پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
شڪارپور
ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو
سال 2022ع ۾ سنڌي ادب ۾ جن اهم ڪتابن جو اضافو ٿيو
آهي، انهن ۾ ”ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي
جائزو“ (آخوند گل محمد جو سنڌي ٻوليءَ ۾ 54 اکرن
وارو پهريون ديوان) شامل آهي، جيڪو ڊاڪٽر
عبدالغفار سومري صاحب جي علمي ۽ ادبي تحقيق جو
نهايت شاندار ڪارنامو آهي.
ڊاڪٽر سومري صاحب علمي ۽ ادبي ميدان ۾ جيڪي
تصنيفون اسان کي ڏنيون آهن، سي سندس گھري مطالعي،
ڳوڙهي سوچ، اعليٰ معياري تحقيق ۽ انفرادي اسلوب ۽
حاصلات جا منفرد مثال قائم ڪري، همعصر دور جي علمي
۽ تحقيقي ماحول ۾ منفرد جاءِ والاريندا. ”ديوان
گل“ آخوند گل محمد ’گل‘ (1796 ع - 1858ع) هالائي
جو سنڌي زبان جي ادب ۾ عروضي فن تحت چيل غزلن جو
پهريون ديوان آهي، مگر ان حيثيت ۽ اهميت کان سواءِ
اهو علمي، ادبي، فڪري ۽ فني پهلوئن جي لحاظ کان
ايترو ته همه گير آهي، جو خليفي گل جي احساس ۽
ادراڪ جا ڪيترائي زاويه ظاهر ڪري ٿو. جن ڏانهن
جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر سومري صاحب گھرائيءَ سان نهاريو
آهي، تهڙيءَ طرح اڳ ڪي ٻيا محقق گهٽ متوجهه ٿيا،
ان ڪري ڊاڪٽر سومري صاحب جي تحقيق وڌيڪ متوجهه ڪري
ٿي. ديوان گل جو سٽاءُ هن ريت سٽيو ويو آهي:
مهاڳ- مقدمو- پس منظر- انگريزن جي دور ۾ سنڌي
صورتخطيءَ بابت ڪشمڪش جو آغاز ۽ انجام- سنڌي
صورتخطيءَ بابت ايلس- ٽرمپ تنازعو، سنڌي صورتخطي-
ڇا سنڌي صورتخطي انگريزن ٺاهي؟ آخوند گل طرفان
صورتخطيءَ تي تنقيد ۽ صوتياتي اصول- آخوند گل جي
حياتيءَ جو احوال- آخوند گل جي شاعري ۽ فڪر-
ديوان گل جي تمهيد (بمبئي ڇاپو 1858ع) جديد صورت
۾- ديوان گل جو متن- ديوان گل- بمبئي ڇاپو 1858ع
مڪمل عڪس- ديوان گل- قلمي نسخو 1275 هه مڪمل عڪس.
مٿين عنوانن کان سواءِ ست ضميما پڻ ڏنا ويا آهن.
ڪل صفحا ٽي سئو پنجاسي آهن ڊبل ڪرائون سائيز ۾
هيءُ تحقيقي شهپارو بيحد قيمتي ۽ مفيد ثابت ٿيندو،
جو ادبي تحقيق ۾ محققن لاءِ بنيادي حيثيت جو حامل
رهندو.
مٿي پيش ڪيل سٽاءَ جو مقصد اهو آهي ته پڙهندڙن کي
حقيقتون آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگھن.
ڊاڪٽر سومري صاحب مهاڳ جي اڍائي صفحن تي تت رقم
ڪيو آهي، جنهن ۾ اهم ڳالهيون هي آهن:
انگريزن جي دور حڪومت جي هن تصنيف جي خاص ڳالهه
اها آهي ته اهو موجوده سنڌي صورتخطيءَ جي ٻاونجاهه
حرفن بجاءِ چوونجاهه اکرن تي ٻڌل آهي. ان جو پس
منظر آهي ته موجوده صورتخطي انگريزن جي فتح کان
ڏهه سال پوءِ 1853ع ۾ مقرر ڪئي ويئي. آخوند گل کي
هڪ سڄاڻ عالم جي حيثيت سان خبر هوندي ته انگريزن
فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري زبان جي
حيثيت ڏني آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکجي رهيا آهن. هن
بدليل حالتن ۾ سنڌي ديوان مرتب ڪري 1270/ 1854ع ۾
مڪمل ڪيو. حرمين جي سڪ جي ارادي سان سانگو ڪري
بمبئي شهر ۾ وارد ٿي، پنهنجي نگرانيءَ ۾ 1275 هه/
1858 ع ۾ ڇپرايو - پوءِ حج تي روانو ٿيو، جتي
وفات ڪيائين.
خليفي گل ديوان جي تمهيد لکندي تازي مقرر ٿيل
صورتخطيءَ تي تنقيد ڪئي ته ان صورتخطيءَ ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي سڀني اُچارن يا آوازن کي مڪمل طور ظاهر
نه ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٽن آوازن ’لهه،‘ ’ڙهه‘
۽ ’نهه‘ جي نشاندهي ڪئي.
ڊاڪٽر سومرو صاحب ان تناظر ۾ اظهار ڪندي لکي ٿو
ته، ”هڪ لحاظ سان آخوند گل جو ان زماني ۾ اهو هڪ
وڏو علمي انڪشاف (Revelation)
هو، جنهن کي هڪ صديءَ کان پوءِ صوتيات موجب مڃتا
ملي“ (1).
سنڌي صورتخطيءَ متعلق محقق شروع کان وٺي ان جي
مختلف رخن کي روشن ڪرڻ لاءِ لکندا آيا آهن، پر ڪن
ٿورن ماهرن ان جي حقيقتن جي پروڙ پائي پڌرايون ڪري
سوچڻ ۽ سمجھڻ جا رويا ئي بدلائي ڇڏيا. ڊاڪٽر سومري
ڪتاب جي نالي سان گڏ ”سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي
جائزو“ قائم ڪري، اسان کي خاص ڌيان ڌرڻ ڏانهن راغب
ڪيو آهي. سندس نقطئه نظر دليلن، وضاحتن ۽ سمجھاڻين
سان تحقيقي تناظر ۾ حاصلات تائين رسائي حاصل ڪرڻ
لاءِ مقدمي جي چوٽيهن صفحن ۾ جيڪا عالمانه جفاڪشي
ڪئي آهي، تنهن کي پڙهندڙ تڏهن هنڊائي سگهندو، جڏهن
هتي عنوان وار اقتباسن سميت گفتگو ڪبي. ان لاءِ
اچو ته اڳتي وڌون.
پس منظر:
انگريزن 1843ع ۾ سنڌ ۽ 1849ع ۾ پنجاب فتح ڪري، سنڌ
هند مٿان مڪمل اقتدار قائم ڪيو. ملڪ تي ڪامياب
حڪمرانيءَ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾
1835ع ۾ انگريز دانشور ميڪالي مشورو ڏنو ته، ”رائج
فارسي ۽ مقامي زبانن جي تعليم کي ختم ڪري، پوري
هندستان لاءِ انگريزيءَ کي سرڪاري زبان ۽ ذريعه
تعليم طور نافذ ڪيو وڃي (2) سندس ڏنل پاليسيءَ تي
عمل شروع ٿيو، پر خود انگريز عملدارن کي شروع کان
وٺي مقامي ٻولين جي همت افزائي جو رجحان پيدا ٿيو
۽ 1837ع ۾ بنگال م فارسيءَ سان گڏ اردو کي عدالتي
ٻوليءَ طور تسليم ڪيو ويو (3).
انگريزن جي دور ۾ سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪشمڪش جو
آغاز ۽ انجام:
سن 1847ع ۾ سنڌ کي انتظامي طور بمبئي جي ماتحت ڪيو
ويو – سال 1848ع ۾ بمبئي جو گورنر جارج ڪلرڪ سنڌ
جي دوري تي آيو ۽ واپس وڃي مرڪزي سرڪار جي شروع ۾
ذڪر ڪيل پاليسيءَ جي روشنيءَ ۾ 24 اپريل 1848ع تي
سنڌيءَ کي سرڪاري زبان بنائڻ جو اعلان ڪيائين.
گڏوگڏ اهو به چيائين ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ عملدار 18
مهينن اندر سنڌيءَ ۾ اهليت جو امتحان پاس ڪن (4).
سنڌ جي ڪمشنر پرنگل سنڌ جي ٽن ڪليڪٽرن ڏانهن 30
مئي 1848ع تي خط لکي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال ۽
صورتخطيءَ بابت راءِ طلب ڪئي.
ان وقت حيدرآباد جو ڪليڪٽر راٿيورن هو ۽ ڪپتان
جارج اسٽئڪ ساڻس ڊپٽي ڪليڪٽر هو، جو سنڌي ٻوليءَ
جو ڄاڻو هو ۽ ديوناگري لپيءَ ڏانهن راغب هو. سندس
سنڌي ٻوليءَ جو انگريزي ۽ ديوناگري ٻولين ۾ لکيل
گرامر ۽ انگريزي – سنڌي ڊڪشنري 1849ع ۾ ڇپجي ظاهر
ٿيا.
سنڌ جي ڪمشنر پرنگل پاران سنڌي صورتخطيءَ لاءِ
راءِ معلوم ڪرڻ متعلق لکيو هو، تنهن جو جواب ۾
برٽن 2 جون 1848ع تي تفصيلي رپورٽ ۾ پرنگل کي لکي
موڪليو ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط
جي پُرزور سفارش ڪجي ٿي. هن دليل ڏيندي سنڌيءَ ۾
اڳ ئي موجود مواد ۽ ادب بلڪ ڪتابن جو نالن سميت
ذڪر ڪيو.(5) 28 آگسٽ 1848ع تي ڪپتان اسٽئڪ
ديوناگري لپيءَ جي حق ۾ تفصيلي رپورٽ ڪمشنر کي
موڪلي. (6)
ڪمشنر پرنگل 26 اپريل 1849ع تي ٻنهي رپورٽن جو
جائزو وٺي، ديوناگريءَ جي طرفداريءَ ۾ بمبئي جي
گورنر فاڪلنڊ کي سفارشون موڪلي ڏنيون، جنهن 28
جولاءِ 1849ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس ڏانهن فيصلي لاءِ موڪلي، ڇو ته آخري
فيصلي جو اختيار هنن کي هئو. اهو فيصلو اڃان ڪونه
ٿيو هو ته پرنگل جي جاءِ تي 1851ع ۾ بارٽل فريئر
سنڌ جو نئون ڪمشنر ٿي آيو ۽ ڪپتان اسٽئڪ جي جاءِ
تي بئرو هربرٽ ايلس ساڻس اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو
ويو. 6 سيپٽمبر 1851ع تي بارٽل فريئر سنڌ جي
انگريز آفيسرن لاءِ سنڌيءَ ۾ امتحان (ورنيڪيولر
فائينل) پاس ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو.
