سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:2 

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي

چنياڻي

 

 

 

اسلام جي اشاعت سنڌ ۾

سنڌ ۽ عرب جا تعلقات اسلام کان اڳ جاري هئا، سنڌ جا واپاري عدن جي بندر تائين سامونڊي رستي عرب جي لاءِ پنهنجو واپاري سامان پهچائيندا هئا. سنڌ مان سنڌي ڪپڙا، سنڌي ڪڪڙ، ٻن ڪونڀٽن وارو اُٺ جنهن جي نسل مان عرب جو مشهور بختي اُٺ هوندو آهي، (جنهن کي سنڌي ڪٺ چئجي ٿو) بانس ۽ بيد جون ڪاٺيون عرب ڏانهن موڪليون وينديون هيون. هُتان عنبر، عود ۽ مشڪ ملندو هو.

رسول الله ﷺ جن سنه 7 ۽ سنه 8 هجري جي وچ ۾ عرب جي حدن ۾ اسلام جي دعوت موڪلي ۽ اصحابن سڳورن رضه جي هڪ جماعت کي اسلام جو مبلغ ڪري عرب ۽ عرب کان ٻاهرين حاڪمن ۽ اميرن ڏانهن خط موڪليا، جنهن جو هيءُ اثر ٿيو ته ان وقت عراق کان وٺي اوڀر سامونڊي ڪنارن تائين اسلام جي دعوت عام ٿي ان سان گڏ برصغير جا ماڻهو به اسلام جي هن دعوت کان واقف ٿيا، علامه سيوطيءَ جي تحقيق مطابق ڪجهه صحابه تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌ به پهتا. ان دعوت ۽ تبليغ جو هيءُ اثر ٿيو ته پهرين صدي هجريءَ جي آخر ۾ اسلام اولهه ۾ اندلس تائين ۽ اوڀر ۾ سنڌ تائين پهچي چڪو هو. هڪ  طرف اسلام جا مجاهد پنهنجن جهنڊن جي پاڇي ۾ اڳتي وڌي رهيا هئا ته انهن جي پٺيان اسلام جا عالم ڪتاب، سنت ۽ ديني علمن جي دعوت پهچائيندا پئي ويا ۽ عوام اسلام جي پاڇي هيٺ امن امان جي زندگي گذارڻ جي لاءِ بيقرار هئا. مسلمانن جا ديني، علمي ۽ فڪري قدر وڏي عروج سان اڀري رهيا هئا، اولهه ۾ اقصيٰ ۽ اندلس کان وٺي سنڌ تائين هڪ امت جي ترڪيب ٿي رهي هئي ۽ ان صديءَ جي آخر تائين سنڌ مان گذري هندستان جا ڪيترائي علائقا اسلام جي اثر هيٺ اچي چڪا هئا ۽ هيءُ علائقا اسلامي حڪومت جي ماتحت عالم اسلام جو هڪ قانوني حصو طئه ٿي چڪا هئا.

سنڌ ۾ جنهن پهرئين نئين مسلم جو نالو ملي ٿو اهو مولانا اسلامي آهن، جنهن کي شام جي هڪ معزز شخصيت جي رفاقت ۾ راجا ڏاهر جي درٻار ۾ موڪليو ويو هو. مولانا اسلامي تي اسلام جو اثر ايترو مضبوط هئو جو جڏهن هي ايلچي درٻار ۾ پهتا ته رسم ۽ رواج جي ابتڙ انهن مان ڪنهن به نه سجدو ڪيو ۽ نه مٿو جهڪايو. ان تي راجا ڏاهر گهڻو ناراض ٿيو. خاص ڪري نئين مسلم مولانا اسلامي سنڌيءَ مان جيڪو ديبل جي هڪ معزز هندو خاندان مان هو ۽ راجا ڏاهر کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. راجا ان سان مخاطب ٿي پڇا ڪئي ته ”تو بادشاهي آداب ڇو نه ادا ڪيا. ڇا انهن کان توهانکي روڪيو منع ڪيو ويو آهي؟“ مولانا اسلامي سنڌيءَ جواب ڏنو ته جيستائين مان هندو هئس ۽ اوهان جي رعيت هئس. شاهي آداب ادا ڪرڻ منهنجو فرض هو، پر هاڻي ته مان مسلمان ٿي ويو آهيان ۽ خليفي جي رعيت مان آهيان الله کانسواءِ ڪنهن انسان جي اڳيان مٿو جهڪائڻ جائز نه آهي.“

ان وقت راجا ڏاهر ان جواب مان تمام گهڻُ متاثر ٿيو مگر نهايت مايوسيء مان ان چيو ته افسوس توهان سفير ٿي آيا آهيو، نه ته قتل کانسواءِ ٻي ڪا سزا نه هئي.“ نئين مسلم مولانا اسلامي سنڌيءَ فرمايو ته مون جهڙي هڪ ماڻهوء جي قتل سان عربن کي ڪوبه نقصان نه آهي، پر ياد رکو ته منهنجي خون جو معاوضو مسلمان اهڙي طرح وٺندا جو توهان کي سخت نقصان سهڻو پوندو.

