لاکا عبدالرزاق الديبلي (ڏيپلو)
مترجم: ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي
عمرڪوٽ
ڏيپلو- ديبل
سنڌ
جو مشهور شهر ڏيپلو، صرف ڏيپلائي ميمڻن جي ڪري
مشهور نه آهي بلڪ سنڌ جي گُم ٿيل مشهور شهر ديبل
جي به ياد تازي ڪري ٿو، عربي اُچارن ۾ ’ڏ‘ ۽ ’پ‘
جي عدم موجودگي سبب ان جي اُچار ۾ اهم تبديلي آئي
۽ اُهو اُچار ’د‘ ۽ ’ب‘ جي اچڻ سان ’ڏيبل‘ بدران
’ديبل‘ اُچاريو ۽ لکيو ويو. وقت گذرڻ سان اصل
’ديبل‘ واروعلائقو سمنڊ پائي ويو ۽ شهر جي رهواسين
ساڳي علائقي جي خشڪي واري علائقي ۾ نئون شهر تعمير
ڪيو ۽ جيڪو پڻ پنهنجي اصل علائقائي نالي سان
’ڏيپل‘ يا ’ڏيپلو‘ سڏيو ويو. جيئن ’ڪيٽي بندر‘ جو
وجود اسان کي ٽي دفعا خشڪي ڏانهن منتقل ٿيندي نظر
اچي ٿو ۽ موجوده ڪيٽي بندر جنهن جو گهيرو به هاڻي
سمنڊ تنگ ڪندو پيو اچي، اصل ڪيٽي بندر جو ٽيون
پَڊُ آهي. (حوالو مهراڻ 2/2021ع) هن هيڏي وڏي
تاريخي حقيقت کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ اڃان به
وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ ’ٻول‘ جي عنوان سان لوڪ روايتن مان
هڪ ٻول هن طرح آهي ته:
’ناري‘ جو تان ’نيڪر‘ ڀلو، ’سنڌوءَ‘ جو تان ’پاتر‘
ڀلو،
بندر ته ’بادبان‘ ڀلو، بادشاهه ته سورهيه سڪندر
ڀلو،
اهي چارئي ٿوڪ ڀلا، ٽڪا مڙيئي روڪ ڀلا.
لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعرن جي تحقيقي ميدان ۾ وڏي اهميت
آهي هيءَ اُها تاريخ آهي جيڪا ’پنن‘ بجاءِ ماڻهن
جي سينن ۾ محفوظ آهي ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندي اچي
ٿي.
تاريخ ۾ هن وقت تائين ’ديبل‘ جي محل وقوع تي تمام
گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ اسان جي تاريخ جي عالمن گهڻي
محنت ڪري ’ديبل‘ جي اصل جڳهه جو تعين ڪرڻ لاءِ
جاکوڙيو آهي. اسان جو هيءُ مضمون انهن حوالن کان
علحده هڪ ڪوشش آهي. جنهن لاءِ اڃان به وڌيڪ جستجو
جي ضرورت آهي.
مٿي ذڪر ڪيل لوڪ ادب جي ’ٻول‘ ۾ چار اهم نُڪتا
بيان ڪيا ويا آهن: (1) ناري جو وهڪرو (2) درياء
سنڌ جو پاتال (3) بادبان جو بندر (4) سڪندراعظم
بادشاهه جو ذڪر. ٻئي نُڪتي ۾ جيڪو شروع ۾ لساني
ڀڃ- گهڙ مطابق بيان ڪيل آهي. (الف) ديبل بندر ۽
(ب) ان کي آباد ڪندڙ قوم ڏانهن اشارو آهي.
