ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
حيدرآباد
زينان
زينان ڪڏهن جاڳندي ته ڇا، پر سُتي به ڪونه سوچيو
هو ته ساڻس انهيءَ ريت دوکو ٿيندو، ظاهري طرح ته
انهيءَ دوکي جو سبب ڪنهن به پاسي کان سمجهه ۾ نه
پئي آيو. شفق تي قائم ٿيل سندس اعتماد چيهون چيهون
ٿي ويو هو، کيس خبر ئي نه پئي ته کانئس ڪهڙي خطا
ٿي آهي، جو اهڙي ويڌن ٿي اٿس. سندن ڪنن ۾ ننڍيءَ
ڀيڻ فارينا جا چيل جملا ته، ”ادي خود کي سنڀال
سڀاڻي پڇتائڻو نه پويئي“ تيزاب جيان ٻُرڻ لڳا هئا.
هوءَ پاڻ کي تمام خوبصورت ۽ خوب ڏاهي سمجهندي هئي
۽ ٻين کي اهو مڃرائڻ به چاهيندي هئي تنهن جو بانور
لحظي ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويو. ڪيڏي نه وڏي صدمي مان
گذري رهي هئي. هاڻي اڳتي وڌڻ ايترو ته محال هو
جيترو پوئتي هٽڻ ’پنهنجي ڪئي جو ويڄ نه طبيب‘ سندس
ڇيهه ئي ڇڄي ويا هئا. هوءَ هڪ اهڙي چوواٽي ٿي
ٽنگيل هئي، جتي پهچي سندس سڀ گس گهيڙ بند ٿي ويا
هئا. شفق جي ڀاءُ کيس ڪٿي به منهن ڏيکارڻ جي لائق
نه ڇڏيو هو. لڙڪن جو هڪ سيلاب هو جو نه چاهيندي به
پئي وڌيو ۽ سندس وهاڻي کي پُسائيندو رهيو.
هوءَ انهيءَ ڏينهن کي پاراتو ڏيڻ لڳي جنهن ڏينهن
شفق سندس ساهيڙي ٿي هئي. نئين نوڪريءَ جو آرڊر
خوشيءَ سان کڻي جنهن اسڪول ۾ پهتي اهو هڪ صفا ننڍو
اسڪول هو، جتي ٻار گهٽ ۽ ماسترياڻيون وڌيڪ هيون،
سي پڻ کانئس عمر ۾ وڏيون هيون هوءَ ته اڃان
انٽرميڊئيٽ ڪري آئي هئي. سندس عمر ئي ڪل اوڻيهه
سال هئي. ٻئي ڏينهن رجسٽر تي حاضري لڳائيندي زينان
جي ملاقات شفق سان ٿي جا هن اسڪول ۾ ڪجهه سال اڳ
آئي هئي.
هن سرڪاري اسڪول ۾ شاگردياڻيون سڀ گهڻي ڀاڱي غريب
۽ وچولي گهرن جون هيون، پر ته به صاف سٿريون ۽
پڙهائڻ جو شوقين هيون. زينان کي اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ
جو تجربو سٺو لڳي رهيو هو. ٻارن کي دل سان پڙهائڻ
لڳي. هوءَ پاڻ به سٺو تيار ٿي ايندي هئي، صفائي
پسند ته شروع کان هئي ڇوڪرين کي به سٺي صاف سٿري
ٿي اچڻ جو چوندي هئي. ايئن زينان جي ڪلاس جا ٻار
پڻ سندس وانگر جرڪندا پيا هئا. رسيس ۾ سڄو وقت شفق
سان ڪچهريءَ ۾ گذرندو هئو. سندس دل چاهيندي هئي ته
اسٽاف جي ٻين ٽيچرز سان پڻ ميل جول رکي، پر شفق ڄڻ
کيس پنهنجي ملڪيت سمجهي ڇڏيو هو. هوءَ ڪنهن کي به
سندس جي ويجهو اچڻ نه ڏيندي هئي. پاڻ زينان جي فري
پيريڊ ۾ پڻ پنهنجو ڪلاس ڇوڪرين جي حوالي ڪري اچي
ساڻس ويهندي هئي. سندس لاءِ کاڌي پيتي جون شيون
گهرائي دوستيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي
هئي. زينان کي کاڌي پيتي جي ته ذري به لالچ ڪانه
هئي، پر لحاظ ۾ ڪجهه چئي نه سگهندي هئي ۽ هوءَ
ظاهري طور قرب به گهڻو ڏيکاريندي هئي. زينان جيتري
خوبصورت هئي اوترو ئي عقل کُڙيءَ ۾ هئس، اهو ڪونه
سمجهي سگهي ته آخر شفق سان سڄو اسٽاف ڪٽيل ڇو آهي؟
۽ هوءَ ڇو ٻين سڀني سان گڏ ويهڻ پسند نٿي ڪري؟ ۽
فقط هِن جي پٺيان ڇو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن کيس محسوس
ٿيندو هو ته اسٽاف ٽيچرز ساڻس ويجهو اچڻ چاهين
ٿيون، پر شفق کيس مهلت ئي ڪانه ڏيندي هئي، جو ڪنهن
سان کڻي دُعا سلام ئي ڪري. صبح جو شفق کانئس اڳ
حاضري رجسٽر وٽ سندس انتظار پئي ڪندي هئي ۽ موڪل
مهل پڻ هِن کان پوءِ ويندي هئي. اهڙيءَ ريت ريت
شفق ۽ سندس ساٿ مظبوط ٿيندو ويو ۽ زينان پڻ شفق
کان سواءِ هڪ پل گذارڻ پسند نه ڪندي هئي. ڳالهين
ڳالهين ۾ کيس اها به خبر پئي ته شفق جو والد وفات
ڪري ويو آهي. فقط هڪ بيمار ماءُ ۽ جوان ڀاءُ فيروز
آهي جيڪو غير ذميوار ۽ گهُمڻ ڦرڻ جو شوقين آهي.
ڪٿي به ٽڪي ڪا نوڪري به نٿو ڪري ۽ ان جي ڪري ڪٿي
مائيٽي به نٿي ٿيئيس. سندس ڀاءُ جي ئي ڪري شفق جا
به ٻه سُڱ ٽٽي ويا آهن. ۽ اچي اڄ هوءَ 34 سالن جي
ٿي آهي. زينان جي دل ۾ شفق لاءِ محبت ۽ احساس
تهائين وڌي ويو.
ساڳئي ئي اسڪول ۾ سندس ڀيڻ فارينا کي نوڪري ملي،
جا پڙهائيءَ ۾ هوشيار ۽ نوڪريءَ ۾ پڻ وڏي ذميدار
ثابت ٿي. پرنسپل ۽ ٻيون ٽيچرز کيس ڀانئڻ لڳيون.
ڪافي اسڪول جا اهم ڪم پرنسپل فارينا جي حوالي ڪيا.
