سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:9 

شبير’هاتف‘

ڪراچي

 

 

 

غزل

منهنجو سڄڻ هو يار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه،

۽ باهمي پيار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

لالڻ سان منهنجي لنئون ته ازل کان لڳل هئي،

مون تي به هُن جو آر هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

اڄ راهه ۾ مليو ته ڏسي مونهن ورائي ويو،

هُو جو اکين جو ٺار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

ڪهڙو وريو هي واءُ جو ساوا سُڪي ويا،

گلشن سدا بهار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

اڄڪلهه ته هُن کان غم کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي،

منهنجو نه غمگسار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

گوليون هيون يا بم، ٿي رتوڇاڻ بينظير،

ڦاهي تي ذوالفقار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

ڪينءَ عام جام ناز سان قتلام پيو ڪري،

منهنجي هٿن جو ٻار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

هاڻي ته روز روز ٿيو پنهنجو ٿُڪيو چٽي،

ڀانيوسين ٿي سچار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

راڄن جو ڪينءَ نه پاڻ کي راڻو چوي ٿو،

راڄن ۾ جو خوار، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

جنهن سان ملڻ محال، ڏٺي ڏينهن ٿيو وڃن،

هر وقت همڪنار، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

هاڻي سندس نظر جي نشاني کي ڇا ٿيو،

هر تير آرپار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

جيڪو سلام جو به روادار ئي نه آهه،

منهنجي مٿان نثار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

هاڻ ته پاڻ تي به نه ڪو ڀروسو رهيو،

هر ڪنهن تي اعتبار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

مون کان پري رهي به رهي ٿو قرار ۾،

مون لاءِ بيقرار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

بي ننگ وفا اهڙو به ’هاتف‘ ڪڏهن نه هو،

هنن جو به ڪو وقار هو، ڪالهوڪي ڳالهه آهه.

 

دين محمد سُجاڳ پلي

لطيف نگر

 

 

 

 

 

نعت شريف

چيو جيڪو محمّد مصطفيٰ سو سچ،

ٻڌايو جو امام الانبيا سو سچ.

 

ڏنو قرآن جو آئين عالم کي،

ڏنو جو نور آ نورالهديٰ سو سچ.

 

مڃيو جن ڪونه ٿي هڪ کي ٿيا هڪ جاءِ،

دليون تن جون مڃايون دلربا سو سچ.

 

نبي سڀ منتظر ۽ مقتدا ان جا،

جو آخر منجهه آيو پيشوا سو سچ.

 

اهي آهن مثالي اڄ به دنيا لئه،

ٿيو جن نور ايماني عطا سو سچ.

 

ڇڏائي وير ويرين کي ڪيا ويجها،

ڪيا ڀائر برابر ڀرجهلا سو سچ.

 

بنايو آهي روشن جنهن سمورو جڳ،

اچي روشن ڪيو شمس الضحيٰ سو سچ.

 

’سجاڳ‘ آهي ڪرم رب جو سدا ان تي،

رکي جو احد احمد سان وفا سو سچ.

ادل سومرو

سکر

 

 

 

 

عمر جو رانديڪو

نظم

شاھ ڪريم جو بيت پڙھيوسي

پڙھي وساري ڄڻ ته ڇڏيوسي

ويراني کي ڪير وسائي!!

پنھنجي ليکي ايئن سوچيوسي

سڀني کي پنھنجو سمجھيوسي

سڄن جو سنمان نه سمجھي

ھانء ھجومن تي ھيريوسي۔

ميلي ۾ اڻ ڄاڻ ھا ماڻھو

اندر منجهه اڪيلا رستا

پنھنجي ٻولي، ڌاريا لھجا۔

وقت ڏنو جو ٿاٻو ھلندي

ھڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو

پوڙھا ٿورو رستو ڏيندين

گھر کان ٻاھر نڪرو ڇو ٿا۔

چھري تي ڪا مرڪ تري ھئي

دل جي اندر ٻار ڊڪيو ھو

لغڙ پويان جو سھڪيو ھو۔

 

شاھ ڪريم ھو سچ فرمايو

سوچڻ ۾ ڪجهه دير وئي ٿي

ھڪڙو بيت سدائين سائو۔

ڪيئي سال اجايا گذريا

ڪيئي پل پرايا گذريا

ڳالهه اتيئي بيٺي آھي

عمر اڇاڻ وئي آ ھاري

رانديڪي جي ريل بيھاري

پئسو پٽ تان ڳوليان ٿو مان ۔

نياز پنهور

ڄام شورو

 

 

 

 

 

غزل

مون کي رات يارن چيو ائين نه ڪر،

اسُر َ جو  ستارن چيو ائين نه ڪر.

