قاضي مقصود
(قسط پهرين)
مٽياري
مخدوم
ميئنڏنو نصرپوري رحه
نصرپور جي عالمن مان عارف ڪبير حضرت مخدوم قاضي
حاجيؒ شهر نصرپور جو قاضي ٿي گذريو آهي. سندن مزار
مٽياري ويجهو ڳوٺ صاحب سمه جي الهندي طرف آهي. (1)
سندس اولاد نصرپور ۾ رهيو ۽ اتان ئي سنڌ ۽ دنيا جي
ٻين ملڪن ۾ پکڙيو. سندس اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ ۾
سلطان العلماءُ حضرت مخدوم ميئنڏنو نصرپوري ٻارهين
صدي هجريءَ ۾ پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فاضل،
فقيهه، محدث ۽ صوفي ٿي گذريو آهي. پاڻ مشهور عالم
مخدوم محمد امين ڊاسوڙيءَ واري جو مشهور شاگرد هو.
(2) نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي
بيعت ڪري کانئس فيض حاصل ڪيو هئائين. (3)
ميرعلي شير قانع پنهنجي مشهور تصنيف ’تحفته
الڪرام‘ ۾ هن ريت لکيو آهي ته مخدوم ميان ميدنه
جامع فنون کمال، عالم متبحر، در فقه اکثر علماء
(کذا) در سائر کمالات اشهر برايا، باسلوک آشنا
درين تاز گيها بس کمال وفات يافت. پسر ارشدش ميان
عبدالله از علوم ظاهري بهره وافي برده متوجه معني
است. (4)
پنهنجي ٻي تصنيف ۾ مير قانع لکي ٿو ته ”مخدوم
ميان ميدنه اجل علماءَ و افضل اتقياءَ در طريقه
نقشبنديه، مريد حافظ ابوالقاسم نقشبندي التتوي و
ارادتمند مخدوم محمد امين ساکن موضع پرش، ميان
عبدالله علم علماءَ چون پدر بزرگوار واقف معالم
باطني پدر زنده کرد.(5)
1994ع ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميؒ مخدوم عبدالله
نرئي واري جي خطن جو قلمي مجموعو ڏيکاريو هو، جنهن
مان هڪ خط ۾ سندس ذڪر هنن لفظن سان ڪيل آهي. ”العالم
الشهير و العارف الکبير المخدوم المرحوم ميدنه
نصرپوري رحمته الله تعاليٰ.“ (6)
مخدوم ميئنڏنو، مخدوم روح الله کانپوءِ شهر نصرپور
۾ قضا ۽ فتويٰ جو مالڪ بڻيو. (7) قريشي حامد علي
خانائي صاحب لکي ٿو ته سندس رهائش قاضين جي پاڙي ۾
هئي. (8) نصرپور جي ”دارالقضاءِ“ نالي مسجد شهر جي
قاضين جي منسبي تصرف ۾ هوندي هئي. قريشي حامد علي
خانائي صاحب پنهنجي ڪتاب ’تاريخ نصرپور‘ ۾ لکي ٿو
”مخدوم ميان ميئنڏنو قضا جي منصب تي فائز ٿيو ته
هو به انهيءَ ”دارالقضاء واريءَ مسجد ۾ فتويٰ
نويسيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندو هو.“ (9) قريشي
صاحب هڪ خط ۾ اها به واقفيت ڏني ته انهيءَ محلي ۾
مخدوم ميئنڏني نصرپوريؒ ”مدرسه مظهرالعلوم“ جي
نالي سان مدرسو قائم ڪيو هو. اهو مدرسو سندس فرزند
مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ تائين هليو. بعد ۾ مولوي
تاج محمد قاضي صاحب، مولوي عبدالحق ربانيءَ واري
مدرسي ۾ جيڪو مدرسو کوليو، ان جو نالو به مخدوم
ميئنڏني جي قائم ڪيل تاريخي مدرسي جي حوالي سان
پنهنجي مدرسي جو نالو به ”مدرسه مظهرالعلوم“ نالو
رکيو.
مخدوم صاحب ڪافي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ آخر عمر
تائين چاڪ وچوبند هو. سندس ٽي فرزند، مخدوم
عبداللهؒ، شيخ عبدالحقؒ ۽ مخدوم نور محمدؒ ٿيا، جن
جو اولاد نصرپور ۾ قاضي، ملان، آخوند ۽ عالماڻي
سڏجي ٿو، خانائي صاحب جي روايت آهي ته چون ٿا ته
جڏهن پاڻ پنهنجي وڏي فرزند مخدوم عبدالله سان گڏ
هلندو هو ته ناواقف ماڻهو کين پيءُ پٽ بدران ڀائر
سمجهندا هئا.
