سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:19 

عبدالخالق ’آزاد‘ ڪنڀار

صوفي فقير

 

 

 

فقير صوفي خير محمّد رحه 

واديءَ سنڌ جي سرزمين تي جيڪڏهن نظر ڊوڙائبي ته ڌرتيءَ تي لکين، ڪروڙين، بلڪ اربين اولياءالله آرامي ڏسڻ ۾ ايندا، جن پنهنجي سموري حياتي اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، ٻين لفظن ۾ اهي جيڪڏهن دينِ محمّديءَ  جا مضبوط قلعا چئجن ته به وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

الله تبارڪ و تعاليٰ جي دين مبين کي عوام الناس تائين پهچائڻ جا مکيه ٽي ذريعا رهيا آهن. هڪڙو الڪتاب يعني ڪتابن ذريعي، ٻيو عالمن ۽ مفڪرن جو طبقو ۽ ٽيون ذريعو آهي الله لوڪ بندن جو، جن وقت بوقت ڪيتريون ئي تڪليفون سهي ڪٿان جو ڪٿان هجرت ڪري وڃي عوام کي الله تعاليٰ جي پسنديده دين کان روشناس ڪرايو. هن ٽولي ۾ ڪي سلطان ته ڪي مردِ قلندر، ڪي غوث ۽ ڪي قطب ته، ڪي ابدال ته ڪي ٻئن درجن وارا فقير، ميدان تي آيا ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم اچي سنڀاليائون.

اهڙن فقيرن مان صوفي محمد صديق فقير صادقؒ به هڪ نالي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي، ۽ کانئن پوءِ سندس اولاد مان به ڪئين فقير ٿيندا آيا آهن، جن مان سندس پوٽو صوفي خيرمحمد فقيرؒ به هڪ آهي.

ولادت: صوفي خير محمد فقيرؒ ولد صوفي عبدالعلي فقيرؒ ولد صوفي صديق فقير صادقؒ سومري جي ولادت باسعادت ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمرڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ سنه 1867ع مطابق 1285هه ڌاري ٿي.

تربيت ۽ تعليم: صوفي خيرمحمد فقيرؒ  اڃان ننڍو هو ته سندس والده ماجده رحلت فرمائي ويئي، انهيءَ ڪري سندس پرورش، سندس ناناڻن ۾ ٿي، جيڪي ڳوٺ راڻا واءِ (لڳ نبي سر شهر) تعلقي عمرڪوٽ ۾ رهندا هئا. جڏهن فقير صاحب جن ناناڻن ۾ رهندا هئا، اتي ناناڻن کيس نبي سر شهر جي مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، جتي پاڻ قرآن ڪريم سان گڏ ڪجهه سنڌي به پڙهيا.

انهيءَ عرصي ۾ سندن والد بزرگ به جلدئي کيس جدائي جو داغ ڏيئي ويو، انڪري سندس سنڀال سندس چاچي صوفي شهاب الدينؒ ڪئي، جنهن کيس پنهنجن پٽن کان به وڌيڪ سنڀاليو.

شادي: صوفي خيرمحمدؒ پهرين شادي پنهنجن عزيزن مان ڪئي، جنهن مان کين ڪوبه اولاد نه ٿيو، جنهن تي عزيزن ۽ دوستن چيو ته ٻي شادي ڪريو ته ڪو اولاد ٿئي، پر پاڻ جواب ڏنائون. آخر سندن مرشد، لاڏاڻي مهل پنهنجي اولاد کي وصيت ڪئي ته، ”منهنجي لاڏاڻي بعد، جڏهن خيرمحمد فاتح خواني لاءِ اچي ته کيس ايستائين هٿ کڻڻ نه ڏجو ۽ جيسين هُو ٻي شاديءَ جي لاءِ هائوڪار نه ڪري“. آخر ٿيو به ائين، فقير صاحب مرشد جو حڪم اکين تي رکندي ٻي شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي، جيڪا پوءِ سرتاڻ پاڙي وارن ٺڪرن مان ٿي، جنهن مان کين اولاد ٿيو.

 اولاد: صوفي خيرمحمدؒ کي ڪل چار پٽ: (1) عبداللهؒ (2) صوفي حيدربخشؒ (3) صوفي ستار بخش (4) صوفي ڏاتار بخش ٿيا. جن مان پهريان ٻئي فوت ٿي ويا ۽ پويان ٻئي حيات آهن، جن مان صوفي ڏاتار بخش کي اولاد آهي.

حليو: صوفي صاحب قد جو ڊگهو، بدن ڀريل، رنگ جو تمام ڳورو هوندو هو، انڪري ’جهوڪ جا پير صاحبان‘ کيس پٺاڻ به سڏيندا هئا.

پوشاڪ: سندن لباس ۾ موڱان ساوا ڪپڙا عام هئا، جنهن ۾ پهرياڻ ۽ شلوار پهريندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوڏ به ٻڌندا هئا، مٿي تي گيڙو پٽڪو ۽ ڪُلهن تي سفيد يا گيڙو چادر هوندي هئي، هٿ ۾ اڪثر ڪري ٻه ساوا يا گيڙو رومال هوندا هئن ۽ ’جُتي‘ سدائين سنڌي استعمال ڪندا هئا، پاڻ هڪڙي هٿ ۾ تسبيح ۽ ٻئي هٿ ۾ لٺ ڊگهي کڻندا هئا.

کاڌو:  پاڻ ٽي ٽائيم کاڌو کائيندا هئا، پر اهو بلڪل سادو ۽ هلڪو هوندو هو، کائڻ کان اڳ مٿن ڪجهه پڙهندا هئا، جنهن جو اهو اثر هوندو هو جو سندن صحت هميشه سٺي رهندي هئي.

زماني ۾ عزت: پاڻ زماني جي عزت جي لحاظ کان، وڏي مرتبي وارا هئا، کين برطانيه حڪومت طرفان پوري برصغير لاءِ پروانا مليل هئا، اهڙي طرح کين ڪيتريون ئي رائفلون به مليون ۽ جاگير جا پروانا به مليا، پر پاڻ انهن سان ڪابه دلچسپي ڪونه رکيائون. پاڻ انگريزن جي دربار جا خاص ’امين‘ به مقرر ٿيل هئا، ۽ دربار ۾ پاڻ جيڪو به فيصلو ڪندا هئا انگريزن وٽ اهو قابل قبول هوندو هو.

مذهب ۽ مسلڪ: پاڻ اهلسنت جماعت سان وابسته، حنفي عقيدي جا صوفي هئا ۽ سندن طريقو قادري هو، پاڻ روزو نماز ڪڏهن به ڪين ڇڏيائون، پاڻ اولاد کي اهل تشيعت جي جلسن ۾ وڃڻ کان منع ڪندا هئا.

ذڪر فڪر جي واٽ: جيئن ته سندن ڏاڏو صوفي صديق فقيرؒ ميرانپور جي مشهور بزرگ حضرت فضل الله فقيرؒ جو صادق مريد هو، انڪري پاڻ به انهن سلسلي جي، ان وقت جي گادي نشين صوفي عبدالستارؒ اول کان ذڪر ورتائون، انهيءَ وقت صوفي صاحب سان گڏ، جن ٻين بزرگن ذڪر ورتو هو تن ۾ نصير فقير جلالاڻي ۽ رکيل شاهه ڀاڳناڙي وارو به هئا. مرشد اڪثر ڪري چوندو هو ته جيئن ’صديق‘ ’فضل الله‘ فقير اڳيان هو، تيئن منهنجي اڳيان ’خير محمد‘ آهي. فقير خيرمحمدؒ پنهنجي مرشد ڪامل لاءِ هيئن چيو آهي ته:

ڪين ڇڏيندو ڪڏهن سگهي لهندو سار،

’خيرمحمد‘ خوش ٿي، لاهيندو لاچار،

اچي عبدالستار، ساڻي ٿيندو سيگهه مان.

هڪ ٻئي بيت ۾ وري هينئن فرمايو اٿس ته:

ساڻي ٿيندو سيگهه مان، اچي عبدالستار،

’خيرمحمد‘ خوش ٿي، باري کڻندو بار،

سوئي آهي سردار، مدد ڪندو مريد تي.

چله ڪشي: پاڻ اڪثر ڪري صوفي صادق فقيرؒ جي درگاهه جي اُترئين پاسي ۽ ڍوري جي جهنگ ۾ چِلا ڪڍيا هئائون ۽ ڪجهه ڏها ۽ چاليها درگاهه واري مسجد اندر به ڪڍيا هئائون، ۽ ڪجهه وقت ميرانپور ۾ مرشد جي نگرانيءَ ۾ به چِلا ڪڍيا هئائون، جن بعد سندن حالت تبديل ٿي وئي هئي ۽ وٽانئن دنيا جو رنگ بلڪل هليو ويو ۽ پاڻ فقط دين جا خدمتگار بنجي ويا هئا، پاڻ ڪشف جا صاحب هئا ۽ ڪئين دفعا اهڙا انڪشاف ڪيا هئائون، جن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، سندن فرزند جيڪي ميرپورخاص ۾ پڙهندا هئا سي جڏهن ڳوٺ ڏانهن ايندا هئا ته پاڻ ان ڏينهن سويلو گهر ٻڌائي ڇڏيندا هئا ته ’اڄ ڇوڪرا ايندا ماني پچائي ڇڏجو!‘

مريد ۽ معتقد: صوفي خيرمحمدؒ وڏو فقير ۽ درويش ٿيو، سنڌ ۾ سندس ڪيترائي مريد ۽ معتقد هئا ۽ اڄ به آهن، سندن خاص مريدن ۾ ’جهرو فقير شيدي‘، ’حاجي احمد فقير تارڪ کورکاڻي رحه‘ ۽ ’ڏلهو ڀڳت ڪولهي‘ وڏي ڪرامتن جا صاحب ۽ نالي وارا ٿي گذريا آهن.

ڪرامتون: هونئن ته فقير خيرمحمدؒ جي ڪرامتن جو تذڪرو تمام وڏو آهي، انڪري هتي آئون انهن مان فقط ٻن جو ذڪر ڪرڻ لازم ٿو سمجهان.

الف: 1918ع ڌارا ڪالرا جي بيماري سموري ملڪ کي لپيٽ ۾ وٺي چڪي هئي. جنهن ۾ سوين ماڻهو روزانا مرندا هئا، انڪري ماڻهن کيس ’لوس‘ جو نالو ڏنو ۽ انهيءَ بيماري دوران فقير خيرمحمدؒ پنهنجي مرشد عبدالستارؒ وٽ ميرانپور ويل هو، اتي ئي کيس خبر پئي ته ناري ۾ بيماري زور تي آهي، سو پاڻ گهوڙي تي سنج وجهي روانو ٿيو، چون ٿا ته مرشد چيو پهريائين اسان جي ڳوٺ کي ڪڙو ڏي! پوءِ وڃي پنهنجي ڳوٺ کي ڪڙو ڪڍ، فقير صاحب مرشد جي حڪم جي تعميل ڪئي، پهريائين ميرانپور کي ڪڙو ڏيئي پوءِ ڳوٺ آيو، ڍوري جي موريءَ وٽ لهي خليفي کي سندس ڪرو (جيڪو وضو ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ گڏ هوندو هو) هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته آئون ٿو ليڪو ڪڍان تون پٺيان پاڻي هاريندو اچ، اهڙي طرح پاڻ ڪجهه پڙهندو پئي ويو ۽ لٺ سان ليڪو به ڪڍندو پئي ويو ۽ خليفو پٺيان ڪونئري سان ڪجهه پاڻي هاريندو پئي ويو، تان جو پوري ڳوٺ کي ڪڙو ڏيئي ڇڏيائين. ڳوٺ جو چڪر تمام وڏو هو، پر فقير صاحب جي ڪرامت سبب نه ڪَري مان پاڻي کٽو ۽ نه ڪٿي فقير صاحب به بيٺو، تنهن کان پوءِ فقير صاحب ڳوٺ ۾ داخل ٿيو ۽ چيائين ته ’اَبا خير محمد آيو خير ٿيو‘، ان کان پوءِ ڪوبه ماڻهو نه بيمار ٿيو ۽ نه بيمارين مان ڪو فوت ٿيو.

