ڊاڪٽر ريحانه نذير
ڄام شورو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون لوڪ ادب جي سهيڙ ۾
ڪوششون
جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کير ري.
ويهين صديءَ سنڌي ادب کي ڪيترن ئي قداور شخصيتن
سان نوازيو، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، علامه دائودپوٽو،
علامه آءِ.آءِ قاضي، جي.ايم.سيد، پير حسام الدين
راشدي، شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سرِفهرست آهن. بلوچ صاحب ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾
16 ڊسمبر 1917ع تي پيدا ٿيا. ڪيڏو نه عجيب اتفاق
چئبو، جو روس ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو مزدور انقلاب ان
ئي سال آيو. سنڌ ۾ وري هن عوامي شخصيت جو جنم ٿيو،
جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ، ادب، تاريخ شناسي ۽ سنڌ
شناسي لاءِ هڪ انقلابي ڪردار بڻجي اُڀريو، جنهن
پنهنجي سموري حياتي علم، ادب، ٻولي، تاريخ، تحقيق
۽ تخليق جي حوالي ڪري ڇڏي. بقول الانا جي ته:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تعارف ڪيئن ڪرائجي!
اسان جو هيءُ بزرگ علم التعليم، ادبيات، لسانيات،
علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسي،
لطيف شناسي، ۽ لوڪ ادب تي وڏي دسترس رکندڙ بين
الاقوامي دانشور آهن (1)
صرف لطيفيات تي نظر وجهجي، ته سندس ترتيب ڏنل ڏهن
جلدن تي شاهه جو رسالو، سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي
اهميت جو حامل آهي جيڪو شايد ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻيءَ جي ان خواهش جي تڪميل هجي، جنهن ۾ پاڻ
لکيو اٿائون ته: خوشيءَ جو باعث تڏهن ٿيندو،
جيڪڏهن ڪو عالم اچي ۽ ان ايڊيشن کي رد ڪري، نئين
سر محنت ڪري، رسالي جو ان کان بهترين ايڊيشن شايع
ڪرائي، تڏهن منهنجي اها محنت قبول پوندي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو جوڙيل ڏهن جلدن وارو
جديد ايڊيشن شايد ان جي اهڙي خواهش جي تڪميل هجي،
جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ ڪسرنفسيءَ مان ڪم وٺندي لکي
ٿو: منهنجو پيش ڪيل هيءُ مختصر جائزو ڪاش اهڙي
تصنيف جي شايان شان هجي.“
ڊاڪٽر صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪيترائي
ڪتاب درڪار آهن. هتي آءُ صرف سندس اهم ڪم يعني لوڪ
ادب جي سهيڙڻ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي. لوڪ ادب ڪنهن
به قوم جو ورثو هوندو آهي، جنهن سان ان قوم جي
ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جون جڙون جڙيل هونديون
آهن، پر سنڌ جو لوڪ ادب سنڌي عوام جو قومي ورثو ته
آهي ئي پر اهو عالمي سطح تي پوري انسانيت جو ورثو
پڻ آهي.
ڊاڪٽر بلوچ پهريون سنڌي محقق هو، جنهن سنڌي لوڪ
ادب جي مستند وصف ۽ ڪي اصول مقرر ڪيا، جن کان پوءِ
اڳتي هلي هن ادبي سلسلي کي عام ماڻهن ۾ متعارف
ڪرايو. هن ئي صحيح معنيٰ ۾ اسان کي ٻڌايو ته لوڪ
ادب ڇا آهي؟ ۽ ان کي دهقاني ادب يعني ڳوٺاڻو ادب
ڇو ٿا چون. ان سلسلي ۾ هُو لکي ٿو ته، ”اسان جي
ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن
جو يا معياري ادب جو سرچشمو بڻجي. سنڌي زندگيءَ جو
مرڪز يا دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، انهيءَ ڪري سنڌي
ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو عوام جي زندگي جو
آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي
لوڪ ادب ۽ معياري ادب جي وچ ۾ حد فاضل نٿي ڪري
سگهجي. (2)
لوڪ ادب جي سهيڙڻ جي ذميواري ملڻ کانپوءِ ڊاڪٽر
بلوچ نه صرف پراڻن ماخذن ۽ ڪتابن مان لوڪ ادب سان
لاڳاپيل مواد هٿ ڪيو، پر هن سنڌ جي ڳوٺن، ٿرن،
برن، وستين ۽ واهڻن مان وکريل مواد کي هڪ هنڌ تي
جمع ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. ڪڏهن ته وري پاڻ پنهنجي
سر پيرين پنڌ ڪري جبل لتاڙي جوڳين، سناسين ۽ مالڪن
سان دونهين دکائي رس رهاڻ ڪئي، ته ڪڏهن جهرجهنگ
جهاڳي سُگهڙن سان مچ ڪچهرين تي راتين جون راتيون
ويهي ڳجهارتن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن سفرن دوران پاڻ
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سگهڙن، سالڪن سنپورن سان
مليا ۽ صدين کان سندن سيني ۾ سانڍيل لوڪ ڏاهپ جا
انمول ذخيرا دريافت ڪري هيءُ ثابت ڪري ڏيکاريو ته
بظاهر هيءُ ساده ماڻهو، جن وٽ ڪابه ڊگري يا تعليمي
لياقت ڪانهي، پر سندن سرجيل هيءُ گجهارتون، ڏٺ،
هنر، ڏور ۽ معمائون وغيره سندن ڄاڻ، عقل، ۽ پرک جي
ڪسوٽيءَ تي رکيل حيرت جا ڪيترائي راز افشان ڪندي
نظر اچن ٿا، جيڪي عوام جي اجتماعي شعور جي ضمانت
آهن. اهوئي سبب آهي، جو لوڪ ادب کي عوامي ادب به
چيو وڃي ٿو، جنهن جي اهميت بيان ڪندي ڪنهن ڏاهي
چيو آهي، ته ”عوامي ادب اجنتا ۽ احرام مصر آهي.