مولانا اسلامي سنڌي ۽ ٻين عرب مبلغن جي تبليغ جي ڪري سنڌ ۾ اسلام جي اشاعت وڌندي ويئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جا اڪثر ٻوڌي جيڪي هندو حڪومت جي ظلمن کان تنگ ٿي چڪا هئا ٽولن جا ٽولا اسلام ۾ داخل ٿي ويا.

ديبل کان ابوالعباس احمدبن عبدالله ديبلي سنڌي، ابوبڪر احمد بن محمد هارون ديبلي سنڌي، ابراهيم بن محمد ديبلي، ابو محمد حسن بن حامد ديبلي، ابوالقاسم حسين بن محمد ديبلي، خلف بن محمد ديبلي، شعيب بن محمد ديبلي، علي بن احمد ديبلي، علي بن موسيٰ ديبلي، ابوجعفر محمد بن ابراهيم ديبلي مڪي وغيره جهڙا محدث ۽ مفسر پيدا ٿيا، جنهن مان ڪجهه صحاح سته جي ڪن درسگاهن (يونيورسٽين) جا استاد آهن.

اڳتي هلي جڏهن هتي جي عربن منصوره جي تعمير ڪئي ته اتان کان امام احمد بن محمد منصوري سنڌي، قاضي ابومحمد داودي منصوري سنڌي وغيره جهڙا فقہ ۽ حديث جا امام پيدا ٿيا ۽ ان دور ۾ ٽين صديءَ جي اندر نون مسلمانن جي لاءِ قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو به ٿيو. جيڪو برصغير ۾ سڀ کان پهريون ترجمو آهي.

سنڌ ۾ اسلام جو شروعاتي دور ٽي چار سؤ سالن تائين رهيو ان کان پوءِ پنجين ۽ ڇهين صديءَ هجري ۾ سنڌ جي اندر اسلام جي اشاعت صوفياء ڪرام جي احسانمند آهي. مخدوم نوح بکري، شيخ شهاب الدين سهروردي بغدادي رحه جا وڏا خليفه گذريا آهن. مخدوم غوث بهاؤالحق ملتاني جڏهن شيخ شهاب الدين سهروردي کان خرقه خلافت وٺي وطن موٽيا هئا ته شيخ شهاب الدين رحه ان کي فرمايو ته سنڌ ۾ پهچي ڪري مخدوم نوح بکري سنڌيءَ جي خدمت ۾ وڃي ان کان به فيض حاصل ڪريو، پر مخدوم ملتاني جڏهن بکر ۾ پهتو ته مخدوم نوح عليه رحمت اڳ ئي وفات ڪري چڪا هئا ان جو مخدوم غوث بهاؤالدين ملتاني کي وڏو صدمو پهتو. مخدوم نوح ۽ ان جي خليفن جي برڪت سان سنڌ ۾ اسلام جي ڪافي اشاعت ٿي. اهڙي طرح هڪٻئي پٺيان سنڌي عالمن ۽ صوفين جي برڪت سان اسلام جي اشاعت ٿيندي رهي. ٻارهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي شخصيت ان سلسلي ۾ وڏو ڪم ڪيو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي قرآن، حديث، فقہ ۽ ٻين علمن ۾ بي مثل هئا، سندن شاگردن جو حلقو يمن، عرب ۽ اولهه اقضيٰ تائين پکڙيل هو. سندن ڪتبخانو عالم اسلام ۾ وڏي شهرت جو مالڪ هو. پاڻ اسلامي ڪيترائي ڪتاب لکيائون مرتب ڪيائون ۽ ان سان گڏ اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ وڏي ڪوشش ڪئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي حاڪم جي طرف کان ان قسم جو کين کي پروانو (اجازت نامو) مليل هو. اڄڪلهه جيڪي هي ميمڻ لکن جي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا هي سڀ حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي تبليغي ڪوششن جو نتيجو آهن ۽ مخدوم صاحب انهن نون مسلمانن جي لاءِ سنڌي زبان ۾ اسلامي ڪتاب تاليف ڪيا. ٺٽو ان دور ۾ وڏو واپاري مرڪز به هو ۽ هي سڀ ان مرڪزي شهر جا واپاري هئا، جيڪي اسلام جي نعمت سان سرخرو ٿيا ۽ ويران ٿيڻ کانپوءِ هندستان ۽ ٻين طرفن ڏانهن هليا ويا.

تيرهين صدي هجريءَ ۾ سکر سنڌ ۾ مولانا عبدالرحمٰن صاحب سنڌي مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن انجي نظر ۽ هدايت ۾ ايتري ڪوشش هئي ته جيڪو به غير مسلم کين ڏسندو ۽ سندن جو واعظ ۽ نصيحت ٻڌندو هو ته جلدي مسلمان ٿي پوندو هو.

