لاکا عبدالرزاق الديبلي (ڏيپلو (آخري
قسط)
مترجم: ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
ڏيپلو/ ديبل
ننگرپارڪر ۽ موجوده ڪڇ جو رڻ
(Run of Kuchh)
رياست ۾ اڄ به اهڙا رستا، گهيڙَ يا چارا
(Pass)
موجود آهي جيڪي ڪڇ- ڀڄ تائين پڄائين ٿا. هن گهيڙن
يا چارن جو ذڪر مشهور محقق محترم معمور يوسفاڻي
صاحب پنهنجي تصنيف ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ۾ ’چوڏهن
چارو ڪڇڙو‘ جي عنوان سان ڪيو آهي، هيءُ واحد محقق
آهي، جنهن هنن چوڏهن رستن جو مڪمل تفصيلي ذڪر ڪيو
آهي. جنهن بعد هي چارا ٻين ليکڪن ڪتاب جي حوالي
سان يا بغير حوالي جي ساڳي ترتيب ۾ اُتان کنيا
آهن، هتي ننگرپارڪر وٽ هڪ رستي جو نالو ڦيٿاپور
آهي، ساڳي طرح ڦيٿاپور هڪ يونين ڪائونسل جو نالو
به آهي، برساتن ۾ هي گهيڙ يا چارا رڻ ڪڇ ۾ پاڻي
بيهڻ سبب بند ٿي ويندا آهن. تقسيمِ هند کان پهرين
ماڻهو ڦيٿاپور جي گهيڙ مان لنگهي بابا حاجي پير جي
مزار تي زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ ننگر و نياز تقسيم
ڪندا هئا، هاڻي ملڪن جي حد بندين سبب اهو سلسلو
بند ٿي ويو آهي.
سٿين، هاڪڙي جي وڏي وهڪري تي بندرگاهه قائم ڪيو
هو. هيءُ بندرگاهه اندرون ملڪ تجارت لاءِ استعمال
ٿيندو هو، هن بندرگاهه جو پريپلس ۾ نالو اوڙايه
(Oraya)
لکيل اچي ٿو.
رياست سڪاديپ ۾ خشڪي جي رستن ۽ بندرگاهن جو اهم
ڪردار آهي، پاريننگر جو بندرگاهه ۽ ڊيلٽا سان گڏ
جزيره نما پاتل المعروف ديپ جو علائقو نه صرف اهم
آهي بلڪه ننگرپارڪر جو نالوئي پاريننگر جو اصل پس
منظر آهي.
هن وقت ننگرپارڪر جي هڪ يونين ڪائونسل جو نالو
’ستي ڏيرا‘ آهي، هيءُ علائقو جاگرافيائي حدن ۾
ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿيندو رهيو آهي. ’ستي ڏيرا‘
جو لفظ ان علائقي ۾ موجود ٽن عمارتن سان منسوب
آهي. ننگرپارڪر جي هنن ٽن عمارتن جو تعلق ڇهين صدي
قبل مسيح جي جي ’جين ڌرم‘ سان آهي. هنن مان هڪ
عمارت ننگرپارڪر شهر ۾ داخل ٿيندي ڀوڏيسر جي تلاءَ
وٽ آهي، ٻي عمارت ننگرپارڪر جي بازار جي ٻئي ڇيڙي
تي جبل واري پاسي آهي. ڀوڏيسر وٽ سلطان محمود
غزنوي جا ڪجهه سپاهي پڻ دفن آهن ۽ هتي ئي محمود
غزنوي جي سپه سالار ۽ ڪڇ جي گورنر محمد شاهه بيگ
جي دور ۾ قائم ٿيل ننڍي خوبصورت مسجد پڻ موجود
آهي، ٽين عمارت ڪنهن محلات جو ڏيک ڏيندڙ آهي. هيءَ
عمارت ننگرپارڪر جي اُتر ۾ ويهارو ڪلوميٽرن جي پنڌ
تي آهي. هن ڳوٺ جو نالو ’گوڙي‘ ۽ عمارت جو نالو
’گوڙي جا ڏيرا‘ آهي. هيءَ عمارت به جين مت ڏانهن
منسوب آهي، جين ڌرم ويدن جي منظم پاٺشالائن تي
مشتمل ويدي مذهب جي هڪ ٺوس شڪل هو، مهاتما گوتم ٻڌ
جين مت جي گرو پاٺشالا جيڪا ’ويهارو‘ ۾ قائم هئي
ان جو طالب هو. مٿس جين مت جون تعليمات اثرانداز
ٿيون ۽ پوءِ ٻڌمت وجود ۾ آيو. ٻئي ڌرم پنهنجي نالن
۾ علحده نظر اچن ٿا، مگر پنهنجي عقائد جي پختگي ۽
شائستگي ۾ ويدن جي طاقتور روايتن جا امين آهن.
ويدن جي اصولن ۾ يقين رکندڙ پهرين ’جين مت‘ ۽ پوءِ
انهن جي پاٺشالائن مان جنم وٺندڙ ٻڌمت جي تعليمات
جا تابع ٿي ويا.
علامه حفيظ الرحمٰن سيوهاروي جي تصنيف قصص القرآن
موجب بعض علماء الڪرام قرآن و حديث جي روشني ۾
’ذوالڪفل‘ کي ٻڌ جو لقب تعبير ڪن ٿا. مهاتما گوتم
جي رياست جو نالو ’ڪپل وستو‘ هو. عربي ۾ ’ذو‘ جو
مطلب مالڪ يا صاحب آهي ۽ ڪپل جي عربي شڪل ’ڪفل‘
آهي.
سوره ’التين‘ (سيپارو 5) ۾ الله پاڪ ٻين مقامات
کان پهرين التين بمعنيٰ ’انجير‘ جو قسم کنيو آهي.
هيءُ اشارو به گوتم ٻڌ ڏانهن آهي. مهاتما گوتم 12
سال ’انجير‘ جي وڻ جي ڇانوَ ۾ پنهنجي تپسيا جي جوڳ
پچائي هئي ۽ صرف انجيرن جي خوراڪ تي ئي گذارو ڪيو
هو، اها ڳالهه به بعيد از امڪان نه آهي ته اسان کي
جن پيغمبرن جا نالا معلوم نه آهن مهاتما گوتم ٻڌ
به انهن مان هڪ هجي. (والله اعلم بالثواب).
سنڌ جي ماڻهن جو هنن ٻنهي مذهبن سان تعلق رهيو،
بلڪه ويدن جي تعليمات جي تسلسل ۾ پهريائين جين ۽
پوءِ ٻڌمت ڏانهن تعلق جي زنجير اڳتي وڌي. يونانين
موجوده سنڌ کي ’هيٺاهين وادي‘ سڏيو آهي. سڪندر جي
راوين به ساڳي نالي تي اڪتفا ڪئي آهي. سڪندراعظم
کان پوءِ جڏهن سووير قبائل جي ڀرپور آمد شروع ٿي
ته هن هيٺاهين سنڌ جو نالو ’ٻڌيا ديس‘ پئجي ويو.
جنهن جو خاص سبب مذهبي تسلسل ۾ تيرٿ آستانن جو
مرڪز هجڻ ۽ سوويرن جو ٻڌمت سان اٽوٽ تعلق هجڻ آهي.
هن بحث جي نتيجن ۾ اهو وڌيڪ واضح ٿئي ٿو ته مذڪوره
عمارتن جو تعلق جين مت کان وڌيڪ ٻڌمت سان هئڻ
گهرجي. ڇاڪاڻ ته هيءُ علائقو ٻڌمت جو مرڪز آهي.
مٿين عمارتن مان پهرين ٻنهي عمارتن جي بناوت
عبادتگاهه وانگيان آهي. البته ٽي عمارت يعني ’گوڙي
جا ڏيرا‘ يا ’گوڙي جا ڏهرا‘ جي جاميٽريڪل شڪل،
بناوت ۽ اندروني جوڙجڪ تي ٻيا به گمان ٿين ٿا.
هونئن به ’ڏيرا‘ يا ’ڏيرو‘ جو مطلب خانداني رهائش
۽ ’ڍير‘ جو مطلب مذهبي مقام آهي. گوڙي جي ڏيرن جي
اندرين بناوت جو هن وقت تائين به صحيح مشاهدو نه
ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن سرنگهه جي موجودگي جو هجڻ
به ٿي سگهي ٿو، جنهن جو رخ ننگرپارڪر ڏانهن هجي.
اهڙيون راويتون به موجود آهن.
سڪندراعظم جي روانگي وقت پاتل يا پاتال هڪ ويران
علائقو هو جتي انساني آبادي تمام گهٽ هئي. ايرين
جي لکڻين موجب، رڻ ڪڇ جي ڌاڙيلن سڪندر جي نهٽي
واري فوجي ڇانوڻي تي حملو ڪيو هو، جنهن کي سڪندر
جي فوجين ماري ڀڄائي ڪڍيو. ’ڪتاب الهند‘ ۾
البيروني به ڪڇ جي ڌاڙيلن جو ذڪر زور شور سان ڪيو
آهي. ٻنهي تصنيفن ۾ انساني بستين جي ڇڊاڻ سبب
ڌاڙيلن جو هن علائقي ۾ اچي پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهڻ به
سمجهه ۾ اچي ٿو.
ننگرپارڪر ’سڪاديپ‘ جو هڪ علائقو هو، پاتال جو
علائقو سڪندر کان اڍائي سئو سال پوءِ آباد ٿيو،
جڏهن سٿين اچي 70 ق.م هن علائقي ۾ پنهنجا پير
ڄمايا، ننگر پارڪر کان حڪمران ۽ تاجر ننڍي
بندرگاهه تان ملڪ جي اندرين حصن جو سفر ڪندا هئا،
هنن حوالن جي نتيجن ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته
هن علائقي ۾ موجود عمارتن جو تعلق سٿين جي نجي
عمارتن سان آهي جيڪي ٻوڌي مذهب ۽ ثقافت جا
علمبردار هئا، لفظ ’ستي ڍيرا‘ (ڍير) جي صحيح پڙهڻي
’سٿ ڏيرا‘ ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ’ستي‘ لفظ هندو ڌرم سان
واسطو رکندڙ آهي،. ستي ان عورت کي چئبو آهي جنهن
کي مڙس جي وفات بعد پنهنجي مڙس سان گڏ ساڙيو ويندو
آهي.
باهه ۾ ساڙڻ جو رواج رام ۽ سيتا جي زماني ۾ پيو،
شري رام، هنومان جي مدد سان، راوڻ وٽ قيد ٿيل سيتا
کي وڏي جنگ بعد آزاد ڪرايو. وطن واپسي وقت سيتا
کان سندس پاڪ دامني جو ثبوت ’اگني ساڪشي‘ (يعني
ٽانڊن جي چَر تان هلڻ) جي شڪل ۾ گهريو. سيتا
انهيءَ ٽانڊن جي چَر تان هلي پنهنجو ست سيل ثابت
ڪيو ۽ انهي خوشيءَ جي موقعي تي ڏياٽيون ٻاري
چراغان ڪيو ويو ۽ ان کي ’ديپاولي‘يا ’ڏياري‘
ڪوٺيو ويو ۽ انهي جي علامتي شڪل وري شادي وقت باهه
جي چوڌاري شادي وقت ڦيرا ڏئي ظاهر ڪبو آهي ۽ ائين
ان وقت ’باهه ۽ ست‘ جي رشتن جي تجديد ڪبي آهي.
سنڌ خواه بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ هن وقت به
راڄوندي طريقي سان ’چوريءَ جي ساک‘ (اعتبار) ٽانڊن
جي ڀريل ’چَر‘ تي هلي ڏبي آهي.
محترم ايم.ايڇ پنهور صاحب جي حوالي موجب سنڌ ۾ پڪي
اڏاوت جو رواج ٽين يا چوٿين صدي عيسويءَ ۾ پيو
آهي. انهي حوالي سان هنن عمارتن جو سنِ تعمير پڻ
پهريون پنج صديون آهي ۽ اهو راءِ گهراڻي جي دور ۾
عروج تي آهي. هن دور ۾ ٻڌمت جا اسٽوپا ۽ موهن جي
دڙي جو وجود پڻ نظر اچي ٿو.