فارينا اسڪول ۾ شفق ۽ زينان جي گهڻي ساهيڙپ تي
ڪجهه ٽيچرز جي ڀُڻ ڀُڻ ٻڌي کيس به ڏک ٿيڻ لڳو، پر
هڪ رات جو دِل ٻڌي ڀيڻ کي چيائين ته، ”ادي شفق سٺي
عورت ناهي سندس گهر جو ماحول صحيح ڪونهي، هُن جو
ڀاءُ شرابي آهي ٻه دفعا اسڪول جي دروازي تي اچي
چوڪيدار سان به بحث ۽ جهيڙو ڪري ٽوڙ ڦوڙ ڪري ويو
آهي. سڀ ٽيچرز شفق کي پسند نٿيون ڪن. توهان ايترو
ته هن جي ويجها ٿي ويا آهيو جو سڀ اوهان جي
دوستيءَ تي هاڻي آڱريون پيا کڻن.“
اها زينا ئي ڪٿي هئي جا ڪنهن جي صلاح مشوري کي
هينئين سان هنڊائي، کيس چڱائيءَ ۾ چيل چار جملا
طنز لڳڻ لڳا سو هڪدم ڀيڻ کي دٻڙاٽ پٽيائين،
”تنهنجو ڇا؟ پنهنجي ڪم سان ڪم رک، ننڍي آهين ننڍي
ٿي رهه، مون کي ته هتي ٻه سال ٿي چڪا آهن، مون کي
شفق ۾ ڪوبه نقص ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هوءَ الاهي قربائتي
آهي. هيءُ سڀ اسان جي دوستيءَ تي سڙن ٿيون.“
فارينان کي ڏاڍو ڏک ٿيو سوچڻ لڳي ته اديءَ کي ته
چڱائيءَ جو چوڻ به پيرن مان لاهي منهن تي هڻڻ آهي،
پر ڇا ڪيان وري به رَت آهي. ڀيڻ جو ٿي، سو
آهستگيءَ سان چوڻ لڳي، ”ادي توهان کي خبر آهي
پرنسپل هن کي ٽرانسفر ڪرائڻ جو سوچي رهي آهي. سندس
هٿ سڄو ڏينهن موبائيل ۾ آهي، اٿي ويٺي صحيح نه اٿس
۽ ڪلاس جي ذميداري به پوري نٿي نڀائي. توهان جو هن
سان ويجهو ٿيڻ پنهنجي بدناميءَ ۽ نقصان جو سبب نه
بڻجي.“ زينان سندس ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ دروازي
کي زور سان ڌڪو ڏيندي ڪمري مان نڪري وئي. فارينا
کيس ڏسندي ئي رهجي ويئي. هُن پڪو پهه ڪيو ته اڄ
کان ڀيڻ کي ڪجهه به نه چوندي.
فارينا طبعيت ۾ سلجهيل، سمجهدار ۽ ماءُ وانگر
خوددار هئي. سندس ماءُ سڪينه پنهنجي ٻارن زينان،
فارينا ۽ فيصل کي مڙس جي ڪُمهليءَ وفات بعد ڏاڍي
محنت سان پالي وڏو ڪيو هو. هوءَ باهمٿ هئي. علي
محمد جا مٿس دلين جا اَپَر هئا، پر جيئن ئي ٻه
دفعا جلدي مُدي جو تپ ٿيس ته بيماريءَ مان چڱو ڀلو
نه ٿي سگهيو، ويچارن وڏو وَس ڪيو، پر امرالاهيءَ
اڳيان ڪنهن جي نه هلي. راهه رباني وٺي هليو،
سڪينه کي سِڪي سِڪي سڪيلڌو فيصل مليو هو جو اڃان
ڏهن سالن جو هو ته يتيميءَ جو بوجهه اچي پيس.
سڪينه کي مِٽن، عزيزن، اوڙي پاڙي وارن ٻئي نڪاح
لاءِ سمجهايو، هوءَ عمر جي به اڌڙوٽ هئي، پر پڙ
ڪڍي بيٺي ته، ”بچي، شل فيصل منهنجو پٽ آهي، اجهو
ٿو جوان ٿئي، گهر جو ڀَرجهولو ٿئي، مان پنهنجا ٻچا
پاڻ پالينديس، پر نڪاح ڪونه ڪنديس.“ سندس پاڙو
ڏاڍو ڀلو هو، چوندا آهن ته، پاڙو ابو امڙ آهي سو
واقعي سڀ ساڻس وڏي همدردي به ڪندا هئا. کيس گهر
پنهنجو هو. علي محمد وٽ ريزڪي دوڪان هو ته ٻه
دوڪان مسواڙ تي هلندڙ هئس. کيس ڪابه تنگي نه هئي،
پر گهر جي وڏي جي وڃڻ سان ڄڻ ڪُني اگهاڙي ٿي وئي،
پر سڀني ساڻس ملهايو، معصوم ٻارن جو ساٿ هئس. هوءَ
خرچائو ته هئي ڪونه، نه ئي هٿ ڦاڙ، مڙس جي بي وقتي
موت سندس همٿ ٽوڙي ڇڏي هئي. پنهنجي سؤٽن جي صلاح
سان دوڪان جو وکر وڪڻي اهو به خالي ڪري مسواڙ تي
ڏئي ڇڏيائين. وکر مان مليل پئسا بئنڪ ۾ فڪس ڊپازٽ
۾ رکايائين. هاڻي کيس بئنڪ مان ٽن دوڪانن جي مسواڙ
مان ايتري آمدني ٿيندي هئي، جو گهر جو گذران ٿي
ويندو هئس. کيس سڳا ڀائر ته هئا ڪونه ۽ فيصل ته
خود ٻار هو، جو گهر سنڀالي سگهي، سو سؤٽن مڙيئي
دلجاءِ ڏنس سندن چوڻ وٺي رب جي رضا تي رهي ڪجهه
سيبو ٽوپو ڪري پئي وقت ڪٽيندي هئي، پاڙي وارا ڏاڍي
عزت ڪندا هئس.
زينان انٽر ۾ هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو هو، سندس
پيءُ کيس ڏاڍو پيار ڪندو هو. اجايا لاڏ ڪوڏ کڻي
کيس ضدي پڻ ڪري ڇڏيائين شڪل جي موچاري ۽ رنگ جي
اڇي هئي کيس ڪپڙو لٽو به ڏاڍو ٺهندو هو، جيڪو
ڏسندو هئس سو سڪينه کي اهوئي چوندو هو ته، ”ڌيءَ
ته چوڏهين جو چنڊ اٿيئي الله شل نصيب به اهڙو سهڻو
ڏئيس.“ زينان کي پنهنجي صورت ۽ سونهن تي فخر ٿيڻ
لڳو. سندس مائٽيون به اچڻ لڳيون هيون پر پڻس جي
بيماريءَ سبب ماڻس ڪٿي ڳالهائي ئي ڪونه سگهي هئي.