انگريز نوان نوان آيا هئا غير مسلمن جي شڪايت تي مولانا کي سکر شهر ۾ گهمڻ جي منع ٿيل هئي، پوءِ به سندن مدرسي جي حدن ۾ جيڪڏهن ڪو غير مسلم ايندو هو ته اسلام جي نعمت سان آباد ٿي واپس ويندو هو. غير مسلمن سندن نالو شهباز رکيو هو. هزارين غيرمسلم سندن هٿ تي اسلام آڻي مسلمان ٿيا.

مولانا عبدالرحمٰن سکروي جي شهرت ۽ هاڪ جو هي عالم هو جو مولانا محمد قاسم اڳواڻ دارالعلوم ديوبند ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي به سندن مهمان ٿيا هئا ۽ سکر ۾ سندن صحبت مان فائدو حاصل ڪيو هئائون. مولانا عبدالرحمٰن صاحب سکروي جي دعا جي بدولت اشاعت اسلام جي سلسلي ۾ امروٽ ضلع سکر سنڌ ۾ سندن جا نشين مولانا تاج محمد امروٽي پيدا ٿيا جنهن ستن هزارن کان وڌيڪ غير مسلمن کي مسلمان ڪيو ۽ اڄ به امروٽ ۾ انهن جي نالن جا رجسٽر موجود آهن.

اهڙيءَ طرح مٽياري ضلع حيدرآباد ۾ هڪ سيد عالم مولانا محمد شاهه هئو جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيا آهن. سندن هٿ تي به هزارين غير مسلم ايمان جي دولت نعمت سرخرو ٿيا.

ڪراچي سنڌ ۾ مولانا محمد صادق سنڌي، کڏي محلي جا وڏا عالم ۽ اسلام جا مبلغ گذريا آهن ۽ انجي هٿ تي به ڪيترائي غيرمسلم ايمان جي دولت سان مالا مال ٿيا.

حوالو:

1. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد. ماهنامه الولي اپريل 1972ع.

 

غلام محمد جوهر

ميرپوربٺورو

 

 

 

 

’الوحيد‘ سنڌ جي هڪ تاريخ ساز اخبار

 

موجوده دور ۾ معلومات جا ذريعا تمام وسيع ٿي ويا آهن جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا نمايان آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دائرو ته تمام وسيع آهي. تاهم پرنٽ ميڊيا جنهن ۾ ڪتاب رسالا، اخبارون وغيره شامل آهن. پرنٽ ميڊيا جنهن ۾ اخبارون سرفهرست آهن. جنهن جي افاديت ۽ اهميت کان اڄ به ڪير انڪار ڪري نٿو سگهي. اخبارن ۾ ايڊيٽوريل، مضمون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جون خبرون قارئين پڙهي پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪن ٿا.

ان کانسواءِ اهي خبرون جيڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نمايان نٿيون ٿين ته اهي اسان اخبارن ۾ پڙهي محضوظ ٿيون ٿا. خاص ڳالهه اها، جو اخبار پڙهڻ جي افاديت پنهنجي ٿئي ٿي جيڪا اليڪٽرانڪ ميڊيا مان گهٽ حاصل ٿئي ٿي.

موجوده دور ۾ ننڍ مان اٿون ئي مس ٿا ته اخبار اسان جي اٿڻ کان اڳ گهر اندر پهچيو وڃي. ان کان سواءِ خبرون موڪلڻ فوٽو موڪلڻ، اخبار ڇپجڻ قارئين تاءِ پهچائڻ جي سموري عمل ۾ تمام گهڻي سهولت ٿئي پيئي آهي. پر قارئين اڄ کان هڪ صدي اڳ جو سوچين جو کين اهي سهولتون نه هيون خاص طور سنڌيءَ ۾ ڪي چند هفتيوار ۽ پندره روزه رسالا يا اخبارون شايع ٿينديون هيون. اخبارن ۽ رسالن جي رسد جا ذريعا تمام مشڪل هئا. انهن حالتن ۾ اسان جي سنڌي رسالن سنڌ زميندار سکر، الحق سکر، الامين حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻيون اخبارون ۽ رسالا هئا. جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جو آواز ايوان بالا تائين پهچايو جنهن ۾ انهن رسالن/ اخبارن جي ايڊيٽرن تي سرڪاري عتاب به ٿيندا رهيا.

اهڙن حالتن کي نظر ۾ رکي سنڌ جي هڪ سياستدان حاجي عبدالله هارون الوحيد اخبار جاري ڪرائي اها تاريخ 15- مارچ 1920ع هئي؛ جو روزانه الوحيد جو پهريون پرچو ڇپجي سنڌ جي مسلمانن تائين پهتو. جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

