ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
وقار پنهنجو بحال رکجي، |
۽ مرتبي جو خيال رکجي. |
جواب جنهن مان ملي ڪو مبهم، |
نه ڪنهن اڳيان سو سوال رکجي. |
برائين جي اڳيان سدائين، |
چڱن ڪمن جي ته ڍال رکجي. |
ڇڏيو پچر ماضيءَ جي ته هاڻي، |
جهان آڏو ته حال رکجي. |
ننڍا وڏن کان سکن ادب جيئن، |
مثال ڪو بي مثال رکجي. |
نه جهول ۾ غم نه ڏوجهرا، ڏک، |
نه درد رنج و ملال رکجي. |
اناج ماڻهن جي لئه صحيح آ، |
۽ جانورن لئه پلال رکجي. |
حرام کان پاڻ کي بچايو، |
ٻچن لئه کاڌو حلال رکجي. |
هجي نه ڀل هڙ ۾ پيسو ’عادل‘، |
ٻين اڳيان پر جلال رکجي. |
غزل
محبتي هر بيان ساڳيو آ، |
قرب جو داستان ساڳيو آ. |
حال دل جو پاڻ ۾ ڪيون ٿا، |
ڇو ته پنهنجو جهان
ساڳيو آ. |
خيال ساڳيو ۽ سوچ ساڳي آ، |
آدميءَ لئه گيان ساڳيو آ. |
هڪ حقيقت نه ڪو فسانو آ، |
ڌرتي ۽ آسمان ساڳيو آ. |
ڪابه تبديل شيءِ نه ڪاٿي آ، |
زمان ساڳيو مڪان ساڳيو آ. |
سنڌ ڌرتيءَ جو شان اوطاقون، |
هر سنڌي ميزبان ساڳيو آ. |
دل کي جنهن مان پئي اچي راحت، |
سنڌ جو هر گلستان ساڳيو آ. |
ٿر، سرو، لاڙ ۽ وچولو سڀ، |
ڪارونجهر ڪوهستان ساڳيو آ. |
مانُ انسان جو رکي اونچو، |
آدمي سو مهان ساڳيو آ. |
راز علي گُل ڀٽو
گمبٽ
غزل
اسان لئي سُڀان سج اُڀري نه اُڀري،
ڪوئي چنڊ ڪڪرن مان نڪري نه نڪري.
ٻُڏڻ واري ٻيڙيءَ جو ان سان وڃي ڇا؟
مُسافر ڪوئي پار اُڪري نه اُڪري.
ڏيڻ وارا ڏَنُ پاڻيهي ڏيندا پُڄائي،
مُرشد مُريدن ڏي اُسري نه اُسري.
ارڏن اُڀارن جي منظر هو موهيو،
اوهان کان اها ڳالهه وسري نه وسري.
اسان سچ جي ٻيڙيءَ کي تاريون وڃون ٿا،
ڀل ڪو سُڀان ان کان مُڪري ته مُڪري.
غزل
دل بيمار کي جانا سهاري جي ضرورت آ،
ٻڏڻ واري جي ٻيڙيءَ کي ڪناري جي ضرورت آ.
ڏئي سِرُ هيءُ ٿيان سُرهو، اچي جي ڪم وطن خاطر،
مونکي بس قوم جي هڪڙي اشاري جي ضرورت آ.
چُرڻ خاطر، چُڳڻ خاطر، جيئڻ خاطر، کِلڻ خاطر،
گناهن جي گهڻائي ٿي، ڪُفاري جي ضرورت آ.
هِتي جي سچ چئو ڪنهن کي، ته ڀت ٿئي ٿو ڦِڪو يارو،
خوشامد لئي منافق کي ڦيٽاري جي ضرورت آ.
غريبن جا ٻچا سيءَ ۾، نه ڪاٺي آ نڪي ڪپڙو،
انهن کي ان سياري ۾، اونهاري جي ضرورت آ.
آيا آرهڙ سندا ڏينهڙا، بَهاريءَ جو ڪو ڀيرو ڪر،
مڇر کائي ويا مونکي، مَهاري جي ضرورت آ.