سندن وفات جو اصل سن ته معلوم نه آهي، پر
تحفةالڪرام جي تاليف جي سن 1181هه کي ئي سندن وفات
جو سن ڄاڻايو وڃي ٿو. مخدوم ميئنڏني جي نالي سان
هڪ قبرستان نصرپور ۾ موجود آهي، جنهن جي شروعات ۾
مخدوم ميئنڏني ۽ سندس فرزند مخدوم نورمحمد جي ڪچي
مزار موجود آهي. قبرستان جي شروع ۾ ٺهيل ٽانڪيءَ
تي مخدوم ميئنڏني جي نالي سان قبرستان جي ڪاشيءَ
جي تختي به لڳل هئي، جنهن جي لکت کي ٻارن لاٽمي جي
ڪُندن سان مٽائي ڇڏي آهي. اهو ڪتبو مون ۽ فقير علي
محمد ڏيري، نصرپور جي اديبن ۽ استادن مان سائين
خادم گهراڻي ۽ سائين ريحان ابڙو سان گڏ 2021ع ۾
ڏٺو. انهيءَ مقام ۾ عالماڻين جي مقام جي چوديواري
ٿورو اڳتي موجود آهي. قريشي حامد علي خانائي صاحب
نصرپور جي تيرهن قبرستانن ۾ مخدوم ميئنڏني جي نالي
سان قائم قبرستان جو به ذڪر ڪيو آهي. (10)
مخدوم ميئنڏني جون فتوائون، سنڌي عالمن جي فتوائن
وارن اڪثر قلمي نسخن ۾ موجود آهن، جن کي ڏسي
اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڻ فتويٰ ڏيڻ مهل نهايت
محتياط رهندو هو ۽ معاملي جي جزئيات جاچي پوءِ
فيصلو ڪندو هو. مثال لاءِ مخدوم عبدالڪريم مٽياروي
جي ”بياض ڪريمي“ ۾ آيل سندن هڪ فتويٰ هتي ڏجي ٿي.
سوال: ناس تمباکو دربيني کردن برائي تداوي درست
است يا ني؟
جواب: ازروئي فهم فقير، درين امروکره (کذا) رجوع
باطباء حاذقه بايد. اگر مضر گويند، ضار حرام است،
واگر نافع گويند، نافع جائز است، بلکه مستحصن
بالشرائط المعروفيه عندهم، واگرني نافع گويند، نـﻶ
ضار، پس قليل لايعني، اجتناب ازان بايد کد.
بياض ڪريمي ۾ مٿئين موضوع واري سڄي باب ۾ مون ان
کان وڌيڪ جامع فتويٰ نه ڏٺي.
ڪتب خانه معروفيه مٽياري ۾ رکيل فتاوائن جي هڪ
فارسي قلمي ماخذ ۾ مخدوم ميئنڏنيؒ جون اٺ فتوائونن
موجود آهن، جن مان ڪجهه هتي ڏجن ٿيون.
سوال: چه فرمايند علماءِ کرام اندر آنچه زمين زيد
که دران در بعضي کوروزيد روئيدست ايستاداست و در
بعضي مواضع ديگر که دران زمين خالي بود، بکر
بذرشالي از جاءِ ديگر قلع نموده دران مواضع خالي
بغير رخصت زيد درج نموده بحيثيتي که ميان آنها
تميز نميشود پس بکر باين ضلع در زراعت بازيد شريک
شد يا حکم او حکم غاصب اسب تفسير آن کما يعنبغي
عنايت فرمايند، جزاکم الله الجنته
جواب: حکم او حکم غاصب است لان خلط الجنس بالجنس
استهلاک.... وهو تعالي اعلم، حرره مخدوم ميدنه
سوال: چه فرمايند علماءِ کرام زينت مثلاً دعوي غصب
گاوميش برزيد کنند و زيد مذکور از غصب گاوميش
مسطور انکار ور زيد ميگويد گاوميش مذکور از زوج
زينب مسطوره خريد و آن مذکوره وقت بيع گاوميش حاضر
و ساکت بود. اکنون از حضور و سکون مينمايد بينوا
يرينواتوجروا.
جواب: اگر زنکه مسطوره است، هنگام عقد حاضر باشدو
ازان واقعه مطلع باشد باوجود آن دعوي نکرد اکنون
دعوي وي مسموع نباشد. وهو تعالي اعلم، مخدوم ميدنه
عفي عنه
ساڳئي موضوع بابت ساڳئي بياض ۾ مخدوم ميئنڏنيؒ جي
هڪ ٻي فتوا هن طرح ڏنل آهي ته:
در صورتي کي زيد ماده گاو معينه از عمر وخريده از
و اولاد کثير بوجود آمد. پس خالد دعوي استحقاق
ماده گاؤمذکوره نمود
ماده گاومسطور مع اولادش گرفته بتصرف خود در آورده
اگر خالد مذکور دعوي استحقاق خود باثبات شرعي (اي
بالبينه) رساينده زيد رارجوع بر عمروثمن ماده گاؤ
و اولادش مي رسد والافلا. وهو تعالي اعلم. ميدنه
عفي عنه.