حياتيءَ مان بيزار ٿِي جَو  پُڳس،

سنڌوءَ جي ڪنارن چيو ائين نه ڪر .

وِيندسُ شهرُ، هاڻي نه  رهندسُ هِتي،

هٿَ ٻڌا ڳوٺَ  وارن چيو ائين نه ڪر.

آرسيءَ جي اڳيان هُوءَ جا مُرڪي مُڙي،

اک ڀڃي کيس وارن چيو ائين نه ڪر.

هوءَ  ته پوتيءَ مان  بيزار ٿي پئي دَڙِي،

کيس چوڙين ۽ هارن چيو ائين نه ڪر.

هو لُڏيو ڪونهَ، ڪُڏندو ٽِپيو باھِ ۾،

مون ٻُڌو پَئي پيارن چيو ائين نه ڪر.

هوءَ ته ڪويَل جي ڪُوڪِن تي ڪُرڪِي پئي،

لڙڪ لاڙي  اشارن چيو ائين نه ڪر.

 

غزل

اُهو ممڪن ۽ ناممڪن جو جيڪو فلسفو آهي،

اُهو ڪو فلسفو ناهي، فرق بس حوصلو آهي.

چيم ڪلھه ناز سهتي کي، هلي آ ڳالهيون ڪريون،

چيائين ڳالهيون ناهن، خبرَ تي تبصرو آهي.

رڳو تقرير تي هر وقت، تُنهنجو زور آهي پرَ ،

ڪٿي آ حل، ڪٿي حل جو اوهان وٽ ڏس پتو  آهي.

هٿين خالي وريا آهيون، بنا مانيءَ جي سمهنداسين،

فقيرن کي سندئي دَرَ تان مليو بس آسرو آهي.

اها ڪاوڙ ۽ مغروري اوهان جي روز جي عادت،

اسان جيئرا اُهو سائين به هڪڙو معجزو آهي.

اسين تنقيد ڇا ڄاڻون، اسان تعريف جا قائل،

اسان نقاد لئه هر وقت چاهيو مقبرو آهي.

 

تاج جويو

حيدرآباد

 

 

 

 

غزل

سِيمَ ٿي وئي سُڃي، گام گوڙهيار جي،

ياد آئي وري سانوري يارَ جي.

مورُ تُربت مٿان پيو ٽَهوڪي، ٽِلي،

ٽورَ ۾ هورَ ڪا آهه وسڪار جي.

ٽُڪَّ جي هيءَ رَلي، هوءَ اجرڪَ ڦُلي،

يارَ اوڍي سُتين، سنڌ جي سارَ جي.

’دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا!‘

تو ڏني موٽَ ’راشد‘ جي جهونگارَ جي.

ڪونه سُترام، سُنڀو، رهيو ڏيهه ۾،

ڏي خبر چار اوٺي! پنهونءَ پارَ جي.

شال! لڄ- پتِ رکين پنهنجي ساڻيهه جي،

ساک قائم رکين تاج! ڪردار جي.

دوست سترام هميراڻيءَ جي ياد ۾)

سيم= جُوءِ             گام= ڳوٺ

گوڙهيار= اسلام ڪوٽ تعلقي جو هڪ وڏو ڳوٺ جنهن ۾ ڪيتريون ئي ’ڍاڻيون‘ آهن.

ٽُڪ جي رلي ۽ اجرڪ ڦلي: سترام مينگهواڙ هو ۽ مينگهواڙ ميت قبر ۾ پوريندا آهن ۽ قبر تي شال يا ڪپڙو رکندا، سترام جي وصيت موجب سندس تربت تي ٻه پُڙي اجرڪَ ۽ ٽُڪ واري رَلي رکي وئي هئي.

سترام ۽ سنڀو: ٻيئي سؤٽ هئا ۽ مون سان 1971ع ۾ گڏ پڙهيا هئا.

پنهون: سترام جو والد، جيڪو تر جو چڱو مڙس هو.

لڄپت: سنڀوءَ جو ڀاءُ

دل جي ويران رڻ تي: راشد مورائيءَ جو مشهور گيت، جيڪو هن 1973ع ۾ ان ڳوٺ ۾ لکيو هو، ۽ سترام وصيت ڪئي هئي ته سندس ميت ارٿي قبرستان ڏانهن نيندي اهو گيت ڳاتو وڃي.