مٿيان ڇهه ئي نُڪتا سنڌ جي تاريخ جا اهم حساس باب
آهن. هي سڀ ڳالهيون پاتال جي سرزمين سان تعلق رکن
ٿيون ۽ مذڪوره ڇهن نُڪتن جي وضاحت لاءِ اسين ڪجهه
بنيادي معلومات هتي لکون ٿا، جيڪا بحث کي اڳتي
وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
هتي جنهن ’نارو‘ درياهه جو ذڪر پيو ٿئي ان جو قديم
نالو ’هاڪڙو‘ آهي، جيڪو بهاولپور جي وادي ’ڌيراوڙ‘
مان وهندو سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو. ان جو وجود درياهه
برهمپتر ۽ ’ڪاويري‘ جي ٽن شاخن گهاگهر، مرکنڊ ۽
چيتانگ جي ميلاپ سان ٺهيو ٿي. ان دريائن جي ميلاپ
سبب هن کي هندومت جي پويتر ديوي ’سرسوتي‘ جي نالي
سان ياد پڻ ڪيو ويو آهي. يعني جتي سرسوتي جو ذڪر
اچي ٿو. اتي ڪنهن علحده درياهه جو نه؛ پر هاڪڙي جو
ذڪر ئي سمجهڻ گهرجي.
هيءُ وهڪرو 1620ع تائين ڀرپور طريقي سان وهندو
رهيو، سکر بئراج کان نڪرندڙ ’نارو هاڪڙو‘ دراصل
هاڪڙي جو ئي قديم پيٽ آهي، جيڪو مشرقي سنڌ کي اڄ
به آباد ڪري ٿو. مشرقي سنڌ کي اڄ به ’نارا وادي‘
جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، واديءَ چيتانگ ۾ گنگا
۽ جمنا جو گهڻو پاڻي هاڪڙي ۾ ايندو رهيو ٿي.
قديم هاڪڙو تعلقي ڏيپلي جي شهر ’ڪلوئي‘ وٽ ٻن شاخن
۾ ورهائجي رڻ ڪڇ جي سامونڊي کاري ’ڪوري نار‘ ۾ وڃي
ڇوڙ ڪندو هو، انهن ٻن شاخن جا نالا ڍاڳي ۽ ڍور
آهن، جن جو ذڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڪيو
آهي ته:
’ڍاڳي‘ ۽ ’ڍور‘ ٻئي وهن ٻلهيار ۾.
شاهه صاحب انهن ٻنهي وهڪرن ذريعي سنڌ ۽ گجرات
جوسفر پڻ ڪيو ۽ هن وقت به ٻنهي جا سڪل پيٽ ڏيپلي
تعلقي جي ايراضي ۾ موجود آهن.
هن سلسلي جو ٻيو اهم نُڪتو ’پاتال‘ آهي، پاتال جي
معنيٰ ٿيندي ’پاڻي‘ جو اونهائي وارو حصو. هي لفظ
سنسڪرت سان تعلق رکي ٿو، ’پاتال‘ کي ’پاتار‘ به
اُچاريو وڃي ٿو.
درياهه سنڌ جي هيٺاهين وادي کي سڪندر مقدوني جي
تاريخ نويسن ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. هڪ حصي کي
’پارسي‘ جزيره ۽ ٻئي کي ’پاتل‘ لکيو ويو آهي.
پارسي جزيره ۾ درياهه سنڌ جو مغربي ڪنارو جنهن ۾
جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، سيوهڻ، ٺٽو ۽
مغربي جابلو علائقو مڪران تائين شامل هو. پاتل وري
مشرقي سنڌ جي ننڍي جزيره تي مشتمل هئي. هن ۾
’ڍاڳي‘ ۽ ’ڍور‘ درياهن کان وٺي هاڪڙي جي وچ وارو
علائقو هو.
درياهه سنڌ سڪرنڊ وٽان ٻه حصا ٿي وهندو هو، انهن
مان وڏي شاخ کي ’پراڻ‘ ۽ ننڍي شاخ کي ’ساڱرو‘ چيو
ويو.
