ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
معلمن، ملاحن ۽ وڻجارن ذريعي اسلام جي تبليغ
محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هيءُ
مضمون ”سنڌ هجري ڪانفرنس“ ۾ پڙهيو هو، جيڪو انهي
ڪانفرنس جي ڇپيل ڪاروائيءَ ۾ آيل آهي. هيءَ
ڪانفرنس انٽرميڊئيٽ بورڊ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ
حيدرآباد جي آڊيٽوريم ۾ 18 ۽ 19 ڊسمبر 1981ع تي
منعقد ٿي هئي، هن ڪانفرنس جي صدارت جناب اي.ڪي
بروهي صاحب (چيئرمين هجري ڪميٽي ڪئي ۽ خاص مهمان
جناب عبدالرحيم طوچي (سفير الجزائر) هو. (ايڊيٽر)
عرب ملڪ ۾ اسلام ڦهلجڻ شرط اهل ايمان، استادن،
مجاهدن، جهازرانن، تاجرن ۽ سياحن جي روپ ۾ دنيا جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا. شروعاتي دؤر ۾ اسلام جي
علمبردارن ۾ خاص ڪري هجرت جي نظريه اهو جذبو
اڀاريو هو ته اسلام ۽ ايمان خاطر متحرڪ رهجي ۽ هڪ
هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ٿجي. ان جذبي تحت هو بنا چون
چران جي پنهنجا گهر گهاٽ ڦٽا ڪري بر ۽ بحر جا سفر
ڪري، انسان ذات کي خداءِ واحد جي بندگيءَ جي دعوت
۾ لڳي ويا ۽ مختلف اطراف ۽ اڪناف ۾ الله جي عظمت
جو نعرو بلند ڪيائون. جيئن ته هنن جو اهو مضبوط
عقيدو هو ته بر ۽ بحر الله جي ئي ملڪيت آهن ۽ هن
جي ٻانهن لاءِ اهي کليل آهن، ان ڪري جتي هو ويا ٿي
ته اتي هنن پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت ٿي سمجهيو. انهن
صالح بندن الله تي ڪامل ڀروسو رکي اسلام جي خاطر
جيڪي بحري سفر ڪيا، تن جو ئي اهو اثر ٿيو جو ايشيا
۽ آفريڪا جا ساحلي علائقا سڀ کان اول اسلام ۾ داخل
ٿيا. هنن علائقن ۾ اسلامي حڪومتن جو سياسي اثر
گهڻو رونما ٿيو.
تاريخ ۾ گهڻو ڪري مسلمان مجاهدن جي خشڪيءَ ذريعي
پيش قدميءَ جو ذڪر ملي ٿو ۽ نو آبادياتي دؤر جا
مـؤرخ جن جي ذهن تي فتوحات ئي ڇانيل هونديون آهن
سي ته هر حال ۾ خشڪيءَ ذريعي اسلام جي ڦهلاءَ کي
به جنگي فتوحات جو ئي نتيجو سمجهن ٿا. حقيقت اها
آهي ته ان دور جي مظلوم ۽ بد اعتقاد معاشرن ۾ جن
شين اسلام کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏني سي هيون مسلمان جو
ذاتي اخلاق، سندن جديد عقائد ۾ سندن انقلابي
اقدار.
سمنڊ جي سفرن ذريعي اوائلي مسلمانن جيڪي تبليغي
ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، تن تي هيل تائين ته پورو
توجهه ڏنو ويو ۽ نه انهن جو پوري طرح احاطو ڪيو
ويو آهي. موسيٰ بن نصير جي مغرب طرف پيش قدمي
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪري رڪجي ويئي آهي، پر طارق بن
زياد اهو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو جو هو سمنڊ پار
ڪري اسپين ۾ وڃي وارد ٿيو. جنهن شيءِ اسپين ۾
اسلام پهچايو سا محض طارق جي فوجي قوت نه هئي بلڪ
اهو هن جو ڪامل ايمان بالله ئي هو جنهن هن کي
سمنڊ پار ڪرڻ ۽ ٻيڙين کي ساڙائڻ لاءِ آماده ڪيو.
هيءَ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته سامونڊي ٻيٽن،
ساحلن ۽ سامونڊي ڪناري وارن ملڪن ۾ اسلام جي
ڦهلاءَ جو مکيه ڪارڻ اسلام جو منصفانه، روادارانه
۽ آفاقي نظام حيات ۽ مومنن جو ذاتي ڪردار ئي هيو.
مسلمانن ايشيا ۽ آفريڪا جي سامونڊي ڪنارن سان جيڪي
عظيم الشان بحري سفر ڪيا سي ان حقيقت جي نشاندهي
ڏين ٿا.
ڏوراهان ساحل ۽ پرانهان پنڌ:
مسلمانن مردن ۽ عورتن تاجرن ۽ ملاحن ايمان جي قوت
۽ زور تي ڏورانهن ساحلن ۽ پرانهين منزلن لاءِ
نهايت ڊگها ۽ هولناڪ سامونڊي سفر ڪيا. هنن اوڀر
آفريڪا ۽ ايشيا جي ساحلن تي نهايت دور دراز منزلن
لاءِ لنگر کنيا. هن سلسلي ۾ تاريخ جي صفحن ۾ گهڻو
ڪجهه مواد موجود آهي. پر اهڙو مواد اڃان تائين
پوريءَ ريت شايع نه ٿيو آهي. هن کان اڳ جو مسلمانن
جي عظيم ڪارنامن ۽ ڪاميابين جا اصل اسباب بيان
ڪريان، آءُ اهو ضروري ٿو سمجهان ته زمان ۽ مڪان جي
لحاظ کان انهن انسانن جيڪا هيبتناڪ جدوجهد ڪئي
هئي، تنهن جو ڪجهه وستار ڪريان ته جيئن قارئين ۽
سامعين کي حقيقي صورتحال سمجهه ۾ ويهي.
(الف) آفريڪا جو مشرقي ساحل:
مسلمان سمنڊ ذريعي آفريڪا جي مشرقي ساحل تي
ڏاکڻئين طرف اڳتي وڌي ويا ۽ زيد بن عليؒ جي خروج
کان پوءِ نائين صديءَ جي پڇاڙي ڌاري اتي بستيون
قائم ڪيائون. ڏهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري هنن
”مگد شو“ شهر جو بنياد وڌو. هيءُ لفظ اصل ۾ ”مقدس“
آهي، پر بعد ۾ بگڙجي ”مقدقسو“ جي صورت ورتائين.
انهيءَ زماني ڌاري مسلم تاجرن ۽ ميربحرن جي آفريڪا
جي اڀرندئين ڪناري تي آمدرفت گهڻو وڌي ويئي. ايتري
قدر جو عربستان ۽ ايران جي بندرگاهن تان هلندڙ
جهازن لاءِ هيءَ هڪ اهم سامونڊي شاهراهه بنجي
ويئي. يارهين صدي عيسويءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ سلطان
حسن شيرازيءَ جي سرڪردگيءَ ۾ مسلمانن جو هڪ
مختصرگروه هرمز بندر کان مشرقي آفريڪا ڏانهن روانو
ٿيو. هي مرد مجاهد ”مگد شو“ کان به اڳتي وڌي ويا ۽
پنهنجو سفر ڏکڻ ڏانهن جاري رکيائون. بالآخر هُو
زنريبار ۾ وڃي لنگر انداز ٿيا اتي ”ڪلوعـﮧ“ جي شهر
جو بنياد وڌائون.
انهيءَ زماني ۾ جزائر قمر ۾ اسلام پهتو جنهن ۾
مايوط، انجوئين، محلي ۽ گرانڊ قمر جا چار ٻيٽ به
شامل آهن. ازانسواءِ مشرقي آفريڪا جي ساحل ۽ مڊغا
سڪر جي ڪيترن ئي ننڍن ٻيٽن ۾ اسلام وارد ٿيو.
مڊغا سڪر ۾، ابتدائي صدين ۾ ڏکڻ اوڀر واري ساحل تي
مسلمانن تاجرن ۽ ملاحن جي ذريعي، سڀ کان پهريان
”ائنٿمورونا“ قبيلي ۾ اسلام جي روشني پهتي. سورهين
صدي عيسويءَ ۾ جڏهن نوآبادياتي طالع آزما هن ٻيٽ ۾
نازل ٿيا تڏهن اتي چڱي خاصي تعداد ۾ مسلمان موجود
هئا.
مشهور ملاح بزرگ بن شهريار
رقمطراز آهي ته ڏهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري زنج
(زنريبار ۽ آس پاس جو علائقو) جي ماڻهن پنهنجي
بادشاهت سميت اسلام قبول ڪيو هو. بزرگ وڌيڪ پاڻ
اها شاهدي ٿو ڏئي ته مسلمان تاجر وڏي تعداد ۾،
مشرقي آفريڪا جي ساحل تي زنج تائين عام جام ايندا
ويندا هئا.
بعد ۾ مسلمان ملاح اڃان به وڌيڪ ڏکڻ طرف وڌيا. هو
سفاله (يعني جديد دؤر جي پورچوگيز موزمبيق جي
ڏاکڻئين طرف جنوبي بيرا تائين) سامونڊي سفر ڪرڻ
لڳا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڪيپ جي انتهائي ڏاکڻين
علائقن تائين وڃي نڪتا.
(ب) ايشيائي سامونڊي ڪنارا:
عرب ملڪ ۾ اسلام جي آمد ۽ هڪ مضبوط اسلامي معاشري
جي قيام کانپوءِ اها ضرورت پيش آئي ته سفر ۽ تجارت
جي سامونڊي شاهرائن کي پرامن ۽ محفوظ بنايو وڃي ڇو
ته ايشيائي سامونڊي ڪناري جي هند ۽ سنڌ واري حصي ۾
وڏي انداز ۾ سامونڊي ڌاڙيل رهندا هئا. سن 15 هجري
مطابق 636 عيسويءَ ۾ اومان جي گورنر عثمان بن
العاص الثقفي انهن بحري قذاقن کي سيکت ڏيڻ لاءِ
جرئتمنديءَ وارا اقدام ڪيا. هن پنهنجي ڀائرن جي
ڪمان هيٺ ٽي بحري آر ماڙ ٽن متعين منزلن ڏانهن
روانا ڪيا. هنن بحري آر ماڙن سامونڊي ڌاڙيلن تي
زبردست فتحون حاصل ڪيون
ممڪن آهي ته انهن مهمن ۾
مقامي حاڪمن پڻ مسلمانن جي مدد ڪئي هجي.