روبينه ابڙو

لاڙڪاڻو

 

 

 

 

 

غزل

پکي خواب مان هڪڙي ٻولي کڻي ٿو اُڏامي وڃي ٿو،

ڳجهارت ڪا ڳُجهڙي پرولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

تصور ۾ گهڙيال هڪڙو بڻائي، هٿن کي گهمائي،

گهڙي تان گهڙيءَ جي گهڙولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

اَسُر ويل ننڍڙو فرشتو اُٿي شهر سارو گهُمي ٿو،

۽ مسجد جي آڳر تان گولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

جڏهن سمنڊ کي چنڊ جي پينگهه تي ننڊ ايندي نه آهي،

ڀري ڇِرڪ ساحل کان ڇولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

جوانيءَ جي رنگين واڏڻ تي پوڙهو ٿو سوچي مسلسل،

کِلي پوءِ عمر جي کٽولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

ڪنڊن جهڙي زهريلي رستي تي ڪوئي رکي طنز ويو هو،

اُتان هڪڙو شاعر ٺٺولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

جتان پنهنجن ڳالهين کي ڳوهي ٿو ڳوڙهن جي ڳاني بڻائي،

اُتان پنهنجن ٽهڪن جي ٽولي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

سڄو پاندُ جنهن جو گُناهن ڀَريل ۽ ثوابن کان خالي،

اُهو ساري جڳ لاءِ جهولِي کڻي ٿو؛ اُڏامي وڃي ٿو.

 

خليل عارف سومرو

جوهي

 

 

 

 

غزل

جڳ ڪري ڀل مخالفت عارف،

ڪينَ ڇڏبي مزاحمت عارف.

پنهنجي ڌرتي جي، دُشمنن سان مان،

ڇو ڪريان ڪا مفاهمت عارف.

ڀُونءِ پنهنجي تي ڪنهن به ڌاريئي جي،

ڪينَ سَهبي مداخلت عارف.

روح پنهنجي، ضمير پنهنجي سان،

رهندي آهي مشاورت عارف.

جيڪا دل ۾ زبان تي ڀي سا،

ڪينَ ڄاڻي مُنافقت عارف.

 

غزل

ڪنڌ پنهنجو مٿي رکيو هو مون،

شينهن کان ڄڻ گِرهه کسيو هو مون.

جسم ساروئي وِڄ وراڪا هو،

رات کنوڻ کي ڄڻ ٻکيو هو مون.

هاڻ دل مان ڪڍان به ڪيئن اُن کي،

جنهن کي دل ۾ يڪو رکيو هو مون.

روز راتين چَٽيون وڌيون مون تي،

ڏنڊ هر ڏينهن جو ڀريو هو مون.

دنيا منهنجي مزاج جي نه هئي،

وقت ڏاڍو ڏکيو ڪٽيو هو مون.

دنيا شاطر ’خليل عارف‘ هئي،

ڪين جنهن کان ڪڏهن کَٽيو هو مون.

 

ثناء سرهندي

گلزار خليل

(سامارو)

 

 

 

 

غزل

 

ڪجهه نه رهيو ڪوئي ڪو نام و نشان رهيو،

هڪ درد هو دل ۾ سوئي پنهان رهيو.

يادون به ويون سوچون به ويون مفلس ٿي ويو تن من،

دردن جو مگر ڪو باقي سامان رهيو.

حيرت جا تماشا ڏس اي چرخ ڪُهن تون ڀي،

سائي ۾ سندءِ ڇا انسان انسان رهيو.

مقتل ۾ گهرائي ٿو ماري به نه ٿو پوءِ ڀي،

هي مُنهنجي وفا جو ڪهڙو پيمان رهيو.

هي حسن جي ورکا ۽ هي عشوه گريون زاهد

لِله گواهي ڏي ايمان ايمان رهيو.

انبوهه ڏٺم تو در زلفن جي اسيرن جا،

آباد هو عجيبا تُنهنجو زندان رهيو.

هِت ڇا هو رکيو يارو ڪيئن شاهه گدا ٿي ويا،

هي درد ته ڏٺو ٿي جنهن ڀي دربان رهيو.

ڪو سايو ’ثنا‘ هو يا ڪو رات جو راهي هو،

مهمان ٿي آيو کن پل جو هو مهمان رهيو.

 

غزل

سمنڊ ڪناري لهرن لاتا،

ڊوڙي ڊوڙي ڀاڪر پاتا.

الهڙ جوانين جيون سنگ ۾،

ساگر تُنهنجا سور نه ڄاتا.

آئون نه تُنهنجي گود ڇڏيندس،

ڌرتي پياري مُنهنجي ماتا.

روز نوان ڏک توکي ڏنا مون،

پوءِ به نه ٻوليا تو پاراتا.

ڀيڄ ڀني ڪنهن ٻاهر نڪري،

گهايل گوري گيت ٿي ڳاتا.

تو به ڏٺا ڪي پاڇن پٺيان،

رلندڙ روح اُڃايل آتا.

اوندهه پردي پويان ڀرجان،

خالي جهول ’ثنا‘ او داتا.

قمر مورائي

مورو

 

 

 

 

 

غزل

 

اڄ مسرت جا چاليهه سال آهن پورا ٿيا،

حاصل دل جا ارمان سمورا ٿيا.

 

پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان،

خوش هوبهو چنڊ ستارا ٿيا.

 

هيءَ حيات منهنجي پيار لاءِ ٿوري آ،

ٻي زندگي مِلندي اُهي آهن اشارا ٿيا.

 

تو منهنجي محبت کي کيل آهي ڄاتو،

ڪري امر ويندس، ٻول اُهي پيارا ٿيا.

 

ڀل تون ٺُڪراءِ، دل کي ڪر پرزا،

مون کان نه ڪڏهن ڪي ڪنارا ٿيا.

 

هر گهڙي هر لمحو، تنهنجي ياد آهي،

ياد ۾ آهن محو تنهنجي نوري نظارا ٿيا.

 

بهارون به مسڪرائين ٿيون، اڄوڪي ڏينهن تي،

۽ خوش آهن، سڀ دنيا وارا ٿيا.

 

دامن ’قمر‘ ۾ تو خوشيون ڏنيون آهن،

دور دل تان سڀ غبار ۽ مونجهارا ٿيا.

 

خادم حسين علوي

هالا

 

 

 

 

قلندر شاهه- نذرانهء عقيدر

سڄو ماحول آ مُضطر، قلندر شاه لڪياري،

سِوا تو بي مزا منظر، قلندر شاه لڪياري.

 

جهان فاني ته آ بلڪل عزيزن لئه اُداسي آ،

سڀن جي دل جو هو دلبر، قلندر شاه لڪياري.

 

سدا مُرڪون لبن تي ۽ اکين ۾ پڻ نماڻائي،

دلاسن جو ته هو دفتر، قلندر شاه لڪياري.

 

پُڇن ٿا ڪير هو جو سڀ اکين مان نيرُ آ جاري،

”اسان جو راهرو رهبر، قلندر شاه لڪياري.

 

طبيعت جو ته هو بهتر بلاشڪ يار يارن جو،

خيالن ۾ به هو برتر، قلندر شاه لڪياري.

 

جهان ۾ پاڻ اڄ ناهي مگر چوٻول هي آهي،

بلاشڪه يار هو بهتر، قلندر شاه لڪياري.

 

اِها بلڪل حقيقت آ ته محفل مور هو ليڪن،

سدا ’همدم‘ سٺو اَفسر، قلندر شاه لڪياري.

 

هدايت بلوچ

ڪراچي

 

 

 

 

 

نينهن جا ناتا

نينهن جا ناتا پراڻا ٿي ويا،

سڀ اهي کاتا پراڻا ٿي ويا.

موهه مان منهنجي اڱڻ تي تو ڪڏهن،

پير ها پاتا پراڻا ٿي ويا.

ٻارڙن جيئن لاڏ مان تنهنجا اُهي،

ٻول سي ٻاتا پراڻا ٿي ويا.

مينهن جي موسم سمنڊ تي، تون ۽ مان،

گيت ها ڳاتا پراڻا ٿي ويا.

ساڙ مان جيڪي رقيبن ها ڏنا،

سڀ سي پاراتا پراڻا ٿي ويا.

بُک ان داتا پڪاري ٿي هينئر،

دل سندا داتا پراڻا ٿي ويا.

ڄاڻ جا گفتا ’هدايت‘ جي ڪيا،

ڪنهن نه سي ڄاتا پراڻا ٿي ويا.

 

پــيــر مـجــدد

مٽياري شريف

 

 

 

 

غزل

نه ڪي سخت آھيون نه آسان آھيون،

اوهان  جي ملڻ  لئي  پريشان  آھيون.

نه ڪويل ٿي ڪوڪي نه بلبل ٿي ٻولي،

ٻڌايو  ته  ڪهڙا  گلستان   آھيون.