پُراڻ اوڀر ۾ مرڪزي وهڪرو ٿي وهندي هئي ۽ سانڱرو
نسبتاً ننڍي مغربي شاخ هئي جنهن 1216ع کان پوءِ
سکر (اروڙ) واري بند بعد زور ورتو. ’پراڻ‘ جو نالو
’ويدن‘ جي آخري حصن ’وشنو پُراڻ‘، ’وايو پراڻ‘،
’متسيه پراڻ‘ ۽ ’مارڪنڊيه پراڻ‘ جي مذهبي رتبن جي
نسبت سان ورتو ويو. جنهن جو مطلب ٿيو پراڻن واري
ندي(1)
پاتال جي هيءَ سرسبز وادي دريائن جي پاڇاڙ سبب
سرسبز آباد ۽ خوبصورت محل وقوع جي ڪري (جنهن ۾
ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جا
ضلعا اچي وڃن ٿا.) سڪون ۽ روحاني ڪشش واري وادي
هئي.
پاتال ۾ ٽي ڊيلٽا نما علائقا اچي وڃن ٿا، هنن ۾
مرڪزي علائقو بادبان (بدين) جو ’رحم ڪي‘ (راهومڪي)
بازار وارو هو، جيڪو ’پراڻ‘ درياهه ۽ هاڪڙو جي شاخ
’ڍور‘ جي ميلاپ سان ٺهندو هو، ٻي ڊيلٽا ننگرپار جي
علائقي ۾ پاريننگر وٽ ڍاڳي جي ڇوڙ وارو علائقو ۽
ٽين ڊيلٽا ولاسو جي علائقي ۾ ’سانڱرو‘ ۽ پراڻ جي
ڇوڙ وارن علائقن واري هئي. ’ڍاڳي‘ جو وهڪرو
ريگستان جي دنگ کان وهندو هو ان ڪري هيءَ وادي سڄي
پاريننگر تائين وارياسي زمين تي مشتمل هئي، هيءَ
وادي ’نهٽو‘ جي قديم ڇانوڻي کان پاري ننگر تائين
ڦهليل هئي. هن علائقي ۾ کونئر، گلو ۽ لوڻ جي
پيدائش تمام گهڻي ٿيندي هئي ۽ معدنيات سان ڀريل
هيءَ وادي اڄ به پاڪستان جي نقشي تي معدني وسيلن
سبب خاص اهميت رکي ٿي. هن وقت به هن علائقي ۾ لوڻ
جون کاڻيون موجود آهن.
پاتال جي مرڪزي حيثيت 69-1768ع ۾ درياهه سنڌ جي
موجوده رستي تان وهڻ سبب ڪمزور ٿي ۽ موجوده
ڊيلٽائي علائقو وڌيڪ طاقتور ٿي ظهور پذير ٿيو.
سنڌ جي تاريخ جي بين الاقوامي مؤرخ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ’چچ نامه‘ ۾ لکيو آهي ته غازي محمد بن
قاسم جي آمد وقت درياهه سنڌ جي ڪنهن به وهڪري جو
رخ حيدرآباد جي اولهه ۾ نه هو. (2)
ايڇ.ٽي (هوزي ٽريور) لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ
سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته سنڌ جي زمين جو عام لهوارو
(Regular Slape)
حيدرآباد کان 18 ڪلوميٽر مشرق ۾ اُتر کان ڏکڻ
46-25 درجا عمودي ۽ 31. 68 درجا ويڪرائي ڦاڪ تي
قائم ڪجي ته لهوارو رخ اُتر کان ڏکڻ ۽ حيدرآباد
کان اوڀر طرف ٿيندو(3). زميني حقائق موجب ٻنهي
محققن جي تحقيق لائقِ تحسين آهي.
اسين نائين صدي عيسوي جي عرب مؤرخين ۽ جاگرافيدان
يعقوب الحمدي، ابراهيم الاصطخري ۽ بلاذري جي
تصنيفات سان هم آهنگ 11 صدي عيسوي جي مشهور زمانه
محقق ۽ مورخ البيروني (جاگرافيدان) جي تصنيف ’ڪتاب
الهند‘ ۾ ڏسون ٿا ته هُن درياهه سنڌ جو وهڪرو،
ڊيلٽا ۽ ديبل جو محلِ وقوع رڻ ڪڇ جي علائقي ۾ ئي
لکيو آهي(4)
ايڇ.ٽي لئمبرڪ، البيروني جي تحقيق مان نه صرف متفق
آهي، پر سندس تعريف پڻ ڪري ٿو ته البيروني هڪ
نامور مؤرخ ۽ محقق ۽ سچيت انسان هو، جنهن مان اها
توقع ئي ڪونهي ته هُو ڪا ڳالهه بغير تحقيق جي
ڪندو.(5)
مٿي ڄاڻايل حوالن موجب اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ ۾
ڪابه ڏکيائي ڪونهي ته ’ديبل‘ جو بندرگاهه اسان کي
’رڻ ڪڇ‘ جي علائقي جي ويجهو ڳولڻ گهرجي.
