سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:11 

قائم الدين قائم ماڇي

لطيف ننگر

 

 

 

ڪافي

 

اچي عشق اڙانگي نئون نينهن لاتو،

ويڙهي سڀ وجود کي پڪو پيچ پاتو.

هنئين نيش نينهن جا بلڪل ڀچائي،

انهي کان عاشق بدن ڪيئن بچائي،

وڌو نينهن نچائي، رکيم ناحق ناتو.

عشق اندر ۾ ڇڏيون جايون جوڙي،

ڪري قلب قابو ويٺو کيمان کوڙي،

ندوري نهوڙي ڪيو اندر آتو.

عجب رنگ عشق جو اصل کان جو آهي،

سوين مرد سورهيه ڇڏي بهادر ڀلائي،

’قائم‘ پيو ڪهائي، ڪري ڄاڻ ڄاتو.

 

ڪافي

سڻج سڏ سٻاجها آهيان منجهه اونهي،

ڪرم ڪر تون قادر ٻيو يار ڪونهي.

خطادار آهيان بخش ڪر تون مولا،

ٿين مون ٿڪي جا سفر ساٿ سولا،

ڪيم ڪئين ڪچايون هڻان منهن موني.

ڪر بخش بديون آهيان آسري ۾،

لنگهائج لطف سان آهيان تاسري ۾،

ڪر معاف مديون، ٻيو پار ڪونهي.

ڪرم ڪر ’قائم‘ تي ڍڪج تون ڍلايون،

سوالي تي سائين ڀلا ڪر ڀلايون،

ڏيو ڏان مون کي، ٻيو ڏاتار ڪونهي.

 

قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

غزل

عشق جي پالوٽ سان ڪاجوت جاڳائي ڇڏيون،

همنشين هن بزم اندر، رنگ نئون لائي ڇڏيون.

جا ڪري ڪاري ڇڏي، ڪيني ڪُدورت دل سڄي،

سچ جي صيقل هڻي، سا صاف جرڪائي ڇڏيون.

پاڻ مان ڪو غير ڇو ٿئي ۽ غير ڇو ٿئي پاڻ کان،

نئين نسل کي غير کان، آزادي وٺرائي ڇڏيون.

نعرءِ تڪبير سان، الحاد جا ٻاري اڏا،

هت امن، اخلاق جا، ڪي ڳوٺ ورسائي ڇڏيون.

هي ڪيا ٿورن مٿي ٿورا، نه ٿورا سي چئو؟

جي نٿا لاهي سگهون، ته به ڳُڻ ڀلا ڳائي ڇڏيون.

جو ٿو يارن کي وڇوڙي ۽ ڪري ’مخلص‘ جدا،

تنهن ڪم ظرف کي ڪُکين مان، ڪانُ ڪڙڪائي ڇڏيون.

نظم

سور سختيون پيو سهان، سهڻا شفا جي آسري،

ڏي دوا ڪا درد جي، آهيان دوا جي آسري.

راتيون ساريون مان روئندو پهه پچائيندو وتان،

مهربان محبوب مشفق مَهه لقا جي آسري.

هاڻ هو منهنجوئي رهندو، ٿي هميشه هم رفيق،

دل ڏني مون آ فقط هن کي وفا جي آسري.

ڪونه آيو ڪوبه قاصد قرب واري کان ڪَهي،

”ورهيه ٿيا واٽن تي ويهندي بي وفا جي آسري“.

هِرکجي ٻئي ڪنهن حسينن تي نه هيرايم هيئون،

دم رهيو تيسين پيو جيئندس دلربا جي آسري.

توکي ساريندا پُوڪاريندا رهن ٿا ڏينهن رات،

در مٿي سائل سوين، ساجهر سخا جي آسري.

مشڪلاتن مان به مُرڪي، پار ٿي، سي ٿا وڃن،

جي رهن ٿا پنهنجي مالڪ، جي رضا جي آسري.

من ڪري ڪا مِهر جي، مٺڙو نظر ’مخلص‘ مٿي،

انتظاريءَ ۾ اڃان اکڙيون عطا جي آسري.

 

حافظ حبيب سنڌي

چوهڙ جمالي

 

 

 

 

غزل

مون کي مليو آ محب اڄ نازڪ نواب وانگي،

دل ٿي انهي لئه تانگي ڪارِ ثواب وانگي.

ڪَعبي ۾ ته انجي مون ڀي ڪافر لڪل ڏٺو هو،

جنهن جو نشانو بڻيو هرڪو ڪو عتاب وانگي.

انجون دوناليون هن تير و تفنگ سان ڀريل،

ماري ڇڏيائون هر کي شاهي شتاب وانگي.

انجي عقابي نظرن مون کي ڏنگيو آ البت،

کسي هو دل کڻي ويو زوري عُقاب وانگي.

آهي بنا سڄڻ جي، منهنجو ته قلب ڪوماڻيل،

ديدار ساڻ انجي ٽڙيس گلاب وانگي.

ويڙهيل سڄي وڳي ۾ واه واه هئو ته وَهجو،

مون کي لڳو پئي لالڻ ڪنواري حجاب  وانگي.

جانب جي جوت جوهر جانيون جلائي ڇڏيون،

هِرکي ڏسي پيو ’حافظ‘ سڙيل ڪباب وانگي.

غزل

سَپنا ساڳيا، سُور به ساڳيا،

آهن پنهنجا، پُور به ساڳيا.

ڇالاءِ ڪنهن جي راهه تَڪين ٿو؟

اَنبن جهَليا ٻُورَ به ساڳيا.

جانب جي جَلون ڏي ڏسُ!

نيڻ نماڻا نُور به ساڳيا،

پيارا پَوتر پرين جهڙا،

پاڳل آهن پُور به ساڳيا.

ساجن جا سڀ غَم سوچي،

سِرجيا آهن سور به ساڳيا.

تون ۽ مان کِلندا آهيون،

ماڻهو ته آهن رَنجور به ساڳيا.

محبوبن جي مَهندان سائين!

هن ماڻيا مجبور به ساڳيا.

حاذق هَٿ حبيب تنهنجا،

شفقت جا ڀرپور به ساڳيا.

 

عبدالقادر کٽي

ميرپور بٺورو

 

 

 

 

نظم

 

مبارڪ مبارڪ آئي آ بھار،

ھليون ھيرون ھرجا ھلي ھٻڪار.