عثمان جا بحري ٻيڙا سنڌ جي ”ديبل“ گجرات جي ”پڙوچ“
۽ اڃان به ڏکڻ ۾ بمبئيءَ جي ويجهو ”ٿاڻي“ جي بندرن
تي لنگر هڻڻ کانپوءِ سلامتيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان
واپس پهتا.
سن 15 هجري مطابق 636 عيسويءَ ۾ مسلمانن قادسيه جي
جنگ ۾ ساسانين کي شڪست ڏني ان کانپوءِ ڏهن سالن جي
عرصي اندر ايراني سامونڊي ڪنارو ۽ ان جا بندر
اسلام جي دائري ۾ شامل ٿي ويا.
عرب ۽ ايراني ملاح ۽ وڻجارا ديني رشتي ۾ پاڻ ڳنڍجي
ويا ۽ هنن پاڻ ۾ گڏجي ڪري، اسلام جو پيغام ۽ وڻج
واپار ڏورانهن ڪنارن تائين وڃي رسايو.
اهڙيون قوي شاهديون موجود آهن ته اسلام جا
علمبردار پهرين هجري صديءَ ۾ ئي ايشيا جي ڊگهن
سامونڊي ڪنارن کي جهاڳي چيني ساحل تي وڃي پهتا
هئا. انهيءَ زماني ۾ عربستان کان ويندي سيلون
تائين اولهه ايشيا جي ساحلي حڪمرانن سان دوستانه
تجارتي تعلقات قائم ڪري ورتا هئا. سلون مسلمانن جي
هڪ مکيه منزل هوندي هئي ۽ اتي هنن پنهنجي هڪ وڏي
بستي پڻ قائم ڪئي هئي. سن 15 هجري مطابق 636
عيسويءَ کانوٺي هڪ طويل مدي تائين هن سامونڊي
ڪناري تي مسلمانن جي آزادانه ۽ مفيد تجارت جاري
رکي. پر 75 سالن گذرڻ کانپوءِ يعني سن 90 هجري
مطابق 709 عيسويءَ ڌاري سامونڊي ڌاڙيلن وري منهن
ڪڍيو ۽ سلون کان عرب علائقي ڏانهن ايندڙ مسلمان
تاجرن جي جهازن تي حملا ڪري ڦرمار ڪري ڪيائون.
انهن جهازن تي مسلمانن جو تجارتي سامان، عورتون ۽
ٻار سوار هئا. جڏهن سنڌ جي راجا ڌاڙيلن جي خلاف
ڪنهن به اقدام ڪرڻ ۽ مسلمان قيدين جي واپسيءَ کان
نابري واري، تڏهن آخري علاج طور، عراق جي گورنر
حجاج بن يوسف، محمد بن قاسم جي قيادت هيٺ هڪ مضبوط
لشڪر روانو ڪيو. سن 93 هجري مطابق 712 عيسويءَ ۾
سنڌ جي راجا ڏاهر شڪست کاڌي ۽ خود قتل ٿي ويو.
انهيءَ سال کان سنڌ پنهنجي مشهور ديبل بندر سميت
بني اميه خلافت جو هڪ پرڳڻو بنجي ويئي. هن واقعي
جي ڪري نه فقط ڌاڙيلن کي عبرتناڪ سبق ملي ويو پر
بصري کان وٺي ديبل تائين سمورو سامونڊي ڪنارو
اسلامي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. اهڙي طرح هڪ طويل ۽
پرامن سامونڊي ڪنارو مسلمانن جي قبضي هيٺ آيو ۽ ان
تي ابله (بصره) سيراف ۽ ديبل جي بندرن وڏي ترقي
ڪئي. هاڻي مسلمانن ان ڪناري کي پنهنجو مرڪز بڻائي
سلون کان به اڳتي پنهنجي تجارت ۽ سفر شروع ڪيا.
جيئن هو وڌيڪ ڏکڻ طرف هليا ته هندوستان جي سامونڊي
ڪناري جي ڪيترين ئي حڪومتن ۽ روشن خيال حاڪمن هنن
جي حمايت ڪئي ۽ ساڻن تعاون ڪيو.
مسلمانن انهن علائقن ۾ ڀڙوچ، کنڀات، ٿاڻه ۽ ڪولم
جي بندرن کي وڏي ترقي ڏياري اهم تجارتي مرڪزن ۾
تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان هرهڪ بندر ۾ مسلمانن
جون وڏيون بستيون قائم ٿي ويون.
جهڙي طرح پهرين صدي عيسويءَ ۾ سيلون تائين سفر ۽
تجارت چالو ڪيئي وئي هئي تهڙيءَ ريت ٻي صدي هجريءَ
۾ سلون کان مليشيائي ملڪن (موجوده انڊونيشيا،
مليشيا، ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام) سان نهايت ڪامياب
سامونڊي تجارت شروع ڪئي ويئي آهي.
بنگلاديش جي سامونڊي ڪناري تي مسلمان سڀ کان
پهريائين چٽگانگ جي علائقي ۾ پهتا. هن علائقي ۾ ئي
سڀ کان پهريائين مسلمانن پنهنجون بستيون قائم
ڪيون. چٽگانگ جي مقامي ٻوليءَ عربي لفظن جي
موجودگي، مقامي ماڻهن جا عربن جهڙا مهانڊا ۽ اتان
عباسي دؤر جي سڪن جو ملڻ اسان جي ان دعوى جو ثبوت
آهي. ياد رهي ته پهاڙ پور مان هڪ مئنامتيءَ مان ٻه
عباسي سڪا هٿ آيا آهن پر انهن کي فقط هڪ اتفاق به
سڏي نه ٿو سگهجي. هن ملڪ ۾ مسلمانن جي سياسي قوت
گهڻو وقت پوءِ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ محمود بختيار
خلجيءَ جي بهار ۽ بنگال فتح ڪرڻ سان رونما ٿي هئي.
هن دور ۾ اڃان به وڌيڪ اوڀر ۾ سوماترا، جاوا،
مليشيا ۽ موجوده ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام جي ساحلن تي
مسلمانن جي گهڻي اچ وڃ شروع ٿي. ڪجهه مسلمان سمنڊ
ذريعي چين تائين به وڃي پهتا. مسلمان ملاحن ۽
وڻجارن جي، سوماترا جي لاموري حڪومت، جاواجي بروص
۽ پانڊنگ واري ساحل، ۽ موجوده مليشيا جي بندرگاهن
تي گهڻي اچ وڃ ٿيڻ لڳي. انهن جي ذريعي اتي اسلام
جي تبليغ ٿيڻ لڳي ۽ سامونڊي ڪناري واري شهرن ۾
مسلمانن جون بستيون قائم ٿي ويون. ان کان اتر ڀر
خمر (ڪمبوڊيا) ۽ چمپا (ڏکڻ ويٽنام) ۾ ملائي نسل
وارين قومن مسلمانن جي وڏي آجيان ڪئي ڇو ته هنن هڪ
طرفه تجارت کي ترقي ڏياري ۽ ٻئي طرف هنن کي اسلام
جا آدرش سيکاريائون.
خمر (جنهن کي مسلم مؤرخن قَمَر يا قُمر ڪوٺيو آهي)
جنهن ملڪ کي اڄڪلهه ڪمبوڊيا سڏيو وڃي ٿو، تتان
مسلمانن جا جهاز مشرق طرف ڏکڻ ويٽنام ۾ چمپا جي
حڪومت (جنهن کي مسلم مؤرخن صنف سڏيو آهي) ۾ پهتا.
هيءُ ملڪ وڏي عرصي تائين مسلمانن لاءِ سلون ۽ چين
جي وچ واري علائقي ۾ هڪ نئون وطن بنجي پيو. چمپا ۾
مسلمان ٻي صدي هجريءَ ۾ آباد ٿيا. چين جي تاريخ جي
مطابق سال 59 - 954 عيسويءَ واري حصي ۾ پو ـ هو سن
(Piu
- Ho - Son)
يعني عبدالحسن چين ۾ چمپا جو ايلچي ٿي رهيو. تختين
۽ ڪتبن مان پڻ اهڙيون ثابتيون ملن ٿيون ته يارهين
صدي عيسويءَ ۾
چمپا جي ساحلي علائقن ۾ مسلمانن جون وڏيون بستيون
موجود هيون. باسي چمس جي ماڻهن سڀ کان پهريائين
اسلام قبول ڪيو. اتان جي مقامي ڳالهين جي مطابق
چمس جي ٻي دارالحڪومت سري بنوئي (Qui
-nh -oh
جيڪو انام ۾ ڦان ـ رنگ جو تخت گاهه هو) جو هڪ حاڪم
هوندو هو جنهن جو نالو پوـ الواه
Po - Alwah
(يعني عبدالله) هو. هن 1000 عيسويءَ کان 1036
عيسويءَ تائين راڄ ڪيو ۽ هن مڪي شريف ۾ وڃي حج به
ڪيو. يارهين عيسوي صديءَ جي هڪ عربي ڪتبي ۾ ”سلطان
محمود“ جو ذڪر ملي ٿو. هن چمپا ۾ هڪ خودمختيار
حڪومت قائم ڪئي هئي. اٽڪل چار سؤ سال پوءِ سال
1471 عيسويءَ ۾ چمس جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ اسلام
قبول ڪيو.
