سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:17 

علي نواز آريسر

حيدرآباد

 

 

 

منڇر جو ماڻهو محمد عثمان ميمڻ

سنڌ جي مردم خيز سرزمين مان ڪيترائي تخليق جا سرچشما ڦُٽي نڪتا آهن. هن ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي صرف ڌرتي ماءُ جي ناموس ۽ بقا لاءِ هميشه ڪوشان رهيا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ منڇر ڪنڌيءَ تي تاريخي شهر بوبڪ ۾ پهرين اپريل 1952ع تي جنم وٺندڙ محمد عثمان ميمڻ جو به شمار ٿئي ٿو. سندس ناناڻا ٿيٻا آهن، سندس ڏاڏو ورهاڱي کان اڳ لڏي اچي دادوءَ ۾ ويٺو، سندس ذهني اوسر دادوءَ ۾ ٿي. دادو جنهن لاءِ مشهور آهي ته پوري سنڌ جو گرم کان گرم علائقو آهي ۽ دادوءَ جا ماڻهو پڻ گرم/ سخت مزاج جا هوندا آهن، پر الائي ڇو محمد عثمان ان جي ابتڙ، انتهائي ماٺيڻو ۽ وڻندڙ سڀاءَ، نياز ۽ نوڙت، ڪابه هٺ وڏائي نه. محمد عثمان پرائمري کان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مدرسه دارالفيوض دادوءَ مان محمد سليمان صدائي ۽ محمد مجتبيٰ ملڪاڻيءَ کان، قرآن پاڪ ۽ قرات قاري محمد قاسم چانڊئي کان حاصل ڪيائين. پوءِ ٽئين درجي تائين انهي مدرسي ۾ قائم پرائمري اسڪول مان پڙهي، پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان، پنجون درجو پاس ڪري ڇهون ڪلاس پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿي ميٽرڪ تائين پڙهيو. انٽر سائنس پڙهڻ لاءِ جاميه مليه ڪاليج ملير سٽي ۾ داخل ٿيو. اتي محمودالحسن سندس دوست ۽ پرنسپال رهيو. اتي ئي مولانا مودودي ۽ سبط حسن سان ميلاپ ٿيو ۽ ڪامريڊ نازش سان سندس ويجهڙائپ ٿي ۽  ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ بهرو ورتائين. بعد ۾ پي ٽي وي لاءِ عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند آڊيشن ورتس. ڪي سال ٽي.وي تي سنڌي پروگرام ۽ ڊراما اسڪرين لکيائين. سندس والد سنڌ جي جيلن جو وڏو مودي هو، ڪراچيءَ مان موٽي اچي پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو. اتي قيدين کي کاڌ خوراڪ پهچائيندي، ان وقت جي وڏن اَسيرن خان ولي خان، جنرل شيروف ۽ ٻين سان لاڳاپو ٿيس، جو انهن کي لِڪي لِڪي ڪتاب ور ۾ وجهي پهچائيندو هو، يا سندن خط پڻ پوسٽ ڪندو هو. پيءُ جي وفات 1975ع ۾ ٿيس ته عملي زندگيءَ ۾ پير پاتائين، جيلن جي ٺيڪيداريءَ کي مڪروھ سمجهندي روڊن، عمارتن وغيرھ جي ٺيڪيداري ڪيائين. پر اتي به ڏيتي ليتي جي جهنجهٽ ڪري هٿ ڪڍي ٻيا مختلف روزگار ڪيائين، جن ۾ ميڊيڪل اسٽور، لوھ جو ڪم، ڪاغذ جو ڪم ۽ ڪمپيوٽر ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ شامل آهن. پر ڊراما ۽ ڳائڻ سندس وِرونھه رهيا. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿو، ڪي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ ميدان جنگ ۾ عمل پيرا آهن ته ڪي وري عثمان صاحب جھڙا قلم جي جنگ وڙهندي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ورثن کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ کي اهم سمجهندا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ هر موضوع تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجي پيو، پر ڪجهه اهڙا به پاسا آهن. جن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي خاص طور تي آرڪيالاجي، قديم آثار وغيره.