جنهن جا تخليقڪار گم نام آهن ۽ جن جي فني وجاهت
اهل نظر کان خراج وصول ڪندي آهي ۽ اهو ادب ايترو
اهم آهي، جو ان کي ادب جو بنياد چيو وڃي ته بي
بنياد نه ٿيندو.“ (3)
لوڪ ادب عوام جو سرمايو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ گذريل
روايتن ۽ وارتائن جي بازگشت شامل هوندي آهي ۽ شايد
ان جي اهڙي اهميت کي محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ
جي طرفان لوڪ ادب اسڪيم جي منظور ڏني وئي هئي جنهن
جي ذميواري بلوچ صاحب جي ڪلهن تي رکي وئي. بلوچ
صاحب علم، ادب ۽ سنڌ سان پنهنجي محبت سببب ان کي
ذميواري کي دل سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو قومي درد
رکندڙ شخص هو، ان سلسلي ۾ هن هڪ هيڊ آفيس جوڙي جتي
نه صرف مطلوبه موضوع سان سلهاڙيل مواد موڪليو
ويندو هو، پر اتي ان کي منظم تنظيم سازي ذريعي
سوڌي سموهي هڪ هنڌ يڪجا ڪيو ويندو هو. امداد حسيني
جيڪو پاڻ هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ انهيءَ جي ٽيم ورڪ
جو حصو هو لکي ٿو ته، ”ڇپيل ڪتابن مان مواد ڪڍڻ
کان سواءِ، سڄيءَ سنڌ مان جيڪو به مواد ايندو هو،
اهو ڇانٽي ٿيندو هو. پوءِ لاڳاپيل ٽيبل/ ڪارڪن
تائين پهچندو هو، جتي ان جي پڙهڻيءَ سان گڏوگڏ ان
۾ درستگيون به ٿينديون هيون. مختلف روايتن جي ڀيٽا
ٿيندي هئي، ائين پهريون اسڪرپٽ تيار ٿيندو هو. شيخ
محمد اسماعيل ان کي چيڪ ڪندو هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب
جي آڏو رکندو هو. ڊاڪٽر صاحب ان کي پهرئين کان
آخري لفظ تائين ڏسندو هو، ويچار ونڊيندو هو،
هدايتون ڏيندو هو ۽ ان پٽاندڙ پريس ڪاپي تيار ٿي،
پريس ۾ هلي ويندي هئي.“ (4)
ان ذريعي ڇنڊڇاڻ ڪري جدا جدا صنفن ۾ ورهائڻ
کانپوءِ پوءِ پاڻ هڪ دفعو ٻيهر ان مواد کي چڱي طرح
پروڙي پرجهي، انهيءَ تي رات ڏينهن پنهنجو نور
نچوئي ان جي کوجنا ڪري هرهڪ روايت جانچڻ کان پوءِ
انکي حتمي شڪل ڏيندا هئا. ”صرف ڳجهارت واري پهلوءَ
کي کڻون ته هوند سندس ڪشالن ۽ عالمانه تحقيق جو
قائل ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ کان پوءِ
عالمي ادب جي ڀيٽ ڪندي، سنڌي ڳجهارت کي جنهن پد تي
بيهاريو لاشڪ اسان چئي سگهون ته ان جو مٽ مشڪل
آهي. سنڌي ڳجهارت جي باريڪ نڪتن کي ڊاڪٽر صاحب
جهڙيءَ طرح نروار ڪيو آهي ان جو مثال هند سنڌ ۾
ملڻ مشڪل آهي. اهو سندن محنتن ۽ ڪشالن جو ثمر آهي،
جو هڪ نج ٻهراڙيءَ جي صنف کي اسان بجاءِ طور بين
الاقوامي ادب جي صنف ۾ شامل ڪري سگهون ٿا.“ (5)
لوڪ شاعري خاص ڪري سينگار شاعريءَ تي سندس ڪيل
تحقيق جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌي
سينگار شاعري جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ هن نه رڳو ساري
سنڌ جو ترو تانگهيو، پر لس ٻيلي ۽ بهاولپور جي
دڻين/ ديرن تي به ويو ۽ ائين پاڻ مواد هٿ ڪري هن
حقيقت کي تسليم ڪرايو ته لوڪ ادب جي شاعريءَ ۾
سينگار کان وڌيڪ ڪابه صنف لغوي مواد ڏئي نه
سگهندي. بقول ڊاڪٽر سنديلي جي ته، ”سينگار ۾ آيل
انوکا الفاظ جيترا قديم آهن. اوترا اوکا به آهن،
ڇاڪاڻ ته منجهس پنج ڪڻي، مهر گهڻي جي چوڻي موجب
سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي، فارسي، ڪوهستاني بلوچي
وغيره جي ٻولين جا لفظ آيل آهن، جن کي سينگار ۾
پوري ريت بيهارڻ لاءِ کولي سمجهائڻ ضروري آهي.
ڊاڪٽر صاحب سينگار کي هٿ ڪرڻ ڪرڻ ۽ سمجهائڻ ۾ اڌ
صدي سجائي ڪئي. سندس لايا سجايا ٿيا، جو هو ڪتاب
لکڻ ۾ هر طرح سان ڪامياب ويو.“ (6)
بلوچ صاحب لوڪ ادب جي هر جلد تي مفصل مقدمه پڻ
لکيا آهن. اهڙي جامع مقدمه نگاري جو مثال سنڌي ادب
۾ گهٽ ملي ٿو، جنهن ۾ موضوع جو ڪوبه پهلو تشنه نظر
نه ايندو. لوڪ ادب جي سڀني جلدن جي موضوع وار
تقسيم، مواد جي ترتيب ۽ رٿابندي ڌيان ڇڪائي ٿي ته
لوڪ ادب جي هيءَ رٿا دنيا ۾ منفرد ۽ نشانبر آهي.
لوڪ ادب جا بلوچ صاحب جي نگرانيءَ ۾ چاليهن کان
وڌيڪ جلد شايع ٿيا، جن ۾ لوڪ ڪهاڻيون، عشقيه
داستان، ڳجهارتون، سينگار شاعري، نڙ جا بيت، ٽيهه
اکريون، لوڪ گيت ۽ مناظره وغيره شامل آهن. مناظره
سندن اهو ڪتاب آهي، جنهن تي پوءِ ڪنهن جي الزام
هيٺ سندن مٿان مقدمو پڻ درج ڪيو ويو هو، جنهن سبب
لوڪ ادب جي هيءَ رٿا ڏهن سالن لاءِ رولڙي جو شڪار
ٿي وئي، پر هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. سنڌ جو هيءُ
سلڇڻو عالم پنهنجي ڪنهن به تحقيق ۾ ڪڏهن به غير
ذميدارانه راءِ جو قائل نه رهيو، سندس هر ڳالهه
لاءِ مستند حوالو، دليل ۽ منطق لازمي شامل هوندو
هو. هن ڏس ۾ توهان سندن لکيل مقدمه مقالا، مضمون
توڙي لوڪ ادب تي لکيل ڪتاب ڏسي سگهو ٿا، جن تي
انڪساريءَ کان ڪم وٺندي، پاڻ هر ايڊيشن ۾ پنهنجو
نالو سهيڙيندڙ، سموهيندڙ ۽ سلجهائيندڙ لکندا هئا.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، ڊاڪٽر بلوچ سنڌي لوڪ
ادب سهيڙي، ڇپرائي پاڻ کي لطيف ۽ سنڌ وانگر اسان
سان گڏ رهڻ جو احساس ڏياريو آهي.
آديسي آديس هتان ڪري هليا،
ڪاپڙين قلب ۾، ڪيو ڏوراڻو ڏيس،
ويراڳي نئون ويس، رانول ڍڪي رهيا.
حوالا:
1.
الانا، غلام علي، مهراڻ بلوچ نمبر، 2012ع، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، ص.
2.
نئين زندگي، ڊسمبر 2002ع، اطلاعات کاتو، حڪومت
پاڪستان، ص.
3.
رئيس قمر، مرتب: اردو ۾ لوڪ ادب، شعبه اردو دهلي
يونيورسٽي، 1990ع ص، 24.
4.
حسيني، امداد، اڪادمي ادبيات پاڪستان، بلوچ نمبر
5.
5.
ابڙو، آفتاب، نئين زندگي، ڊسمبر 2002ع، اطلاعات
کاتو، حڪومت پاڪستان. ص. 72.
6.
سنديلو، عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ص. 73.
ڊاڪٽر فريده ڏاهري
شاهپورچاڪر
آغا
سليم جي ڊرامن ۾ ٻولي، موضوع ۽
ڪردانگاريءَ جو تحقيقي جائزو
قلم هجي يا تلوار ٻنهي جو ڪم هڪڙو آهي. تلوار سان
جنگ جو ميدان فتح ٿئي، ته قلم سان ادب رستي سماج ۾
انقلاب اچي، سنڌي قوم جي بهادرن تلوار سان سنڌ جي
حفاظت ڪئي، ته سنڌي اديبن وري قلم سان سنڌي ٻوليءَ
جي حفاظت ڪئي. اهڙين مهان اديبن مان آغا سليم به
هڪ هو، پاڻ ادب جي هر صنف کي وُسعت بخشائين، ناول
هجي يا ڪهاڻي، ڊرامو هجي يا ترجمو هر ميدان ۾ اڳتي
رهيو، سندس قلم جي جنبش ادب جي هر صنف ۾ واڌارو
آڻيندي وئي پاڻ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين به ادب
جي ميدان ۾ سَلا پوکيندو رهيو. سندس انهن پوکيل
سَلن جي خوشبوءِ ۽ ڇانوَ نسلن تائين رهندي.
