سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2022ع

باب:

صفحو:10 

جمال‘ مراد گبول

ميرپور- ساڪرو

 

 

 

نظم

سونَ جهڙي منهنجي سُهڻي، آ سونهاري سنڌڙي،

شل نه ڏکيو ڏينهن ڏسي، ڀاڳن ڀلاري سنڌڙي.

تون ”ڀٽائيءَ“ ۽ ”سچل“، ”احمد ملاح“ جي سرزمين،

آ ”قلندر“ تو ۾ آيو، مانَ واري سنڌڙي.

تو ۾ ”هوشو“ تو ۾ ”دودو“، تو ۾ ”دريا خان“ هو،

تو ۾ ”ٻاگِهل“، ”مهر راڻي“، جيءَ جياري سنڌڙي.

”مارئيءَ“، ”مومل“ ۽ ”سهڻيءَ“، ناز ”نُوريءَ“ ٿي ڪيا،

تو ۾ ”سسئيءَ“ هئي ”پُنهل“ سان، پرت پاري سنڌڙي.

محبتي سڀ تنهنجا ماڻهو، سانورا سهڻا سُنهن،

موجزن ”مهراڻ“ تو ۾، جامَ جاري سنڌڙي.

تنهنجون پوکون سڀ پياريون، ”ڪڻڪ“، ”ڪيلا“ ۽ ”ڪمند“،

خوش هجن تنهنجا سدائين، ”هاري ناري“سنڌڙي.

سُک سوين تو ۾ ٿين، ڪوسو نه توکي واءُ لڳي،

شاد ۽ آباد هُج، دلبر دُلاري سنڌڙي.

مَٺ گهرا تنهنجا مخالف، هيچ هَڙَ هوندا هميشه،

شالَ دنيا ۾ ڪري، توکي سوڀاري سنڌڙي.

تو ۾ ”ڌاڙا“ دوست ٿي، ڌاريان اچي ٿا هِت هَڻن،

پو به ڇو خاموش آهين، تون پياري سنڌڙي.

هي مِليو تحفو اسان کي، آهي ”جنت“ جي نُما،

حُسنِ وارن جي ڪرين ٿي آبياري سنڌڙي.

ناز نازڪ ڪن ٿيون ناريون، حُسن ۾ ”حُورن“ مثال،

گهٽ نه غِلمانن کان نينگر، نِت نياري سنڌڙي.

”گئس“ هن ۾ ”تيل“ هن ۾، هن ۾ ٿر جو ”ڪوئلو“،

ٻيا به ڌاتو ڪيترا، سرسبز ساري سنڌڙي.

تو ۾ پيدا ٿيو ”پَنائي“، آ ”مجيدي“ ۽ ’جمال‘،

”منشي“ ۽ ”سرويچ“ جي، آهين سگهاري سنڌڙي.

 

زاهد ڪنڀار

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

غزل- سرائيڪي

 

اڄ ڪتا پئي اون اشارا، دور ٿي وڃ دور تون،

هٽ پري ٿي ڪر ڪنارا، دور ٿي وڃ دور تون.

دڙڪي ڏي، پيا هت الاري، گرم ٿي آکين ايوين،

هڻ نه مل سي ڪو سهارا، دور ٿي وڃ دور تون.

پيرين پوڪي هٿ ٻڌوسين، الٽا آکيسس ڀڄ پري،

هڻ نه آکين ميڪون پيارا، دور ٿي وڃ دور تون.

روڄ راڙا دل ڪِتا پئي، ڇڙٻان ڏيندي آکيس،

هڻ نه آکين جئي جيارا، دور ٿي وڃ دور تون.

موت جهڙا ڏي وڇوڙا، يار جاني تون ڳين،

آک ’زاهد‘ ڳيا دولارا، دور ٿي وڃ دور تون.

 

ڪافي

ڪيئن وساريان پنهنجا پٽ،

تنهنجي ڪاري ڪوٽ ۾ ويهي.

 

منهنجو وڇاڻو واري آهي،

ڀانئيان مصيبت وانگر کٽ.

 

هن مند منهنجا مارو مٺڙا،

ويٺل هوندا پيهي وٽ.