تحقيق جو ميدان انتهائي ڏکيو آهي، ڪا به تحقيق ڪرڻ لاءِ رت کي ولوڙڻو پئي ٿو، خاص طور تي قديم آثارن جي تحقيق آئون سمجهان ٿو، انتهائي ڪٺن ڪم آهي، ان ڏس ۾ محمد عثمان ميمڻ ۽ حاڪم علي شاهه بخاري پاران تيار ڪيل ”سنڌ جي قديم آثارن جي ڊئريڪٽري“ ۽ بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري“ جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. هنن ڊارئيڪٽريز ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا تقريبن ماڳ مڪان اچي چُڪا آهن، اها تمام اعليٰ قسم جي تحقيق آهي. هن تحقيق جي روشنيءَ ۾ ماڳن مڪانن جي اهڙي ته ترتيبوار ڄاڻ ڏني وئي آهي، جو جاگرافيائي لحاظ کان کڻي ڏسجي ته ان جي ماپ، نقشو، ان جي خوبصورتي ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هي اهڙي تحقيق آهي جو ايندڙ وقت ۾ اگر انهن آثارن جو نقشو به مٽجي وڃي، تڏهن به ان جي ڳولا آسان طريقي سان ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته واضح ڄاڻايو ويو آهي ته فلاڻو ماڳ سنڌ جي گولي تي، زميني ۽ آسماني سطح تي هيتري سينٽي ميٽرن تي موجود آهي. اهڙيءَ طرح ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين وارو سندس اعليٰ قسم جو ڪم آهي. هن ۾ ڏکڻ ايشيا جي سڀني ٻولين جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ انهن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺل آهي، هندڪو، پراچين توڙي ٻين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه موسيقيءَ تي ’سنگيت سنسار‘ ۽ ’ڏيهي پرڏيهي ساز‘ پڻ اعليٰ قسم جي تحقيق آهن. هنن ۾ نه صرف سُرن جا نالا ڏنا ويا آهن، پر گائڪيءَ جا انداز، آلاپ، سُر، تال، لئه کان ويندي وقت به ٻڌايل آهي ته ڪهڙي راڳڻي ڪهڙي ٽائيم ڳائي سگهجي ٿي ۽ ڏيهي پرڏيهي ساز ۾ پڻ سنڌ کان علاوه ٻين ملڪن جي سازن جي مڪمل ڄاڻ ڏني وئي آهي. يا وري تعميراتي لغت جو جائزو وٺجي ته هي ڪم به ڪنهن مهارت کان گهٽ ڪونهي. هن ڪم ۾ به وڏي محنت ٿيل ڏسجي ٿي. مثال طور گنبذ لفظ جي ته اسان کي خبر آهي، پر ان جي مڪمل معلومات کان ڪي ٿورا ماڻهو واقف هوندا. اهڙيءَ طرح  هر تحقيق ٻئي کان مٿاهين آهي. بئنڪاري ۽ واپار واري لغت به اعليٰ قسم جي تحقيق آهي. مجموعي طور تي اسان پنهنجي سونهن ساک سان چئي سگهون ٿا ته هي ڪم ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھه ناهن، جيڪي ڪم هنن فقير صفت ماڻهن ڪري ڏيکاريا. هنن ڪمن تي اسان جي نوجوانن کي غور ڪرڻ گهرجي، اصولي ۽ اخلاقي قدرن کي ڏسجي ته هي ڪم اسان جي ادارن ۽ اسان جي نوجوانن جي ذميواري آهن، پر وري به شابس آهي، ههڙن فقير صفت ماڻهن کي جن عمر جي آخري گهڙين تائين به پنهنجي محنت ۽ جانفشانيءَ سان نڀائيندا رهيا، نه ته ان عمر جا ماڻهو ته بستري حوالي ٿي ويندا آهن.

آئون سمجهان ٿو ته اهو عشق آهي، جنهن هيڏو سارو ڪم ڪرايو. هي اهڙا موضوع آهن، جن تي ان انداز سان هن کان پهرين تحقيق ناهي ٿي سگهي، ان تي اڃا به تحقيق جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان کان علاوه سندس هڪ ٻيو پاسو جيڪو گهڻو اهم آهي، اُهو آهي (ڊرامو). محمد عثمان ميمڻ ڊرامي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو ’پسي ڳاڙها گل‘ آهي، جيڪو هارون رند پي.ٽي.وي تي پهريون ڀيرو پروڊيوس ڪيو ۽ ٻيو ڊرامو ’چريو‘، جيڪو هارون رند پي.ٽي.وي تي پروڊيوس ڪيو. ان کانپوءِ پاڻ لڳاتار 30 کن ڊراما پي.ٽي.وي لاءِ لکيا. جڏهن ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي وي چئنل کُليا ته 2005ع کان هن انهن لاءِ لکڻ شروع ڪيو، ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سندس ڊرامن بيحد مقبوليت ماڻي. ان کان علاوه سندس هڪ ڊرامو ’پاڻي مٿي جهوپڙا‘ ڪي.ٽي.اين طرفان منان عباسي منڇر جي پس منظر ۾ پيش ڪيو جيڪو ٿيم توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪي.ٽي.اين جي مُک سيريل شمار ٿئي ٿو. هن ڪي.ٽي ين تي ’حوا‘، ’آئينو‘ نالي سيريل کانسواءِ درجن کان مٿي 5 ڊيز لکيا. سندس 80 قسطن تي مشتمل سيريل ’روپ راڻي‘ جيڪا سنڌ جي محبتي ڪردار سونيتي ۽ ان دور جي سياسي عڪاسي ڪري ٿي. ساڳي وقت محمد عثمان سنڌ ٽي ويءَ تي به ڪافي لکيو. جن ۾ گهڻو ڪري سيريل ۽ 5 ڊيز آهن. سيريل ۾ ’شانتي‘ سندس بهترين سيريل آهي، جيڪا اڌ کان مٿي ٿري زبان ۾ لکيل آهي. هيءَ پهرين سيريل آهي جنهن ۾ ڪردارن مقامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو آهي، جيئن فلمن ۾ ڳالهايو ويندو آهي. امانت گل هن جا گيت ڪمپوز ڪيا ۽ مائي ڌائي انهن کي ڳايو آهي. هن کان اڳ سندس سيريل ’وارث‘ به بهترين ڊرامن ۾ شمار ٿئي ٿي. جيڪا 60 قسطن تي مشتمل هئي. هيڏيون وڏيون مسلسل قسطون لکڻ ۽ انهن جو شاندار تسلسل بحال رکڻ ڪافي اوکو ڪم آهي، جيڪو پاڻ ذميداريءَ سان نڀائيو. 5- ڊيز ۾ سندس ڊرامو  گهڻو پسند ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ٽي. وي تان هليو. هن نسيم کرل، اياز قادري، ڪرشن چندر کان سواءِ هندستان جي مرهٽي ۽ تيلگو زبانن جي ڪهاڻين کي سنڌي ويس ڏئي ڊراماٽائيز ڪيو.

سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾: سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ڀاڱو 2،) منڇر جي آبي جيوت، ڏکڻ ايشيا جا ناچ، جديد فلسفي جا باني، جيوڻيون (ٻه ڀاڱا) سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جا ماڳ، جنهن ۾ 200 ماڳن تي ڪم ٿيل آهي. ان کان علاوه سنڌ جي درگاهن تي به هڪ ڪتاب تيار ڪيل آهي.

سندس ڊراما نج پج اسان جي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن، ڪردارن جي چونڊ به ڪمال جي آهي. هو ماڻهن جي اندر ۾ گهڙي سندن ڏکن دردن کي ڳولهي لهي ٿو. محمد عثمان ميمڻ پنهنجي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري، پاڻ بنيادي طور تي ڪميونسٽ سوچ رکندڙ ماڻهو هو، ان ڪري شروعاتي زندگي ڪميونسٽ لڏي سان گذري، پر جڏهن ڏٺائين ته سياست جو سج لهندو پيو وڃي ته آهستي آهستي سياست کان پاسيرو ٿيندو ويو ۽ مطالعي مشاهدي ۾ مشغول ٿيندو ويو، ان وچ ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا مختلف ادارن ۾ نوڪرين جون آفرون به ٿيون، کيس 1974ع ۾ شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر جي آڇ ڪئي ۽ ڀُٽي صاحب طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر آڊٽ ريلوي جي آڇ کي به قبول نه ڪيائين، پر هن فقير صفت ۽ آزاد سوچ رکندڙ انسان، پابندي واري زندگي قبولڻ کان انڪار ڪيو، واقعي جنهن ماڻهو سڄي زندگي پنهنجي دل ۽ دماغ جي چوڻ تي ڪم ڪيو هجي، اهو ماڻهو ڪنهن جي ماتحت ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي، اهڙيءَ طرح سائين محمد عثمان ميمڻ پنهنجي پوري زندگي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ گذاريندو رهيو ۽ 2009ع ۾ جڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ سيڪريٽري تاج جويي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته پاڻ خوشيءَ سان قبول ڪيائين. ۽ باقاعدي ان ۾ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪري 11 جلد ڇپائي لائق بڻايائين. ان وقت مون کي حيرت ٿي هئي ته هن ماڻهو ان نوڪريءَ لاءِ ’ها‘ ڪيئن ڪئي، پر پوءِ هڪ ڀيري پاڻ ٻڌايائين ته انسائيڪلويڊيا جو خواب منهنجو پراڻو هو ۽ ان جو 1992ع ۾ مون ڪجهه سِرا وغيره ٺاهي ڪم ڪيو هو، اهڙي ڪم جي آڇ کي آئون ڪيئن ٿو ٺڪرائي سگهان. ساڻس گڏ پهرئين جلد کان وٺي چوٿين جلد تائين مون ڪم ڪيو هو، ان دوران مون محسوس ڪيو ته سندس هن ڪم سان عشق آهي، پاڻ هن عشق ۾ اهڙو ته اَلوپ ٿيل هو، جو ڪڏهن ڪڏهن مون جھڙن دوستن کي به ڪم ڪار جي حوالي سان بخش ڪونه ڪندو هو، ۽ سائينءَ جو اهڙو رَويو شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي دوستن کي ناگوار به لڳندو هو، پر آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سندس اهو رويو ڊڪٽيٽراڻو هرگز نه هو، ان رويي ۾ پڻ محبت ۽ سندس ڪميٽڊ هئڻ جي شاهدي ملي ٿي، هونئن به ڪنهن ذميوار سيٽ تي ويهجي ٿو ته ڪيترن ئي دوستن جون رنجشون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. عثمان صاحب جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو استاد بخاريءَ سان گذريو، ان بعد جڏهن سائين حاڪم علي شاھ بخاريءَ سان سِڪ جو سڳڙو ٻڌو ته ’مون ۾ آهين تون‘ بڻجي ويا. چوويھه ڪلاڪ گڏ، اڄ تائين جيترا به ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ۾ به ٻئي گڏ، ائين کڻي چئجي ته هنن جا جسم ٻه ۽ رُوح هڪ اٿن ۽ جڏهن حاڪم علي شاهه بخاري هي جھان ڇڏيو ته پاڻ به ڄڻ ته ويڳاڻو ٿي ويو هو ۽ گهڻو عرصو زنده رهي نه سگهيو، هُن پار وڃي ساڻس ساٿ ۾ سلهاڙيو.