ٽين صدي هجريءَ کانپوءِ ملسمانن چمپا کان چين بلڪ
ڪوريا تائين وڏي پئماني تي سامونڊي سفر ۽ سامونڊي
تجارت شروع ڪري ڏني. هڪ طويل مدت تائين چمپا
مسلمانن جي لاءِ ڏکڻ ايشيا ۽ چين جي وچ ۾ هڪ منزل
وارو ڪم ڏنو. پر ڏهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري،
چمپا ۽ ڪوچين جي وچ ۾ لاڳيتن لڙاين جي ڪري مسلمانن
جو هڪ وڏو تعداد چمپا مان لڏي چين جي ڪوانگ چو
علائقي ۾ وڃي آباد ٿيو. مسلمان ان کان گهڻو اڳ چين
۾ پهچي چڪا هئا ۽ هن جا چيني عوام ۽ حاڪمن سان
بيحد دوستانه تعلقات هئا. انهيءَ ڪري هنن ڪئنٽان ۾
۽ چين جي ٻين بندرن ۾ پنهنجيون بستيون قائم ڪيون.
اتان هو ڪوريا پهتا جتي هنن پنهنجيون آباديون قائم
ڪيون. عباسي دؤر جو پوسٽ ماسٽر جنرل ابن خردادبه
جنهن 232 هجري مطابق 846 عيسويءَ ۾ پنهنجي تصنيف
لکي سو رقمطراز آهي ته چين جو سڀ کان پرانهون
علائقو شيلا (يعني ڪوريا) آهي جتان جي وڻندڙ آبهوا
جي ڪري مسلمان اتي گهڻو وڃن ٿا ۽ اتي آباد ٿي ويهي
رهيا آهن.
مسلمانن جي ڪاميابي جا اسباب :
مسلمانن جون اهي ڪاميابيون ۽ ڪارناما محض حادثاتي
يا اتفاقي نه هئا ۽ نه وري ائين آهي ته هو نالي جا
مسلمان هئا. هنن جو اسلام تي جيڪو پڪو ايمان ۽
مضبوط اعتماد هو سو ئي هنن کي پرانهن ڪنارن ۽
ڏورانهين منزل ڏانهن وٺي ويو. صاف لفظن ۾ ائين کڻي
چئجي ته الله کي رحيم، ڪريم، رزاق ۽ محافظ سمجهيو
ٿي. هنن جي اڳيان پيغمبر اسلام محمد ﷺ جن جي هجرت
واري واقعي جو مثال موجود هو ته پاڻ ڪيئن پنهنجو
گهر ٻار ڇڏي، ماڻهن کي دين جي دعوت ڏنائون. هو
واپار ۽ تجارت ذريعي حلال ۽ جائز روزگار جا گهورا
هئا. هو انساني، برادري، عدل، مساوات، رنگ ۽ نسل
جي امتياز کان پاڪ اسلامي تعليم مطابق مختلف
تهذيبن ۽ مختلف ملڪن جي انسانن سان ميل ميلاپ ڪرڻ
لاءِ هر وقت تيار هوندا هئا.
سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته هو علم، تعليم ۽
جهازراني جي هنر ۾ ٻين قومن کان وڌيڪ هوشيار هئا.
هنن ۾ لڳاتار سخت پورهئي ڪرڻ جو مادو هو ۽ هنن
ڳالهين اسلام خاطر بي لوث جدوجهد ۾ هنن کي قوت ۽
ڪاميابي عطا ڪئي.
قرباني ۽ ايثار جو جذبو:
رسول اڪرم ﷺ جن جي هجرت واري سنت جي نقشي قدم تي
هلندي اوئلي دور جي مسلمان مردن ۽ عورتن پنهنجي
پاڻ کي اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هو
پنهنجا گهر گهاٽ ڦٽا ڪري ڊگهن سفرن تي نڪري پيا ته
جيئن هو انهن قومن ۽ ملڪن تائين اسلام جو پيغام
رسائين جن جي هيل تائين اها سعادت نصيب نه ٿي هئي.
ملبار جي مسلمانن ۾ صدين کان هڪ مقدس روايت هلندي
پئي اچي جيڪا ڏيکاري ٿي ته ڪهڙي ريت مسلم خاندانن
ڊگها ۽ اڙانگا سفر ڪيا ۽ هو ملبار جي ساحل تي ڪيئن
پهتا ۽ ڪهڙيءَ پر اتان جي حاڪم ۽ رعايا تائين
اسلام جو پيغام پهچايائون. نامور ملباري اسڪالر
شيخ زين الدين (متوفي 992 هجري 1586 عيسوي) لکي ٿو
ته سڀ کان پهريائين ملبار جي ماڻهن سمنڊ جي
ذريعي ملبار جي ساحل تي آيل روائلي مسلمانن جي بي
لوث جدوجهد کان متاثر ٿي بنا ڪنهن زور زبردستيءَ
جي، پنهنجي آزاد راءِ سان اسلام قبول ڪيو هو، هو
صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته،
سلون ڏانهن مسلمانن جو هڪ گروه ڪادن ڪلور جي بندر
تي اچي لٿو ۽ اتانجي راجا شڪروتي فرمل (چڪرورتي
چيرمان پيرومل) جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. هن خوشبخت
راجا اسلام قبول ڪيو ۽ مسلمانن سان گڏجي بيت الله
جي حج ۽ روضه رسول الله ﷺ جن جي زيارت لاءِ روانو
ٿيو. هو شهر
جي ڪناري تي اچي لٿا. اتي راجا بيمار ٿي پيو. پر
مرڻ کان اڳ هن پنهنجي ساٿين تي زور آندو ته توهان
ملبار ڏانهن موٽي وڃو ۽ وڃي اتي اسلام جي تبليغ
ڪريو ۽ عبادت لاءِ مسجدون قائم ڪريو. هن پنهنجي
ماتحتن ۽ اهل خاندان ڏانهن هڪ وصيت نامو لکي ڏنو ۽
کين تاڪيد ڪيائين ته ڪدن ڪلور، درمفتن فدرينه ۽
ڪولم جي بندرن ڏانهن سگها وري وڃجو. راجا جي موت
کان ٻه سال پوءِ شرف بن مالڪ، هن جو ڀاءُ مالڪ بن
دينار، هن جو ڀائيٽيو مالڪ بن حبيب بن مالڪ، هن جي
زال قهريه ۽ سندس گهر جا ٻيا ماڻهو ۽ ويجها عزيز
سامونڊي سفر تي نڪري روانا ٿيا ۽ سمنڊ جهاڳي اچي
ڪدن ڪلور جي بندر تي لٿا. هنن تي واسطيدار ماڻهن
کي مرحوم راجا جو وصيت نامو ڏيکاريو. ان تي ماڻهن
هنن کي وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين رهڻ لاءِ زمينون
ڏنائون. مالڪ بن حبيب اتي ئي رهي پيو ۽ اتي هڪ
مسجد ٺهرايائين جيڪا ملبار جي سامونڊي ڪناري تي
پهرين مسجد هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ هو اتان منتقل
ٿي ڪولم ۾ وڃي رهڻ لڳو ۽ اتي به هڪ مسجد
ٺهرايائين. انکانپوءِ هو اسلام جي تبليغ لاءِ سفر
تي نڪري پيو ۽ هيلي ماواري، بڪنور، منجلور ۽ ڪنجر
ڪوٽ جي علائقن ۾ ويو ۽ انهن سڀني هنڌن تي مسجدون
قائم ڪيائين. اتان موٽي هو وري هيلي ماواري ۾ آيو
جتان سالياٽ جي سفر تي روانو ٿيو ۽ اتي به هڪ مسجد
اڏايائين. پوءِ هنن درفتن جو سفر ڪيو ۽ اتي به
مسجد کڙي ڪيائين. ان کانپوءِ ڪدن ڪلور ۾ موٽي آيو
جتان پنهنجي چاچي ملڪ بن دينار کي ساڻ وٺي انهن
سڀني مسجدن جي زيارت ڪيائون ۽ انهن ۾ نمازون
پڙهيائون.
جنهن راجا پهرين اسلام قبول ڪيو ان جي قبر ظفار
جي شهر ۾ موجود آهي. هن جي
قبر تي هڪ ڪتبو لڳل آهي جنهن تي لکيل آهي ته متوفي
عبدالرحمان الساموري سن 212 هجري مطابق 827
عيسويءَ ۾ ملبار مان نڪتو هو ۽ 216 هجري مطابق 831
عيسويءَ ۾ وفات ڪيائين. جيئن ته راجا جا مسلمان
ساٿي سندس وفات کان ٻه سال پوءِ ملبار ڏانهن موٽيا
هئا تنهن ڪري هو ڪدن ڪلور ۾ 219 هجري يعني 834
عيسوي سال ۾ آيا هوندا اهو پڻ امڪان آهي ته اها
قبر پوئين دور جي ڪنهن راجا جي هئي ڇو ته عام
روايت موجب ملبار ۾ اسلام ان کان اڳ پهتو هو ۽ چيو
وڃي ٿو ته حضور جن جي زندگيءَ جي زماني جي آهي.
علم ۽ تعليم:
ايمان، علم ۽ تعليم اسلام جا بنيادي اصول آهن.
انهيءَ ڪري مسلمان جتي به وڃي آباد ٿيا اتي تعليمي
ادارا قائم ڪيائون ۽ علم جي روشني پکيڙيائون ايشيا
جي سامونڊي ڪناري تي ديبل (سنڌ) ڀڙوچ، کنڀات ۽
سورت (گجرات) ماهم (بمبئي) ۽ فانان ۽ پوناني
(مليار) جي بندرن وڏي ترقي ڪئي ۽ اهم تعليمي مرڪز
بنجي ويا. ديبل جي درسگاهن علم حديث جا وڏا عالم
پئدا ڪيا. ابو جعفر ديبلي غالباً اهو پهريون عالم
آهي جنهن مڪاتيب المرسلين نالي پنهنجي
تاليف ۾ رسول الله ﷺ جن جا خط جمع ڪيا. مهائم ۽
فانان جي ساحلي تعليمي گاهن پنهنجي دور جا نامور
عالم ۽ فاضل پئدا ڪيا.