’پاتال‘ المعروف ديپ جي سنڌ جي هر واقعي کي مخفي
راز ۾ رکي، واديءَ جي ماڻهن کي حيرت تعجب ۽ ڏکياڻ
جو رخ ڪرائي ڇڏيو آهي. هيءُ هڪ طويل بحث آهي جن
سڀني جو مقصد صرف حقائق تي مبني تاريخ جا پير گُم
ڪرڻ آهي، ٻي صورت ۾ هيءُ تاريخ جو تسلسل جنهن جو
تعلق ويدن جي تعليمات سان آهي، ’مهاڀارت‘ کان پوءِ
جين مت ۽ ٻڌمت جي ڇانوَ ۾ مڪمل توحيدي تهذيب جي
رنگ ۾ رنڱجي ويو آهي، هيءُ ئي اُهو توحيدي تهذيب
جو انقلابي اثر آهي جنهن کي ’باب الاسلام‘ جي نالي
سان تحرير ڪيو ويو آهي. اٺين صدي عيسوي جي شروع
(712ع) ۾ عرب سپهه سالار غازي محمد بن قاسم جي آمد
۽ شاندار فتح سنڌ بعد هي ماڻهو به توحيدي تهذيب جا
معمار ٿي ويا.
اسان پهريائين اهو حوالو ڏئي چڪا آهيون ته
بندرگاهه باربيڪانس بعد المعروف ديبل سنڌو اتهاس
جي اهم واقعن ۽ روايتن جو امانتدار، سرزمين پاتان
(پاتل) المعروف ديپ جو حصو آهي. هيءَ بندرگاهه
سڪندراعظم تعمير ڪرايو جيڪو پوري خطي ۾ معاشي خواه
تهذيبي انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿيو، ٻن عظيم
فاتحن جو گذرگاهه رهيو. سڪندر سنڌ جي آزاد ثقافت،
تهذيب، خودمختياري، وسعت ۽ تعمير جو باني هو. هو
هن بندرگاهه جي رستي کان ئي سنڌ کي خيرآباد چئي
’بابل‘ ڏانهن موٽيو. جڏهن ته تهذيبي انقلاب جو
معمار غازي محمد بن قاسم انهيءَ بندرگاهه جي رستي
سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ڏاهر برهمڻ جي قبضي مان سنڌ جي
ٻوڌين کي آزاد ڪرائي، سنڌ جي توحيدي سرزمين تي ”لا
الله الا الله“ جي صدا نه صرف بلند ڪيائين پر
پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار سان ’صدائــﻶ حق‘ جون
پاڙون آزاد سنڌ ۾ ايتريون اونهيون پوکيائين جو اڄ
به جڏهن سج اوڀر کان هن پاڪ سرزمين تي روشني ڏيڻ
لاءِ تيري ڪري ٿو ته الله اڪبر- الله اڪبر جي صدا
سان هيءَ وادي اڄ به گونجي ٿي.
تاريخ جي ورقن ۾ اهو لکيل آهي ته ڏاهر سان آخري
جنگي معرڪو جنهن ۾ ڏاهر مارجي ويو، اهو سندس (ڏاهر
جو) تعمير ڪيل شهر ۽ ڇانوڻي ’اروڙ‘ هو جنهن جا
کنڊرات اڄ به موجود آهن.
سٿين جي قيادت ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت آئي ته هنن
دارالخلافه ’رهمباڪيه‘ کان ’اروڙ‘ منتقل ڪيو. سنه
640ع ۾ سنڌ جي حڪمراني تي دوکي ۽ چالبازين جي
هٿيارن سان چچ بن سيلائج جي هٿ ۾ آئي ۽ 30 سال
اقتدار رهيو. ان کان پوءِ چندر بن سيلائيج ست سال
حڪومت ڪئي. چندرسن جي انتقال بعد ڏاهر اقتدار ۾
آيو.
چچ ’هندو برهمڻ‘ هو، سنڌ ۾ هندو مت لاءِ گنجائش ئي
نه هئي ڇاڪاڻ سڄي وادي ٻڌمت جي عقيدتمند هئي.
اِهوئي سبب هو جو چچ ڪنهن ثقافتي ۽ مذهبي احتجاج ۽
ٽڪراءُ کان بچڻ لاءِ سنڌي ثقافت ۾ ڪابه ڇيڙڇاڙ ڪرڻ
لاءِ تيار نه هو، هُن سٿين جي روايت جي تناظر ۾
پراڻي ’رهمباڪيه‘ کي گادي جو هنڌ بڻايو ۽ شهر کي
نئين طريقي سان آباد ڪرڻ جي شروعات ڪئي. سٿين
دارالخلافه جي قدرتي طور محفوظ هجڻ واري جڳهه تي
سوچيندي ’نوهٽي‘ کي آباد ڪيو. نوهٽو المعروف
’رهباڪيه‘ تاريخي بستي رهيو آهي. جنهن کي ٻن پاسن
کان پاڻي ۽ ٽئين پاسي کان ريگستان جو هئڻ خود فطري
دفاعي حيثيت ڏئي ٿو، جڏهن ڏاهر سنڌ جو حاڪم ٿيو ته
نئون دارالخلافه به تيار ٿي چڪو هو. برهمڻ پنهنجي
مذهبي روايتن جي پيشِ نظر نئين دارالخلافه جو نالو
’راوڙ‘ رکيو. هيءُ محفوظ صدر مقام عربن ۽ ڏاهر جي
وچ ۾ هڪ ڍال ثابت ٿيو. محمد بن قاسم کي ٻن ندين جي
پاڻي ۾ وچ ۾ حائل هجڻ سبب راوڙ پهچڻ مشڪل ٿي لڳو.
اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيو جڏهن ’ٻيٽ‘ جي قلعي وارن
اسلام قبول ڪيو، ’چچ نامي‘ ۾ پاتال جي علائقي کي
ٻيٽ لکيو ويو آهي. واليءَ ٻيٽ جو نالو پسايو هو،
هيءَ نهڙي قبيله جي هڪ پاڙي مان هو، کيس ٻه پٽ:
(1) راسل ۽ (2) موڪو هئا، محمد بن قاسم جي آمد وقت
ٻيٽ جو قلعو راسل بن پسايو جي هٿ ۾ هو. ٻيو پُٽ
موڪو بن پسايو ديبل جي فتح کان پوءِ جلد مسلمان ٿي
چڪو هو.
قديم روايتن ۾ ’ديبل‘ ۽ ’ٻيٽ‘ وارا هميشه هڪ ٻئي
جا مددرگار رهيا آهن، ٻيٽ وارن هميشه ديبل وارن جي
تقليد ڪئي آهي.
چچنامي ۾ غازي محمد بن قاسم جو هڪ خط امير حجاج
ڏانهن موجود آهي. جنهن هُن لکيو آهي ته ديبل وارا
اسان سان گڏ آهن ۽ ٻيٽ وارن انهن سان رابطو ڪري
امان طلبي آهي ۽ ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي، ٻيٽ ڪڇ
طرف ڏکڻ پراڻ (مشرقي مهراڻ) جو هڪ جزيرو آهي، هيءُ
حوالو پاتال المعروف ديپ طرف هڪ اشارو آهي. پراڻ
اولهه ۾ درياءَ سنڌ جو مرڪزي وهڪرو آهي، جنهن کي
’اولهه مهراڻ‘ به سڏجي ٿو.
غازي محمد بن قاسم وڌيڪ لکيو آهي ته ”اگر هيءُ
تدبير ڪامياب ٿئي ٿي، ته هر شيءِ آسان ٿي ويندي ۽
اسين پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسون.“ هن
ٺاهه جي نتيجي ۾ غازي محمد بن قاسم ’امان‘ جي
پرواني سان گڏ ونگورته (ونگو) جي جاگير پڻ کين
عنايت ڪئي. ونگو هن وقت ڏيپلو ۽ بدين جي روينيو
حدن تي هڪ ننڍي بستي آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ هڪ ننڍو
درياهي بندرگاهه پڻ هو، جنهن کي سنڌي پتڻ چئبو هو.
ديبل وارن جي مدد سان ۽ راسل جي رهنمائي ۾ ٻن هفتن
اندر غازي محمد بن قاسم راوڙ جي سامهون جئوار جي
علائقي ۾ پهتو، هي جئوار موجود حساب سان نئون ڪوٽ
جي قلعي وارو پٽ آهي، جئوار جي معنيٰ فتح جي جاءِ.
اسلامي لشڪر جي هتي پهچڻ سان ڏاهر جي همت ٽٽي پئي.
ٻن ڏينهن ۾ غازي محمد بن قاسم راوڙ پهچي ويو.
نفسياتي طور راجا ڏاهر شڪست کائي چڪو هو، هن اروڙ
۽ برهمڻ آباد بعد راوڙ ۾ پناهه گاهه ڳوليو، پر ان
جي دفاعي محل وقوع مان به هو مستفيض نه ٿي سگهيو.
هن قلعي کان ٻاهر نڪري مقابلو ڪيو پر صبح کان شام
تائين هيءُ مقابلو ختم ٿيو ۽ ڏکڻ سنڌ جي هيءُ
هيٺاهين وادي توحيد جي پُرنور فضا سان منور ٿي
چڪي. هن معرڪي واري سج لهڻ سان ٻڌن جي مٿان برهمڻ
راڄ جو نفرت آميز سج به لهي چڪو هو. ايندڙ نئين
ڏينهن جو نئون سج هن باهمت، پرامن تهذيب لاءِ امن،
محبت ۽ آزاديءَ جو نئون نياپو کڻي اچڻ لاءِ رات جي
چئن پهرن جي پنڌ تي پهچي چڪو هو. هيءُ نئون نياپو
ويدن جي تعليمات جي مظهر، ٻوڌن جي ترقي پذير
توحيدي تهذيب کي مڪمل ترقي يافته اسلامي تهذيب سان
منور ڪري هميشه لاءِ روشن ڪري ڇڏيو.
هيءُ تهذيبي سفر ڪُرکيتر يدهه المعروف مهاڀارت جي
بغاوت سان شروع ٿي لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار سالن جي طويل
سفر بعد اچي پنهنجي منزلِ مقصود تي پهتو. هيءُ سفر
خود اختياري تهذيبي سفر هو، ڇاڪاڻ ته جنگ ته صرف
ڏاکڻين (هيٺاهين) حصي تائين محدود هئي، وادي جي
اُترئين (مٿاهين) حصي، وسطي ايشيا ۽ درياء آمو ۽
قابل جون واديون پڻ هنن اثرات کان محفوظ نه رهي
سگهيون ۽ ’اذاجاء نصرالله‘ جي نويد هنن علائقن ۾
بغير ڪنهن جنگ جي ظهور پذير ٿي ۽ توحيد جي رنگ
درياء سنڌ جي وادين کان ٻاهر به ڦهلجندو ويو ۽
ويدي ۽ ٻڌ تهذيب جي زير اثر سڀ علائقا اسلامي
سلطنت ۾ شامل ٿي ويا.
تهذيبي تبديلي جا اثرات تمام حيران ڪُن ۽ تعجب جو
باعث هئا ۽ عربن جي سنڌ (هيٺاهين وڏي) ۾ آمد جو
حدف چٽو ۽ محدود هو.
ڪنهن نه ڪنهن طرح اهو عنصر به غالب هو ته ويدن ۽
ٻڌن جون تعليمات نيڪي ۽ تقويٰ ۽ وحدانيت تي مبني
هيون، هن تهذيبي ۽ تعليمي نظام کي برهمڻن جي هٺ
ڌرمي، ظلم ۽ غريبن کي ستائڻ وارن روين هڻي وڃي هنڌ
ڪيو ۽ هي سڀ علائقا پنهنجي خوداختيار خواهش سان
اسلام جي نور سان منور ٿي ويا.