8 ڊسمبر 1852ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بورڊ آف
ڊئريڪٽرس ٻن صفحن تي مشتمل فيصلو صادر ڪندي لکيو
ته، عربي سنڌي رسم الخط اختيار ڪيو وڃي، پر
فيصلي لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ڪاميٽي ٺاهي وڃي،
جنهن ۾ يورپي آفيسرن سان گڏ اهڙن مقامي ماڻهن کي
به رکيو وڃي، جي هن موضوع تي وڌيڪ ماهراڻي راءِ
ڏيئي سگهن. (7) ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي آڏو برٽن ۽
اسٽئڪ جون رپورٽون آڏو رکي عربي سنڌيءَ جي حمايت ۾
اهو فيصلو ڪيو هو. (8)
ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو اهو فيصلو يارهين مارچ 1853ع
تي سنڌ ۾ موصول ٿيو، جنهن جي عملي نفاذ لاءِ فريئر
۽ ايلس ذميوار ٿيا.
ان ريت ڊاڪٽر سومري صاحب مستند حوالن سان حقيقتون
پيش ڪري، سنڌي صورتخطيءَ جي سرڪاري پڌرنامو جاري
ٿيڻ کي چٽو ڪيو آهي. اڳتي هو بارٽل فريئر ۽ ايلس
جي ڪردار کي واضح ڪري ڪن اهم ڳالهين تي روشني وجهي
ٿو: جولاءِ 1853ع ۾ سنڌي الف- بي جي پٽي ايلس
طرفان ظاهر ڪئي ويئي. سنڌيءَ ۾ اسڪولن جو نظام
شروع ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ان ساڳئي
مراسلي ۾ اهڙي هدايت ڪندي 10 هزار روپين جي بجيٽ
جي منظوري ڏني هئي. ايلس سنڌ ۾ تعليمي سرشتي جي
اڳڀرائي بابت هڪ جامع رپورٽ 29 ڊسمبر 1854ع تي سر
بارٽل فريئر کي ڏني، جا تقريباً ڏيڍ سال دير سان
پيش ڪئي، جنهن ۾ اسڪولن قائم ڪرڻ کانسواءِ سنڌي
صورتخطي ۽ سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو تفصيل هو.
بارٽل فريئر اها رپورٽ هڪ سال دير سان 24 ڊسمبر
1855ع بمبئيءَ جي ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن کي
ڏياري موڪلي، جنهن ۾ ايلس جي سنڌي صورتخطي ۽ ٻين
اقدامن تي ڀرپور روشني وڌي. مارچ 1856ع ۾ اها
رپورٽ سرڪاري طور شايع ٿي. ڊاڪٽر سومري صاحب طرفان
ايلس جي انهيءَ جامع رپورٽ، جا جملي هڪ سَؤُ ستن
فقرن تي مشتمل آهي. جن مان چاليهون (40) ۽
ايڪيتاليهون فقرا سنڌي صورتخطيءَ ۽ ان سلسلي ۾
ڪاميٽي قائم ڪرڻ بابت نهايت اهم آهن، جي انگريزي ۽
سنڌي ترجمي سميت ڏنا ويا آهن. هتي فقط سنڌي ترجما
ڏجن ٿا:
ترجمو: هن وقت اهڙي ڪميٽيءَ جو قيام عملي طور
ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا ماهر آفيسر
سنڌ ۾ موجود نه آهن يا ڪٿي ٻاهر ويل آهن، جن کي
هينئر آساني سان هڪ هنڌ گڏ ڪري نٿو سگهجي.
ان ڪري ڪاميٽي واري رٿ کي مجبوراً ترڪ ڪرڻو پيو
(فقرو 40)
فقري 41 ۾ لکيائين:
ان ڳالهه تي وڌيڪ افسوس ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته
اهڙي ڪاميٽي ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهي ها، ڇو
ته اهي ميمبر ڪڏهن به هڪ ڳالهه تي متفق نه ٿين ها.
اهي پنا ڪارا ڪرڻ کانسواءِ ۽ هڪ ٻئي کي رد و ڪد
ڏيڻ کان سواءِ تنازعي کي نئين سرجيارين ها. ڪابه
نئين ڳالهه ڪونه ڪن ها، ڇو ته ان مسئلي تي ڪپتان
اسٽئڪ ۽ برٽن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڄاڻو ڪونه ٿو سجهي،
جن کي هينئر انهن جي بجاءِ ڪاميٽيءَ تي رکجي. (9)
ايلس فقري نمبر 42 ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر سان مخاطب
ٿيو، اهو فقرو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. فقري 43 مان پڻ
اقتباس ڏنل آهي.
بارٽل فريئر، ايلس جي رپورٽ ۾ پيش ڪيل راين سان
مڪمل متفق ٿيندي لکيو ته: ”ايلس، جيڪڏهن برٽن ۽
اسٽئڪ جي برابر ماهر نه آهي ته کانئن ڪنهن به صورت
۾ گهٽ نه آهي.“
مٿي پيش ڪيل سموري مستند مواد ذريعي آڏو آيل
حقيقتن کان بعد محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جيڪو
بيش بها جائزو پيش ڪيو آهي. تنهن جو هتي تت ڏيڻ
سان سندس نقطئه نظر ثابت ٿي وڃي ٿو، نئين روشنيءَ
۽ نئين واٽ سان روشناس ڪرائي ٿو. ان سان هن بيشڪ
تحقيق جو حق ادا ڪري تحسين لائق ڪارنامو سرانجام
ڏنو آهي.
”هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ايلس جي جامع رپورٽ ۽
ان جي باري ۾ بارٽل فريئر طرفان بمبئي سرڪار کي
موڪليل خط مان اهڙي ڪنهن به ڪاميٽيءَ طرف ڪو اشارو
نٿو ملي، جيڪا مارچ 1853ع ۽ جولاءِ 1853ع جي وچ ۾
ٺاهي ويئي هجي. سوال آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪاميٽي
قائم ٿي، جنهن پنهنجا فيصلا به ڏنا ته پوءِ آخر
ايلس ان ڪميٽيءَ جو هڪ سال کان پوءِ ڊسمبر 1854ع ۾
موڪليل رپورٽ ۾ پنهنجي ڪمشنر کي ان جو احوال ڇو نه
ڏنو يا ان جو ذڪر ڪرڻ مناسب ڇو نه سمجهيو.“
هتي اها ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته جڏهن ڪورٽ آف
ڊئريڪٽرس عربي- سنڌي خط جي حمايت ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو
۽ ان کان پوءِ خدا وادي يا ديوناگريءَ جو ذڪر ئي
نه ڪيو ته پوءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو مقصد نظر نٿي
آيو.
ايلس جي رپورٽ ۽ فريئر جي خط مان مانواري محقق هي
نتيجا حاصل ڪيا آهن: پهريون ته ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس
جي فيصلي کان پوءِ سنڌي صورتخطيءَ کي حتمي صورت
ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ تعليمي نظام جو ابتدائي نقشو قائم ڪرڻ
هڪ سال جي اندر مقرر ٿيل صورتخطيءَ ۾ درسي ڪتاب
لکرائڻ ۽ ڇپرائڻ جو سمورو ڪم ايلس جي نگرانيءَ ۾
ٿيو، جنهن لاءِ کيس فريئر جي پوري حمايت حاصل هئي.
فريئر جو ايلس جي سنڌيءَ ۾ مهارت بابت ذڪر ۽ ايلس
جو پاڻ ”ايسپ جي آکاڻين“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ.
ٽرمپ کي ايلس جي عالمانه جواب ڏيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو
ته ايلس ئي سنڌي صورتخطيءَ جي آخري ۽ حتمي تشڪيل
لاءِ هڪ ماهر ذميوار طور اهو عمل سرانجام ڏنو.
ايلس جي ان عمل جي مستند هئڻ لاءِ محقق ڊاڪٽر
حميده کُهڙو جي تاليف ۽
The Making Modern Sindhi 1999
تان استفادو ڪندي قيمتي حوالو ڏنو آهي:
Ellis himself had completed the Arabic alphabet
for Sindhi which now included 52 letters, and
this had been circulated among low grade
officials (10)
ترجمو: ايلس پاڻ ئي عربي- سنڌي صورتخطيءَ کي مڪمل
ڪيو هو (حتمي صورت ڏني هئي)، جنهن ۾ هاڻي 52 اکر
شامل هئا. اهائي صورتخطي هئي، جنهن کي هيٺين
عملدارن جي ڄاڻ لاءِ پڌرو ڪيو ويو هو.
ڊاڪٽر سومري صاحب جي مٿين حقيقتن جي تائيد ۾ آءٌ
مولانا غلام محمد گرامي جي لکيل مضمون: ”سنڌي رسم
الخط ۽ اسلوب بيان جي ارتقا تي هڪ نظر“ (ٽماهي
مهراڻ 1- 1964ع) مان اقتباس پيش ڪريان ٿو. گرامي
صاحب لکي ٿو ته:
1853ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن جي ڪورٽ
فيصلو ڏنو ته عربي- سنڌي آئيويٽا ٺاهڻ گهرجي. ان
فيصلي پٽاندر سر بئروايلس عربيءَ جا اٺاويهه حرف
وڌائي، سنڌيءَ جا ايڪونجاهه حرف ٺاهيا. اها نئين
آئيويٽا 1853ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپجي پڌري ٿي، ۽
1854ع ۾ ڏهاڪو کن ڪتاب ڇاپيا ويا. 1854ع کان 1865ع
تائين چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل اسڪول ۽ ڇاونجاهه
پرائمري اسڪول کُليا، جن ۾ اهي ڪتاب پڙهايا ويندا
هئا (ص 159).