 

تتر طوطا طوطِي تاڙن منجھه تنوارون،

وڻي ڪانگ، ڪوئل، ڪونجن جون قطارون،

ڀؤنرن لائي ڀُون ڀُون ڀلي ڀُلڪار،

مبارڪ مبارڪ آئي آ بھار.

 

نازبوءِ ۽ نيلوفر پِيا ناز ۾،

ڪتڪائي ۽ ڪرنا ھليا قاز ۾،

موتيي ۽ مکڙي سورج ڪيا سينگار،

مبارڪ مبارڪ آئي آ بھار.

 

وڻن منجھه وليون ٿيون گرڙ ۽ گولاڙا،

سندِي تانگ تن ۾ تنوارين تاڙا،

پرين تنھنجي پل پل پيئي منجھه پچار،

مبارڪ مبارڪ آئي آ بھار.

 

سڄڻ تنهنجي صحبت پيو ساريان سنڀاريان،

پرين پيار تنهنجا پيو پل پل پچاريان،

ھن مُنڌ ھلي اچ تون ھينئڙي جا ھار،

مبارڪ مبارڪ آئي آ بھار.

 

خوشيون کِيرون گهر گهر بھارِي اچي ويئي،

موٽي ملڪ مارن تي ملھارِي اچي ويئي،

چوي کٽي قادر ويا غم غُبار،

مبارڪ مبارڪ آئي آ بھار.

 

عاجز ڪريم پوري

دڙو

 

 

 

 

غزل

هَليو تون به ويندين، هتان ڪُوچ پائي،

حياتيءَ وفا ڪئي نه ڪنهن سان ڪا آهي.

 

ڏيکار نه هِتي تون، سدا ڏاڍ مُڙسي،

ڏاڍائي اِها هڪُ، الله کي جُڳائي.

 

ڪيو توکي پيدا آ خالق خلق لئه،

نڪي مارُ ماڻهو! نه ڪنهن کي رنجائي.

 

بُلند تنهنجو درجو ڪيو آ ڌڻي ڏِس،

ڇڏي ڏي تون تڪبر! نه سينو سهائي.

 

ايڏو پاڻ تي تون، بنده ڪر نه بانور،

آهين پَئو مٽيءَ جو، نه ايڏو پَڏائي.

 

سدا خوف دل ۾، تون ڌارج ڌڻيءَ جو،

متان پئي ڏمرجِي، فنا تي پُڄائي.

 

هِتي ڏينهن ٻن جو آهين تون مسافر،

حياتيءَ جي پنڌ ۾ وَکر ڪو وهائي.

 

دنيا جي جهنجهٽ ۾، پئو تون نه ڦاسي،

اٿئي وقت اڃا ڀي، اُٿي وِک وڌائي.

 

خدا کي نه تنهنجي، هيءَ آڪڙ پسند آ،

ڪري نياز نوڙت، تون راڻو ريجهائي.

 

ثواب آهي افضل، ڪا خدمت خلق جي،

عمل اِن سان آقا! ٿو جنت پَسائي.

کڻي مُنهن خدا ڏي، ويندين ڪهڙو ’عاجز‘،

ڪَڻا ڪجهه ڪِشتي ۾ هِتان وڃ ڪمائي.

 

نم ناز

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

نعت

 

باغ عالم ۾ آهي آمد، نبي سردار جي،

آجيان اڄ ڪئي گُلن گڏجي، مِٺي منٺار جي.

سر جهڪائي ٿيا سلامي، سونهن سرور جي اڳيان،

جڳ سڄو حيران ٿيو، صورت ڏسي سرڪار جي.

ٿيا مطيعي جِنَ، ملائڪ، حورون، پريون آدمي،

هر زبان تي آ ثنا، عربي سچي سالار جي.

ٿيا نبوت جي مٿان، قربان پروانا لکين،

فرشتن ڀي ڪئي غلامي آ، سخي ڪلتار جي.

ڪوٽ ظلمت جا ڪِري ويا، هن سڄي عالم منجهان،

روشني جڳ کي ملي، ٿي مهرباني يار جي.

ڇا ته مُنور نور بخشيو، هڪ بشر کي آ خدا،

”چنڊ تارا ڪن ثنا، عالم اجهي آڌار جي.“

مير مرسل بخش ڪر، آهيون گناهن ۾ ٻُڏل،

’ناز‘ محشر ۾ شفا، ٿيندي اُمي انوار جي.

غزل

هر جيت ۾ هر هار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي،

سنسار جي ڪم ڪار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هُن چنڊ تي هُن منڊ تي بلڪل پُڄي مان ٿو سگهان،

محبوب هِن ڪردار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هر سوچ ۾، هر لوچ ۾، هر زندگي جي جوڙ تي،

دنيا جي هر وِهوار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هر جاڳ ۾، هر ڀاڳ ۾، هر درد جي درياءَ ۾،

هر وقت جي رفتار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هر ڏات ۾، هر بات ۾، هريت جي ساراهه ۾،

هر شعر جي سينگار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هر مرڪ ۾، هر ٽهڪ ۾، هر پيار جي هر ريت ۾،

محبوب هر گفتار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هر خيال ۾، هر حال ۾، توسان مِٺا ناتو رهي،

هر عشق جي واپار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

هر بحر ۾، هر لهر ۾، ۽ هر خوشي جي پهر ۾،

هر روح جي، هر تار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

سُر ساز ۾، سنگيت ۾، ’نم ناز‘ جي هر گيت ۾،

هر قول ۽ اقرار ۾، بس ساٿ ٿو تنهنجو کپي.

 

عابد نياز ميمڻ

شڪارپور

 

 

 

 

نظم

 

شهر کان دور بستي ۾،

رهي ڪو موج مستي ۾،

بيگانن جي بستي ۾،

مگن آ پنهنجي هستي ۾،

اهو اعزاز ڇا چئجي،

نگاههِ ناز ڇا چئجي.

معطر ٿيو جسم سارو،

جڏهن اوتيو ڀرم سارو،

پو ظاهر ٿيو شرم سارو،

ان ۾ جاڳيو رڌم سارو،

انهي ۾ راز ڇا چئجي،

نگاههِ ناز ڇا چئجي.

اڪيلي شام ۽ هي غم،

تلاشي توکي ٿي همدم،

پياسو گل ۽ گڏ شبنم،

هئا ٻئي رات جو پُرنم،

وڄن پيا ساز ڇا چئجي،

نگاههِ ناز ڇا چئجي.