(ب): هڪ دفعي پاڻ شڪار تي ويل هئا، پٺيان سندن فرزند حيدر بخش تمام گهڻو بيمار ٿي پيو، پاڻ حيدرآباد پهتا ۽ اتان ڪنهن ٻي سفر تي اسرڻ جو پروگرام هئن، پر اسرڻ کان پهريائين ساٿ وارن کان پڇيائون ته ابا ڏسو، ڳوٺ ڏانهن ته خير آهي. حاضرين فرمايو قبلا اسان کي ڪهڙي خبر، اهو ٻڌي پاڻ اُٿي بيٺو ۽ چيائين ته ٻيو سڀ خير آهي، پر حيدربخش ٺيڪ ڪونهي، هلو ته هلون ڳوٺ، هن جو آخري وقت آهي، پوءِ اُتان ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا، ٻاهر اوطاق تي پهتا ته اندران سڏ ٿيو، پاڻ گهر ويا، حيدربخش جي کٽ تي پيرانديءَ وڃي بيٺا، حيدربخش جي زبان بيماريءَ سببان وچان ڦاٽي ٻه اڌ ٿي پئي هئي ۽ سندس دم پرواز ڪري رهيو هو، پاڻ خاموش ويٺا هئا. ايتري ۾ سندن همشيره آئي ۽ کين چوڻ لڳي ته ’ادا تون ماٺ ڪيو ويٺو آهين ۽ ڇوڪرو وڃي پيو؟‘ پاڻ چيائون: ’الله پاڪ جي اها مرضي آهي هو خالق سان گڏ مالڪ به آهي.‘ همشيره چين: ’تون اڃا جيئرو آهين ۽ ڇوڪرو وڃي پيو، ائين هرگز ڪين ٿيندو ۽ اٿي ڪجهه ڪر.‘ حيدربخش جي اها حالت هئي جو ڄڻ دم نڪريو پئي ويو، پوءِ پاڻ اُٿيو ۽ هڪڙي رومال سان مٿان هوا هڻڻ لڳو ۽ ڪجهه پڙهندي کٽ کي ٻه چڪر ڏنائين، ته حيدربخش جي جان ۾ جان آئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ اُٿي بيٺو چيائين مون کي ڪجهه رٻ وغيره ڏيو. پوءِ پاڻ ٻاهر آيو، پر گهران نڪرڻ مهل چيائين ته: ’ابا خدا جي حڪم سان منهنجو ڌڪ، مون ٽاري ڇڏيو، پر اوهين اهو ڌڪ ضرور سهندؤ.‘ آخر ٿيو به ائين ۽ سندن وفات کان ڏيڍ سال بعد حيدربخش عزيزن کي فرقت جو داغ ڏئي هليو ويو.

فقيرن سان چوٽون: هڪ دفعي فقير خيرمحمد صاحب ٻڌايو ته آئون رکيل شاههؒ سان ملڻ لاءِ اتي ويس، رکيل شاهه چيو خيرمحمد اڄ پنهنجي فيض جي خبر وٺنداسين ته مرشد ڪنهن کي گهڻو ڏنو آهي، فقير چيو قبلا اوهان سيد هاشمي جو اولاد، آئون سومرو ائين ڪونه ٿيندو، پر شاهه ڪونه ٻڌو، ٻنهي کڻي اکيون اٽڪايون، اڃان وچين منزل تي مس هئاسون ته سائين مرشد ڪامل روحاني طور ٻنهي جي وچ ۾ اچي بيٺو ۽ رکيل شاهه کي مخاطب ٿي فرمايائين ته: ’ابا فقير سان مقابلو نه ڪري سگهندين، فقير گهڻو آهي.‘

هڪ دفعي پاڻ حيدرآباد ۾ هڪ واڻئي کان ناس وٺڻ لاءِ ان جي دڪان تي ويا، واڻيو فقيرن جو عقيدتمند ۽ ڀڳت قسم جو فقير هو ۽ فقير هميشه اتان ناس وٺندو هو. تنهن چيس ته فقير صاحب مون  تولاءِ اسپيشل ناس جون بوتلون گهرايون آهن، اها ڏسو جي توهان کي پسند اچي ته ٺيڪ آهي، ائين چئي فقير کي هڪڙي ڪوٺي اندر وٺي ويو، ۽ ٿوري دير کان پوءِ فقير صاحب پگهريل ۽ پريشان حالت ۾ ٻاهر نڪتو ۽ ناس وٺي آستان ڏي هليو. تڏهن ساٿين پڇيو ته خير آهي، فقير صاحب چيو ته ادا هي ڪو وڏو ڀڳت آهي، ويچاري زور لڳايا پر اسان کڻي ڇڏيوسين. فقير صاحب جي روحاني منزل ۽ مقام جو اهو عالم هو، جو پاڻ ڪيترا دفعا، پنهنجي مرشد کي روحاني طور گس پنڌن تي به ڏٺو هئائون ۽ ساڻن ملاقي به ٿيا هئا.

مشغلا: ابتدائي دؤر ۾ شڪار ڪرڻ، گهوڙي سواري تيراندازي سندن خاص مشغلا رهيا، پر اڳتي هلي، انهن تان دل کڻي ڇڏيائون ۽ پوءِ سندن شغل صوفيانه راڳ، فقيرانه ڪچهري عبادت، رياضت ۽ شرعي ڪمن جي پابندي هو.

روزانه معمول: صوفي صاحب جو روزانه اهو معمول هو، ته اسر جو اُٿي درگاهه تي ويندا هئا. فجر نماز به اتي پڙهندا هئا، اشراق ڪڏهن ڪڏهن اتي پڙهندا هئا ته ڪڏهن گهر اچي پڙهندا هئا، پوءِ تسبيح پڙهندا رهندا هئا، نيرن ڪري ڪجهه وقت لاءِ سمهي رهندا هئا ۽ ڪلاڪ کن آرام کانپوءِ اُٿي وضو ڪري ماني کائي ٻاهر اوطاق تي ايندا هئا. ڪچهريءَ بعد ڪلاڪ اڌ آرام ڪري پوءِ اڳين نماز وڃي پڙهندا هئا، وقتي وقتي ڪجهه نمازون گهر ۾ ئي پڙهندا هئا، مطلب ته جتي پڙهندا هئا اتي ئي ويٺا تسبيح ۽ دعائون پڙهندا هئا، وچين ۽ سانجهي به اتي پڙهي پوءِ گهر ويندا هئا، رات جو ماني کائي ڪجهه آرام ڪندا هئا، پوءِ اُٿي حاجت ضروري کان فارغ ٿي عشا نماز پڙهندا هئا ۽ پوءِ اتي ويٺي ويٺي ڪافي وقت پيا تسبيح پڙهندا هئا. پاڻ تهجد پابنديءَ سان پڙهندا هئا، سندن عبادت جو اهو عالم هو جو عبادت ۾ بيٺي بيٺي سندن پير سُڄي پوندا هئا.

ڪچهريءَ جو نمونو:  فقير صاحب جي ڪچهريءَ ۾ اڪثر نيڪ بخت انسان ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته انگريز ۽ نواب به ايندا هئا، پر سڀني جي ويهڻ لاءِ هڪ ئي تڏو هوندو هو. پاڻ فقير سان گڏ سخي پڻ هوندا هئا، سندن ڪچهريءَ ۾ صوفياڻو راڳ به هوندو هو ته زماني جون خبرون به هلنديون هيون، پر گهڻو ڪري مڙئي چڱيون ڳالهيون هلنديون هيون، فقير صاحب جو اهو معمول هو ته پاڻ زماني جي ڳالهين ۽ فيصلن کي جلد نبيري فقيرانه ڪچهري شروع ڪري ڇڏيندا هئا.

خاص دوست: جيئن ته فقير صاحب گهمندڙ فقير هو تنهنڪري سندس دوستن جو تعداد به تمام گهڻو هو، جن ۾ غلام محمد ڀرڳڙي، رحيم فقير ڀرڳڙي، مولانا محمد اسماعيل، سيد رکيل شاهه، نصير فقير جلالاڻي، سمن شاهه بخاري، ميون جان محمّد وهري وارو خاص هئا، جن سان سندن خاص ڪچهريون ٿينديون هيون.

وفات: جواني جي دؤر ۾ پاڻ جڏهن شڪار ڪندا هئا، تڏهن هڪڙي جهنگ ۾ اوچتو هڪ وڏو ’سُور‘ نڪتو ۽ ان جي پٺيان هڪ ننڍو ’سُور‘ به هو. فقير صاحب پهرين نشانو وڏي ’سُور‘ جو ورتو ته ننڍو ڀڄي ويو. هن ڪِرندي رڙ ڪئي ته سندس ڀر ۾ ننڍا ٻچا هئا جي ڊوڙي آيا ۽ مٿس اورتي پرتي ٿيڻ لڳا، فقير ڏٺو ته اها مادي هئي ۽ پوءِ کانئس بي اختيار رڙ نڪري وئي چيائون ته، ’خيرمحمد توسان به شايد ائين ٿئي‘ آخر ائين ئي ٿيو، جو فقير صاحب پنهنجا ننڍڙا ٻچڙا ڇڏي پاڻ اٽڪل 1929ع مطابق 1348هه ۾ رحلت ڪري ويا، ان وقت سندن عمر 63 سال هئي، پاڻ سندن ڏاڏي جي قبي جي اُتر طرف واريءَ تجر ۾ دفن ٿيل آهي.

شاعري: صوفي خيرمحمدؒ کي فقيريءَ سان گڏ شاعري به ڄڻ ورثي ۾ مليل هئي. پاڻ صوفياڻي رنگ جو تمام گهڻو ڪلام چيو اٿن، جنهن مان نموني طور چند جهلڪيون پيش ڪجن ٿيون:

ڏوري ڏسج ڏيل ۾، الاهي اسرار،

”وفي انفسڪم افلا تبصرون، ائين قادر جو قرار،

ٿي خير محمد خبردار، پيهي ڏسج پاڻ ۾.

---

عاشق ڪي اڌ ٿيا، ته پڻ ٿا لڇن

نفي نبيري هليا، ٿا پريون پنڌ پڇن

کاهوڙي خيرمحمد چئي، لاٿا جيل جسن

ٿا موڳا ات مسن، ڪي قليل ويندا ڪاپڙي.

---

کاهوڙي ’خيرمحمد‘ چئي، پختا ٿيا پچي،

ڪڍي ڇڏيائون ڪُڙه مان، ڪوڙي ڳالهه ڪچي،

’الله جي لئي ۾، راول پيار رچي،

آديسي اچي، معنيٰ ۾ مَحَو ٿيا.

سر سسئي:

چڙهيو چڙهان چوٽئين، منهنجو وس ويو،

آيل اوٺيئڙن جي، مون کي نينهن نيو،

’خيرمحمد‘ چئي ان مان ڪو جو پهه پيو،

سڃاڻي سهو، ويندس پار پرين جي.

سر مارئي:

مون کي مارن ميڙيين، اندر ٿيم اُڪير،

ملان ماڙيچن کي، کلي پيان کير،

’خيرمحمد‘ انهن ريءَ نديون وهن نير،

ثابت رهي سير، ته ڏسان ڏوٿيئڙن کي.

سر کاهوڙي:

تيرٿ ڪري تڪيو، ويراڳي ويا،

کاهوڙي ’خيرمحمد‘ چئي هڻي نينهن نيا،

وڃي تت پيا، جت نهايت ناهه ڪا.

---

جت نهايت ناهه ڪا، اتي ڪيائون اوطاق،

سڙي، پچي، جي سڪ ۾، چڪي پيئڙن چاڪ،

کاهوڙي ’خيرمحمد‘ چئي، فنا ڪيا فراق،

هُتي جا هيراڪ، هِت سک ٿي سمهن ڪينڪي.

ڪافي:

آءُ اچي ڪر فضل فقير، ميٽ مدايون بخش برايون!

 

آيس تنهنجي در تي سوالي، سخي سائين ڇڏ نه خالي،

ڏي ڪا داتا دل کي ڌير، ميٽ مدايون بخش برايون!

 

ڏسي منهنجو هيڻو حال، ڪر ڪي ڀلايون پنهنجو ڀال،

واهر ڪجان واري وير، ميٽ مدايون، بخش برايون!

 

منهنجي توکي سڌ سموري، آهين تون سائين هادي حضوري،

اچي اڪارج سائين سير، ميٽ مدايون، بخش برايون!

 

’خيرمحمد‘ تي ڪرم ڪري، پنهنجا اچجان پيرا ڀري،

سگهو رسجان صوفي فقير ميٽ مدايون، بخش برايون!

وائي:

نيڻين ننڊ اکوڙ، ڀوري بيراڳين لئه.

 

ڪڍ قضا قلب مان، ته وڃي پهچين توڙ…

اٿي الله تون نه گهرين، اوڍيو سمهين سوڙ…

پاڻ وجهي پاتار ۾، منهن مڙنئون موڙ…

’خيرمحمد‘ چئي خوف سان، وڃي وندر ووڙ…

وائي:

سائين سڻ تون سوال، لهج سنڀال، ورهه وڪوڙي آهيان.

 

ساريو توکي سپرين، جر وهن ٿا جال، لهج سنڀال…

اٺئي پهر اندر ۾، ووڙيان راه وصال، لهج…

معلوم توکي منهنجا سائين، صوفي سڀئي خيال، لهج…

پارج تون پنهنجا، قول ڪيئي جي ڪالهه، لهج…

’خيرمحمد‘ تي خوش ٿي، ڀلا ڪري اچ ڀال لهج سنڀال…

ڪافي:

ڏٺوسون ديدار دلبر جو، اندر پنهنجي ڏيل ۾ ڏوري.