4. جنوري 1920ع ۾ حيدرآباد ۾ مرحوم مولانا غلام محمد ملڪاڻي صاحب جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي. اها قومي تحريڪ جوڀن ۾ هئي، ملڪ ۾ جوش وخروش پيدا ٿيل هو. سوين مسلمان قربانين لاءِ سِر تريءَ تي رکي ميدان ۾ اچي چڪا هئا. ترڪي خلافت جي زوال تي چوطرف روڄ راڙو متل هو. مسلمان قوم پوري همت سان ترڪ موالات لاءِ تياري ڪري رهي هئي. مگر ان وقت مسلمانن کي ڪا به روزانه اخبار ڪانه هئي جا سندن جذبات جي موثر طريقي سان ترجماني ڪري سگهي. (1) انهيءَ ضرورت کي سامهون رکندي مٿين ڪانفرنس ۾ تجويز پيش ٿي ته ’سنڌي مسلمانن جون ٻه هفته وار اخبارون هڪ الامين شيخ عبدالمجيد جي ادارت ۾ حيدرآباد مان شايع ٿئي ٿي ۽ ٻي الحق شيخ عبدالعزيز جي ادارت ۾ سکر مان نڪري ٿي مگر روزانه سنڌي اخبار مسلمانن جي طرفان جاري ڪجي ۽ ان جو نالو تجويز ڪجي. هڪ صاحب چيو ته ”ڪليته الحق“ نالو رکجي پر تائيد ڪانه ٿي ٻئي صاحب چيو ته ”السلطان“ نالو رکجي جو اسان جي خليفي ترڪي حڪومت جي بادشاه کي سلطان ڪوٺيو وڃي ٿو. مگر ان جي به اڪثريت سان تائيد نه ٿي. ان تي مولوي محمد صديق مورائي چيو ته هن وقت ترڪي حڪومت جي گاديءَ تي وحيدالدين حاڪم آهي. تنهن ڪري اخبار جو نالو الوحيد رکيو وڃي. سڀني حاضرين ان نالي جي تائيد ڪئي.“ (2)

اهڙي طرح مرحوم سر سيٺ حاجي عبدالله هارون پنهنجن ٻين ساٿين مولانا تاج محمود امروٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا دين محمد وفائي ۽ شيخ عبدالعزيز صاحب سان وڌيڪ صلاح مشورو ڪري پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪراچي ۾ شيخ عبدالعزيز محمد سليمان جي اهتمام هيٺ الوحيد روزانه مارچ 1920ع ۾ جاري ڪئي. الوحيد جو پهريون پرچو 15 مارچ 1920ع ۾ شايع ٿيو، الوحيد اخبار جي بالڪل مٿان قرآن پاڪ جي هيٺين آيت ڪريمه لکيل هوندي هئي ولاتهنوا وَلا تحزنوا وانُتم الاعلون ان ڪُنتُم مومنين.“

ترجمو: نه سست ٿيو ۽ نه تک ڪريو جيڪڏهن توهين ايمان وارا هوندو ته سربلند هوندو.

آية جي هيٺان ٻن هلالي جهنڊن جي وچ ۾ روزانه الوحيد لکيل هوندو هو. الوحيد جي جاري ٿيڻ جا هيٺيان مقصدن هئا (1) خلافت اسلاميه متعلق مسلمانن کي ضروري واقفيت پهچائڻ (2) هندو مسلم اتحاد ۽ هندستان جي آزادي جي حمايت ڪرڻ (3) مسلمانن کي سندن ضرورتن کان واقف ڪرڻ (4) حڪومت کي صحيح صلاح ڏيڻ (5) عوام جي خيالن جي صحيح ترجماني ڪرڻ.

الوحيد پنهنجي پهرين پرچي ۾ ’پيغام الوحيد‘
جي سري سان اداريو لکيو، جيڪو پهرين صفحي ۾ ئي شايع ڪيو ويو. ازانسواءِ پهرين صفحه تي بارگاهه ايزدي ۾ هڪ التجا به شايع ڪئي، دعا جي شروع ۾ لکيل آهي، ”اي بادشاهن جا بادشاهه اي درماندن جا دستگير اي عاجز نواز موليٰ تنهنجو دين قيوم ۽ تنهنجي پياري حبيب ﷺ جي يادگار اڄ دنيا مان مٽجڻ واري آهي. تنهنجي هيڪڙائي ۽ توحيد جو نالو وٺندڙ ڪفر جي نرغه ۾ آهن. دعا جو اختتام هنن لفظن ۾ ڪيل آهي. اي ٻنهي جهانن جا پالڻهار موليٰ اسلام جي لڄ تنهنجي دست ڪرم فرما ۾ آهي. دنيا تنهنجي نگاهه اميد نواز سان سرفراز آهي. اسين به اگرچه محو عصيان غلام آهيون پر تنهنجي حبيب پاڪ صلعم جي دامن شفاعت ۾ هٿ اٿون. (3)

روزامه الوحيد جاري ٿيڻ سان مسلمانن جون نظرون هاڻي الوحيد ڏانهن کڄجڻ لڳيون ۽ الوحيد ئي سنڌ جي مسلمانن جي واحد ترجمان ٿي جيڪا موثر نموني سان مسلمانن جي ترجماني ڪرڻ جي اهل هئي. اهڙي طرح سنڌ جا سڀئي ماڻهو الوحيد کي گهڻو چاهيندا هئا. شيخ صاحب جن کي به الوحيد لاءِ محبت ۽ انسيت هئڻ فطري امر هو، جو ساڳئي وقت پاڻ الوحيد جي بانيڪارن مان پڻ هئا.