حاذق جوڻيجو
نم شريف
سانوڻ
لڪائي وڏڦڙو ڪڪرن ڪئي ڪاراڻ سانوڻ ۾،
وسائي شوق سان کنوڻ ڪئي چانڊاڻ سانوڻ ۾.
وسي بوندن ڪيو سائو ڪنڊن کٻڙن ۽ ڪرڙن کي،
وڌي ويئي گلابي گل سندي ڳاڙهاڻ سانوڻ ۾.
زمين جي ڳود مان نڪتا للر لوڻڪ مريڙو مُچ،
غريبن کي نه ٿي ڪا ٻوڙ جي ٿئي سانوڻ ۾.
ٺريو واري وڃي ڀرجهيو وهڻ نالا نديون سارا،
ٿي ڏسجي مينهن وسائڙن جي حسين لالاڻ سانوڻ ۾.
اٿل کائي ڪچي کي ٿو ڪري آباد اُلفت سان،
وهي ٿو موج مستي ۾ مٺو مهراڻ سانوڻ ۾.
مليل هڪ انڊلٺ رنگ ست قادر جي قدرت آ،
پيو حيرت ۾ سڀ ڪوئي ڏسي پيلاڻ سانوڻ ۾.
خوشي مان مال وارا کير جون چونريون ڀري نڪرن،
ڏسڻ لائق ٿي آهي مال جي جهوجهاڻ سانوڻ ۾.
ڪڪر ڪارا اڇا ڳاڙها اجهو آهن وسڻ وارا،
سفيديءَ سان گڏ سرخي جي ڏس نيلاڻ سانوڻ ۾.
ٿا جهانگي جهنگ جهر ۾ ڪن رهاڻيون روز راحت سان،
کنڀين جي ٻوڙ تي خوش ٿي ڪن بهراڻ سانوڻ ۾.
ڏسي ’حاذق‘ جي ڪڇ ۾ خوش، جوڻيجي کي چيو سهڻي،
مٺي محبوب سان هر وقت موجون ماڻ سانوڻ ۾.
عبدالغني’غني‘ هاليپوٽو
ثابت آباد
غزل
نٿي ساعت سري هڪڙي مٺا محبوب توري اچ،
وهاڻا هنڌ وڇايا ٿم اکين ۾ ويهه اوري اچ.
اچي مهمان ٿئين جيڪر، اها ساعت بنهي بهتر،
ٿئي گلزار منهنجو گهر، سمي اهڙي سدوري اچ.
سندم شام و سحر تولئه، سنجهو آڌي اسر تولئه،
پرين اٺئي پهر تولئه، پيو ڀل ڏينهن ڌونري اچ.
سندئي ديدار لئه دلبر، اداسي آهه المنظر،
خدارا هاڻ جلدي ور، سگهو تون ڄام شوري اچ.
وڌا تو دام ۾ داڻا، وري محبوب ڇو ماڻا،
رهين ٿو روح ۾ راڻا، هلي دل جي هندوري اچ.
وڌم دل دام ۾ ڊوڙي، وجهي وئين نڪ اندر نوڙي،
ڪريان قربان ڪُل موڙي، ڇڏيان سر ساهه گهوري اچ.
سڙي ويو سوز ۾ سينو، ٿيس بي حال بي چينو،
پيارا پرت جو پينو، ٿڌا پيو ساهه سوري اچ.
وڇوڙي من وڍيو آهي، غمن گوندر گڏيو آهي،
جدائي هت ڇڏيو آهي، ’غنيءَ‘ جو جيءُ جهوري اچ.
ڪريم جان پلي
دولتپور
غزل
اکين جي اشاري سان گهايل ڪري ويو،
منهنجو روح زخمي ڪو قاتل ڪري ويو.
ڏٺم سيوهڻ ۾، نغارن جي وچ ۾،
مِي رقصم اندر ۾، هو شامل ڪري ويو.
چپن ساڻ مُرڪي، ڏئي نينهن سُرڪي،
آڏاڻي تي چاڙهي، مون ڪامل ڪري ويو.
ڏيان ڪهڙا سجدا، وڃان ڪهڙي مندر،
عشق جي سُتي ڏئي آ غافل ڪري ويو.
