سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:14 

امداد ڪانهيو

ميرپورخاص

 

 

ٿاڻيدار

جيڪي اسان جي ڪاڻ نه ڪڍن، اُنهن کي ته پادر ئي هڻڻ گُهرجن! هُن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي پيون، گلاس مان ڍُڪ ڀريندي چيائين، تڏهن ئي وڃي ڪو سُڌرندا.

هر جڳهه تنهنجو پوليس ٿاڻو ڪونهي! گلاس هٿ ۾ کڻي هُن جي دوست ڪانن واري مُوڙي تي ٽيڪ ڏني ۽ سولو ٿي ويهندي چوڻ لڳو، جتي ڪٿي هر ڪنهن کي پادر هڻين تون، اهو مناسب ڪونهي!

هُن جون اکيون کُلي پيون، گلاس هٿ ۾ رهجي پيس، سامهون نهاريندي چوڻ لڳو، اڙي وسايا ! مان ڪير آهيان؟

تون؟ تون.... بندر خان شهمير آهين! وسائي ڍُڪ ڀريندي جواب ڏنو.

اڙي نه نه! اهو ته منهنجو نالو آهي! هُن جو آواز گهيتلو ٿي ڳرو ٿي پيو، گلاس سڌو ڪندي هُن وري پڇيو، پر اهو ٻُڌائي مان ڪير آهيان؟

تون؟ تون ڪجهه سماٽ ڪجهه ٻروچ ۽ ڪجهه راجپوت آهين! وسائي ساڳي بي خيالي ۾ چوندي رهيل گلاس پنهنجي نِڙيءَ ۾ خالي ڪري ورتو.

او شٽ! تون به نه اصل بي دماغو ۽ بي سُرت آهين! بندر خان شهمير پنهنجو خالي ٿي پيل گلاس وري ٺاهيو ۽ گڏ چوڻ لڳو، اڙي بيوقوف اها ته منهنجي ذات  ۽ نسل آهي!

گلاس ٺاهي چپن تي آڻيندي هُن وري پڇيو، پر اهو ٻڌائي..... مان آهيان ڪير؟

وسايو سوچ ۾ پئجي ويو، گلاس هٿ ۾ رهجي ويس، سوچڻ لڳو، بندر خان شهمير ڇا ٿو پڇڻ چاهي!؟ هُن دماغ تي زور ڏنو پر هُن کي سمجهه نه آيو، خالي گلاس هٿ ۾ جهلي هُو سوچيندو رهيو ته بندر خان شهمير بوتل کڻي سندس هٿ ۾ جهليل گلاس ڏي وڌائيندي چيو، ٿاڻيدار آهيان نه مان؟ يا نه آهيان؟

ها ٿاڻيدار ته آهين! وسائي گلاس سِڌو ڪيو ته بندر خان شهمير بوتل هُن جي گلاس ۾ نائڻ لڳو، نِمڪو ڇڏي فنگر چِپس جو ٽڪرو کڻندي وسائي چيو، تڏهن ته مان چوان ٿو هر جا ئي تنهنجو ٿاڻو ڪونهي! جو جڏهن به ۽ جتي به چاهين ڪنهن کي  بي عزتو ڪري وجهين!

اڙي تون به صفا ڪو ڊڄڻو آهين! وسائي گلاس چپن سان لڳائي ورتو ۽ هُن ڍُڪ ڀري گلاس اڳيان پيل ميز تي رکندي چيو، وسايا.... بيشڪ هر جائي ٿاڻو ڪونهي پر مان ته هر جائي ٿاڻيدار آهيان نه؟؟

وسائي خماريل اکيون کڻي بندر خان شهمير کي نهارڻ لڳو ته هُن ساڳي ڳري ٿي پيل آواز ۾ چيو، يا ٿاڻي کان پوءِ پنهنجي هن اوطاق تي به مان  ٿاڻيدار نه رهندو آهيان؟

وسائي وري ڍُڪ ڀري ورتو ۽ پاڻياٺ جي ذائقي مان لُظف وٺندي چوڻ لڳو: بيشڪ تون هتي به ٿاڻيدار ئي آهين شهمير! پر هيءَ تنهنجي اوطاق آهي ڪو ٿاڻو ته ڪونهي!

سٺ سالن تائين مان پڪو صوبيدار آهيان! پوءِ ڪٿي به هجان! پنهنجي اوطاق تي هُجان يا ٿاڻي تي، پر ٿاڻو هرهنڌ مون سان گڏ آهي، فورس مان آهيان طاقت هر جاءِ تي مون سان شامل آهي!

پر تون ائين نٿو ڪري سگهين! وسائي خالي گلاس ميز تي رکندي چيو، ائين ڪنهن به عزت واري تي بنان سبب جي ڪو دهمان ڪرڻ ۽ پنهنجو اثر ڏيکارڻ....

چُپ ڪر! هُن ميز تي مُڪ هڻي ورتي ۽ وسايو ڇرڪي پيو.

جتي مان اُتي ٿاڻو! بندر خان شهمير چيو، هُن منهنجي آڻ نه مڃي ۽ غرض نه ڪڍي ته مان ڪٿي به هُن کي ورائي وٺندس!

پر......! وسائي پنهنجي دوست بندر خان شهمير ٿاڻيدار کي سمجائڻ چاهيو، تڏهن ئي هُن جو آواز ڄڻ بار هيٺ دٻجي ويل ريهه جهڙو نڪتو، پر بندر خان شهمير ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار نه هو ته هڪدم چيائين، بس! ڳالهه ختم. هاڻ تون وڃ، اڄوڪي محفل اختتام، سُڀاڻ وري نئين بوتل ايندي ۽ ساڳي محفل..... پر نه...... محفل نه!، بندر خان شهمير جو آواز وچڙڻ لڳو.

هُن وزني ٿي پيل زبان کي زوريءَ حرڪت ڏني ۽ چوڻ لڳو، محفل نه هاڻ ٿاڻو هتي منهنجي اوطاق تي لڳندو ۽ انصاف ٿيندو!

وسائي کي خبر هُئي، بندر خان شهمير طبيعت جو ڪُڇلو ۽ زبان جو اٿليل آهي! وڌيڪ هيءُ ڪجهه ڪُڇندو ته هاڻ هُو گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏيندو. وسايو بيوسيءَ مان اُٿيو ۽ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنهنجي گهر ڏي روانو ٿي ويو. بندر خان شهمير سوچڻ لڳو، اڄ ڪهڙي سنتريءَ کي سڏائجي ۽ وڃي ڪنهن جي گهر ۾ ٽِپجي؟

غلام رسول پرهياڙ

ميرپوربٺورو

تاريخ

 

امجُوءَ هوٽل ۾ اچڻ سان بئنچ تي ويهندي مونکان پڇيو، ”بابا سائين، اڄ ڪهڙي تاريخ آهي؟“