سوال:
چہ فرمایند
علماءِ کرام اندر انچہ زید
مرعمر ورا مادہ اسپ مشترکہ بینھما
مقابل خدمت و دانہ، نیم
پائی
دادہ باشد ایادرین
صورت مر عمرور اسواءِ خدمت نقد خرچ دانہ ورسن و
کندہ و گیاہ
دشتہ از جنگل می
رسد
یانے؟
جواب: از فھم فقیر
خرج دانہ و رسن و کندہ و گیاہ
از جنگل بریدہ
ھمہ حساب نمودہ اجورہ سواءِ
خدمت ھمہ می
رسد۔ (میدنہ
عفی
عنہ) و در صورتی
کہ زید
از اولاد اسپ مذکور فروختہ باشد و ثمن او سب عدم
مسئلہ برقرار مذکور قسمت نمود نابد، و ثمن پاوزید
مر عمرور ادادہ باوجود آن کہ او راہمون حساب خرچ
دانہ وغیرہ
می
رسد زید
را کہ طلب ثمن نماید
ومی
رسد عمرو را کہ طلب خرچ دانہ وغیرہ
از زید
طلب نمایہ
میدنہ۔
مصلح المفتاح ۾ ٿر جي علائقي يا جبل جهڙي علائقي
۾، جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ هجي ۽ ماڻهو پري پري کان ٻن
ٽن ڏينهن جي پنڌ تان پاڻي ڀري ايندا هجن، اتي غسل
ڪرڻ يا تيمم ڪرڻ جي سلسلي ۾ عالمن جي اختلاف جو
ذڪر ڪندي مخدوم ميئنڏني نصرپوريءَ کي بحر
(بحررائق) جي حوالي سان جواز جو قائل ڄاڻايو ويو
آهي. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ان سلسلي ۾ عدم جواز
جو قائل هو ۽ مخدوم عبدالڪريم مٽياروي پڻ ساڻس
سهمت هو، پر مئين محمد (متعلوي) ۽ مئين مسعود،
حديثن ۽ روايتن جي بنياد تي مخدوم عبدالرحيم
گرهوڙي ۽ مخدوم عبدالڪريم مٽيارويءَ جي تحريرن جي
مقابلي ۾، مخدوم ميئنڏني وارو فيصلو برقرار رکيو.
اها تحرير هن ريت آهي:
پر جي بعضي ماڻهو آهين ساڪن ٿرڪِ جبل جا،
ويهن ويڙهن ۾ قدر ٻن ٽن ڏينهن جو پري پاڻيءَ کا،
هيڪاندو آب آڻين قدم ڏهين ويهين ڏينهنئا،
جي وضو غسل ڪن ته سگهي ٿئي گهرج ڏونه پاڻيا،
ته ان تيمم ۾ باوجود پاڻيءَ جي آهي اختلافا،
غازي گرهوڙي ٿيو قائل عدم جواز تيمما،
ميين ميئنڏني جواب لکيو ڪنان عبارت ”بحرا“،
پوءِ اسان جي استاد اعتماد ڪيو مٿي تحرير گرهوڙيا،
پوءِ ميين محمد، ميين مسعود رجوع ڪيو گرهوڙيءَ جي
تحرير کا،
دليل ڀڳائون جي آندا هئا استاذ ۽ گرهوڙيا،
تحقيقات ڪيائون ڪنان روايتن ۽ صريح حديثا. (11)
”مصلح المفتاح“ ۾ ئي نماز جي مڪروهات جي سلسلي ۾
ڏنل بيان ۾ هڪ هنڌ نماز دوران پنهنجو پاڻ کي
وڃڻيءَ يا ڪپڙي سان ٽن ڀيرن کان وڌيڪ واءُ هڻڻ کي
مڪروهه قرار ڏنو ويو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪنهن
کي واءُ هڻي ۽ ٻئي ڪنهن کي به ان جي هڻڻ تي اعتراض
نه هجي ته ان جي مڪروهه هجڻ تي اختلاف آهي. مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم ميئنڏنو نصرپوري اهڙي عمل
سان نماز ڀڄڻ جو قائل نه هو. مخدوم محمد متعلوي به
ساڳي راءِ جو هو ۽ صاحبِ بياض به ان فيصلي کي
برقرار رکندي تحرير ٿو ڪري ته:
ٽن ڀيرن کان گهٽ ان طرح ڪِري ته ڪراهت آهي، پر جي
هڻي ڪووائا،
يعني ٻيو ڪو واءُ هڻي نمازيءَ کي امر سين ڪِريءَ
امرا.