 

تنهنجا زردا ٻوڙ پلاهون،

ڪين ڪنديس مان ميهن مٽ.

 

’زاهد‘ پنهنجو ملڪ ملير آ،

ڪوٽ عمر جو ڀانئيان ڪٺ.

 

نسرين الطاف

حيدرآباد

 

 

 

غزل

 

توانو دل اندر تازو، پراڻو پيار جو ناتو،

جيئين سھڻيءَ سان  قائم، رهيو ميھار جو ناتو.

 

خيالن واري گلشن ۾، نه ڪوئي گند جو تيلو،

هوائن سان وفائن جو آهي هٻڪار جو ناتو.

 

حقيقت جي لڙائيءَ ۾، ڪڏهن نفرت ڪڏهن محبت،

وٿي بس وار جهڙي آ قلم، تلوار جو ناتو.

 

ڪڏهن دل کي اڪيلو ٿي، رهڻ آيو نه آ جڳ ۾،

سدائين ساھ وانگي آ سڄڻ جي سار جو ناتو.

 

اهو نسرين ٿورو ئي رهيو آهي زماني ۾،

ڪچو آ زندگي توسان سڄي سنسار جو ناتو.

غزل

ڪير هوندو هتي ڪير ڄاڻي نه ٿو،

پيار کي ڇو زمانو سڃاڻي نه ٿو؟

 

دل ته آهي اڃان انتظارن اندر،

ڪو سنيهو سڄڻ ڀي اُماڻي نه ٿو.

 

ڏک ته آهن گهڻا ساهه جي پاڙ ۾،

سک انهيءَ مان کڻي ڪوئي ڄاڻي نه ٿو.

 

وقت سان سڀ سنورجي سگهي ٿو مگر،

ڪوئي اڄ کي ۽ سمجهي سڀاڻي نه ٿو.

 

تنهنجي وئي زندگي گُم ٿي اونداهه ۾،

محبتن جو ’نسرين‘ ماڻي نه ٿو.

 

سيما عباسي

ڪراچي

 

غزل

 

جدائي   ڏنا ڇو    سدا   جهير  دل  تي؟

روئي   ٿي   پڇي  ڪائي  تصوير دل  تي.

 

نه ميسارجي هئي سگهي ڪوششين سان،

امر  اهڙي  اڪريل  هئي تحرير  دل  تي.

 

اکين جا   اجاڳا،   ايامن  کان  اجڙيل،

سچا   خواب   ڀوڳن  ٿا  تعبير   دل  تي.

 

ڪڏھن سمجهه ڪنهنجي وٺي هوءَ به ڪائي،

اچي  ڪا  ڪيو، اهڙي  تدبير  دل  تي.

 

وفا   جي  دڳن  تي   ملي  من  کي  منزل،

ڪٿي اهڙي  ملندي ڇا جاگير  دل   تي؟

 

قصابن    جهڙا   ها    رويا    انهن     جا،

ڏني   تن  زخم    ڏيئي  پو  تڪبير دل تي.

 

نه  واڪا   ٻڌن ٿا،  نه   درمان   ڪن   ٿا،

رکن   بي حسي   ڪا  ٿا  بي پير  دل  تي.

 

رقيبن جي رستن، تي خوش ٿي هلياسين،

محبت  جي   اهڙي  هئي  تنوير   دل  تي.

 

اهي  زعم  جي ذات مان ڪٿ ها  نڪتا؟

اسان  وٽ  ظرف  جي  هئي  تقدير  دل تي.

 

محمد ٻارڻ

سجاول

 

 

 

 

غزل

 

قريب ٿي روح جوڙ پنهنجن سان،

ڪڏهن متان منهن موڙ پنهنجن سان۔

 

ڌڪار نفرت فتور کي دل مان،

اُٿي عَلَم پيار کوڙ پنهنجن سان۔

 

ڀلي هجي اختلاف ڪيڏو پر،

ڪجي اجايو نه گوڙ پنهنجن سان۔

 

پڪو ڪري پيچ پال پنهنجائپ،

ڪڏهن به ناتو نه ٽوڙ پنهنجن سان۔

 

گذاربو غير ساڻ پر ماڻهو،

ڀلو لڳي ٿو ڀلوڙ پنهنجن سان۔

 