هاڻي ته اهڙا حالات ئي ڪونه هئا. هوءَ ملول رهڻ
لڳي. پيءُ جي وفات سان سڄو گهر ڄڻ ڀُري ڀڄي ويو.
نيٺ سڪينه اوڙي پاڙي جي چئن چڱين سان حال اوريو ته
زينان کي ڪا نوڪري ملي. ترت ئي هڪ حيثيت واري جي
چوڻ سان زينان کي ويجهي اسڪول ۾ نوڪري ملي ويئي،
جتي ٻن سالن کان پوءِ فارينا کي به نوڪريءَ جو
آرڊر مليو ۽ فيصل پڻ ماسيءَ جي گهر رهي ڪراچيءَ ۾
پڙهڻ لڳو. هاڻي سڪينه جو فڪر ڪجهه گهٽ ٿيو، بس هڪ
ئي فڪر هئس ته نياڻين جي لاءِ سٺا سڱ اچن ته
پنهنجي فرض مان فارغ ٿيان، پر قدرت کي شايد ڪجهه
ٻيو منظور هو چوندا آهن ”هڪڙي بندي مَنَ ۾ ته ٻي
ڪري الله“ سو زينان هوڏ ۽ لاپرواهيءَ ڪري پاڻ لاءِ
ڏچو پيدا ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن شفق اصرار ڪري کيس گهر وٺي ويئي. سندس
ماءُ ڪنهن شاديءَ ۾ ويل هئي. زينان، شفق جي ڪمري ۾
پلنگ تي ويهي ٽي. وي ڏسڻ لڳي. اوچتو شفق جو ڀاءُ
ڪمري ۾ داخل ٿيو، زينان شفق کي گهڻائي سڏ ڪيا،
رڙيون ڪيون، پر اهو ٿيو جو نه ٿيڻ کپندو هو. شفق
جي دوستيءَ کانئس حياتيءَ جي وڏي پونجي کسي ورتي.
جڏهن شفق ظاهر ٿي تڏهن کانئس پيرين پئي معافيون
ورتائين کيس قسم ڏنائين ته ڪنهن کي نه ٻڌائج نه ته
تنهنجو ئي نقصان آهي، پر زينان جو ته هر حال ۾
نقصان ئي نقصان هو. بيواه ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڪهڙو
منهن ڏيکاري. پاڻ کان ننڍيءَ ڀيڻ سان ڇا اندر
اوري. روئي پِٽي گهر پهتي. ماڻس ننڊ پيئي هئي. سڄي
رات روئيندي رهي. پنهنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ جو
سوچيائين، پر پوءِ نيٺ دل ٻڌي فارينا سان ڳالهه
ڪيائين. هوءَ عمر کان به وڌيڪ سمجهدار هئي کيس ڄاڻ
هئي ته پاڙي جو هڪ شريف ڪمائو پر شڪل صورت ۾ پورو
سارو ڇوڪرو عمران زينان ڀيڻ کي چاهي به ٿو ۽ مائٽي
ڪرڻ لاءِ نياپو به ڏنو هئائين. سندس ماءُ ۽ هوءَ
پاڻ هن سڱ تي راضي به هيون سو زينان کي به سمجهائي
راضي ڪجي ۽ هونئن به زينان وٽ هاڻي ڪا پسند يا
ناپسند جي ڳالهه ڪونه بچي هئي ۽ فارينا سڄو شاديءَ
جو ڪم همٿ ۽ بردباريءَ سان اُڪلايو جلدي زينان ۽
عمران جي شادي ٿي ويئي.
زينان جو فخر ۽ غرور ته مٽيءَ ۾ ملي ويو هو. سندس
سمجهدار ڀيڻ هن جو گهر آباد ڪرائي ڇڏيو کيس ايترو
ته سبق حاصل ٿيو جو سڄي حياتي عمران جي خدمت ڪندي
گذاريائين. دل ۾ اها خلش ضرور پيدا ٿيندي هئس ته
عمران کيس تمام گهڻو اعتبار ۽ پيار ٿو ڏئي تنهن کي
انهيءَ حادثاتي واقعي کان آگاهي ڪريان، پر ڀيڻس
کيس قسم ڏيئي روانو ڪيو هئس ته، ”ڀُلجي به ڪڏهن
اهو ذڪر زبان تي نه آڻجانءِ“ هڪ سال اندر کيس
پياري سهڻي نياڻي نويره پيدا ٿي. جڏهن نرس کيس چنڊ
جهڙي حسين نياڻي هنج ۾ ڏني تڏهن سندس سهڻي مُک کي
چُمندي پڪو عهد ڪيائين ته نويره کي ڪڏهن به
’زينان‘ ٿيڻ نه ڏينديس.
جاويد عباسي
ڪراچي
گونگو پيار
انسان سڄي ڄمار ڳولها ۾ رهي ٿو ۽ اها ڳولها ختم
نٿي ٿئي. مان به رولاڪ آھيان ۽ خبر ناهي ڪنهن جي
ڳولها ۾ رهان ٿو. مان شام جو اڪثر ڀرواري پارڪ ۾
ويندو هئس،
جت ڪيترائي ماڻهو پنڌ ئي پنڌ ڦيرا پيا ڏيندا هئا.
وڻ، گل، ٻوٽا، جُهڙ، بارش، ٿڌي هير مان مونکي اُتساھ ملندو هو. آھستي آھستي پنڌ ڪندي مان انهن نظارن سان
ساروڻيون ڪندو هئس. پهريان پارڪ ۾ رش گهٽ هوندي هئي، پر پوءِ
بيماريون وڌيون ته ماڻهو پنڌ ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا ۽
هاڻي ته عورتون به اچڻ لڳيون هيون. سڀ آھستي آھستي
مزو وٺندي پنڌ ڪندا هئا ۽ ٻار وري پارڪ ۾ راند
روند ۾ مشغول
رهندا هئا.
مان پنڌ ڪري پارڪ جا ٻه ٽي چڪر لڳائي، ڇٻر تي پيرن
اگهاڙي ٽهلندو هئس
۽ پوءِ هڪ سيمنٽ جي ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجي لاءِ سوچيندو رهندو هئس.