ديبل جي صورتخطي تي به جيڪڏهن غور ڪبو ته عربي
زبان ۾ ’پ‘ جو اُچار نه هئڻ سبب ’ديپ‘ کي ’ديب‘
لکيو ويو ۽ ’ل‘ عربي ال مان آيو. انهي طريقي سان
’ديب البندر=
ديبل بندر‘ جي صورتخطي ٺهي ۽ معنيٰ بيٺي ’ديپ‘
(ديب) وارو بندرگاهه، اڳ ۾ ذڪر ڪيل ’پاتال‘ جو
’ٻيٽ‘ جنهن کي ديپ وارو ٻيٽ (ديپ، سنسڪرت ۾ ٻيٽ کي
چئبو آهي). به چئبو هو، چچنامي ۾ هن علائقي کي
پاتال جي نالي سان سڏيو ويو آهي، هيءَ ڳالهه اهو
ئي ثابت ڪري ٿي پاتال واري ٻيٽ جي بندرگاهه جو
نالو ’ديپ وارو بندرگاهه‘ هو، جيڪو عربي صورتخطي ۾
’ديبل بندر‘ (ديب اليندر=
ديبل بندر) يعني ديپ وارو بندرگاهه سڏيو ويو ۽
712ع ۾ ديپ جي بجاءِ ديب جو نالو ڪتابن ۾ آيو.
تاريخ جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو اها ڳالهه واضح
ٿو ڪري ته سڪندر مقدونيءَ کان غازي محمد بن قاسم
جي آمد تائين سنڌو درياهه ۽ هاڪڙي جو رخ مشرقي
دوآبي
(Delta)
ڏانهن هو، ٻنهي فاتحن جي وچ ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن
جو (326 ق.م کان 712ع تائين) فرق آهي. سنڌ کي
ايران کان آزادي ڏيارڻ بعد سڪندر مقدوني کي
بندرگاهه جي ضرورت هئي، جتان هُو پنهنجي سامان
سميت واپس ’بابل‘ پهچي سگهي. سڪندر بادشاهه جي
مصنفين ۾ معروف مؤرخ ايرين
(Arian)
کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي، هُو
لکي ٿو ته بادشاهه درياه جي تقسيم واري جڳهه تي
ترسيو ۽ پهريائين مغربي وهڪري جو ست ڏينهن مشاهدو
ڪيو مگر هيءُ وهڪرو ڪٿي ڪٿي درياهه جي ڀيٽ جي
سوڙهاڻ سبب ٻيڙن جي هلائڻ لاءِ مناسب نه هو. وري
واپس اچي اڀرندين وهڪري جو جائزو ورتو، ٽن ڏينهن
جي سفر کان پوءِ هڪ وڏي ڍنڍ وٽ پهتو جنهن جو نظارو
لڳ ڀڳ ڪنهن ’سامونڊي نار‘ جهڙو هو. هتي بادشاهه کي
اُهي ئي وڏيون مڇيون نظر آيون جيڪي هن ايگيئن سمنڊ
(Agien Sea)
۾ ڏٺيون هيون ۽ اُهي ’وهيل‘ مڇيون هيون،. ان سمنڊ
کي هن وقت ميڊيٽيرينين سمنڊ چئجي جنهن جا ڪنارا
مقدونيه سان لڳندا هئا.
ايرين لکي ٿو ته بادشاهه اڀرندين شاخ کي سفر لاءِ
پسند ڪيو ۽ اتي پنهنجي سپاهين کي بندر ۽ بارود
خانو تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت اها جاءِ جزيره
(پاتال جي نسبت سان) پتالين جي نالي سان لکت ۾ آئي
۽ هن تعميرات کي چار مهينا لڳا.