هن سلسلي ۾ هڪ ٻي مليل اهم شاهدي وري هن ريت آهي.
ٽماهي مهراڻ: 4- 1967ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”سنڌي
رسم الخط جي تاريخ“ جي عنوان سان شايع ٿيو، جو اصل
۾ سنڌ جي هڪ سابق انگريز گورنر جو لکيل هو، جنهن
جو اردو ترجمو ’معاف‘ اعظم ڳڙهه 6- 1943ع ۾ ڇپيو
هو. ان جو سنڌي ترجمو مهراڻ 4- 1967ع ۾ ڏنل آهي.
ان ۾ چٽو چيو ويو آهي ته، ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جي حڪم تي عربي حروف تهجيءَ جي
حق ۾ ڪيو ويو. ان فيصلي اچڻ تي، سرفريئر، حيدرآباد
جي ڪليڪٽر ايلس کي اهو ڪم سپرد ڪيو هو ته هُو عربي
حروف تهجيءَ کي تيار ڪرائي. موجوده عربي سنڌي حروف
ان جي ڪوشش جو نتيجو آهن. پر سنڌيءَ ۾ ٻاونجاهه
حروف آهن ۽ ان جي مقابلي ۾ عربيءَ ۾ رڳا اُڻٽيهه
حرف آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن ۽ انهن
جي صوتي اثرات ۽ خصوصيات کي قائم رکڻ لاءِ ان
گهٽتائيءَ کي ٽٻڪن جي وسيلي سان پورو ڪيو ويو. (ص
136)
ايلس جي قابليت ۽ عمل جو اعتراف:
ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس، انگريزي، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ
۾ تعليم لاءِ اسڪولن ۾ في
fee
وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر ايلس سماجي صورتحال ۽
تعليمي ترقيءَ طرف سوچي هڪ ڏاهي عملدار جي حيثيت
سان ان هدايت سان اختلاف ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم کي
مفت جاري رکڻ جو اثرائتو مشورو ڏنو، جو قبول ڪيو
ويو. ايلس چيو ته هوند جيڪي شاگرد ورنيڪيولر
اسڪولن ۾ ضلعي سطح تي سنڌيءَ ۾ وڏي اهليت جو
مظاهرو ڪن ته انهن کي اسڪالرشپ ڏئي انگريزي اسڪولن
۾ پڙهايو وڃي(11). سندس غير معمولي خدمتن جي
قدردانيءَ طور سندس نالي سان ”ايلس پرائيز“ قائم
ڪيو ويو، جو سنڌيءَ ۾ خاص صلاحيت جو مظاهرو ڪندڙ
شاگردن کي ڏنو ويندو هو. اهڙو انعام مرزا قليچ بيگ
به 1872ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ هڪ ڪتاب جي صورت ۾
حاصل ڪيو، محقق ڊاڪٽر سومري صاحب ضميمي ۾ ان جو
عڪس ڏنو آهي.
ايلس- بيشڪ جهڙو تصويرن ۾ ڏسجي ٿو. تهڙو حشمت، همت
۽ حوصلي وارو مرد چئي سگهجي ٿو، سندس لکپڙهه پڙهي
نه رڳو هن جي دانشمندي پئي محسوس ٿئي، پر هُو ان
جي پختي اظهار ۽ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ وارو مدبر
محقق ۽ حاصلات تي مضبوطيءَ سان بيهڻ واري جي حيثيت
سان آڏو اچي ٿو.
ڊاڪٽر سومري صاحب جي موجوده تحقيق سان ته ايلس جي
سنڌي صورتخطيءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي ايترو نروار ڪيو
ويو آهي، جو سنڌي علم، ادب ۽ سماج ۾ سندس مانُ ۽
مرتبو هيڪاندو وڌي ويندو ۽ کيس تاريخ ۾ احترام
لائق منفرد مقام حاصل رهندو.
سنڌي صورتخطيءَ بابت ايلس- ٽرمپ تنازعو:
هن عنوان هيٺ محقق ڊاڪٽر سومري صاحب، انهن ٻنهي
عملدارن جي اختلافي نقطن سان پڻ روشناس ڪرايو آهي
جن جو مختصر پيرايي ۾ ذڪر ڪجي ٿو. 12- سيپٽمبر
1854ع تي ڪرسچن مشن ٽرسٽ وارن جي دعوت تي جرمن
مشنري ارنيسٽ ٽرمپ ڪراچيءَ پهتو. هو لسانيات جو
ماهر هو، ان ڪري هن ايلس جي تشڪيل ڏنل صورتخطيءَ
تي تنقيد ڪئي. هو سنڌيءَ لاءِ اردوءَ جي رسم الخط
جو حمايتي هو. هن نومبر 1854 ۾ ”سنڌي الف- بي بابت
جامع اسڪيم“ جي عنوان هيٺ تفصيلي رپورٽ تيار ڪري
هيڊ آفيس لنڊن ڏياري موڪلي. اها هن بمبئي سرڪار کي
پڻ موڪلي ۽ فريئر کي به روبرو ڏني. هن ايلس جي
مقرر ڪيل صورتخطيءَ جي حرفن تي ڏنل ٽٻڪن تي اعتراض
ڪيا، جن جو ايلس کيس مدلل علمي ۽ لساني جواب ڏنو.
ٽرمپ سنڌيءَ جي وسرڳ آوازن: ’ڦ‘ ۽ ’ڇ‘ کي اردو
وانگر ’پهه‘ ۽ ’ڇهه‘ وانگر لکڻ تي زور ڏنو. انهن
لاءِ ايلس تاريخي دليل طور چيو ته سنڌيءَ ۾ اهي
صدين کان ’ڦ‘ ۽ ’ڇ‘ جي صورت ۾ لکيا ويا آهن ۽ لکڻ
۾ سولا آهن، مگر ٽرمپ، ايلس جي دليلن کي سمجهڻ کان
قاصر هو. ڊاڪٽر سومري صاحب ٽرمپ جي شاهه جي رسالي
۾ ڪم آندل صورتخطي ايلس سان سورهن حرفن تي اختلاف
۽ ڪن ٻين معاملن تي لکيو آهي.
سنڌي صورتخطيءَ بابت ڪاميٽي ٺاهڻ واري غلط فهمي:
ديوان گل جي تحقيقي مقدمي ۾ هي عنوان نهايت اهم ۽
دلچسپ آهي. مٿي پيش ڪيل حقيقتن مطابق ايلس اهڙي
ڪاميٽي ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن سان فريئر پڻ
متفق هو. ”ڪاميٽي ٺاهڻ وارو اختراع سڀ کان پهرين
محمد صديق ميمڻ پنهنجي تصنيف ”سنڌ جي ادبي تاريخ“
۾ ڪيو جنهن ۾ هن اٺن ميمبرن جا نالا ڄاڻايا جن ۾
مرزا صادق علي بيگ جو نالو به شامل هو.
محمد صديق ميمڻ جي اختراع کي پوءِ ڀيرومل مهرچند،
غلام علي الانا، ۽ عبدالڪريم لغاري، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي توڻي ٻين ان
مغالطي کي ورجايو. سال 1986ع ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
جو ڪتاب ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ ڇپيو،
جو پوءِ سنڌ ۾ پڻ ڇپايو ويو. تنهن ۾ ان ڳالهه کي
چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته، ”هي جو چيو وڃي
ٿو ته مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مرزا صادق علي
بيگ، ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، جيڪا سنڌ جي اسسٽنٽ
ڪمشنر ايلس پنهنجي صدارت هيٺ عربي، فارسي اکرن جي
آڌار تي، سنڌيءَ لاءِ الف- بي جو هڪ نئون سرشتو
تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي هئي، سا ڳالهه شڪي آهي.
ڇاڪاڻ جو اها ڪاميٽي 1853ع ۾ ٺهي هئي، جنهن وقت
مرزا صادق علي بيگ جي عمر اٺ سال هئي.