حياتي جي رهي ملبو،

۽ دردن کي سهي ملبو،

مقدر کي ڇهي ملبو،

محبت ۾ ڪهي ملبو،

اهو اعزاز ڇا چئجي،

نگاهه- ناز ڇا چئجي.

 

مير مختيار ٽالپر

 ڇتو مادراڻي

 

 

 

 

غزل

محبت به ڏين پيو توري، ماپا عجيب آهن،

انداز تنهنجا دلبر، ڏاڍا عجيب آهن.

ڪيڏا ته سور سهندي، واپس ئي نه ٿا وَرن،

دل جون به حسرتون ۽ جذبا عجيب آهن.

آئون جي کِلان کِلن ٿا، آئون جي روئان روئن ٿا،

منهنجي به گهر جا ڪايا، داسا عجيب آهن.

ڪو ڀي ڪاٽي بُکون، تنهن جو ته الڪو ناهي،

منهنجا به ڏِس تون، رهبر ڪيڏا عجيب آهن.

صدقو وڃان اي سنڌڙي، تنهنجي ته نانءُ تان،

ڪيڏا نه ڏِس تو پاليا، لاشا عجيب آهن.

همت ڀي اسان کان، حجرت ڪري هلي وئي،

تقدير جا به ڍارا، ڇا ڇا عجيب آهن.

’مختيار مير‘ عاشق، سُک ماڻي ڪونه سگهندا،

دلڙي کسي پوءِ ڍوليا، ٿيندا عجيب آهن.

غزل

مٺا تنهنجو مِلڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي،

اسان سان ڪجهه کلڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

قسم تنهنجي نگاهن جو، ڪکائين گهر اسانجي تي،

قدم تنهنجو رکڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

اُميدن کان ڪڏهن ڀي مون، ڇنو ناتو نه آهي مَن،

خوشين جو ڀي اچڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

اسان ٻي جا نه ڏوهي پر، امڙ سنڌ جا ڏوهاري هون،

انهي جي لئه جيئڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

خالي دانهُن ۽ ڪوڪن مان، پرين ورندو ته ڪجهه ناهي،

عمل ڀي ڪجهه ڪرڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

اسان اَجرڪ، اسان ٽوپي، اگر پاءِ گهمون جيڪر،

ويرين جو پڪ جلڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

اسان پورهيئي ڪرڻ کان جي، لنوايون ڪين اي ’مختيار‘،

ڏکن جو پوءِ ڀڄڻ ٿيندو، ملي نئين زندگي پوندي.

 

ذوالفقار ٽالپر

جُهڏو

 

 

 

غزل

تنهنجي آهي سار هوا ۾،

پيارا ڏي ڪو، پيار هوا ۾.

 

جهونگاريئي جيئن گيت سُريلو،

ماکي جي ڄڻ لار هوا ۾.

 

راڻا مون کان ڇو ته رُسي وئين،

گهايل آه نهار هوا ۾.

 

موهيو من کي نيٺ وجهي ٿي،

تنهنجي ته ڳاتل ڍار هوا ۾.

 

اکڙين تي هن آگم ڇانئيا،

ڇيڪ ڇُلي پيا نار هوا ۾.

 

کڻي تون کاريءَ سانئڻ آئين،

لَڙڪي پيا ته ليار هوا ۾.

 

سردي گرمي سڀ وساري،

کيڏن پيا ڏس ٻار هوا ۾.

 

سرهائي ٿي رات سنواري،

جهومن ٿا جيئن هار هوا ۾.

 

دلبر دوريءَ جي نه ڇڏي تو!

ملندئي پو ميار هوا ۾!!

 

اعجاز ڀاڻيپوٽو

ٽالهي

 

 

 

 

غزل

تنهنجا ڳلڙا گُلڙن واس،

سنهڙا چپڙا کنڊ جي چاس.

گهايل تنهنجي گهور ڪري ٿي،

نظرون ماري ڪن ٿيون ناس.

دل ئي دل ۾ دعائون گهرندي،

باسيم ويٺي تو لاءِ باس.

دُوري تنهنجي موت مثل آ،

ايندو وڃ تون منهنجي پاس.

ڏينهن ڏکن جا کوڙ ڪٽيا ٿم،

ڪر ڪو هاڻي روح کي راس.

تنهنجو هي ’اعجاز‘ آ تو ۾،

ڪيڏي لڳائي ويٺو آس.

غزل

تنهنجو هٿ جي هٿ ۾ ناهي،

ساري  سنڌڙي  سٿ ۾ ناھي.

آئون وفا جا  ليڪا  ٽپندس،

دوکو   دلبو   رت   ۾   ناهي.

جيڏي   ڦلڙي   ٺهندي   آهي،

ايڏي  سونهن  نٿ  ۾   ناهي.

کولي  پنڙو  ڇرڪان ڇاکان،

ڳالهه اهڙي ڪا خط ۾ ناهي.

ڇا تي خوشيون ماءُ ملهائي،

ڀاءُ    برادر    ڀت   ۾   ناهي.

پوڙها   حافظ   هوندا   هئا،

هاڻي   ڀٽائي   جت  ۾ ناهي.

سنڌڙي تنهنجا ڀاڱان  ٿيندا،

تنهنجو  دُشمن ست ۾ ناهي.

آزادي  جون  ڳالهيون  ڳائي،

اعجاز  ڀلا ڇا  مت ۾  ناهي.

 

راز نواز ٻارڻ

جاتي- سجاول

 

 

 

 

غزل

يار  جي  ياري  رکي عاقل ڪري،

لوھ کي  پارس  لڳي  قابل ڪري.

 

راڳڻي جيڪا پڙھي گھايل ڪري،

غم وڌي قبضو ڪيو زائل ڪري.

 

ڪيترا  بھتان  واتان   ويا  لڳي، 

سار جو سانگو وڌي مائل ڪري.

 

دل ڊڄي ٿي دم سڪوني جو پڇي،

دل لڳائي  روز ٿو  شامل ڪري.

 

رات پنھنجي پاڻ تارن جڳ ڪيو،

ڪير ماڻي ٿو خوشي حاصل ڪري.

 

ساٿ ھن جي ساڻ جيون ٻھڪيو،

ڇير پيران ساز  ٿي پائل ڪري.

 

دل چري دورا ڪري دمدم  پڇي،

ٿي رنجائي ويرجي گھائل ڪري.

 

ياد  ڪر  دلبر  ملڻ جا  ڪي اکر،

عاشقي تي ڇا لکي ڪامل ڪري.