پاڻ پڻ راضي هوءِ ان ۾ تڏهن نماز ڀڄڻ ۾ آهي
اختلافا،
پر صحيح قول نماز ڪيئن ڀڄندي لکيو مخدوم محمد
هاشما،
مخدوم ميئن ڏني ۽ ميئين محمد متعلوي ان طرح تحرير
۾ ڪئي تسلا. (12)
ڪلهوڙن جي دور کان وٺي سنڌ ۾ نئين سري سان مقامي
حڪومت قائم ٿي ته رياست کي ڪڇ سان لاڳاپيل سرحدي
معاملن سان منهن ڏيڻو پيو، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ
جنگيون به ڇڙيون. سنڌ جي وڏن عالمن جي تحريرن مان
خبر پئي ٿي ته ان دور کان وٺي جيسلمير ۽ جوڌپور جي
باري ۾ ڪي مسئلا اڀا ٿي ويا ۽ ان سلسلي ۾ عالمن
جون مختلف قسمن جو فتوائون رڪارڊ تي آيل آهن. ان
سلسلي ۾ مخدوم محمد عثمان مٽياروي، جيسلمير ۽
جوڌپور کي دارالحرب قرار نه ڏيڻ واري پنهنجي مشهور
فتويٰ ۾ مخدوم ميئنڏني جو قول هن طرح لکي ٿو ته
”وقد بلغني ان بعض اهل العلم افتيٰ بکون جيسرمير
(جيسلمير) دارالحرب فبلغ ذلڪ الافتاءِ الشيخ
الجليل والحبرالنبيل المخدوم المعظم ميان ميدنه
النصرپوري فانکره وکره وابيٰ ان يفتي بذلک فهذا
حاله في التورع والاحتياط“ (13)
ان راءِ مان اندازو ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب مذڪوره
معاملي ۾ عالمن جي ان راءِ سان سهمت نه هو ته بنا
تحقيق جي جوڌپور واري علائقي کي دارالحرب ڪوٺيو
وڃي.
سنڌ جي ڪافي عالمن جو خيال هو ته جمع نماز جامع
مسجد ۾ پڙهڻ گهرجي ۽ جامع مسجد فقط گهڻي آباديءَ
واري شهرن ۾ ٺهي سگهي ٿي. مسلمانن جي اڪثريت
نفسانفسيءَ جي دور ۾ عالمن جي ان حڪم کان
لهرائيندي هئي. ان حقيقت کي مدنظر رکي مخدوم
ميئنڏني اها فتويٰ جاري ڪئي ته ”جهوپڙيون يا
ڪاٺيءَ جا ڪچا گهر ٺاهي انهن تي ٽوا وجهي ڪي ماڻهو
رهن ٿا ته انهن ڳوٺن ۾ قاضي يا حاڪم جي اجازت سان
جمعو پڙهڻ حنفي مذهب (فقهه) توڙي ملڪَ جي سڀني
مذهبن (فقهن) ۾ جائز آهي.“ (14)
بياض واحديءَ ۾ به مخدوم ميئنڏنيؒ جون ڪجهه
فتوائون موجود آهن، جيڪي اڄ جي دور ۾ به ڪارائتيون
آهن. مثال طور اسان جي سماج ۾ شاديءَ جي موقعي تي
ڪنوارين کي هڪڙا زيور ڏيج ۾ ڏنا ويندا آهن، جڏهن
ته ڪي زيور رڳو سينگار خاطر اڌارا وٺي پهرايا
ويندا آهن. بياض واحدي ۾ اهڙي قسم جي زيورن جي
ملڪيت جي سوال تي ڪافي فتوائون گڏ ڪيل آهن. ان
سلسلي ۾ پڇيل هڪ سوال جي باري ۾ مخدوم عبدالواحد
سيوستاني، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم ميئنڏني
نصرپوريءَ جي جوابن کي ڪافي سمجهندي پيش ڪيو آهي.
سندس تحرير هن طرح آهي ته:
سوال: شاديءَ رات ڏنل اڌارن زيورن جو ڪهڙو حڪم
آهي؟
جواب (مخدوم عبدالواحد جو ڏنل): سنڌ ۾ اهي زيور
مهر معجل سمجهيا وڃن ٿا. ان جي تائيد مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جي ڪتاب ”السيوف القاهره“ مان ٿئي ٿي،
جيڪو سوال جواب جي صورت ۾ آهي: (سوال مخدوم محمد
هاشم ٺٽويؒ کان ڪيل) جيڪڏهن مڙس شاديءَ رات ڏنل
زيورن کي زبان سان مهر معجل نه چوي ۽ وضاحت نه ڪري
ته ”آئون هي زيور مهر ۾ ڏيان ٿو.“ پر برادريءَ ۾
اهي مهر معجل سمجهيا ويندا آهن ته ڇا انهن کي مهر
معجل قرار ڏنو ويندو؟ (مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
پاران مخدوم ميئنڏني جي فتويٰ جو حوالو ڏنل آهي
ته) ان بابت مخدوم ميئنڏنو نصرپوريءَ جو جواب هي
آهي ته ”بيشڪ اهوئي هتي رواج آهي ۽ جيڪا ڳالهه عرف
۽ سماج ۾ معلوم ۽ مشهور هجي، اها ئي شرط ڪري ليکبي
آهي: اگرچه ڪن علائقن ۽ برادرين ۽ قومن ۾ اهڙو
رواج نه به هجي. معلوم ٿيو ته جيڪڏهن عرف عام ۾
اهو رواج نه هجي ته اهي زيور مهر معجل نه ليکبا.