پنهنجي فوج جي حفاظت خاطر سڪندر هتي ٻه ڇانوڻيون
ٺهرايون، هڪ جزيره نما ’بستي پاتال‘ جي منهن وٽ،
جتي پاڻي اونهون ۽ آڙماڙ جي بيهڻ لائق هو، ٻي
ڇانوڻي هاڪڙي جي اوڀر ڪناري ناري جي واديءَ ۾ جنهن
جاءِ کي هن وقت ’نهٽو‘ چئجي ٿو. سڪندر جي هيءَ
تعميراتي رٿا سندس دورانديشي جو بهترين مثال آهي.
بندرگاهه جي تعمير پهرين صدي قبل مسيح ۾ ٿي ۽ هن
بندرگاهه کي عروج سڪندر کان اڍائي سئو سال پوءِ 70
ق.م ۾ ’سؤوير‘ نسل جي تشڪيل جي عظيم معمار ’سٿين‘
جي هتي آباد ٿيڻ سان مليو. بيرونِ سنڌ تجارت
’سٿين‘ جي دور ۾ هن بندرگاهه کان شروع ٿي جنهن سان
سنڌ جي قسمت جو ستارو روشن ٿيو. ٻاهرين ملڪن سان
واپار ۽ محصولات جي اُڳاڙي ملڪي معيشت ۾ وڏو
انقلاب آندو. هن معاشي انقلاب جي وڌيڪ ڦهلاءُ لاءِ
’پاتال‘ ٻئي وڏي حصي، ننگرپارڪر جي علائقي ۾ هڪ
ننڍو بندرگاهه پڻ تعمير ڪيو، جيڪو پاري ننگر جي
نالي سان مشهور آهي. پاري ننگر هاڪڙي جي اڀرندي
شاخ ’ڍاڳي‘ جي ڪناري تي تعمير ٿيو. ’سٿي‘ هن
بندرگاهه کان گجرات ڏانهن وڌيا، ڏکڻ گجرات طرف
پنهنجو تسلط قائم ڪيائون. هن علائقي ۾ ڪڇ،
ڪاٺياواڙ، جهوناڳڙهه، سوراشٽر ۽ مالوه سندن قبضي ۾
هئا. ان سان گڏ هڪ وڏو بندرگاهه باريگازا (بڙيچ)
به هو. ڏکڻ گجرات جي هن حصي کي ’اڀيريا‘ پڻ چئبو
هو. ’اڀير‘ سٿين جو لقب هو. اهڙي طرح ’سٿين‘
’پاتال‘ ۽ ’اڀيريا‘ جي علائقن تي مشتمل هڪ مضبوط
رياست جو بنياد وڌو. هيءَ رياست جزيرن (معنيٰ ديپ:
ديپن) ۽ بندرگاهن تي مشتمل هجڻ ۽ حڪمران جي ڪنيت
’سڪا‘ جي نالن ملائڻ سان ’سڪاديپ‘ سڏي ويئي، عام
طور ’سڪاديپ‘ کي سٿين جا ديپ (سٿين جا جزيرا) پڻ
سڏيو ويو.
معاشي ترقي ۽ سرحدي حفاظت جي قدرتي صلاحيت هن
رياست کي وڏن درياهن جي پاڻي، بندرگاهن جي موجودگي
۽ جزيرن جي جاگرافيائي بيهڪ سبب حاصل رهي. بيروني
تجارت خواه، محصولن جي آمدني ’سٿين‘ کي هڪ بيحد
شاهوڪار ۽ امير رياست جو مالڪ بنائي ڇڏيو.
هن رياست جو ٻاهرين دنيا سان تعارف پريپلس ۽
ٽالميءَ (يوناني مصنف) ڪرايو ۽ پريپلس سن 50ع ۾
بحيره احمر ۽ بحيره عرب جي بندرگاهن ۽ سامونڊي
رستن جي هن تصنيف ۾ گهڻي ڄاڻ ڏني آهي.