 

ڪڏهن اندر، ڪڏهن ٻاهر، ڪڏهن مخفي، ڪڏهن ظاهر،

ڪڏهن عالم، ڪڏهن ساحر، ڪڏهن تان چر پيو چوري…

ڪڏهن ڳجهيون ڳالهيون ڪري، ڪڏهن ويجهو ڪڏهن پري،

ڪڏهن ڪاوڙ، ڪڏهن ٺري، ڪڏهن اچيو گهور سان گهوري…

ڪڏهن قاضي، ڪڏهن غازي، ڪڏهن تارڪ، ڪڏهن نمازي،

ڪڏهن بيپرواهه، ڪڏهن راضي، ڪڏهن عاشقن سان ٿو اوري…

ڪڏهن رحيم رحم ڪندڙ، ڪڏهن رازق رزق ڏيندڙ،

ڪڏهن’خيرمحمد‘ تي خيال ڪندڙ، آئون نه پڄان تنهنجي ٿوري…

هن مضمون لاءِ ڪم آيل مددي ڪتاب/رسالا، مخطوطا ۽ راوي.

ڪتاب ۽ رسالا:

1.   وڻجارن وايون، اداره نواءِ ادب خانصاحب عطا محمد پلي، مصنف: عبدالڪريم پلي.

2.  سه ماهي مهراڻ ۾ (جناب راڄ محمد جو مضمون)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

3.  ’جيڪي آه اڄ‘ مرتب: سيف الله خالد، ٻارڙا پبليڪيشن عمرڪوٽ

4.  مهراڻي جا مور، مصنف: معمور يوسفاڻي

5.  ناري سب ڊويزن جو ادبي جائزو، معمور يوسفاڻي

مخطوطا:

1-        تذڪره شعراء عمرڪوٽ، معمور يوسفاڻي

2-       ٿرپارڪر جي ادبي تاريخ، معمور يوسفاڻي

راوي:

1.      صوفي ڏاتار بخش ولد صوفي خيرمحمد رحه (عمر 65 سال)

2.     محمد ابراهيم پرواز سروري، ڪنڀار صوفي فقير (عمر 60 سال)

جمال‘ مراد گبول

ميرپور- ساڪرو

 

 

 

 

 

رشيد احمد ساڪرائي

 

اسان جي هن سنڌ سونهاريءَ، ڪيترائي صوفي بزرگ، عالم، اديب، ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن. ضلعي ٺٽي، تعلقي ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ کان اولهه طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ٺياڻي قبيلي جا گبول رهن ٿا. جن ۾ حاجي شاهه بيڪ، حاجي جمعون ۽ حاجي ابراهيم گبول، معزز شخصيتون ٿي گذريون آهن. الهڏنو گبول پنهنجي مائٽن سان ناراض ٿي، ميرپورساڪري کان اوڀر طرف، گبولن جي ڳورئي قبيلي ۾ پنهنجي ڀيڻ ’شلو‘ سان گڏ رهڻ لڳو. الهڏني گبول جي ان وقت عمر تقريباً 25 سال هئي. سندس ڀيڻ ’شلو‘ جي شادي ’حمر‘ ڳورئيءَ سان ڪرائي، پاڻ مولوي ابوبڪر زنگياڻيءَ سان گڏجي، لاڙڪاڻي ۾ مولوي ڪريمداد چانڊيو جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو، جتي سندس هوشياري ۽ ڏاهپ ڏسي، مولوين سندس نالو الهڏنو لاهي، مولوي غلام محمد رکيو. ديني تعليم پوري ڪري، پنجاهه سالن جي عمر ۾ واپس موٽي ڳوٺ آيو ۽ اُتي ئي مدرسو کولي تدريسي ڪم شروع ڪيائين. سندس مدرسي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا سوين شاگرد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم پرائيندا هئا. ڳوٺ جي چڱي مڙس ڏاڙهون ڳورئيءَ جي وڏي ڇوڪريءَ جو سنڱ (رشتو) گهريائين، پر ان رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ سندس خوبيون ڏسي، ننڍي ڇوڪريءَ سائينڏنيءَ جو سڱ ڏنائين. جنهن مان کيس ٻه پُٽ ۽ ست نياڻيون پيدا ٿيون، پٽن مان (1) محمد، (2) رشيد احمد ٿيا.

نياڻين ۾ (1) رقيت (2) حُسنه، (3) ماروي (4) نيامت (5) آمي (6) سوني (7) جنت پيدا ٿيون. رقيت جي نسل مان حاجي عبدالله پيدا ٿيو. حُسنه مان وسند، مارويءَ مان فقط هڪ ڇوڪري پيدا ٿي، جنهن جو ڏوهٽ محمد عثمان پيدا ٿيو. نيامت مان حاجي رحمت الله پيدا ٿيو. آميءَ مان لطيف ۽ سوئيءَ مان سليمان پيدا ٿيو. جنت مان غلام رسول پيدا ٿيو. سندس ڀيڻ ’شلو‘ مان بنگل ملير پيدا ٿيا. ملير جي نسل مان مولوي الهجڙيو ڄائو، جيڪو اڄ به هن وقت مولوي غلام محمد جي مسجد ۾ پيش امام آهي ۽ ان ئي مدرسي ۾ پڻ تعليم ڏيئي رهيو آهي.

رشيد احمد مولوي غلام محمد جي گهر ۾ 1886ع ۾ جنم ورتو. سندس نالو تبرڪاً برصغير جي مشهور عالم علامه مولانا رشيد احمد گنگوهي جي نالي تي رکيائين.

ننڍڙي رشيد احمد کي پيار مان گنگوهي گلزار پڻ چوندا هئا، مولانا غلام محمد تَر جو مشهور عالم هو، اسلامي علم جو ماهر ۽ اعليٰ پايي جو اديب، ان سان گڏ حاذق طبيب پڻ هو. مولوي غلام محمد رشيد احمد کي قرآن مجيد، سنڌي، پارسي ۽ عربيءَ جا مروجه علوم پنهنجي مدرسي ۾ پڙهيا. پاڻ تمام ذهين هو تنهنڪري تفسير، حديث، منطق ۽ فلسفه جا ڪتاب پڙهائڻ لاءِ کيس علامه صادق وٽ مدرس مظهرالعلوم کڏه ڪراچي ۾ موڪليو، جيڪو علامه شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبند اسير مالٽا جو شاگرد هو. رشيد احمد تحصيل علم جا آخري ڪتاب پڙهي رهيو هو. ديني تعليم سان گڏ دنيوي تعليم پڻ حاصل ڪري رهيو هو ته، اوچتو سندس نظر محبوبه (رتنا ديويءَ) تي پئي. جنهن جي ڏسڻ سان دل ڦُرائي ويٺو! (رتنا ديوي) سيٺ چندي پرشاد جي ڌيءَ هئي، جيڪو ان وقت گڏيل هندستان ۾ لکهنوءَ ۾ سب جج هو. رتنا ديوي پرنسز ميڊيڪل ڪاليج ۾ مڊوائيف جو ڪورس ڪندي هئي، ۽ هُن جو چاچو سيٺ جمناداس سيڪنڊ ايئر سائنس پڙهائيندو هو. رشيد احمد ان ئي سال ساڳئي ڪاليج ۾ چوٿين سال جو امتحان ڏنو هو. جتي سندس دل رتنا ديويءَ موهي ورتي هئي، ۽ عشق جو درياهه هن جي دل ۾ ڇوليون هڻي، دل جا سڀ بند ٽوڙي پنهنجي پالوٽ شاعراڻي انداز سان دنيا ۾ ظاهر ڪئي. ڪجهه عرصو ميل ملاقات پڻ ٿي. هوڏانهن هن جي شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون، ۽ مولوي غلام محمد جي زندگيءَ جا به آخري ڏينهن اچي پهتا.

رشيد احمد کي سندس والد جو شاگرد ۽ خادم عمر شيدي، وٺڻ لاءِ پهچي ويو. رشيد احمد گهر پهچي پنهنجي والد صاحب جو آخري، ديدار ڪري، ڪفن دفن کان فارغ ٿي ڪجهه وقت والد جي تعزيت تي اچڻ وارن لاءِ تڏي تي ويهي، وري ڪراچي هليو ويو، ته حسنه دلربا کي ان جاءِ تي نه ڏٺائين، ان وقت فارسيءَ ۾ هن طرح چيائين:

خالي از تن گُشت جان در بسته شُد،

حالِ محرم از کراچي رفته شُد،

داغِ فرقت داد در، دل مهربان،

از کراچي سوئي بمبئي شُد رَوان،

روزگارِ راند و دل، دو غم نشاند،

مونسِ جان رفت هم، پدرم نماند،

پيش ڪس نالم ز جورِ آسمان،

آنکه غائب کرد از سر سائبان.

وغيره

ترجمو: محبوب هڪ ساهه جي مثل هو، ۽ جاءِ خالي بدن جي مثل هئي، جنهن جو دروازو بند ٿيل هو، يار ڪراچي ڇڏي، بمبئي روانو ٿي ويو، داغ فرقت جو دل ۾ ڏيئي، مهربان ڪراچيءَ کان بمبئي ويو هليو. محبوب جو غم، ٻيو پيءُ جي جدائيءَ جو غم، آسمان جي هيءَ شڪايت ڪنهن کي ڏيان. جنهن منهنجي سر تان هيءَ ڇٽڙي غائب ڪري ڇڏي. آخر هي مست مجنون عاشق ليليٰ کي ڳولڻ لاءِ لڙڪ وهائيندي، روئندي رڙندي بمبئي روانو ٿيو. ان کي پنهنجي هن ڪافيءَ ۾ هينئن ٿو بيان ڪري:

اي مٺا تولئه رُلان پيو دربدر پرديس ۾،

عشق تنهنجي آ ڪرايو، هي سفر پرديس ۾.

مائٽن منٿون ڪيون، ويا موڪلائي مون وٽان،

سڀ ڇڏي آيس هلي، مادر پدر پرديس ۾.

اڄ رشيد احمد رُلي پيو، ملڪ تنهنجي ۾ مِٺا،

تو سوا ڪنهن سان ڪريان، دل جي خبر پرديس ۾.

پر افسوس! ايترو ڳولڻ کان پوءِ به محبوب نه مليو، ۽ موٽي واپس ڪراچي آيو. ان کان پوءِ ڪيترو وقت مٿس جنونِ طاري رهيو، مجذوبانه ڪيفيت ۾ هن ڪلام چوڻ شروع ڪيو. جنهن کي ڏکويل ماڻهو ٻڌي روئي پوندا هئا. پنهنجو چيل ڪلام يڪتاري تي ڳائيندو هو ۽ راڳ جي پڻ گهڻي ڄاڻ هوندي هئس. قدردان سندس تمام گهڻو قدر ڪندا هئا. ڳائڻ جو اظهار پنهنجو درد گهٽائڻ جي لاءِ اختيار ڪيائين. علم تصوف جي باريڪين کان هي ڪلين شيو مولوي روايتي مولوين کان هٽي ڪري، هن پنهنجي لاءِ هڪ ملامتي طريقو اختيار ڪيو هو.

عربي، فارسي، اردو، سرائڪي، پنجابي، هندي ۽ سنڌي زبان جو ڄاڻو هو. شريعت جو احترام ڪندو هو. پاڻ کي گنهگار ۽ عاصي چوندو هو:

سُرخ پوشا روئی پوش، از من مَرو ای بیوفا،

اَنت فی صدوری ولیکن،  ٿي نه تون جاني جُدا.

---

همچو آهو عين تيري، جبکه ديدم دلربا،

مست هو کردم، قلبي، من وران رُو چاشپا.

---

کیا کروں کس سے کہوں، کوئی نہیں ہمراز من،

مائی ڈیئر اب شو کراچی، ماں روان او شیا پدا۔

---

مان شپان روچان گريوان، سوز تنهنجي ۾ صنم،

عرق بُوتا گار بُتا، گلبدن گُلناز دا.

---

دردمندم مستمندم، ليس لي درهم دينار،

کئے رشید احمد، مان کا يان کرايه گاڙي کٽتا.

نوٽ: هن غزل ۾ ڇهه زبانون استعمال ڪيون اٿس، (1) پارسي (2) بلوچي (3) عربي (4) انگريزي (5) سنڌي (6) اردو.

