پروفيسر ستار سومرو
قمبر- شهدادڪوٽ
تنوير
عباسيءَ جي لطيف شناسي
هتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون،
ساجن سونهن سرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو
جديد، ناميارو، شاعر ۽ هڪ سڄاڻ تخليقڪار، عالم،
اديب ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي جديد
شاعر جو درجو ماڻيندڙن شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام
جهڙن شاعرن جي لڙهيءَ ۾ پيل هڪ انمول موتي آهي،
جنهن پنهنجي جديد شاعري، پنهنجي سٻاجهي سليس،
سلوڻي ۽ عوامي لهجي ۽ شاعريءَ جي آفاقي قدرن جي
ذريعي سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. شاعريءَ
جي جديد لاڙن ۽ نثر نگاري جي ڪري ڊاڪٽر تنوير
عباسي سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو، پر ڊاڪٽر
صاحب جيڪا وڏي مڃتا ۽ وڏي محقق، نقاد ۽ شارح جي
حيثيت تڏهن ماڻي ورتي، جڏهن ڊاڪٽر صاحب شاعرن جي
سرتاج سنڌي ٻوليءَ جي قومي ۽ فڪري رهبر شاهه لطيف
کي جديد انداز ۾ پيش ڪري لطيف جي حقيقي شارحن ۾
شامل ٿئي ٿو. سندس ڪتاب ’شاهه لطيف جي شاعري‘ شاه
لطيف جي حوالي سان ٻارهن مختلف عنوانن تي مشتمل
آهي، جيڪو شاهه جي شاعري کي مختلف فڪري زاوين ۽
جديد علم جي آڌار تي ظاهر ڪري ٿو. هونئن به عظيم
شاعر جي شاعري ۽ حياتيءَ، جيون جي ڪٿ ڪرڻ جي لاءِ
جديد علمن جي تقاضائن منطق ۽ تنقيدي شعور کي آڏو
رکڻ کپي، تڏهن ئي وڃي ان شاعر جي ڪلام جو صحيح
نموني اڀياس ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته جيترو منطق
سگهارو ۽ تنقيدي شعور وزندار هوندو ته اوترو ان
شاعر جي تخليق جي گهرائي تائين وڃي سگهبو. تڏهن ئي
ته شاهه لطيف چيو ته:
ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتار ان پيهي،
پسندا سي ئي، املهه اکڙين سين.
شاهه لطيف تي هونئن ته ڪافي سالن کان وٺي تحقيقي
ڪم ٿيندو پيو اچي. مغرب جي عظيم عالمن، محققن،
شارحن ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر سورلي کان وٺي مشرق جي
لطيف جي عاشقن، جن شاهه تي پنهنجو فڪري پورهيو ڪيو
آهي. انهن مان جهڙي نموني ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ
نقاد جي حيثيت ۾، ٽي.ايس ايليٽ جي تنقيدي شعور کان
باخبر ٿي ڀٽائي تي جيڪو ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ
۾ ڏنو آهي، اهو ناياب آهي ۽ ان ۾ جديد علم جي
اپٽار پڻ ملي ٿي. مختلف عالمن، مختلف انداز ۾، الڳ
الڳ علمي اک سان شاهه کي ڏٺو آهي، پر جهڙي نموني
ڊاڪٽر صاحب مختلف عنوانن کي آڏو رکي جيڪو علمي ۽
قلمي پورهيو ڪيو آهي اهو ڊاڪٽر صاحب کي الڳ قسم جي
اهميت ۽ حيثيت ڏياري ٿو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر
صاحب پاڻ چوي ٿو ته ”شاهه لطيف جي اهميت هر دور ۾
ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شاعر جي حيثيت سان رهي آهي. هن
ڪتاب لکڻ جو مقصد به شاهه لطيف جي شاعراڻا خوبين
جي ڳولا ڪرڻ آهي.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ
جو ادبي پسمنظر، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي شاعريءَ جو
اثر، شاهه لطيف تي فارسي شاعريءَ جو اثر سان گڏوگڏ
شاهه لطيف جي تاريخي ڪردار کي ڏاڍو جامع ۽ عالمانا
انداز ۾ پيش ڪري ٿو. شاهه لطيف جي سياسي پسمنظر ۾
به باريڪ بينيءَ سان شاهه لطيف جي دور جي حالتن ۽
شاهه لطيف جي حقيقي تصوف جو عڪس چٽيو آهي. ان کان
علاوه شاهه لطيف جي عوامي شاعري، شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ موسيقي، شاهه لطيف جي عڪسي شاعري ۽ شاهه
لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس، شاهه لطيف جي
اهڃاڻي شاعري، شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون، شاهه
لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار، ساجن سونهن سرت
کان وٺي سُر گهاتوءَ جو اڀياس تائين ڊاڪٽر صاحب جا
مختلف زاوين سان لکيل مضمون شاهه جي لطيف جي
شاعريءَ کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪن ٿا. جيئن
سُر گهاتوءَ جي ڪهاڻي آهي يعني عملي جدوجهد جتي
گهڻ ڄاڻ ماڻهو علامه منجهي پون ٿا، سا جوءِ ڏوري
آيا، سونهان جت منجهن، اتي هڪ جڏڙو، ضعيف، ڪمزور،
مورڙو گوءِ کڻي ٿو وڃي. ڇو ته هُو رڳو ڄاڻ علم يا
سوچ ۽ فڪر تي نٿو ڀاڙي ويهي رهي پر عمل پڻ ڪري ٿو
۽ عملي جدوجهد ڪري ڏيکاري ٿو. جيئن شاهه چوي ٿو
ته
جيئن جهڳا پائن جهول ۾، تيئن نه مرن مڇ،
سٻر ڌار سمنڊ جا، ڪي رائو رڱيون رڇ،
هي ڇارون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي هن سُر ۾ مورڙي جي معرفت عوامي
انداز ۾ سمجهائڻ چاهيو ته دشمن ڪيڏو به طاقتور ڇو
نه هجي، رڳو علم جي ذريعي ان کي مات نٿو ڪري سگهجي
ته علم سان گڏ عمل به کپي. ۽ عملي جدوجهد پڻ. تڏهن
وڃي ماڻهو پنهنجي منزل جي مومل ماڻي سگهي ٿو.