سندس اصل نالو آغا خالد سليم هو. پاڻ شڪارپور جي
آغا عبدالڪريم جي گهر ۾ 7 اپريل 1935ع، تي جنم
ورتائين، ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين،
بي اي (B.A)
تائين تعليم حاصل ڪري. ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر
جي نوڪري اختيار ڪيائين ۽ پوءِ اسٽيشن ڊاريڪٽر طور
تي ڪيترو عرصو فرض سر انجام ڏيندو رهيو، ۽ ڪنٽرولر
جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. ان کان پوءِ
روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي ۽ پوءِ روزاني ’سچ‘
ڪراچي اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. سندس لکيل تصنيفون
هن طرح آهن. ’روشنيءَ جي تلاش (ناولٽ: 1964)‘،
’چنڊ جا تمنائي (ڪهاڻيون: 1967ع)‘، ’لذت گناهه
(ڪهاڻيون)‘، ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)‘، ’درد
جو شهر (ڪهاڻيون)‘، ’هم اوست (ناول)‘، ’پٺاڻ
(ذاتيون)‘، ’ڌرتي روشن آهي (افسانا)‘، ’اڻپورو
انسان (ناول)‘، ’ڍولا مارو (تحقيق)‘، ’صدين جي سدا
(شيخ اياز جا مضمون)‘، ’سندهه ڪي موسيقي(اردو)‘،
’بابافريد جا دوها‘، ۽ ڪيترائي ڪالم لکيائين ڪابل
تعريف آهن.
پاڻ شاهه لطيف جو پرستار ۽ پارکو به هو، پاڻ شاهه
لطيف جو ڪلام اردو ۾ منظوم ترجمو ’لالن لال لطيف
ڪهي‘ جي نالي سان ڪيائين. سندس هيءُ ڪتاب قومي
اداري لوڪ ورثا وارن اسلام آباد مان شايع ڪيو. سر
سورٺ جو انگريزي ۾ ترجمو (Mourning
Melody)
۽
Melodies of Shah Abdul Latif Vol. 1, 2, 3
شايع ٿي چڪا آهن. سندس ٻي تحقيق بابا فريد گنج شڪر
جي شاعريءَ مان سنڌي شاعري چونڊي هڪ الڳ ڪتاب
ڇپرايو جيڪو سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. سندس
بهترين ڪارڪردگي ڪري کيس شاهه لطيف ايوارڊ سان ٻه
دفعا نوازيو ويو. 2005ع
۾ کيس صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي ڏنو ويو ان
کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ماڻيائين.
آغا سليم جو نالو سنڌ جي وڏن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو،
سندس تحريرون حال ۽ ماضيءَ جو آئينو آهن، سندس
تحريرن ۾ حقيقت نگاريءَ، رومانويت، وجوديت ۽ ترقي
پسند نظرين جو فلسفو ملي ٿو، ان کان سواءِ قوميت
جو رنگ سندس تحريرن ۾ چٽو ۽ واضح نظر اچي ٿو.
آغا سليم جي باري ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي
ته:
”آغا سليم سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪشن لکندڙ هڪ منفرد ليکڪ
آهي، هن جو شمار، ترقي پسند ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. ساڳي
وقت هُو رومانوي ليکڪ پڻ آهي. اهڙيءَ طرح ڪي وري
هن کي، وجوديت واري نظريي تحت لکندڙ اديب مڃين ٿا.
هُو حقيقت پسند ليکڪ آهي، هن تقريبًا هر نئين
نظريي ۽ نئين رجحان کي اپنائي، انهيءَ ۾ ادب تخليق
ڪيو آهي.“ (خواجه، 305:2010)
تحريرن ۾ تصور ۽ تخيل جي کيس ڏات مليل هئي، سندس
تاريخي تحريرن ۾ تصور ۽ رومانوي نظريي کي بخوبي
ڏسي سگھجي ٿو. پاڻ پنهنجي تحريرن بابت لکي ٿو ته:
”مون وٽ انقلاب جو تصور رومانوي آهي. منهنجي اڳيان
رومانويت کان سواءِ فن اڻپورو آهي. منهنجي فن ۾
انقلاب جو تصور ڳاڙها جھنڊا، لڙڪيل لاش، يا رت جون
نديون کڻي اچڻ وارو ڪونهي..... مون لاءِ انقلاب جو
تصور پرينءَ جي روپ ۾ ٿو اچي ۽ مان ان لاءِ ائين
ٿو چوان ته منهنجو پرين ايندو، جنهن جي پيشاني
پرهه جھڙي آهي، مون وٽ انقلاب جو اهڙوئي رومانوي
تصور آهي ۽ سچ ته رومانويت کان سواءِ لکڻ جو تصور
به ڪري نٿو سگھان.“ (آغا، 19:1994)
سنڌي ادب ۾ آغا سليم بهترين افسانه نگار، ناول
نگار، ڊرامانگار، ترجمي نگار ۽ ڪالم نويس، جي
حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ ڪيترائي اسٽيج، ٽي وي،
۽ ريڊيو ڊراما لکيائين جن ۾ طبع زاد ۽ ترجما شامل
آهن جيڪي ٻولي ۽ ڪردار نگاريءَ جي فن سان ڀرپور
ڏسجن ٿا. موضوعاتي حوالي سان سندس ڊراما سماجي ۽
تاريخي آهن.
آغا سليم جي شايع ٿيل ڊرامن جو تفصيل هيٺين ريت
آهي:
دودو چنيسر، دولهه دريا خان، گل ڇنو گرنار جو،
خواب جو سورج، سک جي وستي، پاڳل خانو، مان اُلن
مان اٿان ٿو، ٽي ڀينر، تماشو، روپ ٻهروپ، گلن جھڙا
گھاوَ، خواب جو سورج، بري هن ڀنڀور ۾، ٽيليفون،
پرهه جا مسافر، چانڊوڪيءَ جو زهر، پاس ناپاس،
پوياڙيءَ جا پاڇا، بدمعاش شامل آهن. ڊرامي جي صنف
تي سندس اُردو ۾ ڪتاب (سندهي ڊرامه کي صدي 1980ع)
۾ اداره ثقافت پاڪستان طرفان شايع ڪيل آهي.
آغا سليم جا
پاڪستان ٽيليويزن تي نشر ٿيل ڊراما:
1970ع ۾، خواب جو سورج، پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ.
1971ع ۾، گل ڇنو گرنار جو، پروڊيوسر عبدالڪريم
بلوچ. 1971ع ۾، بدمعاش، جمال ابڙي جي ڪهاڻي جي
ڊرامائي تشڪيل، پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ. 1974ع ۾،
سک جي وستي، غلام حيدر صديقي. 1975ع ۾، درد جا
پڙلاءَ، پروڊيوسر هارون رند. 1976ع ۾، بري هن
ڀنڀور ۾، پروڊيوسر هارون رند. 1976ع ۾، اڻ کُٽ
فاصلا، پروڊيوسر منظور قريشي. 1977ع ۾، ماٺار،
پروڊيوسر مرغوب احمد. 1977ع ۾،پوياڙيءَ جا پاڇا،
پروڊيوسر هارون رند. 1977ع ۾، چانڊوڪيءَ جو زهر،
پروڊيوسر هارون رند.
1977ع،
پورٽريٽ، پروڊيوسر هارون رند. 1979ع، ۾ تماشو،
پروڊيوسر هارون رند. 1981ع ۾، ڪيڏا سپنا ڪيڏا
خواب، پروڊيوسر ذوالفقار نقوي. 2002ع ۾، سرابن جا
مسافر، پروڊيوسر سميع بلوچ.
آغا سليم جي ڊرامن جا موضوع اڪثر ڪري اسان جي سماج
جا تاريخي ڪردار آهن، جهڙوڪ ’دودو چنيسر‘، ’دولهه
دريا خان‘، ’گل ڇنو گرنار جو‘ جيڪي اسان جي سنڌي
سماج لاءِ فخر جو باعث آهن، ان کان علاوه سندس
ڊرامن جا موضوع هلندڙ زماني جي حالتن جي نمائندگي
پڻ ڪن ٿا. سندس تحريرن جي موضوعن ۾ نفسياتي پهلو
وڌيڪ نظر اچي ٿو.