 

”الوحيد“ جو آخري ايڊيٽر، جناب شيخ عبدالرحيم

 

بحواله: ماهوار ’نئين زندگي‘

الوحيد سان سندن گهري انسيت ۽ لاڳاپي جو وڌيڪ هي ثبوت ملي ٿو ته جڏهن الوحيد جي ايڊيٽر جناب قاضي عبدالرحمان صاحب کان جولاءِ  1920ع ۾ سال 1910ع جي پريس ائڪٽ جي سيڪشن 3 ڀاڱي 1 موجب 2 هزار روپين جي ضمانت گهري ويئي، جنهن لاءِ قاضي صاحب سنڌ جي مسلمانن کي مدد ڪرڻ جي اپيل سان گڏ الوحيد سيڪيورٽي فند به قائم ڪيو هو. انهيءَ فند ۾ شيخ صاحب جن پنجاهه روپيه پنهنجي طرفان ۽ سٺ روپين جو هڪ زيور پنهنجي اهليه طرفان ڏنو. (4)

اهڙي طرح شيخ صاحب جن مسلمانن لاءِ الوحيد کي صحيح ۽ موثر ذريعو ٿي سمجهيو ساڳئي وقت قاضي صاحب جن به الوحيد ۾ شيخ صاحب جي موجودگي ضروري ٿي سمجهي ان بابت قاضي صاحب جن الوحيد ۾ لکيو ته شيخ عبدالمجيد صاحب جن جي مضامين کان اخبار الامين جا شائق هر هفتي فيض پرائيندا هئا تنهن منهنجي استدعا قبول ڪري هتي اچي الوحيد جي ايڊيٽري جي ڪم ڪرڻ لاءِ هاڻي نيٺ هيترن مهينن بعد انجام ڏنو آهي. شيخ صاحب تبليغ جو ڪم سنڌ ۾ ڪري هاڻي پورو ڪيو آهي. اميد ته هن مهيني جي آخر کان اڳ اچي مون سان ڪم ۾ شامل ٿيندو. (5)

انهيءَ کان جلد پوءِ 25 ڊسمبر 1920ع ۾ قلم 124- الف تحت وارنٽ ڪڍي قاضي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. مٿن مضمونن ۽ ادارين جي ڇپجڻ جو الزام لڳايو ويو. انهيءَ دوران قاضي صاحب سندس ڪيس متعلق مشورو ڪرڻ لاءِ پروفيسر واسواڻي ۽ شيخ عبدالمجيد لاءِ ڪورٽ کان اهڙي اجازت وٺي ڇڏي هئي. قاضي صاحب پنهنجي ڪيس متعلق مشوري دوران الوحيد بابت به پنهنجن دوستن سان مشورو ڪيو.

14 جنوري 1921ع تي قاضي عبدالرحمان جي ادارت ۾ الوحيد جو آخري پرچو نڪتو، جنهن جو نمبر 204 هو. 20 جنوري 1921ع تي قاضي جن کي ٽن مضمونن ۽ ادارين شايع ڪرڻ تي ٽي سال سزا گڏي جملي هڪ سال سزا ڏني ويئي ۽ اهڙي طرح اخبار جو ڊڪليئريشن به رد ڪيو ويو. نئين ڊڪليئريشن لاءِ شيخ صاحب درخواست ڏني آخرڪار نئون ڊڪليئريشن مليو، اهڙي طرح شيخ صاحب جن جي ادارت ۽ انتظام هيٺ الوحيد جو پهريون پرچو 25 جنوري 1921ع ۾ نڪتو جنهن جو نمبر 205 هو. ان بعد پاڻ ڪافي مهينا الوحيد جي ادارت سنڀاليندا رهيا. بس الوحيد سان سندن عشق جي اها پهرين منزل هئي جيڪا پاڻ بحسن و خوبي نباهيائون. شيخ صاحب جن پهرين پرچي ۾ معذرت سان گڏ اداريه ۾ قاضي عبدالرحمان صاحب جو بيان شايع ڪيو جيڪو ٻن قسطن ۾ آيو. الوحيد جي ايڊيٽري ڪندي شيخ صاحب جن کي اڃا 7 مهينا مس گذريا هئا ۽ کين مهاراج وشنو شرما سان گڏ گرفتار ڪيو ويو. 2 سپٽمبر 1921ع تي سزا ملي ٻه سال سزا ڪاٽي، 14 جون 1923ع تي آزاد ٿيا. انهيءَ عرصي دوران مسٽر دين محمد عليگ الوحيد جي ادارت جا فرائض سرانجام ڏنا. آزادي کان پوءِ شيخ صاحب جن وري به خلافت جي حق ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. سرڪار طرفان کين چيو ويو، ته هو پنهنجي هلت چلت جي ضمانت ڏئي، جنهن جو مطلب هيءُ هئو ته، ته هو وري حڪومت جي خلافت بغاوت ۽ خلافت تحريڪ ۾ حصو نه وٺي. ان تي الوحيد ۾ ٻن قسطن ۾ هڪ مضمون پڻ لکيائون بهرحال پاڻ جدوجهد جاري رکندي آيا وري به کين گرفتار ڪيو ويو. جتان هڪ سال جي سزا ڪاٽي ڊسمبر 24 ۾ وري آزاد ٿيا. (6)