ساجن سونهن، سرت عنوان ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي هيءَ
ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هتان کڻي هت رکڻ
جو مطلب آهي اسٽيٽسڪو مان مطئمن نه رهجي ۽ اڳتي
وڌجي، ان جو مقصد آهي، سماجي تبديلي، سماجي ارتقا،
سماجي اوسر، ۽ سماجي اوسر جي ان ريت آهستي آهستي
ارتقا ٿيندي ته سڄڻ، منزل يا مقصد جنهن کي شاهه
سائين سونهن ۽ سرت ٿو سڏي اهو وک کان به ويجهو ٿي
پوندي.
جيئن شاهه چوي ٿو ته:
کهي جا کنيائن، وک تنهن ويجهي ڪئي،
ڇڪي ڇنائين، پنڌ مڙئي پٻ جو.
وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
سو ڪوهه ڪري سڀڪا، تون کهي کڻج وک،
تاڻج منجهان تک، تهَ پنڌ پاسي ڀر نبري.
مطلب ته شاهه سائين ان دور جي رياست
(State)
جو سخت مخالف هو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي فڪري
ويڙهاند سان ان دور جي يزيدن، دلالن ۽ وقت جي
حڪمرانن سان ويڙهه ڪئي. شاهه لطيف وٽ زندگيءَ جي
سڄي جدوجهد اسٽيٽسڪو کان اڳتي وڌڻ آهي. اهو ئي
شاهه جو سنيهو ۽ نئون نياپو آهي، جنهن سان ساجن،
سونهن، سرت، ملڻ سولا ٿي وڃن ٿا. ان جو واضح ۽
اڳتي وڌڻ جو تصور هن بيت ۾ ملي ٿو ته:
لڙ ۾ لاڙائو ٿيو، گهتون گوهيون ڇڏ،
لڏو لاهم لڏ، ته ڳاڙي سج ڳالهه مڙي.
اهو سچ آهي ته شاهه لطيف ڪڏهن به رياست جو
خيرخواهه نه رهيو آهي، پر هميشه ان جو مخالف رهيو
آهي. ڇو ته سڄاڻ شاعر پنهنجي دور کان مطئمن نه
هوندو آهي، پر هُو سماج کي گهڻو اڳتي وٺي وڃڻ جو
خواهش مند هوندو آهي. سماج ۾ نت نيون تبديليون
چاهيندو آهي. ترقي پسند سوچ رکندو آهي، روشن خيال
ادب سرجي، قومن جي تقدير ۽ تدبير بدلائي ڇڏيندو
آهي. مخالف ماحول ۾ رهڻ ۽ ان کان مطئمن نه ٿيڻ ۽
چپ ٿي ويهڻ بدران ان جي خلاف انقلابي قدم کڻڻ، هڪ
سچي قومي ۽ انقلابي شاعر جو ڪم ئي آهي.
اک الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين،
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو ونءُ اڀار.
منجهان نوچِ نهار، پُرِ پٺيرو پرينءَ ڏي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاهه لطيف تي پنهنجي ڪتاب وسيلي
جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو لطيف شناسيءَ جي سلسلي جو
نهايت اهم ڪم آهي، جنهن ۾ هن ڪيترن ئي نون موضوعن
کي زيرِ بحث آندو آهي. مان ذاتي طور ڊاڪٽر تنوير
جي ان ڪم کي شاهه شناسيءَ جي سلسلي ۾ هڪ ڪارنامو
سمجهان ٿو، جنهنڪري کانئس پوءِ واري پيڙهيءَ کي
شاهه تي جديد انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي سهولت پيدا ٿي
آهي.
جان جيئنءَ تان جَل، ڪانهي جاءَ جلڻ ريءَ،
تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون
راڄو ڳوٺ- سال
مولوي
عبدالله سمون سال وارو
(تاريخ جو وسريل ورق)
ٺٽي جي درياه واري علائقي جي ٻنهي پاسي وڏي آبادي
آهي، جنهن ۾ سوَن جي تعداد ۾ وڏا مشهور ڳوٺ آباد
آهن، ائين چئجي ته اهو ڪچي وارو علائقو آهي، ان
ڪچي واري دريائي علائقي ۾ هڪ علائقو ’سال‘ آهي
ائين چئجي ته ٽنڊي حافظ شاهه کان وٺي جهرڪن تائين
ڪچي واري پوري علائقي کي سال سڏيو ويندو آهي. ڪن
ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي علائقو درياء جي اُٿل تي
آباد ٿيندو آهي، جيڪا سال ۾ هڪ دفعو ٿيندي، ان ڪري
کيس سال سڏيو ويندو آهي. ان علائقي ۾ مختلف ڳوٺ
برادريون آباد آهن، جيڪي پنهنجي تهذيب ڪلچر ريتن ۽
رسمن جي حوالي سان ڪافي مشهور آهن، گڏوگڏ آبادي،
هن علائقي جا پلا، فصل، گدرا مشهور رهيا آهن، ڪنهن
زماني ۾ حڪومت درياهه کي مقاطعي تي ڏيندي هئي، وڻج
واپار سان به هي سال مشهور معروف رهيو.