مختلف ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۽ مرزا صادق علي بيگ
جي خاندان مان اها ڳالهه پڪيءَ طرح معلوم ٿي ته هو
سن 1845ع ۾ ڄائو هو، پر ان جي تصديق ڪوبه ڪري ڪونه
سگهيو ته هو ڪو مذڪوره ڪاميٽيءَ جو ميمبر به هو.،
اها ڳالهه پوءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب
”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ (سنڌي ٻوليءَ جون
لپيون)، جيڪو جون 1999ع ۾ ڇپيو، تنهن ڪاميٽيءَ جي
ميمبرن جا نالا ڏيندي ورجائي. (ص ص 162 ۽ 163)
ڊاڪٽر جيٽلي جي ڪتاب ”اوائلي شايع سنڌي لوڪ
ڪهاڻيون“ کان پوءِ عبدالقيوم صائب ٽماهي
’مهراڻ‘ 2/1989ع جي رسالي ۾ هڪ خط شايع ڪرايو،
جنهن ۾ ڊاڪٽر جيٽلي جي ڳالهه جي وضاحت ۾ چوي ٿو
ته، ”مرزا قليچ بيگ جي پوٽي مرزا محمد حبيب وٽ
مرزا صادق علي بيگ جي قلمي ڪتاب ”اخلاق محسني“ جي
فوٽو ڪاپي ڏسڻ جو وجهه مليو، جنهن ۾ هو ان ڳالهه
تي روشني وجهي ٿو ته ”آءٌ تيرهن سال تعليم کاتي جو
ترجمان هوس ۽ انهيءَ وقت ۾ ٻين سرڪاري ڪمن سان گڏ
سائينس پرائمر، جهڙو علم طبق الارض، علم ڪيميا،
علم جغرفيه وغيره کاتي کي گهربل ڪتاب انگريزيءَ
تان ترجمو ڪري تيار ڪندو هوس ۽ ورنيڪيولر لٽريچر
ڪميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي، جيڪي ڪتاب ڪاميٽيءَ وٽ
پيش ٿيندا هئا، تن تي رايا ڏيندو ۽ اصلاح ڪندو
هوس.“ انهيءَ عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صادق
علي بيگ، ايلس واري سنڌي لاءِ الف- ب جو هڪ نئون
سرشتو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر
ڪين هو“. (ص 187)
هن سلسلي ۾ هڪ ٻي وڏي شاهدي هن ريت آهي، محمد صديق
مسافر ”قرب قليچ“ ۾ لکيو آهي ته، ”مرزا صادق علي
بيگ صاحب مرحوم سنڌ جي لٽريچر ڪميٽي جو شروعات کان
ڪارائتو صلاحڪار هو. هن شرٽ صاحب نالي هڪ يورپين
عالم سان شامل ٿي ٻه وڏيون ڊڪشنريون تيار ڪيون: هڪ
انگريزيءَ مان سنڌي ۽ ٻي سنڌيءَ مان انگريزي“ (ص
9). هن 6 سيپٽمبر 1912ع ۾ وفات ڪئي. آگسٽ 1906ع جي
ماهوار رسالي ”اخبار تعليم“ ۾ رپورٽ ٿيل آهي ته،
گذريل 26 جون جي ڏينهن جو بادشاهه ايڊورڊ ستين جي
جنم جو سڳورو ڏينهن هو، تنهن کي ملهائڻ لاءِ جي
خطاب ۽ انعام سنڌ ۾ عطا ٿيا، تن مان هڪ تعليم کاتي
کي به مليو جيئن ته مرزا صادق علي اڳوڻي ڊپٽي
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب کي ”قيصر هند“ جو ٻلو
عطا ٿيو. (ص 26)
مٿين سمورين شاهدين ۽ حقيقتن مان هي نتيجا حاصل
ٿين ٿا ته سنڌي صورتخطيءَ جي موجوده تشڪيل لاءِ
اهڙي ڪابه مستند شاهدي ملي نه سگهي آهي، جنهن ۾
ڪميٽيءَ جي جوڙ جڪ جو چٽو ۽ ناقابل ترديد ثبوت
موجود هجي. جيڪڏهن ڪميٽي جوڙي ويئي هجي ها ته ضرور
ان جي ڪنهن ميٽنگ جو احوال به ملي سگهي ها. محمد
صديق ميمڻ جڏهن ’سنڌو‘ ۾ مضمون ڇپايا، تڏهن به
ڪنهن کيس ڪا موٽ نه ڏني، توڙي جو سنڌو ۾ ڊاڪٽر
دائودپوٽي ۽ ڀيرومل مهرچند ۽ ڪن ٻين لکندڙن جا
ٿورا ڪي گهڻا مباحثا موجود آهن. جنهن جا سبب ڪهڙا
ٿي سگهن ٿا. محمد صديق ميمڻ پنهنجي وقت جو ناميارو
استاد ۽ اديب ۽ بعض اوقات شعر به چوندو هو. سندس
وڏو ڪارنامو ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد
قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ هو.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به صورتخطي ڪميٽيءَ کي شڪ جي
نگاهه سان ڏٺو ۽ مرزا صادق علي بيگ جي ميمبر هئڻ
کي غلط ڄاڻي 1986ع کان تحقيق ڪندو آيو، مگر ڪنهن
خاطرخواه حقيقت حاصل نه ٿيڻ ڪري، ڪنهن نتيجي تي
پهچي نه سگهيو. سندس تحرير کي عبدالقيوم صائب خود
مرزا صادق علي بيگ جي لکت سان ڪنهن حد تائين نتيجي
ڏانهن هلڻ ۾ آساني پيدا ڪئي.
مٿين ايڏي مباحثي کان ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي هن
بيان سان اتفاق ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ ٿي نه ٿي سگهي
ته،”انگريز سرڪار 1868ع ۾ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي
قائم ڪئي، جنهن جو اڳواڻ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي
هيڊماستر کي مقرر ڪيو ويو ۽ هن سان اڳ اَٺ ميمبر
(مقرر ڪيا ويا(12). اها ڪاميٽي وري ايڊيوڪيشنل
انسپيڪٽر سنڌ جي ماتحت ڪم ڪرڻ لڳي. انهيءَ
ڪاميٽيءَ جو ڪم هو ته عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي
هِجي يعني املا کي هڪجهڙو بڻائڻ ۽ ان سان لاڳو
مسئلا حل ڪرڻ. اها ساڳي ڪاميٽي گجراتي ۽ خداوادي
ڪتابن جي پڻ نظرداري ڪرڻ لڳي. اها ڪاميٽي آيل
مسودن جي معيار جي جاچ پڙتال ۽ انهن جي اشاعت جي
منظوري ڏيڻ، ليکڪن کي معاوضو ڏيڻ، ترجما ڪرائڻ ۽
انهن تي نظرثاني وغيره لاءِ پڻ ذميوار هئي. اهائي
ڪاميٽي ليکڪن کي انعام ڏيڻ جي سفارش ڪندي هئي. سال
1871ع ۾ انهيءَ ڪاميٽيءَ جي مدد لاءِ ايڊيوڪيشنل
ٽرانسليٽر به مقرر ٿيو. انهيءَ ڪاميٽيءَ جي سفارش
تي ڪيترن ئي ڪتابن کي انعام پڻ ڏنا ويا. جن ۾
1872ع ۾ راسيلاس جي ترجمي تي اُڌارام ٿانورداس ۽
نولراءِ شوقيرام کي -/300 رپيا روڪ انعام ڏنو ويو.
ان ڪاميٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي ڄاڻ 75-1874ع جي
رپورٽ مان اقتباس پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ان جي
سورهن گڏجاڻين جو ذڪر، لغتن، ڪتابن ۽ سفارشن جو
احوال آيل آهي. ان لحاظ سان محمد صديق ميمڻ
ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ کي خوامخواه ”سنڌي
صورتخطي جي الف-ب واري ڪاميٽي سمجهي ٿو، جيڪا اصل
۾ هئي ڪانه!
ڇا سنڌي صورتخطي انگريزن ٺاهي؟
هن عنوان تحت سومري صاحب انگريزن جي ورتل ڪوششن جي
ذڪر کان پوءِ جيڪو نتيجو ڪڍيو آهي، سو بيشڪ اتفاق
ڪرڻ ۾ مدلل ۽ معقول آهي: ”اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو
ته سنڌي صورتخطيءَ جا موجد يا ٺاهيندڙ سنڌي عالم
هئا ۽ اها صورتخطي سنڌ ۾ صدين کان رائج هئي.
انگريز سرڪار ان کي هڪ مقرر صورت ڏيئي نافذ ڪيو.
ان لحاظ کان ڏسبو ته انگريزن طرفان مقرر ٿيل
صورتخطي قديم سنڌي صورتخطيءَ جو تسلسل آهي. ان ۾
ڪابه نئين خاص ڳالهه ڪانهي، سواءِ ان جي ته ڪجهه
حرفن ۾ ٽٻڪن جي بيهڪ مقرر ڪئي وئي.“ جيڪا درحقيقت
خود ٽرمپ جي لکيل گرامر ۾ سنڌي الف- بي جي ڏنل
جدول مان پوري ريت واضح ٿئي ٿي(13).
ان شاندار تاليف جو تحقيقي مقدمو وڏي محنت ۽
تحقيقي معيار وٽان آهي، جنهن لاءِ محقق اٺاويهن
سنڌي، ڇهن اردو، پنجن انگريزي ڪتابن ۽ پنجن قلمي
مسودن جي اڀياس سان لکيو آهي، سو سندس يادگار
ڪارنامو آهي. ان جي اعتراف ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شوري اهو مقدمو الڳ ڪتابي صورت
۾ شايع ڪري، هڪ طرف محقق جي عزت افزائي ڪئي آهي ته
ٻي طرف ”مقدمي لطيفي“ ۽ ”شاهه جي رسالي جو مقدمو“
جدا ڇپرائڻ واري روايت کي قائم رکي، سنڌي ادبي
بورڊ ادب ۽ تحقيق نوازيءَ جي ذميواري سرانجام ڏني
آهي، اڳ ۾ ڪلاسيڪي ۽ اساسي شاعريءَ جا مقدما ڇپيا
آهن، پر هي عروضي فن تحت ترتيب ڏنل پهرين ديوان جو
پهريون دفعو اعليٰ معياري مقدمو آهي، جنهن جو
جيترو اعتراف ڪجي گهٽ آهي.
حوالا:
1.
سومرو، عبدالغفار ڊاڪٽر: ”ديوان گل ۽ سنڌي
صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو“، 2022ع، ڊاڪٽر
اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄام شورو.
2.
Ramsay Muir, The Making of British India, P.299
3.
هندي اردو تنازعه: ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، ص 452
4.
Hamida Khuhro, The Making of Modern Sindh, P.
224
5.
Hamida Khuhro, op.cit. 229
6.
Hamida Khuhro, of.cit. 235
7.
Allah Rakhio Butt, The Nineteenth Century Book
Trede in Sindhi Thesis, P.90
8.
Hamida Khuhro, 235, B.H.Ellis, Report, P. 14
9.
Hamida Khuhro, p. 238, B.H.Ellis, Report, P.15
10.
Hamida Khuhro, op.cit. P.255
11.
Dr.N.A.Baloch 1969, Ellis Report, March 1856.
12.
Dr. Butt, Thesis, 1988, P.90.
13.
Trump Ernest, Grammar of The Sindhi Language,
SLA & EFT, Appendix-II, PP. 534-535
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
ڪتاب: ناو هلندي رهي (شاعري)
شاعر: نياز پنهور
محترم نياز پنهور جي شاعري جو هيءُ ڪتاب ’پوپٽ
پبلشنگ هائوس، خيرپور سنڌ طرفان تازو ڇپجي مارڪيٽ
۾ آيو آهي.