هي فتح سنڌ جوسفر ڪامياب تهذيب انقلاب جو پيش خيمو
ثابت ٿيو، جنهن جو مرڪزي دروازو
(Gate Way)
سنڌو تهذيب جو معرڪته الآرا علائقو پاتال المعروف
ديپ هو. عظيم تهذيبي انقلاب جا معمار ديبل ۽ ٻيٽ
جا وارث ٿيا، جن جي جدوجهد سان ثقافتي انقلاب جي
راهه هموار ٿي، ۽ انهيءَ سعادت جي بدولت سنڌ بابت
اسلام جي تاج جي تاجدار ٿي وئي.
سنڌو اتهاس جا ٽي دور آهن، جن ۾ پهريون دور نجي
ثقافت جي قيام سان منسوب ٿيو، ٻيو دور آزادي
خودمختياري، وسعت، تعمير، تجارت، معاشي سماجي ۽
ڌرمي ثقافت جي ترقي پذيري کان ترقي يافته شڪل
اختيار ڪرڻ سان موصوم آهي، ٽيون دور تهذيبي انقلاب
جو دور آهي. ٽنهي دورن ۾ پيش ايندڙ اهم واقعن جو
مرڪز پاتال (پاتار) المعروف ديپ جو علائقو رهيو
آهي.
مرحوم علي احمد بروهي جي اندازاً کي اگر زميني
حقائق جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته پاتل
(پاتال)، بار بريڪانس بعد المعروف ديبل يا ديپ،
سڪاديپ عظيم تهذيبي روايات جي امانتدار سرزمين سنڌ
جو هڪ ننڍو مگر بيش قدر علائقو هو، جنهن ۾ ذڪر ٿيل
تاريخي مقامات قائم ۽ ان سان وابسته راويتون ۽
واقعات وقوع پذير ٿيا.
مرحوم بروهي صاحب جي وضاحت موجب لفظ ديبل ۽ ڏيپلو
لسانياتي ۽ جاگرافيائي تبديلين جي شڪل آهي، جنهن
جو بنيادي ماخذ ’ديپ‘ آهي، جيڪو رياست سڪاديپ جي
لاءِ نهايت خوبصورت حوالو آهي. رياست جي نالي ۾
قوم جي قبائلي شناخت پڻ شامل آهي. اهڙيطرح رياست
جو نالو قبائلي شناخت ۽ علائقي جي جاگرافيائي نالي
جو مرڪب آهي.
مرحوم بروهي صاحب ’ديبل‘ جي قوم ڏانهن اشارو ڪندي
انهي امڪان جو اظهار ڪيو آهي ته موجوده شهر
’ڏيپلو‘، اُن قوم ديبل جي سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ بعد ٻيهر
آباد ڪيو آهي. لهٰذا اهو امڪان قوم جي پيش منظر جي
بهتر وضاحت آهي، جڏهن ته مٿي بيان ڪيل تاريخي
روايتون انهيءَ جو پس منظر چڱيءَ طرح واضح ڪن
ٿيون. انهيءَ لحاظ کان ڏيپلو ان قوم جي قديم
روايتن جي عظيم نشاني آهي. اڄ هيءُ قوم نظرياتي
طور تي ’ڏيپلي‘ کي پنهنجي نالي جو مرڪب ۽ تعارف جو
اهم جز سمجهي ٿي.
’ديبل‘ جنهن جو ماخذ ’ديپ‘ آهي، اُهو ڏيپلو جو اصل
روپ آهي ۽ سن 712ع جي ڪتابن ۾ به لکيل نظر اچي ٿو،
تحريري تاريخ جي حساب سان هن لفظ جي ڄمار ٻارنهن
سئو سالن کان مٿي آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
بندرگاهه ’بار بريڪانس‘ تجارت جي لحاظ کان ’سٿين‘
جي دور ۾ عروج کي پهتو. انهيءَ زماني ۾ عربن به
پنهنجي واپار جو رُخ هن بندرگاهه ڏانهن ڪيو ۽
بندرگاهه جو نالو انهن وٽ به جاگرافيائي نالي سان
رواج ۾ آيو. انهيءَ بنياد تي ئي عرب مورخين ’چچ
نامه‘ ۾ به ساڳي نالي ’ديبل‘ کي آندو. انهيءَ لحاظ
کان ’نالي‘ جي قدامت اڃان 712ع کان قديم بيهي ٿي.
هن قديمي شهر کي جنهن جي نالي تي اسان هيڏو مدلل
بحث ڪيو آهي ان کي هڪ غريب هريجن جي نالي منسوب
ڪرڻ ۽ ان کي ’لوءِ‘ جي لفظ جي نامناسب پڇاڙي لڳائڻ
جيڪا ڪنهن به طرح نه هريجن ’ڪلچر‘ جي لساني،
تهذيبي ۽ مذهبي بيهڪ جو حصو آهي ۽ نه وري
جاگرافيائي طور ’ٿر‘ خواه
’لاڙ‘ جي علائقن ۾ مستعمل آهي. هيءُلفظ ’لوءِ‘
جنهن ۾ پيار ۽ عقيدت جو عنصر شامل آهي اُهو سنڌ جي
اُترين علائقن ۾ ئي جهجهو استعمال ٿيل آهي. انهيءَ
جي برعڪس هن علائقي ۾ پاڻيءَ جي نسبت سان سر،
واءِ، ويرو، تلاِ وغيره جا لفظ اڪثر استعمال ٿيا
آهن، جن جي قدامت به پاڻي جي امڪاني تبديلي جيتري
آهي. جنهن لاءِ شاهه صاحب فرمايو ته:
”سَر سُڪو سونگي گيا“
يعني پاڻي جي وڃڻ سان يا سُڪڻ سان آبادي جو نالو
به تبديل ٿيو. هن پاڻي جي وهڪرن جي نشاني يعني
بندرگاهن جي قدامت کي ايترو سطحي سمجهڻ تاريخي
معلومات نه هئڻ، سبب آهي ۽ نه وري انهيءَ قدامت کي
سمجهڻ جي ڪوششش پڻ ڪئي آهي.
فتحنامه سنڌ عرف چچ نامه ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، فوربس جي حوالي سان لکيو آهي ته هيءُ روايت
بحواله هوڙي والا آهي جنهن موجب 1924ع تائين
هندستاني سماج ۾ هريجنن ۽ شودرن کي اعليٰ جاتي
وارن طرفان ملڪيتن رکڻ جو حق ئي نه هو، نه صرف
ملڪيت رکڻ جو حق نه هو پر انتهائي ناانصافي وارا
رويا اختيار ڪيل هئا. فوربس ته راجپوتن طرفان جيڪي
طور طريقا هنن غريب ذاتين (جن کي ’اُڇوٿ‘
يا ’شودر‘ جهڙي توهين انساني واري ٽائيٽل سان سڏيو
ويو) سان روا رکيا هئا انهن جا درد انگيز داستان
کولي بيان ڪيا آهن. ڊاڪٽر ’امبيڊيڪر‘ جيڪو شودرن ۽
هريجنن جو ليڊر هو، انهن فوربس جي بيان ڪيل سڀني
ڳالهين جي تصديق پڻ ڪئي آهي. انهي ’اڇوت‘
پسمنظر واري ڪلچر ’ڏيپلو جي ’ڏيپو-لوءِ‘ واري
وضاحت ڪنهن به طرح غير تاريخي ۽ غير تحقيقي آهي.
معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ’ڪائو ڪمايوم‘
ڏيپولوءِ واري روايت سان گڏ ’ديپ‘ واري روايت جو
پڻ ذڪر ڪيو آهي.
مٿي بيان ڪيل حقيقتن ۽ روايتن جي روشنيءَ ۾ بروهي
صاحب جون ٻئي ڳالهيون روزِ روشن جيئن چٽيون ۽
نمايان آهن ته ڏيپلو يا ديبل، ديپ ۽ سڪاديپ جي
جاگرافيائي شناخت سان منسوب حقيقت آهي، انهيءَ جا
قديم خواه جديد دور جا باني
’ميمڻ‘ قوم سان تعلق رکن ٿا.
تاريخي روايتن ۽ تحقيقي مواد جي روشني ۾ اِها
ڳالهه واضع آهي ته ڏيپلو نه ڪنهن هاري ناري جي
زمين تي قائم ٿيو ۽ نه ڪنهن جي نالي سان منسوب
آهي. هيءُ شهر پنهنجي پسمنظر ۾ عظيم تهذيب، تاريخ،
ثقافت ۽ اتهاس جي روايتن جو امين آهي.
ڏيپلو عظيم عقائد، نظريات، فلسفه، تاريخ ۽ عظمت جي
لاجواب نشانات جو مظهر آهي.
هن سڄي تاريخي بحث کي تسلسل سان بيان ڪرڻ لاءِ
اسان مشهورِ زمانه ۽ پري پري جي علائقن جي مصنفين
جي تصنيفات مان استفادو ڪيو آهي ۽ انهن جا بيان
ڏنا آهن. انهن قابلِ اعتبار تصنيفات ۾ ڏهين صدي
قبل مسيح کان اَٺين صدي قبل مسيح جا ويد، پنجين
صدي قبل مسيح جا مذهبي پُستڪ خاص ڪري پارسي مذهبي
ڪتاب ’بنڌش‘، مهاڀارت، هندي مهاڀاشا جو پنجتلي، ٻڌ
ڌرم جو ’ٻڌ جا گفتا‘ سنسڪرت جا چارئي پِراڻ (وشنو،
وايون، متسيه ۽ مارڪنڊ پراڻ) سڪندراعظم کان پهرين
۽ پوءِ جي يوناني محققن جا ڪتاب جن ۾ عظيم مـؤرخ
هيروڊوٽس شامل آهي. اهڙي طرح نائين کان يارهين صدي
جي عرب مورخن، تاريخدانن ۽ جاگرافيدانن جون
تصنيفات پڻ رهنما رهيون آهن. جن ۾ يعقوب الحموي،
ابراهيم الاصطخري، البلاذري ۽ البيروني (ڪتاب
الهند) شامل آهن. ان کان پوءِ وري ماهر آثار قديمه
جي تصنيفات جو دور آهن جن ۾ اهڙا ماهرينِ آثار
قديمه پڻ شامل آهن جن قديم آثارن جي کوٽائي پڻ
ڪرائي. ماهرِ آثار قديمه سان گڏ انجنيئرن جي
روايتن ۽ ڪتابن جي مطالعي ۽ مشاهدي مان به استفادو
ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ تاريخ جي جديد دور جي
محققين جي ڪتابن جو پڻ مطالعو شامل آهي جن ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، ايم.ايڇ پنهور، ڊاڪٽر لئمبرڪ،
محترم معمور يوسفاڻي، محترم علي احمد بروهي ۽ ٻين
محققين جا تحقيقي ڪتاب، مضمون ۽ مقالا شامل آهن.
حرفِ آخر:
محترم عبدالرزاق الديبلي صاحب جنهن محبت ۽ محنت
سان هي تحرير رقم ڪئي آهي، ان جو قدر ڪرڻ لازمي
آهي. اسان سندس جرائتمندانه تحرير جو ترجمو ڪرڻ
وقت به اهو محسوس ڪيو ته هن نوجوان وٽ اختلافِ
راءِ رکڻ ۽ مدلل جواز رکڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات آهي.
تاريخ جي هن محل وقوع جي اختلافي موضوع تي سندس
تفصيلي بحث قابلِ غور آهي. ڏيپلي کي ديبل جي
پسمنظر ۾ هن وقت تائين ڪنهن به محقق لکيو ناهي،
سواءِ ڪنهن اشارن ڪناين جي، جن محققن ڀنڀور کي
ديبل ناهي مڃيو، انهن به ڪو نعم البدل نه ڏنو آهي،
انهيءَ لحاظ کان هيءَ پهرين ڪوشش چئجي. هن بحث جي
پس منظر ۾ جن ٻين قديم وهڪرن ۽ آثارن تي تاريخن ۾
بحث آهي انهن جا محل وقوع ظاهر ڪرڻ تي تحقيق ڪرڻ
گهرجي.