سُتل منهنجي جذبن کي، آغوش بخشي،
ڏئي جام ساغر جو عاقل ڪري ويو.
اميريءَ ۾ مون کي، فقيري ڏئي هُو،
حُسن جو ’ڪريم جان‘ سائل ڪري ويو.
غزل
پٿر جي صنم سان، وئي دل لڳي آ،
وئي ائين گذري، سڄي هي وهي آ.
سڄي رات پاسا، ورائيندي گذري،
وئي ننڊ نيڻن، ڦِٽائي سَکي آ.
ڪري شوخ نظرون، نهاري ٿو مون ڏي،
وري اڄ سڄڻ کي، وٺي وئي مڳي آ.
ڪو اشراف ماڻهو، سُجهي ئي نه تر ۾،
جتي سادگي آ، اُتي ئي ٺڳي آ.
هڻي ڪوڙا الزام، دولت جي خاطر،
ڪري ڪاري ڀاءُ، ڀيڻ ماري سَڳي آ.
ڪڏهن ڏوجهرن ۾، ڪڏهن آ سُکن ۾،
’ڪريم جان‘ پنهنجي، اِها زندگي آ.
ساگر علي ميراڻي
نوابشاهه
غزل
ڏسان دلدار روزانو،
ٿئي ديدار روزانو.
محبت ۾ ضروري آ،
ڪجي اظهار روزانو.
هُجي شل منهنجي ٻانهن ۾،
هِئين جو هار روزانو.
ڏئي ٿو قرض چاهت جو،
وڌي ٿو بار روزانو.
هليو وڃ سنگدل ڏي تون،
انا کي مار روزانو.
تون ’ساگر‘ پيش ڪر ڇاتي،
ڪري ڀل وار روزانو.
غزل
پرين پيارا ڇنو نه رشتا،
پيار وارا ڇنو نه رشتا.
ازل کان جيڪي ڳنڍيل رهن ٿا،
اُهي ٻيهر ڇنو نه رشتا.
اٻوجهه ٻارن کان شفقتن جا،
ٻڌو خدارا ڇنو نه رشتا.
غريب ’ساگر‘ کان دوستي جا،
صنم سونهارا ڇنو نه رشتا.
هارون چانڊيو
ڪُنري
ڪافي
محبت ڀريا ماڻهو منهڙو مٽي ويا،
حياتي جي بازي کٽي کٽي ويا.
مشڪندي محبت سان جن نينهڙو نڀايو،
کلندي خوشي سان ٿي مليا ڀاڪر پايو،
اُهي وقت پنهنجو قرب ۾ ڪٽي ويا.
اچڻ سان عجبن ٿي پڇيون خير خبرون،
پنهنجن پراون ڏي هين نيڪ نظرون،
ڪئن جو سي دليون فراقن ۾ فٽي ويا.
سڀڪنهن سان ڪرڻ وارا ڀلايون،
قرب وارن جي ڪچهري ۾ محبت ۽ مٺايون،
سڄڻ سي محبت ۾ وقت ڪٽي ويا.
هتي آ ’هارون‘ هرڪو مسافر،
مرڻ ويل ’چانڊيه‘ تي ڪري ڪرم قادر،
هي جهان ڇڏي جانب محبتون ڇٽي ويا.
ڪافي
مٺا مور مانجهي موچارا هليا ويا،
ڪري ساٿ سُڃو سونهارا هليا ويا.
جن جانبن سان هيم روح رهاڻيون،
تن جي قربن جون ڪريان ڪهڙيون ڪهاڻيون،
ڪري جيئري جدايون جيارا هليا ويا.
صحبتون تن سڄڻن جون سدا ويٺو ساريان،
ڏسيو گس گهٽيون پيو واٽون نهاريان،
ڏسڻ پسڻ کان پري ٿي پيارا هليا ويا.
محبت مٺن جي نه دل تان ٿي وسري،
راتو ڏينهان روح مان نٿو غم نڪري،
کائڻ پيئڻ ڪري کارا هليا ويا.
’هارون‘ هي دنيا آ فنا جو مڪان،
چئن ڏينهن جو ’چانڊيا‘ هرهڪ آ مهان،
ساٿي مائٽ سنگتي سهارا هليا ويا.