ادا نياز جو نالو سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل، مقبول ۽
مشهور آهي، هن جيئن ٻاراڻي دؤر
کان پنهنجي قلم کي سنڀاليو ۽ متحرڪ ڪيو آهي، تسلسل
سان لکيو آهي ۽ ان جي مَس کي ٺرڻ ٽپرڻ ڏنو ئي
ناهي، وقت جي وهڪرن سان سندس ذهن ۾ ٻاراتڻ جي
ٻوليءَ ۾ پختگي ۽ رواني روان دوان رهي آهي، سندس
ٻاراڻا ٻول جيڪي گُل ڦُل ۽ مهراڻ (روزانه) کان
شروع ٿيا انهن جي اجتماعي شڪل وري 1981ع ۾ سندس
ڪتاب ’ڪوڏ ۽ سپين‘ جي نالي سان پڙهندڙ تائين پهچي
ٿي ۽ سندس ڪجهه ڊراما ٽيليويزن جي اسڪرين تي ظاهر
ٿين ٿا. ساڳئي دور ۾ ريڊيو حيدرآباد تان گهڻيون
ساريون سندس تقريرون به سامعين جي گوش گذار ٿين
ٿيون.
نياز صاحب سنڌي ادب جي مختلف اسٽيجن تي پرسڪون ۽
ڊگهيون ڊگهيون تقريرون ڪندي پڻ نظر اچي ٿو، هونئن
ته هُو سڄي سنڌ ۾ نظر اچي ٿو پر حيدرآباد جي اڪثر
ميڙاڪن ۾ موجود هوندو آهي ۽ پنهنجي مدلل راءِ سان
موضوع سان انصاف ڪري ٿو.
تازو محترم نياز پنهور صاحب جا خاڪن جا ٻه ڪتاب پڻ
منظر تي آيا آهن. هونئن ته اسان وٽ سنڌيءَ خاڪن تي
ماڳهين آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب آهن، پر انهن ۾ به
سندس لکيل خاڪن کي خاص انفراديت حاصل آهي، هنن
سڀني ادبي ڪمن سان گڏ سندس صحافت وارو ڪردار تمام
اهم آهي. سندس صحافتي لکڻين ۾ جيڪا سختي ۽ سچ جي
شوخي آهي اها سندس صحافتي ڪردار جي بيباڪيءَ جي
شاهد آهي. هن هڪ دلير صحافيءَ وانگيان ڪڏهن به
پنهنجي ذاتي تعلقات ۽ دنياداري جي معاملن کي صحافت
جي تيز نوڪ واري قلم سان وچڙايو به ناهي ته وري
ڪڏهن ونگار به ناهي وهيو، هن سڄي حقيقت کي پرکڻ
لاءِ سندس ’ڪالم‘ گواهه آهن.
ٻي طرف سندس اندر جو معصوم شاعر وري هن ڪتاب ۾
سندس شاعرانه جهلڪيون پسائي ٿو، نياز صاحب جي هن
ڪتاب ۾ سندس 71 غزل، 21 نظم، 53 دوها ۽ فرد، 6
وايون، 4 گيت ۽ 2 ترائيل شايع ٿيل آهن. هُو انهيءَ
ڳالهه جو قائل آهي ته:
هيءَ سونهن سجائي آ پيارا،
ٻي ڳالهه اجائي آ پيارا،
جا توکي ساريندي گذري،
سا رات سجائي آ پيارا.
سندس شاعري سندرتا پريت پڻي جو ميلاپ آهي، هو
خارجي حوادث کي داخلي دنيا ۾ آڻي ٿو ڇڏي.
سندس روح کي وقت جيڪي رهنڊڙا هڻي ٿو، هُو انهي تي
پيار جي پٽي رکي پنهنجي اظهار جي سليقي ۾ لڪايو
ڇڏي:
راتين ۾ مان رلندو آهيان
آ مون کان چنڊ رٺل پيارا!
سڀ نينهن نگر مُرڪيو آهي
تو ڳل سان لاتو آ پيارا.
نياز جي غزلن ۾ روايتن کان وٺي جديديت تائين جون
سڀ جهلڪون آهن ۽ هو انهن ۾ ڪامياب انڪري آهي جو هو
غزل جي فن کان نه صرف آگاهه آهي پر ان تي عمل پيرا
پڻ آهي. سندس ننڍڙا ننڍڙا نظم پر اندر کي ڏاڍو
ڇُهن ٿا. سندس نظم ۾ جيڪو ردم آهي ان جو راز آهي
ئي سندس فن تي دسترس. هڪ نظم جو مثال وٺو:
اسين
آزاد
ماڻهو
۽ حياتي
قيد
خانو آ.
هن نظم جي محور
Vertical axis
کي
Transverse axis
۾ تبديل ڪريو ته عروض جي عاليشان شڪل ٺهندي.
اسين آزاد ماڻهو ۽ حياتي قيدخانو آ
اهڙيءَ طرح سندس سڀني نظمن ۾ فن جي پختگي موجود
آهي، سندس وايون ۽ ٻي شاعري به نياز جي پنهنجي دور
جي معتبر ۽ پختي شاعر هجڻ جي گواهه آهي. سندس فن
سان گڏ سندس فڪر جو هڳاءُ به ڪو غير ڪونهي، هو
شروع کان آخر تائين ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌ‘ آهي، هو سنڌ جي
هر ڪنهن منفي ڪردار کان انڪاري ۽ سنڌ جي هر ڪنهن
حب رکندڙ ڪردار سان محبت ڪندڙ آهي.
چڙهيا سچ چئي،
سوليءَ مٿي ڪي سڄڻ.
وري ٻي وائي جي سڳنڌ هينئن ٿو ڳولي ته:
ڦهلي آ سڳنڌ،
جت ڪٿ منهنجي ڀونءِ تي.
نياز جي شاعريءَ مان هڪ ٻي ڳالهه اسان
تائين واضح ٿي اچي ٿي ته سنڌي شاعرن ڪنهن به دؤر ۾
پڙهندڙن کي مايوس نه ڪيو آهي، اگر ڪي شاعر پنهنجين
من مستين سان شاعريءَ جي فن ۾ ٿورا گهڻا جهول پيدا
ڪن ٿا ته اتي وري ههڙا پختا شاعر اچي انهيءَ دؤر ۾
پنهنجي فن جي جادوگريءَ سان پڙهندڙ جي من کي موهين
ٿا، انهيءَ ڳالهه جي تصديق نياز جي هن ڪتاب مان
ٿئي ٿي ته ”ناوَ هلندي رهي“ ٿي.
محمد اسلم پلي
سنڌ يونيورسٽي
ڳوٺ ڪامارو شريف ۽ ڪاماري شريف جو پير خاندان
سنڌ جي ضلعي ٽنڊوالهيار ۾، ٽنڊوالهيار شهر جي
اوڀر- ڏکڻ ۾ ڪامارو شريف جو ڳوٺ آباد آهي. ڪامارو
شريف جي هن پَٽ ۾ ٻه مشهور درگاهون آهن. هڪ قريشِ پيرن جي ۽ ٻي جيلاني پيرن
جي. هيءُ ڪتاب قريشي پيرن جي درگاهه ۽ خاندان جي
ذڪر سان لاڳاپيل آهي، جنهن جو ليکڪ ۽ سهڙيندڙ ساڳي
خانوادي جو پير تاج محمد قريشي ولد ڊاڪٽر پير
عبدالجليل قريشي آهي. هن ڳوٺ جي شهرت ۽ دنيا ۾
مشهوري جو سبب حضرت پير محمد اشرف شاهه جي هِتي
آمد ۽ مستقل رهائش آهي. پير صاحب هتان جي اڄ تائين
آباد قريشي خاندان جا جداعليٰ آهن.
’ڪامارو‘ جي نالي پوڻ جا به ليکڪ ڪافي سبب بحث.
هيٺ آندا آهن ۽ انهن جي لساني ڀڃ گهڙ ۽ لغوي
پهلوئن تي به چڱو خاشو مدلل بحث ڪيو اٿس.
هن ڳوٺ جي قديم ۽ فن تعمير جو اعليٰ نمونو جامع
مسجد آهي جيڪا 1263هه ۾ ٺهي راس ٿي. هِن مسجد شريف
جي اڏاوت ۾ پير محمد اشرف شاهه صاحب پاڻ خليفن سان
گڏ ڪم ڪيو هئو. ان کانپوءِ مسجد شريف جي مرمت
مختلف دورن ۾ ٿيندي رهي. هن مسجد شريف جي ديوارن
تي ڪاشيءَ جا ۽ ٻيا نقاشيءَ جا بهترين نمونا موجود
آهن. 1363هه ۾ پير جان محمد شاهه مسجد شريف جي
توسيع پڻ ڪرائي.
هن ڳوٺ ۾ پيرمحمد اشرف شاهه سائين مدرسو پڻ قائم
ڪيو، جنهن ۾ پرديسي شاگردن جو وڏو تعداد رهندو هو.
هن مدرسي جي سنڀال پوءِ پير حاجي خان محمد قريشي
صاحب ڪئي. پير حاجي خان محمد قريشي جي مدينه پاڪ
منتقل ٿيڻ بعد 1956ع ۾ سندن مرحوم ڀاءُ پير تاج
محمد قريشي صاحب هيءُ مدرسو سنڀاليو. هن وقت هن
ڳوٺ ۾ سرڪاري ڊسپينسري ۽ مڊل اسڪول قائم آهي.
تاريخي طور هيءُ ڳوٺ تحريڪ آزادي جي مجاهدن جو
مسڪن پڻ رهيو آهي. جنهن جا تفصيل ڪتاب ۾ موجود
آهن. ڪاماري شريف جي قديم قبرستان ۽ پراڻي ڪوٽ جو
ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي. پيرمحمد اشرفؒ ولد
مخدوم غوث محمد شاهه قريشي جو حسب نسب، شيخ
الاسلام حضرت غوث بهاء الدين ذڪريا قدس بره مان
ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ اُهو مڪمل نسب نامو موجود آهي.
ساڳي وقت اهي تفصيل به موجود آهن جن مطابق هيءُ
خاندان سنڌ ۾ ڪڏهن آيو ۽ هيءُ خاندان ڪاماري شريف
کان پهرين ڪٿي ڪٿي آباد رهيو.
هن ڪتاب ۾ پيرمحمد اشرف شاههؒ جو ذڪر تمام جامع
طريقي سان ڪيل آهي. پير صاحب جي ولادت 1214هه
مطابق 1799ع ڳوٺ ڪرم خان ضلعي بدين ۾ ٿي. پاڻ سنڌ
۾ سهروري سلسلي جا وڏا بزرگ هئا. ۽ سندن خانقاهه ۽
خاندان مان تمام وڏا بزرگ پيدا ٿيندا رهيا، جن
سهروردي فيض جي درياهه کي سنڌ ۾ روان دوان رکيو.