آءٌ اخبار پڙهي رهيو هئس. اخبار ۾ تاريخ جانچي بي دليءَ سان چيم، ”ڏهين.“

هُو به ان هوٽل تي چانهه پيئڻ ايندو آهي، جتي آءٌ پيئندو آهيان. پاڻ ڳائڻ وڄائڻ واري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، انڪري منجهس عاجزي ۽ نوَڙت حد درجي جي آهي. جنهن سان به ڳالهائيندو ته انکي بابا سائين چئي مخاطب ٿيندو. ڳالهين جو ڳهير آهي، اهڙي ڄاڙي هڻندو جو وڃي ٿيا ست خير. آءٌ ساڻس گهڻو گهرو ڪونه ٿيان. اڳ ۾ ٿورو حجائتو ٿيس پوءِ ڦاسجي ويو هئس. ڪڏهن چوندو، ”سائين، ”چانهه جي اڌڙي پيار.“ ڪڏهن چوندو، “ڏهه رو پيا ڏي.“ اڃا به سندس جيڪا ڳالهه خراب لڳندي اها هيءَ ته پاڻ چرس پيئندو آهي. چانهه پي چرس جو سگريٽ دکائيندو، پوءِ هڻندو ڦوڪون. آئون سگريٽ کان پنج وکون پري ڀڄان، چرس واري سگريٽ جو دونهون هيڪاري ڏکيو لڳي. وري جي اخبار پيو پڙهندس ته اچي ڳالهين ۾ پوندو. سندس قصا کُٽڻ جا نه هوندا. چوندو، ”آءٌ بڻيادو فنڪار آهيان. منهنجو مرحوم پيءُ شيرل، خانصاحب ڳائڻو هو. هن جهڙو باجو ڪنهن نه وڄايو. ان سان گڏ ڳائيندو هئس، ساڙهي پائي گهنگرو ٻڌي نچندو هئس. شهزادو جوان هئس. پيسن سان کيسا ڀريا پيا هوندا هئا. هاسيڪار حيدرآباد فلمون ڏسڻ ويندو هئس، جيڪا نئين فلم لڳندي هئي اها ڏسندو هئس. مائٽ ويٺا هئا ڪهڙي پرواهه.“ ائين چئي قميص جو ڪالر درست ڪرڻ لڳندو. ڪيڏي مهل بي سُري آواز سان مهدي حسن جو ڳايل ڪو غزل جهونگاريندو. گلي جو حال ڪونهيس، انڪري لڳندو نڙي ۾ ڪا شئي ڦاٿل اٿس. سندس ڳالهيون منهنجو اخبار تان ڌيان هٽائي ڇڏينديون ته بيزار ٿي پوندو آهيان. انڪري منهن ڪونه ڏيانس. گهڻو پيو وچڙندو ته وڌ ۾ وڌ ڪنڌ لوڏي هاءُ ۾ هاءُ ملائي جان ڇڏائيندو آهيان. ان ڏينهن مونکان تاريخ پڇي وري ٻيو سوال ڪيائين، ”تاريخون حڪومت ٺاهيندي آهي بابا؟“

”واهه سائين واهه. ڏسو نه حڪومت ڪيترا سُٺا ڪم پئي ڪري. اسان لاءِ تاريخون پئي ٺاهي.“

مونکي سندس اها ڳالهه دلچسپ لڳي. پنهنجي عينڪ جي ٿلهن شيشن مان مٿس نگاهه وڌم. هن نڙيءَ کي ڀاڃ ڏيئي هٿ هلائي وڏي جهيلار سان چيو، ”الله جو قسم بابا!“

امجُوءَ جي ان چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو.

سيد امجد علي سنڌي

................

حيوانيت

 

روز جيان ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي هاسٽل جي روم ۾ وڃڻ جي تياريءَ ۾ هئاسين ته واجد چوڻ لڳو ”هلو ته چانهه جو ڪٽ هلي هڻون.“

منهنجو به چانهه جو موڊ هو، ڪوريڊور رستي ڏاڪڻن جي مدد سان هيٺ لهي، فيڪلٽيءَ جو گيٽ ڪراس ڪندي گول ڪينٽين وڻن جي پاسي کان نڪري اُس جي ٽڙڪي تي اُس جو مزو وٺندي، سامهون کُليل آسمان جي هيٺان اڇي لباس سان ڍڪيل وڏي بلڊنگ سينٽر لائبريري جيڪا پنهنجو مثال پاڻ ۾ آهي، اُس تي وڃي ويٺاسين.

سرد هوائن جسم کي سُن ڪري ڇڏيو هو، مون سامهون بيٺل هڪ بَيري کي سڏ ڪيو، جيڪو پهريان کان گراهڪ ۾ مصروف هو.

انهيءَ ننڍڙي ٻار کي مون ڏانهن موڪليو جيڪو اتي نئون ڪم تي لڳو هو.

حَسين چهرو پياريون ننڍڙيون اکيون، گهاٽا گهنڊيلا وار، ميرا، ۽ ڦاٽل ڪپڙا، پير اگهاڙا ٿڌ ۾ ڏڪندو مون ڏي آيو، اسان جي ملڪ ۾ غريبيءَ اسان کي ايترو ته مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جو هن ٻار جي پڙهڻ لکڻ راند روند جي عمر هن کي گهر جو ذميواريون سنڀالڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

سامهون اچي ٽيبل کي هڪ ڪُلهي تي رکيل ڪپڙي سان صاف ڪري واپس پنهنجي ڪُلهي تي رکي مون ڏي هلڪي لبڙن جي مُرڪ آڻيندين چيو، ”جي سر“.

هن جو بار بار مون ڏي ڏسي چوڻ ”جي سر حڪم ڪيو.“

هن جي سامهون پنهنجي اکين کي جهڪائيندي دل تي جبل جيڏو بار کڻي هن معصوم کي ٻه ڪَٽ چانهه جو آڊر ڪيم.

مان هن جي معصوميت کي ڏسي ائين شرم جي سمنڊ ۾ ٻُڏي ويم جيئن سج ڪارن ڪڪرن جي پويان لِڪي وڃي.

مان هن جي معصوميت تي گُم هئس ته ڪجهه دير مس گذري ته ننڍڙو معصوم پنهنجي ننڍڙن هٿن سان چانهه اچي سامهون رکي.  ۽ چوڻ لڳو: ”جي سر هيءَ اوهان جي چانهه.“

”ٻڌو هيڏانهن اچو نالو ڇا آهي اوهان جو.“

منهنجي اوچتي سوال ڪرڻ تي هڪدم هُو وڏي گهَري سوچ ۾ ٻُڏي ويو. ۽ پوءِ دير سان جواب ڏنائين: ”سر اعجاز علي.“

”گهر ۾ ڪير ڪير آهي؟“

”چاچا ۽ مان.“

”چاچا چوندو آهي ته پڙهه نه مزدوري ڪري مون کي پئسا ڏي ته مان سگريٽ ۽ نشو ڪيان. گهر ۾ ڪمائڻ وارو ڪوبه ناهي.“ ائين چئي هُو هليو ويو هن جي اکين ۾ وڏين حسرتن جا پهاڙ ڏسي دل ئي دل ۾ روئڻ لڳس.