شيخ صاحب جي آزاديءَ وقت حالتون ڪافي حد تائين بدلجي چڪيون هيون. خلافت جو خاتمو ٿي چڪو هو، مسلمانن ۾ مايوسي پيدا ٿي چڪي هئي. شيخ صاحب الوحيد اخبار جي ذريعي ان مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ گهريو ٿي، ان مقصد ماڻڻ لاءِ هن تحرير ۽ تقرير، ٻنهي جو سهارو ورتو.

7 مارچ 1926ع جي الوحيد ۾ شيخ صاحب سنڌ جي مسلمانن جي حالت زار تنظيمي ۽ تبليغي سرگرمين جي لاءِ اپيل جي عنوان هيٺ تبليغي مضمون لکيو، قارئين جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو ڏجي ٿو.

”اڄ هندستان ۾ هرهڪ قوم پنهنجي اندروني اصلاح جي ڪم ۾ مشغول آهي. سنڌ ۾ ئي هندو پنهنجي قوم لاءِ جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان مان قياس ڪري سگهجي ٿو ته باقي علائقي ۾ هندو ڇا ڪجهه نه ڪندا هوندا. هندو قوم جون ٻه روزانه انگريزي اخبارون آهن. چار سنڌي روزانيون ڪيترائي هفتيوار ۽ ماهوار رسالا هر سال هندن جي ڪوشش سان ڪتابن جو به چڱو تعداد ڇپجي پيو. ڪيترائي اشاعتي ادارا آهن، شاهوڪار ماڻهو ان لاءِ خيرات ڏيندا آهن.

حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج، اڪيڊمي ۽ نوودياله، ۽ ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي انهن انتظام هيٺ گهڻي ئي اسڪول آهن. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٻن ٽن صاحبن قومي امداد طور 20- 20 هزار روپيا ڏنا آهن، ته اسڪول کوليا وڃن ۽ ٽيون ڏينهن صرف هڪڙي صاحب 50 هزار روپيا هڪ آريه سماجي اسڪول لاءِ ڏنا آهن.

انهن جون ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ پنچائتون آهن. هر هڪ پنچائت کي پنهنجو سرمايو ۽ جدا جماعت خانو آهي. انهن جون لئبرريون ۽ سوسائٽيون مختلف ڪمن واسطي ۽ ڪليون هرهنڌ موجود آهن. هندو مهاسڀائون انهن جون جاتي (قومي) حقن جون نگهبان ۽ سنگهٺن ۽ شڌيءَ جون مددگار آهن. حيدرآباد جي هڪ ميٽنگ ۾ 25 هزار روپيه گڏ ڪرڻ جي تحريڪ ٿي جي ٻن ڏينهن اندر گڏ ٿي ويا.

هندن سان مون کي حسد ڪونه آهي، پر رشڪ ضرور اچي ٿو. جيتوڻيڪ انهن جون ڪي تحريڪون اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف آهن، پر جنهن جان فروشيءَ سان انهن جا قومي ورڪر ڪم رهيا آهن ۽ دولتمند چندا ڏيئي رهيا آهن، تنهن جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ مان نٿو رهي سگهان، بيشڪ اهي ئي علامتون آهن هڪ زنده قوم جون هندن جي هرهڪ طبقي جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان قومي خدمت ڪري رهيا آهن.

مون کي معلوم آهي ته، ڪن هنڌن تي مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ لاءِ ڪي ڪوششون هلي رهيون آهن پر ڪم فقط مڪاني آهن، پر ساري سنڌ سان واسطو نه ٿا رکن، ۽ اهي مڪاني ڪوششون به انتهائي محدود ۽ تنگ دست آهن. سي اڄ نه ته سڀاڻي مسلمانن جي مرده دلي سبب نابود ٿينديون. هي جماعتون ساري سنڌ جي مسلمانن سان واسطو رکڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون.

(1) سنڌ مسلم ايسوسيئيشن (2) سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس بورڊ (3) جمعيته العلماء سنڌ، (4) جمعيته الخلافت سنڌ، (5) مسلم ڪاليج تحريڪ (6) صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي، (7) انجمن نومسلمانان سنڌ.