سندس ڊرامن جا ڪردار بهادر، بيباڪ، ويڙهاڪ، جنگي،
هٺيلا ۽ چست آهن.
آغا صاحب جي ڊرامن جي ڪردارن جي چونڊ
ٺيٺ سنڌي سماج مان ڪيل آهي. آغا سليم جي ڊرامن ۾
ڪردار جي ويڙهه ٻاهرين دنيا کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ
سان پنهنجي احساسن سان ۽ محرومين سان آهي. سندس
پيش ڪيل ڪردارنگاريءَ ۾ خارجي پهلوءَ سان گڏ داخلي
پهلو به ظاهر ظهور نمايان ٿي بيهي ٿو. هو ڪردار جي
داخلي ڪيفيت اهڙي انداز ۾ بيان ڪري ٿو جو ڏسڻ ۽
پڙهڻ وارو ڪردار جي جذبن (Emotions)
مان سندس احساسن جو بخوبي اندازو لڳائي وڃي ٿو.
آغا سليم جي ڊرامن
۾ استعمال ڪيل
ٻولي، سنڌ جي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ، سائي گھاٽي بڙ
جي ڇانوَن جهڙي آهي، جنهن جي لفظ لفظ مان سنڌ سان
محبت ۽ سچائي حب الوطني پئي ڇلڪي، ڪٿي سندس لکيل مڪالما
تيز تلوار وانگر آهن ته ڪٿي محبت ڀريل نازڪ ۽ نفيس
جيڪي ٻنهي حالتن ۾ ڏاڍا وڻندڙ ۽ دلچسپ آهن.
سندس ڊرامي ’دود چنيسر‘ جي باري ۾ ڊاڪٽر نورافروز
خواجه لکي ٿي ته:
”سندس ڊرامو ’دودو چنيسر‘ جڏهن اڳوڻيءَ اوريئنٽ
هوٽل ۾ اسٽيج ڪيو ويو، تڏهن ويٺل اديبن مان مرحوم
حيدر بخش جتوئي ايتري قدر ته متاثر ٿيو جو هڪ نظم
لکيائين، جنهن جو رديف هو، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ،.
دراصل سنڌي نوجوانن ’جيئي سنڌ‘ نعرو، ان ڏينهن کان
شروع ڪيو هو، جنهن ڏينهن حيدربخش جتوئيءَ سندس اهو
نظم حاضرين جي سامهون پڙهيو.“ (خواجه:304:2010)
مطلب ته سندس انقلابي سوچ جي تخليق مان ڪيتريون ئي
تحريرون ڦٽيون، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته
آغا سليم هڪ انقلابي ليکڪ هو.
دودو
چنيسر: آغا سليم پنهنجي هن ڊرامي ۾ سنڌ اندر سومرن
جي دؤر جي سماج جو بهترين
عڪس پيش ڪيو آهي، سندس هن ڊرامي جو موضوع تاريخي
آهي، پاڻ سنڌ جي تاريخ جي اهم ڪردار، عظيم بهادر،
دلير، غيرتمند هيرو، دودي سومري جي بهادريءَ جا
ڳُڻ خوب پيش ڪيا اٿس، سندس هن ڊرامي ۾ سنڌ جي
آڳاٽي زماني جو سماج ڏسي سگھجي ٿو. ڊرامي جي ڪهاڻي
دودي ۽ چنيسر جي پڳ ٻڌڻ سان شروع ٿئي ٿي، چنسر
دودي جو وڏو ڀاءُ آهي پر سنڌ جا سڀئي سردار اهو
فيصلو ڪن ٿا ته پڳ جي پَتِ ۽ سنڌ تان ساهه وارڻ جي
اهليت دودي ۾ آهي، انهيءَ ڪري پڳ دودي کي ٻڌائي
وڃي، اها ڳالهه چنيسر کي نٿي وڻي ۽ هيءُ دودي کان
بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ ڇڏي، هندستان جي بادشاهه
علاؤالدين، کان مدد وٺڻ لاءِ دهلي پهچي ٿو ۽
علاؤالدين ٻاگھي جي سڱ لاءِ دودي ڏانهن پيغام
موڪلي ٿو، جنهن تي دودو ٽامي وانگر تپي باهه ٿي
جواب ڏياري موڪلي ٿو ۽ اتان جنگ جي شروعات ٿئي ٿي.
ڊرامي ۾ ان صورتحال کي آغا سليم هن طرح تحرير ڪيو
آهي، پاڻ لکي ٿو ته:
”دودو: سومرن جو کير کري نٿو سگھي، سنڌ جي ڌرتي
اهڙو پٽ ڄڻي نٿي سگھي. اهو ڪوڙ آهي اسانجي ڀاءُ تي
بهتان آهي. چنيسر ڪڏهن به ائين نه ڪندو. پر جي هن
ائين ڪيو به ته علاؤالدين ڪڏهن به هن جي مدد نه
ڪندو ڇاڪاڻ ته علاؤالدين سان اسان جا دوستيءَ جا
ناتا آهن.
ٻاگھي: چنيسر توهي ڇا ڪيو. تون پنهنجي ديس تي،
پنهنجي ماءُ تي ڪٽڪ ڪاهي ايندين ۽ ملڪ جي مائرن
جون جھوليون ويران ڪندين، سهاڳڻن جا ڳاڙها گھوٽ
ڪهائيندين.
ننگر: مائرن جون جھوليون ان ڏينهن لاءِ سايون
ٿينديون
آهن ته جيئن سندن ٻچڙا ملڪ لاءِ مرن. سهاڳڻيون ان
ڏينهن لاءِ سهاڳ ماڻينديون آهن ته جيئن سندن گھوٽ
وطن لاءِ رت ۾ ڳاڙها ٿين.
دودو: تنهنجي رت ۾ مهراڻ واري مستي آهي. جنهن ديس
جون مائرون توجھڙا پٽ ڄڻي سگھن ٿيون، تنهن ديس
ڏانهن ڪو به اک کڻي نٿو سگھي. (آغا، 18،19:2009)
پاڻ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
”دودو: نياءُ ازل کان انياءُ سان اٽڪندو آيو آهي،
جي اڄ سنڌ پنهنجا ڪونڌر نه ڪهايا ته پوءِ هميشه
سنڌ جي نياڻن جي لوئِن ڏانهن هٿ وڌندا ۽ انهن هٿن
کي وڍڻ وارو ڪونه هوندو.
ٻاگھي: هن جنگ ۽ هن انساني ڪوس جو ڪارڻ مان آهيان.
مان پنهنجي پاڻ کي سنڌ تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان.“ (آغا، 25:2009)
ڊرامي جي پڄاڻي جنگ دوران دودي ۽ ننگر (ننگر، دودي
جو ڀائٽيو ۽ چنيسر جو پٽ) جي شهادت تي ٿئي ٿي. آغا
سليم هن ڊرامي ذريعي سنڌ ۾ سومرن جي دؤر جو اسان
کي سير ڪرايو آهي، هن دؤر ۾ سنڌين جي حالت، ۽ سنڌ
سان محبت جو اظهار دودي جي ڪردار وسيلي سامهون
آندو آهي. ڊرامي ۾ دودي جي ڪردارنگاري ڪمال جي پيش
ڪئي آهي، جيڪو پنهنجي وطن، ٻنين، ونين تان جان
قربان ڪندي نٿو ڪيٻائي.
آغا سليم
دودي سومري جي ڪردارنگاري، هن طرح پيش ڪئي آهي،
پاڻ لکي ٿو ته:
”ننگر جي شهادت کان پوءِ هُو زخمي شينهن وانگر.
ميدان ۾ ٽپي پيو. هن جي هڪڙي هٿ ۾ سومرن واري
تلوار هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽانگر هو ۽ هُو ايترو ته
وزني هو جو دودي کانسواءِ ڏهه جوڌا به ان کي کڻي
نه سگھن. دودو اهوٽانگر ڦيرائيندو دشمن جي فوج ۾
ڪاهي پيو. پوءِ رڻ متو، راڙو ٿيو هر طرف دانهون،
ڪوڪون، رت جون نديون وهي ڇڙيون. دودي جي دهشت کان
ڏونگر ڏري پيا. مائن جا هانءُ ڦاٽي پيا. ڌرتي ڌان
ڌان ڪرڻ لڳي. دودو دشمن کي گجرن ۽ مورين وانگر
وڍيندو، دشمن جي فوج جو لابارو ڪندو سالار خان جي
سامهون ٿيو. دودي جي دليري کي ڏسي سالار خان کان
دانهن نڪري وئي ته جنهن ديس جي ڌرتي دودي جھڙا
دلير پٽ ڄڻي سگھي ٿي تنهن ديس ڪو به فتح نٿو ڪري
سگھي. پوءِ چئني طرفن کان تيرن ۽ تلوارن جا مينهن
وٺا ۽ دودي جو سَنڌ سَنڌ گھائجي ويو پر ته به هو
وڙهندو رهيو تان جو هن جا سنڌ ساڻا ٿيا، ساهن ساٿ
ڇڏيو ۽ دودو ڌرتيءَ تي ليٽيو. ڄڻ هماليه جبل ڪري
پيو ڌرتيءَ دانهن ڪئي ته هاءِ منهنجو دلارو مئو.
آسمان اوڇنگار ڏني ته مون سان سينو سهائيندڙ شهيد
ٿيو ۽ عرش اونايو ته مون کان اوچي ڳاٽ وارو دودو
مري ويو.“ (آغا، 30:2009)
ٻاگھي سنڌ جي تاريخ ۾ خودار، بهادر ۽ ذهين عورت جي
علامت آهي، تنهن جو ڪردار پڻ آغا سليم سليقي دار
انداز ۾ سٺن لفظن جي مڪالمن سان پيش ڪيو آهي.
ڊرامي ۾ ٻوليءَ جي آسان ۽ خوبصورت لفظن جي استعمال
سان مڪالما تحرير
ڪيل
آهن، جنهن مان سنڌ جي آڳاٽي سماج جي سڳنڌ اچي ٿي.
اهي لفظ ڪردارن جي واتان نڪرندي سنڌ جي صدين کان
نماڻائي پيش ڪن ٿا. مثال طور آغا سليم لکي ٿو ٿه:
”ٻاگھي: اسان جي ماءُ ته هن ديس جي ڌرتي آهي. اسان
جي ماءُ جي ٿڃ ته هن مهراڻ جو پاڻي آهي. اسان سڀني
هن ڌرتيءَ جي ٿڃ پيتي آهي. اسين سڀ پاڻ ۾ سڳا ڀائر
۽ سڳيون ڀينرون آهيون.“ (آغا، 13،14:2009)
آغا سليم جو هيءُ ڊرامو سندس ڪامياب ڊرامن مان هڪ
آهي. جيڪو ايندڙ نسلن تائين سنڌ جي هن بهادر ڪردار
جي نمائندگي ڪندو رهندو ۽ سنڌ جي نوجوانن جو هن
ڪردار کي پڙهي، ڏسي حوصلو بلند ٿيندو رهندو ۽ سنڌ
سان محبت جو جذبو وڌنڌو رهندو.
دولهه دريا خان: آغا سليم جي هن ’دولهه دريا خان‘
ڊرامي ۾ سنڌ جي سرزمين تان سر قربان ڪندڙ،
سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ، سنڌ جي مٽيءَ سان ساٿ
نڀائيندڙ، سنڌ جي سرحدن، ٻارن ٻڍن عورتن جي حفاظت
ڪندڙ قداور مڙس دولهه دريا خان جو ڪردارپيش ڪيل
آهي. پاڻ هن ڊرامي ۾ سمن جي پڇاڙيءَ ۽ ارغون دؤر
جي شروعات واري سنڌي سماج جي سماجي ۽ معاشي
صورتحال کي پيش ڪيو آهي. ڊرامي ۾ هڪ سچو سنڌي سپهه
سالار سنڌ مٿان قربان ٿي وڃي ٿو. هن ڊرامي جي
ڪهاڻيءَ ۾ دولهه دريا خان ’ڄام نندي/ ڄام نظام
الدين‘ جو سپهه سالار آهي، کيس ڄام نندو، پٽ جي
حيثيت سان ڏسي ٿو. ڄام نندي جي راڻي ’مَرڪي‘
پنهنجي ڀاءُ ڪاهو ڏنور جي مڱ ’هيمون‘ جنهن سان
دريا خان شادي ڪري ٿو. انهيءَ سبب ڪري ڪاوڙ ۾ اچي
راڻي ۽ سندس ڀاءُ سازش ڪري شاهه بيگ ارغون کي سنڌ
تي حملي جي دعوت ڏين ٿا. ’ڄام فيروز‘ ڄام نظام
الدين جو ولي عهد آهي، پيءُ جي وفات کان پوءِ هي
عياش طبيعت هئڻ ڪري ٻين جي چوڻ تي حقيقت جي تحقيق
ڪرڻ کان سواءِ دريا خان تي ڄامن جي حڪومت خلاف فوج
ٺاهڻ جو الزام هڻي کيس سپهه سالاريءَ جي عهدي تان
لاهي ٿو ڇڏي پر دريا خان ارغونن جي فوج کي روڪڻ جي
پوري پوري ڪوشش ڪري سنڌ تان قربان ٿي وڃي ٿو.
آغا سليم پنهنجي ڊرامي ۾ لکي ٿو ته:
”دريا خان: ايئن نه چئو هيمون، ته دريا خان جو وار
به ونگو نه ٿئي، پر ايئن چئو ته دريا خان جھڙا
ڪيئي سنڌ تان صدقي ٿين ۽ سنڌ سونهاريءَ جو وار به
ونگو نه ٿئي.“ (آغا، 38:2009)
آغا سليم جي هن ڊرامي ۾ سمن جي دؤر جو عڪس سمايل
آهي، پاڻ هن ڊرامي جي تاريخي ڪردارن ۾ روح ڦوڪي
انهن کي حقيقت جو لباس پارائي عوام سامهون پيش ڪيو
آهي. آغا سليم پنهنجي ڊرامي ۾ دولهه دريا خان جي
ڪردارنگاري هن طرح پيش ڪئي آهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”دريا خان: سنڌين جي تلوار ڪڏهن به مُڏي ٿي نٿي
سگھي. مصيبت جي روهيءَ تي سنڌي جي تلوار وڌيڪ تيز
ٿيندي آهي. سنڌيءَ جڏهن اَلفيون پائي، يڪتارا ۽
چپڙيون وڄائي جھومندا، نچندا ۽ ڳائيندا آهن تڏهن
ساري ڪائنات هنن جي ساز ۽ آواز جي لهر ۾ لڙهي
ويندي آهي، پر جڏهن سنڌي يڪتاره چپڙيو اڇلائي،
الفيون لاهي، ڪفنيون پائي، تلوار کي مياڻ مان
ڪڍندا آهن تڏهن رات جو سينو چيرجي ويندو آهي ۽
پرهه ڦٽندي آهي ۽ افق مان شفق جو ڳاڙهو رت ٽمندو
آهي.“ (آغا، 37،2009)
سندس هن تاريخي ڊرامي ۾ ٻولي جو استعمال به باڪمال
ڪيل آهي. سنڌين جي مهراڻ سان جي محبت واري انداز
کي پنهنجي لفظن جي سجاوٽ ڏئي پيش ڪيو آهي، دريا
خان جي سنڌين سان عشق جي ڪيفيت هن طرح تحرير ڪئي
آهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”درياخان: ديس سمهندا آهن پر دل وارا جاڳندا آهن،
پوءِ ارغونن راتاهو ڪيئن هنيو. اسين امير لاءِ
ريشمي بسترا ۽ ارغونن لاءِ موت کڻي اچي رهيا
آهيون.” ( آغا،
39:2009)
سمن جي آخري حاڪم ڄام فيروزالدين کي شاهه بيگ
ارغون 1520ع ۾ شڪست ڏني، بکر ۽ سيوهڻ تائين سنڌ
فتح ڪئي، شاهه بيگ جي وفات بعد سندس پٽ شاهه حسن
سڄي سنڌ تي حڪومت حاصل ڪئي، 1554ع ۾ شاهه حسن بي
اولاد وفات ڪئي سندس وارث نه هئڻ ڪري سنڌ ٻن حصن ۾
ورهائجي وئي، اتر سنڌ بکر کان سيوهڻ تائين سلطان
محمود ڪوڪلتاش بکري جي قبضي هيٺ هئي. هيءُ دؤر سنڌ
۾ ظلم ۽ بربريت وارو دؤر هو، جنهن ۾ پورو سنڌي
سماج گھاڻي ۾ پيسجو هو. اسان جا سنڌي اديب جس لهڻن
جن اسان جي سنڌي سماج جي تاريخي ڪردارن
کي
ناول، ڪهاڻي، ۽ ڊرامي ذريعي زندهه
رکيو آهي، جيڪي اسان جي هر نئين نسل لاءِ آزاديءَ،
بهادري، دليري، جوشائي، جذباتي، وطن ۽ ونين تان سر
قربان ڪرڻ جا مثال آهن، هيءُ ڪردار هر دؤر ۾ نوان
لڳن ٿا، هر دؤر ۾ زنده جاويد آهن. آغا سليم جي
ڊرامي ’دولهه دريا خان‘ ۾ به سنڌي سماج جي تاريخ
جو هڪ اهم باب شامل آهي، سندس هيءُ ڊرامو ٻوليءَ،
ڪردارنگاريءَ مطلب هر حوالي سان ڪامياب ڊرامو آهي.