ڪلام پڙهندي، ڪيترا دفعا يڪتارو ڇڏي، وري يوسف زليخا جا بيت وچ ۾ درديلي انداز ۾ پڙهندو هو، مثال هي بيت اڪثر ڪري چوندو هو:

مرا اے کاشکی مادر نہ زادے، اگر زادے بجائے شیر مارا زہر دارے۔

معنيٰ: بي بي زليخا حضرت يوسف عليه السلام جي فراق ۾ چوي ٿي، ڪاش مون کي هنن سورن کان ماءُ نه ڄڻي ها، جي ڄڻيائين ته پوءِ کير نه پياري ها، اڪثر ڪري ڪارو ڪوٽ پاتل هوندو هئس، ۽ يڪتاري تي ويهي گوڏو کوڙي ڪلام چوندو رهندو هو. شڪل ۽ صورت جو سهڻو، پرماتا نڪرڻ ڪري، سندس مُنهن تي هلڪا داغ نظر ايندا هئا، هڪ اک ٿورو لائي هئس، مطلب ته هڪ اک ۾ ٿورو ڦيرو هئس.

جڏهن ڪلام پڙهندو هو ته سندس کاڏيءَ مان پگهر جا ڦُڙا ٽمندا رهندا هئا، رشيد احمد ڪجهه عرصو، گهاري، گُجي ۽ ساڪري ۾ تپيداريءَ جي نوڪري پڻ ڪئي. سندس اکر تمام سُٺا ۽ سهڻا هوندا هئا. جڏهن لکڻ شروع ڪندو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو لکندو هو، پر جيڪڏهن نه لکيائين ته اُها سڄي شاعري وسري ويندي هئس. تنهنڪري هميشه ساڻس ڪاغذ ۽ پينسل ساڻ هوندا هئا. رشيد احمد ساڪرائي گل محمد ڳوٺ ڪورنگي ڪراچي ۾ رهندو هو. جتي سندس رشتيدار ۽ دِلي دوست عبدالستار گبول رهندو هو. ان سان سندس روح جو رشتو هو. اتي سند شاعريءَ جو سمورو مواد ڪاٺ جي پيتين ۾ بند پيل هو. ان جي سنڀال نه ڪرڻ ڪري، برسات ۽ اُڏوهيءَ جي وَر چڙهي ويو. (رتنا ديوي) کيس مرڻ گهڙيءَ تائين ياد هئي. رشيد احمد هفت زبان شاعر هو، سندس دعا ۽ بددعا لڳندي هئي. پاڻ 62 سالن جي عمر ۾ 1948ع ۾ وفات ڪيائين. آخر لکندي لکندي قلم سندس هٿ مان ڪِري پيس. سندس وصيت موجب کيس بابر مارڪيٽ جي ويجهو چوواٽيءَ تي دفن ڪيو ويو. پاڻ چيائين ته اهڙو به وقت ايندو ته منهنجي هن آخري آرامگاهه تي حسينن جا ميلا هوندا. اڄ اُتي شهر آباد آهي. سندس مقبري جي ڀرسان ڇوڪرين جو گرلز ڪاليج آهي. هن وقت کيس جلالي بابا جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس مقبرو ملير لانڍي پيپرس مل جي احاطي ۾ موجود آهي، ملير کي تمام گهڻو ڳايو اٿس. سندس ڪلام جو نمونو هن طرح آهي:

(اردو شاعري)

صبا بتادے ہی کسکی آمد، جو لوگ رستے بنا رہے ہیں،

یہاں کسی کا گذر ہوگا، جو فرش مخمل بچھا رہے ہیں۔

فلک سے آئے ہیں حور و غلمان، لائے ہین جنت کا ساز و سامان،

یہ ہے کسی کا عزیز مہمان، جو لوگ گردن جھکا رہے ہیں۔

رشید احمد نثار ہوکر، گرا ہے قدموں میں کس کے آکر،

یہ دست بستہ ہوا ہے حاضر، خوشی کے آنسو بھا رہے ہیں۔

---

جب کھلا رُخسار تیرا، ای صنم گل کے طرح،

ہو رہا مشتاق دل، بے تاب بلبل کے طرح۔

چشم نرگس، لعل لب، سیمیں ذقن اَبرو کماں،

ہے تیرا مشکیں کاکل، جُعد سنبل کی طرح۔

سر وقد، شمشاد، یا صنوبر بی نظیر،

شاخ رعنا پردہ میوہ، نرم مخمل کے طرح۔

حسن کا ڈاکو رشید احمد، تھا عاشق کو نصیب،

عشق کا مار پڑا ہے، نیم بسمل کے طرح۔

سنڌي شاعريءَ جو نمونو، جنت جو ذڪر:

ماکيءَ جهڙا ماڻهو مورَ، عجب جهڙا انسان ڏٺم.

عجب خدا تنهنجي آهي خُدائي، واحد توکي سونهي وڏائي،

عجب ته محبت سندي مٺائي، عجب دنيا جو آهي دَور،

اعليٰ تنهنجو شانُ ڏٺم.

نصيحت آميز:

ٿي نه تون مستان بلبل، هي چمن آخر فنا،

بي بقا آهي بهاري، هي حُسن آخر فنا.

ڇا کڻي ويندين دنيا مان، ڌوڙ داخل تو ڪندا،

ٻيو نه سرندئي مال مايا، بس ڪفن آخر فنا.

صوفيانه ڪلام:

ڳولي ڳولي يار لڌوسين، اڱڻ اسان جي آيو آ،

وَنَحن اَقرب اِني اَنا جو راڳ رباني ڳايو آ.

آدم بنجي نوح سڏائي، موسيٰ ٿي پوءِ عيسيٰ چاهي،

آخر شڪل محمّد بنجي، سهڻي سانگ سڏايو آ.

رشيد احمد راز رنگيلو، رنگ رکي ڇو لڪائين ٿو،

آهي عجب اسرار اِلاهي، محبت مست بنايو آ.

---

جيئن رهي حيران بلبل، مست گُل جي واسطي،

تيئن آهيان لاچار ٿيو، تنهنجي وصل جي واسطي.

داد ڪر اي دلربا، فرياد منهنجو ٻُڌ کڻي،

دانهن آندي مون اِها، تو وٽ عدل جي واسطي.

---

اهڙو عشق زورآور آهي ڙي، ڪهڙا ٿڌڙا ساهه کڻائي ڙي.

تخت ڇڏائي، بخت ڇڏائي، ننگ ناموس ۽ نينهن وڃائي،

مايا ملڪيت عشق لتاڙي، گهر تڙ گام ڇڏائي ڙي.

 

جيءَ جي لڳي جن کي اديون، سي ڪيئن سُمهي آرام ڪن،

پرديس ۾ رولي ڇڏيم، هي هي پرين وڇڙي ويم،

جن کان جدا قسمت ڪيم، سي شل مٺا موٽي ملن.

---

زماني ۾ وفاداري ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي،

دنيا جي هيءَ سنگت ساري ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي.

هتي گڏجي گذارين ٿو، سنگت پنهنجيءَ کي سارين ٿو،

اها محفل مزي واري ڪڏهن آهي، ڪڏهن ناهي.

رشيد احمد نه هت رهندين، سنگت پنهنجيءَ کي ساريندين،

اهو سرتاج سرداري، ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي.

سندس شاعريءَ جو فقط هڪ ڪتاب
’دانهون درد فراق جون‘ جي نالي سان رشيد احمد مسرور چانڊيو جي ڪوشش سان 239 صفحن تي 2007ع ۾ ڇپرايو ويو آهي، ان کان علاوه 1955ع ڌاري سندس وڏي ڀاءُ محمد ۽ شمشاد ساڪرائي ڪتاب تحرير ڪيو هو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جي حوالي ڪري آيا، ان سان گڏوگڏ هڪڙي ٻي به شاعريءَ جي ڪاپي حيدرآباد ۾، ڪنهن علم ادب واري سان وڪڻي واپس گهر موٽي آيا.

محمد عثمان جوڻيجو

ڏوڪري

 

 

 

 

 

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

جون علمي ۽ ادبي خدمتون

سنڌ سونهن ۽ سرهاڻ جي ڌرتي آهي، جيڪا ’مُهين جي دڙي‘ واري دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اولياء الله، صوفي بزرگ، الستي درويش، سوين سورهيه، ساڃاھ وند ۽ علم جا اڪابر پيدا ڪندي رهي ٿي. اُهي عظيم شخصيتون سنڌ ڌرتيءَ سان بي لوث محبت ۽ عقيدت رکندي پنهنجي حياتيءَ جو هر پل سنڌ ڌرتيءَ جي امانت سمجهي سجايو ڪنديون رهن ٿيون.

هونئن ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ، شهر سون آهن، جيڪي پنهنجي الڳ تاريخ رکن ٿا ،پر انهن ۾ سنڌ جو مکيه شهر لاڙڪاڻو ادبي اعتبار کان توڙي سياسي لحاظ کان پوري دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪلهوڙا دور ۾ لاڙڪاڻو خوب وڌيو ۽ ويجهيو، بالخصوص ميان نور محمد ڪلهوڙي (1719ع - 1753ع) جي ڏينهن ۾ سندس نائب ميان شاھ بھارو جهنجهڻ (1665 - 1736ع) بهادريءَ ۽ سچائيءَ سببان وڌندي اعليٰ عهدي تي پهتو ۽ کيس 1719ع ڌاري چانڊڪا پرڳڻي يعني هاڻوڪي لاڙڪاڻي ضلعي جو ناظم اعليٰ مقرر ڪيو هو. جنهن پنهنجي دور ۾ لاڙڪاڻي کي وڏي اوج تي رسايو، ميراڻي موج ۾ منجهس معياري ڪتبخانو به رهيو آهي. علمي ۽ ادبي لحاظ کان ان وقت وڏيون درسگاهون هيون. خاص ڪري ديني درس توڙي شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ هيءُ شهر قديم زماني کان شهرت رکي ٿو.“(1)

لاڙڪاڻي جي تاريخ جا اُهي گمشده ورق ڳولهي ڦولهي تحقيق ۽ کوجنا ڪري سنڌين کي تاريخ جوڙي ڏيندڙن ۾ ناميارو ليکڪ، محقق پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي به هڪ آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ لاڙڪاڻي جي ميمڻ محله هاڻوڪي لاهوري محله ۾ 27 رمضان المبارڪ 1358ھ مطابق پهرين سيپٽمبر 1939ع تي جنم ورتو. سندس وڏا اصل ۾ ماڙي ڳوٺ تعلقه شڪارپور جا رهواسي هئا، پر پوءِ ٽالپرن جي دور ۾ روزگار جي سانگي چانڊڪا پرڳڻي يعني لاڙڪاڻي ڏانهن نقل مڪاني ڪري آيا.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ابتدائي تعليم گورنمينٽ پريڪٽسنگ پرائمري اسڪول لاهوري محلي مان 1949ع ۾ چار درجا حاصل ڪرڻ بعد گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان 1954ع ۾ مئٽرڪ ڪري ورتائين. انٽر ميڊيئيٽ جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1956ع ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪيائين. بي.اي ۽ ايم.اي جي سَنَد سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو مان ورتائين.

هي پهريون خوش نصيب سنڌي هو، جنهن سنڌي ادب ۾ ايم - فل 1975ع ۾ ڪئي. 1978ع ۾ ايل.ايل.بي جي امتحان ۾ ٻيو نمبر آيو. 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’اڻويهين صديءَ جا نثر نويس‘ جي عنوان تي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب شروع ۾ 20 مئي 1957ع ۾ پي.ڊبليو.ڊي کاتي ۾ سرڪاري ملازم ٿيو ۽ پوءِ 14 نومبر 1973ع تي تعليم کاتي ۾ بحيثيت ليڪچرار عبدالله ڪاليج نارٿ ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو. سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليمي فرائض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ آخر ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 31 آگسٽ 1999ع تي ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي ننڍپڻ کان ئي علم و ادب سان شوق رهيو. هن 1956ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ سندس سوين مقالا هند ۽ سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا، جن جا اردو، انگريزي، براهوئي ۽ گجراتي زبان ۾ پڻ ترجما شايع ٿيا آهن.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جا اکر تمام بهترين موتين مثل هئا، ان ڪري هن پنهنجا ڪيترائي ڪتاب پنهنجي هٿ اکرن ۾ تيار ڪري ڇپايا هئا، سندس لکڻين کي سنڌ توڙي هند ۾ قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ خاص طور تي هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: (1) ملا نصيرالدين جا لطيفا 1961ع، (2) سيد عبدالقادر جيلاني 1967ع، (3) شاھ عبداللطيف ڀٽائي 1969ع، (4) تذڪره غفور (جلد اول) 1972ع، (5) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڀاڱو پهريون) 1976ع، (6) هيرا لعل جواهر 1976ع، (7) پاڪستان جو اڀياس 1977ع، (8) ماڊرن اسڪول ڊڪشنري 1977ع، (9) هيرن جو هار 1977ع، (10) مارڊن مضمون نگاري (ٻه ڀاڱا) 1977ع کان 1978ع، (11) شرح سر ڏهر 1978ع، (12) محمد رسول الله ﷺ 1980ع، (13) سنڌي انسائيڪلوپيڊيا (پنج جلد) 1980ع، (14) اسان جا اديب اسان جا شاعر (پنج حصا) 1980ع، (15) مري ٿيا نه مات 1980ع، (16) عظيم سنڌي انسان 1981ع، (17) غفور سنڌي گرامر 1981ع، (18) پرين جي پچار 1981ع، (19) قائد اعظم محمد علي جناح 1982ع، (20) مخدوم بلال باغباني 1982ع، (21) مٽي لڌو مان 1982ع، (22) سچا موتي 1987ع، (23) ست مقالا 1987ع، (24) ميمڻ سنڌي مضمون نويسي 1987ع، (25) فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام 1983ع، (26) هميشه حيات 1983ع، (27) ادبي خزانو 1983ع، (28) هونداسي حيات 1984ع، (29) لاڙڪاڻي جو لال 1985ع، (30) معرفت جو مينار 1986ع، (31) وقت جو غوث 1987ع، (32) عظمت جو مينار 1988ع، (33) مانجهي مڻيادار 1989ع، (34) عظيم انسان 1990ع، (35) ادبي شخصيتون 1990ع، (36) جي جوت جلائي ويا 1991ع، (37) آفتاب هدايت 1992ع، (38) آفتاب ولايت 1992ع، (39) قطب اولياءَ 1993ع، (40) غوث الزمان 1994ع، (41) سئو سنڌي سپوت 1994ع، (42) حافظ الملت 1995ع (43) سلطان اولياءَ 1996ع، (44) فيض جو درياھ 1997ع، (45) گلستان هدايت 1998ع، (46) اُڻويهن صديءَ جا نثر نويس (پي - ايڇ - ڊي)، (47) پيران پير دستگير (48) نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي شاعري، (49) تذڪره الشعراءَ لاڙڪاڻو، (50) سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وغيره.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب نثر سان گڏ نظم جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي هئي سندس شاعري گهڻو ڪري مذهبي رنگ ۾ رڱيل آهي، پسندينده صنفن ۾ بيت ۽ مولود آهن. سندس جوڙيل مولودن مان هڪ مولود نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