سيد رفيق احمد امروٽي
سڪرنڊ
غزل
دوستن جي شهر ۾
دوستن
جي بيوفائي دوستن جي شهر ۾،
دوستيءَ جي آ دُهائي دوستن جي شهر ۾.
چار چشمي برطرف ۽ طوطا چشمي هرطرف،
اجنبيت انتهائي دوستن جي شهر ۾.
ڪا مسيحائي نه دلجوئي نه ڪوئي آسرو،
درد جي آهي گهڻائي دوستن جي شهر ۾.
ڪو هجي مون کي لهي ڏي مان لهي ناهيان سگهيو،
مسڪراهٽ مون وڃائي دوستن جي شهر ۾.
مون ته غيرن ۾ به گهاريو خوش گهڻو محتاط ٿي،
دل ڀروسي آ ڏکائي دوستن جي شهر ۾.
مون ته سمجهو منهنجا آهن پر پراوا ها اُهي،
ڪالهه پڌري ٿي ٻيائي دوستن جي شهر ۾.
مان ته مدت کان پو آيس دوستن جي شهر ۾،
پر نه تبديلي ڪا آئي دوستن جي شهر ۾.
نياز نوڙت اڻ لڀيا هيڻي نه ٻولي ٻاجهه جي،
واهه جو آهي وڏائي دوستن جي شهر ۾.
پاڻ ۾ ڀي هُو نه مخلص پاڻ ۾ ڀي ڌار ڌار،
منهنجي لُڇ پُڇ آ اجائي دوستن جي شهر ۾.
ٿي ڪرشمو ڪاش ماڻهو ٿي پون ’سيد رفيق‘،
سڀ مکڻ ماکي ملائي دوستن جي شهر ۾.
غزل-دشمنن
جي شهر ۾
مان اڪيلو شخص راهي دشمنن جي شهر ۾،
ناهي ممڪن خيرخواهي دشمنن جي شهر ۾.
حق گوئي ناپسنديده روايت عام خاص،
بي عدالت بادشاهي دشمنن جي شهر ۾.
تلخ ماڻهو وات ڦاٽل سنگ باري لفظ لفظ،
بي وڙائي بد نگاهي دشمنن جي شهر ۾.
ٽاڪ منجهند ۽ اونهارو وڻ نه ڪوئي ڇانورو،
مان پٽيان ڀي ڪاٿي ساهي دشمنن جي شهر ۾.
ٽياس تي ٽنگجي وياسون پَير ۽ ٻانهون ٻڌل،
مان ۽ منهنجي بيگناهي دشمنن جي شهر ۾.
ظلمتن کي زور آهي ڏاڍ جي ڏاڍائي آ،
امن جي خاطر آ ڦاهي دشمنن جي شهر ۾.
شرپسندن شرانگيزيءَ سان سبي سڀ لَبَ ڇڏيا،
ڪير منهنجي ڏي گواهي دشمنن جي شهر ۾.
مان فنائيت ۾ رستو ٿو بقا وارو ڏسان،
دشمنن جي آ تباهي دشمنن جي شهر ۾.
ڪوڙ جو ڪاڻيارو ناهي سچ آ ’سيد رفيق‘،
مالڪي ڪر ياالاهي دشمنن جي شهر ۾.
غلام رسول گُل
بيظيرآباد
غزل
نئون اڄ ماڳ ٿو ڳولهيان،
وڃايل ڀاڳ ٿو ڳولهيان.
وئي جيڪا رسي آ سا،
اکين جي جاڳ ٿو ڳولهيان.
ڇُٽي دل جا ويا هن ڏنڀ،
ڏنڀن جا داڳ ٿو ڳولهيان.
اندر ساڙي وئي آ جا،
اُهائي آڳ ٿو ڳولهيان.
اچي آ سانوري طلبيو،
ٻنيءَ مان ساڳ ٿو ڳولهيان.
تصور جي ته باجي سان،
پهاڙي راڳ ٿو ڳولهيان.
هلي ڇُوڙ واڳ ٿو جو ’گل‘،
اُنهي جي واڳ ٿو ڳولهيان.