شيخ علاؤالدين علي المهائمي:
ابتدائي دور ۾ مسلمان بمبئيءَ جي ماهم واري حصي
مهائم ۾ اچي آباد ٿيا هئا. هڪ روايت موجب قريشن جو
هڪ ٽولو حجاج بن يوسف (متوفي 95 هجري) جي انتقامي
ڪارواين جي خوف کان عربستان مان نڪتو ۽ اچي هتي
آباد ٿيو. هن جي اچڻ سان بندرگاهه وڏي ترقي ڪئي ڇو
ته عربستان ۽ چين واري بحري شاهراهه جي وچ ۾ هئڻ
ڪري اتي مسلمانن جي ذريعي بين الاقوامي تجارت زور
ورتو. از انسواءِ مسلمانن جي اتي آباد ٿيڻ مان
مهائم اسلامي علوم جو مرڪز بنجي ويو ۽ جيستائين
برطانيه ان تي قابض ٿيو تيستائين هيءُ علائقو
اسلامي ملڪن جي مرڪز واري حيثيت رکندو آيو. شيخ
علاؤالدين المهائمي (776-835 هجري 1432-1374
عيسوي) ڪونڪاني مسلمانن جي نسل مان هو. هو پنهنجي
دور جو نهايت مشهور ۽ نامور عالم هو.
هن قرآن مجيد جو تفسير لکيو ۽ شافعي اصول فقه تي
پڻ هڪ ڪتاب تحرير ڪيائين.
شيخ زين الدين ابو يحيٰ:
وڌيڪ ڏکڻ طرف وڃبو ته ملبار جي سامونڊي ڪناري تي
ڪوشان (ڪوچين) ڪالي ڪوٽ (ڪاليڪٽ) فانان (پوناني) ۽
شالياٽ ۾ اوائلي مسلمانن جون بستيون نظر اينديون.
هي شهر علم ۽ هنر جا اسلامي مرڪز بنجي ويا هئا.
اسلام جي ابتدائي زماني ۾ علي بن احمد المعبري
نالي هڪ عالم ۽ اهل الله بزرگ ڪوشان ۾ اچي آباد
ٿيو هو. هن جي نسل مان قاضي زين الدين ابراهيم بن
احمد هن خاندان جي زين الدين شاخ جو جدامجد لکيو
وڃي ٿو. هو ڪوشان مان منتقل ٿي فانان ۾ وڃي رهڻ
لڳو، جتي هن جي خاندان ۾ 13 شعبان سن 873 هجريءَ
تي شيخ زين الدين ابو يحيى پئدا ٿيو. هيءُ صاحب هڪ
شهره آفاق عالم ۽ اهل الله هو. هن فانان ۾ هڪ
مدرسه، هڪ مسجد ۽ هڪ خانقاه جو بنياد وجهي هن شهر
کي هڪ عظيم تعليمي مرڪز بنائي وڌو. هيءُ مدرسو
ترقي ڪري ملبار جي هڪ مرڪزي درسگاهه (امهات
المدراس) بنجي ويو ۽ ساحلي علائقي، اندروني ملڪ ۽
ڀرپاسي وارن ٻيٽن جي طالب علمن جي علمي پياس
اجهائڻ لڳو. شيخ ابو يحيى عربي ۽ فارسيءَ جو گوهر
هو ۽ حديث جي علم ۾ کيس هڪ ممتاز حيثيت حاصل هئي.
هن ڪيترن ئي اهم ڪتابن جون شرحون لکيون آهن.
جهاز رانيءَ ۾ مهارت:
عربستان
۽ ايران جي ساحلن تي رهندڙ قومون ۽ قبيلا قديم
زماني کان وٺي سامونڊي تجارت ڪندا هئا. اسلام جي
آمد کانپوءِ عرب ۽ ايراني وڻجارا ۽ ملاح نئين جوش
و خروش سامونڊي تجارت ۽ سامونڊي سفرن ۾ جنبي ويا.
هنن ۾ علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپ هئي. هنن جهاز
رانيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ علمِ نجوم جو مطالعو
شروع ڪيو. هن ٽين صدي هجري ۽ پنجين صدي هجري (9
کان 12 عيسوي) جي وچ ۾ خاص قسم جي اوزارن ايجاد
ڪرڻ، جهاز راني جي چارٽن تيار ڪرڻ، معلمن ۽ ملاحن
کي تربيت ۽ سکيا ڏيڻ ۽ بندرگاهن جي بندوبست ۽ نظم
جي سلسلي ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. ڪتاب عجائب
الهند جو مصنف بزرگ بن شهريار (955ع) البيروني
(متوفي 443هه 1051ع) جا راوي الزنجاني الاماني،
شادان ۽ ٻيا ڪيترائي نامور جهاز ران هن دور جي
پئداوار آهن. ايندڙ ٻن صدين ۾ (6 ۽ 7 هجري 13 ۽ 14
عيسوي) يمن ۽ اومان جي ساحلن جا جهازران،
جهازرانيءَ جي علم ۾ پنهنجي وڏن کان به گوءِ کڻي
ويا سڀني کان وڌيڪ ناموري ۽ شهريت اومان جي جلفار
شهر جي رهندڙ ابن الماجد ۽ سندس هاڪاري ٻالڪي
سليمان کي حاصل ٿي. هو مهر بن حيدان جي يمني نسل
جا عرب هئا.
هنن کي جهازرانيءَ جي سائنس ۾ وڏو درڪ حاصل هو ۽
هنن قوس يعني ڪمان نالي هڪ اوزار
ايجاد ڪيو. هنن قياس نالي هڪ اوزار ٺاهيو
جنهن کي ڪمال پڻ سڏيندا آهن. هنن هڪ نهايت
ئي ترقي يافته ۽ پيچيده قسم جو جهاز رانيءَ جو
رهبر يا چارٽ تيار ڪيو ۽ ان کي ”رهنما“ سڏيائون.
ان کي برڪت خاطر ”رحماني“ پڻ ڪوٺيندا هئا. ابن
ماجد ۽ سليمان ملاحن ۽ جهاز رانن جو هڪ اهڙو گروه
تيار ڪيو جيڪو سترهين صدي تائين وچ اوڀر کان چين
تائين بحري شاهراهه تي سامونڊي سفر ڪندو رهيو.
جيتوڻيڪ پورچوگيزن مسلمان جهاز رانن کي ڪافي نقصان
رسايو، پر هنن جا سامونڊي سفر جاري رهيا. ڏکڻ
هندستان جي ڊاڪوس قبيلي جي ڪونڪاني شاخ ۽ تامل
ٻولي ڳالهائيندڙ ڪوليا (چوليا) قبيلي جي مسلمانن
جهاز رانن ڪجهه اهڙا رڪارڊ ڇڏيا آهن جن مان انهن
حقيقتن جي توثيق ٿي ٿئي. بمبئيءَ جي جامع مسجد جي
لائبرريءَ ۾ هڪ قلمي ڪتاب موجود آهي جنهن ۾ جهاز
راني، بحري لاگ بوڪن، جدولن ۽ ٻين متفرق امور بابت
وڏي معلومات موجود آهي هيءُ ڪتاب معلم (ڪپتان)
عنايت ابن معلم شيخ ڊاڪوس سن 1108 هجري مطابق 26 -
1725 عيسويءَ ۾ لکي پورو ڪيو. مصنف هن ڪتاب ۾ هڪ
اهم رحماني (بحري رهنما) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ۾
انهيءَ ”قانون انبوش“ جو پڻ بيان آهي جنهن تي شيخ
احمد ابن ماجد ذالغازي ۽ استاد معلم سليمان ابن
احمد المهريءَ جي زماني کان وٺي عمل ٿيندو پئي
رهيو آهي.
مسلمانن جهازرانيءَ جي سائنس ۾ ايتري ترقي ڪئي هئي
جو وچ سمنڊ مان اعتماد سان سفر ڪري ٿي سگهيا. مثال
طور هو نه فقط مشرقي آفريڪا جي ساحل کان 200کان
450 ميلن تائين سفر ڪري مئڊاگاسڪر ۾ پهچي ٿي
سگهيا، پر هنن ۾ اها به صلاحيت هئي ته هو شيراز ۽
ڪرمان مان نڪري، عربي سمنڊ کي لتاڙي زنج جي
آفريڪي ساحل تي وڃي لهن. هنن ۾ اها به قابليت هئي
ته هو هندستان جي ملبار واري ساحل تان پڳهه کڻي
آفريڪي ڪناري تي سفاله ۽ ڪيپ تي وڃي لنگر هڻن.
مليشيا ۽ انڊونيشيا جا مسلمان تاجر وچ مشرق ۽ چين
جي وچواري بحري شاهراهه اڪري آفريڪا جي ڪيپ ۽ زنج
واري علائقي سان سڌي تجارت ڪندا هئا.
1795 - 1652ع واري زماني ۾ ڊچن جي قبضي هيٺ اچڻ
کان اڳ ملائي مسلمان واپارين جون ڪيپ ۾ بستيون
موجود هيون. انهيءَ قبضي کان پوءِ ڊچن بعضي
مسلمانن کي جلاوطن ڪري ڪيپ ڏانهن روانو ڪيو جيڪو
علائقو پڻ ان زماني ۾ ڊچن جي قبضي هيٺ هوندو هو.