ان کان علاوه پاڻ، سائين جي.ايم سيد، شيخ اياز، نظير عباسي، نياز همايوني، عبدالواحد آريسر، انور پيرزادي، بدر ابڙي، اشتياق انصاريءَ سان به انتهائي ويجهو رهيو. اميد ته سنڌ جو ايندڙ نسل هنن ماڻهن جو قدر ڪندي، سندس اڌ ۾ ڇڏيل ڪم کي اڳتي کڻي فخر سان چوندا ته اسان جا وڏا ايڏا ته مهذب هئا، جو هنن پنهنجي ورثن کي به دنيا ۾ اُجاگر ڪيو، جو اڄ اسين پوري دنيا ۾ فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪري جيئون پيا، سنڌ جي هن املهه ماڻڪ ڪجهه عرصو بيماريءَ سان جهيڙيندي 8 ڊسمبر 2021ع تي هيءُ جھان ڇڏيو، کيس سوين آلين اکين سان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

عثمان صاحب پونئيرن ۾ ٻه پُٽ احسان ۽ رضوان ۽ ٽن نياڻين جو غمزده اولاد هن دنيا ۾ ڇڏيو آهي.

فهيم نوناري

ڄام شورو

 

 

 

پير عبيد راشديءَ جي ڪهاڻين جي ڪتاب

”ستاويهه ڊسمبر“ تي لکيل جائزو

 

پير عبيد راشدي اهڙو سنجيده تخليقڪار آهي، جنهن جي هٿ ۾ سڀني رنگن جا برش آهن، هُو سڀئي رنگ پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ڪينواس ۾ هوليءَ جي رنگن جيان پکيڙڻ چاهي ٿو، آزادي، وطن جي سلامتي، ساڻيهه جي سڪ جا سڀئي ڏيهي ۽ پرڏيهي منظر هُن جي ڪهاڻيءَ ۾ آهن. اچو ته ٿورڙو عالمي منظرنامي ۾ عبيد راشديءَ کي ڏسون.

سن 1923ع ۾ انگريز آمريڪن سامراج اتحادي فوج (Black Sea) ۾ ترڪيءَ جي ٻيٽ تي اڏريل خوبصورت شهر بالي گولي ۾ جڏهن سلطان عبدالحميد جو حڪمنامو کڻي برگيڊيئر ڪمال مصطفيٰ اتا ترڪ وٽ ويو ته انقلابي ڪمانڊر ڪمال مصطفيٰ اتاترڪ سلطان حميد جو حڪمنامو ڦاڙي ذرا ذرا ڪري هوا ۾ اُڏاري ڇڏيو ۽ ڪاري سمنڊ (Black Sea) جي پرسڪون ماحول ۾ گولين جا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ آيا، فضا ۾ فائر ڪري ڪمال مصطفيٰ اتاترڪ چيو ته ”ترڪ ڪڏهن به غلام نه رهيا آهن، آخري گوليءَ تائين اسين وڙهنداسين. بالي گولي واري جڳهه تي منظم انگريز آمريڪا اتحادي فوج سان ڪمال اتا ترڪ جي اڳواڻيءَ ۾ گوريلا وار ذريعي وڙهيو. گوريلن انگريز فوج جي چيف اِن ڪمانڊر (Chief in Commander) جي بحري جهاز تائين پهچي ڪمانڊر کي قيد ڪيو، ته فضا ۾ ڦڙڪندڙ اتحادي فوج جو جهنڊو سرنگو ٿيو، اتاترڪ فاتح بڻيو، غلامي جو دور (Black Sea) ۾ ٻڏي ويو. اتاترڪ جي آزادي واري گوريلا ويڙهه کان اڳ عثمانيه دور ۾ انگورا واري جيڪا شديد جنگ ترڪ ۽ انگريز اتحادي فوجن ۾ ڇڙي هئي ته انهيءَ ۾ مسلمان وڏي تعداد ۾ زخمي ٿيا هئا ۽ کين انگريز بادشاهن جو دٻدٻو گهٽائڻ ۽ ترڪن جي عملي مدد ڪرڻ خاطر برصغير هند ۾ خلافت تحريڪ جُڙي. سنڌ ۾ جنهن تحريڪ جي سرواڻي پير جهنڊي وارو سائين رشدالله شاهه راشديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ اندر -/40000 چندو گڏ ٿيو هو، جنهن ۾ سنڌي عورتن پنهنجا سونا ڪنگڻ به ڏنا هئا، ۽ هارين نارين کان جيڪو پُڳو سڀني پنهنجو حصو انگورا جي زخمين لاءِ ڏنو. جيڪو چندو مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي اڳواڻي ۾ موڪليو ويو، (ليڪن ڏاڍي دير سان چندي جي رسائي ٿي).

 

مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي خمير، ضمير، جوهر ۾ جديد اسلامي سوشلزم جو قائل هو، قنڌار، ڪابل، ماسڪو ۽ ترڪيءَ جا سفر انهيءَ جي گواهي آهن، ظفر ايبڪ هن جو ساٿي هو، کين ظفرايبڪ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جو ساڄو هٿ هو اُهو مولانا عبيدالله سنڌي اسان جي دوست ڪهاڻيڪار سيد عبيد راشديءَ صاحب جي ڳوٺ پير جهنڊو شريف ۾ اچي رهيو. جتي ڊگهو عرصو رهيو، ڪيتريون ڳالهيون ڪيائين چوندو هو آزاد سنڌ جوگاديءَ جو هنڌ پير جهنڊو ٿيندو، گڏيل هندستان مان انگريز سامراج جڏهن ٽپڙ گول ڪندو ته هندستان جي قومي ٻولي سنڌي ٿيندي  (اهي ڳالهيون مون کي پير سائين سيد عبادالله راشدي صاحب جي ريفرنس سان ڪريان ٿو). ليڪن اهي سڀ خواب اڄ به ڳاڙهي جهنڊي جيان فضا ۾ ڦڙڪن ٿا.