سڀئي آئينا گهر جا ٽوڙي ڇڏيا مون،

اسين پنهنجي مک جا قدردان آھيون.

نه ڪنهن فائدي ۽ نه ئي ڪنهنجي ڪم جا،

اسين پنهنجي آمد تي حيران آھيون.

نه دل آھي پنهنجي نه من آھي پنهنجو،

اسين خالي ڌڙ جا نگهبان آھيون.

اسانجي اندر ۾ متان جهاتي پايو،

بيابان  ميدان  ويران   آھيون.

اسين شرڪ جا پيار ۾ ڀي نه قائل،

کڻي ڪيئن به آھيون مسلمان آھيون.

حدون ظلم جون ايتريون نه لتاڙيو،

اسين يار آخر ته انسان آھيون۔

غلامي مجدّد ڪڏهوڪي قبولي،

ڪڏھن کان اوهان تي ٿيا قربان آھيون۔

 

غزل

چشم تر تي خمار رھجي ويو،

آئيني  تي  غبار  رھجي  ويو.

زندگي وئي ھلي ھٿن مان ۽،

عشق   ناپائدار  رھجي  ويو.

نفرتون سڀ ڪڍي ڇڏيم روڙي،

بس رڳو پيار پيار رھجي ويو.

ھِن ڪنڌيء تي ٻڏي وئي سھڻي،

ھُن ڪنڌيء تي ميھار رھجي ويو.

ھن  دل_  بيقرار  کي  جانان،

بس تنھنجو انتظار رھجي ويو.

ڪو وچن سنڌ سان نه ٿيو پورو،

داغ دامن تي يار رھجي ويو.

من جا لات ۽ منات ماريم پوءِ،

مون لئه پروردگار رھجي ويو.

تو سوا  ھي  فقير پير  صنم،

ڄڻ ته زندہ مزار رھجي ويو.

سيما عباسي

ڪراچي

 

 

 

 

 

غزل

اکين جون اُميدون نه ميسار مرڪي،

اندر جي ارادن کي ڏيکار مرڪي.

نه طعنا نه تهمت نه ڏي خار مرڪي،

سلوڪن جي ساحل تان پئه پار مرڪي.

عقل جي اسيري رهڻ چپ ٿي چاهي،

ادائن جا الڪا نه اظهار مرڪي.

متان پيار سودو زبان کي قطاري،

محبت جي معنيٰ کي سيکار مرڪي.

هجر جا هي هاڃا هارائي ڇڏيندا،

وصل جي پلن کي سدا وار مرڪي.

ڪڏهن ڀي نه سوڀارو ٿيندو آ ڌوڪو،

مڪر جي مريضن کي ڏيکار مرڪي.

هي دنيا دورنڱي پنهنجي فهم فن سان،

مصيبت جي موسم کي تون ٽار مرڪي.

سکن جي تون سيجن تي هر پل سمهيو آن،

ڏکن جون ٻيڙيون تري تار مرڪي.

ڇو نفرت جي نعرن تي خوش ٿيڻ پيو چاهين؟

محبت جي مرڪن کي مهڪار مرڪي.

وفائن جي وادين کان تون اڳتي نڪري،

گهڙيون پيار جون گڏجي ڪي گهار مرڪي.

دکي تون دلين کي سدا سار مرڪي،

ڦٽيل دل اڳي ئي نه آزار مرڪي.

سدائين ڏکوئين ٿو من منهنجو سيما،

مسافت جي منزل تي بيهار مرڪي.

 

امر اقبال

خيرپورميرس

 

 

 

 

 

توکي مون سان محبت آهي

توکي مون سان محبت آهي

انڪري منهنجي دل ۾

پنهنجي بيرخيءَ جو خنجر

نهايت احتياط سان لاهيندي آهين

توکي مون سان محبت آهي

انڪري

ماڻهن جي مهڪندڙ ميڙ ۾

ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ ناهين ڏيندي

ته تون هن کي نظرانداز ڪري رهي آهين

توکي مون سان محبت آهي

تون منهنجن سمورن پراڻن خطن کي

ڊسٽ بن ۾ ناهي اڇليو

انهن کي هڪ تيلي ڏيکاري ڇڏي

توکي مون سان محبت آهي

انڪري تون مون سان ملڻ نٿي چاهين

ڇو ته توکي خبر آهي ته

جنهن لمحي تون مون سان ملندينءَ

ان لمحي هڪ لازوال خوشي

جيان هيٺان چيڀاٽجي مان مري ويندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org