اسان ديبل جي هن اهم موضوع تي سندس نقطئه نظر
پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي، جيڪو تحقيق لاءِ نوان
دروازا کولي ٿو. ساڻس اختلاف راءِ ته رکي سگهجي
ٿي، پر سندس محنت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ٻي
طرف سندس هن تاريخي بحث کي بنياد بنائي اڃان وڌائي
پڻ سگهجي ٿو. (مترجم)
احمد خان ڪيريو
وهرو شريف
ٿرپارڪر ضلعي جا فنڪار ۽ انهن جو فن
فنڪار لفظ وسيع ۽ وڏي معنيٰ رکي ٿو، جنهن ۾ ايترا
ته فن اچي وڃن ٿا، جن جي وضاحت لاءِ ڪئين ڪتاب لکڻ
جي ضرورت پوندي. هتي مون فنڪار جو دائرو مختصر ۽
محدود ڪندي پنهنجي هن ننڍڙي مقالي ۾ فقط انهن
فنڪارن جي جهلڪ پيش ڪئي آهي، جيڪي ساز، آواز ۽ ناچ
سان واسطو رکن ٿا.
هن وسيع ڪائنات ۾ جيڪڏهن غور ۽ فڪر سان ڏٺو وڃي،
ته اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته سڀني مخلوقن ۾ حضرت انسان
ئي اهڙي مخلوق آهي جنهن پنهنجي آواز جي طاقت سان
سڀني ساهوارن تي فاتح بنيو آهي ۽ هن مختلف موقعن ۽
مهلن لاءِ آواز کي لاهي چاڙهي هلڪو يا ڳرو ڪري ان
کان ڪم ورتو آهي ۽ سندس انهيء ڪاريگريء ڪري آواز
تي جدا جدا نالا پيا آهن
جيئن: هڪلون، دڙڪا، رڙيون، ڪوڪون، واڪا، سڏ،
تنوارون، نالون، ڪوڪارون، ٻچڪارون، سينڍون، سر ۽
راڳ وغيره.
انسان جڏهن مختلف جانورن جي آوازن ۽ ڪائناتي سرن
کي ٻڌو ته هن کي انهن ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ هن اهڙا
آواز ۽ سُر ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪندي پنهنجن عضون جهڙوڪ:
وات، نڪ، نڙي ۽ هٿن ذريعي مختلف سُر ۽ آواز ڪڍيا.
هن جڏهن پنهنجي وات تي هٿ هڻي ڏٺو ته اندران پور
مان هڪ قسم جو آواز نڪتو جنهن کي ٻڌي هن اهو
پروڙيو ته پوريون شيون وڄنديون آهن. ۽ پوءِ هن
اهڙيون پوريون شيون ٺاهي، وڄائڻ جي ڪوشش ۾ سڀ کان
پهرين مٽيءَ منجهان ”بوڙينڊو“
ٺاهيو، جيڪو هِن ڪائنات جو پهريون ساز آهي.
هن جڏهن پنهنجي نڪ جي ٻنهي ڦرڻين تي آڱريون رکي
انهن کي، واري واري سان کوليو ۽ بند ڪيو ته هن کي
انهن مان مختلف نمونن جا سر نڪرندا معلوم ٿيا ۽ هن
بوڙينڊي کي به اهڙا ٻه سوراخ ڪري وڄائڻ شروع ڪيو
ته اهو اڳوڻي کان وڌيڪ سٺو وڄڻ لڳو.
حضرت انسان، جڏهن ڪنگور جي ڪاٺيءَ کي پورو ڏٺو،
تڏهن ان کي ڦوڪي، منجهس هوا ڀري، وڄايائين ۽ اڳتي
هلي ان کي پهريائين ٻه ۽ پوءِ وڌيڪ سوراخ ڪڍي ٻيو
نمبر ساز بنائي وڄائڻ شروع ڪيائين. جنهن جو
شروعاتي نالو ’ڪاني‘ پوءِ’نڙاٽي‘
۽ وڏي ڪانيءَ جو نالو ’نڙ‘ مشهور ٿيو.
هاڻي ثابت ٿيو ته انسان جي شروعاتي کوجنا ساز
’بوڙينڊو‘ ۽ ڪاني ئي آهين. جن تان نقل ڪري، اڳتي
هلي، ڦير ڦار ۽ گهٽ وڌائيءَ سان هن ٻيا ساز ٺاهيا،
جن مان بوڙينڊي سان مائٽي وارا ساز آهن: دلو، ڀير،
طبلو ۽ نغارو وغيره جيڪي ٻيءَ منزل تي دُهل ۽ ڍولڪ
پڻ ٺهيا. اهڙي طرح ’ڪانيءَ‘ سان مناسبت وارا ساز
آهن: بين، نڙ، شرناءِ، مُرلي ۽ پاوا وغيره
اڳتي هلي انسان، جڏهن ٻئن سازن سان گڏ ٻئي هٿ
ملائي ’تاڙي‘ ايجاد ڪئي ته هن انهيءَ نموني تي ساز
پڻ ٺاهيا، جن ۾ شروعاتي ساز آهي ”چپڙيون“
جيڪو سڌرڻ کان پوءِ ’کڙتال‘ سڏجڻ ۾ آيون. لوهه
واري دور ۾ ان سان مناسبت رکندڙ ساز ڪانسيا،
جانجهه وغيره پڻ وجود ۾ آيا.
انسان جڏهن وات کولي پنهنجي هيٺين چپ کي آڱر سان
ڇيڙيو ته منجهانئس عجيب سُر نڪتا، جنهن کي ڏسي،
هُن پورين شين جي مٿان جانورن جا آنڊا ٻڌي وڄائڻ
شروع ڪيو جنهن ۾ هن ڪوشش ڪندي ڪدوءَ ۽ جاندارن جي
آنڊي جي ميلاپ سان شروعاتي ساز ٺاهيو، جيڪو اڳتي
هلي سڌريل دور ۾ ڪيتريون ئي شڪليون اختيار ڪري
ويو. جيئن يڪتارو، دنبوري، تنبورو، ڪماچ، سرندو،
سُر منڊل ۽ سارنگي وغيره.
سازن ۽ سُرن جي انهي ايجاد ۽ ڪائناتي مطالعي کان
پوءِ جڏهن حضرت انسانَ آواز جو اونهو مطالعو ڪيو
ته هن کي اهو ٻن قسمن جو معلوم ٿيو، جن مان پهريون
قسم اُهو آواز هو جيڪو هُن وات، نڪ، ۽ ڪن بند ڪرڻ
کان پوءِ به ڪنهن نموني ٻڌو پئي ۽ هُن انهيءَ آواز
جو نالو ’الاهي آواز رکيو.‘ ۽ آواز جو ٻيو قسم اهو
هو جيڪو ’چرپر‘ سان پيدا ٿيو ٿي جنهن کي هن
’ڪائناتي‘ يا ’غيرالاهي‘ آواز ڪوٺيو. جنهن ۾ هوا
جي چرپر ۽ سڀني ساهوارن جا آواز اچي ويا ٿي.
اڳتي هلي ڪائناتي آوازن ۾ جڏهن هُن پنهنجي آواز ۽
ٻين جاندارن جي آوازن جي ڀيٽ ڪئي تڏهن هن پنهنجي
خداداد لياقت ۽ کوجنا جي ذريعي مور جي آواز مان
سُر، پپيهي جي آواز مان رکَبُ، ٻڪريءَ جي ٻيٻراٽ
مان گنڌارِ ڪونج جي ڪڻڪ مان مڌم، ڪوئل جي ڪوڪو مان
پَنچَم، ڏيڏر جي ٽران ٽران مان دَهوت ۽ هاٿيءَ جي
رڙ مان نَکاد ايجاد ڪيا. جيڪي راڳ جا ست سر ڪوٺجڻ
۾ اچن ٿا، جن ۾ انساني عضون مان پيٽ، نڙي، تارون،
۽ ٻاويهه رڳُون استعمال ٿين ٿيون ۽ انهن منجهان به
رڳ نمبر 5- 6- 16 ۽ 19 خاموش آهن ۽ باقي ارڙهن
رڳون سُر ڏيندڙ آهن، جن جي مدد سان دنيا جي سڀ
راڳداري وجود ۾ آئي آهي ۽ اڳتي پيئي وڌي.
ساز ۽ آواز جي شروعاتي ۽ مختصر تعارف کان پوءِ
آئون پنهنجي مقالي جي عنوان ڏانهن موٽان ٿو، جنهن
۾ مون کي ’ٿرپارڪر ضلعي‘ جي سازائين، راڳائن ۽
ناچن بابت ڪجهه چوڻو آهي.
’ٿرپارڪر ضلعو‘ سنڌ جو سڀ کان آڳاٽو وسايل اُهو
پَٽ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي پراڻي تهذيب جا نمونا ۽
نشان ايتري ته انداز ۾ ملن ٿا جيترا ٻئي هنڌ ڪٿي
به ڪونه آهن.
هن خطي جي زمين، اُها ڀليري ۽ برڪتن ڀري ڀُون آهي.
جتي سنڌ جي گهڻي کان گهڻن سخين، ڏاتارن، جوڌن ۽
جُنگن جنم ورتو. جن جي درن تي ۽ رهاڻين ۾ سدائين
منگتن، ڀاٽن، ڀانن ۽ چارڻن جا ميڙ ڏسبا هئا. جن
بابت اسان جي روايتي تاريخ ۾ ڪيئن ڪهاڻيون مشهور
آهن.
هن خطي جي چارڻن نه رڳو شاعر شاعريءَ جي ذريعي
ڏاتارن، جوڌن، ۽ سورهين جا ڳُڻ ڳايا هئا، پر هنن
آواز جي آلاپ ۽ تند جي تنوار سان سوين راجائن ۽
نوابن کي نمائي رکيو.
هن علائقي جا چارڻ ۽ ڀان نه رڳو فنڪار هئا، پر
اُهي اهڙا پهتل شخص پڻ هئا، جن جا تارُن جي جهان ۾
نڪتل ٻول تلوار ۽ تير کان گهڻو تيز هوندا هئا.
انهي ڪري وقت جا حاڪم پنهنجن مخالفن کان ايترو ڪين
ڊڄندا هئا، جيترو هو سُرندي ۽ ڪماچ واري چارڻ ۽
ڀان کان ڊڄندا هئا. اهوئي سبب هو جو انهن منگتن،
چارڻن ۽ ڀانن کي فقير سڏيو ويو ۽ واقعي هُو اهڙا
فقير ثابت ٿيا، جن جذبي واري حالت ۾ اچي ڪجهه چيو
ته تاريخ ئي بدلجي ويئي. ۽ سندن انهن ٻولن جو نالو
شاعري جي دنيا ۾ ’پيشنگويون ۽ پاراتا‘ مشهور ٿيو.
هن ضلعي ۾ راڳداريءَ جي وڌڻ جو ڪارڻ اهي راجا،
امير ۽ نواب پڻ آهن، جن جي دربارين ۾ ۽ درن تي
سدائين سازن جي ’ران ران‘ ۽ راڳ رهاڻ متل هوندي
هئي، جن بابت اهڃاڻ ۽ اشارا ’شاهه عنات رضوي ۽
لاکيڻي لطيف ۽ ٻين جي ڪلام ۾ عام آهن. عرب دور ۽
سومرا دور ۾ هتي جيڪي فنڪار هئا، انهن مان سمنگ
چارڻ ۽ ڀاڳوپان مشهور هئا، جن مان سمنگ بابت ڀٽ
ڌڻيء جي ڪلام ۾ اجهو هيئن اشارا آهن.