پنهنجي ريٽي رت ۾ جهنڊو،

اُڀ تائين جهوليندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، ايندو ساٿي

(شيخ اياز)

ڪهاڻين جي ڪتاب جو موضوع ڇرڪائينڊڙ آهي، ”ستاويهه ڊسمبر“ مون کي جڏهن ڪتاب مليو ته مون تاريخ جي پولار ۾ روشنيءَ  جا ذرڙا تلاش ڪرڻ لڳس، پر ڳالهه ڪنهن نڪتي تي ڪانه بيهي پئي. ڪهاڻيڪار پير عبيدالله راشديءَ جي شجري حسب نسب ۽ School of Thought ۾ جهاتي پاتم ته اتي به ڪا 27 ڊسمبر نظر نه آئي، آءٌ گهڻي ڀاڱي غير روايتي آهيان، پر ٿورڙو راويت پسند به آهيان، ڪتاب جو مهاڳ ۽ تعارف مان آخر ۾ پڙهندو آهيان، پهرين ڪهاڻيون، جيڪو ليکڪ جي اصل تصوير، سوچ ۽ ادراڪ جو ڏس ڏيندو آهي. سو مان ڪتاب جي ڪهاڻي ”ستاويهه ڊسمبر“ ۾ گهڙي پيس. پهرين پڙهڻي ۾ مون کي ڪهاڻيڪار جو پروفائيل معلوم ٿيو، ورائي پڙهيم. معلوم ٿيو پنهنجي جاني پٽ سميت سڄي سٿ کي ساري ٿو، بلڪ فڪري طور پراڻن ڪامريڊن جي نالن کي آرٽسٽڪ رنگ روغن ڏيئي ڪي فرضي نالا به تجويز ڪونه ڪري ٿو، سڌوسنئون محبت جي ورجاءَ ۾ اصل نالا لکي ٿو، شهيد علي مردان شاهه، احسان ميمڻ وغيره.

شيخ اياز جي سياسي ۽ ادبي ڀرتين جا احوال به اوري ٿو، پنهنجي دوست پروفيسر جي عاقلانه اُڏام تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو، جيڪو هيرو کي زيرو ڪري پيش ڪري ٿو، پير عبيد راشديءَ جي ٻولي نهايت شاندار آهي، ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ ۽ اسلوب مان ليکڪ نهايت برجستو، ڄاڻو وڏو آرٽسٽڪ معلوم ٿئي ٿو، ڪهاڻي جو منڍ (Beginning) وچ (Middle) ۽ نتيجو (Conlussion) جون جملي گهرجون ڪهاڻيڪار ڄاڻي ٿو ۽ خوش اسلوبيءَ سان سڀئي ڪهاڻيون پڙهندڙ کي ڪنهن (Positive) نتيجي تي پهچڻ لاءِ اتساهه ڏين ٿيون. ليڪن انهيءَ کي وڌيڪ آرٽسٽڪ انداز ۾ پيش ڪري ته ڪردار وڌيڪ شاندار ۽ جاندار لڳندا، آرٽ اها طاقتور ٿئي ٿي جيڪا Abstract هجي ٿي، جيڪا Subjective نه بلڪ Objective ٿئي ٿي. سا Skillful Art زمان ۽ مڪان سان ڳالهائي ٿي، سوفوڪليس، شاهه لطيف، خيام، رومي، حافظ، ڪاليداس، ٽئگور ۽ ٻين عظمت جي مينار کي تڏهن ڇهيو جڏهن هنن حقيقت کي به Abstract انداز ۾ پيش ڪيو. آءٌ ڪمال اتاترڪ ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي پس منظر کي پير جهنڊي ۾ جنم وٺندڙ پير عبيد راشديءَ سان ڳنڍڻ جا جتن انهيءَ ڪري ڪريان ٿو ته هيءُ اصل ۾ حُر آهي، انقلابي آهي، پوءِ ڪامريڊ ۽ ڪهاڻيڪار آهي، انقلابيت ۽ سنڌ کي خوشحال ڏسڻ وارا خواب هن جي هر ڪهاڻيءَ جي جملي مان جهلڪندي نظر ايندا، هو سنڌ جي سربلندي، خوشحالي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي بالادستي چاهي ٿو، پر ”ستاويهه ڊسمبر“ ۾ هو سنڌ جون سياسي بارڊر ڪراس ڪري ويو آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت هن لاءِ سنڌ جو ڏک آهي، پٽ سان ڳالهائيندي چئي ٿو: ”جاني تڪڙو اچ ڳوٺ واپس هلون.“

”ڳوٺ نه بابا، ڳوٺ نه هلو.“

باقي ڪيڏانهن هلبو.... لياقت باغ راولپنڊيءَ رابطو ڪٽجي ويو.