ٽالميءَ پڻ پنهنجي تصنيف ۾ سڪاديپ، پاتال ۽ اڀيريا
جي جاگرافيائي ڄاڻ ۽ جزيرن ۽ بندرگاهن جو ذڪر ڪيو
آهي. هن رياست جو نالو ’انڊو اسڪائيٿيا‘
(Indo Skythea)
ڏنو آهي، جنهن جي آسان مقامي پڙهڻي ٿيندي ’سنڌو
سڪاديپ‘، جيڪا بحيره عرب جي مشهور رياست هئي. سفيد
ريشمي ململ ۽ سفيد سوٽي ڪپڙي جو وڏو مرڪز هئڻ ڪري
عرب دنيا سان گهڻو تجارتي تعلق هو.
تاريخي طور اگر عرب مورخين ۽ يوناني تصنيفن جو
نچوڙ ڪڍجي ته اها خبر آساني سان پوي ٿي ته يونانين
جنهن بندرگاهه کي (’باربريڪانس‘ جنهن جو باني
’سڪندر‘ آهي) لکيو آهي ۽ عربن جي فتح ڪيل ’ديبل‘
جا پارپتا ساڳي سرزمين ۽ علائقي ۾ آهن. سڪندر
پهريون بادشاهه آهي جنهن سنڌ ۾ بندرگاهه ٺهرايو.
يونانين ۽ عربن ۾ ادبي تحريرن جا قدر به مشترڪه
هئا. عرب ’ل‘ ملائي جاگرافيائي نسبت ظاهر ڪندا هئا
۽ يوناني وري ’ڪانس‘ ملائي نسبت ظاهر ڪندا هئا.
لفظ ’باربريڪانس‘ بادبان ۽ ڪانس جو مرڪب آهي.
’بادبان‘ ’پاتال‘ جي مرڪزي ڊيلٽا جو جاگرافيائي
نالو يا اُچار آهي، جيڪو بعد ۾ بدين جي نالي سان
اسان وٽ محفوظ رهجي ويو. هنن ٻن جاگرافيائي اهڃاڻن
’بادبان‘ ۽ ’پاتال‘ جي صحيح نشاندهي نه هئڻ سبب
سنڌ جي تاريخ مجهولي لهجن ۾ گم ٿي وئي آهي. اسان
جو هيءُ بحث هن تاريخ جي اهم بابن کي سمجهڻ ۾ وڏي
مدد ڪري ٿو.
اسان وٽ تاريخي طور اها روايت به قائم رهي آهي ته
اگر ڪنهن پراڻي بندرگاهه جي جاءِ تي نئون بندرگاهه
اڏيو ويو ته به کيس پراڻي نالي سان سڏيو ويو ۽
اهڙي طرح پراڻي بندرگاهه جا محل وقوع ٿورو تبديل
ٿيا ته به نالو ساڳيو رهيو. اسان وٽ ان جو هڪ مثال
’ڪيٽي بندر‘ آهي. ٻي طرف مختلف زبانن جي وقتي تسلط
اُچارن تي وڏو اثر ڪيو آهي ۽ مختلف دورن ۾ لساني
ڀڃ گهڙ سان لفظن جي اُچارن جي شڪل مٽائڻ جي ڪري
ڪيترائي مغالطا محققن کي پيش آيا آهن. جڏهن سڪندر
سنڌ ۾ آيو ته هتي سنسڪرت جيڪا ’ويدن‘ جي زبان آهي
اُها مروج هئي. سنڌي زبان جي قديم ذخيري ۾ سنسڪرت
جا لفظ سمائبا ٿي رهيا. اهڙي طرح سنسڪرت ته نه
رهي، پر اُن جا ڪافي لفظ موجوده پاڪستان جي، سنڌي
سميت ٻين مقامي زبانن ۾ موجود رهيا. انهن مان ئي
’ديپ‘ لفظ رياست ’سڪاديپ‘ جي جاگرافيائي شناخت طور
استعمال ٿيو. ’ديپ‘ لفظ رياست جي علاقائي اڪائي
پاتال (پاتل) سان به منسوب نالو هو، جيڪو پوءِ به
قائم رهيو. ’جزيره‘ يا ’ديپ‘ جو سنڌي ۾ لفظ ’ٻيٽ‘
آهي. چچنامه جي فارسي نسخي ۾ پاتال کي ’پاتال ٻيٽ‘
لکيو ويو آهي. ان جو مطلب ته سنه 712هه ۾ ’ديپ‘ ۽
ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ موجوده سنڌي زبان
ڳالهائي ويندي هئي، جنهن ۾ ’ٻيٽ‘ جهڙو ٺيٺ لفظ
موجود هو.