حضرت پيرمحمد اشرف شاهه جون ڪشف ۽ ڪرامت جو گهڻيون
روايتون مشهور آهن. ان سان گڏ پير صاحب جي شاعري
جو به وڏو ذخيرو موجود آهي جيڪو رسالي جي صورت ۾
ڪافي دفعا شايع ٿي چڪو آهي سندن رسالي جو هڪ
ايڊيشن 1994ع ۾ ’ڪلام اشرف‘ جي نالي سان محترم
نياز همايوني جي ترتيب ۾ پڻ شايع تي چڪو آهي. سنڌي
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ پير صاحب جي شاعري جو مٿاهون
مقام آهي ۽ سندس شاعري مولودن جي محفل ۾ اڪثر پڙهي
وڃي ٿي. پير صاحب جي وفات 1277هه مطابق 1861ع ۾
ٿي.
هن خاندان جي جن ٻين بزرگن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود
آهنِ انهن ۾ پير حاجي جان محمد قريشي، پير حاجي
خان محمد قريشي، پير حاجي تاج محمد شاهه، پير حاجي
عبدالجليل قريشي، پير حاجي عبدالله شاهه، ڊاڪٽر
پير ابراهيم خليل، پير محمد بشير قريشي پير محمد
اسماعيل صادق ۽ پير عبدالحميد (موجوده سجاده نشين)
۽ سندن فرزند ڊاڪٽر پير محمد علي قريشي شامل آهن.
ان کانپوءِ پير جي ٻئي اولاد جو پڻ سوايو ذڪر
موجود آهي.
سهروردي سلسلي جي هِن فيضور خاندان ۽ سنڌي ڪلاسيڪي
شاعري جي هن سر موڙ شاعر جي ذڪر سان ڀرپور هن ڪتاب
جي ليکڪ ۽ سهڙيندڙ محترم پيرتاج محمد قريشي صاحب
سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي
هن ڪتاب ۾ هڪ خاص ڳالهه اهم آهي ته هن خاندان جا
بزرگ ديني علوم مان فيضياب ٿي، ديني خدمتون ڪرڻ
سان گڏ دنياوي علمن خاص طرح جديد سائنس علمن جهڙوڪ
ميڊيڪل سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ به تعليم
يافته آهن ۽ مختلف عهدن تي شاندار
خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آهن.
طالب ڀنڀرو
هالا
’ڪاس‘ طرفان مٽياريءَ ۾ قومي يڪجهتي مشاعرو
ڪاروان ادب سنڌ ڪاس مٽياريءَ طرفان 2022ع جو
يادگار پاڪستان قومي يڪجهتي مشاعرو ٿي گذريو.
خواجه پير شاهه عبدالرحيم جان سرهندي رحمته الله
عليه المعروف حضرت آغا جي سالانه عرس مبارڪ جي
موقعي تي ڪاروان ادب سنڌ (ڪاس) مٽياريءَ جي
چيئرمين محترم مجدد سرهنديءَ طرفان ڪل پاڪستان
اردو سنڌي قومي يڪجهتي مشاعري جو انعقاد ڪيو ويو،
هن مشاعري ۾ ڪراچي، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان، مان
گهڻي تعداد ۾ شاعرن شرڪت ڪئي.
محفل جي صدارت لاءِ آمريڪا مان آيل اديب ۽ شاعر
محترم رفيع الدين راز ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص جناب
شبير هاتف صاحب هو. ناصر ملڪ، ملڪ عرفان خاني،
نسيم شيخ، نظير فاطمي، شائق شهاب الدين، ناچيز
قريشي، اسد جمال پلي، امين اڏيرائي ۽ ميزبان محفل
پير غلام مجدد سرهندي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو.
محفل جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي تلاوت جي
سعادت فرحان شيخ جي حصي ۾ آئي، نعت شريف جو نذرانو
ناچيز عبدالغفار پيش ڪيو. هن محفل جو اسٽيج
سيڪريٽري، سنڌي غزل جو معتبر شاعر پير بهاالدين
بها سرهندي هئو، سنڌي اردو گڏيل مشاعري جي شروعات
شاعر راز ٻارڻ کان ٿي، جنهن بعد حيدرآباد کان آيل
فتح شاه فراق (اردو)، ساگر سولنگي، علي دوست لاکو،
غلام سرور، مشتاق لغاري، علي محمد ڏيرو، فقير
بلاول، گل محمد شاهه بخاري، رحمت آخوند ڪنول، سڌير
لاکو، سراج الدين سراج (ڪراچي).
احمد سولنگي، غلام رسول غرق، خطائي ٿيٻو، اقبال
شاهين، اڪرم بخارائي، غلام مصطفيٰ سولنگي، ياسين
پروانو ۽ طالب ڀنڀرو اردو سنڌي قطعه ۽ غزل پڙهيا.
ڪراچي کان آيل ناليواري شاعر نسيم شيخ، ڪرنل فتح
علي ’مخلص‘ ٽالپر، محمد ٻارڻ، فقير علي اعظم،
شاهنواز خاصخيلي، شائق شهاب (ڪراچي)، غلام حيدر
خاصخيلي، سجاد ميراڻي، پيرل قمبراڻي، رجب سنڌي،
عمران لطيفي، عاجز ڇٽو، نواز علي ملاح، منظور
گلاڻي، خيال ختري، نظر ڪاظمي (ڪراچي)، عرفان خاني
(پنجاب)، حسن پنهيار، احساس ميرل، ناچيز قريشي ۽
طارق امام جوڻيجو پنهنجي شاعري ٻڌائي مشاعري کي
گرمائي ڇڏيو. پير غلام مجدد سرهندي ۽ پير
بهاءُالدين بها، خواجه پير شاهه عبدالرحيم رحمت
الله لاءِ پنهنجي شاعريءَ ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.
شبير هاتف جي سنڌي اردو غزلن تي بيحد داد ڏنو ويو،
زين سرهاروي، هوش سرهاروي، شيراز احمد سرهاوي
پنهنجا شعر ٻڌائي محفل کي مچائي ڇڏيو، ان کان
علاوه صدارتي پينل ۾ رفيع الدين راز، ملڪ عرفان
فاني، نسيم شيخ، ناصر ملڪ، نذر فاطمي، شائق شهاب
جي شاعري کي خوب داد ڏنو ويو. هن مشاعري سان گڏ
مختلف شخصيتن کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور ايوارڊ به
ڏنا ويا. جن صاحبن کي ايوارڊ مليا انهن ۾ شبير
هاتف، پير بهاءالدين بها سرهندي، ڊاڪٽر اسد جمال
پلي، رفيع الدين راز، نسيم شيخ، عرفان خاني، رجب
آزاد، طالب ڀنڀرو، سيد گل محمد شاهه ۽ ٻيا شامل
هئا.
اهڙيءَ طرح خوبصورت پلن کي ڪئميرائن ۽ مختلف
ٽي.وي چينلز جي رڪارڊنگ ۾ محفوظ ڪيو ويو ۽ يادگار
ڪل پاڪستان يڪجهتي مشاعرو ايوارڊ جي تقريب جي
پڄاڻيءَ تي سنڌ ڀر مُلڪ ڀر کان آيل مهمانن اديبن
شاعرن کي ماني جي دعوت کارائي وئي ۽ سنڌي اجرڪن،
ٽوپين جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
هيءُ مشاعرو رات جي ماني بعد شروع ٿي رات جي پوين
پهرن تائين هليو، هن مشاعري جي خاص ڳالهه مشاعري
جي لوازمات جي پابندي هئي جنهن ۾ فرشي نشست، مهذب
پڻو، داد، واه واه، مڪرر مڪرر جا آواز گونجيا ٿي.
ڪيترن شاعرن ترنم سان پڻ شعر ٻڌايا.
خالد ساحل ڪيريو
مورو
سنڌ جي نامياري محقق، مـؤرخ ۽ سماج سڌارڪ
رسول بخش گچيرائيءَ جي ڪتاب ”گچيرو“ جي
رونمائي تقريب
موري ۾ سنڌ جي ناليواري محقق ۽ مؤرخ رسول بخش گچيرائيءَ جي لکيل ڪتاب گچيرو (شھر، شخصيتون، ثقافت
۽ ادارا) جي مھورتي تقريب 13 فيبروري 2022ع تي
يونائيٽيڊ پبلڪ ھاءِ اسڪول باءِ پاس ٽائون ۾ سنڌي
ادبي سنگت شاخ موري پاران منعقد ڪئي وئي. تقريب جي
صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي مارو
جمالي ڪئي. مھمانن ۾ ڊاڪٽر برڪت ملڪ، سيد منظور
علي شاهه، سبحان سوز جتوئي، احسان زنگيجو، زاھد
حسين سومرو، اسلم عباسي ۽ عزيز ڪورائي جن ھئا.
پروگرام جي شروعات لطيف سائينءَ جي وائيءَ سان ٿي، جنھن بعد نوجوان شاعر ۽ محقق خالد ساحل ڪيريي ۽
رضا لانگاهه رسول بخش گچيرائيءَ کي سنڌ جي سوکڙي
ٽوپي ۽ اجرڪ، سڪندر علي جروار، مظھر علي ميمڻ،
افتخار حسين ٻگھيو، ڊاڪٽر نظام الدين ڏاھري، گل
محمد ٻگھيي ۽ ٻين اجر ڪ جا تحفا ۽ گلن جا ھار پيش
ڪيا.
تقريب جي آجياڻي ۾ سنگت جي سيڪريٽري
رضا لانگاهه چيو ته زنده قومون پنهنجي محسنن کي جيئري مانُ بخشينديون آهن. رسول بخش گچيرائي تحقيقي
۽ تاريخي ادب ۾ اٺ ڪتاب لکي تاريخ جا ڪيترائي رھيل
پاسا نروار ڪيا آهن
۽ گچيري جي وساريل تاريخ کي محفوظ ڪري ھن
ھڪ انمول ڪتاب ڏنو آهي. ھن آيل مھمانن جا ٿورا
مڃيا.