جُهڪائيندس جَبين پنهنجي وڃي اُن يار جي در تي،
جُهڪي ساري خُدائي ٿي، جنهن دلدار جي در تي.
اکين سان روضي اَطهر کي ڏسان چانئٺ چُمان اُن جي،
پڙهان صلوات سَوَ واري، سچي سردار جي در تي.
شفيع المذنبين مُرسل مُحمّد آھ ته غم ڇا جو،
پُڇاڻو معاف آ ’ميمڻ‘، پرين پڳدار جي در تي.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب وٽ شاندار لائبريري هئي، جنهن ۾ ادبي، تاريخي، مذهبي، ثقافتي، سائنسي ۽ طب بابت هزارن جي تعداد ۾ ناياب ڪتاب موجود هئا. سندس لائبريريءَ ۾ ويهين صديءَ ۾ ڇَپيل سنڌي ڪتابن جو بهترين انتخاب هو. ان کان علاوه عربي، فارسي، اُردو ۽ اَنگريزي ڪتابن جو پڻ چڱو تعداد هو. اَخبارون، رسالا ۽ پمفليٽ وغيره به جهجهي اَنداز ۾ گڏ ٿيل هئا.

مرحوم عبدالستار ڀٽي ڪتاب ’لاڙڪاڻو اَمر شخصيتون‘ ۾ سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۾ هڪ خوبي اِها به ملي ٿي ته هن سدائين قدم ۽ قلم سنڀالي کنيو آهي. پاڻ ڪڏهن به من جو ميرو نه رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪڏهن ٻاڙو ٻوليو اٿس، واعدي جو پختو ۽ هميشه نتيجي تي نظر رکندڙ کرو انسان آهي. روزانو 12 کان 14 ڪلاڪ پنهنجي ڪتب خاني ۾ رڌل ۽ ريڌل رهيو.“(2)

خادم حسين چانڊيو ’مارو جي ملير جا‘ ۾ ڊاڪٽر صاحب لاءِ لکي ٿو ته ”سندس ادبي پورهيي ۽ جاکوڙ کي ڏسندي حافظ محمد احسن چنا مرحوم کيس ’قليچ ثاني‘ ڪري سڏيو آهي.“(3)

ڊاڪٽر غلام علي سانگي ڪتاب ’هيرا، لعل ۽ موتي‘ ۾ لکي ٿو ته ”1985ع ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور پنهنجي والدين سان گڏ حرمين شريفين جو موقعو هٿان نه وڃايو، سڀ زيارتون آرام ۽ اطمينان سان ڪيائين ۽ ان سفر تي به هڪ ڪتاب لکيائين.“(4)

فقير مولا بخش ’ساغر‘ سانگي ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي ڪتاب ’فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام‘ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته ’پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻويءَ جيڪا سنڌي اَدب جي خدمت ڪئي آهي يا ڪري رهيو آهي، سا موتين جي پوئڻ جي لائق آهي. مون سندس هر تصنيف جو مطالعو ڪيو آهي. هو هڪ اعليٰ دماغ ۽ خداداد قابليتون رکندڙ محقق آهي. سنڌ جي هر هڪ اَديب ۽ شاعر جو اَدب ۽ مڪمل سوانح حيات قلمبند ڪري هن سنڌ جي هر ننڍي خواه وڏي جون کيرون لهڻيون.“.(5)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سندس ڪتاب ’عظيم سنڌي اِنسان‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ’هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ سنڌ جي عالمن ۽ مشاهيرن تي ڪجھ ڪتاب نڪري چڪا آهن، جهڙوڪ: ’مهراڻ‘ جو ’سوانح نمبر‘، ’شاعر نمبر‘، ’الرحيم‘ جو ’مشاهير نمبر‘، مولانا دين محمد وفائيءَ جو ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ’سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري‘، اهي ڪوششون به قابلِ تعريف آهن ۽ انهن ۾ جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي، اهو هڪ ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ان جي باوجود هڪ اهڙي ڪتاب جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي ويئي، جيڪو عام پڙهندڙن جي مذاج ۽ طبيعت موافق هجي، ان ۾ سنڌ جي مختلف علمن ۽ فنن سان وابسته شخصيتن جو احوال آيل هجي. سنڌي زبان جي عام پڙهندڙن جي اها ضرورت عزيزم ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ پوري ڪئي آهي.“.(6)

شاعر نثار بزمي پنهنجي هڪ نظم ۾ کيس هن ريت ياد ڪري ٿو:

’عبدالغفور سنڌي‘ عالم، اَديب فاضل،
علم و اَدب جو خادم، روشن دماغ آهي.
سوچن جا گل گلابي، ڏي ٿو ونڊي ورهائي،
هر گل ملي سگهي ٿو، هي اَهڙو باغ آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب نه رڳو پروفيسر، ڊاڪٽر، مصنف، اديب، محقق، شاعر، مضمون نگار، نقاد، لطيف شناس، سچل شناس، بيدل شناس، تاريخ نويس، ماهرِ لسانيات، تذّڪره نگار، خاڪا نگار ۽ سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جو خادم هئڻ سان گڏوگڏ خوش گفتار ۽ هردل عزيز انسان هو. هن اَملھ ماڻڪ اجائي شهرت کان پري رهي خاموشيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب جي خدمت ڪري پاڻ کي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب 65 سالن جي عمر ۾ 12 شوال 1425ھ مطابق 25 نومبر 2004ع خميس جي ڏينهن صبح جو ساڍي ڇھ بجي ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرامگاھ علي بحر قبرستان ۾ موجود آهي.

حوالا:

1.         سومرو، محمد بخش: مضمون ’لاڙڪاڻي جا لال‘ مئگزين وَڻجَارا (جلد تيرهون)، گورنمينٽ آرٽس ڪاليج، لاڙڪاڻو، سنڌ 79-1978ع

2.        ڀٽي، عبدالستار: ’لاڙڪاڻو اَمر شخصيتون‘ ريسرچ اڪيڊمي، لاڙڪاڻو 2000ع

3.        چانڊيو، خادم حسين: ’مارو جي ملير جا‘ گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، سنڌ 2003ع

4.        سانگي، غلام علي: ’هيرا، لعل ۽ موتي‘ دودائي سانگي پبليڪيشنز، لاڙڪاڻو 2016ع

5.        ميمڻ، عبدالغفور سنڌي: ’فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام‘ منظور بوڪ اسٽور شاهي بازار، شڪارپور، سنڌ 1983ع

6.        ميمڻ، عبدالغفور سنڌي: ’عظيم سنڌي اِنسان‘ ماڊرن بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻو، سنڌ 1981ع

نذير ’شاڪر‘ بروهي                                                   

شڪارپور

 

 

 

 

مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ متعلق

علمي تصحيح

 

تازو ’مهراڻ‘ جي گذريل پرچي يعني ٽماهي
’مهراڻ‘، نمبر-3 جلد- 71، 2021ع واري پرچي ۾ محترم شاهد علي صوف ابڙو جو ’مخدوم محمد اسماعيل پريالوي‘ جي حياتيءَ بابت هڪ تفصيلي مضمون ڇپيل آهي. هي مضمون صفحي 58 کان 71 تائين يعني 14 صفحن تي مشتمل آهي.

هن مضمون ۾ مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جي دور متعلق سَنَ، ان جي اولاد، دور، واقعن ۽ آخري آرامگاهه جي جاءِ وقوع متعلق معلومات متعلق عملي تصحيح جي ضرورت آهي. هتي اسين ان جي علمي تصحيح پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. جيئن مهراڻ جي پڙهندڙن ۽ محققن کي ’مخدوم محمد اسماعيل پريالوي‘ ۽ ’ميين/ ميون عيسيٰ/ عيسو‘ جي باري ۾ صحيح معلومات مهيا ٿئي.

1: ٽماهي ’مهراڻ‘، نمبر- 3، 2021ع جي صفحي نمبر 232 تي ”مهربان لکندڙ لاءِ ڪجهه گذارشون“ جي سري هيٺ، نڪتي نمبر ٻئي ۾ لکيل آهي، ته:

”پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ’مهراڻ‘ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِها خاطري ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ جي لاءِ ڪنهن رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.........“ (1)

شاهد علي صوف ابڙو، ٽماهي ’مهراڻ‘ جي ان پاليسيءَ جي ابتڙ سندس مذڪوره مضمون سندس ئي ٻه سال اڳ يعني 2020ع ۾ ڇپيل ڪتاب ’آدم کان ابڙي تائين‘ ۾ صفح 397 کان 410 تائين ۾ جيئن جو تيئن شايع ٿيل آهي، صوف ابڙو صاحب، پنهنجي مضمون ڏنو آخر ۾ جيڪي شجرا ڏنا آهن، اُهي به سندس ئي ڪتاب جي صفحي 537 کان 547 تائين بلڪل ساڳيا نقل ڪيل آهن. (2) يعني شاهد علي صوف ابڙو، ٽماهي ’مهراڻ‘ جي پاليسي جو احترام ئي نه ڪيو آهي.

2: ٽماهي ’مهراڻ‘، نمبر-3، 2021ع جي صفحي نمبر 232 تي نڪتي نمبر ٽئين ۾ لکيل آهي، ته:

”تحقيقي مواد موڪلڻ وقت، مقالي جي اندر حوالن جا نمبر ۽ آخر ۾ جن ڪتابن تان حوالو کنيل هجي، ان ڪتاب جو صفحو، محقق جو نالو، ڇپجڻ جو سال ۽ ڇپائيندڙ اداري جو نالو ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن حوالا ڀيٽڻ ۾ آساني ٿئي.............“ (3)

شاهد علي صوف ابڙو پهرين پاليسي وانگي هن پاليسي جي نڪتي جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. صوف ابڙو صاحب پنهنجي مضمون جي مَتن اندر صفحي 58 ۽ 60 تي ٽي حوالا ڪم آندا آهن. اُنهن ٽن حوالن لاءِ جيڪڏهن سندس مضمون جي آخر ۾ جاچ ڪبي ته پهريان ٽن نمبرن تي آيل ڪتابن مان ڪن جا پبلشر نه آهن، نه ڪن جا سن اشاعت گم آهن ۽ صفحا ته اصل ڄاڻايل ئي نه آهن. جيڪڏهن مٿين ڪتابن ۾ مضمون ۾ پيش ڪيل مواد کي پڙهڻ گهرجي ته اُهو مواد يا ڳالهه ڪهڙي صفحي تي لکيل آهي. اُها خبر ئي نه ٿي پوي. ان کان بعد چوٿين نمبر کان وٺي نائين نمبر حوالي تائين صرف ڪتاب جا نالا ۽ سن ڄاڻايل آهن. انهن ۾ صفحا لکيل ئي نه آهن.