ٿيو پوي ٿو گمان ڪو غالب،

ڪجي نه ليڪن وڳوڙ پنهنجن سان۔

 

غريب ناهين امير آهين تون،

ٻڌي ڪري من ٻکوڙ پنهنجن سان۔

 

نوازشون ڪن عزيز ٿا ٻارڻ‘،

رتي نه رهجي رنجوڙ پنهنجن سان۔

 

فضل الله ’فدا‘ چانڊيو

ڪُنري

 

 

 

 

نظم/انب

 

منهنجا نالا ٻڌجئو يارو،

سنڌڙي، چوسو، لنگڙو پيارو.

سيروليءَ واڱڻ پالي،

آهي پتاشو نيلم نيارو.

دسيهري آ بيشڪ ڀائو،

ڀاءُ اسان جو هئُ ڀلارو.

جون جولاءِ مهينا ٻيئي،

رشوت طور ڏين مونکي ئي.

سيرولي جي خوشبو سونگهي،

صاحب سان پئي زوجه سرچي.

ڪالھه کان ڪاوڙ ۾ هئي جيڪا،

سانئڻ سنڌڙي تي پئي سرچي.

منهنجي خاطر مائي ڪيو،

مجبور هو عملدار متارو.

منهنجا نالا ٻڌجئو يارو،

سنڌڙي چوسو لنگڙو پيارو.

مونکي ريڙهي تي ڏسندي ئي،

واٽهڙو جي گگ ڪريو پئي.

مونکي گهر نه وٺي وڃڻ تي،

بيگم افسر خوب چڙيو پئي.

پاڻي وڪڻي انب وٺي آ،

داروغي سان زال وڙهيو پئي.

منهنجي پيتي ملندي ٿي ٿو،

مٺڙو ڏاڍو افسر کارو.

منهنجا نالا ٻڌجئو يارو،

سنڌڙي چوسو لنگڙو پيارو.

دسيهري آ بيشڪ ڀائو،

ڀاءُ اسان جو هيءُ ڀلارو.

 

امر اقبال

خيرپورميرس

 

 

 

 

غزل

 

ملڻو آھي، جيڪو ميڙو، ڪاٿي آ؟

ھن وڇوڙي جو ٻيو ڇيڙو، ڪاٿي آ؟

 

تون ته سدائين، سر جو سائين، رھڻو آن

توسان جانيئڙا! ڪو جهيڙو ڪاٿي آ؟

 

 آنءُ ڪناري تي بيٺو ھان، سانجهيءَ جو

تنهنجي ٻاجهه سندو ھُو ٻيڙو، ڪاٿي آ؟

 

جيڪو پار پُڄائي ھن کي، اڳتي ئي

دل لئہ دلبر! اھڙو ٿيڙو، ڪاٿي آ؟

 

تُنھنجو ھي ”اقبال“ سڌو ۽ سادو آ

ھيءُ ڪٿان ڀي ٽيڙو سيڙو ڪاٿي آ؟

 

غزل

 

جَڳَ جي جهنجهٽ کان جيئن ٻاھر، ٿِيو ھوندو

ھُــو ته ڪــتــابن جي وچ ۾ ئي،  پِيو ھــوندو

 

ھو ته ســــدائين تنـھــــــاين ســـان آيـــو پئي

ھو ته اڪيـــلو ئي لڙڪن ســــــان وِيو ھوندو

 

ھو ته صـــــدين لئہ ان تي بيـــٺل ئي ھـوندو

ھن جو توســــان ھڪڙو وعــدو ڪِيو ھوندو

 

ھيءُ امــــر اقبــــال چــــئـــو ٿا، کِليـــــو پئي!

ڀُليا ھــــوندؤ يار! اھـــــو ڪـــو ٻِيو ھـــوندو

 

اياز عالم ابڙو

ڄام شورو

 

 

 

 

 

ٽه سٽا- سنڌوءَ  منجھه پساه

سنڌ  شاهه درياه

پهريون وچيون آخري اکر

ملي جُڙي ٿو  ساه

_

سنڌ جو آ ساه 

بندن ۾ آ باندي بڻيل

سنڌو شينهن درياه

 

جڏهن بند نه ڪو

سنڌو ٻارهو مست الست

ڪڏهين ڪين سڪو

 

بندَ سان گڏ ڪئنال

اُڃارا درياه ڌڻي

مڙهيلُ پاڻيءَ ڪال

_

ٻارهوئي پاڻيءَ ڪال

سنڌوءَ سينڌ ۾ ڌوڙ اڏي

جيون ٿيو بيحال

_

منهنجا ڀٽ ڌڻي!