غزل
ڏياري رات مان تنها،
ڀلاري رات مان تنها.
هُئي دلڪش ستارن سان،
پياري رات مان تنها.
لٿو چنڊ، ٿي شروع ڪاري،
انڌاري رات مان تنها.
لُڇي ڦٿڪي سياري جي،
گذاري رات مان تنها.
هُئي ڪمري ۾ بند هڪڙي،
ڪنواري رات مان تنها.
سڄڻ ايندو سُتي بک تي،
بکاري رات مان تنها.
جُدا ’گل‘ کان ڪٽي آ اڄ،
ڏکاري رات مان تنها.
مجاهد مَهڙ
سڪرنڊ
دُوها
ڪتبو
تنهنجو کڻندي نانءُ ’مجاهد‘ ٺاريان ويٺي هيانءُ،
منهنجي دل جي ڪتبي تي آ اُڪريل تنهنجو نانءُ.
هَٿَ
جهومڪ، بولو، ٽِڪَ ۽ ڦُلڙي هيرو، دُهري نَٿَ،
پايل ۽ پازيب پيارا ميندي رَتڙا هَٿَ.
ڳَلَ
ڪهڙي ريت وساريان پيارا گهاريل توسان پَلَ،
تُنهنجا مٺڙا ڳاڙها ڳاڙها ڏاڙهونءَ جهڙا ڳَلَ.
ڳالهه
ڪيئن وساريان توکي ’مجاهد‘ روز وڃي ٿي وسري ڳالهه،
نيڻ ٻئي ٿي منهنجا شاهد روز وڃي ٿي وسري ڳالهه.
تارا
آئي آهي رات پياري ويس ڪري ڏس ڪارا،
’مهڙ مجاهد‘ اُڀ ڏي ڏس تون ڪيئن پيا جَرڪن تارا.
رنگ
مون کي وڻي ٿي ’مهڙ مجاهد‘ ڇير جي ڇم ڇم،
انڊلٺ جا رنگ، سانوڻ جي مند، مينهن جي رم جهم.
اسد ’جمال‘ پلي
عمرڪوٽ
نظم
(منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ)
نانءُ ڌڻيءَ جي سان شروعات،
ڏيندو مرسل مٺڙو ڏات،
چارئي يار چڱائي ذات،
پنجتن پاڪ ڪندا پالوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
ملڪ منهنجي جي آهي ڳالهه،
تاريخن جا ڏيئي مثال،
بحث نبيريون ٿا هر حال،
نُڪتا سڀ ڪريون ٿا نوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’اليگزينڊر‘ جڏهن آيو،
عربن هو اسلام پڄايو،
’منصوره‘ جو شهر ٻڌايو،
تيسين ڪونه سُجهي هت ڪوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’بانيا‘ واري بات آ خوب،
تاريخن جو آ مڪتوب،
عرب خليفن ڏانهن منسوب،
’مير محمد بخش‘ جو ووٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
ڪوٽ پٽن تي اڇا آڏائي،
’شاهه عمر‘ جي ڳالهه ٿو ڳائي،
ٻئي جو ڪونه حوالو چائي،
شاهد آهي ’ڀٽائي گهوٽ‘-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’کاروڙي‘ جي پٽ جي ڄائي،
لوئيءَ جي جنهن لڄ بچائي،
’ويڙهيجهپ‘ ڏانهن ويا پوءِ ڀائي،
گڏجي سڀ ماسات ۽ سوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
عين- الف جي ڳالهه اجائي،
’لالا ٻهه‘ جي لات اِهائي،
ائين نه مِلي ڪا شاهنشاهي،
جيئن تون چاهين ٽوٽ بٽوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
ان کان پوءِ ڪي دعويدار،
’نوڪوٽيءَ‘ سان ٿيا نِروار،
خام خياليءَ جا سڀ پار،
ٺاهين ڊاهين ڪئين فوٽ نوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’غوث بهاءالحق‘ جا ٿورا،
’غزنويءَ‘ جا پهتا گهوڙا،
’سومناٿ‘ وٽ وڃي ٿيا سوڙا،
’ڪرمتين‘ ۾ پئي ڦڙڦوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’همير‘ حاڪم، وزير ’راڻو‘،
’نندو‘ سماٽن ۾ ساماڻو،
ارغونن، ترخانن، ٿاڻو،
مغلن کاڌي هيڏانهن موٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’اڪبرِ اعظم‘ ٿيو نِروارو،