ان درياهه واري پاسي ۾ هڪ ڳوٺ ’راجو نظاماڻي‘ يا
راڄي ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي، مذڪوره نالي سان
مون کي سنڌ ۾ چار ڳوٺ ملن ٿا: (1) راڄو نظاماڻي
ٽنڊو محمد خان (2) تعلقو هالا (3) سکر (4) ضلعي
ٺٽي ۾ آهي.
راڄو نظاماڻي ضلعو ٺٽو پنهنجي تاريخ، ڪيفيت، شهرت
۽ .
هيءُ ڳوٺ سڌو درياهه جي ڪناري ڪپ تي واقع آهي،
سامهون کيس درياهه جي هن پار ملان ڪاتيار جو شهر
آهي جيڪو ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ اچي ٿو، جڏهن ته
راڄو ڳوٺ يا راڄو نظاماڻي ٺٽي ضلعي ۾ واقع آهي، هن
ڪچي جي ڳوٺ کي ان حوالي سان به شهرت مليل آهي ته
سنڌ مدرسته الاسلام جو باني حسن علي آفندي مرحوم
هن ڳوٺ ۾ پتڻ تي منشي ٿي رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ
کان پهريائين هن ڳوٺ ۾ چڱو موچارو تعداد غير مسلمن
جو رهندو هو، جيڪي هتان لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا
ويا، ڪيتريون زمينون اڄ به انهن هندن جي نالن سان
مشهور آهن.
راڄو ڳوٺ جي ٿوري جاگرافي ڪيفيت ڪجهه هن طرح به
آهي. ته بالڪل درياهه جي ڪپ تي هيءُ ٻڌل ڳوٺ چند
فرلانگ اڳيان درياهه جي وچ ۾ جبل آهي جيڪو پاڻيءَ
جي لهڻ سان سياري ۾ وڏن ڇِپن جي صورت ۾ آهي، جتي
ٻيڙياتن کي ٻيڙين هلائڻ ۾ چڱي موچاري دقت ٿئي ٿي،
بلڪل درياهه جي وچ ۾ هڪ بحري جهاز انگريز عهد جو
غرق ٿيل آهي. جتان مقامي ماڻهن ڪافي لوهه، ٽامو،
ڪاٺ ڪڍي وڪرو ڪيو. ڪافي سال اڳ پرنٽ ميڊيا ۾ اهي
خبرون ڇپيون، اسان جي ملڪ جو مشهور اديب بن اديب
ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب به ڪي.ٽي.اين جي ميڊيا
ٽيم سان گڏ اچي ان غرقاب جهاز جو معائنو ڪيو اهو
يقين آهي ته اهو جهاز ڏيڍ صدي اڳ جو آهي، ڇو جو
مقامي عمر رسيده ماڻهو ان بابت ڪافي ڳالهيون مستند
يا غير مستند ڪندا آهن، پر جهاز جي هئڻ ۾ ڪا ٻي
راءِ نه آهي. پاسي ۾ هڪ بزرگ جي قبر آهي، جنهن کي
شيخ ڪڙيو بزرگ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، ڪن
جو چوڻ آهي ته شيخ رهاڻ، شيخ ڪڙيو، شيخ سومار جيڪو
ٽنڊي حافظ شاهه (سال) ۾ آهي، اِهي سڀئي ڀائر هئا،
۽ الله وارا هئا.
وڏيرو جمعون ترڪ جيڪو شيخ ڪڙيو جي درگاهه جي ڪنهن
حد تائين متولي آهي، ٻڌايو ته مون کي اسان جي وڏن
ٻڌايو ته شيخ ڪڙيو درياهه جي وهڪري ۾ ٻڏي شهيد ٿيو
پوءِ کيس هن جاءِ تي دفن ڪيو ويو، اهو ضرور آهي ته
مٿس ڪو ميلو ملاکڙو نه لڳندو آهي، پر مقامي ماڻهو
کيس ’اولياء‘ جي نالي سان ياد ڪندا آهن، چئني پاسي
ڪچي ۾ وڏو قبرستان پڻ آهي، ٿورو اڳيان ان ڪچي ۾ ٻه
وڏا جبل آهن جن کي کاٽ کپرو چيو ويندو آهي، ٻنهي
جبلن جي چوٽين تي هڪ هڪ قبر آهي، مٿن پڙ پيل آهن،
انهن بابت ٻه ڪافي ڏند ڪٿائون زبان زد عام آهن،
جبلن جي سامهون درياهه جي هُن پار ’ٻڌڪا‘ جبل آهي
چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هتي ’ٻڌ‘ جو مجسمو لڳل هو،
ڪنهن ٻئي موقعي تي ان بابت لکيو ويندو.
تازو فريد نظاماڻي جي حوالي سان به پڙهيو جنهن
حوالو ڏنو ته راڄي ڳوٺ ۾ قائداعظم جي ڏاڏاڻي نُک
جون زمينون هيون جيڪي اڄ به روينيو ريڪارڊ ۾ موجود
آهن.
هن علائقي جي اها خوشنصيبي آهي جو سنڌ جو مشهور
عالم مولوي عبدالله سمون سال واري جو جنم سال
تقريباً 1899ع مطابق 1317هه ذوالحج جي مبارڪ مهيني
10 تاريخ يعني عيد جي رات هن ئي ڳوٺ ۾ ٿيو، سندس
والد جو نالو محمد ابراهيم آهي پاڻ ذات جا سمان
آهن، پر سندن علمي مقام ۽ مرتبي جي ڪري علائقي جا
ماڻهو کيس ميئين صاحب جي نالي سان ياد ڪندا هئا،
جيئن سنڌ ۾ اهو لقب عام طور تي بزرگن عالمن لاءِ
استعمال ڪيو ويندو آهي.