 

راز  ٻارڻ  محل  يادن  جا  جڙن،

ڪير ٿو ڪنهن کي سڏي غافل ڪري.

 

علي نواز ڏاهري

نوابشاهه

وائي

سپني مان جو سڏڪِي اٿيس، پنڇين لئه پاڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

آڌي رات ڏهر ۾ ڏيئا، ٽم ٽم ٽانڊاڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

ٿوهر، ڳاڱيون، سوڳ ۾ سارا، مکڻيون، مانڌاڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

پرهه هٽايو پاند اڃان جو، چونئرا ويڳاڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

ڪاسبو ڪيئن نه تڙپي آيل! ڪونڀٽ ڪوماڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

ڪجلا سر جي ڪامڻين کان، وسري ويا ماڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

مهراڻي جي ماڳ سڄي ۾، امڙين اوراڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا. 

ڪارونجهر گنگهور گهٽائون، مينهنِ مانڊاڻا،

او جيجل! مورَ نه ٻولن ٿا.

 

مُجاهد مَهَڙ

سڪرنڊ

مان نه رڳو

 

ساراهه خدا جي ڳائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو،

هڪ ٻي کي حمد ٻڌائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

 

آ ذڪر خدا جو دل ۾ ۽ صلوات لبن تي آ جاري،

غم پنهنجا ائين گهٽائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

 

آذآن اچي ٿي مسجد مان دل شاد ٿئي ٿي مؤمن جي،

وِک مسجد ڏانهن وڌائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

 

مسڪين غريب فقير هجي ڀل خان بهادر مير جي،

هت رزق خدا جو کائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

 

هت پنهنجيون خطائون ياد ڪري ۽ هٿڙا کڻي فرياد ڪري،

رب آڏو ڪنڌ جهڪائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

 

دل دل سان ’مجاهد‘ مَهَڙ مٺا سُبحان سَندي تعريف ڪندي،

هت اجر ثواب ڪمائن ٿا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.

منٺار مسڪين ڀيل

جهڏو

غزل

تنهنجي يادن سهاري اڃان پيو جيئان،

راهه تنهنجي نهاري اڃان پيو جيئان.

دل جي آشنا جي ڪشتي آ ساگر اندر،

من آ ڪيوٽ ته طوفان جو ناهي فڪر،

نيٺ پڄندس، ڪناري اڃان پيو جيئان.

تو هٿان غم ملي ائين ته منهنجو نصيب،

هر انگل آر سهندس تون هوندين قريب،

ڀل تون ٻارڻ ڪو ٻاري، اڃان پيو جيئان.

دل جي چاهت ڏسي موت راهي ٿئي،

غم مان ڪا پل ته عاشق کي ساهي ٿئي،

ڪيسن پڇيس اُٿاري، اڃان پيو جيئان.

آئون ’مسڪين‘ آهيان تون ماڻهو وڏو،

سگهه حجت جي ڪري آ ڪيم ڪم جڏو،

بس ٻٽا لڙڪ هاري، اڃان پيو جيئان.

غزل

دل لڳائڻ دلربا، اهو درد جو دستور آ،

تنهنجي چاهت ۾ چريو ٿيس من ٿيو مجبور آ.

 

دوبدو ديدار ڏي ڪا دل ريا کولي دري،

سينو سيني سان ملائي بس وجهان ڀاڪر ڀري،

من جگر جيرا ۽ بڪيون چاهه ڪيڙم چورا آ.

 

جاني من مون ساڻ جيئري ڪجهه گهڙيون گڏ گهار تون،

ور وسيلو ٿي تون منهنجو واڳ پنهنجي وار تون،

آهه زاري سان اچان ٿو ڏيهه ڏوريو ڏور آ.

 

من گهُريا محبوب اڄ ’مسڪين‘ کي ميلو ڪراءِ،

نيڻ نيڻن کي نهارين وصل جو ويلو ڪراءِ،

ملڪ ساري ۾ هلي نالو ٿيو مشهور آ.

 

زين کوسو

جوهي

 

 

 

 

سرد جنگ

سير جي سوڙهه ۾

سڪتي ۾ وهندڙ لهرون

ڪنارا

واري مٿي ۾ وجهي

ماتم ڪندي نظر اچن ٿا

نالي ماتر ٻيلن جا وڻ

حسرت منجهان

ڪي پل پاڻ کي

ته ڪنهن گهڙي

سير ۾ رهندڙ هيسيل/سهميل

لهرن کي ڏسن ٿا

پنهنجي جوڀن کي

ياد ڪري

ڏرا  ڪري ويل ڏيل

سڪي ويل نيڻن منجهان

مايوسي ۽ مجبوري جا

نير وهائڻ چاهن ٿا

پر دائمي درد جي شدت

کانئن اهي لڙڪ به کسي ورتا آهن

نانءُ وڏو ديهه ويران

افسوس دادلي

درياهه جو

سنڌوءَ  جو

جيڪو پنهنجي بقا جي

جنگ وڙهڻ ۾ سرگردان آهي

ها سرگردان آهي

جنگ جيڪا خانه جنگي واري

صورتحال اختيار ڪري وئي آهي

سرد جنگ ها سرد جنگ.

 

منٺار علي هوت

جهڏو

 

 

 

 

غزل

نماڻن ڏي کڻي نظرون نهاريندين ته خوش هوندين،

اڱڻ تي ڏيئي پرين پيرا پڌرايندين ته خوش هوندين.

آهيان دم دوست ڪو دلبر مٺا مهمان دنيا ۾،

اچي جيئڙو جڏو جاني جياريندين ته خوش هوندين.

ٻُڌي تون موت منهنجي جو لڙي لک لئه اچي جاني،

هنجون منهنجي جناري تي جي هاريندين ته خوش هوندين.

ڪيو تو وعدو هو قبر تائين مان هليو هلندس،

اهو وعدو پرين پنهنجو پاريندين ته خوش هوندين.

ڪري داخل مٺا ڌرتي اندر ’منٺار‘ پنهنجي کي،

هٿن سان ’هوت‘ تي واري جي واريندين ته خوش هوندين.

*

مٺا آ ته هلون ٻئي پاڻ مٺي گڊي ڀٽ تي گهمون،

ڏاڍي ساوڪ سهڻا آهي سٺي گڊي ڀٽ تي گهمون.

لاڙا اُتر ڪاڇو آيو آ گهمڻ،

ڇڏ دير پرين سگهو آ تون سڄڻ،

سنڌ ساري اچي ٿي آهي ڪٺي گڊي.