سنڌين، سنڌو، سنڌ سميت

دعا ڪر درَ ڌڻي

_

رهي نه پاڻيَ کوٽ

سنڌڙي شاد آباد هجي

سنڌوءَ جي ٿئي موٽَ

_

جاڳ ڀٽائي گھوٽَ

سنڌو جل ٿل جام ٿئي

ٿئي پَلرَ پالوٽَ

_

سنڌ امڙ ٿئي شاد

تنهنجي دعا جو دنگ نه ڪو

عالم سڀ آباد.

 

شاهه مردان شاهه

ڇاڇرو

 

 

 

 

 

ڪافي

 

اڏايم اُنهن لاءِ، ڪَئين ڪانگ ڪارا،

وريا ڪين موٽي، پرين سي پيارا،

لکيم ڪَئين لفافا، ۽ پرزا پرين کي.

وڃي ڇو هُو ويٺا، ايڏا ڏينهن لائي،

اچن شل موٽي، سي واڳون ورائي،

آهي تانگهه ڏاڍي، اُڃايل اکين کي.

جڏهن دل تي، دردن جو گهاڻو گهمي ٿو،

تڏهن ختم ٿي، خون سارو وڃي ٿو،

نه خوراڪ حاصل، ٿئي ٿي هڏن کي.

مٺا محب ’مردان‘ کي، ماري هليو وئين،

ڏيئي درد دلبر، تون ڳاري هليو وئين،

لڳس تنهنجي لاري، وساري وطن کي.

 

ڪافي

 

مُڪيون توسان مارن، ميارون ته هونديون،

ڏنيون مون لئي سانگين، سنڀارون ته هونديون.

ڪهڙو حال تن جو ڏٺو تو ته هوندو،

دکوين کي دلاسو هُت ڪير ڏيندو،

لڙيون تن جي لڙڪن جون لارون ته هونديون.....

ڏٺئي مال مارن متارو ته هو،

يا بي حال بک کان ڀٽارو ته هو،

ڀانيان ڀاڳ ڀوري پچاريون ته هونديون.....

ڏٺئي تڙ تانگها اونهان اَپر،

ڇڪن ڏول ڏوٿي وهائي پگهر،

ٻُڌيون تو هوڙاڪن هونگارون ته هونديون....

ڏٺئي سيم سائي يا صفا هُئي سڪل،

مڙيئي وڻ ’مردان‘ هئا ڦلاريا ڦٽل،

ڪنڊآ ڪرڙ ڪونڀٽ ڄارون نه هونديون....

 

سيد فخرالدين شاهه

سوڀارو- مِٺي

 

 

 

 

نعت

 

منهنجو سهڻو نبي ته ڀلوڙ آهي،

ننگ پال ننگي ڪندو توڙ آهي.

 

ڀلي سهڻا هزارين حيلا ڪن،

محبوب سندو مَٽ ڪون ٿين،

ڪُل انسانن حورن ۽ پَرين،

جو سيّد سچو سر موڙ آهي.

 

يوسف ۽ زليخان زاري ڪن،

هيڏو حسن پسي حيران ٿين،

ٻئي حيرت مان هڪٻئي کان پڇن،

هيءَ ڪهڙي خدا جي جوڙ آهي.

 

ٿيا ڀاڳ اسان جا نصيب ڀلا،

اهڙو محب ملي ويو ماه لقا،

ڪري جنهن جي ثنا عرشن تي خدا،

مون لئه گنج آهي مون لئه کوڙ آهي.

 

منڪر ۽ نڪير جي سامهون ’فخر‘،

سردار نبيءَ جي وصف ڪندس،

صلوات سيد تي پيو پڙهندس،

مون لئه پوءِ نه قبر ۾ سوڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org