البته جيڪڏهن مڙس، زال کي مالڪ بنائڻ جي نيت سان
ڏئي ٿو ته پوءِ واپس وٺڻ جو حقدار نه آهي. جيئن
قنيه ۾ آهي ته ”مڙس جيڪڏهن مالڪ بنائڻ جي نيت سان
ڳهه ڳٽا ڏي ٿو ته واپس وٺڻ جو حقدار نه آهي. يعني
جيڪڏهن وضاحت نه ڪري ته اهي زيور اڌارا ورتل آهن.“
(15)
مخدوم ميئنڏني جو استادن جو ذڪر (هڪ بحث):
مٿي ڏنل فتويٰ ۾ سڀ کان اهم سمجهڻ جي ڳالهه اها
آهي ته فتوائن تي وقت جي ننڍن توڙي وڏن عالمن کان
تصديق جي لاءِ صحيح وٺڻ الڳ مسئلو آهي، پر اڄ
تائين ڪنهن به عالم پاڻ کان ننڍي عالم جي فتويٰ جو
حوالو نه ڏنو آهي. ڪنهن شاگرد جي فتويٰ جو اهڙيءَ
طرح ذڪر ڪرڻ ته نهايت پراهين ڳالهه آهي. مٿي بياضِ
واحدي ۾ ڏنل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي فتويٰ مان
ثابت ٿي رهيو آهي ته مخدوم ميئڏنو رحه، مخدوم محمد
هاشمؒ جو اهڙو همعصر عالم آهي، جنهن جي فتويٰ کي
تصديقي حوالي طور ڏيڻ ۾ ڪوبه حرج نه سمجهيو اٿس.
مخدوم عبدالواحد سيوستاني به ان فيصلي کي برقرار
رکيو آهي. هن ساڳي روايت کي اڳتي هڪ سوال جي جواب
۾ هن ريت به ورجايو اٿس ته ”بيان ٿيل زيور رواج
مطابق مهر معجل آهن، ان ڪري عورت جي ملڪيت آهن،
جيئن بحواله مخدوم محمد هاشم ۽ بحواله مخدوم ميڏنو
نصرپوري بيان ٿيو.“ (16) بياض هاشمي ۾ به مخدوم
ميئنڏني جون ڪافي فتوائون موجود آهن، جيڪي پڻ اهو
ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته مخدوم ميئنڏنوؒ، مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جو شاگرد نه، بلڪ وڏو همعصر عالم
آهي. البته ان جو فرزند، مخدوم نورمحمد نصرپوري،
مخدوم محمد هاشم جو شاگرد ضرور آهي.
هيءُ عنوان قائم ڪرڻ جي ضرورت هن ڪري پيش اچي رهي
آهي جو تحفة الڪرام جهڙين قديم تحريرن کي پاسيرو
رکندي ڪجهه ڏهاڪن کان ٿيندڙ تحقيق ۾ بنا ڪنهن ثبوت
يا معياري تحقيق جي مخدوم ميئنڏنيؒ کي مخدوم محمد
هاشمؒ جو شاگرد ڪوٺيو ويو آهي، هن سلسلي ۾ بي
احتياطيءَ جي حد اها آهي جو
پي ايڇ ڊي جي ٿيسزن ۾ مخدوم ميئنڏني کي سندس
فرزندن جي شاگردن توڙي پوٽن ۽ کانئس ڪافي پوءِ جي
دور جي عالمن جو شاگرد ڪوٺڻ ۾ به ڪا هٻڪ محسوس نه
ڪئي وئي آهي. هن سلسلي ۾ منهنجو موقف اهو آهي ته
مخدوم محمد هاشم رحه، مخدوم ميئنڏنيؒ کان عمر ۾
ڪافي ننڍو هو، پر اهي ٻئي بزرگ همعصر عالم هئا ۽
خود مخدوم محمد هاشم جي تحريرن ۾ مخدوم ميئنڏني جي
تحريرن مان استفادو ورتو ويو آهي. هاڻي ته اها
روايت هر ڪو دهرائي رهيو آهي. مون جڏهن هن سلسلي ۾
تحقيق ڪئي ته مون کي ان جو سرو ڊاڪٽر محمد اشرف
سمي صاحب جي تحرير ۾ هٿ آيو. جيڪو لکي ٿو ته:
”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي تحقيق مطابق
مخدوم ميئنڏنو، فقيه سنڌ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ
جو شاگرد هو. لکن ٿا ته ”المحدث الفقيه المخدوم
محمد عثمان المتياري من تلامذه المخدوم ميدنه
النصر پوري وهو کان من تلامذه المحدث الامام
المخدوم محمد هاشم التتوي“ (17) هن جو اصل حوالو
قاسمي صاحب جي تصنيف ”امعان النظر شرح نخبة الفڪر“
جي يارهين صفحي تان ورتل آهي، جيڪو شاهه ولي الله
اڪيڊمي حيدرآباد پاران 1982ع ۾ شايع ٿيل آهي. ان
کان علاوه ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب، ”مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي“ جي لکيل پنهنجي
PH.D
ٿيسز ۾ پڻ ساڳئي حوالي سان مخدوم ميئنڏني کي،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو شاگرد قرار ڏنو آهي. (18)
هيءَ ڳالهه محقق حضرات کي ڀليءَ ڀت معلوم آهي ته
مخدوم محمد عثمان متعلوي، مخدوم نورمحمد نصرپوريءَ
جو شاگرد هو، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم
محمد قائم ٺٽوي جو شاگرد هو. خود قاسمي صاحب پڻ
وضاحت سان اها سند لکي چڪو آهي. جيڪڏهن ”امعان
نظر“ جي مقدمي ۾ مخدوم محمد عثمان ۽ مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جي وچ ۾ مخدوم ميئنڏني جو نالو اچي ويو
آهي ته ان کي ”سهو“ کان علاوه ٻيو ڪجهه نه ٿو چئي
سگهجي ۽ هتي ان تحرير کي هن طرح صحيح ڪري پڙهڻ
گهرجي. ”المحدث الفقيه المخدوم محمد عثمان
المتياري من تلامذه ”مخدوم نورمحمد ابن“ مخدوم
ميئنڏنه وهو کان من تلامذه المحدث الامام المخدوم
محمد هاشم التتوي.“ اهڙي قسم جي سهو ڪڏهن به، ڪنهن
به عالم ۽ ليکڪ کان ٿي سگهي ٿي ۽ محققن جو ڪم ان
کي خاموشيءَ سان صحيح ڪرڻ هوندو آهي، نه ڪي ان جو
ايترو ورجاءُ ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ نوان نوان نظريا ۽
جواز قائم ڪرڻ جو مونجهارو حل ٿيڻ کان مٿي چڙهي
وڃي. جيئن ڊاڪٽر محمد اشرف سمون لکي ٿو ته ”نصرپور
شهر عالمن ۽ درويشن جو شهر هو. هن شهر ۾ ڪيترائي
عالم ۽ محدث پيدا ٿيا. جهڙوڪ محمد اڪرم نصرپوري،
قاضي عبدالرحمان نصرپوري، مولانا عبدالحق عالماڻي،
ممڪن آهي ته علامه ميڏني انهن بزرگن کان فيض پرايو
هجي.“ (19) هاڻي انهن عالمن مان مخدوم عبدالحق ته
خود مخدوم ميئنڏنيؒ جو فرزند آهي ۽ مخدوم محمد
اڪرم نصرپوري گهڻو ڪري پيدا ئي مخدوم ميئنڏنيؒ جي
وفات کان پوءِ هوندو، جيڪو سندس پٽ جي شاگرد جو به
شاگرد آهي. اهڙي ئي قسم جون بيان ”سنڌ جا اسلامي
درسگاهه“ ۾ به آيل آهي ۽ ڪن ٻين محققن به هن روايت
کي نه صرف ورجايو آهي، بلڪ ان ۾ وڌاءُ پڻ ڪيو آهي.
جيئن ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب، مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي تي لکيل
PH.D
ٿيسز ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”مدرسه مجدديه عثمانيه
ننگر ٺٽي جي مهتمم ۽ مفتي عبدالرحمان ٺٽوي ٻڌايو
ته مخدوم صاحب سنڌ ۾ گهڻن ماڳن مڪانن جو سفر ڪيو
هو. ان سلسلي ۾ نصرپور به ويو هو. روايتن مطابق
نصرپور ۾ سندس شاگرد مخدوم مئيڏنو ۽ مخدوم نورمحمد
نصرپوري رهندا.“ دراصل هن بيان جا ٻه حصا آهن.
هڪڙو حصو ”مدرسه مجدديه عثمانيه ننگرٺٽي جي مهتمم
۽ مفتي عبدالرحمان ٺٽوي ٻڌايو ته مخدوم صاحب سنڌ ۾
گهڻن ماڳن مڪانن جو سفر ڪيو هو. ان سلسلي ۾ نصرپور
به ويو هو،“ جيڪو راويءَ پاران بيان ڪيل آهي، ٻيو
حصو ”روايتن مطابق نصرپور ۾ سندس شاگرد مخدوم
مئيڏنو ۽ مخدوم نورمحمد نصرپوري رهندا هئا.“ جيڪو
ڊاڪٽر صاحب پاران شامل ڪيل آهي، پر سڄي عبارت جي
سلسلي ۾ مولوي عبدالرحمان ٺٽوي جو حوالو ڏنل نظر
اچي رهيو آهي. ان کان ٿورو اڳتي فاضل محقق لکي ٿو
ته ”راقم گهڻن ڪتابن جا ورق ورايا، پر اهو حوالو
لکت ۾ ملي نه سگهيو آهي ته مخدوم صاحب نصرپور جو
سفر ڪيو هو. البت، تاريخ ۾ ايترو احوال آيل آهي ته
مخدوم صاحب جي مدرسي هاشمي جا پڙهيل ٻه شاگرد
مخدوم مئيڏنو ۽ مخدوم نورمحمد نصرپور جا رهاڪو
هئا. ممڪن آهي ته مخدوم صاحب پنهنجن فاضل شاگردن
وٽ نصرپور آيو هجي، يا ديني تبليغ جي ڪري نصرپور
جو سفر اختيار ڪيو هجي.“ (20)
اڳتي هلي خطبات هاشميه جي سري هيٺ هن ريت لکي ٿو
ته ”مخدوم ميئڏنه نصرپوري- مخدوم (يعني مخدوم محمد
هاشم) صاحب جو شاگرد، مخدوم ضياءُ الدين ۽ ٻين
عالمن جي تحرير نقل ڪري جمعي نماز پڙهڻ جي جواز ۾
لکيو آهي ته ”جڏهن ته هن زماني ۾ شريعت جي احڪامن
جي اجراءَ ۾ سستي اچي وئي آهي ۽ حدود ته بنهه غائب
ٿي ويون آهن، بلڪ قاضين کان به گهڻو ڪري اهڙا
اختيارات کسيا ويا آهن. ان ڪري جي اصل مذهب جي
روايتن تي فتويٰ ڏجي ٿي ته ڪن ٿورين جاين کان
سواءِ- جمعه، جيڪو دين جي وڏن احڪامن مان آهي،
جائز نه ٿي سگهندو. بلڪ هن مسلڪ (سنڌ) ۾ مشڪل آهي.