مولوي عبدالله سمون صاحب پنهنجي شروعاتي تعليم
مقامي شهر ٽنڊو حافظ شاهه ۾ حاصل ڪئي، جتي هڪ وڏو
ديني مدرسو مولانا محمد سليمان ٻنويءَ جي
سرپرستيءَ ۾ هلندو هو، جتي سنڌ جا ڪافي وڏا عالم
پڙهندا هئا، خاص طور تي لاڙ جي علائقي ۾ هن ديني
اداري کي وڏي اهميت هئي مشهور لاڙ جوعالم مولوي
محمد يوسف ٻني وارو هن ئي مدرسي ۾ پڙهندو هو.
مولانا سليمان ٻنوي مرحوم جو تعلق به جهرڪن جي
سامهون ’ٻني‘ شهر سان هو، ائين چئجي ته ان پوري
علائقي کي اصل فيض مولانا سليمان ٻنوي جي ذات مان
مليو، جيڪو خود کڏي واري مدرسي مظهرالعلوم ڪراچيءَ
جي بانين مان هو. ’سال‘ جي علمي حوالي سان پوئتي
پيل علائقي خاص طور تي راڄي ڳوٺ مان مولوي عبدالله
سمون صاحب جو ديني علم جي طرف راغب ٿيڻ جو سڀ کان
وڏو سبب هيءُ آهي ته سندن پرورش سندن پڦيءَ ڪئي،
جنهن کي ڪو نرينو اولاد نه هو، هڪ نياڻي هئي جڏهن
ته سندن پڦي جنهن جو نالو ’زليخا‘ هو هڪ وڏي ديني
علمي گهراڻي ۽ خاندان ۾ ڏنل هئي يعني ميان ولي
محمد ولهاري کنڀرو شريف ياد رکڻ گهرجي ته ميان ولي
محمد سنڌ جي مشهور بزرگ عالم صاحبِ فيض و تقويٰ جو
مالڪ ميان عبدالله ولهاري عرف حاجي اڪبري جوننڍو
ڀاءُ هو شايد مولوي عبدالله سمون سال واري تي ديني
حوالي سان ان خاندان جي مٽي مائٽيءَ جو اثر هو نه
ته راڄي ڳوٺ کان نڪري سنڌ جي ديني ادارن جي طرف
تعليم حاصل ڪرڻ جي تُڪ سمجهه ۾ نٿي اچي، ڇو ته
مٽيءَ ۾ ٻئي ڪنهن عالم جو نالو نظر نه ٿو اچي،
سندس پڦيءَ جي پرورش کيس ان طرف متوجهه ڪيو هوندو،
پاڻ جلدي ٽنڊي حافظ شاه کان نڪري ان وقت جي وڏي
بزرگ فقيهه عالم ميان محمد عمر مگسيءَ جي مدرسي ۾
وڃي داخلا ورتائون. جيڪو عالمن جي استاد مولانا
خير محمد حضريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو. پاڻ جن ڏينهنِ ۾
ميان محمد عمر مگسي ڳوٺ علي خان مگسيءَ عرف اڪ
مگسي ۾ پڙهندا هئا. انهن ڏينهنِ ۾ سندس هم سبق
هيٺيان شاگرد هئا. جيڪي اڳيئي هلي پوريءَ سنڌ جا
علمي روشن ستارا هئا: (1) مولوي محمود (2) مولوي
محمد شريف ٿهيم (3) مولوي غلام علي شاهه، مولوي
عبدالله سمون سال وارو، سائين عزيز جعفراڻيءَ
’تاريخ سجاول‘ ۾ کيس ڳوٺ ولهار جو لکيو آهي، جيڪو
صحيح نه آهي، (تاريخ سجاول، ص 278)
جڏهن ته بدين جي مشهور عالم مولانا غلام علي
گوپانگ مرحوم مون کي ٻڌايو ته مولوي عبدالله سمون
صاحب سان سندس ملاقات راڄي ڳوٺ ۾ 1970ع ۾ ٿي ۽ ان
کيس خود ٻڌايو ته تنهنجو چاچو مولوي محمد سعيد
گوپانگ ۽ اسان ڪجهه عرصو ٻيلي شهر ۾ مولوي حامد
الله لاڙائي جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اسان هم
سبق رهيا آهيون، پوءِ مولانا محمد سعيد ديوبند
روانو ٿي ويو، اهڙي طرح سجاول جي تاريخ ۾ محترم
رسول بخش تميمي به اهو لکيو آهي ته مولوي عبدالله
سال وارو ٻيلي شهر ۾ مولانا حامدالله لاڙائي وٽ
زير تعليم رهيو آهي. (’سجاول ضلعو تاريخ جي آئيني
۾‘ رسول بخش تميمي، ص 140)
منهنجي استاد محترم شيخ الحديث مولانا محمد
ابراهيم ميمڻ مهتمم مدرسه باب الاسلام ٺٽو، احقر
کي هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته 1970ع واري اليڪشن ۾ اسان
مولانا نورمحمد صاحب سجاول واري جي اليڪشن مهم ۾
راڄو ڳوٺ سال آيا هئاسون، ۽ مون سان گڏ مرحوم
مولانا عبدالغفور سجاولي ۾ هو. رات اسان مولوي
عبدالله سمون صاحب جا مهمان رهياسين ۽ پاڻ اسان کي
ٻڌايائين ته پويان ڪتاب مون سجاول ۾ پڙهيا، جتي
اوهان جو والد يعني سائين ابراهيم ميمڻ صاحب جو
والد مولوي عبدالله ميمڻ به منهنجو ڪلاس فيلو هو ۽
سائين فتح علي جتوئي ننڍو اسان جو گڏيل استاد هو.