”سپڙ رات ’سمنگيا‘، ڏکيا ڏاڻ ڏسن“
يا
”سڀ سوالي سمنگيا، داتا ڏيئي دان“
سمنگ کي هن ضلعي جي عظيم شاعر
’صوفي صديق فقير ”صادق“ به اجهو هيئن ياد فرمايو
آهي ته:
”چارڻ چوٽاڻيءَ مڻي، وئين سمنگ سٽي،
ساز ڌارج سٿرو، مڱڻهار مٽي.“
هتي جي سڄاڻ ماڻهن ۽ جهونڙن جي روايت موجب سمنگ
نالي سان هتي ٻه فنڪار مشهور ٿيا، جن مان پهريون
ڏهين صدي عيسويءَ جو مشهور فنڪار هو جنهن ’سپڙ
چوٽاڻي‘، ’وڪئي پنواڻي‘ ۽ ’لاکي ڦلاڻي‘ جي دربارين
۾ ڳايو. ۽ ٻيو سمنگ چوڏهين صديءَ عيسويءَ جي آخر ۽
پندرهين صديءَ جي شروع ۾ مشهور ٿيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين قديم شاعرن جي ڪلام ۾
ڀانن جو ذڪر عام اچي ٿو جن بابت اهو مشهور آهي ته
اهي سڀيئي اهڙا فقير ۽ فنڪار هئا، جن جو ’وهاڳ‘
اڃا تائين مشهور آهي.
ڀانن جي اها عادت هوندي هئي ته، اُهي اسر مهل
ڪينرو کڻي ڪنهن سخيءَ يا سورهيه جي در تي وڃي
وڄائيندا هئا ۽ ڪيرت ڪندا هئا. جنهن ۾ هُو انهيءَ
سورهيه جي وڏن جا گُڻ شجرو ۽ تاريخ بيان ڪرڻ سان
گڏوگڏ گهر ڌڻي کي دعا به ڪندا هئا، جيڪا ٻڌي
گهرڌڃاڻي ڌؤنري جو وٽو ڀري اچي ڀان کي ڏيندي هئي ۽
چوندي هئي ته:
’تند تمهاري تان، ڪهيو سو قبول پيو.“
گهر ڌڃاڻيءَ هٿان فقير کي ڌونرو ملڻ واري رسم کي
’وهاڳ ملڻ‘ چئبو هو جنهن بعد فقير کي اهو اطمينان
ٿي ويندو هو ته منهنجو آواز گهر ڌڻيءَ تائين پهتو.
ڀان جي اها عادت تاريخي ۽ روايتي هئي، جنهن بابت
کيس ڀٽ ڌڻي به اجهو هيئن ٿو نصيحت ڪري ته:
”کڙهه اڳيان کَپُ، ڏهاڙي ڏاتار جي،
لنگها لاهه مَ لِک سين، مٿان چانئٺ چپُ
مڱڻهارن مَپُ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ريء“
ڪيرت واري رِيت کان جيڪي پاسي هئا ۽ ڪيرت ڪرڻ کان
ڪيٻائيندا هئا يا ڪيرت ۾ سُستي ڪندا هئا تن کي
لاکيڻي لطيف اجهو هيئن چيو آهي ته:
”ايء نه ڀانن ڀير جيئن ڪينر ڪيريء ٽنگيو،
سونهاري صبح سيين وجهي ويٺين وير،
ڪيرت ڌارن ڪير، توکي چوندو مڱڻو.“
ڪيرت ۽ وهاڳ ڀانن جو ڏاج هو. جنهن بابت لاکيڻي
لطيف ’وهاڳ‘ جو ذڪر ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي ۽ هو
هڪ وائيء ۾ فرمائي ٿو ته:
ورچي تون ’وهاڳ‘ کان، متان ڏيئن ٻاهين،
در داتا، مڱ مڱڻا، انڌا، هوئج اوڏاهين،
ماڻڪ موتي، مال خزانا، ڏيندو ٻيلي سائين.....“
ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
”اُڀريو تارو، اٿي ور ’وهاڳ‘ ڏي
سپڙ ريسارو، چِتا پرکي چارڻين“
وهاڳ واري رسم ٻن پاسن ۾ ورهايل هئي جنهن ۾ پهريون
طرف هو ”وهاڳ ڏيڻ“ جنهن ۾ مڱڻهار يا ڀان پرهه مهل
اٿي سخي يا ڏاتارجي در تي وڃي ساز وڄائيندو هو ۽
ڪيرت ڪندو هو. جنهن بابت ڀٽ ڌڻي اجهو هيئن چيو آهي
ته:
”ڏنائون ڏاتار کي وڏيءَ وير وهاڳ،
صبح جو سهاڳ مڱڻهارن ماڻيو.“
۽ ٻيو پاسو هو ڪيرت ڪرڻ کان پوءِ گهر ڌڃاڻيءَ کان
ڌؤنري جو وٽو وٺڻ ۽ ان بعد گهر ڌڻيءَ کان لاڳ لهڻ
جنهن کي ’وهاڳ ملڻ‘ چئبو هو.
وهاڳ واري ريت ۾ ڌؤنري جو وٽو وٺي جڏهن ڀانُ فقير
ماٺ ڪري وهندو هو، ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو
جو گهر ڌڃاڻي موٽي فقير کي اچي چوندي هئي ته:
”ميان مهربان چوري چنگ چئيج تون.“
ڀانن فقيرن جي اها عادت هوندي هئي جو اُهي پرهه
کان وٺي فقط سج اڀري تائين ڪيرت ڪندا هئا ۽ وهاڳ
وٺندا هئا. سندن انهيءَ روش کان متاثر ٿي لاکيڻي
لطيف ڀانن واري سر جو نالو ئي رکي ڇڏيو ”ڀرڀاتي“.
جنهن ۾ وهاڳ جو بيان به اچي وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف حضرت
”صادق صوفيءَ“ انهيءَ سُر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٻه
جدا سر بنائي ڇڏيا، جيڪي آهن ”پرڀاتي ۽ وهاڳڙو“
انهن سُرن ۾ ڀانن جي ساز کي مختلف نالا به ڏنا ويا
آهن ۽ ان جي مختلف سازن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي
جيئن: ڪماچ، سرندو، ڪينرو، سُرود، چنگ، بين،
تنبير، واڄو وغيره جيڪي سڀيئي تند وارا ساز آهن.
موسيقيءَ جي دنيا ۾ تند وارن سازن کي سڀني سازن
کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي ڇو جو تند جي ذريعي جيڪي
سر نڪرن ٿا سي اهڙا آهن جيڪي ستل جذبن کي اٿارين ۽
مئل دلين کي جيارين ٿا. اهوئي سبب آهي جو راڳ کي
روح جي غذا ڪوٺيو ويو آهي. ۽ اسان جي شاعرن پڻ
تشبيهن ۽ استعارن ۾ جيترو تند جو ۽ تند وارن سازن
جو ذڪر ڪيو آهي اوترو ٻئي ڪنهن به ساز جو ڪونه
آهي. جيئن ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
’تندون جي طلب جون، سي وحدت سر وڄن‘
يا
’تن ۾ تند تنوار، سدا سپيرين جي‘
اهڙي طرح گرهوڙي گهوٽ“ فرمائي ٿو ته:
’تند توڪل جي لهان، ڪر مون لک لڌا‘
تند وارن سازن ۾ هتي گهڻي ڀاڱي فقط ڪماچ ۽ سرندو
مشهور ساز آهن.، جيڪي اڄ به هن خطي جي فقيرن وٽ
ڏسڻ ۾ اچن ٿا جن بعد دنبوري، تنبور، يڪتارو، ۽
سارنگي هن پٽ جي فنڪارن جا ساز آهن. جيڪي سدائين
سندن ڪلهن ۾ لڙڪيل ڏسبا آهن.
تارن وارن سازن کان پوءِ ’ٻيو نمبر‘ ڦوڪ وارن سازن
جو آهي جن ۾ ’بوڙينڊو‘ ۽ ’ڪافي‘ هن خطي جا پراڻا
ساز چيا وڃن ٿا جن کان پوءِ ’بانسري‘، نڙ، مرليون،
پاوا، بينون ۽ شرناء هتي جا عام ساز آهن.
اهڙي طرح ڀرتي وارن سازن ۾ دِلو، ڍولڪي، کڙتالون،
ڪانسيا، جانجهه، ٽليون، ڇير ۽ چمٽو اچي وڃن ٿا،
جيڪي فقط مددي ساز آهن ۽ کين انفرادي حيثيت ڪانهي.
مٿين سازن کان سواءِ دُهل، اهڙو ساز آهي جيڪو مددي
ساز هئڻ سان گڏوگڏ انفرادي حيثيت پڻ رکي ٿو. ۽
قديم زماني ۾ کيس ڀير ڪوٺيو ويندو هو. ۽ ’ڀير تي
ڏونڪو‘ اسان جو پراڻو اصطلاح آهي. جنهن جو ذڪر
’ويدن‘ ۾ پڻ ملي ٿو. ان سان گڏ، ڍولڪ ۽ پڪواز به
هن گروپ جا ساز آهن.
مٿين سازن کان سواءِ هن خطي ۾ ٻيا به ساز آهن،
جيڪي هن وقت گهٽ ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا ۽ اهي آهن. سامي
فقيرن جا ساز ”سنڱيون“ ۽ سنک“ جن جو بيان ڀٽ ڌڻي
اجهو هيئن ڪيو آهي ته:
”سوڌو سنڱڙين سين ڪي جو ڪهيائون،
هوجي هنيائون، آئون نه جيئندي ان ريءَ“
يا
”اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا، پيئي اڏامي رکَ،
سامي کڻي سَنک، وڄائي واٽ ٿيا.“
اهڙيءَ طرح هڪ هلڪو، ننڍو ۽ ٻاراڻو ساز چنگ به
آهي، جنهن کي اڳ ته ڌنارن جو ساز ڪوٺيو ويندو هو،
پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تان ٻڌڻ ۾ به اچي پيو ۽
فلمي ڌنن ۾ به شامل ٿي ويو آهي..
ساز جي جاچ جوچ کان پوءِ جيڪڏهن سازائن جو پيڇو ٿا
ڪريون ته اهي سومرا سما دور کان پوءِ ڪافي وقت ماٺ
۾ ڏسجن ٿا. تنهن جو سبب ڪهڙو هو؟ سو فقط تاريخدان
ئي ٻڌائي سگهندا ۽ آئون فقط اهو عرض ڪندس ته انهي
ماٺ کان پوءِ ”ٽالپور دور“ جي پڇاڙي ۽ انگريز دور
۾ تند جي تنوار وري ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. جنهن ۾ ڪماچ
واري فقيرن ۾ بختو فقير، بلند فقير ڇڪن فقير، نهرو
فقير، ۽ محمد فقير اهڙا فنڪار هئا جن ٻيجل ۽ سمنگ
جي فن کي اسان تائين پهچايو. جن مان محمد فقير جا
ٻه رڪارڊ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ ٻڌجڻ ۾ اچن
ٿا. اهڙي طرح ڪماچ جي موجوده فنڪارن ۾ برهام فقير،
خيرو فقير، بيکو فقير، ۽ شادي فقير سدا ملوڪ فنڪار
آهن، جن مان شادي فقير ريڊئي ۽ ٽي.ويءَ جو بهترين
فنڪار ليکيو وڃي ٿو.
ڪماچ کي ڀٽ ڌڻي اجهو هيئن ياد ڪيو آهي ته:
”ڪَهان جو ڪماچ سين، سوسڻ سٻاجهي ڪن“
ڪماچ کان پوءِ هن علائقي جي فنڪارن جو مشهور ۽
مقبول ساز سُرندو آهي جيڪو اصل ۾ ڪماچ جي ترقي
يافته شڪل ۽ سڌريل صورت آهي. جنهن جي تارن جي
تنوار تي ٻيجل چارڻ، ’راءِ ڏياچ‘ کان سِر ورتو هو.