واجد ”سيد او سيد؟“

”جي مٺا.“

”ڪهڙو تنهنجو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو آ؟“

”يار واجد معصوم آ صفا يار کيڏڻ جي عمر ۾ ڪمائي پيو.“

بس سيد اسان جو ملڪ غريبيءَ جي لَٽ ۾ ٻُڏل آهي پوءِ اهو ته ٿيڻو آ نه.“ ”اسان جا حڪمران پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن، هنن کي ڪهڙي پريشاني يا هنن کي اسان ساڻ ڪهڙو مطلب.“

جڏهن ووٽن جو وقت ايندو آ ته هيءُ سڀ اسان جي وڏن جي مرڻ جون تاريخون ياد ڪري ايندا آهن ۽ چوندا آهن ابا جيڪو ٿيو رب جي رضا آهي هاڻي اسان کي ووٽ ڏجو.

واجد اسان جي ڪلاس جو (سي.آر) ۽ هڪ ذهين شاگرد هو. حڪومت نالي سان سخت نفرت ڪندي چوندو آ ته اسان غريبيءَ جو ڪارڻ اهي حڪمران آهن.

روزاني جڏهن به اسان ڪينٽين تي اچي ويهون ته هُو ننڍڙو جلديءَ سان اچي سامهون اچي چوندو ته ”جي سر حڪم ڪيو؟“

معصوميت سان ڀريل لهجو هن جو اسان سان گهلي مِلي وڃڻ، هن جي معصوميت مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، مان هميشه هن جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته هن جو مستقبل ڪيئن ٿيندو.

اڄ پوري رات مان اعجاز جي باري ۾ پريشان هئم، صبح سوير مان تيار ٿي يونيورسٽيءَ لاءِ نڪتس.

ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ هو، مان ڪينٽين تي اچي ويٺس. ڏاڍي انتظار ڪرڻ باوجود اعجاز ڪونه آيو، مون سمجهيو شايد دير سان اچي.

ڪلاس ۾ اڄ وقت ئي نه پيو گذري، گهڙيءَ جا ڪانٽا ڄڻ ڪُميءَ جي رفتار کان به آهستي آهستي هلي رهيا هئا. جيئن تيئن ڪري ڪلاس ختم ٿيو ڪلاس کان نڪري ڪينٽين ڏانهن وڃڻ لڳس ته پويان فراز سڏ ڪيو.

”ڪيڏانهن پيو وڃين.“ ڪينٽين ڏانهن پيو وڃان، هلو ته هلون ٿا ڪجهه پيٽ پوڄا ڪجي.“ ۽ واجد کي به سڏي ڪينٽين تي اسان اچي ڪلهه واري جاءِ تي ويٺاسين، پر اعجاز نظر ڪونه آيو، مون هڪ بيري کان معلوم ڪيو ته چوڻ لڳو: ”سر شايد هن جي طبيعت صحيح ناهي شايد انڪري نه آيو آ، اهو هن جو چوڻ ۽ مان هُن جي لاءِ پريشانيءَ ۾ ٻُڏي ويس.

ڪجهه ڏينهن گذرڻ تائين منهنجي من ۾ اُها پريشاني گهر ڪري وئي هئي.

19 ڊسمبر خميس جو ڏينهن اسان جي يونيورسٽيءَ جو آخري ڏينهن هو، هرڪو پنهنجي گهر جي سفر لاءِ تياريءَ ۾ مصروف هو، مان به پنهنجي سامان کي پيڪ ڪرڻ لاءِ امان لاءِ ڪجهه سوکڙي طور وٺڻ لاءِ بازار وڃڻ ٿيو.

ٻئي ڏينهن هاسٽل جي روم تي سامان پيڪ ڪرڻ بجاءِ اعجاز جي باري ۾ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪينٽين تي پهتم ته اعجاز جو ڪو اَتو پتو پئي.

انهيءَ وقت هڪ بيري کان معلوم ٿيو ته ”اعجاز سرڪاري اسپتال ۾ داخل آهي“. اهو ٻڌي منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي. منهنجو اندر وٺجي ويو ۽ جيئن تيئن ڪري اسپتال پهتس. منهنجي من ۾ هن معصوم ٻار لاءِ عجيب عجيب خيال جنم وٺي رهيا هئا. منهنجي قدمن اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪجهه ماڻهن جو ميڙ ڏسي مان اوڏانهن وڃڻ لڳس، ڪجهه ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ۾ مصروف هئا.

ٿوري فاصلي تي بيڊ تي ٻار نظر آيو مان ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اعجاز!! بدحاليءَ ۾ بيد ته سُتل هو.

هن جو ننڍڙو جسم رت ۾ ٻُڏل هو، ڦاٽل ڪپڙن مان هن جو چچريل جسم ائين لڳي رهيو ڄڻ ڪنهن گدڙ هڪ هرڻ جي ٻچي کي چيري ڦاڙي ڇڏيو هجي. هن جون اکيون ته بند هيون، پر پوءِ به ڳوڙهن جو مينهن وسي رهيو هو.

منهنجي ذهن ڪم ڇڏي ڏنو هو، هڪ ڊاڪٽر کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جو چوڻ هو ڪجهه ڏينهن کان لڳاتار معصوم سان ڏاڍائي ڪئي وئي آهي، هن کي سگريٽ جا ڏنڀ ڏنا ويا آهن هن جي جسم تي ڪنهن تيز ڌار شين جا نشان آهن. شيشي جا يا چاڪُن جا.

ٿوري دير ۾ هڪ نرس ڊاڪٽر کي ٻڌائڻ لاءِ آئي، ڊاڪٽر صاحب ننڍڙو اعجاز پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويو! اهو ٻڌي منهنجو وجود سُن ٿي ويو هو، مان ائين پيو محسوس ڪيان ڪنهن منهنجو روح قبض ڪري ڇڏيو هجي.

هن جي معصوميت ۾ پنهنجو وجود فنا ڪري روڊ جو سينو چيريندي اهو سوچيندو رهيم ته معصوم ٻارڙي من ۾ ڪيترائي خواب ڏٺا هوندا، جيڪي اڌورا رهجي ويا.

انسان پنهنجي ڪجهه وقت جي حَوس کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيئن حيوان جي شڪل اختيار ڪندا آهن، اڄ مان اهو سوچيان پيو ڇا اسان واقعي اشرف المخلوقات آهيون؟؟

 

ولي محمد وفا هوت

چرواڻ

 

 

 

بيت

 

(ڏينهن)

 

ڇنڇر ڇڪ پرين لئي، ويتر وئي وڌي،

سور سينجريا سڄڻ جا، رهه رهه دل رڌي،

مڃ منٿ مسڪين جي، صفا ڳالهه سڌي،

ٻيهر ڪر ٻَڌي، پرين پنهنجي پيار ۾.

اڀرندي ڏينهن آچر جي من ڪيو ماتم،

دلبر تنهنجي در جو خاص آهيان خادم،

مان گولو تنهنجي گولن جو، تون ’هوت‘ منهنجو حاڪم،

پيچ پڪو پاتم، هردم دوست حبيب سين.

سومر سڪ سڄڻ جي، ساهه وڌو ساڙي،

روئان ڳوڙها رت جا، ڳلن تان ڳاڙي،

اوڏو ٿي عجيب تون، پرين اچ پاڙي،

پرين وڃ پاڙي، ڪيل وعدا ’وفا‘ سان.