خالد ساحل ڪيريي ڪتاب بابت مقالو پڙھندي چيو ته رسول بخش گچيري جي قديم
تاريخ جھڙن موضوعن تي نئون تحقيقي ڪم منظر عام تي
آڻي، تاريخ نويسن لاءِ نوان علمي، ادبي ۽ تاريخي
بحث آندا آهن، جيڪي سندس محنت، جاکوڙ ۽ نئين تحقيق
جو نتيجو آهن. ڪتاب ۾ گچيري جي اوائلي تاريخي پس
منظر، ماڳن مڪانن، آثار قديمہ، سماجي زندگيءَ،
تاريخي واقعن ۽ لاڳاپيل موضوعن کي ذميواري سان
دليلن سان لکي ھن پيدا ڪيل گھڻن مونجهارن کي حل
ڪري واضح
ڪيو آھي. ڪتاب ۾ پوئين لکيل تاريخ سان ڪٿي سندس
اختلاف ته ڪٿي ھم آھنگي آھي.
محبتي ملاح چيو ته ڪتاب ۾ استعمال ڪيل ٻولي ساھتي جي ثقافت ۽ رنگ واري آھي.
ھيءُ ڪتاب تاريخي ادب ۾ اھم اضافو آهي.
سگا موري جي صدر اسلم عباسي چيو ته رسول بخش گچيرائي سنڌ جي قديم شھر گچيري
جي تاريخ کي قلم بند ڪرڻ تي جس لهڻي. اميد آھي ته
مستقبل ۾ ھن ڪتاب جا ايندڙ ٻيا ڀاڱا پڻ ڪيترن ئي
تاريخي واقعن ۽ نئين مواد تي مبني ھوندا.
سيد منظور علي شاھ چيو ته گچيرائيءَ جون علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون تاريخ جو
ھڪ باب بڻيل آهن. ڪتاب ۾ ھن مخدوم غلام محمد قريشي
بگائي، مخدوم ھنڱوري ۽ ٻين نامور شخصيتن جي ڄاڻ
ڀريي ذڪر سان گڏ گچيري جي ڪيترين ئي صدين جي تاريخ
محفوظ ڪئي آھي. سندس علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون
تاريخ جو ھڪ باب بڻيل آهن.
زاھد حسين سومري چيو ته رسول بخش گچيرائي بلالي تحريڪ، مخدوم ھنڱوري،
ڪلھوڙن ۽ انگريزن جي دور حڪومت تي گھري نظر وڌي
آهي. ھن ھميشه
تاريخ جا نوان رخ نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
احسان زنگيجي چيو ته ڪتاب ۾ سائين رسول بخش محمد بن قاسم، راجا ڏاهر،
انگريزن جي حڪومت ۽ اوائلي تاريخي آثارن بابت
معلوماتي ذڪر ڪيو آهي. کيس مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.
سبحان سوز جتوئي چيو ته سنڌي ادبي سنگت کي جس آھي جنھن ھن تاريخي ڪتاب جي
مھورت ڪرائي ڪتاب جي ليکڪ رسول بخش گچيرائي کي مانُ بخشيو آهي. ليکڪ گچيري جي تاريخ، بلالي تحريڪ، مخدوم ھنڱوري
۽ ٻين پھلوئن کي قلمبند ڪرڻ تي مبارڪ باد جو مستحق
آهي.
ھن موقعي تي صاحبي رھاڻ رسول بخش گچيرائيءَ خاص طرح سنگت جي سيڪريٽري رضا
لانگاهه،
خالد ساحل ڪيريي ۽ سڀني شرڪت ڪندڙ علمي ادبي ساٿين
جو شڪريو ادا ڪيو. ھن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته مان
تاريخ جو شاگرد آھيان. گچيرو منھنجو جنم ڀومي آهي.
ھن ڌرتيءَ جي ٿڃ سان منھنجي پرورش ٿي آھي. تاريخ
جو ڪم ڪرڻ نھايت ئي اوکو ڪم آهي. منھنجي حياتي جو
مقصد سنڌ جي تاريخ جي درستگي آھي. جيئن مستقبل ۾
اسان ايندڙ نسل کي صحيح ۽ سچي تاريخ ڏئي سگھون. ھن
ڪتاب ۾ مون 23 صدين جو تاريخي ذڪر ڪيو آهي. ان سان
گڏ گچيري جي ڪيترن ئي تاريخي لڪل پاسن کي منظر عام
تي آندو آهي. ڪتاب جي ايندڙ ٻئي حصي ۾ شخصي توڙي
ڪيترن ئي تاريخي پھلوئن تي روشني وڌل آهي. ھيءُ ڪتاب تاريخي ادب ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
آخر ۾ صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي مارو جمالي چيو
ته رسول بخش گچيرائي گچيري جي وساريل ناياب تاريخ
کي محفوظ ڪري ھڪ انمول ڪتاب ڏنو آهي. گچيري شھر
بابت ھن تاريخي ڪم ڪري نئين مواد جو اضافو ڪيو
آهي.
ھن پروگرام ۾ عبدالله جيسر، مظھر علي ميمڻ، خليق ٻگهيو،
جبار ملاح، گل محمد ٻگھيو، عقاب غلام
مصطفيٰ
ڇڄڙو، امانت وسطڙو، بشيراحمد لغاري، ستار سنڌي،
مھجور غلام حيدر سولنگي، مھراڻ ٻگھيو، سڪندر
ڪورائي، رياض حسين عالماڻي، حق نواز ميمڻ، نور
راڄپر، امجد ميمڻ، سيد ياسين شاھ، نجم سرھيو، ھاشم
سولنگي، وحيد مستوئي،
رضوان علي ٻگھيو ۽ ٻين شاعرن اديبن،
صحافين، علمي،
ادبي، سماجي ۽ تعليمي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض اظهار مخدوم سر انجام
ڏنا. تقريب ۾ شاعر ۽ فنڪار بالا بلوچ راشد مورائيءَ جي خوبصورت شاعري جھونگاري داد وصول ڪيو
پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
سيوهڻ ۾ سيد ثابت علي شاهه تي لکيل
ٽن ڪتابن جي
تقريب رونمائي
جديد سنڌي مرثيي جي باني شاعر سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيءَ جي 212 سالياني ورسيءَ جي سلسلي ۾ سيد
ثابت علي شاهه يادگار ڪميٽي سنڌ پاران سيوهڻ شريف
۾ ورسيءَ جا ٻه روزه پروگرام منعقد ڪيا ويا.
پهرئين ڏينهن 29 مارچ 2022ع تي روشن تارا اسڪول جي
هال ۾ سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ ۽ سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسئيشن جي تعاون سان زوار عبدالستار درس جي سيد
ثابت علي شاهه شخصيت، شاعري ۽ سندس دور جي حالتن
تي لکيل 3 ڪتابن: (1) سيد ثابت علي شاهه جي دور
جون علمي ادبي حالتون، (2) احوال سيد ثابت علي
شاهه ۽ سندس اڻڇپيل ڪلام، (3) سنڌي مرثيي کـﻶ پانچ
سال (اردو) جي رونمائيءَ واري تقريب منعقد ڪئي
وئي. جنهن جي صدارت پروفيسر امداد سروري ڪئي، خاص
مهمان فهيم ٻٻر ۽ اعزازي مهمان خيرمحمد ٻرڙو ۽
زوار حسين لغاري هئا.
تقريب ۾ ڪتابن جي رونمائيءَ کان پوءِ تقريب کي
زوار عبدالستار درس، نظيرحيات سيوهاڻي، مير حاجن
مير، خيرمحمد ٻرڙو، فهيم ٻٻر، زوار نياز حسين
لغاري ۽ پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي ۽ ٻين خطاب
ڪيو، تقريب کان پوءِ آيل مهمانن جي مانُ ۾ آجياڻو
ڏنو ويو.
جڏهن ته 30 مارچ 2022ع تي ڏينهن جو سيد ثابت علي
شاهه جي مزار ڪربلا سيوهڻ شريف ۾ 10 بجي صبح جو
قرآن خواني ڪرائي ويئي ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي شاهه
جي ايصال ثواب لاءِ مجلس عزا برپا ڪئي وئي، جنهن
کي مولوي زاهد حسين جعفري خطاب ڪيو. جڏهن ته مختلف
شعراءِ ڪرام سيد صاحب کي منظوم خراج حسين پيش ڪيو،
بعد ۾ يادگار ڪميٽي پاران نياز جو اهتمام ڪيو ويو،
ان موقعي تي مختلف ادبي تنظيمن ۽ شخصيتن پاران سيد
ثابت علي شاهه جي مزار تي گل پاشي ۽ چادرون چاڙهڻ
جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو.
رسول بخش تميمي
جاتي
غالبِ سنڌ- فيض بخشاپوري جي ورسي
تاريخ 11 مئي بروز اربع فيض آباد (لڳ بخشاپور) ۾
سنڌ جي بهترين شاعر ’غالب سنڌ- فيض بخشاپوري جي
ورسي تمام شان ۽ شوڪت سان ملهائي وئي. هن ورسيءَ
جي صدارت جناب پير خالد سلطان باهو صاحب (پنجاب)
ڪئي، جڏهن ته مهمانن ۾ ڊاڪٽر الطاف اثيم، ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ۽ محترم رسول بخش تميمي صاحب هئا.