ان ڇنڊڇاڻ مان صاف ظاهر ٿيو ته وچ سنڌ خاص طور تي
لاڙ واري سموري علائقي ۾ اهي ئي ديني مرڪز هئا
يعني سجاول، ميون محمد عمر مگسي اڪ مگسي،
مظهرالعلوم بدين ۽ جيڪي ان وقت وڏا عالم هئا: فتح
علي جتوئي، مولوي عبدالقيوم نوحاڻي، مولوي علي
محمد مهيري، مولوي امير علي شاهه قنادائي، مولوي
عبدالرحمٰن لنڊ، مولوي محمود مگسي، مولوي محمد
حسين زئور، مولوي ابراهيم. انهن سڀني جا استاد
ساڳيا هئا، جيڪي مختلف مدرسن ۾ تعليم ڏيندا هئا،
ڪي اڳ فارغ ٿيا ته ڪي پوءِ گهڻو فيض کين مولوي
خيرمحمد حضريؒ کان مليو. (پيغام احمد ڊاڪٽر
ابراهيم سنڌي، ص 12)
مولوي عبدالله سمون موقوف عليه جي ڪتابن کي پڙهڻ
لاءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪيو ۽ مدرسه مظهرالعلوم کڏي
وارو پوري برصغير ۾ پنهنجي علمي سياسي ۽ سماجي
حوالن سان مشهور هو، خاص طور تي تحريڪ آزاديءَ جو
سنڌ ۾ مرڪز هو. جتي سندس سنڌ ۽ برصغير
جي عظيم هستين سياسي ۽ سماجي ۽ ديني رهنمائن سان
دست بوسيءَ جو شرف مليو. پاڻ مون کي خود ٻڌايائون
ته اسان جي ’سبع تعلقات‘ جو امتحان مولانا فتح
محمد سيوهاڻي اچي ورتو، پاسي ۾ مولانا محمد صادق
کڏي وارو به ويٺل هو، هڪڙو بيت پاڻ سبع جو ٿي
پڙهيائون ته ٻيو شاه ڀٽائي جو. امتحان جي دوران
مولانا محمد صادق کي مخاطب ٿي چيائون ته شاعرن
اهڙيون تشبيهون ڏنيون آهن، جيڪي نه حال سان ٿيون
ملن نه قال سان. اوهان ڀٽائيؒ کي ڏسو هن بيت ۾ ڇا
ٿو چوي، پوءِ مولانا فتح محمد سيوهاڻي هيءُ بيت
پڙهيو:
هو ٿا پلاڻين منهنجو هينئون ٿو هيڻو ٿئي،
تنگ مهارون تو برا بيٺا جت جڙين.
ڏسو ڪيڏو نه حال ۽ قال سان ٿو ملي. مولوي عبدالله
سمون جيئن ته ان وقت نوجوان هئا، ۽ هڪ تحريڪي
مدرسي ۾ داخل هئا، جتي سندن استاد مولانا محمد
صادقرحه هڪ فعال سياسي ڪردار ادا ڪري
رهيو هو ۽ پاڻ ٻين شاگردن سان گڏ هڪ ڪارڪن جي
حيثيت سان ڀرپور حصو ورتائون، شايد اهوئي سبب هو
جو پاڻ پنهنجي پيرانه ساليءَ ۾ به پنهنجي هڪ ٺيٺ
ٻهراڙي واري ڳوٺ ۾ مولانا جان محمد ڀٽو، جي.يو.آئي
جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندا رهندا هئا، خاص طور تي
سندن همدرديون جميعت سان گهڻيون هيون، پاڻ اخبارات
سان گڏ ’تجلي‘ رسالو جيڪو ديوبند کان شايد عامر
عثمانيءَ جي ادارت ۾ نڪرندو هو، مستقل گهرائيندا
هئا، پاڻ فرمايائون ته ڪراچيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن
غازي عبدالقيوم کي هڪ گستاخِ رسول کي مارڻ جي ڏوهه
۾ سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي، ته ان جي لاش کي
وصول ڪرڻ لاءِ جيڪي ماڻهو سينٽرل جيل پهتا هئا
انهن ۾ آئون پاڻ هئس، پوءِ ان جي لاش کي لياري
آندو ويو، جتي گبول پارڪ ۾ نماز جنازي جي پڙهي
ويئي، غرض اهو ته پاڻ موقوف عليه جي ڪتابن جي
تڪميل کان پوءِ پاڻ سنڌ جي مشهور فقيهه عالم
مولانا محمد عثمان قِراني شادي پلي لڳ ڳوٺ عمر
ڀنڀرو ويا، جتي وڃي دوره حديث ۾ داخلا ورتائون. ۽
دوره حديث جي سند مولانا محمد عثمان قِراني جي
مدرسي ’مجدديه‘ مان حاصل ڪيائون، جتي سندن ڪيترا
ڪلاس فيلو هئا، جيڪي ان وقت مدرسي ۾ زير تعليم
هئا، پاڻ پنهنجي استادن مان ’قراني‘ صاحب جا بيحد
عقيدتمند هئا ۽ برملا چوندا هئا ته دارالعلوم
ديوبند ۾ سندن مقابلي جو ڪو عالم نه هو، شايد
اهوئي سبب هو جو قراني صاحب ديوبند ته ويا، پر جلد
واپس موٽي آيا، پنهنجي استاد محترم قراني صاحب جي
شان ۾ ڪڏهن ڪڏهن جهونگاريندا هئا:
’قرانيءَ جي جُتيءَ ۾ پائي پير ڪير‘
شايد ڪنهن شاعر يا طالب العلم جي ڪنهن غزل جو شعر
هجي، حضرت عثمان قراني هن مدرسي جو بنياد شايد
1897 ۾ وڌو هو. پاڻ قراني صاحب جي مدرسي مان جنهن
گروپ يا جماعت سان فارغ ٿيا ساڻن گڏ هيٺيان عالم
هئا جن جي دستاربندي گڏ ٿي.