”بابا پنهنجي ڳوٺ ۾ پر ڳڙهي خدابخش لاڙڪاڻي هلنداسون....!“

”پٽ سِڪ کي ڪهڙو پنڌ ڳوٺان ئي هلنداسون،؟“ ضد ڪيم.

”نه بابا لاڙڪاڻو روڊ ڏئي هلنداسين، واٽ تان سنائي سيد ۽ مخدوم بلاول کان لاڙڪاڻي واسين لاءِ دعا ۽ سنيهو وٺي هلنداسين.“

“Nothing is prefect in the world Except death.”

”موت کان سواءِ دنيا ۾ ڪابه شيءِ prefect نه آهي.“ پر موت کانپوءِ به Evolution Process ٻڌائي ٿو ته زندگي جا ٻيا به ڪي لقاءُ مظهر ۽ روپ آهن.

ڪتاب جو ليکڪ نهايت سچائيءَ ۽ بيباڪيءَ کان ڪم وٺندي چئي ٿو، ”جيڪو لکڻو هو اهو ڪهاڻين ۾ آهي، منهنجو حال ڪهاڻين ۾ ڳوليو، جيڪو لکڻو هو، سو ڪهاڻين ۾ لکي ڇڏيو هو، اچو ته پير عبيد جي ڪهاڻين ۾ جهاتي پايون، هو هڪ وطن پرست سڄاڻ ليکڪ آهي، جنهن کي وطن جو درد سرس آهي.

”مون کي پنهنجو آواز يونيورسٽيءَ جي ديس پرست شاگرد جو پڙلاءُ مان محسوس ٿيو، ائين چئي وکون کڻي گيلري ۾ وڃي ويٺس، ڪئمپس تي ٿڌي شام جا رنگ وکريل هئا، ٻاهر هيٺ شاگرد اجرڪن ۽ گرم ڪپڙن ۾ هئا. (ص 37)

”جي وقت موٽ کائي ته سڀڪجهه تياڳي ڳري قيمت ۾ اچي رهندس.“ (ص 30)

سنڌ ۾ پاڻي جون ڍنڍون هزارين هونديون، شهيدن جي خون جون ڍنڍون ۽ ماڳ ته هر قدم تي هر دور ارغونن ۽ ترخانن جو ورجاءُ آ.

ٻي ڪهاڻي ”وڻجارا اڏي ويا“ ۽ ڪردارن جي تاريخ جي پڙلاءَ ۾ وطن، وطن جي ماڳ، مڪان سان سلهاڙيل آرٽ جو ذڪر آرٽسٽڪ انداز ۾ ڪري ٿو. لکي ٿو: ”سڀ گل، ٻوٽا، سنڌ ۾ سدائين ڌاريا ٻاهريان!؟“

هنن جي چنتا، ڳڻ ڳوت ۾ سنڌ جي شهرن ڳوٺ جا منگهه ماڙيون اڀري پيون.

”ماڙيون شهر جا مک چهرا ۽ منگهه، نڪ اکيون ٿينديون آهن.“

جمشيد نسروانجي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.

”نه نڪ نه سسيون پوءِ ساهه پيا کڻون، ڳالهين .............

”اُهو  ڏک پنهنجي جاءِ تي پر پنهنجو ساهه ڌرتيءَ سان شهر جي هڪ تاريخي جاءِ حيدر منزل....؟“

اسان جو ڪهاڻيڪار انتهائي ذهانت سان وطن سان سلهاڙيل درد کي شاندار آرٽسٽڪ انداز ۾ بيان ڪري ٿو، لکي ٿو: ايگزيبيشن هال جي در تي ساڳيا ٽهڪ، آرٽ لورز جا سنجيده مک.

Sorry“.

هرچندراءِ وشنداس جمشيد نسروانجي جينئس آرٽسٽ چترڪار نجيب شاهه سان ٽڪرائيندي بچيا.

Its all right“.

نجيب شاهه جي مک تي لازوال مرڪ ۽ هٿن ۾ رنگن جا برش هئا.

ڪمال جون تصويرون ۽ اسڪيچ هئا.

ڪنهن صبح جو سج جا ڪِرڻا موهاٽا پئلس ۽ Icon Tower جي مهاڙيءَ تي تلڪ جيان وسيل هئا، چوڪيدار ماهوٽا پئلس جي گيٽ تي بيٺل هئا، هڪ عملدار آفيس ۽ عجائب خاني مان ڦيرو پائي پوئين پاسي کليل پڌر اورانگهي مورتين پاسي ويو ته اوچتو رڙ نڪري ويس:

”مورتيون گم آهن....!!؟؟“

”هن جي رڙ چوڏس پڙاڏو ڪري Icon Tower سان ٽڪرائجي موٽي آيون.“

”وڻجارا کنڀجي ويا!!“

مورتين جو پراسرار آواز هوائن سان وڃي مليو.

ڏسو! ڪهاڻيڪار ڪيڏي شاندار انداز ۾ ڌرتي ڌڻين جي دانهن آرٽسڪ انداز ۾ ورجائي آهي، جيڪا مادرِ وطن اندر ٿيندڙ ڏاڍ ۽ انياءَ جي ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي جا نتيجا ڏورس (Un-Folded) آهن.