تنهنڪري ضروري آهي ته هن بابت ٻين روايتن تي عمل
ڪيو وڃي ته ديني شعائر ۽ احڪام هٿ کان نه وڃن.
جڏهن قاضي اجازت ڏئي ته امام محمد جي روايت يا
امام شافعي يا امام مالڪ جي قول تي اتفاق سان نماز
جمعه جائز ٿيندي.“ (قادري صاحب هن جو حوالو هن ريت
ڏنو آهي.“ مخدوم مئيڏنو نصرپوري ”تحرير“ ٽماهي
الرحيم ”حيدرآباد سنڌ، نمبر 3، 1966ع، ص 69.“ (21)
اصل ۾ اهو حوالو غلط آهي. ٽماهي ”الرحيم“ جي
ڄاڻايل شماري ۾ ان صفحي ته ته ڇا، ڪنهن به صفحي تي
اهو حوالو ڏنل ڪونهي. ذڪر ڪيل حوالو بياض واحدي ۾
موجود آهي ۽ اهو دراصل ان کان پوءِ ايندڙ مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي جي تحرير جو شروعاتي حصو آهي، جيڪا
بياض واحدي مان کنئي وئي آهي. اصل حوالي لاءِ بياض
واحدي جي پهرئين حصي جو سنڌي ترجمو ڏسي سگهجي ٿو،
جنهن ۾ صفحي 395- 396 تي اها تحرير ”مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جي لکت“ جي سري سان ڏنل آهي. (22)
هتي ڪنهن کي ڏوهاري ڪرڻ منهنجو مقصد ڪونهي. جن جا
حوالا ڏنا ويا آهن. اهي پاڻ اسان جي وقت جا
ناميارا عالم فاضل آهن، جن ماخذن جي گهٽ دستيابيءَ
واري دور ۾ اهم ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. منهنجو مطلب
رڳو اهو آهي ته ايندڙ محقق هن تحرير کي ڏسندي، هن
غلطيءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا ته بهتر ٿيندو.
مخدوم ميئنڏنو، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان عمر ۾
ڪافي وڏو هو. ان ڪري کيس مخدوم هاشم جو شاگرد سڏڻ
صحيح ڪونهي. هونئن به مخدوم محمد هاشم خود مخدوم
ميئنڏني جي تحريرن مان استفادو حاصل ڪيو آهي.
مخدوم ميئنڏنو، تحفة الڪرام واري جي بقول مخدوم
محمد امين ڊاسوڙي واري جو مشهور شاگرد هو، جنهن کي
هن ٿيسز واري سندس مرشد سڏيو آهي. جڏهن ته سندن
مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشبنديؒ هو، جنهن جو ذڪر
مٿي اچي چڪو آهي.
سنڌي عالمن جي اڪثر فقهي بياضن ۾ مخدوم ميئنڏنيؒ
جون فتوائون موجود آهن، جن مان ڪي مٿي ڏنيون ويون
آهن ۽ ڪن بياضن جا نالا هيٺ ڄاڻائجن ٿا. جن مان
ڪجهه حوالا هتي ڏنا ويا آهن.
اسلام آباد کان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”السنڌ“ جي 90
شماري ۾ ڊاڪٽر عبدالقيوم سنڌي (مدني) جي هڪ مضموب
مطابق سعودي عرب جي شاهه عبدالعزيز لائبريري ۾
رکيل سنڌي عالم شيخ محمد مراد (شيخ محمد عابد مدني
جو ڏاڏو) جي چئن جلدن واري قلمي ڪتاب ”دفينة
المطالب“ يا ”بياض مرادي“ ۾ جن ٻين عالمن جي بياضن
جو ذڪر ڪيو آهي، تن ۾ مخدوم ميئنڏني نصرپوري ۽
مخدوم نور محمد نصرپوريءَ جا بياض پڻ شامل آهن.