وٺا مينهن مُهر تي ميلا متا،

روهيڙي به جهليا گل پيلا رتا،

اڳ رونق اهڙي مون ڪانه ڏٺي گڊي.

ٿيو هيل ڀلو وسڪارو آ،

سٺو ٿر جو ٿئي پيو نظارو آ،

آئي مون ڏي مارن کان ڪالهه چٺي گڊي ڀٽ.

ٻوهه ٻير ٻٻر ڪنڊا ڪرڙ ڦٽا،

کائون کير مکڻ پيئون ڌونئرا کٽا،

رات ڀٽ تي آ برسات وٺي گڊي ڀٽ.

ڏينهن رات آ تنهنجي سار مٺا،

منٺار پنهنجو نه وسار مٺا،

برهه تنهنجي اندر ۾ ٻاري بٺي گڊي ڀٽ تي گهمون.

 

مُستقيم ’بازيدپوري‘

ڪنڊيارو

 

 

 

 

 

غزل

سُور ئي ناسُور، ٿيندو ٿو رَھي،

ڪو نئون غَمُ روز ڏيندو ٿو رَھي.

 

نينھَن جو ھي ڪَھڙو دَستور آ؟ جو،

سَچُ اَڄُ به سوري تي، ويندو ٿو رَھي.

 

پاڻَ آھيون سُتا چارِ نَعرا ھَڻي،

ھو ڪَرونجهَر پَر ڪَٽيندو ٿو رَھي.

 

سَڀ اَنائون فَنا ٿي وَڃن ٿِيون ھا،

ھي عِشق بازَ ته جهَٽيندو ٿو رَھي.

 

اَڄُ به موکيءَ مَٽَ ڀَڳا ناھِن اَڃا،

ڪو مَتارَن کي سَڏيندو ٿو رَھي.

 

واٽَ ويندي پُٺيان ڀي ڏِسندي ته ڪَر،

راھَ تُنھنجي ڪو تَڪيندو ٿو رَھي.

 

ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ

شڪارپور

 

 

 

 

غزل

پيار ۾ ديوانگي منهنجي ڏسو،

يار سان وابستگي منهنجي ڏسو.

 

همقدم هردم صنم مون سان رهيو،

چاهه ۾ حيرانگي منهنجي ڏسو.

 

هڪ شهر کان ٻي شهر ڦرندو وتان،

هر گهڙي آوارگي منهنجي ڏسو.

 

نااُميدي جون لڪيرون ويون ڊهي،

پُرامنگ هي زندگي منهنجي ڏسو.

 

مان مقدر جو سڪندر ٿي پيس،

مختصر آسودگي منهنجي ڏسو.

 

شام تنهائي، ڏکن جو ڇانورو،

زندگي نج خانگي منهنجي ڏسو.

 

انتظاري بي قراري پوءِ ”مِلن“،

قرب ۾ هم آهنگي منهنجي ڏسو.

 

محبتي من سان ٻنڌڻ هرجا پرين،

هر جڳهه شائستگي منهنجي ڏسو.

 

رات ڏينهن ’عادل‘ گذاري سک ۾ پيو،

آمدني ۽ روانگي منهنجي ڏسو.

 

ساگر علي ميراڻي

نوابشاهه

 

 

 

 

 

غزل

مان جي حسين ناهيان افسانو منهنجو آ،

تون ناز ٿو ڪرين ڪر زمانو تنهنجو آ.

بيٺو ڪري جو آهي اُڀ تي اڃا اِهو،

چانڊاڻ وارو چنڊ سو خزانو تنهنجو آ.

توکي ڏسي پيار مان ٿو ٺري پوان،

تون ٿو پرين نه پر سو ترانو تنهنجو آ.

’ساگر‘ ضرورت ۾ شامل آن تون مگر،

چاهين نٿو ملڻ سو بهانو تنهنجو آ.

 

غزل

منهنجي دل جو راڻو ڏس،

موتين جهڙو داڻو ڏس.

درد ڏنو تو اٿليو هي،

دل جي چاڪ پراڻو ڏس.

رهندو منهنجو شام صبح،

تولئه روح ويڳاڻو ڏس.

آندو تولئه رات سکي،

ڀرت ڀريل هي وهاڻو ڏس.

پرديس ڇڏي تون ’ساگر‘ آ،

پنهنجو ديس اباڻو ڏس.

 

ياسين ڪنڀر

پنوعاقل

 

 

 

 

خدا تي ايمان

 

جنهن جو خدا تي ڪامل ايمان ٿي ويو،

عزت ڀريو سو بيشڪ انسان ٿي ويو.

 

جو در ڇڏي ڌڻيءَ جو در غير جي ويو،

ان جو ته سودو سارو نقصان ٿي ويو.

 

توحيد ربَّ جي من ۾ جنهن جنهن ويهاري آ،

رحمت سان پُرِ اُنهيءَ جو دامانُ ٿي ويو.

 

جيڪو خدا ڏي آيو جيڪو خدا جو ٿيو،

اُن جو ته پڪ سان سارو رحمٰنُ ٿي ويو.

 

درجا بلند اُن جا ٿين ٿا جهان ۾،

جيڪو خدا جي نالي قربانُ ٿي ويو.

 

جنت سِڪي ٿي اُن لئه سنت تي جو هليو،

مدنيءَ مٺي جو جيڪو مستانُ ٿي ويو.

 

الله پاڪ جو جيئن سهڻو رسولُ ٿيو،

بُوبڪررضه عُمررضه، حيدررضه، عثمانرضه ٿي ويو.

 

نصرت پُڳي خدا جي ’ياسينُ‘ اڏجي ويو،

الله جو اُنهيءَ تي احسانُ ٿي ويو.

 

عبدالمالڪ’عبد‘ چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

 

ڌرتيءَ جي دانهن

محبتن جون چوين جيڪو معراج ٿو،

سنڌ منهنجي اها اڄ سُڪي ٿي پئي.