 

محبوب ڏيٿو

رحيم آباد- ڏيٿا

 

 

 

ڊاڪٽر رضا چانڊيو جي ڪتاب

”منهنجي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي“ تي تبصرو

 

جڏهن رضا محمد چانڊيو جو شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”واچوڙا وجود ۾“ 15 آڪٽوبر 2015ع تي هٿن ۾ آيو ته سندس احساس جي اپٽار مان اندازو ٿيو ته سندس وجود ۾ ڪي واچوڙا اڃا به آهن، ۽ اهو ان ڳالهه جو پيش خيمه هو ته جلد سندس ڪا اڃا وڏي انقلابي انداز ۾ ڪا شيءِ تخليق ٿي ڪري ظاهر ٿيڻ واري آهي، جن کي نثر جي شڪل ۾ وڌيڪ آسانيءَ سان ثابت انداز ۾ پنهنجي اندر جو آواز، احساس تجربي ۽ مشاهدي سان ثابت ڪري سامهون آڻڻ چاهي ٿو. پر وري هُن جي نئين ڪهاڻين جي ڪتاب: ”منهنجي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي.“ جي عنوان مان به معلوم ٿئي ٿو ته اڃا به سندس ڳالهه اڌ ۾ رهيل آهي، ۽ هُو اڃا به گهڻو اندر ۾ اتساهه رکي ٿو.

جتي هُو سندس پهرئين ڪتاب جي شعر موجب ڪڏهن ماکيءَ کان مِٺو ته ڪڏهن ڪڙو ٽوهه وانگر پيش ڪري ٿو، اُتي رضا جو روح سدا سپرين سين ملائي رکي ٿو.

هُو الله جي رضا حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي نالي جي نسبت محمد جي رضا تي به راضي رهڻ سيکاري ٿو، ۽ سندس زندگيءَ جي سڄي سفر، محبت، محنت، جدوجهد جو نچوڙ به حقوق الله ۽ حقوق العباد کي احسن انداز ۾ نڀائيندي نظر اچي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب خالق اڳيان خاڪساري ڪري، من ۾ محبت پائي مالڪ جي مخلوق سان سهڻو سلوڪ ڪري ٿو.

ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب جو موضوع ”منهنجي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي“ ۽ ارپنا سندس ننڍي ڀاءُ مرحوم غلام حيدر چانڊيو جي نانءُ جو انتخاب به خوب آهي، لڳي ٿو ته هن جي وڇوڙي کيس جهوري وڌو آهي، ۽ اهڙي حالت ۾ ڪئين ڳالهيون ۽ ارمان اڌورا رهجي ويندا آهن، ۽ منظر ويران ٿي ويندا آهن، جنهن جو اثر ۽ عڪس به سندس زندگيءَ ۽ لکڻين تي نمايان نظر اچي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ سڄي معاشري جي نبض شناسي ڪري ٿو، پاڻ سڄي دنيا جو درد پنهنجي سيني ۾ سمائي ٿو ۽ ان کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ ۽ انهن ڦٽن ۽ زخمن تي پها ۽ پٽيون رکڻ جو فرض ۽ فن علمي ۽ ذاتي زندگي خوب نڀائي ٿو، هو اجايو ضد کي به رد ڪري ٿو ۽ هر حال ۾ راضي رهڻ جي راهه ڏيکاري ٿو، نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه به احسن انداز ۾ اندران ڪڍي اڳئين ماڻهوءَ جي من ۾ لاهڻ ڄاڻي ٿو، ماڻهن جا اڍنگا انداز ڏسي زبان جو زهر محسوس ڪندي لهجن جي ڪينسر جو به ڪيس وڙهي ٿو. هُو پرين کان پري رهڻ کان لهرائي ٿو ۽ انهن جي سِڪ اُڪير ۽ اُلفت اندر ۾ رکڻ سيکاري ٿو. ڊاڪٽر صاحب محسن انسانيت وارو سبق اندر ۾ اوتي سچ جو رستو اختيار ڪري ٿو.

ڊاڪٽر صاحب گيٽ ٽو گيٽ جو قائل آهي هُو دشمن کي به ..... آسرو لاهڻ نٿو ڏي ۽ پنهنجو فرض نڀائڻ ڄاڻي ٿو، پنهنجي مقدر تي مايوس ٿيڻ نٿو ڏي.

هُو ماڊرن عشق جي انداز ۾ به ڀروسي ۽ ڀـؤ کان خبردار ڪري ٿو، دل ۾ درد ۽ مامتا جهڙي محبت جو مِٺاس ماڻڻ لاءِ ماڻهن کي اندر اُجارڻ سيکاري ٿو. رونق افروز رمزن سان معجزن، بحث مباحثن مان فيض پرائڻ جو فن سيکاري ٿو، جڏهن هُو جهوڪ پَسي ٿو ته جهڄي پوي ٿو ۽ هن دنيا ۾ سندس مشاهدن مان گهڻو ڪجهه سيکارڻ چاهي ٿو. رولو ڪُتي کان پَٽي ڀائي ۽ چندي جي پيتي کان عمل ۽ گيٽو مستري ۽ ماشاءالله کان نوڪري ۽ ڏيئي ۽ زال جي صلاح کان ڀونڊو تائين دنيا جا سڀ رنگ ۽ ڍنگ ۽ ساڻيهه سان ٿيندڙ ستم محسوس ڪري سبق سيکارڻ جو بهترين درس ۽ محبت جي ڳالهه ڪري ٿو.