(صفحو 26) بياض مراديءَ جي ڇپيل نسخي جي ٽئين جلد
۾ مخدوم نور محمد ۽ مخدوم ميئنڏني جي بياضن جا
ڪجهه نقل ۽ حوالا به ڏنل آهن. (صفحو 35) فتاويٰ
ملڪاڻي ۾ به مخدوم ميئنڏنيؒ جي فتوائن جو ذڪر
موجود آهي.. مٿين بياضن کان علاوه سنڌ جي اڪثر
قلمي بياضن ۾ مخدوم ميئنڏني جون فتوائون موجود
آهن. جيڪي سندس علمي لياقت جو جيئرو جاڳندو ثبوت
آهن.
ايندڙ مهراڻ ۾ مخدوم صاحب جي فرزندن جو احوال
ايندو جيڪو پڻ مطالعو ڪرڻ گهرجي. (ايڊيٽر)
حوالا:
(1)
هن بزرگ ۽ سندس اولاد جي باري ۾ مون محترم سائين
قريشي حامد علي خانائي کي معلومات ڏني، جيڪا سندس
تصنيف ”تاريخ نصرپور“ ۾ شامل ڪيل آهي. پر اتي صاحب
سمه واري مزار سندس بجاءِ سندس ڏاڏي سان منسوب ڪيل
آهي، جنهن کي صحيح ڪري پڙهڻ گهرجي.
(2)
ميرعلي شير قانع، ”تحفة الڪرام“، صفحو 374، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1989ع.
(3)
مخدوم محمد ابراهيم خليل، ”تڪمله مقالات الشعراءِ
”فارسي)، صفحو 246، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
1958ع.
(4)
مولانا دين محمد وفائي، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، ڀاڱو
ٻيو، صفحو 187، سنڌي ادبي ڄام شورو، 1989ع.
(5)
ميرعلي شير قانع، ”معيار سالڪان طريقت“، ايڊٽ
ڊاڪٽر خضر نوشاهي.
(6)
هيءُ مجموعو ”جوامع الڪلام في منافع الانام“ جي
نالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو تحقيق ڪيل سنڌي
ادبي بورڊ پاران 2006ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
(7)
مولانا دين محمد وفائي، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، ڀاڱو
ٻيو، صفحو 181، سنڌي ادبي بورڊ جام شورو، 1985ع.
(8)
ڇهه ماهي، سنڌي ادب، شمارو سيپٽمبر 1979ع، پاران
سنڌالاجي، قريشي حامد علي خانائي جو مضمون
”نصرپور، سنڌ جو تاريخي شهر“، صفحي 63.
(9)
قريشي حامد علي خانائي، ”تاريخ نصرپور“، صفحو 132،
ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ،
حيدرآباد، 2014ع.
(10)
قريشي حامد علي خانائي، ”تاريخ نصرپور“، صفحو 146،
382 ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج
ريسرچ، حيدرآباد، 2014ع.
(11)
علي محمد شاهه دائرائي، ”مصلح المفتاح“، صفحو 154،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 2004ع.
(12)
علي محمد شاهه دائرائي، ”مصلح المفتاح“، صفحو 465،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 2004ع
(13)
هي حوالو ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي کي استاد
محمد پريل بيدار (سنگرار روهڙي واري) کان مليل هڪ
قلمي بنام ”بياض پير محمد“ جي صفحي 42 تان اتاريل
آهي.
(14)
ٻارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون علمي خدمتون
(قلمي) علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ
۾ ابوالخير محمد اشرف سمون جي 1989ع ۾ تيار ٿيل
ٿيسز، جيڪا سينٽرل لئبريري سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود
آهي.
(15)
مخدوم عبدالواحد سيوستاني، ”بياض واحدي“، ڀاڱو
ٻيو، صفحو239، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سال 2006ع.
(نوٽ: ساڳيو حوالو 241 صفحي تي پڻ دهرايل آهي.
(16)
مخدوم عبدالواحد سيوستاني، ”بياض واحدي“ حصو 2،
صفحو 241، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2006ع.
(17)
ٻارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون علمي خدمتون
(قلمي) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ
۾
ابوالخير محمد اشراف سمون جي 1989ع ۾ تيار ٿيل
ٿيسز، جيڪا سينٽرل لئبريري سنڌي يونيورسٽي ۾ موجود
آهي.
(18)
هيءَ ٿيسز سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو پاران پهريون
ڀيرو 1988ع ۾ ٻيون ڀيرو 2006ع ۾ شايع ٿي چڪي آهي.
(19)
ٻارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون علمي خدمتون
(قلمي) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ
۾ ابوالخير محمد اشرف سمون جي 1989ع ۾ تيار ٿيل
ٿيسز، جيڪا سينٽرل لئبريري سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود
آهي.
(20)
ٽنهي حوالن لاءِ ڏسو، عبدالرسول قادري جو ڪتاب
”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“، صفحو 110، ڇاپو ٻيون،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2006ع.
(21)
عبدالرسول قادري، ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“، صفحو
344، 345، ڇاپو ٻيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
2006ع.
(22)
مخدوم عبدالواحد سيوستاني، ”بياض واحدي“، صفحو
395- 396، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2006ع
نئون ڪتاب
ڪتاب: سنڌ بابت جنرل ناليج
مرتب: محمد عثمان عباسي
ڇاپو پهريون: 2020ع
قيمت: -/400 رپيا
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي |