم ٿئي ٿو، گهڻو ڪري ان کي غريب ماڻهو واپرائين ٿا.“

انهن کان سواءِ“ ٻيا به قيمتي شراب قسمن جا چالو هئا.

(1) ”انگوري شراب جنهن کي ڪشمشي به سڏجي ٿو (2) سونفن يعني وڏف جو شراب جيڪو نهايت عمدو ٿئي ٿو (3) مشڪي شراب (4) ترنجي شراب (5) مصري شراب هي شراب پڻ قيمتي ٿئي ٿو (6) گلابي شراب (7) ڪيسري شراب“

برٽن وڌيڪ لکي ٿو ته ”عام غريب طبقو ڀنگ ۽ آفيم کي واپرائي ٿو، ۽ هڪ دم ان کان سواءِ ڪونه ٿو سرين. اميرن جي زماني ۾، ڀنگ آني سير هئي. جڏهن انگريزن ان جو ٺيڪو کنيو، تڏهن 6 آني سير ٿي. ڀنگ پيڻ ڪري، عام سنڌي، بدلي ۽ دماغي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ منجهن ٻيا به ڪيئي مرض پيدا ٿي پيا آهن.“ (35-36، ميراڻي سنڌڙي).

نشيدار شين جي انهن مضر اثرات کي محسوس ڪري، آخر مير ڪرم علي خان ملڪ ۾ سڀني نشن تي بندش وڌي. ٺٽي جي عالمن کي ته اڳ ئي اعتراض هو، هنن پنهنجي مختلف رسالن ۾ اڳئي انهيءَ سلسلي ۾ سخت تنقيدون لکيون هيون. جڏهن بندش پئي تڏهن سڀ کان پهريون ٺٽي جي هن شاعر يعني مير مائل تهنيت جو قطعو تصنيف ڪري، مير صاحب جي خذمت ۾ پيش ڪيو.

بنازم کاندرين عهدِ ديانت،
پئي ترويج حکمِ شرع باري،
بحکم خسروان تابعِ شرع،
که بادان حکم شان پيوسته جاري،
ز منعِ شراب خمر و نوش بوزه،
که بوده حاصل آن هردو خواري،
باکام انهدام بيخ افساد،
بنائي دين گرفته استواري،
بحمد الله که از ترويج اين حکم،
بدهر از رجس آمد رستگاري،
درين شکريه مي سازد بحق عرض،
دلِ ”مائل“ بحق از حق شعاري،
علي خوش بالکرم بخشد بشاهان،
همه کام از مراد کامگاري!

ص 100

وظيفا ۽ ٽئڪس:

ٽالپرن، سنڌ ۾، ساداتن، عالمن، مخدومن، تڪيه نشين ۽ علمي خواه ديني خاندانن جا وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا هئا. روزينو، يڪ ماهو، دوماهو، ساليانو، کين ملندو هو، ڪن کي سيريون به هونديون هيون. وظيفو نقدي به هو ۽ جنس جي صورت ۾ به ڏنو ويندو هو.

اهڙيءَ طرح، جيئن زمينن تي ڍل ورتي ويندي هئي، تيئن شهري ڌنڌن ۽ صنعتن تي به سرڪاري ٽئڪس پوندي هئي. شهر ۾ نين، جاين ٺهرائڻ تي جيئن اڄ ڪالهه ميونسپالٽي ٽئڪس وجهي ٿي، تيئن ان زماني ۾ به اهو رواج موجود هو. اسانکي تفصيلي طور انهن ٽئڪس ۽ وظيفن جي انداز جي معلومات ڪانه آهي، البته انهيءَ سلسلي ۾، مير مائل جي چند قطعن مان اشارا ملن ٿا، جن کي اسان هيٺ درج ڪيون ٿا. هڪ قطعي جو عنوان آهي! ”قطعه در باب دو ماهه!“

اي ز فتحت بباب کام فتوح،
وي به بابت ز فتح کام رفاه،
”مائل“ حق بکام مزدهء فتح،
که ز حق باد وقت اين درگاهه،
ميکند عرض بهر عفو فتوح،
بيت استاد خود بحضرت شاهه،
”ما براي تو فتح خواسته ايم،
خسروا تو زما فتوح مخواه!
او کرم خسروا بکام عظيم،
فتح باب فتوح کن لله!“

    ص 119

ٻئي قطعي جو عنوان آهي. ”عريضه منظوم در...... مجرائي شکست بڻه نو احداث از وجوهات اهل وجوهه“.

بحق  در حضورِ شهانِ زمان،
همين ست عرضِ دلِ داعيان،
که از وجهه خيرِ خود و قوت شان،
مسازيد کم دِرِهمي اين زمان،
که از دادن خير بي اشتباه،
فزون مي شود عمر و اقبال و جاه،
کند خير چون هر شکست درست،
نبابد به اين امر دادن شکست،
که اين خير خمس و زکواةِ شماست،
شرف بخش ذات و صفاتِ شماست،
بسادات خمس است با ديگران،
زکوات است هم صدقه اين خير شان،
بود خير هر چيز افزون خوش است،
فزايش درين کار ميمون خوش است،
کند خير رد بلا دم بدم،
به نص حديث رسول اُمم،
ز حق عرض اين کار خير است چو فرض،
ازين وجهه خيرات شد عين فرض،
که اول بدهه سالم اين وجهه شان،
همان کهنه و صورتِ بيگمان،
شده نصف پس باز از نصف هم،
شد از بدعت بته يک حصه کم،
کنون باز کم گردنش ناروا ست،
که قوت مساکين اهل دعاست،
درين کار خيرست خوبي بسي،
بود سائلِ خير شان هر کسي،
بود عمر و اقبال شاهانِ سند،
فزون از دعاي ضعيفان سند،
ز شان اين دعا از خدا دم بدم،
بود لفظ آمين بمعروضه ضم!
ز ”مائل“ بحق اين نصيحت بس است،
که يک حرف بس گربه خانه کس است.

ص 117

هڪ قطعي جو عنوان آهي. ”گذارش درباب معافي قصور بته نو احداث از وجوهات اهل وجوهه“.

شاها پيوسته زير قصر گردون،
چو قصر دولتت دارالسرور است،
درين دارالسرور از فرط بهجت،
بياد ما کجا حُور و قصور است،
و ليڪن از تکاليفِ قصورات،
چنين عرضِ دلم اندر حضور است،
که تکليفِ قصور بستهء نو،
ز تو از وجهه ما ز انصاف دور است،
ندارم چون قصور اندر رعايت،
معافيء قصور از ما ضرور است،
هميشه باد قصر جاهت آباد،
ابد تا قصر جنت پر ز حور است!

ص 117

هيٺئين قطعي جو عنوان آهي. ”قطعه گذارش که هر بندي تنقيح وجوهات اهل وجوهه هنگام گذارش نوشته بود(؟)“.

اي بنديء وجهه خير، قوت ضعفاست،
که اجرائيش از ازل به استاد دعاست،
گيرند جمع و خرچ شاهان چو حساب،
مجزا ز خدا به دفتر فضل و عطاست.

ص 120

(4) ٽالپرن جون تاريخون:

مير مائل پنهنجي بياض ۾، ٽالپر حڪمرانن، شهزادن ۽ ڪن شهزادين جي ڄمڻ ۽ وفات جون تاريخون به ڏنيون آهن. اهي تاريخون، تاريخي لحاظ سان بيحد قيمتي آهن، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ٽالپرن جي تولد ۽ انتقال جون تاريخون، تاريخ ۾ اسانکي ڪونه ٿيون ملن. اسان انهيءَ قسم جي قطعن کي ترتيب ۽ تشريحي نوٽن سان هيٺ ڏيون ٿا.

مير فتح علي خان جي شهزادي:

قاتح سنڌ، مير فتح علي خان کي ڪيتريون نياڻيون هيون، غالباً ان جو تاريخي رڪارڊ ڪونه آهي. سندس هڪ نياڻي، بيبي بلقيس، وڏي علم و فضل واري هئي. نثر خواه نظم تي کيس قدرت ڪامله هئي. ڪتب بينيءَ ۽ ڪتب خاني سان سندس گهڻو شوق هو. رات ڏينهن مطالعي ۾ صرف ڪندي هئي. اڄ به ڪيترا ڪتاب نظر مان گذرن ٿا جيڪي ان بلند اقبال ۽ پاڪيزه ذوق واريءَ سنڌي شهزاديءَ پنهنجي خاص ڪتب خاني لاءِ نهايت اهتمام سان نقل ڪرايا هئا. انهيءَ شهزاديءَ جو عقد، مير نور محمد خان سان ٿيو، ۽ سندس انتقال 16 صفر 1287هه جو ٿيو. (مضمون مرزا احسن ڪربلائي، ”نئين زندگي“، مارچ 1945). مير مائل جي بياض ۾ مير مرحوم جي هڪ نياڻيءَ جي وفات جو قطعو ملي ٿو، جنهن جو انتقال 1216هه ۾ ٿيو، يعني والد جي وفات کان هڪ سال يا ڪجهه مهينا اڳ.