صوفي بزرگ خانقاهون ۽ طريقا:
علماءِ دين ۽ ديني درسگاهن کان سواءِ، ڪيترن ئي
ساحلي بستين ۽ بندرن ۾ اهڙا خدا وارا صوفي بزرگ ۽
اولياءَ رهندا هئا جن پنهنجي علم، حلم، تقوى غريب
پروريءَ ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ اسلام لاءِ چاهه
پئدا ڪيو. هنن جون خانقاهون روحاني تربيت جا مرڪز
بنجي ويون ۽ پنهنجي طالبن ۾ هنن اهو جذبو جاڳايو
جو هو پنهنجي طريقي کي دور دراز ملڪن تائين پهچائڻ
لاءِ اٿي کڙا ٿيا. اوليائن جا هي تڪيا ساڳئي وقت
مظلومن جي پناه گاه ۽ مسڪينن ۽ مصيبت زده انسانن
لاءِ آسڻ ۽ آجڪو بنجي پيا. صوفي بزرگن جو اهو مقصد
نه هوندو هو ته هو ماڻهن کي هروڀرو اسلام قبول
ڪرائين. هنن پنهنجي پاڻ کي اسلام جي تبليغ لاءِ
وقف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي علمي زندگيءَ ۾ اسلام جي
اعلى تعليم ۽ نظام حيات تي مڪمل عمل ڪيائون. ان
ريت هنن علم، محبت، انساني مساوات ۽ رحمدليءَ جو
اهڙو پرچار ڪيو جو غير مسلم متاثر ٿي ڪري، پنهنجي
رضا خوشيءَ سان اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
آبادان شهر 8 ۽ 9 صديءَ جو هڪ سامونڊي بندر هو ۽
ان ۾ صوفين جي هڪ عبادت گاه ۽ رباط هئي. هيءُ شهر
چوٿين صدي هجري يعني ڏهين صدي عيسويءَ تائين هڪ
شاهوڪار بندر سڏيو ويندو هو. بعد ۾ شط العرب جي
ڊيلٽا جي ڦهلجڻ ڪري هيءُ بندر ويران ٿي ويو. ٽين
صدي هجري يعني 9 صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري
قاذرون يا گاذرون جو شهر جيڪو هن وقت ايران جي
فارس صوبي ۾ واقع آهي تنهن تجارتي، ثقافتي ۽
تعليمي مرڪز جي حيثيت ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري ورتي.
هيءُ شهر هميشه ”عالمن ۽ فقيهن جي کاڻ“
رهيو. هن شهر جي مشهور
شخصن مان هڪ، عظيم صوفي درويش ۽ اسڪالر شيخ ابو
اسحاق ابراهيم بن شهريار (352 - 426 هجري) هيو. هن
بزرگ قاذرون علائقي جي اڪثر ماڻهن کي اسلام جي
دائري ۾ آندو.
شيخ ابواسحاق هڪ صوفي طريقي جو بنياد وڌو جنهن کي
اسحاقي، قاذروني يا مرشدي طريقو ڪوٺيو وڃي ٿو. هن
هڪ خانقاهه پڻ قائم ڪئي جيڪا غريبن لاءِ اجهو ۽
تاجرن ۽ مسافرن لاءِ آرامگاه ۽ خوفناڪ سمنڊن ۾
لهندڙ ملاحن لاءِ دعائن ۽ برڪت جو مقام بنجي ويئي.
پنهنجي وفات کانپوءِ به ملاح، شيخ جي تعظيم ڪندا
رهيا ۽ سمنڊ ۾ سڙه ساڄا ڪرڻ کان اڳ ۽ سفر جي نازڪ
موقعن تي هن جو نالو وٺي دعائون گهرندا هئا. جڏهن
به ڪو گاذروني طريقي جو طالب ملاحن سان سامونڊي
سفرن ۾ شامل ٿيندو هو ته هو ڏاڍا خوش ٿيندا هئا ۽
پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهندا هئا. هن طريقي جي
پوئلڳ ايران، پاڪستان، هندستان، سلون، بنگلاديش،
مليشيا، انڊونيشيا ۽ چين جي سامونڊي ڪنارن تي
اسلام جو پيغام ڦهلائڻ جي سلسلي ۾ زبردست خدمتون
سرانجام ڏنيون. هن طريقي جا نوازيل ڪيترائي
اسڪالر، ملاح ۽ وڻجارا، پنهنجي شاندار اخلاق ۽ خدا
جي راه ۾ بي مثل قربانيون ڏيڻ ڪري، جتي به هو ويا،
تتي هنن وڏو نالو ڪڍيو.
اٺين صدي هجري يعني 14 صدي عيسويءَ ۾ هيءُ سلسلو
ڏکڻ طرف وڌندو ۽ پکڙبو رهيو ۽ مشرق بعيد ۾ چين سان
وڃي لڳو. هن طريقي جو استاد صفي الدين گاذروني سنڌ
جي ساحل تي وارد ٿيو ۽ بعد ۾ 5 ۽ 6 صدي هه ڌاري اچ
جي شهر ۾ درسگاه جو بنياد وڌائين. ان کان ڪجهه
پوءِ هن طريقي جو هڪ بزرگ استاد زورالملڪ عمر بن
احمد القاذروني (متوفي اربع 9 صفر 934 هجري مطابق
1333 عيسوي) ڏکڻ طرف گجرات جي سامونڊي ڪناري تي
کنڀات جي بندر تي وڃي لٿو.
ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته هندستان ۾
کنڀات، ڪاليڪٽ ۽ ڪولم ۾ ۽ چين جي شهر زيتون
(ڪئنٽان) ۾ هن سلسلي جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان
ملاقاتون ڪيون هيون.
ٻن طريقن مان چشتي، سهروردي، قادري ۽ رفائي سلسلن
جا پوئلڳ ڪافي تعداد ۾ ساحلي علائقن ۾ رهندا هئا.
گجرات ۽ بنگال ۾ خاص ڪري چشتي ۽ سهروردي سلسلن جو
زور هو جڏهن ته قادري ۽ رفائي سلسلا ڏکڻ ايشيا جو
علائقو ٽپي مليشيا ۾ انڊونيشيا ۾ داخل ٿي چڪا هئا.
قادري طريقي جي درويشن ۽ عالمن پنهنجي تعليمات جو
بنياد وحدت الوجود جي متي تي رکيو هو ۽ انهي متي
جو غير اسلامي معاشري تي گهرو اثر پيو.
گجرات کان ڏکڻ طرف مهائم (بمبئي) ۾ ۽ ملبار جي
سامونڊي ڪناري تي فانان (پوناني) جي بندر ۾ صوفين
جون خانقاهون موجود هيون. شيخ علاؤالدين علي
المهائمي وڏي پهچ وارو ولي الله هو. جيتوڻيڪ هُو
درويش سهروردي سلسلي جي وڏي تعظيم ڪندو هو ۽
الظوارف في شرح العوارف جي نالي سان عوارف المعارف
جي هڪ تشريح پڻ لکي هئائين، پر هو ابن العربيءَ جي
وحدة الوجود واري فلسفي جو پڪو پوئلڳ هو. هن فلسفي
جي سمجهائڻ خاطر هن الفصوص جي شرح لکي ۽ ان کي
”مشرع الخصوص في شرح الفصوص“ جو نالو ڏنائين. ٻيءَ
هڪ تصنيف ۾ هن ابن العربيءَ جي نقادن کي جواب ڏنا.
هن عراقيءَ جي ”لمعات“ تي شرح لکي هن پنهنجي ڪتاب
”اجلة التاييد في شرح ادلته التوحيد“ ۾ واضح ڪيو
آهي ته ”توحيد“ ايمان جو سرچشمو ۽ دين ۾ يگانگي
پئدا ڪندڙ متو آهي. هيءُ صاحب 9 صدي هجري مطابق 15
صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ مشهور ترين عالم ۽ صوفي
درويش سمجهيو ويندو هو ۽ هن جون تحريرون گهڻي ملڪ
۾ اثر انداز ٿيون. هن بزرگ جي خانقاه عالمن،
وڻجارن ۽ ملاحن جو مرڪز بنيل هئي.
فانان ۾ شيخ زين الدين ابو يحى هڪ جليل القدر عالم
هجڻ سان گڏوگڏ چشتي ۽ قادري طريقن جو عظيم صوفي پڻ
هو. هو ٻنهي طريقن ۾ شيخ قطب الدين بن شيخ فريد
الدين گنج شڪر جو مريد هو. تصوف تي هن هيٺيان ڪتاب
تصنيف ڪيا: (1) مرشد الطلاب، (2) سراج القلوب و
علاج الذنوب، (3) ارجوزه (4) هدايته الاذڪياء الي
طريق الاولياء، ۽ هنن ۾ مؤخر الذڪر ڪتاب سڀني ۾
گهڻو مشهور آهي. شيخ ابويحى جي خانقاه سلون،
مليشيا، انڊونيشيا ۽ چين جي سفر تي ويندڙ ملاحن ۽
سالڪن ۽ اندروني ملڪ مان ايندڙ عالمن ۽ درويشن جي
لاءِ عقيدت جو مرڪز بنجي پيئي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن
شيخ شهاب الدين احمد ابن حجر الهيثمي (سنه 909 -
974 هجري) ملبار ۾ وارد ٿيو هو تڏهن هو هن خانقاه
۾ ئي ترسيو هو. شيخ ابو يحى جون تصنيفون جاوا
تائين پهتيون هيون. اتان جو مشهور عالم ۽ درويش
عبدالمعطي ابن عمر النعوي الجاوي هن جي ٻين ڪتابن
هرهڪ شعب الايمان ۽ هدايته الاذڪياء جون شرحون
لکيون آهن.
جاوا جو درويش ۽ اسڪالر حڪمران ملڪ مولانا ابراهيم
آف گريسڪ جنهن 822 هجريءَ (1429ع) ۾ وفات ڪئي سو
پنهنجي دور جو وڏوصاحب دل صوفي فقير هو. هن جي قبر
جي ڪتبي تي اڄ به هي اکر اڪريل آهن ”محب المساڪين
و الفقراء“ يعني مسڪينن ۽ فقيرن جو چاهيندڙ. ڏکڻ
اوڀر جاوا ۾ گريسڪ جي مقام تي مولانا ملڪ ابراهيم
۽ ڏکڻ سيليبس جي مولاواسي علائقي ۾ مولانا شيخ
المعمور خطيب جنهن ايثار ۽ جانفشانيءَ سان دين جي
دعوت جو ڪم ڪيو تنهن جي نتيجي ۾ انڊونيشيا ۾ اسلام
جون پاڙون پختيون ٿي ويون. هنن کانسواءِ ٻيا به
ڪيترائي اهڙا زاهد ۽ درويش پئدا ٿيا جيڪي عام
ماڻهن ۾ رهندا هئا ۽ هنن ۾ اسلام جي محبت جو جذبو
جاڳائيندا رهيا. جاوا جا 9 مشهور اولياءَ جن اتي
اسلام پکيڙيو تن کي اڄ ڏينهن تائين اتي جا ماڻهو
محبت وچان ”ولي سونگو“ يعني ”نو ولي“ سڏيندا آهن.