اسان جي محققن، آثارِ قديمه جي ماهر، جاگرافيدانن
۽ مورخين ان حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته سنڌ جي
سرزمين جو عام جهڪاءُ ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ ڏانهن آهي. سن
1768ع تائين درياءِ سنڌ ۽ هاڪڙو (جيڪو ختم ٿي چڪو
هو) جي سڀني شاخن جو وهڪرو جزيره نما پاتال ڏانهن
هو ۽ علائقي جي جاگرافيائي شناخت ’ديپ‘ سان منسوب
هئي. لهٰذا
ديپ جي علائقي ۾ وجود ۾ ايندڙ هر بندرگاهه کي ساڳي
نالي سان سڏڻ نه صرف روايت پر جاگرافيائي حقيقت
پڻ هئي. انهي نسبت سان بتدريج ’ديپ‘ جي علائقي ۾
موجود بندرگاهه جي لاءِ يڪي بعد ديگري ديبل جو
نالو ئي استعمال ٿيندو رهيو، جيڪا پڻ ان ڳالهه جي
گواهي آهي ته ديبل، ديپ مان وجود ۾ آيو آهي. اسين
اڳتي هلي اهو پڻ ڏسنداسين ته ’ديپ‘ لفظ تاريخ جي
ٻين ڪيترن ئي واقعن ۽ رازن جي رازداري تان پردو
کڻي ٿو.
سنڌ جي تاريخ ۾ موجود مونجهارن جي باوجود اسان جي
محققن مختلف طريقن سان تاريخ جي مختلف دورن تي ڪم
ڪيو آهي. ڪن محققن آبهوا ۽ پاڻي جي وهڪرن تي ڪم
ڪيو آهي ته ڪن آثار قديمه جي نشانن جا پير کنيا
آهن. انهن ۾ آمري، هڙاپا، موهن جو دڙو جا آثار اچي
وڃن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ زميني آثارن جي قدامت
خواه پراڻن نسخن جي ٻولين جي پڙهڻ بابت ڪي
خاطرخواه سائنسي طريقا استعمال نه ڪيا ويا آهن،
تاهم به گهڻو مواد ظهور پذير ٿي چڪو آهي جنهن جي
مدد سان اسين تاريخ کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
(1)
ويدن جو دور (800 – 1000 ق.م)
(2)
سڪندر جي آمد (326 ق.م کان 500ع تائين)
(3)
غازي محمد بن قاسم جي آمد سن 712ع
هن وقت جي معلومات تائين ’ويد‘ جنوبي ايشيا
(برصغير) ۾ متحده تهذيب جو اولين دور هو، جنهن جو
مرڪز هندستان ۾ هريانه صوبي جو علائقو هستناپور
هو، جتي ’ڪُرنواس‘ متحده تهذيب جو ’صدر مقام‘ هو،
هن رياست جو نالو ’ڪُرکيتر‘ هو.
ويدن جي دور ۾ درياهن جا وهڪرا تهذيبن جا امين
هئا، هيءَ سرزمين چئن وڏن درياهن نظامن جو مرڪز
هئي، ’سنڌو‘ درياهه هن درياهي نظام جو بنياد هو.
جنهن جي مغرب ۾ آمو درياهه ۽ ڪابل هڪ نظام جو حصو
هئا، ۽ اوڀر ۾ گنگا، جمنا، ڪاويري پٽنم ۽ برهمپترا
نديون شامل هيون.