ها اها سنڌ گگدام شامن اندر

جنهن ته پنهنجن کي پاليو پراون کي آ

جيءَ ٻولي جتي جيءَ لولي جتي

ٿي وکر وانگي روزانو واپار ٿئي

تون به سنڌي ادا مان به سنڌي ادا

ڇا ته لفظن ۾ مُرڪيو ٿي مهڪار ٿئي

پر ڪيان مان ته آخر ڪيان ڇا ڀلا

هانءُ منهنجو ڏري دل به منهنجي ڏکي

لڙڪ دستياب هن ڪونه پاڻي ملي

ڄڻ اکين جي اڳيان ٿو ڦري ڪربلا

پدمڻين جي به پيرن ۾ ڇالون ڏسي

منهنجي اکڙين جا ٻئي پاند آلا ٿيا

هو جي پرده نشين هئا وڏي ڳوٺ جا

غيرتن جي گهٽين ۽ وڏي ڪوٽ جا

لپ پاڻيءَ جي لئي ڪلهه قطارون ڏٺم

مثل شبنم به رخسار زارون ڏٺم

هي وڏيرا سڏيرا ۽ ڪمدار سڀ

هي شرافت جي ماسڪ ۾ مڪار سڀ

سنڌ جيجل جا ازلئون هي غدار سڀ

هي لٽيرا ۽ لوٽا به لوٽار سڀ

تن جو جهنم وڏو پيٽ ڀرجي نٿو

ڌيان مظلوم تي ڪوبه ڌرجي نٿو

پر اها ڀي عجب ڳالهه آهي خدا

تن کي حق جو گراهه ڪوبه گهرجي نٿو

سڀ اميدون ۽ چڪنا ويا چور ٿي

ڪنهن ۾ ڪهڙو ڪيون تون ٻڌاءِ آسرو

پر اهائي نماڻي اٿئون التجا

سنڌ آباد ۽ سنڌ شاداب ٿئي

ٿر جو ڀورو بدن ڀي ڍڪي اي خدا

سائي چادر وري مرڪ مهتاب ٿئي

آسمان ۾ ستارا ڪراچي شهر

بارشن جي به موتين جي اپٽار ٿئي

سنڌ وسندي رهي سنڌ مرڪي پوي

منهنجي ڌرتيءَ تي جنت به ٺهندي رهي

سنڌ وسندي رهي سنڌ مُرڪي پوي.

 

اعجازعلي شاهه رضوي

حيدرآباد

 

 

 

شان شهباز قلندر

اي قطب عالي وقار، آلِ پيمبر شهباز قلندر،

حسنين جا حبدار حيدرِ سنڌ دلدار شهباز قلندر.

 

آ فرش کان عرش تنهنجو شان دوبالا،

اقليم ولايت جا شهنشاه مظفر شهباز قلندر.

 

تو ڪُفر، باطل ۽ بدعت جو نام مٽايو،

دينِ اسلام جو سنڌ ۾ فروغ وڌايو شهباز قلندر.

 

شهبازي نظر آ گهڻو سنڌ ۾ فيض رسايو،

مروند کان آئين مهراڻ ۾ روحاني ٿئين رهبر شهباز قلندر.

 

در تنهنجي اچي جيڪو سوالي ويندو نه سو خالي،

ڪَر فيض جي دولت عطا تون تونگر شهباز قلندر.

 

تون نينهن ۾ نِروار تنهنجي آ بلند پرواز،

اي قطبِ زمان غوثِ زمان واقف اسرار شهباز قلندر.

 

ٿي درگاهه تنهنجي زيارت جي جاءِ ڏسڻ سان ٿيا تنهنجا متعرف،

دلين ۾ بلند پايه، حقيقت جي درياءِ ۾ تون غريق شهباز قلندر.

 

ناساز ٿيون حالتون سي ساز بڻائج هي عرض اگهائج،

تون سنڌ ۽ ’اعجاز‘ تي ڪرم نظر ڪر شهباز قلندر.

 

اورنگزيب عاجز

سکر

 

 

 

نعت

برو ڀنڀور هئو سارو اچي عربيءَ اجاريو آ،

نه ڪو ڄمندو نڪي ڄائو اهڙو ته ڄام ڄائو آ۔

 

نڪي تهذيب ڪائي هئي، نڪي راڻي راڻو هو،

رڳو انڌير نگري ۾، ظلمت جو ته گهاڻو هو،

پيو پوءِ ساهه سانگين ۾، جڏهن کان آرياڻي آيو آ.

 

ڇڏيندا پوري نياڻيون ها، اهڙي جاهل ته ملت هئي،

وڏائي ڪوڙ تڪبر ۽ ڪنهنجي محفوظ نه عزت هئي،

اڳيان اهڙن انڌن اونڌن اچي ڪنڌ  به نوايو آ۔

 

سڄو ڪعبو هئو ڀريل بتن ناپاڪ بڇڙن سان،

ڪيو پوءِ پاڪ پرور هو، اچي پنهنجي ته هٿڙن سان،

ختم ٿيو دور باطل جو سچائيء وارو وڄايو آ۔

 

نڪو ڪارو ڀلو آهي نڪو ڀورو ڀلو آهي،

نڪو عربي مٿاهون آ نڪو عجمي ڍلو آهي،

خدا وٽ سڀ برابر هن ڀلو متقي  ٻڌايو آ.

 

مبارڪون لک امڙ توکي امان آمنه عربي جون،

فرشته حورون جنت جا کڻي خوشبو گل آيون،

ٿيو روشن سمورو ڏيهه اڄ محمد ڄام ڄائو آ۔

 

اهو احسان آ رب جو مليو ڀاڱي ۾ ڀورل جي،

پڙهون صلوات صلي علئ سدا سلام آ مزمل تي،

خدا آهي ڪرم تنهنجو رحم جو زيب سايو آ.

 

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

وارهه

 

 

 

 

غزل

بي بقا  ۽  بي ثمر  تي  ڪين ڪُڏُ،

هن حياتي مختصر تي ڪين ڪُڏُ.

 

بي مُروت،  بي ڳُڻن  کان  ڀڄ پري،

بي ادب  ۽  بي اثر تي ڪين ڪُڏُ.

 

بي حيا ۽ بي وضع، بي شرم ڄاڻ،

بي وَڙي  ۽ بادسر  تي ڪين ڪڏُ.

 

باب پڙھ تون برھ جو با دِل سدا،

بات  بيهودي  بتر  تي ڪين ڪڏُ.

 

بادسنج، باتِر ڪري بڪواس ٿو،

بي ڍَنگي ۽  بدنظر تي ڪين ڪڏُ.

 

بد نما ۽  بد نسل،  بدگو  کان  ڀڄ،

بد فضيلت با اثر  تي ڪين ڪڏُ.

 

بدڪلامي، بدگماني جنهن جي بات،

بدلحاظ  ۽  بد گُهر تي ڪين ڪڏُ.

 

بيت  پڙھ اڪبر جا  بهتر  باربار،

بي بقا ڌن  بيشتر تي ڪين ڪڏُ.