ڪجھ ڏينهن کان مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي سامهون
واري ڪرسيءَ
تي به هڪ ڇوڪري ويهي ٿي. مون کي خبر نه هئي ته
هوءَ ڪڏهن کان ٿي آئي،
پر ان ڏينهن جو اوچتو نظر پئي ته مان هڪدم اتان
اٿي وري ٽهلڻ لڳس. هڪ ٻه دفعو کيس ڪنڌ ورائي به
ڏٺو، مان گهٻرائجي ويو هئس، بُت سڄو پگهرجي ويو. مان اڃان وڌيڪ تيز
تيز هلڻ لڳس ڄڻ منهنجي پويان ماڻهو لڳا هجن. ٻئي
ڏينهن مان پنهنجي پنڌ وارا چڪر پورا ڪري، سڪون وٺڻ
لاءِ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس ته پاڻ ئي نظر سامهون واري ڪرسيءَ
تي پئي
جيڪا
خالي هئي، دل کي ڄڻ اطمينان ٿيو ۽ مان
ٽيڪ
ڏئي سولو ٿي اکيون بند ڪري پاڻ سان ڳالهائڻ لڳس،
مرڪڻ لڳس، تڏهن مون کي محسوس ٿيو ته ڪو مون کي ڏسي
رهيو هجي. مان اکيون کولي سڌو ٿي ويٺس ته سامهون
واري ڪرسيءَ
تي ساڳي ڇوڪري نه صرف مون ڏي ڏسي رهي هئي پر مُرڪي
به رهي هئي. مان پنهنجو پاڻ کي جاچڻ لڳس، پر مان
ٺيڪ هئس ۽ منهنجي حالت اهڙي قطعي نه هئي جو مون تي
کِليو
وڃي. مان اُلجهي پيس ۽ اُتان اٿي وري پنڌ ڪرڻ لڳس.
دل جي دڙڪڻ جي رفتار وڌيل هئي. هڪ خوبصورت ڇوڪري
توهان کي ڏسي ۽ مُرڪي ته ڇا سمجهڻ گهرجي. مون کي
خبر ئي نه پئي ۽ پارڪ جا چڪر لڳائيندو رهيس،
منهنجي حواسن تي ڇوڪريءَ جي مُرڪ ڇانيل هئي. مون
مسلسل چڪر پئي ڏنا، سڄو پگهر ۾ پُسي ويس تڏهن خيال
ڪيم ته پارڪ خالي ٿي چڪو هو ۽ اونداھ وڌي وئي هئي.
اها ڪهڙي مُرڪ هئي، جنهن مون کي مست ڪري ڇڏيو هو،
مان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو
گهر ڏانهن موٽيس.
ڇوڪرين جي مُرڪ ۾ اهڙو ڇا هوندو آھي نوجوان پاڻ
وڃائي ويهندا آھن. هنن جي هڪڙي مُرڪ جي آڌار مان
سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهيس. فجر جي اذان اچي وئي،
مون حاضري ڀري،
پر هن جي مُرڪ خيالن تي ڇانيل رهي.
صبح جو سُتل رهيس، ڪاڏي
نه ويس. الائي ڇو احساس پئي ٿيو ته ڏينهن ڊگهو ٿي
ويو آھي. شام الائي ڪڏهن ٿيندي. دل چاهيو پئي ته
هينئر ئي منجهند جو پارڪ ۾ وڃي ڊوڙان، پر اتي هوندو ڪو
ئي نه ۽ پارڪ جو دروازو به شام جو کلندو هو. هن جي
مُرڪ سوچن جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، بس هوءَ
هئي ۽ هن جي مُرڪ.
مان
اڄ
شام جو سوير ئي پارڪ ۾
ويس. اڃان ماڻهون آيا به نه هئا، سڀ کان پهريان مون ان ڪرسيءَ
ڏانهن ڏٺو، هوءَ نه هئي. منهنجي جسم مان ڄڻ ساھ
ڇڏائجندو محسوس ٿيو. مايوسيءَ
جي ڪُن ۾ بولاٽيون کائڻ لڳس، پر اها ڪيفيت گهڻي
دير نه رهي.
پاڻ کي سمجهايم ته اڃان سوير آھي، هوءَ دير سان
ايندي، پوءِ مون ڊوڙڻ شروع ڪيو،
پر پير
ئي نه ٿي کڄيا. هر چڪر کان پوءِ ڪرسيءَ
تي اميد ڀري نظر وڌم پئي، پر هوءَ نه هئي. هن جي هڪ مُرڪ مون کي ڪنهن ڪم جو نه ڇڏيو
هو، نه ٽهلڻ ۾ مزو ٿي آيو، نه ننڊ ٿي آئي، نه
ڪنهن سان ملڻ تي دل ٿي چيو عجيب من ۾ اُڻ تُڻ
هئي. آھستي آھستي پارڪ ۾ رش
وڌڻ لڳي، ڦيرا وڌڻ لڳا. هن جي ڪرسيءَ
کي پنهنجي نظر مان ڪڍيم ئي نه پئي، پر هوءَ نه
آئي. مان به ساڻو ٿي آخر اچي ڪرسيءَ
تي ويهي، اکيون بند ڪري سڪون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي،
تڏهن ئي ڪا کُڙڪ ٿي،
اکيون پٽي ڏسان ته ساڳي ديد ساڳي مُرڪ سامهون. مون
کي خبر ناهي ته آس پاس جي ماحول کان بي خبر ڪيتري
دير تائين مان هن کي ڏسندو رهيس. مان پنهنجي
چريائپ کي ڪو نالو به ته نه ڏئي سگهيس. هوءَ به
ڏسندي رهي، مرڪندي رهي. همت هن ۾ به نه هئي ۽ همت
مون ۾ به نه هئي. ڪجھ مهينا اهو سلسلو هلندو رهيو،
ڪڏهن خوشي ڪڏهن اداسي. جڏهن اکين پڪ ڪئي ۽ مُرڪ
سان راحت ملي ته هڪ ڏينهن اوچتو هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي مون ڏي آئي ۽
اشارن اشارن ۾ ڳالهائڻ لڳي، مون هن جي اشارن واري
زبان سمجهي پئي،
”تون آخر آھين ڇا، تنهنجي دل ۾ ڇاهي، ٻڌائين ڇو نه ٿو.“
منهنجا تاڪ لڳي ويا، هوءَ گونگي هئي. ايڏي سُندر ڇوڪري گونگي هئي. مان ڪجھ گهڙيون کيس
حيرت سان ڏسندو رهيس. هوءَ به پنهنجي همت تي حيران هئي، ڄڻ پنڊ پهڻ بڻجي وئي هئي. مون
مُرڪي ڏنو ۽ هن جو هٿ جهلي ورتو. مون کيس سندس ئي
اشارن واري ٻوليءَ
۾ کيس چيو،
”مون کي همت نه ٿي هئي، مان توسان پيار ڪيان ٿو.“
ڇو ته مان به گونگو هئس.
مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو جان محمد
پن ڇڻ پُڄاڻان........