3: شاهد علي صوف ابڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”مخدوم محمد اسماعيل ابڙو............... ان وقت  جي برک ڪامل بزرگ حضرت قطب بهاؤالدين ذڪرياؒ جي خدمت ۾ ملتان وڃي بيعيت قبول ڪئي............ مرشد جي حڪيم سان هجرت ڪري ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٽڳڙ باغبان ۾ اچي ويٺو ۽ اسلام جي تعليم پکيڙڻ لڳو................ سن 1200 هجريءَ ۾ تبليغ اسلام خاطر پريالو شريف سڪونت اختيار ڪيائون...........“ (4)

شاهد علي صوف ابڙو، ساڳيون ڳالهيون پنهنجي ڪتاب ۾ به ڪيون آهن. ان ۾ لکي ٿو ته:

”بعد ۾ ان وقت جي برک ڪامل بزرگ حضرت قطب بهاوالدين ذڪريا ؒ جي خدمت ۾ ملتان وڃي بيعيت قبول ڪئي........ مرشد جي حڪم سان هجرت ڪري ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٽڳڙ باغبان ۾ اچي ويٺو. ۽ اسلام جي تعليم پکيڙڻ لڳو. سن 1200 هجريءَ ۾ تبليغ اسلام خاطر پريالو شريف ۾ سڪونت اختيار ڪيائون ۽ اسلامي تعليم جو فيض ورهائڻ لڳا.........“ (5)

شاهد علي صوف ابڙو صاحب ساڳي ڳالهه مهراڻ جي صفحي نمبر 59 تي به ورجائي ٿو. هو، مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جي ڄم ۽ وفات جي باري ۾ رقمطراز آهي، ته:

”مخدوم محمد اسماعيل جي ڪُل عمر 120 سال هئي. مخدوم صاحب 9 ذوالحج 1072هجري سومر ڏينهن جنم ورتو ۽ 8 ربيع الاول 1174 هجري ڇنڇر ڏينهن رحلت ڪئي هئي..............“ (6)

شاهد علي صوف ابڙو صاحب، مخدوم محمد اسماعيل کي قطب بهاوالدين ذڪريا ملتاني جي هٿ تي بيعيت ڪرڻ ڏيکاري ٿو ۽ وري سندس دور کي 1200 هجري يعني 1786ع ڄاڻائي ٿو. جڏهن ته بهاوالدين ذڪريا ملتاني 1170 ۾ پيدا ٿيو ۽ 1262ع ۾ وفات ڪيائين. جيڪو ماڻهو 1072هه/ 1661ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1174هه/ 1760ع ۾ وفات ڪري ويو، نه ضرور هو جوانيءَ ۾ يعني 1990ع ڌاري بهاوالدين ذڪريا جي هٿ تي بيعيت ڪيو هوندائين ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته 1690ع واري شخصيت پاڻ کان 500 سال اڳ وفات ڪيل شخصيت جي هٿ تي بيعيت ڪيائين.

ان مان اِها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته شاهد علي صوف ابڙو کي ڪرانالاجي، واقعن، سنن ۽ دورن کي ڀيٽڻ جو علم ڪونه آهي.

4:شاهد علي صوف ابڙو، مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو جي ولادت واري جاءِ وقوع لاءِ لکي ٿو ته:

”مخدوم محمد اسماعيل ابڙو، ان وقت جي ولي ۽ درويش مخدوم ميان آجو رحمت الله عليه جي بهاول نگر لڳ ’سرو‘ ڳوٺ واري گهر ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد محترم ۽ ان وقت جي عالمن ۽ استادن کان حاصل ڪئي...........“ (7)

شاهد صوف ابڙو وري ٻئي صفحي تي ٻئي حوالي سان ساڳي ڳالهه ورجائي ٿو. ته:

”مخدوم محمد اسماعيل حضرت عاجه رح جو پٽ هو........“ (8)

شاهد علي صوف ابڙو پنهنجي ڪتاب ۾ مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جي شروعاتي زندگيءَ تي وڌيڪ تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته:

”مخدوم محمد اسماعيل................... ٽڳڙ ڳوٺ ۾ ويٺو.............“ (9)

موصوف هنن مٿين حوالن ۾ مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جي پيءُ جو نالو اَجد ابڙو ٻڌائي ٿو. جڏهن ته پنهنجي مهراڻ واري مضمون ۾ مخدوم محمد اسماعيل جي شجره  نسب ۾ سندس پيءُ جو نالو مخدوم محمد قاسم ڄاڻائي ٿو. (10)

هاڻي پڙهندڙ سندس موصوف جي ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪن. جڏهن خود موصوف کي خبر نه آهي ته مان هڪ مضمون ۾ ٻه- ٽي پيرائون پوءِ ڇا لکان ٿو.

دراصل مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجي جي والد گراميءَ جو اصل نالو مولانا محمد قاسم جوڻيجو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد گرامي محمد قاسم کان ٽڳر تعلقي ڏوڪري ۾ ورتائون. يعني مخدوم اسماعيل پريالوي، ٽڳر ۾ ئي پيدا ٿيو هو ۽ ابتدائي تعليم به اتي ئي پنهنجي والد محترم کان حاصل ڪيائين. (11) جيڪڏهن آجد ابڙو جي گهر، بهاول نگر ۾ پيدا ٿيو هو ته پوءِ پاڻ موصوف مهراڻ جي مضمون ۾ صفحي 70 تي مخدوم محمد اسماعيل جي پيءُ جو نالو مخدوم محمد قاسم ڇو لکيو اٿائين. سڀ محقق ۽ ليکڪن کي اِن ڳالهه تي يقين آهي ته مخدوم محمد اسماعيل جي پيءُ جو  نالو مخدوم محمد قاسم جوڻيجو آهي. 5: شاهد علي صوف ابڙو پنهنجي سموري ڪتاب ۾ ”ٽڳڙ“ ڳوٺ يا وسنديءَ جو نالو کنيو اٿائين. اِها به سندس وڏي لاعلمي ثبوت آهي، ڇو ته ان ڳوٺ جو اصل نالو ”ٽڳڙ“ نه بلڪ ”ٽڳر“ آهي. ٽڳر ڳوٺ هيئنر ويهڙ ديهه تپي ۾ هڪ ڳوٺ جي حيثيت رکي ٿو. يونين ڪائونسل يارو لاکير تعلقي ڏوڪري جي حدن ۾ آهي. ٽڳر، ڏوڪري شهر کان 16 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي. موجوده ٽڳڙ جي اولهه ۾ جهلي بند اوڀر  ۾ سنڌو درياءُ 5 ڪلو ميٽرن تي، ڏکڻ ۾ کچي ڳوٺ ۽ روايت کيڙو ڳوٺ، اتر ۾ ڳوٺ کبراڻي واقع آهن. ٽڳر ڳوٺ ۾ هن وقت تقريباً 100 کن ماڻهو رهن ٿا. جن ۾ سيد، جوڻيجا، شيخ، مڱڻهار، ميربحر ۽ گوپانگ شامل آهن. (12)

6: شاهد علي صوف ابڙو صاحب، پنهنجي مهراڻ واري مضمون ۾ راقمطراز آهي ته:

”مخدوم محمد اسماعيل مريد آهي مخدوم جمال الله سنڌي پريان لوئي واري جو، اهو حافظ ايوب سنڌي جو، اهو شيخ محمد سعد لاهوري روفات 1152هه)، اُهو شيخ سيد آدم بنوري (وفات 1034هه) جو مريد هو.........“ (13)

دراصل موصوف اِهو اقتباس ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٽيون) تان نقل ڪيو اٿس. جيڪا غلطي
’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ هئي، تنهن کي موصوف بغير تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي نقل ڪيو اٿس. ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ جا اصل لفظ هي آهن:

”مخدوم صاحب مريد آهي مخدوم جمال الله سنڌي پريان لوئي جو، هو حافظ ايوب سنڌي جو او  شيخ محمد سعو لاهوري (وفات 1152) جو. او شيخ سيد آدم بنوري جو (وفات 1153) 10 وشيخ احمد سرهندي امام رباني مجدد الف ثاني (وفات 1034) جو رحمة الله عليهم.......“ (14)

موصوف، مولانا دين محمد وفائي جي ڪتاب مان صرف پويان ٻه نالا لکڻ کان پاسو ڪيو آهي.

دراصل شيخ محمد سعد لاهوري جي وفات جو سن 1152هه نه بلڪ 1108هه/ 1696ع آهي. (15)

اهڙي طرح شيخ سيد آدم بنوري جي وفات جو سن 1034هه نه بلڪ 13 شوال 1053هه/ 1644ع آهي. (14)

7: شاهد علي صوف ابڙو، مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جي اولاد جي باري ۾ لکي ٿو، ته:

”مولانا ميان اَجد ابڙو ان جو پٽ مخدوم محمد اسماعيل ابڙو ۽ ان جا 3 پُٽَ حضرت مخدوم حاجي ميان محمد عيسيٰ عرف ميون عيسو ۽ ٻيو ميان محمد اسحاق، ٽيون ميان جاڙو خان ڄاڻايل آهن................“ (17)

موصوف وري اڳتي ٻئي هنڌ رقمطراز آهي، ته:

”مخدوم محمد اسماعيلؒ ٽڳڙ باغبان جو ويٺل هو ۽ کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. سندس پٽ شرارتي هوندا هئا..........“ (18)

موصوف اڃان اڳتي لکي ٿو، ته:

”هَڙن جي مخدومن جي خانداني دستاويزن موجب مخدوم محمد اسماعيل جڏهن پريالوءِ ۾ اچي رهيو هو ته سندس شادي ڪرائي وئي هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. پٽ ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا ۽ نياڻي جي شادي هَڙن جي مخدوم گهراڻي ۾ ٿي هئي...........“ (19)

موصوف، انهن تضادن جي متعلق پاڻ لکي ٿو ته:

”مخدوم محمد اسماعيل جي حسب ۽ اولاد بابت پيدا ٿيل مونجهارا اڃان تحقيق طلب آهن. اصل حقيقتون اڃان به لڪل آهن.....................“ (20)

موصوف پنهنجي مضمون جي آخر ۾ مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جي شجره نسب جو چارٽ ڏنو آهي. تنهن ۾ ٻن پٽن ۽ سندس نياڻيءَ جو ذڪر ئي نه ٿو ڪري. حالانڪ انهن جو ذڪر هَڙن جي خانداني روايتن ۽ مستند محظوطن ۽ محققن جي تحريرن ۾ ڪيل آهي. مولانا دين محمد وفائي، مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جي اولاد متعلق لکي ٿو، ته:

”مخدوم صاحب کي نرينو اولاد ڪو نه هو. فقط هڪ نياڻي هئس، جا مخدوم احمدي عباسي هَڙن واري جي فرزند محمد عاقل سان شادي ڪرائي ڏني هوائين....“ (21)

محترم ڊاڪٽر نوازعلي شوق صاحب، مخدوم محمد اسماعيل جي اولاد جي باري ۾ رقمطراز آهي ته:

”مخدوم صاحب کي پُٽيتو اولاد ڪونه هو. فقط هڪ نياڻي هيس، جنهن جي شادي پنهنجي پياري دوست مخدوم احمدي فدائي جي فرزند مخدوم محمد عاقل (ثالث) سان ڪرائي هئي.....“ (22)

الحاج مخدوم عبدالخالق هاشمي، مخدوم محمد اسماعيل جي اولاد متعلق تحرير ڪري ٿو، ته:

”کين ڪو به پٽاڻو اولاد ڪونه هو. صرف هڪ نياڻي هئي، جنهن جو نڪاح پنهنجي عزيز دوست ۽ ساٿي حضرت مخدوم احمدي خدائي هاشمي هَڙائي جن جي فرزند ارجمند) ولي عهد حضرت مخدوم محمد عاقل (ثالث) سان ڪرايو هئائون.“ (23) هاشمي صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”بيبي صاحبؒ جي نسبت جي ڪري مخدوم محمد اسماعيلؒ جن جي درگاهه ۽ هَڙن جي مخدوم صاحبن جي درگاهه ۾ ضم ٿي ويون ۽ اهوئي سبب آهي جو درگاهه عاليه هَڙا شريف جو سجاده نشين ساڳئي طرح قبله مخدوم محمد اسماعيلؒ جن جي درگاهه شريف جو سجاده نشين پڻ هوندو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين (1419هه) قائم آهي...........“ (24)

ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي لکي ٿو ته: ”مخدوم محمد اسماعيل............... ٽڳر ڳوٺ ۾ آيا، جتان پنهنجي خاندان مان شادي ڪيائون، کين غلام فريد نالي هڪ فرزند عطا ٿيو، جيڪو ري اولاد رهي ڪري هن جهان کان لاڏاڻو ڪري ويو، اڳتي هلي ٽڳڙ ڳوٺ ۾ پنهنجي عزيزن سان ناناهي جي ڪري لڏي، ٿوري وقت لاءِ ڳوٺ وليد لڳ لاڙڪاڻي شهر ۾ وڃي ويٺا، اتان اٿي چڱڙو سمو تعلقي گنبٽ جي مشهور ڳوٺ هَڙا جي علم دوست بزرگ عباسين جي پاڙي ۾ رهيا. پاڻ زنده اولاد نه هئڻ ڪري عباسي بزرگن کان هڪ ننڍڙي ڇوڪري کي ڌيءَ ڪري گهر ۾ پاليائون، جيئن ته پاڻ مخدوم صاحب جن پريالوءِ جي درسگاهه مان سکيا ورتي هئائون، گهڻو وقت هن ڳوٺ ۾ رهي چڪا هئا، ساڳئي وقت پنهنجي استادن ۽ دوستن جي صحبت جي ڪري پريالوءِ ڏانهن پيا ڀيرا ڪندا هئا، هن وسندي سان سندس دلي لڳاءُ هو. ................ جڏهن عباسي ڇوڪري وڏي ٿي، تڏهن ساڳي نياڻي ڳوٺ جي ساڳين عباسين کي شادي ڪري ڏنائين. جنهن جو وَرُ محمد عاقل ولد مخدوم احمدي عباسي هَڙن وارو ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو...........“ (25)

شاهد علي صوف ابڙو، مٿين سڀني محققن، مورخن، تذڪره نگارن ۽ خانداني روايتن ۽ مخطوطن کي پاسيرو رکي، صرف پنهنجي طرفان اِهو:

”منهنجي خيال ۾ ته مخدوم صاحب ٻئين شادي پريالوءِ ۾ ڪئي هوندي، جنهن مان کيس ٽن پٽن ۽ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو هوندو..............“ (26) چئي ۽ لکي رد ڪري ٿو. جيڪڏهن موصوف جي تحقيق صحيح آهي ته پوءِ هَڙا وارا بزرگ مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جا سجادهه نشين ڇو ٿا ٿين. ان جي جاءِ تي محمد اسماعيل جي ٽن پٽن مان ڪو هڪ سجادهه نشين ٿيڻ کپندو هو. جي ننڍا هئا ته پوءِ به هڪ پيڙهي کان پوءِ سجاده نشين ٿيڻو هين، پر اهي نه ٿيا. جيڪڏهن موصوف چواڻي، مخدوم محمد اسماعيل پريالوي ٻي شادي ڪئي هئي ته اُها ڪنهن جي گهران، ڪنهن جي ڌيءَ ڪٿان جي هئي، نالو ڇا هئس، هن وقت ان نياڻيءَ جي قبر ڪٿي آهي، رشتيدار ڪٿي ويٺل آهن؟ جي باري ۾ موصوف چپ آهي. ۽ ڪا معلومات ڏيڻ کان قاصد آهي.

ان مان مراد آهي ته مخدوم محمد اسماعيل پريالوي پٽيتو اولاد نه هيو. شاهد علي صوف ابڙو پنهنجي غلط تحقيق ۽ ڳالهين کي تاريخي ثابت ڪرڻ ۽ مڃرائڻ لاءِ هٿرادو شجرا ٺاهي يا ترتيب ڏيئي ٻين ماڻهن کي غلط نموني سان مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جو اولاد قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

8: شاهد علي صوف ابڙو مخدوم محمد اسماعيل جي آخري آرامگاهه لاءِ، پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو، ته:

”مخدوم محمد اسماعيل ابڙو............ (جي) آخري آرامگاهه پريالو شهر ۾ آهي..........“ (27)

موصوف، پنهنجي مضمون جي آخر ۾ مخدوم محمد اسماعيل ابڙو جو شجره نسب ڏنو آهي، اُتي مخدوم محمد اسماعيل ابڙو جو آخري آرامگاهه
”ٽڳڙ“ لکي ٿو. (28)

دراصل مخدوم محمد اسماعيل ابڙي جو آخري آرامگاهه پريالوءِ ۾ عيدگاهه جي ڀرسان مسجد جي ڀِڪَ ۾ آهي. (29)

9:

شاهد علي صوف ابڙو، ميين عيسيٰ يا سندس موجب ميون عيسو ولد مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجي جي آخري آرامگاهه لاءِ لکي ٿو، ته: ”مخدوم محمد عيسيٰ عرف ميون عيسوؒ جي رحلت بعد کين درگاهه سروريه جي چوڪنڊي اندر سامهون واري دروازي لڳ دفن ڪرايو ويو ته جئين خاندان وارا مخدوم سرور نوحؒ جي حضور ۾ حاضريءَ لاءِ پيش ٿين ته پنهنجي روحاني استاد حضرت مخدوم ميان عيسيٰؒ جي سلاميءَ کان پوءِ کين دعائي مغفرت پيش ڪري سگهن...........“ (30)

جڏهن راقم الحروف هَڙن جي موجوده گادي نشين مخدوم نديم احمد هاشمي سان فون تي ڳالهايم ته هن چيو ته ميون عيسو يا ميين عيسيٰ جو مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ نه ئي ٻنهي جو ڪو رشتو آهي. (31) ان کان علاوه هالا جي سنڌي اديب نظام الدين ڪاڪا سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ته هن چيو ته اهڙي نالي سان ڪنهن به بزرگ جي مزار يا آرامگاهه هالا ۾ موجود نه آهي. (32)

ان کان پوءِ راقم الحروف کي علامه محمد عمر بن محمد دائود پوٽو جي تحريرن ڏانهن واجهائڻو پيو. هن يعني محمد عمر دائود پوٽو، ميين عيسيٰ جي آخري آرامگاهه کي نه صرف ڏٺو، پر سندس جاءِ وقوع جي باري ۾ به معلومات مهيا ڪئي آهي. دائود پوٽو صاحب لکن ٿا ته:

”ان کان پوءِ ٽکڙ ڏي وڌياسين.......... ڳچ وقت اتي ترسي مُلاڪا تيارن ڏي اسهياسين. جتي ڊاڪ بنگلي ۾ هٿ مُنهن ڌوئي سڌو کوکرن ڏي روانا ٿياسين ۽ آخوند ميين عيسيٰ جي قبر جي زيارت ڪئي سين. اها قبر خيرواهه ۽ درياهه جي بَند جي آڙ ۾ آهي. هڪ پٿرن جو ڍير آهي جنهن سان بزرگ جي ٻين عزيزن جون ٻه ٽي قبرون گڏجي مٽجي وييون آهن. رڳو هڪ پنڊ پٿر ميين عيسيٰ جي مزار جا پار ڏئي ٿو. جو جهولن جي جهڙپن ۽ مينهن جي وسڪارن ۽ اُس جي اُولاڪن ڪري زبون ٿي ويون آهن. قبر جي چوڌاري هڪ چوکنڊي هئي. جنهن جو ورهين کان نالو نشان گم آهي.“ (33)

هن وقت مُلا ڪاتيار، ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي هڪ يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿي. ان جو اصل نالو ’سي 8 مُلا ڪاتيار‘ آهي.

خبر نه ٿي پوي ته شاهد علي صوف ابڙو وٽ ڪهڙي سَند ۽ شاهدي آهي، جو مُلاڪاتيار جي بزرگ کي پنهنجي مفادن لاءِ هالا ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هت اِها ڳالهه به واضع ٿئي ٿي ته هيون عيسو يا ميين عيسيٰ ۽ مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو هڪ ٻئي جا قريبي رشتيدار نه آهن.

حوالا:

(1) ٽماهي ’مهراڻ‘، جلد- 71، نمبر-3، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2021ع، ص. 232.

02) ابڙو، شاهد علي صوف، ’آدم کان ابڙي تائين‘ ميهڙ/ ڪراچي، ايپل ابڙو پبليڪشن، 2020ع، ص. 397 کان 410 تائين ۽ 537 کان 543 تائين.

(3) ٽماهي ’مهراڻ‘، حوالو ڏنل آهي.

(4) ٽماهي ’مهراڻ‘ حوالو ڏنل آهي. ص.58.

(5) ابڙو، شاهدعلي، صرف، ’آدم کان ابڙي تائين‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 398- 397.

(6) ٽماهي ’مهراڻ‘ حوالو ڏنل آهي، ص. 62- 61.

(7) ايضاً، = = ص. 58.

(8) ايضاً، = = ص. 59.

(9) ابڙو، شاهد علي، صوف ’آدم‘ کان ابڙي تائين“، حوالو ڏنل آهي، ص. 398.

(10) ٽماهي مهراڻ، نمبر- 3، 2021، حوالو ڏنل آهي، ص. 70 ۽ پڻ ڏسو:

ابڙو، شاهد علي، صوف، ’آدم‘ کان ابڙي تائين‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 542.

(11) سانگي غلام علي همت علي، ڊاڪٽر، ’لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو‘، لاڙڪاڻو، دودائي سانگي پبليڪيشنز، 2017ع ص 233، ۽ پڻ ڏسو: هاشمي، مخدوم عبدالخالق، الحاج، ’پرين پريان لوءِ جو‘، هَڙا شريف/ خيرپور مخدوم عبدالرحمٰن شهيد اڪيڊمي، 2000ع، ص. 19.

(12) سانگي، غلام علي همت علي، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 230.

(13) ابڙو، شاهد علي، صوف، ٽماهي ’مهراڻ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 59.

(14) وفائي، دين محمد، مولانا، ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ (جلد ٽيون)، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو 1986ع، ص. 1.

(15) https // ur. m. wikipedia. org.

(16) Ibid, = ==.

(17) ابڙو، شاهدعلي، صوف، ’ٽماهي مهراڻ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 60.

(18) ايضاً، = =   ص. 61.

(19) ايضاً  = =    ص. 62.

(20) ايضاً  = =  ص. 62.

(21) وفائي، دين محمد، مولانا، حوالو ڏنل آهي، ص 6.

(22) هاشمي، عبدالخالق، الحاج، حوالو ڏنل آهي، ص 86- 85.

(23) ايضاً  =  = ص. 90.

(24) ايضاً،  = = ص. 29.

(25) سانگي، غلام علي همت علي، حوالو ڏنل آهي، ص. 233.

(26) ابڙو، شاهد علي صوف، ٽماهي ’مهراڻ‘، حوالو ڏنل آهي، ص. 62.

(27) ايضاً، =  = ص. 58.

(28) ايضاً، = = ص. 70.

(29) سانگي، غلام علي همت علي، ڊاڪٽر، حوالو ڏنل آهي، ص. 233.

(30) ابڙو، شاهد علي، صوف، ٽماهي ’مهراڻ‘ حوالو ڏنل آهي، ص، 64.

(31) دائودپوٽو، عمر بن محمد، علامه، ’مضمون ۽ مقالا‘، ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڇاپو پهريون 1978ع، ص. 65- 64.

(32) مخدوم نديم احمد هاشميءَ سان 4 نومبر 2021ع تي بروز خميس، رات جو 7 وڳي ڳالهه ٻولهه ٿي.

(33) نظام الدين ڪاڪا سان به 4 نومبر 2021ع تي بروز خميس تي رات جو 30- 7 وڳي ڳالهه ٻولهه ٿي.

نوٽ (1) پريالوءِ مان محترم نديم بلوچ صاحب پنهنجو تحقيقي مضمون، ”مخدوم محمد اسماعيل: پنهنجي وقت جو وڏو صوفي، بزرگ عالم“ واٽس ايپ ڪيائين. سندس ٿورا. ان مان به ڪجهه شيون ورتيون ويون آهن.

محمد عظيم ’مظهر‘ هاليپوٽو

سامارو

 

فقير سليمان ڪورائي

 

سرزمين سنڌ اهو ڀلارو ۽ بخت آور خطو آهي، جنهن جي مردم خيز مٽيءَ مان انيڪ املهه ماڻڪ پيدا ٿيا، جن ۾ بزرگ، ولي، قطب، قلندر، ڏاها، طبيب، داناء، فيلسوف، عالم، عارف، مـؤرخ، شاعر ۽ اديب شامل آهن.

انهن گوهرن جي بدولت سنڌ جو نالو دنيا ۾ مشهور ٿيو، ۽ ڪيترائي انسان پري پري کان هتي ايندا رهيا ۽ پنهنجي علم ۽ عرفان جي اُڃ اچي اجهائيندا ٿي رهيا ۽ ڪيترا ته وري هتي اچڻ کان پوءِ هميشه هت رهي پيا، واديءِ سنڌ جي جنت نظير نظارن انهن جي دلين مان پنهنجي وطن جي حب مٽائي ٿي ڇڏي، انهن کي هتي ئي قلبي ۽ روحاني سڪون نصيب ٿيو.

اهي گوهرِ ناياب سنڌ کي تڏهن نصيب ٿيا جڏهن دينِ برحقّ اسلام جو روشن صبح سونهاريءَ سنڌ تي طلوع ٿيو.