7- ملاح ۽ وڻجاري جو ڪردار:
مسلمان ملاح ۽ وڻجارا بحري شاهرائن ذريعي سفر ڪري
مشرقي آفريڪا ۽ ايشيا جي سامونڊي ڪنارن تي پهتا ۽
سڀ کان پهريان اتي اسلام جي روشني پهچايائون.
اسلام پنهنجي پوئلڳن کي اهو سبق سيکاريو ته عدل ۽
ايمانداريءَ واري زندگي گذاريو، پاڪ صاف ۽ حلال
روزي ڪمايو، ماپ، تور صحيح ۽ حساب ڪتاب درست رکو.
مسلمانن جي تجارتي زندگيءَ ۾ کين سيکاريو ويو ته
جائز نفعو ڪمايو جنهن ۾ وياج يا ٻئي ڪنهن استحصل
جي بوءِ نه هجي. هي ڳالهيون مسلمانن جي عملي
زندگيءَ جو هڪ حصو بنجي ويون. خود پيغمبرِ اسلام ﷺ
جن شام ڏانهن قافلا وٺي ويا ۽ صاف سٿري واپار ۽
ڊگهن سفرن جي سلسلي ۾ پنهنجو ذاتي مثال قائم ڪري
ڏيکاريو هئائون. مسلمان ملاح ۽ وڻجارا انهن اعلى
اخلاقن ۽ بلند نظرين سان مزين ٿي جڏهن سمنڊ ۾ ڌوڪي
پيا ۽ دور دراز ساحلن تي وڃي پهتا ۽ جڏهن اتي هنن
جو ڌارين قومن سان لهه وچڙ ٿيو، تڏهن هنن جي بلند
اخلاقيءَ وڏو تاثير ڏيکاريو. مقامي ماڻهو هنن جي
تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ لڳا. ڌارين ڏيهن جي حڪمرانن پڻ
هنن کي آباد ٿيڻ لاءِ زمينون ڏنيون، پنهنجي
بندرگاهن جو بندوبست هنن جي حوالي ڪيو، تجارتي
تڪرارن ۾ هنن کان امانتي فيصلا ڪرائڻ لڳا ۽ هنن کي
پنهنجي حڪومتي حدن ۾ ججي ۽ قضا جا عهدا ڏنائون.
مطلب ته حاڪمن به هنن جو پورو پورو احترام ڪيو.
اهو سڀ ڪجهه هنن جي صداقت، ديانتداري، عدل ۽ احساس
ذمه داريءَ جو ئي ڪرشمو هو جو هو مقامي عوام ۽
حاڪمن وٽ هر دل عزيز ٿي ويا.
جيئن ته شروعاتي اسلامي معاشري ۾ تعليم عام ٿي
ويئي هئي تنهن ڪري ابتدائي دور جا ملاح ۽ وڻجارا
ڄاڻ ۽ علم جا ڀنڊار هئا. ٻه ناميارا مسلمان ملاح ۽
تاجر ٿي گذريا جن مان هڪ جو نالو سليمان التاجر
(237 هجري ـ 851) ۽ ٻئي جو نالو ابو زيد (303
هجري 916ع) هو. هن ٻنهي بزرگن سندن مشرق بعيد جي
ابتدائي سامونڊي سفرن جو ڪجهه احوال لکيو آهي. هي
ٻئي صاحب سيراف جا رهاڪو هئا. سليمان لکي ٿو ته
سيراف جي بندر تان جهازن ۾ چين جي بندرن لاءِ
تجارتي مال ڀريو ويندو هو.
جهاز جي ڪپتان کي معلم ۽ ملاح کي ناخدا سڏيو ويندو
هو ۽ ٻئي عالم فاضل شخصيتون هونديون هيون. هو جتي
به ويندا هئا ته اسلام جي خدمت جو هڪ مثال قائم
ڪري ڇڏيندا هئا. بزرگ بن شهريار ايران جو هڪ عظيم
مسلمان ملاح هو ۽ هن پنهنجي بي مثل ڪتاب ”عجائب
الهند“ ۾ پنهنجي معلومات ۽ تجربات جو هڪ قيمتي
رڪارڊ محفوظ ڪيو آهي. بلوچستاني ساحل جي اوائلي
ملاحن جي خاندان جو هڪ نامور فرزند، ابو اسحاق
المڪراني پنهنجو ملڪ ڇڏي اتر سوماترا جي شهر پسائي
۾ وڃي آباد ٿيو هو. ابو اسحاق، پرلڪ (اتر سوماترا)
جي هڪ حڪران خاندان جي تاريخ پڻ لکي آهي. انهيءَ
تاريخي ڪتاب جو نالو ”ڪتاب اظهار الحق في سلسلة
راجا پرلڪ“ آهي ۽ ان ۾ ڄاڻايل آهي ته پرلڪ جي
اسلامي رياست سن 225 هجري (847ع) ۾ وجود ۾ آئي
هئي. سراج ملايو.
لکي ٿو ته ناخدا اسماعيل ۽
سندس رفيق سلطان محمود ئي اهي شخص هئا جن مليشيا
کان سموندرا ڏانهن سامونڊي سفر ڪيو ۽ اتر، اوڀر ۽
اولهه سوماترا ۾ لمبوري، پرلڪ، آرو ۽ فنصور جي
رهاڪن کي اسلام جي دائري ۾ آندو.
مٿي جيڪي به اسباب مختصر طور بيان ڪيا ويا آهن تن
سڀني ۾ بنيادي سبب ”ايمان بالله“ هو. اهو ايمان ئي
هو جنهن سمنڊ جهاڳيندڙ اوئلي مسلمانن سياحن،
معلمن، عالمن، صوفي درويشن، وڻجارن ۽ ملاحن جي
دلين ۾ هڪ زبردست نظرياتي جوش و خروش پئدا ڪيو.
هنن سڀني جي جدوجهد ۽ سرگرميءَ پٺيان ئي اصل
ڪارفرما قوت هئي. ايمان هنن جو ڀرجهلو هو ۽ هنن جي
زندگي ۽ موت انهيءَ ئي نصب العين لاءِ هوندو هو.
مسلمان وڻجارن ۽ ملاحن کي جنهن شيءِ سمنڊ جي
هولناڪ سفرن تي آماده
ڪيو سندن خدا تي ايمان هو. سندن ايمان کي پيغمبر
اسلام ﷺ جن جي سنت مان وڌيڪ تقويت ٿي ملي جو پاڻ
اسلام جي خاطر هجرت ڪري اسلام جي غلبي لاءِ
انتهائي شديد ڪاوش ڪئي هئائون. انهيءَ ايمان جو
شاندار مثال هڪ ڪتبي مان ملي ٿو جيڪو ابو ڪامل
احمد راهدار (يعني ڪپتان يا نگران) جي قبر تان
مليو آهي. هي صاحب ڏکڻ ويٽنام (قديم صنف يا چمپا)
جي ساحلي شهر فان رنگ ۾ دفن ٿيل آهي ۽ هن جي وفات
سال 431 هجري (1039ع) ۾ ٿي هئي. هن قبر جي ڪتبي تي
فوتي ملاح جي موت جا جيڪي حالات لکيل آهن تن ۾ ڪٿي
به هن جي ذاتي خوبين ۽ ڪمالات جو ڪو به ذڪر ڪيل نه
آهي. هيءُ ڪتبو صاف لفظن ۾ تصديق ٿو ڪري ته صاحب
قبر جو الله جي ذات تي پڪو ايمان هو. ان ريت هيءُ
ڪتبو هن جي موت کان پوءِ به هن جي ايمان جو هڪ
لازوال يادگار آهي. هيءُ ڪتبو عربي زبان ۾ ڪوفي
رسم الخط ۾ لکيل آهي. ان جي عبارت جوترجمو هيءُ
آهي:
بسم الله الرحمان الرحيم
الله جي رسول محمّد ﷺ جن تي سندس آل تي صلواتون ۽
سلام هجن. بلاشڪ الله هڪ آهي. هو هر شيءِ جو خالق
۽ هر جاندار جو جياريندڙ ـ رازق آهي. هو هر نئين
شيءِ جو موجد آهي ۽ هر جنم وٺندڙ کي هلاڪ ڪندڙ آهي
هو ازل ۽ ابد جو خالق آهي. جڏهن هر شيءِ فنا ٿي
ويندي تڏهن به هو باقي رهندو. هو سڀني عملن جو
حساب وٺندو ۽ هن ئي سڀ تقديرون لکيون آهن. هو عظيم
۽ جليل آهي.
هيءَ قبر آهي ابو ڪامل احمد راهدار جي، پٽ ابو
ابراهيم جو، پٽ ابو عراضه جو جنهن خميس جي رات
تاريخ 29 صفر سال 431 ۾ وفات ڪئي.
۽ هيءُ احمد شاهدي ٿو ڏي ته الله ڌاران ٻيو ڪو
معبود ڪونهي محمد ﷺ الله جو رسول آهي. هو اها به
شاهدي ٿو ڏي ته بلاشڪ جنت ۽ جهنم، قيامت ۽ حساب
برحق آهن“.
زوال جا اسباب :
عام
طور تي چيو ويندو آهي ته مشرق جو زوال ۽ خاص ڪري
مسلم قوم ۽ اسلامي تمدن جو زوال اندروني سببن جي
ڪري رونما ٿيو. گذشته چند صدين ۾ اسلامي دنيا تي
جن سببن جي ڪري انحطاط طاري ٿيو تن تي ويچار ڪرڻ
سان اندروني سببن واري نظرئي کي وڌيڪ تقويت ملي
ٿي. هن نڪته نگاه مان اهو فائدو آهي جو مسلم قوم
پنهنجي عملن جو جائزو وٺندي. ان مان ٻاهرئين کي
وري اهو فائدو آهي جو ٻاهرين جارحيت، مداخلت ۽
تغلب تان مسلم قوم جو ڌيان ويندو. حقيقت اها آهي
ته وچ مشرق، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ مسلمان
قومون اندروني ڪمزورين جي ڪري، ٻاهرين جارحيت ۽
غلبي جو مقابلو نه ڪري سگهيون. انهيءَ جو نتيجو
اهو نڪتو جو انهن ڪمزورين کي ختم ڪرڻ جا امڪان ئي
محدود ٿي ويا ۽ اهي ڪمزوريون دائمي طور هنن جي
قسمت جو جزو بنجي ويون. غلام قومن ۾ اها عادت پئجي
ويئي جو هو ٻاهرين جي تغلب کي جوابدار ٺهرائڻ جي
بدران پنهنجي پاڻ کي ئي ڏوهاري سمجهڻ لڳا.