مير ما در دهر که غمگين مباد،
يمن فيضِ غمگسار بي نظير،
مير ما فتحِ علي خان نامدار،
آنکه نامش در جهان آمد شهير،
رقت چون معصومه اش زين دار غم،
در جوارِ روضئه حضرت شبير،
ساخت اين غم گرچه جانش را غمين،
هست انسان را ازين غم نا گزير،
ليکه با هر غم چو فرحت لازم است،
ميشود زين غم دگر فرحت مسير،
هست چون الله مفتاح الفرح،
باد از لاتقنطوا فرحت پذير،
گفت با طبعم پئي تبئين سال،
در عزا پرسي چنين روح القدير،
”از براي دفع اين افسوس زود،
مزدهء نعم البدل آيد به مير“
 

1216هه

بمن الهام ازل اين تازه بيت،
ساخت دل عرض حضور آن امير،
بسکه کام عالمي زو حاصل است،
باد از افضال يزدان کام گير،
 

در دعايش هب لہ يا رب خلق،
”مائلا“ کن بعد ازين ورد ضمير.

   ص 109

نعم البدل مير صاحب کي انهيءَ رات عطا ٿيو جنهن رات سندس هن جهان مان لاڏاڻو ٿيو. کيس 10 محرم 1217هه جو پهريون شهزادو ڄائو، رات جو پهريون پهر هو، مير صاحب تي سقرات جو عالم طاري هو، اوچتو محل تان سجاول ڪار آئي، جنهن اچي اها بشارت ڏني. مير صاحب اکيون کوليون، اٿي ويٺو، پٽ کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۽ محل جي ڪمري جي ڀت ڀڃايائين، جيئن پنهنجي ولي عهد کي هن جهان مان موڪلائيندي موڪلائيندي هڪ نظر ڏسي وڃي. مير حسن علي خان سنڌ جي شاهنامي ۾ لکي ٿو.

رهي ڪانه ٻي آرزو ۽ مراد،
جا بخشي نه هئي انکي رب العباد،
مگر رهندي هس دل ۾ هيءَ آرزو،
خدا کيس فرزند ڏي نيڪ خو،
ڪيئين عمر ان آرزوءَ ۾ تمام،
ٿيو آخري وقت ۾ شاد ڪام،
ڏنو انکي فرزند رب العباد،
خدا ان جي دل جي ڪي حاصل مراد،
سجاول جڏهن آندي هيءَ تهنيت،
گهڻو خوش ٿي ويو مير زان بي جهت،
جي مڙدو ٻڌي تن ۾ طاقت وري،
جڙي هنڌ تي ويٺو اٿي ان گهڙي،
چيائين اُٿي شڪر پروردگار،
عطا مونکي ڪيو جنهن وري صوبدار،
چيئين ڀت ڀڃي در ڪريو درز کان،
ته فرزند اکين سان ڏسي خوش ٿيان،
مگر ضعف طاري وري ٿي ويو،
تڏهن دل جو مطلب سو رهجي ويو،
رکايائين پر پنهنجيءَ ۾ جا ترار،
سجاول کي سا ڏئي ڪيئين ڪامگار.

ص 77

مير صوبدار جي آمد ۽ مير فتح علي خان جي روانگي انهيءَ هڪ رات عمل ۾ آئي. بس مير صاحب جي انهيءَ اولاد جو پتو پوي ٿو، يعني هڪ شهزادو ۽ ٻه شهزاديون.


(1) هتي، مير ”مائل“، ”آ“ جا ٻه عدد شمار ڪيا آهن. تاريخ گوٽي، جي اصول مطابق ان جو عدد هڪ شمار ٿيڻ گهرجي ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com