انهن مان هر جماعت جي سيڪريٽري کان پڇو، ته توهان وٽ ڪيترو سرمايو آهي؟ ڪيترا پگهاردار ماڻهو آهن؟ ڪيتري آمدني ۽ خرچ آهي؟ توهان ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو؟ انهن مان ڪن جماعتن جي اخلاقي مذهبي ۽ علمي حالت بيان ڪندي شرم ٿو اچي ۽ مالي حالت ته سڀني جي ساڳي آهي. هاڻي آئون عرض ڪرڻ گهران ٿو ته منهنجو تعلق پوين ٻن جماعتن سان آهي، پهرين جماعت، تنظيم جي ڪم لاءِ ٻن هزار روپين جي اپيل ڪئي آهي، ٻي جماعت جاءِ جي خرچ کان سواءِ ٻه هزار روپيا سالياني سرمايه لاءِ ٻن هزار روپين جي اپيل ڪئي آهي، ٻي جماعت جاءِ جي خرچ کان سواءِ ٻه هزار روپيا سالياني سرمايه لاءِ اپيل ڪئي آهي تنظيمي سرمايه مان ڪهڙا ڪم ڪيا ويندا، تن جو بيان ڪيترا دفعا ’الوحيد‘ ۾ ڪيو ويو آهي، تبليغي سرمايو فقط مسلمانن کي، غير مسلمانن ۾ اسلامه جي تبليغ لاءِ، ۽ نون مسلمانن جي قيام، پرورش، تعليم تربيت ۽ روزگار جي بندوبست لاءِ آهي. جيڪڏهين مسلمانن ۾ انهن ڪمن لاءِ ڪنهن ۾ ڪم جو احساس هجي ته اخبار ۾ اپيل ڪرڻ، امداد لاءِ ڪافي آهي.

منهنجا مسلمان ڀائر گورنرن ۽ معمولي سرڪاري آفيسرن جي قدمن تان سوين نه هزارين روپيا قربان ڪريو ڇڏين ۽ ڪن، گڏهن، ڪڪڙن، بازن، شڪارن ۽ عياشين تي به سال ۾ هزاريون روپيه اُڏايو ڇڏين جي وڌيڪ ديندار مسلمان آهن سي وري ڇٺين ختنن، شادين ۽ غمين جي ڀتن تي انهن ڀتن ته اسان جي قوم جو خانو خراب ڪرائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهين اسان جا وڏا ماڻهو جهالت ۽ عيش و عشرت ۾ تباه ٿيا آهن، ته اسان جا ننڍا ماڻهو ڀتن جي صدقي برباد ٿي ويا. ان الله وانااليه راجعون.

مان مسلمانن جي اڳيان درد دل سان پنهنجي حالت بيان ڪريان ٿو ۽ اپيل ٿو ڪريان ته مٿين تبليغي ۽ تنظيمي ڪمن لاءِ منهنجو ساٿ ڏين. مان هن ڪم لاءِ هر هڪ ضلعي کي 10، 12 ڏينهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جي گهربل رقم گڏ ٿي ويئي ته باقاعده ڪم شروع ڪري ڇڏبو. (7)“

مٿين حالتن ۾ شيخ صاحب جن ’الوحيد‘ اخبار جي ذريعي، ان ڳالهه جي لاءِ پاڻ پتوڙيو، ته مسلمان ووٽرن جي اندر شعور پيدا ڪيو وڃي ۽ جاگيردار اڳواڻيءَ کي ڌڪ هڻي ڌار ڪيو وڃي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ شيخ صاحب جن مسلسل لکندا رهيا..

”شيخ صاحب وٽ قلم هو، زبان هئي، دماغ هو. ارادي جي قوت هئي. ان کانسواءِ وٽس ٻيو ڪجهه ڪونه هو. هٿين خالي وڙهندو رهيو. ڪڏهين هندن سان، ڪڏهين انگريزن سان ڪڏهين انگريز جي ٽوڊين سان، ڪڏهين سياسي ٺيڪيدارن سان، ڪڏهن سيٺين ۽ سَرن سان، نتيجو ڪجهه به پئي نڪتو پر دائما هٿ صاف ۽ ڳاٽ اوچيو رهيو. (8)

انهي اخبار کي شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم جن اڳتي وڌايو ۽ ترقي وٺرائي.

هن اخبار جو پهريون ؟ ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان ته آخري ايڊيٽر هلال پاڪستان جو اڳواڻو ايڊيٽر شيخ عبدالرحيم مرحوم هو.

الوحيد سنڌ جي 36 سالن (1920ع کان 1956ع تائين) جو تاريخي، علمي ادبي ۽ سياسي خزانو آهي.

الوحيد شيخ صاحب جن جي زندگيءَ جو هڪ ڪارنامون آهي ۽ انهيءَ عظيم اخبار جا صفحا اڄ به پنهنجي محسن جي عظمت جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. الوحيد خلافت تحريڪ کي به اڳتي وڌايو.

الوحيد مقامات مقدسه جي حفاظت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.

الوحيد ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور سنڌ جي مسلمانن ۾ آزاديءَ جي تڙپ پيدا ڪئي ۽ هڪ جوت جلائي. الوحيد مسلمانن ۾ باهمي اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

الوحيد مسلمانن کي پنهنجن حقن جو احساس ڏياريو.