اڱاري ڏينهن اوهان لئي، باس هيم باسي،

ڪانگل مون کي ڏي اچي، خبر ڪا خاصي،

عجيب مون اڀري تي، ڪر ڪَهل به قياسي،

پرين لئي پياسي، هردم دلڙي ’هوت‘ جي.

اربع ڏينهن اوهان لئي اڱڻ اُجاريان،

’وفا‘ وڻ واهڻ جا، مڙئي واسايان،

سڄي جُوءِ جاني لئي، عطر اوتايان،

تول وهاڻا تڪيا، سيجون سجايان،

ويجهو ويهاريان، راڻا توکي روح ۾.

خاصي ڏينهن خميس جي، ويهي نهاريم واٽ،

لڳي سختي ساهه کي، اندر منجهه اُساٽ،

بره باهه ڀڀڙ ٿي، دود دُکيا دونهاٽ،

روز ڪيان ريهاٽ، ملڻ لئي محبوب جي.

ڏسندي ڏينهن جمعي جي ٿيا سُوڻ به سوايا،

ڪيل عرض عاجز جا، کڻي آگي اگهايا،

پرين پير پريت جا، گهر ۾ گهمايا،

ٿيا لايا سجايا، وريا ورق وصال جا.

 

معمور يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

 

پرولي، ٿوڪ، هنر ۽ ٻولَ

 

’پرولي‘ لفظ، ’پروئڻ، مصدر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پوئڻ، پوچ ڪرڻ وغيره.

پرولي لفظ، اصل ۾ ’پروئيل‘ آهي، جيڪو پروئڻ مصدر مان نڪتل فعلي صورت ”اسم مفعول“ آهي، جيڪو ’پروئيل‘ مان ’پروئل‘ ۽ پوءِ ’پروئلي‘ ٿيو، جنهن مان ’پرولي‘ بڻيو آهي.

پروئلي يا پروليءَ مان مراد آهي، اها شيءِ جيڪا مالها وانگر پوتل هجي، جنهن ۾ گهڻا مڻيا (مڻڪا) يا گهڻيون لڙهيون هجن.

هيءَ مضمون هونئن ته ”اَڏيءَ“ سان ملندڙ آهي، پر گهاڙيٽي ۾ ان کان مختلف آهي.

’اڏيءَ‘ ۾ هڪ مصرعه يا ٻه مصرعون (ٻه تڪون) هونديون آهن، پر پروليءَ ۾ ٻن کان وڌيڪ مصرعون يا لڙهيون هونديون آهن.

ڪي پروليون ٻن مصرعن واريون به هونديون آهن، پر انهن ۾ وري گهڻن لفظن يا گهڻين معنائن جي لڙهه هوندي آهي، جيئن ”پڙ پروليءَ“ ۽ ”پريت پروليءَ“ ۾ آهي. ٻي طرف پروليءَ جو اهو قانون آهي ته ان جي ’ڏيڻي‘ يا ’ڀڃڻيءَ‘ مان ڪابه هڪ لڙهه جي شڪل ۾ هجي، جيئن ’پار پرولي‘، ’پڳ پرولي‘، ’پور پرولي‘ ۽ ’پانڌ پروليءَ‘ ۾ آهي.

’پروليءَ‘ جا مختلف روپ هيٺين طرح آهن.

(1) پار پرولي (2) پڳ پرولي (3) پور پرولي (4) پڙ پرولي (5) پريت پرولي، (6) ڏٺ پرولي (7) پانڌ پرولي

پانڌ پرولي

هن قسم جي پروليءَ جي ڏي- وٺ انهن سان ٿيندي آهي، جن سان ’پانڌ‘ اٽڪندو آهي يا پانڌ ٻڌبو آهي.

هن ڏِس ۾ پرولي ڏيڻ واريون، ڪنواريتن جي طرف جون عورتون هونديون آهن ۽ ڀڃڻ وارا گهوٽيتن جي طرف جا ڪي سڄاڻ يا سگهڙ مرد هوندا آهن. جيڪي جهيمڻ ڇوڙيندا آهن.

هن قسم جي پرولين ۾ ’جهيمڻ‘، ’کٽ‘، ’واٽ‘
۽ ’سيج‘ وغيره ٻَڌيون وينديون آهن، جن سڀني ۾ ”جهيمڻ ٻڌڻ“ خاص رسم آهي. جنهن جي ٻڌڻ لاءِ توڙي ڇوڙڻ لاءِ ڪئين نمونا هوندا آهن.

’جهيمڻ‘ جي معنيٰ آهي ’کاڌو‘ ۽ اهو تڏهن ٻڌبو آهي، جڏهن ڄاڃي ڇني ۾ ويٺل هوندا آهن ۽ ’کاڌو‘ سندن اڳيان رکيو ويندو آهي. هو اڃا هٿ ڌوئي، کاڌي ڏي هٿ مس وڌائيندا، ته کاڌو آڻيندڙ عورتون ڳيت ڳائيندي، هيٺين طرح جهيمڻ ٻڌنديون آهن.

جهيمڻ ٻڌڻ:

آيا ’ڄاڃي‘، ڀلي آيا، ڏسيون ڏوري، هلي آيا!

’ٻائِن‘ رات ’سپنو‘ لڌو، ’جوانن‘ جو آهه ’جهيمڻ’ ٻڌو،

’جهيمڻ‘ ڇوڙي ٻاڪو چوريو، ناته ويٺا ’سور‘ سوريو!

جهيمڻ ڇوڙڻ:

مارن ماڳين مينهن وٺا- چئني پاسي گاهه ڦٽا،

مکڻيون، ڪوريون، ٿيا مانڌاڻا- ڳم، ڳنڍير ۽ لنب لاڻا،

جنسن جا جنسار ڏسو- ٿيڙا ان انبار ڏسو،

ڀريا ڪرهيون، ڪڻسارا- مرڪن مارو موچارا،

ورهيه وري ٿا ڪاڄ ٿين- ڪاڄن تي ٿا راڄ اچن،

جنهن ٽاڻي ٿي ڄڃ اچي- ’ڇني‘ ۾ ٿي موج مچي،

ڄڃ جا آڌر ڀاءَ ٿين- ڀوڳ ۽ چرچا، سوڻ، سڳن،

هينئر به آهي ڀوڳ ٿيو- ٻائِن ’جهيمڻ‘ آهه ٻڌو،

هاڻي ڳجهارت ڳوليون ٿا- ’پانڌ-پرولي‘ ڦوليون ٿا،

ڳنڍ ڳجهي ۽ ڳجهه ڳرو- لهبو تنهن جو هيئن پرو،

هڙ ٻڌل کي ڇوڙي ڇڏبو- واڳ کي واري موڙي ڇڏبو،

هاڻي کوليو پنهنجون اکيون- ڪن ڏيو، او سرتيون سکيون!