(الف) پورچوگيزن جون قهري ڪاروايون :
اسپين مان مسلمانن جي نيڪاليءَ جي ڪري، پوچوگال ۽
اسپين جي بحري طاقت وڌي ويئي. هنن کي خبر هئي ته
ڪهڙيءَ ريت مسلمانن واپاري ايشيائي ۽ آفريڪي ساحلن
تي نفعي بخش تجارت هلائيندا هئا. مصالحه ۽ ٻيو
تجارتي سامان يورپ تائين پهچائيندا هئا. پندرهين
صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري جيئن ئي پورچوگيزن
ڏکڻ ايشيا جي سامونڊي ڪنارن تي پير کوڙيا تيئن هنن
فيصلو ڪيو ته ڏاڍ مڙسي ڪري مقامي تجارت تي قبضو
ڪيو وڃي. هنن نه فقط آتشين هٿيار استعمال ڪري
تجارت تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
هنن انهن بنيادن کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو جن مطابق
ايشيائي تجارت هلندي هئي. هن وڻج واپار جو بنياد
وچ مشرق، ڏکڻ ايشيا ۽ مشرق بعيد جي ساحلي حڪومتن
جي باهمي اعتماد، دوستانه تجارتي ۽ ثقافتي تعلقات
تي رکيل هو. مسلمانن وڻجارن، ملاحن ۽ تجارتي
نمائندن انهن تعلقات کي مضبوط بنائڻ ۾ نهايت اهم
ڪردار ادا ڪيو هو. هنن تجارت جي بين الاقوامي
اصولن قائم ڪرڻ ۽ آزاد ۽ سامونڊي تجارت جي شاهران
کي پرامن رکڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي هئي.
پورچوگيزن پنهنجي اندر جي انتقام جي باهه اجهائڻ
لاءِ نه فقط مسلمان واپارين ۽ ملاحن کي تباهه ڪيا،
پر هنن ساحلن تي رهندڙ مسلم آبادين کي برباد ڪرڻ
لاءِ پڻ وڏيون ڪوششون ڪيون. شروعات ۾ هنن کي
گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون. ڪيترن ئي صدين جي باهمي
اعتماد جي ڪري مقامي هندو ۽ مسلمان قومن جا پاڻ ۾
دوستانه تعلقات هوندا هئا. هنن ٻاهرين حمله آورن
خلاف هڪ گڏيل محاذ قائم ڪيو. انهيءَ جدوجهد جو
هيرو ڪاليڪٽ جو هڪ نامور ملباري حڪمران هو جيڪو
پنهنجو خانداني لقب ”ساموري“
سان مشهور هو. پورچوگيزن هن کي ”زمورين“ سڏيو
آهي. هن پنهنجي هندو ۽ مسلمان رعايا جي گڏيل قوت
سان پورچوگيزن خلاف نهايت دليرانه جدوجهد ڪئي طويل
مقابلن کانپوءِ جڏهن هن جو خاتمو آيو تڏهن
پورچوگيز پنهنجي سفاڪانه پاليسين تي عمل ڪري سگهيا
۽ ملبار تي مستقل قبضو ڪيائون.
شيخ زين الدين ابو يحى جو پوٽو، شيخ زين الدين
ساڪن فانان (ملبار) جنهن 992 هجري 1584ع ۾ وفات
ڪئي. پورچوگيزن جي تباهه ڪارين جو پنهنجي اکين سان
مشاهدو ڪيو هو. هن پنهنجي ڪتاب ”تحفة المجاهدين في
بعض اخبار البرتقالين“ ۾ درميانه روي ۽ ضبط کان ڪم
وٺندي، ملبار ۾ پورچوگيزن جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن
جو هيٺينءَ ريت ذڪر ڪيو آهي.
” پورچوگيزن مسلمانن جي شهرن تي قبضو ڪري ورتو آهي
۽ ماڻهو هنن جي غلاميءَ ۾ جڪڙجي ويا آهن. هو رات
توڙي ڏينهن ۾ ڪٺا وڃن ٿا. ڪيترن ئي مسلمانن کي
زوريءَ مرتد ڪيو ويو آهي ۽ هنن جي ٻارن کي اها
سکيا ڏني پئي وڃي ته هو مسلمانن جو وڌيڪ قتل عام
ڪن ۽ کين وڌيڪ برباد ڪن. (مهاڳ).“
” هنن مسلمانن جي قومي زندگيءَ جي هر معاملي کي
نيست و نابود ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن سان اهڙو ذلت
آميز سلوڪ ڪيو اٿن جيڪو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. هو
کين سفر جي خاص ڪري حج جي سفر جي اجازت نٿا ڏين.
هو مسلمانن جون ملڪيتون ۽ جائدادون زوريءَ ڦريو
وڃن. هو مسجدن ۽ بستين کي باهه ڏيو ڇڏين. هو
مسلمانن کان ٻيڙيون کسيو وٺن........ هو مسلمان
قيدين کي ڳرا زنجير پهرائي مارڪيٽ ۾ وٺيو اچن ۽
هنن کي غلام بنايو وڪڻيو ڇڏين. وڪامڻ کانپوءِ به
هنن کي مجبور ڪيو ٿو وڃي ته هو ڳريون رقمون ادا
ڪن. ٻيءَ صورت ۾ کين هر طرح جي اذيت ڏني وڃي ٿي.
مسلمان قيدين کي اونداهن ۽ بدبودار ڪمرن ۾ سٿيو
وڃي ٿو. هنن جي قيدين ۾ معزز گهراڻن جون عورتون پڻ
شامل هونديون آهن. هو اهي مظلوم قيدياڻيون نصراني
مردن جي حوالي ٿا ڪن ۽ انهن مان جيڪي ٻار پئدا ٿين
ٿا تن کي تربيت ڏئي اسلام جو سخت دشمن ۽ مسلمانن
جو ويري بنايو وڃي ٿو. هنن علماءَ ۽ سيدن جو پڻ هڪ
وڏو تعداد قيد ۾ رکيو آهي ۽ هنن کي سخت تڪليفون
ڏئي ماري ڇڏيو اٿن. هزارين مسلمان مردن ۽ عورتن کي
زوريءَ عيسائي بنايو ويو آهي. هنن ٻيا ڪيترائي
وحشيانه اقدام ڪيا آهن جن جو نه ذڪر ڪري سگهجي ٿو
۽ نه انهن کي بيان ٿو ڪري سگهجي.“
لاڳيتو بيٺڪي راڄ:
سڀ کان اول پورچوگيزن ايشيا جي مسلمان حاڪمن،
وڻجارن ۽ ملاحن خلاف جارحانه پيش قدمي شروع ڪئي.
في الحقيقت هنن جي هندستان جي سامونڊي ڪناري تي
آمد ۽ بعد ۾ قبضو، يورپ جي ايشيا خلاف پهرين
جارحانه ڪاروائي هئي. جيئن ته ان زماني ۾ ايشيا ۽
آفريڪا جي سياسي ۽ تجارتي سرحدن جو هر اول مسلمان
ئي هئا تنهن ڪري ظلم ۽ ستم جو مکيه نشانو هو ئي
بنيا.
هڪ صديءَ کان به وڌيڪ پورچوگيزن جي حڪومت قائم
رهي. پر پوءِ هو وڌيڪ وقت لاءِ سمنڊن تي پنهنجي
بالادستي قائم نه رکي سگهيا. سمنڊ تي هنن ترڪن جي
بحري قوت ۽ ايشيائي ۽ آفريڪي ساحلن تي عربن،
ايرانين ۽ هندستان جي مسلمانن جي تجارتي آرماڙن کي
تباه ڪري ڇڏيو. پورچوگال کان پوءِ هالينڊ، فرانس ۽
انگلينڊ کي بحري طاقت حاصل ٿي. هو پورچوگيزن جي
نقش قدم تي هلندي ايشيا ۽ آفريڪا جي سامونڊي ڪنارن
تي اچي پهتا. پر هنن کي باهه، تلوار ۽ انڌا ڌند
برباديءَ واريون بهيمانه حرڪتون ڪرڻ جي ضرورت پيش
نه آئي ڇو ته اهو ڪم پورچوگيز سندن پاران اڳ ۾ ئي
ڪري چڪا هئا. بهرحال جيئين جيئن هو تجارتي فتوحات
ڪندا ويا تيئن تيئن سندن دلين ۾ اندرون ملڪ سياسي
قوت تي قبضو ڪرڻ جي حريصانه خواهش بيدار ٿيڻ لڳي.
انهيءَ حرص کي پورو ڪرڻ لاءِ هنن بنا روڪ ٽوڪ جي
امن کي تباهه ڪرڻ، عهد نامن کي ٽوڙڻ ۽ ضرورت مطابق
طاقت کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ٿامس رو ايسٽ انڊيا
کي مشورو ڏنو هو ته ”مونکي معلوم آهي ته هنن ماڻهن
يعني مغلن سان هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏنڊو کڻي
ڳالهائڻ گهرجي“
بهر صورت شهنشاهه اورنگزيب
جي جيئري هو ائين ڪري نه سگهيا. ڪمپنيءَ چاٽگام
(بنگال) کان وٺي سورت (گجرات) تائين سامونڊي ڪناري
تي پنهنجو اقتدار قائم ڪرڻ لاءِ 1689ع ۾ جيڪو
پهريون وڏو منصوبو سٽيو هو سو مغل حڪومت جي گورنرن
۽ منتظمن فوراً ڪچلي ڇڏيو ۽ برٽش فوجن کي پوري
سيکت ڏنائون. 1707ع ۾ شهنشاه اورنگزيب اک پوري ۽
1708ع ۾ ڪمپنيءَ خلاصي تجارت جا حق ۽ ٻيون رعايتون
وٺڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. آخرڪار هنن مغلن جي
هندستان کي فتح ڪرڻ لاءِ قدم وڌايا. 1757ع ۾ بنگال
سرنگو ٿيو. ايندڙ چند ڏهاڪن ۾ دکن ۽ گجرات تي قبضا
ٿيا ۽ 1843ع ۾ سنڌ فتح ٿي. ان طرح ڏکڻ ايشيا جو
سمورو سامونڊي ڪنارو انگيزن جي قبضي هيٺ اچي ويو.