گل ڇنو گرنار جو: آغا صاحب جو هيءُ ڊرامو به
تاريخي ڪردارن جي نمائندگي ڪري ٿو.
هن ڊرامي ۾ سنڌ جي عشقيه داستان، راڳ، ۽ ساز، جي
قدر دان راءِ ڏياچ، سورٺ ۽ ٻيجل جو قصي کي ڊرامائي
شڪل ڏنل آهي. آغا سليم پنهنجي ڊرامي ۾ سنڌ جي قديم
روايتن کي اجاگر ڪيو آهي، ساز، راڳ، موسيقي، سنڌ
جي ثقافت ۾ صدين جي تاريخ رکي ٿي. پاڻ هن ڊرامي ۾
راءِ ڏياچ جي ساز ۽ سنگيت سان محبت جو داستان پيش
ڪيو آهي. پاڻ راءِ ڏياچ جي سورٺ سان گفتگو هن طرح
تحرير ڪئي آهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”ڏياچ: هن جي صدا مان اسان کي سچي سنگيت جي سڳنڌ
آئي آهي. اسان سمجھون ٿا ته هن جو سنگيت تنهنجي
آتما ۽ سرير کي سک پهچائيندو ۽ تون چڱي ڀلي ٿي
ويندينءَ. سورٺ راڻي اسان ترت انهن ڏينهن کي واپس
ورائڻ ٿا چاهيون جڏهن تنهنجو سنگيت ٻڌي اسان جو من
پکيئڙي وانگر پرڙا ڦڙڪائي نيري آڪاش ۾ اڏامندو هو،
جڏهن کان تون ناچاڪ ٿي آهين تڏهن کان راڳن ويراڳ
ورتو آهي. سُر ساڻا ٿي ويا آهن ۽ اسان جو من موڳو
ٿي پيو آهي، اسان جون اکيون توکي سرهو ڏسڻ لاءِ
آتيون آهن ۽ اسان جو من تنهنجي سنگيت ٻڌڻ لاءِ
ماندو آهي.“ (آغا، 79:2009)
آغا سليم پنهنجي هن ڊرامي ۾ سورٺ، راءِ ڏياچ ۽
ٻيجل جي ڪردارنگاري سهڻي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. سنڌ
جا هي امر ڪردار ڊرامي وسيلي عوام جي سامهون آندا
آهن. تمام آسان وڻندڙ ۽ مٺڙن لفظن سان مڪالمه
تحرير ڪيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي
صدين پراڻي ڪردارن کي اسين بلڪل پنهنجي ويجھو
محسوس ڪيون ٿا. مثال طور، پاڻ لکي ٿو ته:
”ڏياچ: سپنن کان ايترو پريشان ٿيڻ نه گھرجي راڻي.
اسان ستار وڄائي توکي ننڊ مان جاڳائڻ ٿي چاهيو جو
هينئر ڪتين ڪر موڙيا آهن، ٽيڙن جو ٽمڪو جھڪو ٿيو
آهي ۽ پرڀاتي راڳڻيءَ جي ويل ٿي وئي آهي.“ (آغا،
73:2009)
آغا سليم سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي پنهنجي هن ڊرامي
۾ پيش ڪري ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن کي وندر ۽ تفريح سان
گڏ سنڌ جي آڳاٽي سماج کان پڻ واقف ڪرايو آهي.
پاڳل خانو: آغا صاحب جو هيءُ ڊرامو سماجي ۽ گھريلو
قسم جو ڊرامو آهي، هن ڊرامي ۾ هڪ اهڙي مسئلي جي
نشاندهي ڪيل آهي، جيڪو فقط سنڌي سماج جو نه پر هر
سماج جو، هر قوم جو، هر مذهب جو، هر ذات ۾ هيءُ
مسئلو عام جام نظر اچي ٿو، پاڻ هن ڊرامي ذريعي
سماج جي اهڙي پهلوءَ کي ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ رشتن
کان وڌيڪ دولت کي اهميت ملي ٿي. ڊرامي ۾ پيءُ ۽
اولاد جي اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ اولاد کي پيءُ سان نه
پر دولت سان محبت آهي. ڊرامي ۾ اولاد فقط پنهنجي
والد سان مصنوعي محبت جو ڏيک ٿو ڏيکاري، جڏهن ته
سندس اصل محبت پيءُ جي دولت سان آهي. هن ڊرامي ۾
پيءُ جو ڪردارسيٺ غلام علي جو آهي هيءُ هڪ
سرمائيدار آهي، جيڪو سموري زندگي غريبن مزدورن جو
خون چوسي دولت جمع ٿو ڪري، ۽ زندگيءَ جو آخري وقت
کيس سندس غلطيءَ جو احساس ٿو ڏياري جنهن تي سيٺ
غلام علي هڪ اهم فيصلو ڪري ٿو.
آغا صاحب ڊرامي ۾ لکي ٿو ته:
”جميل: پر ڊيڊي، اهو ڪو حل ناهي ته هڪڙو ماڻهو
پنهنجي ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏي. ان لاءِ اسان کي
سماج بدلائڻو آهي. “
سيٺ: هرڪو ماڻهو ائين ڪري ته سماج پنهنجو پاڻ
بدلجي ويندو.
جميل: اوهان تي پنهنجي اولاد جا به فرض آهن. سيٺ:
مون اهي سڀ فرض پورا ڪيا آهن. مون اوهانکي ايتري
تعليم ڏياري آهي جو اوهين پنهنجو پيٽ پالي سگھو
ٿا. مان ساري دولت اهڙن ماڻهن ۾ورهائڻ ٿو چاهيان
جيڪي هڪ وقت جي ماني به کائي نٿا سگھن.“ (آغا،
161:2009)
سيٺ غلام علي کي سندس اولاد پاڳل
قرار ڏئي گدو بندر ٿا موڪلين ۽ سيٺ پنهنجي اولاد
جي اصليت سامهون آڻڻ لاءِ گدو هليو ٿو وڃي، سندس
گدو وڃڻ کان پوءِ هيءُ سڀ دولت جي ورهاست تي پاڻ ۾
وڙهن ٿا. آغا صاحب جي هن ڊرامي ۾ اهو پيغام ڏنل
آهي ته دولت هڪ اهڙو نشو آهي جنهن کي هڪ دفعو چکڻ
سان ماڻهو ان جي پويان لڳي ٿا پون ۽ جنهن ڪري سندن
سڀ رشتا سڀ ناتا وساري ٿا ويهن ۽ اهي ان مرض ۾
ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مبتلا ٿيندا ٿا وڃن.