 

بي سخن، بي ديدتي اڪبر ڪڏهن،

بي ڌرم  ۽ بي خبر تي ڪين ڪڏُ.

شمس صابر

روهڙي

غزل

سَدا سُهڻا لڳن دل کي، سندم دلدار جا سهرا،

مبارڪ يار مٺي منٺار، نيڻن ٺار جا سهرا.

 

مٺي محبوب ماڻي آ، وصل جي رات اڄ يارو،

فِضا پڻ مسڪرائي پئي، پَسي منٺار جا سهرا.

 

اَيامن کان هئي جيڪا، ٿي پوري آرزو پَل ۾،

وَسن بادل صحرا ۾، رُخ انوار جا سهرا.

 

نشيلا نيڻ نِرمل جا، مثل مهراڻ ٿو ڀانيان،

گهڻا گهِرا ۽ پوتر پاڪُ، هيئين جي هارَ جا سهرا.

خوشين دامنُ ڦهلايو، خزان ۾ اڄ بهارُ آيو،

محوِ رقص مالهي آ، گُل و گلزار جا سهرا.

ٿيو مشهور مُلڪن ۾، مقدر جو سڪندر ’شمس‘،

کڻي چشمن تي چايا، جنهن سڄڻ سردار جا سهرا.

 

قطعو

ظُلمتن جي رات ڪارِي کي تَڙي،

اَمُن جو سورج اُڀاريو دوستو!

 

وقت جي آهي ضرورت اڄ وري،

ڏاڍَ جو ڏائڻُ ڏڪايو دوستو!

 

نفرتن جي آبياري جن آ ڪئي،

تن مڪارن کي مٽايو دوستو!

 

فريد گل شاعر

سجاول

غزل

دنيا نه جيئڻ ڏيندئي ماڻهن کي ڇڏي ڏي تون،

دل جيڪو چوي ڪر سو ليڪن کي ڇڏي ڏي تون.

مضبوط ارادن کي ڪمزور نه ڪر پاڻهي،

رک لڄ مُحبت جي رسمن کي ڇڏي ڏي تون.

اڄ تائين هُو توکي سمجهي نه سگهيا آهن،

نظرون نه پڙهي ڄاڻن اهڙن کي ڇڏي ڏي تون.

پنهنجو پاڻ کي تون ثابت ڇو چريو ڪرين ٿو پيو،

معمولي ڳالهين تي بحثن کي ڇڏي ڏي تون.

سالن کان پوءِ هُن کي اڄ ياد ’فريد‘ آيو،

خطڙي ۾ لکيئين منهنجين غلطين کي ڇڏي ڏي تون.

غزل

سُتل آ گهر سمورو پر مون وارا نيڻ جاڳن ٿا،

اچي ٿو ڪو خيالن ۾ ڪنوارا نيڻ جاڳن ٿا.

اکين جي خواب گاهن ۾ ڪري ٿي رقص بيتابي،

رڳو آ جاڳ جو منظر ستارا نيڻ جاڳن ٿا.

هزارين روپ ڌاري ٿي اکين جي شهر جي موسم،

بدلجن رنگ تصور جا نظارا نيڻ جاڳن ٿا.

حياتيءَ جي پيرن کي ٿو رولي مايوسيءَ جو صحرا،

صدين جي پياس ٿي ڀٽڪي اُڃارا نيڻ جاڳن ٿا.

اندر جي بيقراريءَ جو ٻُڌايان توکي عالم ڇا،

ورايان رات ڀر پاسا ويچارا نيڻ جاڳن ٿا.

 

فقير محمدبخش’ضامن‘

کاڻي (کپرو)

 

 

 

 

غزل

انڌاري را ڪاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،

اسان هڪ لاٽ ٻاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

طلب سا ڪانه آ ورنه، خدا وارن جي جاين تي،

اهوئي فيض جاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

اچڻ جا آسرا ڪيئي، وري واعدو مليو آهي،

اهائي انتظاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

ٻڌيو ڪن مان وڃي نڪريو، عمل ڏاڍو ڏکيو آ جو،

سچي جا ڳالهه کاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

ٿيا حالات اهڙا جو، پريشاني ۾ آ هرڪو،

عجب ماحول طاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

ڪڏهن ڪمدار جي آڏو، ڪڏهن ڀوتار جي آڏو،

ٿيو مجبور هاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

حياتي چند ڏينهن آهي، ڪمائين جي ڪمائڻ لاءِ،

مهل هيءَ جا موچاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

ڪهي آيا قرب مان هت، مڙيا هي محبتي ماڻهو،

بلاشڪ ٿي بهاري آ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

ڪافي

ساجهر ٿيءُ سجاڳ مسافر،

ماڻين من ڪو ماڳ مسافر.

غافل ويٺو وقت وڃائين،

نفس ندورو نيٺ نمائي،

بهتر ٻوڙ پلاون کان آ،

ريجهي راءُ ڏياچ پوي من،

موچارو هت ملندو توکي،

ورد ڪجائين هردم ويٺو،

جيڪر ٺهيو مشڪل ڊهندو،

’ضامن‘اٿئي زور وار جي،

جلدي هاڻي جاڳ مسافر.

وٺجان انجي واڳ مسافر.

پنهنجو سادو ساڳ مسافر.

روح سان ڳائج راڳ مسافر.

لاشڪ ڪوئي لاڳ مسافر.

وِرهه وارو ويراڳ مسافر.

دل تي ڪوئي داڳ مسافر.

پوءِ ڀلو ٿئي ڀاڳ مسافر.

ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪوٽڏجي

 

 

 

 

 

نظم

جڏهن هن پراڻو ڪتاب کنيو

ته ڪتاب جا سڀ ورق

اُداس ٿي ويا

هُو ڪتاب جي پنن کي

ڏسندو رهيو

جيڪي ڪنهن وڃايل رستي تي

مسافر جيان پريشان هئا

سندس خيالن جا پکي

اُداسين جي پڃري مان

اُڏامي وڃي سوچن ۽

ساروڻين جي وڻن تي ويٺا

هُو يادن جي سمنڊ ۾

ڪنهن تاڪ نڪتل ٻيڙيءَ

جيان ٻُڏندو ۽ ترندو رهيو

سندس ڀر ۾ پيل چانهه جو

ڪپ، پراڻوڪتاب ۽

هن جي چهري جي اُداسي گهٽ نه ٿي.