جنهن جو بيان ڀٽ ڌڻي وٽ اجهو هيئن آهي:
”محلين آيو منگتو ساز کڻي سُرندو،
سِر جي صدا سُر ۾، گهور هڻي گهرندو،
جهوناڳڙهه جهرندو، پوندي جهانء جهروڪ ۾.“
سرندي کي ڪينرو پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، جنهن جو ثبوت پڻ
لطيف سائين وٽان ملي ٿوته:
”جاجڪُ جهوناڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو،
ڪامل ڪڍي ڪينرو تنهن ويهي وڄايو.“
سازن واري ’ماٺ واري مدت‘ کان پوءِ هن علائقي ۾ جن
سرندائي فقيرن جو احوال ملي ٿو سي سڀيئي انگريزن
جي وچ واري دور جا مشهور سرندائي آهن، جن ۾ جمعون
فقير، اهڙو فنڪار هو جنهن کي ٻيجل ثاني ڪوٺيو ويو
۽ کانئس پوءِ سندس شاگرد جيوڻ فقير ۽ عرس فقير پڻ
سنڌ جا ملوڪ فنڪار ٿي گذريا آهن. اهڙيءَ طرح ساڳي
دور جو نَٿوُ فقير پڻ هن فن جو شهنشاهه هو.
ڪماچ ۽ سُرندي جي فنڪارن کان پوءِ ٻين سازن جا
وڄائيندڙ ضمني فنڪارن ۾ شمار ٿين ٿا. جيتوڻيڪ اِهي
پنهنجي فن ۾ وڏي حيثيت جا مالڪ هئا، پر اُهي ضِمني
حصي ۾ انهي ڪري اچن ٿا جو هنن اهو فن ٻاهر جي
فنڪارن کان سکيو هو. اهڙن فنڪارن ۾ همير فقير ستار
نواز، اسماعيل فقير سارنگي نواز، ۽ اسماعيل شرنائي
سٺا فنڪار هئا ۽ کانئن پوءِ الهڏنو فقير سارنگي
نواز، امين فقير آچر فقير برهان فقير، ۽ سومار
فقير شرناني، موجوده دور جا سٺا فنڪار آهن، جن مان
آچر فقير جي پارٽي ريڊيو تي پنهنجي فن مظاهرو پئي
ڪري.
نڙ: نڙ، قديم دور کان وٺي گهڻي ڀاڱي جتن جو ساز
رهيو آهي. جيئن ڀٽ ڌڻي به شاهدي ٿو ڏي ته:
”جو وڄائين جتڙا نه تنهن نڙ جهڙي.“
قديم دور ۾ هتي مصري اوٺاري جيڪو مصري موڏي جي
نالي سان مشهور هو سو نڙ جو وڏو ڪاريگر هو. ۽
ڏانهس منسوب ”ٽُڙ ڙُڙُ ٽُڙ ڙُڙ“ نالي وارو لوڪ
گيت، جيڪو لوڪ ادب جي گيتن واري ڪتاب ۾ به شايع
ٿيل آهي تنهن جي وراڻي ڄڻ ’نڙ‘ جي ڦوڪ آهي.
مُصري موڏي‘ کان پوءِ برطانيه دور ۾ هتي صوفي حاجي
محمد سومرو، مٺو خاصخيلي، همير خاصخيلي، ميرڻ خان
۽ ٻيا ڪيئي نڙائي مشهور هئا. ۽ موجوده دور ۾ مير
محمد خان لنڊ، علي بخش ماڇي، بهار رونجهو ۽ ٻيا
انهي فن کي زندهه رکيو اچن. جن مان مير محمد خان
ريڊئي ۽ ٽي.ويءَ جو ڄاتل سڃاتل فنڪار آهي، جيڪو هڪ
ئي وقت ٽي ساز نڙ، دنبورو ۽ ڇير وڄائي ٿو. جن کان
سواءِ سنڌ جي قديم ساز بوڙينڊي وڄائڻ ۾ به پنهنجو
مٽ پاڻ آهي. اهڙي طرح بينون وڄائيندڙن ۾ ڀڳڙو مل
ڀيل، ڪيروڀيل، مڏيو ڀيل ۽ لونگ ڀيل موجوده دور جا
سٺا فنڪار آهن ۽ انهن سان گڏ هن ئي دور ۾ ڪارو
رونجهو، حمزو رونجهو، علي محمد خان ۽ ٻيا پاون جا
ڪاريگر مڃيا وڃن ٿا.
مُرلي: مرلي جيتوڻيڪ هن خطي جو پراڻو ساز آهي ته
به انهي فن جي پراڻن فنڪارن جا نالا نٿا ملن. شايد
انهي ڪري جو مرلين جا مالڪ يعني جوڳي فقير گهڻو
ڪري سدا مسافر رهيا آهن ۽ انهي فن جي ڄاڻن جا نالا
فقط موجوده دور ۾ مليا آهن. ۽ اُهي به تڏهن جڏهن
جوڳي فقير عمرڪوٽ لڳ پنهنجو نئون ڳوٺ ’جوڳي
ڪالوني‘ ٺاهيو ويٺا آهن. انهن فقيرن مان ڦوٽو
فقير، خميسو فقير، مصري فقير، ۽ ٻيا ڪيئي فقير
پنهنجي فن جا استاد آهن جن مان ڦوٽو فقير، ريڊئي ۽
ٽي.ويءَ جو فنڪار پڻ آهي.
مرليءَ کي هن خطي جي عظيم شاعر صوفي صديق فقير
صادق تمثيل طور اجهو هيئن ڪم آندو آهي.
”جيڪي آهي اڄ، سُڀان ناه ’صديق‘ چئي
واڄي وانگر وڄ مٿي کي ’مرلي‘ ڪري.“
ڀرتيءَ جي سازن مان هن پٽ ۾ راڻو ڀيل، ميوو ڀيل، ۽
وروڀيل کڙتال وڄائڻ ۾ چوٽيء جا فنڪار آهن، جن مان
راڻو ۽ ميوو ٽي.ويءَ تي پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح ڍولڪ وڄائڻ ۾ ’سومار فقير‘
۽، ’الهبچايو فقير‘، ٽلين وڄائڻ ۾ ’موهن گر‘، ۽
ڪانسيا وڄائڻ ۾ ’جيسارام‘ سٺا ڄاڻو آهن.
دهل: دهل، جيتوڻيڪ هن خطي جو قديم ساز آهي تنهن
هوندي به اسان کي دهلاري فقيرن جا نالا فقط
انگريزن جي دور کان ملن ٿا. جن ۾ سومار فقير، عارب
فقير ۽ مڱيو فقير بادشاهه ڪاريگر هئا. ۽ کانئن
پوءِ موجوده دور ۾ جيڪي دهلاري لڀن ٿا تن ۾ جلال
فقير، عثمان فقير، ڪيسو فقير، ۽ شريف بهترين
دهلاري آهن جن جو فن ٻڌڻ لائق آهي.
نون سازن جي سلسلي ۾ هتي گهڻو ڪري فقط ”هارمونيم“
۽ ”بينجو“ استعمال ۾ آيا آهن. جن ۾ هارمونيم کي
انفرادي حيثيت نه هئڻ سبب ان جا وڄائيندڙ به نالي
هيٺ نه آيا باقي بينجي کي انفرادي حيثيت حاصل آهي.
جنهنڪري ان جا وڄائڻ وارا به ڳاڻيٽي ۾ اچي ويا
آهن. هتي ائين به آهي ته اڪثر راڳي هارمونيم پاڻ
وڄائيندا آهن ۽ ڳائيندا به آهن، جيئن اڪبر فقير
مڱڻهار، شادي فقير مڱڻهار، غلام قادر لنجواڻي ۽
ٻيا راڳي.
بينجي نوازن مان سنڌ جو مشهور بينجي نواز ”بلاول
بيلجم“ اصل ۾ هن ضلعي سان واسطو رکي ٿو جنهن بعد
رحمت الله خاصخيلي ۽ خدابخش فقير پڻ هن فن جا سٺا
فنڪار ليکيا وڃن ٿا.
انهن سازن کان پوءِ چنگ اهڙو عام ساز آهي جنهن ۾
هتي ڪوبه فنڪار پنهنجو نرالو فن پيدا ڪري مشهور ٿي
نه سگهيو آهي. اهڙي طرح سِنک ۽ سِنڱيون پڻ عام
فقيراڻا ساز آهن جنهنڪري انهن جا فنڪار پڻ ڳاڻيٽي
۾ ڪونه آيا آهن ۽ نه وري اهي ساز ئي موسيقي ۾ ڪا
جاءِ پيدا ڪري سگهيا آهن.
مٿي سازن جي ذڪر ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته هن خطي جي
ڏاتارن ۽ جوڌن جي درن تي وهاڳ به ٿيندو هو ۽
دربارين ۾ راڳ رهاڻ پڻ متل رهندي هئي. جنهن مان
هتي قديم دور ۾ راڳائن ۽ راڳ جي هئڻ جو ثبوت ملي
ٿو.
راڳ جي پکڙجڻ جو ٻيو سبب هن خطي ۾ هندو ڌرم جي
موجودگي ۽ گهڻائي پڻ آهي جن وٽ راڳ عبادت ۾ شامل
آهي ۽ اهي قديم دور کان پنهنجن عبادت گاهن ۾،
ڀڳوان جي مورتن اڳيان ڳائيندا پيا اچن ۽ اڄ به سنڌ
جي ٻين ضلعن جي مقابلي ۾ هتي مندرن شيوالين، مڙهين
۽ ٽڪاڻن جي گهڻائي آهي جتي سدائين راڳ رنگ جون
محفلون ٿينديون رهن ٿيون.
هندو ڌرم وارن وٽ مشهور وڏن راڳن کي ديوتا تسليم
ڪيو ويو آهي ۽ راڳداريءَ ۾ انهن جون خيالي شڪليون
پڻ ٻڌايون وڃن ٿيون. ۽ ڪي ڳائڻا راڳ جي لاهين
چاڙهين وغيره جي ذريعي ڪافي وقت ڳائڻ کان پوءِ
راڳن جون اهي خيالي شڪليون پڻ تيار ڪندا آهن، پر
هتي جا فنڪار جيڪي اڪثر فقير آهن سي نڪين ڀيرو،
هنڊول ۽ ديپڪ ڳائي سگهن ٿا ۽ نه وري سري راڳ،
ميگهه ۽ مالڪوس سان محبت اٿن. هنن کان جيڪڏهن پڇبو
ته اوهان جي پسند جون ڪهڙيون راڳڻيون آهن ته هُو
ٻڌائيندا: گونڍ ملار، سوئَٻَ، ساميري، سورٺ، جوڳ،
سارنگ، ڪارايل، ديسي ۽ ڌاني وغيره
هرون ڀرون ائين به ڪونه آهي ته اهي فقير ٻيون
راڳڻيون ڪونه ٿا ڄاڻن ۽ کين سُرن جي مهل موقعي جي
خبر ڪونهي. هُو سڀڪجهه ڄاڻندي به اڄاڻ ٿي اهو
چوندا ته ”سائين اسين اي ٽن چار راڳڻين جاڻا ٿا.“
مزي جي ڳالهه اها آهي جو اهي فقير راڳڻي ڇيڙڻ وقت
ان سان واسطيدار مضمون به شروع ڪندا، جنهن مان اهو
ثابت ٿيندو ته انهيءَ راڳڻيءَ جو نالو هيئن مشهور
ٿيو. هُو جڏهن ”گونڍ ملار“ شروع ڪندا. ته پهرين
جيڪو دوهو ڏيندا سو هيٺين طرح هوندو:
ڏوڌ ڪڙهتي ڇوڙيو، پلنگ بِساريو هار
پوتو ڍاريو ’پارڻي‘، سڻيو گونڍ ملار‘
هن جو مطلب هي ته جڏهن ڪنهن عورت ’گونڍ ملار‘ جي
راڳڻي ٻڌي، تڏهن هو ۽ اهڙي ته مدهوش ٿي، جو کير
چلهه تي چڙهيل ڇڏيائين، هار پلنگ تي وساريائين ۽
پٽ پينگهي ۾ وجهي، راڳڻي واري طرف هلي وئي.