آغا سليم جي هن ڊرامي جو موضوع سنڌي سماج مان
چونڊيل آهي، جنهن ۾ اسان جي ئي سماج جا ڪردار پيش
ڪيل آهن، جيڪي اسان کي پنهنجي آس پاس ۾ به ڏسڻ ۾
اچن ٿا، ڊرامي ۾ ٻوليءَ جو استعمال آسان لفظن جي
ترتيب سان ڪيل آهي، خاص طور تي سيٺ غلام علي جي
ڪردار نگاري تمام بهترين ۽ سٺي انداز ۾ ڪيل آهي،
سندس هيءُ ڊرامو به ڪامياب ڊرامن مان هڪ آهي.
خواب جو سورج: آغا صاحب جو هيءُ ڊرامو ترجمو آهي
جيڪو گورڪيءَ جي ڊرامي ’پاتال‘ تان ورتل آهي. سندس
هن ڊرامي جا ڪردار سنڌي سماج جا محسوس ٿين ٿا ۽
انهن جي نالن جي چونڊ به سنڌي سماج مان ڪيل آهي.
سندس ٽيليوزن لاءِ لکيل هيءُ پهريون ڊرامو آهي.
سک جي وستي: هيءُ ڊرامو ساڳئي رائيٽر مئڪسم گورڪي
جي ڊرامي تان ورتل آهي، پاڻ هن ڊرامي کي سنڌي سماج
جو ويس پارائي پيش ڪيو اٿس، جو بلڪل سنڌي سماج مان
پيو لڳي، ڪردارن جا نالا ۽ ماحول به سنڌي پيش ڪيل
آهي.
آغا صاحب جا ترجما به ڪمال جا ڪيل آهن، جن کي
پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن طبعزاد
کان گھٽ نه آهن کيس ترجمن جي فن ۾ مهارت حاصل هئي.
آغا سليم بهترين سليس سنڌي ٻوليءَ جي استعمال سان
پنهنجي هن ڊرامي ۾لکي ٿو ته: ”اهڙي وستي ڪانهي ته
ڇا ٿي پيو، اسان سڀ ڏکويل انسان گڏجي سک جي اهڙي
وستي اڏينداسين جتي ڪو ڏک نه هوندو، ڪو اهنج
ايذاءُ نه هوندو، جتي ماڻهو ۽ ماڻهپي جو مانُ
هوندو.... اها وستي اسان ڏکويل ڌڪاريل ۽ سماج تڙيل
انسانن کي اڏڻي آهي، هل منهنجي ڌيءُ ته سک جي وستي
اڏيون.“ (آغا، 140،2009)
سندس هيءُ ڊرامو ترجمي کان وڌيڪ طبعزاد جو لطف ڏئي
ٿو. هُوبهو ترجمي مان ڪردارن جي داخلي ڪيفيت،
جذبات ۽ احساس ختم ٿي ويندا آهن پر سندس هن ڊرامي
جي ڪردارن جي داخلي ڪيفيت پوري طرح اُڀري بيٺي
آهي. آغا سليم هڪ ڪامياب ڊرامانگار هو، جنهن جو
ثبوت سندس تحرير ڪيل ڊراما آهن.
مان اُلن مان اُٿان ٿو: سندس هي ڊرامو
’ٽينيسي وليمز‘ جو لکيل آهي جيڪو هن ’ڊي ايڇ.
لارنس‘ جي موت تي لکيو هو. ان کان علاوه سندس
ڊرامو ’ٽي ڀينر‘ به ترجمو ڪيل آهي
واپسي: آغا سليم جوڊرامو ’واپسي‘ ريڊيو ڊرامن جي
مجموعي ’پاڇا ۽ پڙلاءَ‘ ۾ چپيل آهي. سندس هيءُ
ڊرامو اصل ۾ فرانس جي مشهور ليکڪ ’بالزاڪ‘
جي ڪهاڻي آهي، جيڪا هن پئرس جي مٿاهين طبقي جو
مذاق اڏائڻ لاءِ لکي هئي. ساڳئي ڪهاڻيءَ کي
ٽالسٽاءِ پنهنجو رنگ ڏئي، ماءُ جي ممتا جي عظمت
ڏيکاري آهي پر آغا سليم هن ڪهاڻيءَ کي ڊرامائي شڪل
۾ آڻي، سنڌي سماج جي تقاضا مطابق، سنڌي نالا ۽
ماحول ڏئي پيش ڪيو آهي۔ آغا سليم پنهنجي هن ڊرامي
جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”مون به پنهنجي وت آهران سڄي ڪهاڻي کي پنهنجي رنگ
۾ لکي، هڪ نئين معنى ۽ نئون مقصد ڏنو آهي ۽
جيتوڻيڪ هيءَ ڪهاڻي منهنجي پنهنجي نه آهي پر ته به
مان چئي سگھان ٿو ته اها ڪهاڻي منهنجي پنهنجي آهي.
منهنجو هن ۾ رت آهي. منهنجي تخليق آهي.“ (آغا،
175:1965)
آغا صاحب هن ڪهاڻيءَ کي سنڌي ماحول مطابق جوڙيو
آهي، جنهن ۾ ڪردارن جا نالا، ۽ ماحول، سنڌي سماج
مان ورتل آهي، هن ڊرامي جو موضوع هڪ فوجي سپاهي
جاويد جي نجي زندگيءَ متعلق آهي، جنگ ۾ بم ڦاٽڻ
سبب سندس شڪل مٽجي بد صورت بنجي وڃي ٿي، ڪافي سال
دشمن جي قبضي ۾ رهڻ بعد جڏهن آزاد ٿي واپس پنهنجي
گھر اچي ٿو ته سندس زال عذرا جي مائٽ شادي ڪرائي
ٿا ڇڏين، عذرا کي رحيم مان هڪ پٽ جميل پيدا ٿو ٿئي
۽ ڊرامي جي پڇاڙيءَ ۾ جاويد واپس عذرا وٽ اچي ٿو.
ڪهاڻي ۾ عجيب ڪشمڪش آهي، هر انسان پنهنجي پنهنجي
مجبورين ۾ جڪڙيل آهي، عذرا جاويد سان بي انتها
محبت ڪندي هئي پر رحيم جا مٿس احسان ۽ جميل لاءِ
سندس ممتا، محبت وچ ۾ ديوار بنجي وڃن ٿا. آغا سليم
پنهنجي ڊرامي ۾ هڪ ماءُ جا احساس هن طرح پيش ڪيا
آهن. پاڻ لکي ٿو ته:
”عذرا: بيشڪ مان هينئر به تنهنجي آهيان پر تنهنجي
۽ منهنجي وچ ۾ وقت جو درياهه وهي رهيو آهي، جنهن
جي هڪڙي ڪناري تي تون بيٺو آهين ٻئي تي مان _ اسان
جو ملڻ محال آهي..... عذرا: عورت صرف ماءُ ٿيندي
آهي جاويد _ هوءَ تخليق ۽ پيدائش ٿيندي آهي _ هن
جي ڪک ۾ هزارين چنڊ هوندا آهن جن کي جنم ڏيڻ لاءِ
هن جنت کي ٺڪرائي ڌرتيءَ سان پنهنجو ناتو جوڙيو
مان پنهنجي چنڊ لاءِ، پنهنجي جميل لاءِ سڀ ڪجهه
ٺڪرائي سگھان ٿي.“ (آغا، 210،209:1965)
ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي ماءُ جي ممتا مٿان محبت
قرباني ٿئي ٿي. هيءَ ڪهاڻي بالزاڪ جيتوڻيڪ فرانس
جي ماحول مطابق لکي هئي، جنهن کي آغا سليم نهايت
خوبصورتيءَ سان سنڌي سماج جي رنگ ۾ رنگيو آهي،
جنهن جي ماحول ۽ ڪردارن ۽ ٻوليءَ مان سنڌ ڌرتيءَ
جي مٽيءَ جي سرهاڻ اچي ٿي.