سپر هاءِ.وي تي نيري ڪار ۾ عابد، مهراڻ گروپ طرفان
ڳايل پنهنجو گيت وڏي آواز سان ٻڌندو پئي آيو. اڄ
ئي عابد کي ريشين ايمبيسيءَ مان پنهنجو پاسپورٽ
کڻڻو هو، جيڪو هفتو اڳ، ايمبيسي ۾ جمع ڪرائي آيو
هو، آندراپوف جي دعوت تي وڃڻو هئس. هونئن به هاڻي
عابد وٽ گهمڻ کانسواءِ ڪو خاص ڪم نه هو، هُو
ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ وٽان گهُمي، عبدالله جي هارون
روڊ تي چڙهيوته سامهون ايندڙ حنا تي نظر پيس جيڪا
تکي تکي وڃي رهي هئي. حنا کي ڏسي عابد هڪدم ڪار
ليفٽ ڏانهن انڊيڪيٽر ڏيئي گاڏي بيهاري گاڏي تان
لهي حنا کي سڏ ڪيائين.
”حنا......... حنا.......... “
حنا پنهنجي پٺيان ڪنهن کي سڏ ڪندي محسوس ڪيو ته
هلندي هلندي ئي ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته عابد کي پاڻ
ڏانهن ايندي ڏسي، بيهي رهي. عابد ويجهو ايندي چيو:
”هيلو“.
”هيلو“.
”اوهان هتي....!“
سجاد حيرت وچان پڇيو.
”ها....بس!“
حنا وراڻي:
عابد پڇيو:
”ڪيڏانهن پيا وڃو؟“
حنا آهستگي سان وراڻي:
”گهر....“
عابد اهو لفظ ٻڌي ڇِرڪيو.
”گهر!!!“
”هونئن....“
”هتي ڪڏهن کان لڏي آيا آهيو....؟“
”چار سال ٿيا آهن....“
”۽ نويد....!؟“
”طلاق ٿي ويئي اٿم....“
”ڇا....؟؟“
عابد کي ائين لڳو ڄڻ ڪا نازڪ شيءِ هٿن مان ڇڏائجي،
زمين تي ڇناڪ ڪري، ڪِري ٽُٽي پئي هجي.“
”آئون هلان ٿي مون کي دير ٿي ٿئي....“
”آئون ڇڏي ٿو اچان....“
”نه نه نه.... آئون پاڻهين هلي وينديس....“
”اڃان پراڻي نهڪر واري عادت نه ڇڏي اٿئي.“
”نه اهڙي ڳالهه نه آهي، هتي ويجهو ئي گهر آهي،
آئون پنڌ ئي هلي وينديس، اوهان خوامخواهه پريشان
ٿيندئو.“
”نه، آئون پريشان ڪونه ٿو ٿيان.... اچ....!“
حنا، عابد ڏانهن نهاريو، جيڪو وڏي پاٻوهه سان،
چيلهه کي ٿورو خم ڏيئي، حنا کي ڪار ڏانهن وڃڻ جو
اشارو ڪري رهيو هو.
حنا، عابد جي انهي اسٽائيل تي مُرڪي پئي ۽ ڪار
ڏانهن وڌي ويئي، عابد هڪدم اڳيان وڌي ڪار جو اڳيون
دروازو کولي چيو:
”گيٽ دَ سيٽ، اي پرٽي وومين.“
گاڏي هلندي، ٿوري دير ٻئي خاموش رهيا، شايد ڳالهه
شروع ڪرڻ لاءِ لفظن جي اڳياڙي ڳولڻ ۾ رُڌل هئا.
”هي ڪيڏانهن پيا وڃو....؟“
حنا، عابد کي صدر ڏانهن ويندي ڏٺو ته پڇيو: ”آئس
ڪريم کائڻ.“
”آئس ڪريم.... سو به هن عمر ۾.“
”آف ڪورس، اڃان ته جوان آهيون....“
”ٺلهي آٿت آهي....“
”جوان دل لاءِ پوڙهائپ ڪڏهن به نه ايندي آهي.“
”اڇا....!!“
”هونئن آزمائي ڏس....“
مرڪندي وراڻي:
”تلخ تجربن ٿيڻ کان پوءِ آزمائڻ ڇڏي ڏنو اٿم....“
”اڙي.... اڙي، اڳيان ته ڏسو....!!“
گاڏي ايندڙ بس سان ٽڪرائجندي ٽڪرائجندي بچي،
جيڪڏهن حنا رڙ نه ڪري ها ته اڄ ٻئي هن دنيا ۾
موجود نه هجن ها، انهي اوچتي ڇرڪ، ٻنهي کي هڪ ڀيرو
وري خاموش ڪري ڇڏيو.
عابد گاڏي ڪولڊ ڊرنڪس شاپ اڳيان بيهاري مس ته شاپ
تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرو ڊوڙندو آيو.
”جيءُ صاحب....“
”ٻه آئس ڪريم، چاڪليٽ فليور....“
عابد چيو.
ڇوڪرو جنهن جي قميض تي 6 نمبر جو بئيج لڳل هُو
آرڊر وٺي واپس شاپ ڏانهن هليو ويو.
”صبا جا ڪهڙا حال آهن؟“
عابد، حنا جي ننڍڙي ڀيڻ بابت پڇيو، جيڪا بيحد
چلولي هوندي هئي.
”امان ساڻ آهي، ٺيڪ ئي آهي....“
”امان ساڻ....!!“
عابد حيرت وچان جملو ورجايو.
”ها، اُن کي به طلاق ٿي ويئي آهي.“
تيسين آئس ڪريم وارو آئس ڪريم کڻي آيو، عابد کي
صبا جو ٻڌي شاڪ لڳو، هُو خاموشيءَ سان حنا کي
نهارڻ لڳو، جيڪا جوانيءَ جون حدون اورانگهي چڪي
هئي، پر چهري جي معصوميت اڃان به اهڙي جي اهڙي
هئي.
”حنا.....“
”هونئن.....“
”نويد ته توکي وڻندو هو نه.....!“
”ها.....“
پوءِ اوهان ۾ اڻبڻت ڪيئن ٿي پئي.....!؟“
”پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تي.....“
هن مختصر طور سبب ٻڌايو.
”اهو ته ڪو جواز ڪونهي جو پٽ جي اولاد نه ٿيڻ ڪري
هُو توکي ائين ڇڏي ڏي ۽ پٽ جو اولاد ٿيڻ نه ٿيڻ
ڪنهن جي وس ۾ ٿوري آهي اها ته رب جي رضا آهي
حنا.....“
حنا روئي ڏنو، عابد چپ چاپ، ڪار جي اڳئين شيشي ۾
اکيون کُپايو، خاموشي سان ويٺو رهيو، شايد حنا کي
روئڻ ٿي ڏنائين ته جيئن من جو بار هلڪو ٿيس، حنا
ڪجهه دير لڙڪ لاڙيندي رهي، عابد رومال ڪڍي، حنا
ڏانهن وڌائيندي وراڻيو.