1. مولوي عبدالهادي مرحوم پنهور جانهيرو (2) مولوي
محمد کوسو جيڪب آباد (3) مولوي دين محمد ڳوٺ
ڊينگاڻ (4) مولوي عبدالله صاحب سال وارو، قراني
ولهيٽ ذوالقعد و ذوالحج 1355هه مطابق 1937ع مدير
مولوي عزيزالله ناظم جميعت العلماء ٿرپارڪر. جن
ڏينهنِ ۾ مولوي عبدالله سمون صاحب دوره حديث ۾ هو
انهن ڏينهنِ ۾ مختلف جماعتن جا طالب العلم اڳ يا
پوءِ زير تعليم هئا، جن ۾ مولوي عبدالقادر
هاليپوٽو، مولوي قاضي نورمحمد پلي، مشهور دانشور
مرحوم معمور يوسفاڻي جو وڏو ڀاءُ مولوي عبدالخالق
پلي، مولوي عبدالڪريم، علي محمد پلي، مولوي
عبدالله ثاني ولهاري، کانسواءِ ڪيترا فاضل خراسان،
ايران، افغانستان، جوڌپور، جيسلمير جا عالم ۽ طالب
قِرانيؒ جا فيض يافته هئا. خود اسان جي علائقي جو
سيد غلام علي شاهه سونڊا وارو به سندن شاگرد هو،
ائين چئجي ته جيئن لاڙ ۾ قبله خير محمد مگسي خضريؒ
جو فيض هو اهڙي طرح ٿر ۾ مولانا محمد عثمان قراني
جو فيض جيڪو سنڌ جي چئني پاسن تي پکڙجي ويو، مولوي
عبدالله سمون فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي جي
ميمڻ ڳوٺ ۾ هڪ مدرسي ۾ عربيءَ جو استاد ٿي رهيو،
سندن پير هاشم جان سرهندي سان گهڻي محبت هوندي هئي
فرمائيندا هئا: ”علم غيب جي مسئلي تي“ اسان جو
گهڻو مباحثو ٿيو، آخري عمر ۾ ڪراچي ۾ جڏهن پير
هاشم جان سرهندي رهندا هئا ته انهن کيس هڪ سرمو به
موڪليو هو جيڪو نظر جي ڪمزوري لاءِ ڏنو هئائون،
ڪجهه عرصو ٽنڊي آدم، ۽ حاجي غلام نبي ڏاهري جيڪو
سندن شاگرد به هو. بهاءُالحق زئور جي پاسي ۾ سندن
ڳوٺ آهي مدرس ٿي رهيا يعني ڀينڊي شريف جي پاسي ۾
حاجي غلام نبي ڏاهري سنڌ جو وڏو حاذق طبيب هو. ۽
مولوي عبدالله سمون جو شاگرد پڻ هو علاج خاطر به
آخري ڏينهن ۾ حاجي صاحب راڄي ڳوٺ آيو هو جتي پاڻ
دوا درمل ڏنائون ۽ عيادت پُرسي به ڪيائون، مٽياري
شريف جي موجوده مجددي درگاهه جي گادي نشين پير
غلام مجدد جي والد پير غلام رسول سرهندي رحه سان
تمام گهڻي دوستي هين ڪيترا ڏينهن وڃيو درگاهه تي
رهندا هئا ساءِ وڏو ۽ خود پير غلام مجدد رحه سندن
والد به راڄي ڳوٺ آيو هو اهڙي طرح مٽياريءَ جي
سرهندين پيرن سان گهاٽا تعلقات هئن.
مولوي عبدالله سمون جي تعمير ڪرايل مسجد شريف
مولوي صاحب هڪ طويل عرصو سفر ۽ درس تدريس ۾
گذاريو، ڄڻ پنهنجي ڳوٺ راڄو کان ٻاهر شادي به نه
ڪئي هئائون ۽ اهو به سوچيائون ته پنهنجي ڪچي جي
علائقي ڪنهن به حوالي سان ڪو ماحول زندگي گذارڻ جو
خاص طور تي علمي حوالي سان هو پورو علائقو برائين،
شرڪ، بدعت، جهالت جي ور چڙهيل هو پاڻ ان جهالت کي
محسوس ڪندي ڳوٺ آيا، جوانيءَ کان به پوئتي موٽي
چڪا هئا سندس وڏي ڀاءُ کيس شادي ڪرائي ۽ پاڻ راڄو
نظاماڻيءَ ۾ هڪ ديني اداري ۽ مسجد جو بنياد
وڌائون، جڏهن ته پهريائين علامتي طور تي هڪ ننڍي
مسجد هئي، پر پوءِ هڪ وڏي جامع مسجد درياهه جي ڪپ
تي تعمير ڪرائي ۽ پاسي ۾ هڪ ديني مدرسو کوليائون،
جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ طالبن داخلا ورتي ان وقت جي
رواج مطابق سنڌي، عربي ۽ قرآن جي تعليم سان شروعات
ڪيائون، هيءُ 1934 يا 1935 جو زمانو هو، انگريز جي
حڪومت هئي ان وقت انگريز سرڪار جي طرفان ’التعليم‘
هڪ سرڪاري اخبار ايجوڪيشن جي حوالي سان نڪرندي
هئي، جڏهن هن مدرسي جون خبرون ۽ تعليم جي معيار جي
سرڪار کي خبر پئي ياد رکڻ گهرجي ته جهرڪ شهر
پهريائين پنهنجي مختلف زاوين سان مشهور هو، راڄو
نظاماڻي پاسي ۽ پسگردائيءَ جو ڳوٺ هو خاص طور تي
هيءُ ڳوٺ ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ هو ان لاءِ حڪومت هن
اسڪول کي زبردستي تحويل ۾ وٺي ’ملا مڪتب اسڪول‘ ۾
داخل ڪري وڌو ڄڻ اهڙي علائقي ۾ تعليم جي حوالي سان
اها پهرين ڪوشش هئي، جيڪا وڏي ڪامياب ويئي اسڪول
جي ڪامياب ۽ پاس ٿيل شاگردن کي مولوي عبدالله سمون
جي پاس ٿيل سرٽيفڪيٽ تي ماستريون ملڻ لڳيون، خود
جهرڪ پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر يا راڄي نظاماڻي
جي پرائمري اسڪول جي هيڊماستر کي نوڪريون سندن
تصديق سان مليون، مرحوم عبدالله لوهار جهرڪ جو هو
جڏهن ته مريم سمون سندس ڀائٽي هئي، جيڪي پوري سروس
ڪري ريٽائرڊ ٿيا، اهڙي طرح سون جي تعداد ۾ علائقي