ڏسو هو ڏاتار ڇٽا- ڌڻن سان ڌڻار ڇٽا،

ٻڪريون ۽ ٻڪرار ڇٽا- رڍن سان ريڍار ڇٽا،

گهيٽا، ڇيلا ڌار ڇٽا- گابا ۽ گابار ڇٽا،

مينهون ۽ ميهار ڇٽا- ڳئن سان ڳنوار ڇٽا،

جيڏا ڇٽا، يار ڇٽا- جوانڙا جونجهار ڇٽا،

راڻين جا واپار ڇٽا- جوڀن ۽ جنسار ڇٽا،

ساٺ ۽ سينگار ڇٽا- ويڙهيون ۽ ولهار ڇٽا،

اوڀر اولهه ويندا ڇٽا- اتر ڏکڻ ايندا ڇٽا،

مٿي وارا مٿي ڇٽا- هنجرن سندي هٿي ڇٽا،

هيٺ وارا هيٺ ڇٽا- محبوبن جي ميٺ ڇٽا،

کارا، مٺا ويڻ ڇٽا- ناز ڀريا نيڻ ڇٽا،

ترين سندا تنگ ڇٽا- ٻانهيارين جا ٻنگ ڇٽا،

جوڌا جنگ جوان ڇٽا- پڙ ۾ پهلوان ڇٽا،

نانگا ۽ نادان ڇٽا- ميارين مهمان ڇٽا،

جڏا ۽ جيارا ڇٽا- پِٽيا ۽ پيارا ڇٽا،

گهوڙا، ٻيڙا گهر ڇٽا- ونين سندا ور ڇٽا،

هٽ ڇٽا، پٽ ڇٽا- گهيڙ ڇٽا، گهٽ ڇٽا،

ڀٽون ڇٽيون، ڏهر ڇٽا- ڳوٺ ڇٽا، شهر ڇٽا،

کٽا ڇٽا، کير ڇٽا- ماڻهوئڙا مهمير ڇٽا،

ٻوٽا ڇٽا، وڻ ڇٽا- ننڍا وڏا ڌڻ ڇٽا،

توڏا ڇٽا تنگ ڇٽا- اوٺيئڙا اڙٻنگ ڇٽا،

پڙهيا پنڊت پير ڇٽا- دردن کان دلگير ڇٽا،

هاري ڇٽا، کيٽ ڇٽا- ڪتيون ڇٽيون، چيٽ ڇٽا،

ٻڌل ٻارهن ماهه ڇٽا- ڇوليون ڏيندي واهه ڇٽا،

راتيون ڇٽيون، ڏينهن ڇٽا- ڳڙا، ماڪون، مينهن ڇٽا،

ماروئڙن جا ماڳ ڇٽا- ساوا سڪا ساڳ ڇٽا،

مانيون ڇٽيون، ٻوڙ ڇٽا- کاڌي جا ڪل کوڙ ڇٽا،

وڄندا، رکيا ساز ڇٽا- آوازين آواز ڇٽا،

جيت ڇٽا، پکي ڇٽا- لال ڇٽا، لکي ڇٽا،

ٻايون ڇٽيون، ٻار ڇٽا- ونگ ڇٽا وار ڇٽا،

ميوَنِ ڀريا ٿانوَ ڇٽا- انگهن ويٺا ڪانوَ ڇٽا،

وير ۽ وريام ڇٽا- ڄاڃي سڀئي ڄام ڇٽا،

محبوبن جا موڙ ڇٽا- باندين سڀني نوڙ ڇٽا،

ٿر ڇٽو، بر ڇٽو- پائر، پارڪر ڇٽو،

مهراڻو ملير ڇٽو- ڪنٺو ٿيو ڪشمير ڇٽو،

ڪڇ جو ڪنارو ڇٽو- کائڙ پاڻي کارو ڇٽو،

وٽ ڇٽي، ڍٽ ڇٽو- ڊٻن وارو ٻٽ ڇٽو،

ونگو ۽ ولاسو ڇٽو- پهنوارن جو پاسو ڇٽو،

چنڊ ڇٽو، تارو ڇٽو- مردن جو اوطارو ڇٽو،

ڌڪ ڇٽا، ڌاڙو ڇٽو- پيار ڀريو پاڙو ڇٽو،

واٽ ڇٽي، گس ڇٽو- رهاڻ ڇٽي، رَس ڇٽو،

ڪچو پڪو کاڄ ڇٽو- آيو ويو راڄ ڇٽو،

مسجد ڇٽي، مندر ڇٽو- بيٺڪ ڇٽي، بندر ڇٽو،

خاص ڇٽو، عام ڇٽو- ڪلمون ۽ ڪلام ڇٽو،

هندو مسلمان ڇٽو- اوک مان انسان ڇٽو،

دلدارن جو ديس ڇٽو- ورن ڇٽو، ويس ڇٽو،

پرديسين پرديس ڇٽو- ’واهه گرو‘، ’آديس‘ ڇٽو،

دهل سان دهلاري ڇٽو- وڻج سان واپاري ڇٽو،

حجم ڇٽو، ڀاني ڇٽي- سا گا ما پا ڌاني ڇٽي،

ڪچي پڪي ڌات ڇٽي- هر ڪو نالو، ذات ڇٽي،

ڌڻيءَ جي سڀ جوڙ ڇٽي- ٻانڌارين جي ٻوڙ ڇٽي،

جهيمڻ ڇٽو، جواڻ ڇٽا- ڄاڃي گهوٽ ساڻ ڇٽا،

جهيمڻ ٻڌڻ واريون اچو- اڇيون، ڳوريون، ڪاريون اچو!

ننڍيون، وڏيون، ڇوريون اچو- ڇوريون پاڻ زوريون اچو!

مردان هي ٻول ٻڌو! ٻول هي انمول ٻڌو!

مٿي کٿا، هيٺ لويون

ڇٽا مرد، ٻڌيون جويون

پار پرولي:

پار پتا ڏيئي سڃاڻڻ:

سسئي ڄائي سڃ ۾، ٺاهوڪي ٺوڙهي،

ٻئي ڏينهان ٻالڪي، ٽئي ڏانهان ٽوڙي،

چوٿين ڏينهان چڳٿڙي، پنجين ڏينهان پوڙهي،

ڇهين ڏينهان ڇڄي پئي، اچي ’ڪارن‘ وڪوڙي،

جڏهن ڪارن وڪوڙي، تڏهن ڪانڌ قبولي ڪانه ڪا

ڀڃڻي (کنڀي)

پڳ پرولي:

پڳ مطلب پير (Foot) هن پرولي ۾ پير کڻبو آهي، انڪار ڪبو آهي، وري ٻيو پار پتو ڏئي، پير کڻبو آهي. وري انڪار ڪبو آهي ائين بار بار ڪبو آهي جيسين پار پتا چٽا ٿين. هيٺ ڏنل سڀ ابجد جي حساب سان ڀڄنديون.

(1)

مٿي تي مچ ٻرن، عاشق به ناهي

پير سوڻل پگهريل، بيمار به ناهي

پيٽ سڪل پٽيون ٻڌل، فقير به ناهي

ڪڇي ته ڪڙڪا ڪري، واهيات به ناهي

چپن تي چميون اچن، معشوق به ناهي

رئيسن سان رس ڪري، رئيس به ناهي.

جواب (8، 100، 6)

(2)

گل جهلي پن جهلي، گاهه به ناهي

آڪرجي ان جيئن، اناج به ناهي

پيهي رک پاٽ ۾، اٽو به ناهي

رڌجيس ٻوڙ ته، ڀاڄي به ناهي

اٿاري آڌي جو، جلاب به ناهي

هاسٽل سان حب اٿس، ڇوڪر به ناهي.

