مون ويچارن کي وهلور ته ڏنا آهن، گهڻا
’احمداڻي‘ احسان،
جي قسمتي گهر اچي ويندا، ڪو ملاقي
مهمان،
ته گهڻو ڪري گهر ڌڻي کي آئون ڪڪڙ
ڪهائيندس ڪانه،
پيئندو ڍُڪَ چانهه جو، ڇڏي ويندو جان،
ڳائيندو ويندو ڳوٺ تائين، وڏا منهنجا
شان،
وڃي گهر ڪندو ڳالهيون، مون کي ڏاڍا
ڏنائون مان،
پهچڻ شرط چانهه اچي وئي، پوءِ
کارايائون پان،
آئون ڏاڍو تڪڙو هئس، مون مَس ڇڏائي
جان،
سڀڪو پيو چوي تون قسمت سان آئين، ترسي
پئه جوان،
ڪم سڀن جا خدا ڪندو، هو صاحب رب
سبحان،
رات اڄوڪي ترسي پئه، تون مِٺا ٿي
مهربان،
ننڍي وڏي وٽ منهنجو، ڏاڍو آهي شان،
سڙي پچي ’صالح‘ چئي، مون ديڳڙي ۾ ڏنا
دان،
پوءِ وٽ اٿئي مڪان، اٺئي پهر
’احمداڻي‘ چئي. |