روپ ٻهروپ:
آغا سليم جو هيءَ
ڊرامو سه ماهي مهراڻ 1964ع ۾ ڇپيل آهي. پاڻ هن
ريڊيو ڊرامي جي موضوع ۾ انسان جي نفسياتي پهلو کي
ظاهر ڪيو آهي، ڊرامي جي پلاٽ ۾ ٻه
اهڙا ڪردار آهن (مرد ۽ عورت) جن جو بظاهر هڪڙو روپ ۽ اندر ۾
ٻهروپ سمايل آهي، ڊرامي جي پلاٽ کي هڪ عورت جي
اندر جي ڪشمڪش ۽ هڪ مرد جي بيوفائي ۽ ڌوڪي جي
واقعن سان سجايو ويو آهي.
عورت جو اندر هڪ وسيع ميدان آهي جنهن ۾ هوءَ ڪهڙا
گل ويهي ٿي پوکي سا فقط کيس ئي خبر آهي، ڊرامي ۾
نسيم جو ڪردار ان عورت جو آهي جيڪا پنهنجي اڌ رنگي
جي مرض ۾ مبتلا مڙس وحيد مان بيزار آهي پر سماج
اڳيان هوءَ وحيد سان ڪوڙي محبت جو ڍونگ ٿي ڪري.
آغا سليم پنهنجي ڊرامي ۾ نسيم جي ڪيفيت هن طرح پيش
ڪئي آهي. پاڻ لکي ٿو ته:
”نسيم:
وقت جي انڌي جانڊهه وحيد کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي. آخر
ڪيستائين مان هن جي مفلوج زندگيءَ جو ٻوجهه ڪلهن
تي گھمائيندي رهنديس! هن جو جيئڻ قدرت جي قانون جي
خلاف آهي. هينئر هن کي مرڻ کپي..... احمد: هرڪو
ائين ٿو چئي ته اوهين مجسم نيڪي آهيو. ۽ اوهان
پنهنجي مڙس لاءِ ساري زندگي قربان ڪري ڇڏي! نسيم:
دنيا هر هڪ انسان جو ٻاهريون روپ ڏسندي آهي. انسان
جي اندر ۾ ليئو پائي، سچ جي صورت ڏسڻ جي ڪنهن کي
نه فرصت آهي نه جرات!“
(مهراڻ،
1964ع،
161،160)
ساڳئي ڊرامي ۾ عذرا ۽ رشيد جي ڪهاڻي
به شامل آهي، عذرا هڪ طوائف آهي، ۽ رشيد کيس ڪوڙي
پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو عذرا جا زيور ۽ پيسا جڏهن
کيس حاصل ٿين ٿا ته هُو
کيس ڇڏي وڃي ٿو. آغا سليم
پنهنجي
ڊرامي ۾ لکي
ٿو
ته:
”عذرا:
امان، رشيد مون کي ستارن جي ديس جا خواب ڏيکاري
وٺي ويو ۽ هڪ ڏينهن منهنجا سڀئي پئسا، سڀئي زيور ۽
سڀئي خواب کڻي هليو ويو. مان ساري رات هن جو
انتظار ڪندي رهيس، ڀوائتا خواب ڏسندي رهيس، ۽ چرين
جيان رڙيون ڪري هن کي ويران گھٽين ۾ ڳوليندي رهيس،
پر هُو ڪٿي ڪونه مليو.... هُو مون کي ڇڏي هليو ويو.....
ماءُ: ڌيءَ، اسين نانگڻ بڻجي ٻين کي ڏنگي
سگھون ٿا، پر چنڊ بڻجي ڪنهن جي اڱڻ
مٿان چمڪي نٿا سگھون. اسين دڪان سجائي سگھون ٿا پر
جاءِ جوڙي نٿا سگھون.“ (آغا، 167:1964)
آغا سليم، هن ڊرامي ۾ سماج جي اهڙن بدڪردارن
کي ظاهر ڪيو آهي،
جيڪي بظاهر ته شرافت جو لباس ڍڪي هلن ٿا. معاشري
جي اهڙن ڪردارن جو اندروني ٻهروپ هن ڊرامي ذريعي
ڏسي سگھجي ٿو.
نتيجو:
آغا سليم جي ڊرامن ۾ سنڌي سماج جو
ڀرپور جائزو پيش ڪيل آهي، چاهي اُهي تاريخي هجن يا
موجوده زماني جا هجن. سندس ڊرامن ۾ حال سان گڏ
ماضيءَ
جا عڪس به ملن ٿا، سندس ڊرامن ۾ سنڌ جي تاريخي
ڪردارن سان گڏ ان دؤر جي سماج جو پڻ بهترين نموني
جائزو پيش ڪيل آهي، سندس پيش ڪيل تاريخي ڪردار
سنڌي سماج جو سرمايو آهن جن کي پاڻ ڊرامن ذريعي
عوام جي سامهون پيش ڪري سنڌ جي تاريخ سامهون آندي
آهي. سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل صدين پراڻي سنڌ ۽ صدين
پراڻو سنڌي سماج، ۾ ڏسندڙ ۽ پڙهندڙ گم ٿي وڃن ٿا.
سندس تاريخي ڊراما سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا
نمائنده آهن. دودو چنيسر، دولهه دريا خان سندس
بهترين ۽ ڪامياب تاريخي ڊراما آهن، جن ۾ سندس پيش
ڪيل ڪردارنگاري ڏسڻ وٽان آهي، دودي ۽ دريا خان
لاءِ لکيل مڪالمن سان سنڌ جي سونهن وڌيو وڃي ٿي.
آغا سليم جو لکيل ڊرامو پاڳل خانو ۾ به سنڌي سماج
جي هڪ جھلڪ پيش ڪيل آهي جيڪو پڻ هڪ ڪامياب ڊرامو
آهي، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آغا سليم
ڊرامانگاريءَ جي کيتر ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو،
سندس تحريرن ۾ هميشه ڪونه ڪو وڏو فڪر، خيال، ڪو
خاص فلسفو پيش ڪيل هوندو آهي.
حوالا:
1. خواجه، ڊاڪٽر نور افروز،
2010ع:
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر، شيخ شوڪت علي
ائنڊ سنز ، ص 305.
2. سليم، آغا،
1994ع: انٽرويو:
نصير مرزا، 15 مارچ، عبرت مئگزين
حيدرآباد، ص 19.
3. خواجه، ڊاڪٽر نور افروز،
2010ع:
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر، شيخ شوڪت علي
ائنڊ سنز ، ص 304.
4. سليم، آغا،
2009ع:
ڊراما،
سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو، ص 19،18.
5.
ايضاً، ص 25.
6.
ايضاً، ص 30.
7.
ايضاً، ص 13،14.
8.
ايضاً، ص 38.
9.
ايضاً، ص 37.
10.
ايضاً، ص 39.
11.
ايضاً، ص 79.
12.
ايضاً، ص 73.
13.
ايضاً، ص 161.
14.
ايضاً، ص 140.
15.
خمار، رسول بخش،
1965ع، مرتب: پاڇا ۽ پڙلاءَ، اداره آواز ادب،
حيدرآباد، ص 175.
16.
ايضاً، ص
209،210.
17. سليم، آغا،
1964ع: روپ ٻهروپ،
سه ماهي مهراڻ
2-3، جلد
13، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص 160،161.
18.
ايضاً، ص
167. |