ڪابل ۽ آمو اڄ به سوات (گنڌارا) ۾ سنڌوءَ ۾ شامل
ٿين ٿيون. اوڀر کان ڇهه وڏيون نديون سنڌوءَ جون
سلامي هيون. راوي، ستلج جو تعلق گنگا ۽ جمنا سان
هو ۽ 1967ع جي سنڌ طاس معاهدي کان پهرين ’پنجند‘
جي مقام وٽ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. جڏهن ته
چيتانگ، گهاگهر ۽ مرکنڊ جا وهڪرا جن کي هندي ڌرمي
ڪتابن ۾ ’سرسوتيءَ‘ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي،
بهاولپور جي ’ڌيراوڙ‘ وادي مان گذري سنڌ ۾ داخل
ٿيندي هئي جنهن کي هاڪڙو چئبو هو. سرسوتي المعروف
هاڪڙو ٻن شاخن ۾ ورهائجي درياهه سنڌ ۾ داخل ٿيندو
هو. گنگا جمنا پنهنجي پاڻيءَ جو گهڻو حصو پنهنجين
ننڍين شاخن معرفت واديءَ چيتانگ وٽ سرسوتي ۾
ڇڏيندي هئي. ٽنهي ندين جو تعلق برهمپترا ۽ ڪاويري
جي نظام (انتظام) سان هو، حاصل مطلب ته درياهه سنڌ
هن آبپاشي نظام ۾ شه رڳ جي حيثيت رکندو هو، پاڻي
جا سڀ ذريعا (نظام) سڌيءَ يا اڻسڌيءَ دريا سنڌ جي
چوگرد ئي گهمندا هئا.
’ويدن‘ جي آخري بابن ’پراڻن‘ ۾ درياهه سنڌ کي
’سوويئر‘ چيو ويو، جنهن جو مطلب آهي سڌو وهڪرو.
واديءَ سنڌ کي ’سوويئر- ديس‘ ۽ واديءَ جي رهواسين
کي ’سوويئر‘ چيو ويو. درياهِه سنڌ مانسروور ڍنڍ
(تبت) کان شروع ٿي، ديبل جي سامونڊي ڪناري وٽ سمنڊ
۾ سمائجي وڃي ٿو، انهيءَ نسبت سان ’سوويئر ديس‘ جي
جاگرافي تبت، ڏکڻ- اولهه چين، وسطي ايشيا
افغانستان ۽ پاڪستان تي محيط هئي، جنهن کي ’انڊس
ساگا‘ به چئبو هو.
سنڌوءَ کي انڊس جو نالو يونانين ڏنو. اڪسائيليڪس
(Skylax)
پهريون يوناني هو، جنهن ڪابل درياهه جي ماڳ (گهيڙ)
ڪسپائيتراس کان سنڌ جي ڊيلٽا تائين سفر ڪيو ۽ سندس
هيءَ مهم اسڪندريه جي بندرگاهه وٽ اختتام پذير ٿي،
اسڪندريه ان وقت مصر جو حصو هو.
(هلندڙ)
نوٽ:
ديبل ۽ ڀنڀور جي موضوع تي هيستائين اسان جي محققن
تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. ڪافي سيمينار ۽
ڪانفرنسون به ٿيون آهن، ڪتاب به ڇپيا آهن، پوءِ به
ڪنهن هڪ ’نڪتي‘ تي اڃان تائين اتفاق نه ٿي سگهيو
آهي، ۽ هن موضوع تي لکڻ جي تشنگي برقرار آهي.
محترم عبدالرزاق ميمڻ صاحب جيڪو نوجوان انجنيئر
آهي ان هيءُ مضمون وڏي محنت ۽ مطالعي بعد اردوءَ ۾
تيار ڪيو ۽ مون وٽ ’اشاعت‘ جي مشاورت لاءِ کڻي
آيو، سندس محنت ۽ ڪوشش جي مون نه صرف ساراهه ڪئي،
پر مهراڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري قارئين تائين
پهچائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، طوالت سبب هيءُ مضمون
اسين ٻن قسطن ۾ ڏئي رهيا آهيون، يقيناً هيءُ مضمون
هِنَ اهم موضوع تي بحث جا نوان دروازا
کوليندو. –
اسد جمال پلي |