مُشڪ سان مهڪي ويو ’سامارو‘،
’خان خانان‘ پوءِ ڏنو لامارو،
سڱ وٺي کاڌائين موٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’نورمحمد‘ هي قلعو بڻايو،
ڪوٽ ڪچي کي پڪو ڪرايو،
بيگر ۾ هو راڄ ڦاسايو،
جوان، ٻُڍا، ٻار ۽ اڌڙوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’نادر شاهه‘ جو وڳو نغارو،
’ابداليءَ‘ جو پوءِ آ وارو،
قول ’ابن‘ جو ٿيو سچ سارو،
گُهٽيو ’خُناق‘ سان هو نڙ گهوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’عبدالنبي‘ پوءِ ڪيو واپار،
ڪوٽ جا ورتئين ڪئي هزار،
آيا پوءِ هِتي اوساڙ،
ڪُڪڙ ڪلهن تي هئا جهنگڙوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’عبدالرحيم‘ هئو درس پلي،
’مدد‘ خان ڏي آيو هلي،
’جانهري‘ واري ڦُر جهلي،
پاڪ ڪتاب جي ورتئين اوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’مير فتح ڄڻ شينهن گجيو،
’جيسلمير‘ کان ڪوٽ کسيو،
’ڍٽ‘ سڄي کي مانُ مليو،
پوءِ نه ڪئي ڪنهن لوٽ کسوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
انگريزن سان جنگ مياڻي،
’حيدرآباد‘ جي ڪئي پڄاڻي،
نَر وڙهيا پوءِ ناريجاڻي،
’شير‘ هِتي هُئي ورتي اوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’احمد شاهه‘ جو اعليٰ شان،
’ڏوماڻيءَ‘ ۾ ترسيو خان،
’ڪاروءَ‘ چاڙهيءَ تي مهمان،
حُر وٺي ويو ’بالاڪوٽ‘-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’رتن سنگهه‘ هو ببر شير،
شهيد ڪيائين مڙس مٿير،
ڳالهه پنهنجي تان هٽيو نه پير،
’تروٽ‘ سان به ڏنائين چوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’قائدِ اعظم‘ ڪيو اعلان،
ملڪ ٺهيو پوءِ ’پاڪستان‘،
جنهن ۾ سڀ جو مانُ ۽ شانُ،
ماڻهو جنهن جا سڀ اڻموٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’ڀيڄ پاڳارا‘ ڪلنگيءَ وارا،
’دهليءَ‘ تائين گونجيا نعرا،
پنجهٺ ۾ ٿيا سڀ سوڀارا،
جن به ڏني هن جنگ ۾ جوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
ايڪهتر جي جنگ کان پوءِ،
ملڪ سڄو ٿيو ’جيئي ڀٽو‘،
’شملا‘ ٺاهه سان امن ٿيو،
پهتا ماڳ اچي رنگروٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’طالب الموليٰ‘ جي هيءَ ڌرتي،
سڀني پيرن کي آ پَرتي،
لَڪي، بخاري، چشتي، دشتي،
هت ئي يارهين، عرس ۽ روٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
’ميون صاحب‘ سچ سياڻو،
’شاهه شهيد‘ ۽ ’گجو راڻو‘،
’بيبي صاحبه‘، ’شاهه نماڻو‘،
’عيسن شاهه‘ هتي اڻموٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
مندر، مَستيون عام ۽ جام،
امن صلح جا هِت انعام،
عيد ۽ هولي ٻئي هڪ گام،
ڪونهي پيار جي هِت ڪا کوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ.
منهنجا مرشد پاڪ مِٺا،
’سرهندي‘ سردار سچا،
ڏيهه تان سڀيئي لهن ڏچا،
پَلر جي هِتِ رهي پالوٽ-
سڀني ڪوٽن کي آ ڪوٽ،
منهنجو پنهنجو عمرڪوٽ. |