اهڙي طرح هن راڳ بابت ٻيو به هڪ ڏوهو مشهور آهي
ته:
سُر اُسريو م ڪڙس بسريو، مگن هوئي نار،
لڳي تاپ بهنگ ڪِي، چلي پتر نان مار.
هن جو مطلب آهي ته، جڏهن ڪٿان گونڍ ملار جو سُر
ڳائجڻ ۾ آيو ۽ اهو ڪنهن عورت ٻڌو، ته اها اهڙي
مستي ۽ مدهوش، مگن ٿي جو هن کي سڀ ڪجهه وسري ويو.
۽ هو جيڪا پٽ هنج تي کڻي، کوهه تان پاڻي ڀرڻ آئي
هئي. سا دلي جي بدران پٽ، کي کوه ۾ واري، ٻوڙي
ماري ويٺي.
ٿري موسيقار جڏهن به ڪا راڳڻي ڇيڙيندا ته ان سان
نسبت وارا ڏوها ضرور چوندا ۽ سر سان گڏ، ڏوهو چئي،
راڳ شروع ڪندا. مثال خاطر، جڏهن اهي سورٺ ڳائيندا
ته پهريون دوهو هيئن چوندا.
سورٺ ’سنڪل ديپ‘ ڪِي، جات بڏي ’پرمار‘
ٻيٽي ’راجا ڀوڄ‘ ڪي، پاڙي ’رتن ڪنڀار‘
ان کانپوءِ نمبر وار ٻيا ’دوها وري هن طرح چوندا:
لکيو، لکئي سين نِي ٽڙي، تاري سمونڊان پار،
منگي انيراءِ سين، پرئي راءِ کنگهار.
سورٺ ڪوٽا اوتري، جانجهرري جهڻڪار،
پڳ ري پايڙ باجئي(1) ڌوڄيو گڍ گرنار.
باڏڻ سين باتان ڪري، اونچو ’گڍ گرنار‘،
’آنٻوگڍ‘ سين آڻيو، سورٺ رو سينگار.
جڪي سنچي سورٺ گهڙي، گهڙيو راء کنگهار،
او سنچا ئي گر ڳيا، لڏي گيا لوهار.
مٿين دوهن ۾ سورٺ جي سونهن جي ساراهه ۽ سندس
زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڻ ڏنو ويو آهي. جنهن سان
گڏ، راءِ کنگهار جي به واکاڻ ڪيل آهي، پر فقير، ڪي
اهڙا دوها به ڏيندا آهن، جن ۾ سورٺ کي نصيحت به
ڪيل آهي ته هوءَ جيڪر ٻيجل جي ٻولن تي موهجي، انکي
راء ڏياچ تائين وڃڻ جي اجازت نه ڏئي ها ته کيس
ائين مرڻو نه پوي ها.
هڪ دوهو آهي ته:
سورٺ، سگڻا مانسان، جوئي ڪجي وهنوار،
روپ گهڻو، گڻ ٻاهرو، اڙگان ٿڪان نان جوار.
هن دوهي جو مطلب آهي ته جن ماڻهن ۾ روپ ۽ سونهن ته
هجي پر گڻ نه هجن ته اهڙن کي پري کان ئي سلام ڪجي.
ڇو ته اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ويجهو اچڻ ڏبو ته
نقصان ئي نقصان آهي. اهڙيءَ طرح سوئٻ جي راڳڻي
ڇيڙڻ وقت آلاپ ڪندا ته:
”سوئَٻَ سَهجُ سينگار، محمد نان منا ئي لي،
آتم رو آڌار، رُوڙو ڪان ريساڻيو“
جنهن جي معنيٰ آهي ’اي سوئٻَ تون سوين سينگار ڪري،
پنهنجي ور محمد کي راضي ڪري وٺ. هُو ته عالم جو
آڌار يعني رَڄُ ۽ سکر هو سو تو کان ڪيئن رُٺو.
پهرين دوهي کان پوءِ جيڪو ٻيو دوهو ڏيندا اهو هن
طرح آهي.
”محمد مون پاس، منگيو، سو نه منگيو،
ڏي نه سگهي ڏاس، بالم سين بيرو پيو.“
هي دوهو سوئٻَ جي طرفان جواب آهي جنهن ۾ هُو چوي
ٿي ته ’محمد مون کان جيڪي گهريو سو جهڙو نه گهريو
هو، ڇو ته هن مون کان ٻانهي گهري جيڪا آئون ڏيئي
نه سگهيس ان ڪري مون سان محبوب جو وير ٿي پيو.
اهڙي طرح ٽيون نمبر دوهو هن طرح هوندو ته:
”چڙي چنچل، پرين ٻِٽڙ، هون ڏاسڻ ڪي ڏاس،
گاڏر ڌار جي اُونُ نان، سامهون چري ڪپاس“
هن دوهي ۾ سوئٻ چوي ٿي منهنجي ٻانهي ’چڙي‘ ڏاڍي
چنچل ۽ حسين آهي ۽ منهنجو پرين ان لاءِ وٽڙيو بيٺو
آهي، هاڻي جيڪڏهن آئون اها ٻانهي پنهنجي محبوب کي
ڏينديس ته آئون ڄڻ ٻانهي جي به ٻانهي بنجي وينديس.
رڍ ان وٺڻ لاءِ ڌاربي آهي، پر جيڪڏهن اها ڪپاهه جي
گهر ڪري ته پوءِ ڇا ڪجي؟
سوئٻ جي راڳڻي پوريا ۽ جوڳ سان ملندڙ آهي. اهڙي
طرح ساميريء جي راڳڻي وري آسا ۽ سارنگي سان ملي
ٿي. ساميري جي راڳڻي ڇيڙيندي هو جيڪو دوهو ڏين ٿا
سو هن طرح آهي:
”ساميري ڏونگر چڙهتي، ڪانَ پر پڙي بَين،
ڪانٽو لاگو پريم رو، گيو سک ني چين.“
جنهن جو مطلب آهي ته ساميري جيئن ڏونگر تي چڙهي
پئي، تيئن هن جي ڪن تي ڪو آواز پيو ۽ هن کي عشق جو
اهڙو ڪنڊو لڳو جو هن جو سک ۽ آرام سڀ هليو ويو.
اهڙي طرح هرهڪ راڳڻيءَ لاءِ مختلف ڏوها ۽ بيت
ڏيندا، راڳڻي ڇيڙيندا هلندا آهن، جيڪا ٻڌڻ سان ئي
پروڙي سگهجي ٿي.
مثال خاطر جڏهن ساميري پرڻجي وڃي ٿي ۽ سندس مڙس
جيڪو سخي ۽ ڏاتار آهي، اهو غريب ٿي وڃي ٿو ۽ کيس
اها ڳڻتي ٿي ٿئي ته ”هاڻ اوطارو ڪيئن هلندو ۽ پوء
هو پيئڻ به ڇڏي ڏئي ٿو. ۽ سندس اهو حال ڏسي،
ساميري کيس چوي ٿي ته:
ڀر پي، ڀراٻ پي، ڀر ڀر باٽڙيان،
ٿارو پيو جي سيلسان، ڪرڪر ڪاتڙيان
يعني تون وٽيون ڀري پيءِ ۽ ڪابه پرواهه نه ڪر،
آئون سٽ تي، تنهنجي لاءِ پيئڻ جو سامان سهيڙيندس.
اهڙيءَ طرح ساميري محنت ڪندي، ڏاڍي ڏٻري ٿي وڃي
ٿي، ۽ سندس اهو حال ڏسي، سندس هڪ سهيلي کانئس پڇي
ٿي ته:
ساميرل، تون ڪيان ڏوٻري، چنتا ڪِي ڪري،
ڪا ٿانرو بالما پر ڏِس ۾، ڪا سپت نهين گهري.
انهيءَ تي ساميري، سهيليء کي جواب ٿي ڏئي ته:
سپت جهاجهي، اوپت ٿوڙي، موٽو پرين رونام،
اس ڪارڻ هون ڏوٻري، مامَرو مارڳ نيڙگام.
انهيءَ تي اها سهيلي، سخاوت ۽ ڏاتار پڻي واري ريت
جي مخالفت ڪندي، ساميريءَ کي چوي ٿي ته:
ٿان نان ’جسپت‘ ٺڳاريو، تون ڪوڙي ڏيک مَ لڳ،
هون جاڻا مريسي پر هي، تون ميٺو ٻول مَ جڳ.
ساميرل تين سنسار ۾ اي ڪي بڻج ڪيو،
جهانپ ناکي هنس نان، ڪوڻو هاٿ پڙيو.
هنن ڏوهن جو مطلب آهي ته تون اها سخاوت واري ريت
ڇڏ، اهو سڀ ڪوڙو ڏيک آهي. تون اهو ڇڏ ۽ ڪنهن سان
به مٺو نه ڳالهاء نه ته مري وينديين.
ساميري، توهي ڪهڙو سودو ڪيو، جو جنهن کي هنس سمجهي
ورتئي، اهو ڪوڻو نڪري پيو.
هن خطي جا فنڪار به سادا، سندن ساز به سادا ۽ سندن
راڳ به سادو جنهن ۾ نڪو سرگم، نڪو ترانو، نڪو خيال
۽ نڪا ڪا ٻي ڳالهه. هنن جي فن ۾ جيڪڏهن ڪا خاصيت
آهي، ته اها آهي ساز جو ۽ آواز جو سوز، جيڪو
ٻڌندڙن کي به پگهرايو ۽ اهڙي محويت جي عالم ۾
پهچايو ڇڏي جتي هنن کي سڀ ڪجهه وسريو وڃي.
مٿي سازن واري بيان ۾ اهو واضح ٿي چڪو آهي ته
’سومرا سما دور‘، کان پوءِ انگريزن جي دور تائين
وارو عرصو ساز ۽ آواز جي ڏس ۾ ماٺ وارو دور رهيو
آهي. ان ڪري هتي سازندن سان گڏِ ڳائڻا به وري
برطانيه دور ۾ ظاهر ٿين ٿا، جن ۾ همير فقير، جمڙو
فقير، هوٿي فقير، جمعون ڪانڙيجو، عيسو فقير،
سليمان ڪورائي، موتي ڀڳت، ڌڻي بخش خاصخيلي، موليٰ
بخش خاصخيلي، خدا بخش شيدي، محراب ڪورائي پليو
ڪورائي، بهاول حاجياڻو، استاد خيرمحمد عرف خيرو،
اميدو ڀڳت، جيوڻي ٻائي، علي بخش بنگلاڻي، رمضان
جسڪاڻي، ماستر موليٰ بخش، ايوب آريسر، جڙيو فقير،
ڦوٽو فقير ۽ مراد فقير، شادي فقير پنهنجي پنهنجي
وقت جا سٺا فنڪار هئا، جن مان استاد خيرمحمد ۽
جيوڻي ٻائي ۽ مراد فقير جا رڪارڊ اڄ به هر شهر ۽
ڳوٺ ۾ موجود آهن اهڙي طرح ڌڻي بخش فقير کي ڪنور
ثاني سڏيو ويو ۽ شادي فقير موجوده دور جو وڏو
فنڪار ڳڻيو ويو ٿي.