جواب: (4، 1، 30)

(3)

اُڏامي عرش تي، پکي به ناهي

ڪوئي جهڙو ڪرنگهڙو، ڪوئو به ناهي

ڏينهن جو هجري ۾، ملون به ناهي

رات جو سمهي ڪين، فقير به ناهي

اوندهه ۾ الرون ڪري، چور به ناهي

سڃن ۾ سٽون ڏئي، سامي به ناهي.

جواب: (3، 40، 7، 4)

(4)

رستن تي ڊوڙون ڪري، موٽر به ناهي

گهمي ٿي گهرن ۾، مَک به ناهي

سڀ ڪنهن کي سُک ڏئي، ساٿي به ناهي

چڻگهن سان چٽ ڪري، باهه به ناهي

اُڀ ۾ اُهاءِ ڪري، نکٽ به ناهي

هوا ۾ هلي گهمي، پکي به ناهي

ڌِڪي سان دسيو وجهي، ملهه به ناهي

مرضن کي مات ڪري، دوا به ناهي

جواب: (2، 3، 30، 10)

(5)

ڏاڙهي اٿس مٺ جيڏي، مڙس به ناهي

ڍڪيل آهي عورت جيئن، زال به ناهي

ويٺو آهي هٽ تي، واڻيو به ناهي

اکيون اٿس هرڻ جهڙيون، هرڻ به ناهي

رهاڪو آ جهنگ جو، ڄٽ به ناهي

پاڻي سان ڀريو رهي، بوتل به ناهي

وٽيءَ جيئن ڪم اچي، وٽي به ناهي

جواب: (50، 1، 200، 10، 30)

(6)

چار ڄنگهون ٻه سنڱ، ڍڳي به ناهي

وزن ويهوڻو کڻي، گاڏي به ناهي

هلي نٿي هڪل سان، منڊي به ناهي

ٻار جهلي هنج ۾، ماءُ به ناهي.

جواب: (20، 30، 200)

(7)

وندرائي واندن کي، ساڻي به ناهي

ٻڌائي ٿو گيتڙا، شاعر به ناهي

اٿس وڏي برادري، وڏو به ناهي

آبادي اڻ مئي، شهر به ناهي

هڪڙا اچن ٻيا وڃن، سراءِ به ناهي

سٺن کي سٺو چئي، سگهڙ به ناهي

بڇڙن کي سزا ڏئي، جج به ناهي.

 جواب: (60، 70، 50، 10، 40، 1)

(8)

جاڏو جبل جهڙو، جبل به ناهي

سير ڪري ملڪن ۾، سياح به ناهي

پاڻي کڻي پاڻ سان، اڃيو به ناهي

ٿڌي ٿڌي ڇانوَ سندس، وڻ به ناهي

ڪارو ڪارو دونهين جهڙو، جبل به ناهي

اڇو اڇو ميٽ جهڙو، ميٽ به ناهي

ڪڇي ته ڪنبائي، شينهن به ناهي

بيهي نه ٿو هڪ هنڌ، بال به ناهي

جواب: (20، 20، 200)

(9)

ڳائي راڳ سريلا، گويو به ناهي

نچي ٽپي ناز مان، نينگر به ناهي

ڦوڪجي ته وڏو ٿئي، بال به ناهي

ڦوڪڻ سان ڦاٽيو پوي، ڦوڪڻو به ناهي

چار ڄنگهون پڇ ڊگهو، سانڊو به ناهي

پڇ بنان پسار ڪري، ٻانڊو به ناهي.

جواب: (4، 10، 4، 200)

(10)

گول گول ڄاهي جيان، ڄاهو به ناهي،

ڏاڙهي اٿس مڙد جيان، مڙد به ناهي،

ويس اٿس گيڙو، پر صوفي به ناهي،

ڀريل آهي پاڻيءَ سان، کلي به ناهي،

پٺا اٿس ڪميءَ جهڙا، ڪُمي به ناهي.

(جواب: 50، 1، 200، 10، 30)

 

ابجد جي پٽي

ابجد

هوز

حطي

ڪلمن

ا: 1

ھ: 5

ح: 8

ڪ: 20

ب: 2

و: 6

ط: 9

ل: 30

ج: 3

ز: 7

ي: 10

م: 40

د: 4

 

 

ن: 50

*****

سعفص

قرشت

ثخذ

ضظغ

س: 60

ق: 100

ث: 500

ض: 800

ع: 70

ر: 200

خ: 600

ظ: 900

ف: 80

ش: 300

ذ: 700

غ: 1000

ص: 90

ت: 400

 

 

ڏٺ پروليون

ڪاٺي ڪڙايو نه ڪري، وني ڪري نه وڏاڻ،

پاڳ نه سونهي سرتي، سٿڻ بڻي مياڻ.

جواب: ورڪونهي

تارن ميڙ ته ڏسجي، سوڍو سنڱ نه ڏي،

راهي منزل کان پري، گاڏي گس مٿي.

جواب: واٽ ڪونهي

 

فوج نه روڪي ٿي رهي، راڻي راڄ ڪري،

حاڪم پردو نه ٿيو، صاحب سيءَ مري.

جواب: ڪوٽ ڪونهي

 

مرد وانڍو ٿي رهيو، مدعي ڪيئن مَڃي،

پٽواري پٽيل کان، ٿو واريو ڍل وٺي.

جواب: ليک ڪونهي

 

ڌڻ نه مليو ڌڻي کي، هَٿُ نه ڀَتُ ڇڏي،

چيلهه نه ڇٽي سُور کان، دلڙي ننڊ ڪري.

جواب: داڳ ڪونهي

 

ڇرڻي لوهه نه وڍيو، هاري هر نه وهي،

ونيءَ وَر نه قبوليو، موٽيو ڄڃ وڃي.

جواب: لاڳ ڪونهي

 

ڌوڙي ڌوڙيءَ نه جهلي، گهر پڻ آهي گرم،

ڪبوتر قٻي رهيو، عاشق منجهه الم.

جواب: دري ڪونهي

 

لاري مٽي نه چوڪ کان، ڌڱ نه ڌڪ هنيو،

راءَ نه رٿ قبول ڪئي، رلي راڄ ويو.

جواب: هٿ ڪونهي

 

ملهه نه وڙهيو ملهه سان، ٿو حشمت ساڻ هلي،

سگهڙ سوکڙي نه ڏي، ليکو نه ڳنڍجي.

جواب: جوڙ ڪونهي

 

گاڏيءَ چاڪ چڱو ڀلو، هرگز ڪين هلي،

ڌرتي واندي گهر اڳيان، پوکي نه سگهجي.

جواب: پٽو ڪونهي

 

ڪنوار نه ملي گهوٽ کي، ڪورٽ هئا نه ڪوڙ،

عاشق جي اوندهه جي، پرينءَ پئي نه پروڙ.

جواب: وڪيل ڪونهي

نه ڦرڙو ٿو مٽي کائي، مزو پڻ ناهه محفل ۾،

نه وڻيو ٻج هاري کي، مٺي ٻولي نه جهنگل ۾.