”حنا، انهي ۾ به رب جي ڪا رضا هوندي.....“
حنا رومال وٺي پنهنجو چهرو صاف ڪيو ۽ پوءِ پنهنجن
هٿن جون آڱريون هڪٻئي ۾ ڦاسائيندي چيائين:
”هلو..... حرا ۽ زهره جي اچڻ جو وقت پيو ٿئي.....“
عابد حنا جي ٻڌايل رستي تي ڪار هلائڻ لڳو.
”ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهن ٿيون.....؟“
عابد، حرا ۽ زهره جي باري ۾ پڇيو.
”زهره چوٿين ڪلاس ۾ ۽ حرا ٽئين ڪلاس ۾.“
”سروس ڪٿي ٿا ڪريو.....؟“
”پرائيويٽ اسڪول ۾.....“
”پگهار سُٺي ٿي مليوَ.“
”هونئن..... ٻيو ٽيوشن پڙهايان ٿي.“
”کاٻي پاسي ڏانهن موڙجو..... ها، بس.....“
حنا پراڻن فليٽن اڳيان ڪار پارڪ ڪرائي، حنا لهي
چاڙهين ڏانهن وڌي ويئي ته عابد ڪار کي ريورس ڪرڻ
لڳو، حنا، عابد کي ويندي ڏسي چيو:
”اچو نه.....!“
”شڪر آهي سڏ ته ڪيئي.....“
عابد، هو ئي حنا جي سڏ جي انتظار ۾.....“
”مون سمجهيو اوهان اچو پيا، پر اوهان ته مورڳوئي
گاڏي ريورس ڪرڻ لڳا.....“
عابد گاڏي لاڪ ڪري، حنا سان گڏجي، حنا جي فليٽ تي
آيو، سادو سودو پراڻي طرز جو فليٽ هو، ڪو خاص
سامان ڪونه پيل هو، بس ضرورت جون ڪجهه شيون رکيل
هيون.
”ويهو ته آئون چانهه ٿي ٺاهي وٺان.....“
حنا پرس رکي، رڌڻي ۾ هلي ويئي، عابد صوفي جي سائيڊ
ٽيبل تي پيل ڪو پراڻو رسالو کڻي ڏسڻ لڳو.
”امان امان..... مون کي بک لڳي آهي، جلدي ۾ ماني
ڏيو.....“
حرا ۽ زهره اندر گهڙندي وڏي واڪي چونديون، ڪمري ۾
هليون آيون، جتي عابد رسالي جي ورق گرداني ڪري
رهيو هو، حرا ۽ زهره ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي پنهنجي
گهر ۾ ڏسي پريشان ٿي بيهي رهيون.
حنا رڌڻي مان وڏي آوازسان ٻنهي کي چيو:
”انڪل کي سلام ڪري، ڪپڙا بدلايو ته توهان لاءِ
ماني کڻي ٿي اچان.....“
”انڪل، السلام عليڪم.“
ٻنهي يڪمشت چيو.
ٻئي هوبهو حنا هيون.....، حنا جو ٻيو جنم.....!
حنا چانهه ٺاهيندي پُڇيو:
”گهڻا چمچا.....!!“
”ڪوبه نه..... ڪينڊرل هجن ته چار گوريون هڻي
ڇڏيو.....“
”شگر اٿئو ڇا.....؟“
”ها.....“
حنا اکيون کڻي عابد ڏانهن نهاريو..... هيءُ شخص
ڪيڏو نه ڊهي ويو آهي، ڪيڏو نه ميسارجي ويو
آهي..... حنا سوچيو.
حنا ڪنڌ جهڪائي تمام گهڻي ڌيمان سان چيو:
”پوءِ ته اوهان کي پنهنجو ڪيئر ڪرڻ گهرجي.....“
”جيءُ ڇا ڪندس.....؟“
”ڇو..... ڪو ته اوهان لاءِ به منتظر هوندو.....!؟“
”جيڪو منتظر هجڻ گهرجي ها، سو نه ٿيو ٻيا ٿيا ته
ڇا آهي.....؟“
زهره جي اچڻ ڪري، ڳالهين جو سلسلو هڪ ڀيرو وري
رڪجي ويو.
عابد، حنا جي سوال تي ڇِرڪي پيو، هوءَ اڳ جيان
بيباڪ هئي.
”چاچا ٺيڪ هو.....؟“
”ها..... پر.....“
”پر.....! پر ڇا.....؟“
حِنا اُتاولي ٿي پڇيو.
”ڏاڍو هيڪلو ٿي پيو آهي.....“
حنا وراڻي:
”ها چاچي مٺان جي هيئن ناگهاني موت کان پوءِ، چاچو
واقعي هيڪلو ٿي پيو هوندو.....“ شايد حنا به پاڻ
کي اڪيلو پئي محسوس ڪيو، انهي ڪري چاچي جو ايڏو
پئي خيال آيس.
”مٺان..... غلط ڪيو، جڏهن مائٽن جي گهر ڇڏي پيار
جو پرڻو ڪيائين ته پوءِ پنهنجن مائٽن جي حمايت نه
ڪرڻ گهرجيس ها، جي اهڙو قدم کنيو به هئائين ته هڪ
طرفي ٿئي ها ٻه واٽي سبب گوليءَ جو کاڄ بڻجي وئي.“
عابد تفصيل سان ذڪر ڪيو.
”هونئن به عابد، غلطيون وڏن ڪيون ڀوڳيون اسين
پيا.....“
حنا چانهه جو خالي ڪپ رکندي چيو.
عابد وراڻيو:
”وڏن ته پنهنجي جڳهه تي غلطيون ڪيون پر انهن کي
سُڌارڻ بجاءِ اوهان به اهي ئي غلطيون ڪيون آهن،
هنن ننڍڙين تي پيءُ نه هئڻ جو احساس ڪيڏو نه حاوي
هوندو.....؟“
حرا پيءُ جو ذڪر ٻڌي وراڻي:
”انڪل، اوهان..... اوهان نه. منهنجي ڊيڊي کي سڃاڻو
ٿا نه..... ان کي نه..... ان کي نه چئجو.....“
”چپ ڪر.“
”حنا، حرا کي جهڻڪ ڏني، حرا ڇِنڀي ماٺ ٿي ويئي.
”حنا ڪيترو روڪيندينءَ.....؟ اهو سوال ته هنن جي
ذهن تي هميشه رهندو.....“
”پليز..... اوهان مون سان انهي موضوع تي وڌيڪ نه
ڳالهايو.....!!“
حنا ناگواري لهجي ۾ عابد کي چيو، سندس موڊ به آف
ٿي ويو هو.
عابد حنا کي وڌيڪ ڏکوئڻ نٿي چاهيو سو ننڍڙين کي
خرچي ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو، ڪار ڪاهي ريشين ايمبيسي
وارن کان پاسپورٽ کڻي، هوٽل تي هليو آيو ۽ هوٽل جي
ڪمري ۾، پنهنجو پاڻ کي صوفي تي ائين اُڇلايائين ڄڻ
ڪي ڪوهين ڏور کان پنڌ ڪري آيو هجي.