موجوده دور ۾، هن خطي جا جيڪي مشهور ڳائڻا ڳڻيا
وڃن ٿا، انهن ۾ امرو ڀڳت، اسحاق ڪارو، مائي ڀاڳي،
دين محمد، موهن ڀڳت ۽ سروپو ڀڳت، ٻڍو فقير، مهراج
ڪشن گر، غلام قادر، مصري فقير مائي حوا، مائي
هاجران چوٽيءَ جا فنڪار آهن جن مان گهڻي ڀاڱي
سڀيئي ريڊيو ۽ ٽي- وي تي ڏسڻ ۾ اچن پيا. انهن
فنڪارن کان سواءِ هن پٽ ۾ ٻيا پڻ ڪيترائي ڳائڻا
موجود آهن، جيڪي ٿرن برن ۾ راڳ رس جون رهاڻيون
رچائيندا رهن ٿا، جن ۾ عالم ڪارو، سبحان فقير،
ميوو فقير، مولو ڀيل، موهن ڀاٽ، اڪبر ٿري، اڪبر
نارائي، نظر فقير، ولي محمد لغاري، غلام محمد
لغاري، لونگ فقير، آچر فقير، رمضان فقير، سالو
فقير، چترو، بصر، رتن ۽ ڏيالوا، يعقوب هاليپوٽو،
راڻو ڀيل، اميدعلي فقير، حسن فقير، جان محمد
ڪورائي، نووپارڪري، شهمير فقير، مٺو فقير، خيرو
فقير، آنند ڪمار پريم ڪمار، پيسومل، پارومل، ڪالو
فقير، خيرو فقير، ماستراڪبر، ابراهيم فقير، عارب
فقير، نهال اوڏ، ڏامون ۽ ستو ڀيل، محمد جمن ساند
دربدر ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جن مان هڪ ٻن کان سواءِ
ٻين کي ريڊيو يا ٽي.ويءَ تي پهچڻ نصيب نه ٿيو آهي.
جيتوڻيڪ هن گروپ ۾ ڪافي اهڙا فنڪار آهن جن جو
ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ تي پهچڻ لازمي آهي.
راڳ جي سلسلي ۾ هتي اهڙا فنڪار پڻ هئا جن تنبورن
تي ۽ يڪتارن تي ڀٽ ڌڻي جو راڳ ڳائي محفلن کي زنده
رکيو. اهڙن فقيرن مان بلال فقير ڪورائي، سرت علي
فقير ڪورائي پنهنجو وارو وڄائي هليا ويا آهن ۽
باقي فنڪارن ۾ هاشم جت ۽ ساٿي انهي فن کي جياريو
بيٺا آهن.
بيتاين جي سلسلي ۾ برطانوي دور ۾ گُلو فقير، ماڻڪ
بنگلاڻي، ۽ مانڱيڻو رونجهو زبردست بيتائي هئا،
جيڪي نڙ تي راتين جون راتيون بيت ڏيندي نه کٽندا
ته نه ٿڪندا هئا. ۽ هن وقت جي بيتاين ۾ سوڍو
لنجواڻي سنڌ جو ملوڪ بيتائي ليکيو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ جهڙيءَ طرح ڀٽائيءَ جو ڪلام تنبورن تي ڳائڻ
۾ مشهور آهي، اهڙي طرح ميران پوري سلسلي جي راڳ ۾
صوفي ”صديق فقير صادق“ جو ڪلام سازن کان سواءِ
ڳائڻ ۾ مشهور آهي. جنهن ۾ هڪ يا ٻه پارٽيون گڏجي
حصو وٺنديون آهن. ۽ اهو راڳ عام طرح ”جهوڪ جي
درگاهه“، ”قاضي احمد صاحب جي درگاهه“ ۽ ”صوفي صديق
فقير جي درگاهه“ تي ڳايو وڃي ٿو. ۽ انهيءَ ڳائپي
جي سلسلي ۾ هتي جي راڳاين مان ”حڪيم عبدالمجيد
خاصخيلي“، ”جمعون خاصخيلي“ ۽ منڱينلڌو خاصخيلي“
مڃيل راڳائي آهن.
سازن کان سواءِ راڳ ڳائڻ جي سلسلي جو وڏو ۽ اهم
حصو مولود خواني آهي، جيڪا هتي به ايترو ئي مقبول
آهي جيترو لاڙ ۾ آهي. انهي ڪري ئي هتي پڻ مولودين
جيون ڪيئي ٻاريون مشهور ٿيون جن جي اڳواڻن کي سنڌ
ملوڪ مولودي ڪوٺيو ويو. اهڙن مولودين ۾ ورثو
هاليپوٽو، ڪانڊيرو ماڇي، محمد عارف پلي، اسماعيل
ماڇي، حاجي صالح ڪنڀار، محمد عمر پلي ۽ حاجي الودو
ڪنڀار پهرين جوڙ جا مولودي هئا، جن سان گڏ ٻي جوڙ
جي مولودين ۾ وري يعقوب هاليپوٽو، حبيب هاليپوٽو،
مبارڪ ماڇي، سونهارو ڪنڀار ۽ محمد حسن پلي بهترين
مولودي هئا. جن جون رهاڻيون ۽ مجلسون ياد ڪري اڄ
به هن پٽ جا جهونڙا روئي پوندا آهن.
موجوده دور ۾ جيڪي مشهور ۽ مقبول مولودي آهن تن ۾
خان محمد پلي، محمد عالم ماڇي، پپر ٿيٻو چوٽي جا
مولود خوان آهن. جن کان پوءِ ٻي جوڙ جي مولودين ۾
ملار نکرچ، سانوڻ هاليپوٽو، حمزو پلي، قبول
هاليپوٽو، محمد رمضان رند، محمد بخش چانڊيو، جيئو
ڪنڀار، اسدالله پلي، ميرو ماڇي، سخي محمد ماڇي،
الياس ڪنڀار، موچار ٿيٻو، الهڏتو ڪهيري، محمد عمر
ڪوري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جيڪي انهي فن کي زنده رکيو
ويٺا آهن ۽ انهن کان سواءِ هتي مولودين جيون ٻيون
پڻ ڪافي ننڍيون ننڍيون ٻاريون موجود آهن جيڪي پڻ
انهي فن کي دائم قائم رکڻ ۾ حصيدار آهن.
اهڙي طرح جهنگن ۾، واهڻن ۾، ڀٽن تي، ڏهرن ۾ ڪيترا
اهڙا گلوڪار لڀندا جيڪي سازن کان سواءِ ڪافيون ۽
لوڪ گيت ڳائيندا ڏسبا آهن، جيڪي پنهنجي مٺي ۽
سوزيلي آواز جي هوند سبب نه ڪنهن ساز جا محتاج آهن
۽ نه ڪنهن ٻي ڳالهه جي پرواهه اٿن، جن ۾ ڪي ته
اهڙا سُريلا ۽ سٺا ڳائڻا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي
مٺي آلاپ ذريعي ڪيترن ٻڌندڙن کي واٽن تي ويندي
ويندي بيهاري ڇڏيندا آهن.
ساز ۽ راڳ جو ٽيون ڀاءُ ناچ پڻ آهي، جيڪو قديم دور
کان انهن سان گڏوگڏ هلندو پيو اچي. جنهن جو ذڪر
ويدن ۽ ٻين قديم ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿو. جنهن ۾ اڪثر
عورتون ئي مختلف قسمن جا ناچ ڪنديون هيون ۽ مرد
صرف انهن مان حظ حاصل ڪندا ئا. جنهن کان پوءِ انهي
سلسلي ۾ ڪٿي ڪٿي عورتن ۽ مردن جي گڏجي نچڻ جو پڻ
پتو پوي ٿو ۽ اها پڻ معلومات حاصل ٿئي ٿي ته ميلن
ملاکڙن ۾ بازيون جيتڻ کان پوءِ مرد گڏجي نچندا ۽
هنبوڇيون هڻندا هئا جيڪو سلسلو اڳتي هلندي ڪيترن
ئي نرالن ۽ نون روپن ۾ ظاهر ٿيو آهي.
هن ضلعي ۾ ناچ جي محفلن جي پڪي پختي خبر برهمڻ
گهراڻي واري دور ۾ ملي ٿي جنهن کان پوءِ ڏهين صدي
عيسوي ڌاري هتي پچٽ ساميءَ جي آکاڙي جا اهڃاڻ ملن
ٿا، جنهن ۾ روزانو مختلف ناچڻيون اچي ناچ ڪنديون
هيون. جن مان ”ليلا ۽ وِيسان“ مشهور آهن.
هتي ساز ۽ راڳ جي واڌاري سان گڏ ناچ جي ترقيءَ ۾
پڻ ڌرمن ۽ متن جو هٿ رهيو آهي. جن جي ناچ جو رنگ
ٻين ناچن کان نرالو هوندو هو.
قديم دور ۾ هتي جيڪي ناچ جا نمونا لڀن ٿا انهن ۾
’جهمر‘ ۽ ’هنبوڇي‘ وڌيڪ مقبول هئا، جيڪي ڏونڪن يا
ڏانڊين تي پڻ ٿيندا هئا ۽ انهن کان سواءِ به انهن
ناچن کان پوءِ ’هوجمالو‘ وجود ۾ آيو، جيڪو دراصل
انهن ٻنهي ناچن جو گڏيل رنگ آهي.
’جهمر‘، ’هنبوڇي‘ ۽ ’هوجمالي‘ جي ناچ کان پوءِ هتي
جيڪي نوان ناچ ايجاد ٿيا اهي آهن، ’مهري ناچ‘،
’دلو ناچ‘ ۽ ’ٿالهي ناچ‘ جن کي ڏسندي حيرت وٺي
ويندي آهي. اهڙي طرح هتي شيدي بادشاهن جو ’ٽانڊن
وارو ناچ‘ پڻ هن فن جو بهترين مظاهرو آهي.
هتي جيڪي ناچ ٻاهر کان آيا تن ۾ گجرات جي ڀوين جو
ٿالهي ۾ ناچ ۽ واڳڙجي ڪولهين جو ڪانهوڙو ناچ ڏاڍا
لاجواب ناچ آهن.
اهڙي طرح مارواڙ کان آيل نَٽَ قوم جو رسيءَ تي ناچ
۽ هٿن جي ترين ڀر ناچ بهترين مظاهرا هئا، جيڪي
هاڻي لڳ ڀڳ ختم ٿي ويا آهن. ڇو ته نٽ قوم جن جو
ٻيو نالو ڪبوترا آهي سي قدردانن جي اڻاٺ سبب مجبور
ٿي پنهنجي فن کي ڇڏي روزگار جي ٻئين روپن طرف اچي
ويا آهن.
موجوده ناچن جي سلسلي ۾ هتي نانگڻ ناچ، ڀڳت ناچ ۽
فلمي ناچ پڻ عام ٿي ويا آهن. جن عام ٿيڻ سان گڏوگڏ
ناچ جي اصلي فن هنبوڇي ۽ جهمر کي ڄڻ لتاڙي ڇڏيو
آهي.
هن خطي جو نرالو ۽ مزيدار ناچ مسخرن جو ناچ هو،
جيڪو هن پٽ جي مشهور مسخرن ڦل شڪاري، گل شڪاري ۽
يارو شڪاري ايجاد ڪيو هو؛ ۽ انهن جي وفات سان ئي
ختم ٿي ويو. هي ناچ ڦيريءَ ۽ جُهمر جي بلڪل ابتڙ
هڪ قسم جو اڀو ناچ هو جنهن ۾ نچندڙ ڏاڪي به ڏاڪي
اڳتي ڊوڙندو، مٿي ٿيندو ۽ مٿي ئي ڦرندو رهندو هو.
ناچ جي سلسلي ۾ هتي هن وقت جيڪي ڊانسر ملن ٿا. تن
۾ گمانو ڀيل، ڪرمون ڀيل، پارو مالهي، گوبند مالهي،
پرتاب مالهي، گڻيس مالهي، رائمل ڪولهي، مڪنو ۽
کيمون، مٺو فقير، مٺو جوڳي، محمد رحيم فقير، لقمان
فقير ۽ ميرپورخاص جي ”لاڪ شيوا منڊليءَ جا ميمبر“
۽ ٻيا ڪيئي فنڪار اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي
اداڪاريءَ ۽ جسي ولوڙ ذريعي، انهي فن کي مختلف
روپن ۾ زنده رکندا پيا اچن.
فنڪارن جي هن مختصر تعارف کان پوءِ ڪنهن خيال جي
تحت آئون جيڪر ته ”ميين شاهه عنات رضويء“ جو
هيٺيون بيت چوندس ته:
”تن جيسلميرياڻين جَس، جي لله ڪارڻ لنڊيون،
هِت به رهائيئون رس هت به گڏيون هوت کي.“
|