الوحيد سنڌ کي بمبئي تسلط کان آزادي ڏيارڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو. انهيءَ علحدگيءَ جي موقعي تي شيخ صاحب جن ’الوحيد سنڌ آزاد نمبر‘ جي صورت ۾ قوم کي علمي تاريخي تحفو ڏنو، جنهن کي مرتب ڪرڻ ۾ مولانا دين محمد وفائي بزرگ جن ڀرپور حصو ورتو. اها به حقيقت آهي ته الوحيد کان اڳ اخباربينيءَ جو شوق گهٽ هو پر الوحيد نه فقط اهو شوق پيدا ڪيو پر انهيءَ کي اوج تي پهچايو. اهڙي طرح سنڌي صحافت جي ترقي ۽ ترويج لاءِ الوحيد جون ڪوششون نمايان حيثيت رکن ٿيون. (9)

ان کانسواءِ الوحيد تحريڪ پاڪستان ۽ مسلم ليگ جو ترجمان ٿي ان لاءِ وڏو ڪم ڪيو. سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ خاص طور سنڌ جي مسلمان جي هر لحاظ کان رهنمائي ڪئي ۽ سجاڳي آندي.

الوحيد ۽ سنڌ مسلم ليگ:

الوحيد مسلم ليگ جي ترجمان هئي. هن اخبار ۾ مسلم ليگ جون ڪار گذاريون اينديون رهيون مسلم ليگ تحريڪ پاڪستان لاءِ مضمون اخبار ۾ ڇپيندا رهيا. الوحيد، اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾ تمام گهڻو مقبول هئي. هن اخبار وسيلي خلافت تحريڪ جي تنظيم کي زور وٺايو ويو. هن ئي اخبار جي وسيلي سنڌ جي مسلمانن سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ هلائي ۽ انهيءَ ڪري هيءَ اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾ مقبول هئي. (10)

الوحيد جي المناڪ پڄاڻي:

الوحيد کي ڏاڍ ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا. گهڻيون تڪليفون مشڪلاتون ۽ پريشانيون ڏسڻيون پيون، ڪيترائي مرتبه ضمانتون ۽ بندشون برداشت ڪرڻيون پيون. جنهن لاءِ الوحيد سيڪيورٽي فنڊ به قائم ڪيا ويا. سنڌ جي مسلمانن اڳيان چئن آنن ۽ هڪ روپيه لاءِ به فقيراڻو سوال ڪرڻو ٿي پيو. ٻيو ته ٺهيو پر 1948ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ الوحيد جي اشاعت تي حڪومت پابندي وڌي پر شيخ صاحب روزانه ’سنڌ‘ جي نالي سان پڙهندڙن کي مايوس نه ڪيو. الوحيد جي پاليسي ون يونٽ جي خلاف هئي. ان سبب ان وقت جي وزير اعليٰ سنڌ محمد ايوب کهڙو جي دور حڪومت ۾ الوحيد سنڌ پراونشنل بئنڪ کان کنيل قرض نه ادا ڪرڻ ڪري الوحيد جو دفتر ۽ مشنري نيلام ڪيا ويا. بقول محترم فيض محمد سومرو الوحيد جي جهوني ملازم جي سندس روبرو الوحيد جو نيلام ٿيو. ان وقت موجود ماڻهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جناب عبدالحفيظ لاکو ۽ اخبار جي جنرل مينجر دين محمد عليگ ۽ آءٌ موجوده هئاسين. اهڙي طرح سنڌ جي هيءَ تاريخ ساز اخبار هميشه هميشه لاءِ بند ٿي ويئي. (11)

حوالا:

(1) هفته روزه آزاد ڪراچي 11- 4- 1983ع

(2) حافظ محمد احسن چنا سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ماهوار پيغام ڪراچي ماءِ ڊسمبر 1980ع.

(3) روزانه الوحيد ڪراچي جلد 1 ن 1، 18 مارچ 1920ع

(4) روزانه الوحيد ڪراچي 31 جولاءِ 1920ع

(5) روزانه الوحيد ڪراچي 18- 11- 1920ع

(6) راقم جو مقالو شيخ عبدالمجيد سنڌي الامين ۽ الوحيد ”سنڌ“ پنجون حيدرآباد جنوري 1985ع، مرتب: انور جوکيو.

(7) روزانه الوحيد ڪراچي 7 مارچ 1926ع بحوالا محمد موسيٰ ڀٽو، ’پرين جي پچار‘، باب الاسلام پبليڪيشن حيدرآباد. 1982ع

(8) راشدي علي محمد سهڙيندڙ خان محمد پنهور،
”هونداسين حيات“ شيخ عبدالمجيد سنڌي يادگار سوسائٽي حيدرآباد 1978ع.

(9) راقم المحروف جو مقالو حوالا 06.

(10) زرداري محمد لائق، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو س- ا- ب، حيدرآباد، سال 1212ع

(11) محترم فيض محمد سومرو صاحب 11 جنوري 2011 تي KTN تي نشر ڪيل انٽرويو ؟ سنڌي پوليٽيشن لائف هسٽري، شيخ عبدالمجيد سنڌي.

(12) شيخ عبدالرحيم جو فوٽو، ماهوار نئين زندگيءَ جي ٿورن سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org