جواب: مورَ ڪونهي

سونهن ۽ سينگار

مالڪ، خالق، مانع، قادر، جوڙيا ڪئين جنسار ڏسو

سمنڊ ۽ دريا اوڀڙ پوکون، ارض و سما اسرار ڏسو

جيو، پکي، حيوان، بشر ڪيا، پيدا پالڻهار ڏسو

سونهن ڏئي انسان کي احسن، ڪرم ڪيا ڪلتار ڏسو

محبوبن جو مان مٿي ٿيو، سونهن سان منجهه سنسار ڏسو

سونهن ۾ سڀ کان اول اکيون، عينن جا اسرار ڏسو

پاٺيون، پوڇڙياريون، پياريون، ريٽيون ۽ رنگدار ڏسو

جهپ جهپ سان ڪئين جيءَ جدا ڪن، بادامن جي بهار ڏسو

لال گلابي، ڪجليون، ڪاريون، ميٽيون مڻيادار ڏسو

نرگس کان وڌ نُور ڀريون ۽ نشيليون ننگدار ڏسو

ميڇ سان ڪيئي متارا مارن، موکيون ۽ منٺار ڏسو

شرميليون ۽ شوخ شڪاري، شان وڏي شهڪار ڏسو

چمڪن چهريون گهائن گهريون، گهونيون گوليمار ڏسو

ڀڻڇيون، ڀالا، بان سدائين، پنبڻين جا پيڪار ڏسو

گن مشين کان گَهَريون گهڻيون، جنگي ۽ جهونجهار ڏسو

توبن کان وڌ تاب رکن ۽ ائٽم کان وڌ آر ڏسو

بنان ارادي کڄيون، کپائن، خوني ۽ خوددار ڏسو

گهُورن سان ٿيون دليون گهائن، ڇيرن جي ڇٽڪار ڏسو

رت جي دريائن ۾ وهنجن، ارڏين جا اطوار ڏسو

دردمندن جي دلين تي آ، مرگهيلين جي مار ڏسو

نظرون نظرن ساڻ مليون، ٿيا تارن جا تڪرار ڏسو

جام بلوري جهرڪي بيٺا، وهه وٽين جا وار ڏسو

سامهان سٽڪن سيني تي ٿا، نيڻ ٻئي نروار ڏسو

سرمي ساڻ سنگينون بنيون، ارهه مان آرو پار ڏسو

ڪجل ڪٽورين کي پهتو، ٿيا قهري ڪاروبار ڏسو

پاڪيزيون پرهيز وڏي سان، حد رکيون هوشيار ڏسو

عشاقن کي آڏو بيٺيون، پنبڻيون پهريدار ڏسو.

فتح خان ڌيان ڌري هي سڄڻ جا سينگار ڏسو.

(فتح خان جي ڪچهري ۾ ريڊيو حيدآباد تي پڙهيل)

ٿوڪ

پنهنجي هٿ جي پائي ڀَلي، هجر فراق جي هائي ڀلي،

دلڙي آهي گهائي ڀلي، شاهه لطيف جي وائي ڀلي.

مئي ته آهي هاري ڀلي، ڳالهه هميشه پاري ڀلي،

ميويدار ٽاري ڀلي، گهڙي سڄڻ سان گهاري ڀلي.

مڙس کي کارايو ڀلو، گابي کي ڌارايو ڀلو،

موذي کي مارايو ڀلو، حب ۾ هارايو ڀلو.

ڀونگيون آهن ڀيڙيون ڀليون، ناز واريون نيڙيون ڀليون،

دل جون تارون ڇيڙيون ڀليون، محبوبن کي ميڙيون ڀلون.

ويئي جون وڏولون ڀليون، گولاڙي ۾ گولون ڀليون،

ٻيائي ٽوڙ ٻولون ڀليون، جانب اڏو جهوليون ڀليون.

ڪڪڙ ڪاري ڪاري ڀلي، نر جي پٺيان ناري ڀلي،

کري ۾ آ کاري ڀلي، رب جي اڳيان زاري ڀلي.

ڏهٽي لاءِ ناني ڀلي، حجم جي هٿ ڀاني ڀلي،

پَلي جي آ آني ڀلي، مڙس جي ته ماني ڀلي.

ڏيهه سان آ ڏيٺ ڀلي، شيءِ اها جا ٺيٺ ڀلي،

منهن ڪڙي کان ميٺ ڀلي، حبيباڻي هيٺ ڀلي.

سياري ۾ شال ڀلي، سهڻي سگهڙ زال ڀلي،

گهڙي سان کڙتال ڀلي، تراڙ کان آ ڍال ڀلي.

ڪُنو کير هاڻو ڀلو، هٿ وارو ناڻو ڀلو،

موتيءَ جو داڻو ڀلو، محبوبن جو ماڻو ڀلو.

مڙس ته دلير ڀلو، هاٿيءَ کان آ شير ڀلو،

ڀلن جو آ ڀير ڀلو، پريت وارو پير ڀلو.

عشق جو احرام ڀلو، سڄڻن جو سلام ڀلو،

قرب جو ڪلام ڀلو، دلبر سندو دام ڀلو.

ان جا ته کوڙا ڀلا، جوانن جا ته جوڙا ڀلا،

سواري جي لئي گهوڙا ڀلا، دشمن انڌا ٻوڙا ڀلا.

جهانگيئڙن جون جايون ڀليون، ويڙهيچن جون وايون ڀليون،

رَنڀي آيون رايون ڀليون، سکيون سدا سايون ڀليون.

*

هنر

هنر جي صنف، لوڪ ادب جي بهترين ۽ وسيع صنف آهي پر ڪن سگهڙن، هنرن ۾ پنهنجا نالا استعمال ڪري ان جي ترقي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن.

هنر جي خاصيتن ۾ لفظن جي چيرڦاڙ، هم جنس شين جو سلسلو، لاڳاپيدار لفظ جون لڙهيون، لفظن جو ڳانڍاپو، لفظن جي ترخيم ۽ واڌارو، مختلف جنس جي لفظن جو ميلاپ، لفظن جي تبديل، تلفظ جو ڦيرو وغيره اچي وڃن ٿا، جن جي ذريعي ئي هنرن جي جوڙجڪ ٿئي ٿي. هُنر ۾ ’تجنيس نام‘ جو استعمال ٿئي ٿو.

(1)

اڙيون عجيبن جي اکين ساڻ اکيون

سامهيون ٿيون سر کڻي اڻايون اکيون

عجيبن اکيون، هونديون بس هينئين تي

حل: 1 اوکيون 2. آکيون

شعر:

اڙيون عجيبن جي اکين سان اکيون

سامهون ٿيون سرکڻي اڻايون اوکيون

عجيبن آکيون، هونديون بس هينئين تي.