غزل

سرنهن پيلاڻ آ يارو، رڳو سرهاڻ آ يارو.

کلي هُن جيئن ڏٺو، ٿي ويو عشق اُهڃاڻ آ يارو.

سمورو ڳوٺ ٿو مهڪي، متو مهراڻ آ يارو.

بڻيل خوشبوءِ جيئن سهڻل، سڄو پهراڻ آ يارو.

منهنجو سڀڪجهه اهوئي آ، پرين چانڊاڻ آ يارو.

رهن آليون اکيون منهنجون، نه جي هو ساڻ آ يارو.

وڇوڙو هانوَ ڏاري ٿو، اکين آلاڻ آ يارو.

پيو هي پنڌ مان ڏوريان، انهي جي ڪاڻ آ يارو.

 

گل ٽکڙائي

ٽکڙ

 

 

 

 

غزل

پنهنجي بيان جي ڪا ترديد ڪونه ٿيندي،

۽ فڪر تي اڀاڳي تعزير ڪونه ٿيندي.

مظلوم حسرتن جي هت ڳالهه ڪهڙي ٿيندي،

بيوس ڪڏهن وفا جي تقدير ڪونه ٿيندي.

جذبات جي دنيا ۾ ماڻهو رهن ٿا گُم سُم،

پن ڇڻ جي رُت ۾ آلي تصوير ڪونه ٿيندي.

تاريخ جي بدن تي پوشاڪ ميري آهي،

سوچن جي ڪابه هڪڙي تفسير ڪونه ٿيندي.

نازڪ مزاج ماڻهن پنهنجي ادا لٽائي،

ڪنهن چؤدڳي تي تن جي تصوير ڪونه ٿيندي.

لوفر جڏهن کان سپنا جهيڙو اچن ٿا جوٽڻ،

تڏهن انهن تي پنهنجي تحرير ڪونه ٿيندي.

خوشحال چاهتن کي بيڪار ڪير چوندو،

ڪمهاڻا ماڻهو تن جي تقرير ڪونه ٿيندي.

يادن جي تهه ۾ هڪ شخص دربدر ٿيو،

هن ڀاڳ ۾ انهيءَ جي تنصير ڪونه ٿيندي.

پنهنجي دنيا اجاڙي ويٺا جوان جذبا،

دلدار  دلبري جي تشهير ڪونه ٿيندي،

خوشبو اجايو پنهنجي لڙڪن کي لاڙي پئي،

خوابن جي خوبرو ڪا تعبير ڪونه ٿيندي.

سچ سونهن تي سدائين تهمت جا تير آهن،

دل دلربا جي ڪڏهن دلگير ڪونه ٿيندي.

’گل‘ ڏوهه جي بنائي آهي رسن ۾ جڪڙيل،

هاڻ انهي جي لاءِ تدبير ڪونه ٿيندي.

 

دين محمد ’سُجاڳ‘ پلي

لطيف نگر، عمرڪوٽ

 

 

 

 

نعت شريف

حمد کان پوءِ رکي ٿي شانُ نعت،

مرتبو بيشڪ مٿانهون مانُ نعت.

 

آيتون سڀ سورتون ساراهه ۾،

فيض ور سارو سچو فرقان نعت.

 

مؤمنو محبوبصه جي مالڪ ڪري،

ٿو سچو ايمان سان سبحان نعت.

 

رب مٺي جون رحمتون ۽ برڪتون،

ان مٿي جيڪو ڪري انسان نعت.

 

زندگي تحقيق تن جي ڪامياب،

حمد جن جو دين ۽ ايمان نعت.

 

آ ثنا مصطفيٰصه جي لئه لٿو،

پاڪ موليٰ جو مٺو قرآن نعت.

 

چهچٽو هرهڪ چمن ۾ ڏس ’سجاڳ‘،

ٿو ڪري هر باغ ۽ بستان نعت.

 

هل پارڪ جون هوائون کائيندي ۽ ڪافي پيئندي هن کي مون ڪيترا دفعا ڳالهين ڪاڻ ڇيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڇلڪڻ جو نالو ئي نه ورتو هو. تڏهن مون دل ۾ سوچيو ته مون کي منجهانئس اهڙي اميد ئي نه رکڻ گهربي هئي، اَڪن کان اَنب گهرڻ وارا بيوقوف هوندا آهن، ۽ مون به تڏهن پاڻ کي بيوقوف ڀانيو هو!

پوءِ الائي ڪهڙيءَ ريت ڪو دلچسپ موضوع ڇڙيو هو. بحث ڇڙيو ته هوءَ به کُلي پئي هئي، ائين جيئن سنڌوءَ جي پَوتِر پاڻيءَ جا بند ڀڳا هجن. هن جي گفتار ۽ خيالي پرواز پسي مان دنگ رهجي ويو هوس. حيرت کاڌي هئم ان ’پراڻي شئي‘ تي، جنهن ۾ ايڏو علم ۽ عرفان، ادب ۽ تهذيب جو اَکٽ درياء موجزن هو. ان گهڙيءَ هن آڏو مون پاڻ کي حقير ڪک جيان ڀانيو هو، جو سندس وهڪري آڏو لڙهندي ٿي ويو. پر تڏهن به لڙهندي لڙهندي مون سندس لاءِ عقيدت وچان سوچيو هو، هيءَ قديم شئي پنج هزار سال اڳ به تازي هئي ۽ سڀان به تازي رهندي، وقت جي هر وک هن جي قدامت کي نواڻ ۽ تازگي بخشيندي ۽ هن جي جوڀن کي جياريندي. هيءَ شئي اَمر هئي ۽ اَمر رهندي. ماکي جيئن پوءِ تيئن مٺي!

تڏهن ڀانيو هوم ته هن جي مقابلي ۾ منهنجي زندگي ته ڄڻ ٺوٺ ۽ بنجر ڌرتيءَ جو حصو هئي، جنهن تي اُن پَوتر پاڻيءَ جي پالوٽ ئي نه ٿي هئي، جنهن کي سندس ريج رکيو ويو هو، جنهن ۾ هيل تائين ڪو ساوڪ جو سلو سرجيوئي ڪونه هو. سوچيم منهنجي حصي جا سلا ته وڃي انهن گسن تي اُڀريا جت جت ان پوتر پاڻيءَ جا سهڪار هئا. ڀلا ريج بنا ڌرتي ۽ جوت بنا جيئڻ به ڪو جيئڻ هو!

خيرالنساءِ جعفري

رسالي ’مهراڻ‘ 2-3/1975ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org