ساڳئي وقت جناب انجم چنا، عطا حسين بجاراڻي، آغا
نياز مگسي ۽ ٻين مقررين ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
مقررين ٻڌايو ته حضرت فيض الله خان ’فيض بخشاپوري‘
ولد مصري خان ڊومڪي 1924ع تي بخشاپور ۾ پيدا ٿيو،
کين ننڍپڻ کان شاعري جو شوق هو. پاڻ پاڪستان جي
نامور شاعرن ۾ شامل هئا، ٻين زبانن سان گڏ، سندن
سنڌي ۽ اردو ڪلام گهڻو مشهور ٿيو. کيس سنڌي سان گڏ
اردو زبان جي شاعرن ۾ يڪسان مقبوليت حاصل هئي. کيس
جميعت الشعراءِ سنڌ طرفان ’غالب سنڌ‘ جو خطاب مليل
هو. پهريائين سندس شاعري جا ننڍا ننڍا چار ڪتاب
شايع ٿيا، بعد ۾ 1910ع ۾ جناب نواز علي ڊومڪي
صاحب، فيض صاحب جو سڀ ڪلام
’ڪلياتِ فيض‘ جي نالي سان شايع ڪرايو. ڪلياتِ فيض
جي اشاعت ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر
عبدالجبار عابد لغاري ۽ سيف الله خالد يوسفاڻي
صاحب سندس ٻانهن ٻيلي رهيا. فيض بخشاپوري صاحب کي
صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. پاڻ ملڪ جي تمام اهم
مشاعرن جي صدارت پڻ ڪيائون. پاڻ غزل کي غزل جي اصل
رنگ ۾ پيش ڪيائون، جنهن ڪري سندن غزل ۾ ’تغزل‘ آهي
۽ پاڻ بجا طور شهنشاهه تغزل آهن. حضرت فيض
بخشاپوري 14 مئي 1992ع تي انتقال ڪيو. سندن وفات
بعد تسلسل سان هر سال سندن ورسيءَ جو پروگرام تمام
وڏي شان شوڪت سان ملهائبو رهيو آهي. جنهن ۾ ملڪ جا
چوٽيءَ جا سنڌي، اردو، بلوچي، پنجابي، سرائڪي،
پشتو ۽ ٻين زبانن جا شاعر چئني صوبن مان شريڪ
ٿيندا رهيا آهن. سندن شاعريءَ ۾ غزل سان گڏ نظم به
شاندار آهن. پاڻ عاشقِ رسولؐ شاعر آهن، حمد سان گڏ
سندن نعت ۾ تمام گهڻو سُرور سمايل آهي.
محفل ۾ جناب پير خالد سلطان باهو صاحب تصوف تي
تمام بهترين ڳالهايو. سندس چوڻ هو ته هن وقت دنيا
مادي ذريعن جي خلفشار ۾ ڦاٿل آهي، جنهن ڪري هرڪو
ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيندو وڃي. هنن سڀني
مسئلن جو حل تصوف جي تعليمات ۾ آهي، بشرطيڪ اسان
تصوف جي صحيح گس کي سڃاڻون. محترم رسول بخش تميمي
صاحب فيض صاحب جي شاعرانه خوبين کي محققانه طريقي
سان بيان ڪيو. جناب ڊاڪٽر الطاف اثيم صاحب، فيض
صاحب جي يادگيرين تي تفصيلي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر اسد
جمال پليءَ فيض صاحب جي فن ۽ فڪر تي ڳالهايو. هن
چيو ته فيض صاحب پنهنجي دور جو استاد شاعر هو، سنڌ
۾ سندن شاگردن جو وڏو تعداد پڻ موجود آهي. ڪافي
شاعرن فيض صاحب کي پنهنجا شاعرانه نذرانئه عقيدت
پڻ پيش ڪيا. پروگرام جي ميزبان جناب نواز علي
ڊومڪي صاحب سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ مڙني
مهمانن کي اجرڪون اوڍايون، رات جي ماني بعد
پروگرام جو پهريون ڏينهن پورو ٿيو، ٻئي ڏينهن شام
جو محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ علائقي جي بهترين راڳين
فيض صاحب جو ڪلام ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. هن
سڄي پروگرام جي ڪمپيئرنگ محترم راحت نياز ڀٽو صاحب
جي ذمي هئي.
ثاقب ابڙو
هالا
نوجوان اديب، شاعر، ڪمپيئر سهيل فيصل ابڙو جي ياد
۾
ڪوٺايل تقريب ميڙاڪو
قاضي محمداعظم ”جي“
قريشي فائونڊيشن پاران هالا پراڻا ۾
نوجوان اديب، شاعر، ڪمپيئر ۽ ھالا ڪاليج ۾ سنڌي
شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر مرحوم سھيل فيصل ابڙو جي
ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.
مقررين نوجوان اديب، شاعر ۽ ڪمپيئر سھيل فيصل ابڙو جون
ساروڻيون ساريندي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي.
تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ تلاوت ڪامِ پاڪ بعد
آخوند محمد عباس فيصل ابڙو جو لکيل حمد شريف پڙهڻ
جي سعادت ماڻي ۽ سهيل ابڙو لاءِ خصوصي ڊاڪيومينٽري
پڻ پيش ڪئي وئي.
تعزيتي ميڙاڪي ۾
ڊاڪٽر محمود مغل چيو ته
سھيل ابڙو ھڪ حقيقي ريڊيو آواز ھو. موت برحق آھي
مگر
46
ورھين جي ننڍي ڄمار ۾ سندس وڇوڙي جيءَ کي جھوريو
آھي. محمود مغل چيو ته
’امرتا‘
جو ايندڙ شمارو سھيل کي ڀيٽا
پيش
ڪري رھيا
آھيون.
۽ سھيل فيصل جي سھيڙيل ڪتاب ”غلام سندم نالو“ جي پريفيس مان
سھيل جي نَثُر مان چونڊ ٽڪرا حاضرين آڏو پيش ڪري
سھيل جي فڪري اڏار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. ھن چيو
ته
سھيل ھڪ خوددار ماڻھو ھو جنھن پنھنجي ھڙان وڙان
علاج جو خرچ ڀريو ۽ پنھنجي بيماريءَ کي اخبار جي
سُرخي بڻجڻ نه
ڏنو. نامياري محقق ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ چيو ته
اسين سڀ سهيل جي فن ۽ شخصيت جا معتقد آهيون، اي
ڪاش اسين سندس خدمتن جو اعتراف سندس حياتيءَ ۾
ڪريون ها. سھيل پنھنجي حياتيءَ جي آخري دم تائين
دوستن، مٽن مائٽن سان توڙ نڀايو. نوجوان شاعر
جاويد سوز هالائيءَ چيو ته سهيل جي اڻ ڇپيل مواد
کي شايع ڪرائڻ جي ذميواري کڻڻ کپي. تعزيتي ميڙاڪي
۾
پنھنجا تاثرات پيش ڪندي ثاقب ابڙي چيو ته سھيل پي.ڪي.ايل.آئي جي آئي.سي.يو ۾ به نماز ادا ڪندو رھيو ۽ ذڪر اذڪار ڪندو
رھيو. سندس مُک
تي سدائين پُرسڪون مرڪ رھي ۽ فقط آسانيءَ لاءِ دعا
ڪندو رھيو ۽ آسانيءَ جي لاءِ دعا جو عرض ڪندو رھيو. قاضي
نعمان پرڏيهه مان سهيل فيصل ابڙو جي لاء تعزيتي
وڊيو موڪليو، جيڪو پروگرام ۾ لائيو هلايو ويو.
ڪوٺايل ميڙاڪي ۾
ٻين
نامور، اديبن ۽ دانشورن:
سائين حبيب سنائي، جاويد سوز، پروفيسر محمد اسلم
ڪيريو، ڊاڪٽر عرفان علي قريشي، آخوند محمد عباس،
رضا محمد ميمڻ، ڪوثر سوز، شڪيل ابڙو، احساس ميرل،
عقيل منور ابڙو، حافظ احمد الدين انڊڙ، محڪم الدين
ابڙو،
غلام مصطفي سنائي، ساجد ميمڻ، ڪامران
مهدي، قاضي مسرور احمد ابڙو، رفيق انصاري، غلام
فاروق ڏاهري، منظور عمراڻي، امين اڏيرائي، اشتياق
عباس ميمڻ، عديل ابڙو، جميل ابڙو، دانش حسن
(سونارو)، راجيش ڪمار، اميد علي ٻگهيو، الهه رکيو
ٻگهيو، سائين عرفان ميمڻ، خادم سنائي، مخدوم آفتاب
ڀٽي، غلام علي ميمڻ، طفيل صدر، عبيد اللّه صدر،
عطاء الرحمان صدر، حاجي صادق سنائي، اسلم سنائي،
شهاب سنائي، خالد صدر، سائين علي اختر ميمڻ، سائين
غلام رضا قريشي، حفيظ الله
ميمڻ، جاويد احمد ميمڻ،
فقير محمد صالح ميمڻ، زبير ميمڻ،
هالا اولڊ پيرس سٽي گروپ، ابڙا
فيملي، مبشر ميمڻ، شهزاد ميمڻ، فياض ميمڻ، سائين
صادق ميمڻ، غلام محمد ميمڻ، شعيب واسي، زبير عمراڻي، وقاص
عمراڻي، سعيد ميمڻ، فلڪ ذوهيب صدر، ارسلان مصطفي،
شاهنواز ڀرٽ، محمد ابراهيم ميمڻ، قمرالدين
پينڃارو،
وحيد
صدر، عرفان چانڊيو، طاهر ظفر ابڙو، راشد ابڙو،
عبدالرزاق چوهاڻ، آفتاب احمد نوح پوٽو، سائين رفيق
(ڪوري) ميمڻ، عاطف رفيق انصاري، راحيل ابڙو، فائق
فهيم ابڙو، شاوا خان، امير علي رند، سائين علي بخش
حيدري، محسن علي رضا، جواد مفتون، منان،
اسلم ڀٽو، سهيل ميمڻ، افتخار قمر
ابڙو،
اسامه
ابڙو، ڊاڪٽر سريش جيسواڻي، عبدالطيف ميمڻ، فهد
ميمڻ، حنين عبيد صدر،
سجاد حسين ميمڻ سميت مختلف علمي ادبي ڌرين
وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقررين
وڌيڪ
چيو ته سھيل فيصل ابڙو بي پناھ خداداد صلاحيتن
جو مالڪ ھو، ساھ جي آخري گھڙيءَ تائين رب تعالي جي
حضور
۾
شڪريو بجا آڻيندو رھيو. ھن جي وڇوڙي نه صرف ھالا مگر سموري سنڌ جي علمي، ادبي
لڏي کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آھي. سھيل نوجوان نسل لاءِ ھمت ۽ اُتساھ
جو سبب بڻيل رھيو. تعزيتي گڏجاڻيءَ جي ڪارروائي
امان الله صدر هلائي، جڏھن ته گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي سهيل فيصل ابڙو جي مغفرت لاءِ ڌڻيءَ
در دعا ڪئي ويئي.
|