(2)

اٿئي پورهيت جيڪو محنت ڪري ٿو

سونهاري پڇاڙي مرون تي وري ٿو

حل: (1) اٺئي پهر (2) سوهاري (3) ۾ روندي (روئندي)

شعر:

اٺئي پهر جيڪو محنت ڪري ٿو

سو هاري پڇاڙي ۾ روندي وري ٿو

چيرون هنر:

ماڙيءَ ڏٺائين منگتو، تڏهن هُئي مهل مٿي (وقت هئو)

هو سو گهوٽ گهرائيو منگتو مهل مٿي (محل مٿي)

سورٺ پڻ سوال ڪيا منگتا مهل مٿي (مَ هل)

او منگتا مهل مٿي، جا سڻاءِ تنهنجي من ۾ (مڱ تون هينئر)

*

هنر- ٿر جا ڳوٺ

ملوڪ آ هيماري، تنان ڪانڪهيو

اچي تو وڪڙيو، مٺا تڙ کنيو

ملوڪ آه مارئي تنان ڪي ڪهيو

اچي تو وڪوڙي، مٿان تڙ کنيو

*

اهي ڀالوا جا ڪيئي سومرا

پڻهارئي کي تڙ تان کنيئي سومرا

 

اِهي ڀال وهه جا ڪيئي سومرا

پاڻياري کي تڙ تان کنيئي سومرا

*

نئون ڪوٽ ڪارو ڏٺو مون ڪڏهن

وڄوٽي کان واقف نه هئڙس هڏهن

 

نه هو ڪوٽ ڪارو ڏٺو مون ڪڏهن

وڇوٽيءَ کان واقف نه هئڙس هڏهن

*

ڪيتاري رهي ڪانه، ٿِس وائڙي،

سا ڏوري ٿي ماري جا سرتين کان ٿي

 

ڪا تاري رهي ڪانه، ٿئس وائڙي

 سا ڏوري ٿي ماري، جا سرتين کان ٿي.

*

ننگر گهاٽُ ڏسجي، نه مارن جا ماڳ

نه مکڻي جي ماني، نه سڳر جا ساڳ

 

نه گهر گهاٽ ڏسجي نه مارن جا ماڳ

نه مکڻي جي ماني، نه سڳر جا ساڳ

*

سڙي هت سري کوکڙا پار پئي

ڏکن آهيان  ڏهلي، اصل اوڳ وئي

 

سڙي هت سريکو کڻان پار پئي

ڏکن آهيان ڏولي، اصل اوڳ وئي

*

ڪري ياد سا ڇاڇروئان ڀڻي

مٺي پاکي جيڪا ڌئارن ڌڻي

 

ڪري ياد سا ڇاڇ روئان ڀڻي

مٺي پاکي جيڪا ڌئارن ڌڻي

*

ڏسي تنهنجو ريشم ۽ ململ ميان

ڪلوئي ڇڏيندس؟ جا آندم اتان

 

ڏسي تنهنجو ريشم ۽ ململ ميان

ڪا لوئي ڇڏيندس؟ جا آندم اتان

*

پٽيون، ڪاترا ٻانهوٽا جي ٻڌن

اهي چوڙيي ڪين هرگز ڇهن

پٽيون، ڪاترا، ٻانهوٽا جي ٻڌن

اهي چوڙيين ڪين هرگز ڇهن

*

اڪليون گهميون منجهون جيڏيون جتي

اچي پير پاتا تو ڇا لئه اتي

اڪيليون گهميون منهجون جيڏيون جتي

اچي پير پاتا تو ڇا لئي اتي

*

سينهوئي نه ٿيندئي هٺيلا ۽ هوڙ

جي ٻانڌي ۾ ايندين ته پوندئي پروڙ

 

سِهو ائين نه ٿيندئي هٺيلا ۽ هوڙ

جي ٻانڌي ۾ ايندين ته پوندئي پروڙ

*

سنڀوڙا هو سانگي کنيائون جيتراڙ

ڪاٽيو لتاڙي ڪندئي هت پراڙ

 

سنڀوڙا هي سانگي کنيئون جي تراڙ

ته ڪاٽي لتاڙي ڪندئي هت پراڙ

*

ڏور

مينڌري منٽن ۾ سڄو سٽ ساڙيو

ٺهيل ٺڪيل ڳالهه کي بيهي بگاڙيو

راڻي سندي رمز کي، ڪنهن ڪين تاڙيو

ناتر جو ناڙيو، وير وڍي ڇڏيو.

*

ڏسي ريت راڻي جي ساٿين سمجهايو

حمير، ڏؤنر، شينهڙي ائين الايو

ته مينڌري ملوڪ کي هي عقل ڪيئن آيو

پوءِ سوڍي سمجهايو راز انهي ريت جو.

*

راز انهي رمز جو جڏهن سمجهيائون

عمراڻي جو آسرو ڇني ڇڏيائون

بيهي ڪاڪ ڪنڌيئين اجها اڏيائون

مومل ماڻيائون، مرڪيا مهراڻي ڌڻي.

(طارق بن زياد جو ڪارنامو)

*

مِهرئون ملوڪڙيءَ کي هو مالڪ مرڪايو،

پيٽان تنهنجي پيءَ سوا، پٽڙو پسايو،

ڳڀور ڳالهائيو، تڏهن ڪوڙين ڪنڌ جهڪي پيا.

---

ڪوڙين ڪنڌ جهڪي پيا، آندائون ايمان،

مڃيائون ان مهل اُتي، فائق جو فرمان،

فقط هڪ شيطان، ٿيو انڪاري الله جو.

(لعل مان ڪيئون)

چيرون هنر:

عمر اباڻي پارڏي، نڪي ’سونهريون‘ (سون + هِريون)

واهڻ، ويهڻ، واهڻيين، نڪي ’سونهريون‘ (سوُ + نهريون)

سمجهه تون ستين کي، نڪي ’سونهريون‘ (سي- نهريون)

ڀائنج ڀيڻون ڌيئرون، يا سمجهه ’سونهريون‘ (سون + نهريون)

سوين ’سونهريون‘، هيون مارن کي ملير ۾. (ٻڪريون)

*

آڇ مَ اجڙوال کي، عمر تون ’مٺيون‘، (ناڻو)

ماروئڙيون ملير ۾، مونهان پوءِ ’مٺيون‘ (آزار پيئيون)

رهيون آهن روح ۾، عمر سي ’مِٺيون‘ (ڳالهيون)

رهن اسان جي راڄ ۾، سوران ڪيئن ’مَٺيون‘ (اڻوڻندڙ)

عمر ڪي ’مٺيون‘، شل مارو هڻنئي مُنهن ۾ (مُڪون)

متفرقه ڳجهارتون

(1)

ڏيڻي: عورت مرد ڳهه تي نرنا

پايا: ليلان چنيسر هار ڏنو

ڀڃڻي: ”ليلان چنيسر هار تي ڏنو“

(2)

ڏيڻي: رات رکيم ڪپڙو، سو ڳهه پيو هو

پايا: (1) رومال (2) ڪتريو

ڀڃڻي: ”رات رکيم رومال سو ڪتريو پيو هو“

(3)

ڏيڻي: جيئڏ سڀ ڄمار، سٽ جي ڏٺي ڪا نه ڪا.

پاوا: (1) ڀٽون (2) ڪتي.

ڀڃڻي: ”ڀٽونءَ سڀ ڄمار ڪتي ڏٺي ڪانه ڪا.“

(4)

ڏيڻي: وڻ جون چؤ نالي تي جو شهر جو نرنام

پاوا: (1) ڪلمون (2) ڪريم (3) مدينو (4) مير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org