”ٽرن..... ٽرن..... ٽرن.....“
ٽيليفون جي گهنٽي ڪافي دير وڄندي رهي، گهنٽي جي
وڄڻ ڪري، عابد خيالن جي دنيا مان واپس اچي ويو.
”هيلو.....“
”سر، اوهان سان بخاطر شاهه ڳالهائڻ ٿو چاهي.....“
”نه..... ان کي چئو ٻي ڪنهن وقت فون ڪري.....“
”جيءُ سر.....“
اهو بخاطر شاهه ئي هو جنهن سان گڏ هن کي آندراپوف
ڏانهن وڃڻو هو، هن سگريٽ دُکائي پيتو.
”اڄ جي حنا ۽ پهرين واري حنا ۾ ڪوبه ته فرق
ڪونهي..... وقت ڪيڏو نه بيدرد آهي ڪيئن نه گذري
ويو آهي، جواني مان پوڙهپ جو سفر ڪيئن نه جلدي
طيءِ ٿي ويو آهي، ماڻهو چون ٿا ته وقت هر شيءِ کي
ميساري ڇڏي ٿو، پر مون کان ته حنا هڪ پل به وسري
نه سگهي آهي.....“
”حنا، نويد جي گهر ۾ ڏاڍي خوش هئي، عابد اُن جي
خوشي ڏسي، پري هٽي ويو، ايترو پري ڪي، متان هن جي
پاڇولي پوڻ سان، حنا جو گهر نه تباهه ٿي وڃي پر
ايترو سڀڪجهه ڪندي به تڏهن به سڀڪجهه وکري ويو هو،
عابد جي ذهن ۾ سڄي رات يادن جا سلسلا هلندا رهيا ۽
صبح جو سوير ئي، حنا جي گهر ڏانهن نڪري ويو، هن کي
ڄاڻ هئي ته حنا 9 وڳي ڊيوٽي تي هلي ويندي، تنهنڪري
صبح جو ستين وڳي اچي حنا جي فليٽن اڳيان گاڏي پارڪ
ڪيائين، بيل وڄايائين ته حرا اچي در کوليو.
”ڪير آهي گڏي.....؟“
حنا رڌڻي مان ئي پڇيو..... شايد ننڍڙين جو ناشتو
پئي تيار ڪيائين.
”انڪل.....!!“
حرا ٿورو ڏاڍيان چيو.
حنا ڪچن مان ٻاهر نڪري آئي، هوءَ سادي لباس ۾،
ننڊاکڙين اکين ۽ کُليل وارن سان بيحد خوبصورت لڳي
رهي هئي، عابد ڪجهه گهڙيون ته ڏسندو ئي رهجي ويو.
”اوهان.....!!“
حنا گهڙيءَ ۾ ڏسندي چيو.
”جيءُ.....“
”اچو.....“
حنا چيو.
”نيرن پئي ٺهي ڇا.....؟“
عابد ڪچن مان ايندڙ خوشبوءِ کي سونگهڻ جي اسٽائيل
۾ پڇيو.
حنا مُرڪي چيو:
”ڏاڍو تيز نڪ اٿئو.....“
عابد وراڻيو:
”خوشبو ئي اهڙي پئي اچي، اهو نيرن ضرور هنن پونيون
ٻڌل ٻلڙين لاءِ ٺهندي هوندي.“
حنا وراڻي:
”اوهان ويهو منٽ ۾ آئون نيرن ٺاهي وٺان ٿي.....“
عابد، زهره ۽ حرا ڏانهن هليو آيو.
”منهنجي پين آهي.....“
”ڪونهي..... ڪونهي..... ڪونهي.....، ممي مون کي
وٺي ڏني آهي.....“
”آئون ممي کي ٿي چوان.....“
حرا جيئن ڊوڙي، حنا ڏانهن ڀڳي ته دروازي تي بيٺل
عابد سان ٽڪرائجي ويئي، زهره کِلڻ لڳي.
”انڪل، زهره گندي آهي..... مون کي..... پين، او هو
”آڱر سان اشارو ڪندي“ نه ٿي ڏي.“
”آئون گندي ڪونه آهيان..... تون گندي آهين.“
”تون آهين.....“
”تون آهين.....“
”گندي..... گندي.....گندي.....“
حرا چاٻارا ڪڍي، زهره سان وڙهڻ لڳي.
عابد وچ ۾ پوندي چيو:
”اڙي..... اڙي..... نه حرا نه..... ڀيڻ وڏي
آهي..... ائين ٿوري ڪبو آهي.“
”پوءِ انڪل، مون کي پين ڇو نٿي ڏي.....!“
”هل.....، هيٺ هلي.....، بلڪل زهره جهڙي پين وٺي
ٿا اچون..... پوءِ پاڻ به زهره کي ڪونه
ڏينداسين.....!“
”ها انڪل، هلو.....“
”ممي.....، آئون ۽ انڪل زهره جهڙي پين وٺي
اچون.....!“
حرا ڪچن جي دروازي وٽ بيهي حنا کي چيو.
عابد حنا کي اکين ۾ منٿ ڪئي ته ننڍڙيءَ کي انڪار
نه ڪري، حنا ڪجهه دير عابد کي ڏسندي رهي، جنهن جون
اکيون ڳاڙهيون لال هيون ۽ منهن ٿوٿر هئس، حنا ائين
محسوس ڪيو ته عابد، سڄي رات شايد سُتو ڪونه آهي.
”ممي.....!!“
حرا، ماءُ جي ايپرن کي لوڏيندي وري پڇيو.
”ڀلي..... پر جلدي اچجو..... ۽ حرا انڪل کي وڌيڪ
تنگ نه ڪجئين.....“
”ها ممي.....“
اڳتي هلي دروازي وٽان حرا، عابد کان هٿ ڇڏائي،
ڊوڙي اچي حنا کي ڀاڪر پائيندي چيو:
”ٿئنڪ يو ممي، ممي تون ڏاڍي سٺي آهين.....“
حنا، حرا کي پيار ڪندي وراڻي:
”منهنجي راڻي، توکان گهٽ.....“
حرا، حنا کي چُمي ڏيندي چيو:
”ٿئنڪ يو ممي.....!!“
عابد ۽ حرا نڪري ويا، دوڪان فليٽن جي ڀر ۾ ئي هئا
عابد حرا کي جهولي ۾ کنيو پئي هليو.
”گڏي ٻيو ممي وٽ ڪير ڪير ايندو آهي.....؟“
عابد لولي پاپ حرا کي ڏيندي پڇيو.
”آنٽي صبا، آنٽي هما، آنٽي شمع واريون اينديون آهن
آنٽي شمع مون کي جام پيار ڪندي آهي، ڏاڍي سٺي آهي
۽ ٻيو اوهان ايندا آهيو.....“
حرا لولي پاپ جي بين لاهيندي وراڻي.