جي ماڻهن کانئن قرآن پاڪ جي تعليم ۽ حفظ ڪيو. ڪچي
جو پورو علائقو جڏهن ته پڪي جي ڪوهستان تائين ڪو
به عالم نه هو ائين چئجي ته ڪوٽڙيءَ کان وٺي ٿاڻي
بولا خان تائين ۽ ٺٽي شهر تائين صرف سونڊا ۾ هڪ
عالم هو، راڄي نظاماڻيءَ ۾ پاڻ جمعي جي وعظ و
نصيحت سان ۽ مدرسي جي حوالي شرڪ، بدعت جي خلاف وڏو
جهاد ڪيائون، جمعي جي ڏينهن ماڻهن جي وڏي تعداد ۾
مخلوق هوندي هئي جيڪي پري پري کان نماز لاءِ ايندا
هئا ۽ يا وري فتوائون ۽ شرعي فيصلا کانئن
نبيرائيندا هئا جن جي کاڌي پيتي جو سمورو انتظام
پاڻ ڪندا هئا.
راڄي ڳوٺ جي جامع مسجد جيڪا مسجد جي مختلف دريائي
ٻوڏ ۽ کاڌ جي ڪري تبديل ٿيندي رهي ۽ وري نئين سري
سان ٻئي هنڌ تي ٺهندي رهي پراڻي زماني ۾ اڏوهيءَ
يا زمين جي کاڌ ۽ سِم جي ڪري مسجد شريف جي ٿنڀن جي
هيٺان ان وقت جي رواج مطابق پٿر جو پڃريون رکيل
هونديون هيون جن جي مٿان ٿنڀ ۽ انهن جي مٿان ڇت
هوندي هئي مسجد پنهنجي ساخت ۽ مينار جي اعتبار سان
ايڏي ته خوبصورت ۽ سهڻي هئي جو ماڻهو چوندا هئا
جهمپير کان راڄي ڳوٺ واريءَ مسجد جو منارو نظر
ايندو هو. ان زماني ۾ نيشنل هاءِ.وي نه هو ماڻهن
جي آمدرفت جو ذريعو ريل گاڏي يا وري دريائي رستو
هوندو هو جتان ٻيڙين رستي مال ايندو ويندو هو، هن
وقت هيءَ مسجد ٻي جڳهه تي ٺهيل آهي، مولوي عبدالله
سمون صاحب ئي هن مسجد جو بنياد وڌو ۽ جمعا و خطبا
پڙهايائين. ان کان پوءِ وري مسجد شريف کي شهيد ڪري
ٽئين ڀيري هن مسجد شريف جو بنياد وڌو ويو آهي، پر
سابق مسجد شريف جون اُهي چٽساليءَ واريون قديم
پڃريون نشانيءَ طور مسجد جي ٻاهرئين دروازي تي
لڳايون ويون آهن، جيئن ته ان جي تزئين ۽ قدامت جو
اندازو لڳائي سگهجي، هن مسجد شريف جي توليت
خانداني حوالي ۽ روايتن سان هن احقر ڊاڪٽر محمد
اشرف سمون ولد مولوي عبدالله سمون جي حوالي آهي. ۽
سمورو انتظام وڏن کان وراثت ۾ مليل آهي، ۽ نگهباني
جو شرف به حاصل آهي، موجوده مسجد شريف جي تصوير ۽
اُهي قديم پٿر به اوهان کي نظر ايندا، ائين چئجي
ته اهو سمورو سفر هڪ صديءَ کان مٿي جو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پهريائين گهڻي حد تائين مسلمانن
جو وراثتي معاملا شريعت مطابق حل ڪيا ويندا هئا ۽
قرآن پاڪ جي حڪم مطابق وصيت جو رواج به عام هو. اڄ
به روينيو ريڪارڊ سنڌ جو پراڻو ڏسبو ته ڪيترا زمين
جا ان زماني جا کاتا عورتن جي نالن تي آهن جن جو
بنيادي ڪارڻ اُهي عالم سڳورا هئا جيڪي شريعت مطابق
فيصلا ڪندا هئا ۽ حقدارن کي حق ڏياريندا هئا بلڪل
اهڙوئي فيصلو مولوي عبدالله سمون مرحوم جو، اسان
جي تر جي هڪ سيد زميندار جي وراثت جو آهي جنهن تي
سال 1936ع لکيل آهي تحرير مولوي عبدالله سمون جي
ٿيل آهي اسٽامپ پيپر به برطانيا جي حڪومت جو آهي،
جتي ملڪه برطانيه جي تصوير به لڳل آهي، ڪوشش ڪندس
ته جيئن اُها تحرير به قارئين ۽ ناظرين جي نظر مان
گذري. اهڙي طرح سندس تحرير ۽ خط و ڪتابت جو عڪس به
پيش ڪرڻ جي ڪوشس ڪندس. مرحوم مولوي عبدالله سمون
علم طب جو وڏو ڄاڻو هو، پاڻ پنج يا ست ايڪڙ جو
زميندار هو، پر ڪڏهن به ان زمين کي خود نه ڪاشت
ڪيائين بس طب تي سندس مختصر گذر هوندو هو، طبعاً
صابر ۽ قانع هئا، جيئن شهري علائقي کان پري ۽ ڪچي
۾ رهڻ جي ڪري خاص طور تي پاڪستان بنجڻ کان پوءِ ۽
ٻهراڙيءَ جا ئي ٿي ويا ۽ عالمن سان ميل ملاقات جو
سلسلو به گهڻي حد تائين گهٽجي ويو. سواءِ چند بزرگ
عالمن قبله پير غلام رسول سرهندي مٽياري شريف،
حاجي غلام نبي ڏاهري، مولانا محمد عيسيٰ زئور
وغيره. علاقائي ديني تبليغ کي پاڻ تي لازم ڪري
ڇڏيائون. اڌ صدي بنا ڪنهن لالچ، معاوضي جي خالص
خدا جي خاطر پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائون، البت وٽن
عالم، فاضل ايندا هئا پاڻ خود اچ وڃ ڇڏي ڏني
هئائون، کين هڪ وڏو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ ڪيترا قلمي
۽ غير قلمي مطبوع نسخا هئا، اچانڪ ڳوٺ کي باهه لڳي
جنهن ۾ هيءُ ناياب ڪتبخانو ضايع ٿي ويو، جنهن جو
هميشه غمگين دل سان تذڪرو ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن
فتويٰ جي حوالي سان سنڌ جي خاص طور تي لاڙ جي
عالمن جي طرفان قاصد فتويٰ تي دستخط ڪرائڻ لاءِ
ايندا هئا، جنهن کي مطالعي کان پوءِ دستخط ڪندا
هئا.
گهڻي حد تائين اُهي فتوائون جن ۾ عالمن جا اختلاف
هوندا هئا، مولوي عبدالله صاحب جي راءِ کي اهميت
هوندي هئي. ايوب خان جي مارشل لا واري زماني ۾
اڃان چنڊ ڪاميٽيءَ جو ملڪ ۾ وجود نه هو، رمضان
المبارڪ جي عيد ۽ چنڊ تي پوري پاڪستان ۾ عالمن جو
اختلاف ۽ گرفتاريون ٿيون ملن ۽ ماسترن کان زبردستي
عيد نماز پڙهائي ويئي جيئن سال جي علائقي ۾ مولوي
عبدالله سمون جي حيثيت هڪ سَند جي برابر هئي، پاڻ
عيد نماز پڙهائڻ کان انڪار ڪيائون جنهن جو اثر
پوري علائقي تي ٿيو. پوري ملڪ ۽ خاص طور تي مولوي
عبدالله سمون جي ڪري پوري سال جي ڪنهن به حصي ۾
عيد نماز ادا نه ٿي جهرڪ پوليس کي اهڙن عالمن جي
گرفتاري جا آرڊر مليا، پر مولوي صاحب کي پير
عبدالباقي جان سرهندي جهرڪ جي مداخلت تي گرفتار نه
ڪيو ويو. ٻئي طرف علاقائي وڏيرن سيدن ۽ پيرن جي
خواهش جي خلاف هي عمل هو. انهن مولوي صاحب جي
مخالفت ڪئي، پر پاڻ قوتِ ايماني سان اهڙن طاغوتي
طاقتن جو مقابلو ڪيو، غرض اهو ته ديني معاملن ۾
پاڻ وڏا سخي ۽ بهادر رهيا. وڏي کان وڏي وڏيري ۽
سردار کي خاطر ۾ نه آندائون، پاڻ غربت ۽ مسڪيني جي
عالم ۾ به پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان
آراسته ڪيائون. کيس پنج فرزند ۽ پنج نياڻيون سندس
وڏو فرزند محمد انور سمون ٽريزري آفيسر رٽائرڊ
ٿيو. (2) فرزند ڪامرس ڪاليج جو پرنسپل رٽائرڊ ٿيو،
(3) فرزند ايس.ڊي.او واپڊا رفيق سمون، (4) فرزند
ڊاڪٽر محمد ياسين سمون جڏهن ته پنجون فرزند
ايگريڪلچر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سروس ۾ آهي.
مولوي عبدالله سمون جي تربت مبارڪ
پاڻ آخري عمر جي حصي ۾ مستقل عليل رهڻ لڳا، ڪجهه
نصيحتون ۽ وصيتون ڪرڻ شروع ڪيائون، پنهنجي عمر
عزيز جا 75 سال پورا ڪيا، 6 تاريخ شوال المعظم
1974 بطابق 1394هه بروز اربع تقريباً 3 بجي سندن
انتقال ٿيو کين جهرڪن جي شهر جي قبرستان ۾
دفنايوويو.
مددي ڪتاب:
1-
سنڌ جا اسلامي درسگاه، ڊاڪٽر جمن ٽالپر، ص 49
2-
پيغام احمد، ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، ص 12
3-
رسالو قراني ولهيٽ، 1937ع
4-
سجاول ضلعي جي تاريخ رسول بخش تميمي، ص 140
5-
الفاروق مدرسه جامعه فاروقيه، ص 63
6-
ٺٽي جا ديني درسگاهه، حافظ حبيب سنڌي، ص 134
7-
هٿ لکيل هڪ تحرير وراثت جي فيصلي بابت
8-
خانداني روايات ۽ چشم ديد واقعات
9-
تاريخ سجاول عزيز جعفراڻي، ص 278
10-
شيخ الحديث، مولانا محمد ابراهيم ميمڻ زباني
روايت.
نئون ڪتاب
ڪتاب:
ايشيا جي تهذيبن جو جائزو
مصنفه:
پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو
ڇاپو پهريون:
اپريل 2021ع
قيمت: -/400 رپيا
ڇپائيندڙ:
رومي پبلشرز، حيدرآباد
|