مطلب ته ڊاڪٽر صاحب خالق ۽ سندس مخلوق سان محبت ماڻڻ جون منزلون ڏيکاري ۽ سيکاري ٿو.

”هُو سڀ ڪنهن کي پرينءَ جي راهه ڏسي ٿو، بشرطيڪ نيڻن ۾ نينهن هجي ۽ ڳالهه ۾ ڳُڻ هجي.“

سندس ڪهاڻيون ڪافي وقت کان ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ مسلسل شايع ٿينديون رهن ٿيون، ۽ هُو ڄڻ ته ٽماهي ’مهراڻ‘ جو خاص ڪهاڻيڪار به آهي ته مطالعو ڪندڙ پڻ آهي. اهڙي طرح ٽماهي ’مهراڻ‘جي پڙهندڙن سن سندس لاڳيتو رابطو آهي، ائين ٿو لڳي ته هُو پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالهه کي پوري به ٽماهي ’مهراڻ‘ جي صفحن ۾ ئي ڪندو.

 

بشير احمد ڪلهوڙو

راڻيپور

 

 

 

حيران هزارين مان نه رڳو

مرتب: فدا حسين ’فدا‘

 

پروفيسر فدا حسين ’فدا‘ جا ٽي ڪتاب ”دادلوءِ تاريخ جي آئيني ۾“، ”پنو عاقل هڪ اڀياس“ ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”عشق ٿيو استاد“ سنڌي ادب کي ڏيئي چڪو آهي. هاڻي سندس نئون تحقيقي ڪتاب ”حيران هزارين مان نه رڳو“ آڏو آندو آهي، جنهن ۾ هن حضرت قبله علامه و مولانا مفتي عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رحمته الله تعاليٰ عليه جي سوانح تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪري سامهون آندي آهي. سندس ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي شاعرانه رمزن کي سمجهايو آهي، ڪافيءَ جي تتبع تي 84 شاعرن جي طبع آزمائي ۽ سندن سوانح کي سهيڙيو آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪين آهي ته سائين مفتون همايوني رحمته الله عليه بزرگ ڪامل وليءَ هئڻ سان گڏ بلند پايه عالم، محقق، مرتب، مصنف ۽ ڪمال درجي جا شاعر هئا. سندن اها ڪافي سڀ کان پهريون سونا خان بلوچ ۽ پوءِ عابده پروين ڳائي، پر جيئن ئي هيءَ ڪافي ادبي ميڙاڪن ۾ پهتي بيپناهه مقبوليت ماڻيندي بحث جو موضوع پڻ بڻجي ويئي، ڪنهن چيو ته ”همايوني رحه جو اهو ڪلام سون ۾ تورڻ جهڙو آهي ڪلام کي دائميت حاصل آهي.“ ڪنهن چيو ڪلام شاعرانه خوبين سان ٽمٽار آهي، ڪنهن چيو ته ”مفتون همايونيؒ جي ڪلام جي هڪ ئي سٽ پڙهڻ جي لائق آهي ”ڪنهن چيو هڪ ڪافيءَ کيس سنڌ جو ملوڪ شاعر بڻائي ڇڏيو. ڪن هن کي ڪافي ته ڪن ’غزل نما‘ ڪافي ڪوٺيو آهي.

قبلا پروفيسر فدا حسين ’فدا‘ انهن شاعرن جي راءِ ۾ آيل اکرن معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان انتهائي سهڻي سيبتي نموني سامهون آندو آهي.

ڪافيءَ جي مقبوليت جو اهو عالم آهي جو هن ڪافيءَ جو تتبع تي جيترن شاعرن شعر چيا آهن، اوترا ٻئي ڪنهن به فن پاري جي حصي ۾ نه آيا. فدا حسين ’فدا‘ صاحب تمام گهڻي محنت ڪري لڳ ڀڳ هيستائين چيل سمورا نه ته به اڪثر ڪلام سهيڙيا آهن. ٿورا ڪي اڃان رهيا هوندا، پر سندس جستجو لاجواب آهي، هنن 84 شاعرن ۾ ڪافي سارا ته سنڌي زبان جا نامور ۽ استاد شاعر پڻ آهن. ڪي وري ٿورا غير معروف آهن، ڪجهه شاعر، مفتون صاحب جي ڪلام جي شعريت جي سحر ۾ لکي ويا آهن، ته ڪن وري ڪسب ڪمايو آهي، ڪن موضوع ۾ تبديلي آندي آهي. ته ڪن وري هيئت ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي، لک شابسون ۽ مبارڪون اسان جي پروفيسر فدا حسين ’فدا‘صاحب کي جنهن سوانح ۽ ڪافيءَ جي فني حيثيت تي تحقيق سان گڏ هيءُ 84 شاعرن جي ڪلام جي لائق تحسين سهيڙ ڪئي آهي.

پروفيسر سائين فدا حسين ’فدا‘ هن ڪتاب لاءِ جيڪا محنت، مشقت، جاکوڙ ۽ جستجو ڪئي آهي سا قابل تحسين آهي ۽ ڌڻيءَ در دعا آهي ته سندس قلم اڃا وڌيڪ سگهارو ٿئي ۽ ادب کي ائين ئي سنواريندو سينگاريندو رهي. هيءُ ڪتاب مجموعي طرح سيني ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org