”ڀلا، ڊيڊي ڪونه اچي ڇا.....؟“
عابد، حرا کان پڇيو.
”نه انڪل..... ابو گندو آهي، اسان وٽ ڪونه اچي،
اوهان..... اوهان نه ان کي چئجو ته حرا جي ڪِٽي
اٿس..... حرا آهي نه..... گندن ماڻهن سان ڪانه ٿي
ڳالهائي.....“
ٿوري ساهي وٺي، ”.....انڪل..... چوندئو نه.....!!“
حرا ڄڻ تصديق لاءِ، عابد کان پڇيو.
جيڪو حرا لاءِ، زهره جهڙي پين وٺي چڪو هو ائين ئي
ٻئي ڳالهيون ڪندا واپس فليٽ تي پهتا.
”اڙي ڀولڙي..... لولي پاپ کائين پئي ۽ هاڻ ماني
ڪير کائيندو.....؟“
حنا، حرا کي لولي پاپ کائيندي ڏٺو ته چيو.
”انڪل.....!!“
حرا، عابد جي ڳل تي آڱر رکي چيو.
”جلدي جلدي اسڪول ڊريس پائي وٺو، اسڪول بس اچڻ
واري آهي.....“
حنا هڪدم، ٻنهي کي تيار ڪري اصل گُڏي ڪري ڇڏيائين،
سندن ٿيلهن ۾ لنچ باڪس رکيائين مس ته بس هارن ڏنو،
ٻئي ڄڻيون باءِ باءِ ڪنديون ٻاهر نڪري ويون، حنا
بالڪونيءَ وٽ وڃي بيٺي، جيستائين زهره ۽ حرا بس ۾
ڪونه چڙهي ويون.
بس جي وڃڻ کان پوءِ، حنا پنهنجن کُليل وارن جو
جوڙو ٺاهيندي وراڻي:
”ڪالهه واري رويي تي.....“
عابد، حنا جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو:
”ڪهڙو رويو.....؟ پنهنجن سان نه وڙهبو ته ٻئي ڪنهن
کي چئبو آهي.“
حنا، عابد ڏانهن نهاريندي چيو.
”اوهان واقعي مائينڊ نه ڪيو آهي.....!!“
”نه ته، هونئن ته تنهنجي ڪهڙي ڳالهه مائينڊ ڪندو
هئس ۽ ڪندس.“
”ڇو.....؟؟“
”الائي.....“
”هاڻ مون کان چاهيو ڇا ٿا.....!؟“
”اها ڳالهه حنا تون خوب ڄاڻين ٿي.....“
”پر..... پر..... عابد وقت تمام اڳتي نڪري ويو
آهي، هاڻي ته ..... سڀڪجهه وکري چڪو آهي.....“
”وکريل کي ئي ته ميڙڻ لاءِ رب پاڪ کي ملايو
آهي.....“
”عابد، هٿ ڦٽبا، ملندئي ڪجهه ڪونه.....“
”مون کي اڄ به توکانسواءِ ڪجهه به نه گهرجي.....“
”اڃان عابد ايتروئي چاهين ٿو.....!!“
”وسري ڪڏهن هئين، جو آئون تنهنجي چاهت کي ڪا نئين
معنيٰ ڏيئي سگهان.....“
”ڏس، عابد، تون اڳ به ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو هئين
۽ اڄ به تنهنجي اڳيان تنهنجن پنهنجن ٻارن جو
مستقبل آهي..... عابد دنيا رڳي دلاسن تي نه هلندي
آهي.“
”حنا، ائين به ڪونهي، ٻار وڏا آهن، گهر واري گذاري
چڪي آهي، پهرين ته تنهنجي مجبوري هئي، هاڻ ته آزاد
آهين ۽ اڄ به ائين پئي چوين..... حنا منهنجو
مستقبل تو سوا ڇا هو ۽ ڇا آهي.....؟ اهو ته تون
ڄاڻين ٿي نه.....! پوءِ به آخر مون سان ايتري رنجش
ڇو آهي.....؟“
”رنجش.....! ڪابه نه..... نه پهرين هئي..... نه
هاڻ آهي..... عابد، پهرين به زندگي گهارڻ لاءِ
ڪوڙي سوڙي سهاري جي ضرورت هئي، رنجشون ۽ خوشيون ته
اهي ڪندا آهن، جن کي ڪا پٺ هجي، جنهن جو ڪو اجهو
يا آسرو هجي اسين عابد، نڌڻڪيون هيونسين، سي
ڪهڙيون رنجشون ڪنديونسين.....“
حنا تقريباً روئڻهارڪي ٿي پئي هئي.
ڪجهه دير ٻئي خاموش رهيا.
”هاڻي ته فيصلو حنا تنهنجي پنهنجي هٿ ۾ آهي،
منهنجي جهولي اڳ جيان..... اڄ به تنهنجي اڳيان
ڦهليل آهي.....!!“
عابد، حنا کي التجا ڪندي چيو.
”عابد، هاڻ عمر ڪونهي ڪي فيصلا ڪجن، جيڪو ٿيو سو
قسمت جو کيل سمجهي قبول ڪرڻو پوندو. هاڻ توهان
پنهنجي زندگي جي رستي سان آهيو ۽ آئون
پنهنجي.....!
هاڻ بس زندگي گهارڻي آهي..... گهڻي گذري ويئي آهي،
باقي به گذري ويندي.....“
حنا ڄڻ پنهنجو حتمي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هجي.
عابد، حنا جي ويجهو ايندي چيو:
”منهنجو ڏوهه ڪهڙو.....؟ جو منهنجي سزا اڃان به
ختم نٿي ڪرين.....“
”عابد.....، عابد..... تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، هاڻ
هروڀرو تنهنجو گهر ڦٽندو..... نه..... آئون قطعي
ائين نٿي چاهيان.....“
عابد صوفي تي الهي پيو، سڄو جسم پگهرجي پيس.
”عابد، عابد، عابد.....“
”پ..... پ..... پا.....ڻ .....ڻي.....!“
عابد جو آواز ڄڻ پاتالن مان آيو هجي، حنا ڊوڙي
پاڻي کڻي آئي پر تيستائين عابد حنا کان ڪوهين ڏور
وڃي چڪو هو، جتان اڄ تائين ڪوبه واپس نه آيو آهي.
حنا ڊاڪٽر کي فون ڪيو، ڊاڪٽر پهچڻ شرط تپاسيو
”سوري مئڊم هي وڃي چڪو آهي، هارٽ اٽيڪ ايتري مهلت
ئي نه ڏنس.....“
حنا، عابد کي ڏسندي رهي، جنهن جون کُليل اکيون ڄڻ
اڃان تائين حنا جي انتظار ۾ هجن. |