ڊچن انڊونيشيا ۾ وڃي خيما کوڙيا ته انهن جي ديکا
ديکي انگريزن وري مليشيا تي قبضو ڪيو.
ايندڙ ٻن ٽن صدين تائين انگريزن ۽ ڊچن جو قبضو
قائم رهيو ۽ انهيءَ قبضي جي دوران، مسلمانن، سابق
حڪمران هئڻ جي ڪري گهڻو ڪجهه سٺو.
پورچوگيزن جي قبضي ۽ انگريزن ۽ ڊچن جي غلبي ۾ فرق
فقط درجي جو هو. جڏهن ته پورچوگيزن جو قبضو مادي ۽
جسماني طور هاڃيڪار ۽ ظالمانه هيو، تڏهن انگريزن ۽
ڊچن جو قبضو وري سياسي ۽ نفسياتي طور تباه ڪن ثابت
ٿيو. بيٺڪي طاقتن جو مکيه مقصد اهو هو ته اسلام ۽
مسلمانن کي بي اثر بنايو وڃي. هنن ڏکڻ ايشيا جي
ساحلن کان وٺي مليشيا، انڊونيشيا ۽ فلپنس تائين،
پنهنجي انهيءَ پاليسيءَ تي پوري قوت ۽ عزم سان عمل
شروع ڪيو. پورچوگيزن ساحلن تي آباد مسلم قومن کي
انهيءَ لاءِ غلام بنايو ۽ ذليل ڪيو ته جيئن مقامي
آبادين جي نگاهن ۾ هنن جي حيثيت ڪيرائي ڇڏجي. پر
مقامي مسلم ۽ غير مسلم آبادين ۾ صدين کان جيڪو
باهمي اعتماد ۽ احترام هو تنهن جي ڪري هو سورهين
عيسوي صديءَ ۾ ساموريءَ جي قيادت هيٺ پورچوگيزن
خلاف ۽ 1857ع ۾ انگريزن جي خلاف هڪ گڏيل محاظ قائم
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهيءَ ڪري برصغير ۾ برطانيه
اهڙيون پاليسيون ٺاهيون جن جي ڪري نه فقط مسلمان
سياسي ۽ معاشي طور ڪمزور بنجي ويا، پر مسلمانن ۽
هندن جي وچ ۾ باهمي تعاون ۽ باهمي اعتماد جي آخري
نشانن کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيائون. ٻنهي قومن کي هڪ
ٻئي کان پري ڪرڻ لاءِ نهايت هوشياري سان انتشار ۽
نفاق جو ٻج ڇٽيو ويو. ”پاڻ ۾ ويڙهائي حڪومت ڪرڻ“
واري اٽڪل ڪامياب ويئي ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلمانن
بدترين مصيبتون برداشت ڪيون. عربي ۽ هندي سمنڊن ۽
وچ مشرق کان چين تائين سامونڊي شاهرائن تي مڪمل
قبضو هئڻ جي ڪري بيٺڪي طاقتن مشرق جي تجارت ۽ ٻين
وسائل جو ڪاميابي سان استحصال ڪرڻ شروع ڪيو. سئيز
واه جي کلڻ ڪري، سمنڊ جي تجارت مان مسلمان تاجر ۽
ملاح مڪمل طور نڪري ويو. هنن جي حيثيت گهٽجي ڪناري
سان هلندڙ ننڍن بار بردار ٻيڙياٽن واري وڃي رهي.
هاڻي هو بيٺڪي حڪومت جي بحري فوج جي نگرانيءَ هيٺ
لائسنس واري ڏکئي سرشتي تحت مقرر شهرن جي وچ ۾ فقط
ڪنارن سان لڳ سمنڊ ۾ سفر ڪري ٿي سگهيا.
پندرهين هجري صدي:
پندرهين صدي هجريءَ جا باک ڦٽڻ کان اڳ ئي زماني
بيٺي طاقتن کي جهڪائي وڌو ۽ هو سندن رعايا جي
سروفرشانه جدوجهد جي مقابلي ۾ مجبور ٿي پيا ۽
پنهنجي شهنشاهتن ۽ ايشيائي ۽ آفريڪي بيٺڪن مان تڏا
ويڙهڻ لڳا. انهيءَ نتيجي ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ
کانپوءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي اڪثر ملڪن کي آزادي
نصيب ٿي. نو آزاد مسلمان ملڪ ايشيائي ۽ آفريڪي
ساحلن تي نهايت ڪارآمد هنڌن تي واقع آهن ۽ هو
تجارت ۽ سياحت جي ذريعي قديم زماني واري بين
الايشيائي ۽ ايشيائي ۽ آفريڪي دوستي ۽ تعاون وري
بحال ڪري سگهن ٿا.
اوائلي دور جي مسلم ملاحن ۽ وڻجارن باهمي اعتماد ۽
رواداريءَ جي بنياد تي تجارتي ۽ تهذيبي تعاون جون
روح پرور ۽ شاندار تاريخي روايتون قائم ڪيون هيون.
هنن پنهنجي سچائي، صداقت، ايمانداري، مقصد سان
وفاداري، عدل ۽ احساس ذميواريءَ جي مثالن سان
پنهنجي پاڻ کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ساحلي ملڪن ۾
مقبول بنايو ۽ پاڻ وڻايو هو. ايشيا جي سامونڊي
ڪنارن تي ابتدائي دور جي مسلمان تاجرن ۽ هندستان،
سلون، مليشيا، انڊونيشيا، ڪمبوڊيا، ڏکڻ ويٽنام،
چين ۽ ڪوريا جي عوام جي وچ ۾ مڪمل مفاهمت ۽
دوستيءَ وارا لاڳاپا قائم هئا. بيٺڪي طاقتن جي
مداخلت جي ڪري اهي لاڳاپا ڪمزور ٿي ويا يا بلڪل
تباه ٿي ويا، پر هاڻي انهن کي سياسي، معاشي ۽
ثقافتي سطحن تي وري جياري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح
عربيءَ ۽ هندي سمنڊن ۽ وچ اوڀر کان چين ڏانهن
ويندڙ سامونڊي رستن کي ٻاهرين مداخلت کان بچائي
آئينده جي استحصال کان محفوظ ڪري سگهجي ٿو. مسلمان
ملڪن کي پنهنجي ماضيءَ جي روايتن جي عين مطابق هن
ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پندرهين صدي
هجريءَ ۾ هن مقصد جي حصول لاءِ پاڻ پتوڙڻ کپي.
پهريون قدم اهو کڻڻ گهرجي جو ايشيائي ۽ آفريڪي
سامونڊي ڪناري تي واقع اسلامي ملڪن جي مکيه بندرن
کي ترقي ڏيارجي ته جيئن هو بين الايشيائي ۽
ايشيائي آفريڪي سامونڊي تجارت کي منهن ڏيئي سگهن.
ٻئي نمبر تي، جيئن ماضيءَ ۾ ڪيو ويو تيئن هاڻي به
اسلامي ملڪن جي مقامي ميربحر ۽ جهازران قومن جي
وسائل کي مستحڪم ۽ متحرڪ ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي
سنڌي ملاحن، بنگلاديش، مليشيا ۽ انڊونيشيا جي
ميربحرن ۾ خوفناڪ سامونڊي سفرن تي وڃڻ جو جذبو ۽
جهازرانيءَ جي روايتي مهارت موجود آهي. انڊونيشيا
جي سيليبس ٻيٽ ۾ سوله واسي علائقي جا رهاڪو بوگي
مسلمان، اڄ به اڳئين دور وانگر نهايت جرئتمند
جهازران ۽ اسلام جا علمبردار آهن. اڻويهين صدي
عيسويءَ جي پڇاڙي ڌاري آرنولڊ پنهنجي تصنيف
”پريچنگ آف اسلام“ (Preaching
of Islam)
۾ لکيو آهي ته ”هن قوم کي اسلام ئي اهو مرتبو عطا
ڪيو آهي جنهن تي هو اڄ فائز آهن“.
علم ۽ تعليم جي ڦهلاءَ وارين عظيم اسلامي روايتن
تي عمل ڪندي ساحلي اسلامي ملڪن کي سامونڊي علمن ۽
جهازرانيءَ جي اعلى تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪرڻ
گهرجي. مسلمان ملڪن کي انفرادي طور يا باهمي
اشتراڪ سان هنن ٻن ميدانن ۾ ماهر تيار ڪرڻ لاءِ
خاص ادارا قائم ڪرڻ گهرجن.
ساڳئي وقت مسلم جهازرانن جي گذشته ڪارنامن کي
اجاگر ڪرڻ لاءِ تحقيقاتي پروجيڪٽ هٿ ۾ کڻڻ گهرجي.
اسان کي خاص طور تي هن ڳالهه جي ضرورت آهي ته ابن
الماجد جلفاري ۽ ۽ سليمان المهريءَ جي سڀني تصنيفن
جو گهرو مطالعو ڪريون ۽ هنن کي سائنسي بنيادن تي
ايڊٽ ڪريون. اهو پڻ بلڪل مناسب ٿيندو ته ”ابن
الماجد انسٽيٽيوٽ آف اوشين گرافي“ ۽
”المهري انسٽيٽيوٽ آف نيويگيشن“ جي نالن سان
شاندار تعليمي ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪيا وڃن.
|