انهيءَ راهه ۾ اسلام جو ننڍڙو مرد مجاهد حضرت غازي محمد بن قاسم سنڌ جي ظالم حاڪم راجا ڏاهر جي بيجا هلتن ڪري کيس ڪُڌن ڪرتوتن جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، جنهن ظالم راجا ڏاهر کي جهنم رسايو ۽ اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو. برهمڻي ظالم راڄ کان عوام کي نجات ملڻ بعد سنڌ کي بابِ اسلام جو دل پذير خطاب مليو ۽ اسلام جي آفاقي پيغام سنڌ کان علاوه پوري برصغير کي منور ڪري ڇڏيو.

اسلام جي انصاف واري نظام هِتان جي صدين کان ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ انسانن کي حقيقي آزادي ڏني ۽ انسان جو اصل مانَ ۽ مرتبو برقرار ڪيو ۽ کين سندن تخليق جو اعليٰ مقصد سمجهايو ۽ کين ذلت ۽ رسوائي جي پستين مان ڪڍي کين بلند پرواز نصيب ڪئي، انسان هزارين بي جان خدائن جي بندگيءَ مان آزاد ٿي هڪ ربِ ڪائنات خالقِ اڪبر جي بندگي ڪرڻ لڳا.

جيئن سنڌ اسلامي سلطنت جو حصو ٿي ته ڪيترائي اسلامي مبلغ، ولي ڪامل، بزرگ ۽ قطب ’امر بالمعروف‘ جي رباني حڪم جي بجا آوري ڪرڻ لاءِ هت آيا، جنهن جي فيض مان ڪيترائي انسان مستفيض ٿيا.

اهڙي طرح وقت جي رفتار هلندي رهي تان جو اسلامي اقتدار مرڪزي حڪمرانن جي باهمي ۽ چپقلش جي ڪري ڪمزور ٿيندو ويو ۽ انهن جو ڏورانهن مفتوح علائقن تان اثر هٽندو ويو، ۽ اهڙي طرح سنڌ به عربن جي اقتدار کان نڪري ويئي ۽ مٿس ان وقت جي طاقتور راڄ سومرا حڪمران ٿي ويا، سومرن کان پوءِ سما خاندان، ڪلهوڙا خاندان ۽ آخر ۾ ٽالپر خاندان حڪومت ڪئي ۽ ٽالپر خاندان کان اقتدار غاصب انگريزن کسي ورتو ۽ قوم هڪ دفعي لادين حاڪمن جي رحم ڪرم تي رهجي ويئي، جن کان پوءِ برصغير جي مجاهد انسانن جي طويل جدوجهد کان پوءِ آزادي نصيب ٿي ۽ اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان انهيءَ بنياد تي آزاد ٿيو ته هيءَ خالق اسلامي رياست هوندي ۽ منجهس خدا جو قانون نافذ ڪيو ويندو.

بلوچن جو سنڌ ۾ اچڻ:

جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي ته کين هر وقت مخالفن جي بغاوت جو خطرو رهندو هو ان لاءِ کين وفادار فوج جي ضرورت هئي، بلوچ ڪلهوڙن جا معتقد مريد هئا ان ڪري کين گهرائي فوجي خدمات سونپيون ويون ۽ خاندان جي گذاري لاءِ کين جاگيرون ڏيئي ورسايو ويو.

ان سلسلي ۾ ”سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ جو مصنف رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”1740ع ڌاري جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبي شروع ٿي تڏهن سنڌ جا اميرامراء مشرق جي ٻين ملڪن وانگر سرڪاري عهديدار هوندا هئا ۽ گهڻو ڪري سنڌي باشندا هوندا هئا، پر ان گهراڻي جي پهرئين حاڪم ميان ميرمحمد کان هڪ نهايت اهم سياسي غلطي ٿي. هن پنهنجي ٻن ڪوهستاني مريدن مير علودي ۽ مسعودي کان جاگيرن ۽ ٻين رعايتن جا وعدا ڏيئي ويران پهاڙن مان گهرائي ترائي ۾ آباد ڪيو.“

ساڳيو مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”انهيءَ کان پوءِ بلوچن جا ڪٽڪ پنهنجن اڳواڻن ۽ قومي سردارن جي اڳواڻي هيٺ ايندا ويا، هنن کي ڪيتريون جاگيرون مليون ۽ هو ناري نديءَ تي ملڪ جي ٻين آباد پرڳڻن ۾ شهر ٺاهي، ديرو ڄمائي ويٺا رهيا.“

اهڙيءَ طرح بلوچ سنڌ جا باشندا بنجي ويا. ٿرپارڪر ۾ جيڪي بلوچ قوم جون ڪي ذاتيون آهن تن مان ڪجهه هن طرح آهن: ٽالپر، رند، ڪهيري، ڪورائي، لاشاري، مري، بروهي، بنگلاڻي، ڀرڳڙي، چانڊيا، چانگ، جروار، ڪپري، کوسا، ڀنڊ لغاري، لنڊ، نظاماڻي، نوحاڻي، وغيره.

ڪورائي قوم جو بڻ بڻياد ۽ شجرو

مقامي ماڻهن جي روايت موجب ڪورائي مير جلال خان جي پٽ ڪورائي مان هليا آهن. مير جلال خان جي اولاد جو خاڪو هن طرح آهي:

مير جلال خان

 

ڪهيري   رند   لاشار   ڪورائي  جتو (ڌي هئي)

اهڙي طرح مير جلال خان جي پٽن: (1) ڪهيري جو اولاد ڪهيري سڏائين (2) رند جو اولاد رند سڏائين (3) لاشار جو اولاد لاشار سڏائين (4) ڪورائي جو اولاد ڪورائي سڏائين (5) جتو (ڌي هئي) تنهن جو اولاد جتوئي سڏائي ٿو.

ڪورائيءَ قوم جا پاڙا:

مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب ڪورائي بلوچن جا پاڙا هيٺئين طرح آهن:

(1) پلياڻي (2) محمداڻي (3) موماڻي (4) حسيناڻي (5) پنهو نئاڻي (6) بخشاڻي (بشڪاڻي).

ڪورائي بلوچن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ رهائش:

رئيس دين محمد ڪورائي جي روايت موجب جيڪي ڪورائي سنڌ ۾ آيا، سي ٻه ڀائر سردار دوست محمد خان ۽ سردار نبي بخش خان ڪورائي ۽ سندن ڪٽنب هو، جيڪي پهريائين پني عاقل ۾ اچي رهيا، اتان وري موري ۾ اچي رهيا ۽ سندن ڌنڌو مال چارڻ هو.

ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪورائن جو اچڻ:

دين محمد ڪورائي جي روايت موجب ضلعي ٿرپارڪر ۾ سردار نبي بخش خان ۽ سندس خاندان آيو، کيس پنج پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون ۽ هن سنڱ سندس ڀاءُ سردار دوست محمد خان کي ڏنا ۽ ورتا،  پر ان کان پوءِ سنڱ وغيره هتي ئي پاڻ ۾ ڪن ٿا، ڪورائي ڪو وقت مال جي ڪري سانگ ڪري هلندا ٿي رهيا ۽ مختلف هنڌن تي رهندا هئا پر هينئر پنهنجا ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن.

ضلعي ٿرپارڪر ۾ موجوده ڪورائن جا ڳوٺ:

تعلقي ساماري ۾ ٻه ڳوٺ آهن (1) شاهو خان ڪورائي ديهه 13 الف هيرل ”کرڙو“ (2) شاهه علي ڪورائي اٺون ميل هيرل ۽ (4) شادي خان ڪورائي تعلقو جيمس آباد.

فقير سليمان جي ولادت:

فقير سليمان پٽ محراب خان ڪورائي جو پاڙو پنهونئاڻي ۽ سندس سلسله نسب نائين پيڙهي ۾ سردار نبي بخش خان سان وڃي ٿو ملي. فقير صاحب جي ولادت ڳوٺ ڪرم علي خان لغاري تعلقو ڊگڙي ۾ 1820ع ڌاري ٿي، سندس پرورش لڏپلاڻ واريءَ زندگيءَ ۾ ٿي، انڪري پاڻ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، جنهن جو کين وڏي ٿيڻ ۾ ڏاڍو ڏک رهيو.

فقير صاحب جو ننڍپڻ:

سليمان فقير ننڍي هوندي کان ئي حليم طبع هو. فقير صاحب جا والدين به نيڪ ۽ سچا مسلمان، شرعي احڪامن جا پابند هئا ۽ مسلڪ اهلسنت و الجماعت وارو رکندا هئا ۽ حنفي مذهب جا پوئلڳ هئا، نماز پنجگانه جا پابند، بزرگ ۽ فقيرن جا گهڻا معتقد هئا، ۽ هميشه وقت جي درويشن وٽ ويندا هئا، جن سان فقير صاحب به گڏجي ويندو هو سندس چاچي جاڙي خان جي سيد راضي شاهه ’مهراڻي جي مير‘ سان گهڻي عقيدت ۽ محبت هئي سيد راضي شاهه به تمام گهڻو ڀائيندا هئا.

فقيرصاحب جا مائٽ دست بعيت مريد پير قنبر علي شاهه قادري جيلاني رحه ٽنڊوالهيار درگاهه گاجيلو شريف وارن جا هئا، انڪري فقير صاحب پڻ پنهنجو وڏن سان گڏجي مرشد وٽ ويندا هئا، فقير صاحب جو ننڍپڻ مال چاريندي گذريو، اڃان پاڻ ننڍو هو ته سندس مائٽ لڏي ’ديهه کن‘ تعلقي ساماري ۾ سيد وڏل شاهه لڪياري جي پاسي اچي رهيا. پوءِ اُتان لڏي هاسيسر لڳ پندرهن سال رهيا، پوءِ اُتان لڏي صوفي فقير جي ڳوٺ اچي سڪونت پذير ٿيا، ڪجهه وقت کان پوءِ اتان به لڏي اچي موجوده جاءِ ديهه 13 الف هيرل کرڙو تعلقي ساماري ۾ ديوان ڇانڱي مل جي پاسي ويٺا ۽ ديوان جي انڊيا وڃڻ کان پوءِ ان جون ٻنيون کڻت ڪري پڪو ڳوٺ ٻڌي ويٺا جيڪو شاهوخان ڪورائي جي نالي مشهور ٿيو.

فقير صاحب جي جواني:

فقير صاحب جي جواني مال چاريندي گذري ۽ جواني واري دور ۾ پاڻ پنج وقت نماز جو پابند هو ۽ شريعت جي ٻين احڪامن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو. چوري، برائي، وغيره کان سخت پرهيز ڪندو هو، جيڪي سندس ڄاڻ سڃاڻ وارا چوري ڪندا هئا تن کي پڻ منع ڪندو هو، ۽ کين نصيحت ڪندو هو ته، حلال ۾ حرام نه گڏيو، محنت ڪري روزي حاصل ڪريو ته خدا پاڪ اوهان تي رحم ڪندو ۽ گهڻو اجر ڏيندو.

فقير صاحب جوانيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پکين جو شڪار به ڪندو هو ۽ موقعي محل تي ويجهن بزرگن وٽ حاضر ٿي فيض وٺندو رهندو هو.

فقير صاحب جو پيري وارو دور:

فقير صاحب جڏهن پنجاهه ورهين جو ٿيو ته مال پنهنجن پٽن جي حوالي ڪري وڃي پنهنجي مرشد جي صحبت ۾ رهيو جتي يڪسوئي سان عبادت ۽ رياضت کي لڳي ويو، ۽ مرشد جي ڪيميا اثر صحبت ۾ رهي سلوڪ جون منزلون طئي ڪري، رچي ريٽو ٿيو.

فقير سليمان جي خاندان جو شجرو

محراب خان

 

                فقير سليمان                                   سهراب خان

 

محراب خان    هڪ نياڻي                     سائينداد               تاج محمد     هڪ نياڻي

 

                                                سهراب         حاجي محمد

 

فيض محمد   ڳهڻو فقير     ڌڻي بخش     جاڙو    ٻه نياڻيون

    سليمان

                رضا محمد    انور علي       ٻاروچو          ايوب           محراب

 

فقير صاحب جو مذهب ۽ مسلڪ:

فقير صاحب جو طريقو قادري، مذهب حنفي ۽ مسلڪ اهسلنت و الجماعت وارو هو.

حُليو، عادتون ۽ اخلاق:

فقير صاحب سنجيده طبيعت ۽ هميشه ڪنهن فڪر ۾ مستغرق رهندو هو، سندس رنگ ڳورو، بدن ڀريل، نڪ ڪنڍو، اکيون وڏيون، سونهاري چاپئين ۽ سهڻي سنت مطابق، مڇن جي سنت وٺندو هو، لباس ۾ سفيد پهراڻ، سفيد سٿڻ، سنڌي جتي ۽ پٽڪو گيڙو ٻڌندو هو، پاڙي وارن سان هميشه سٺو برتاءُ ڪندو هو، سچ ڳالهائيندڙ ۽ منصف مزاج هو ۽ فيصلي ۾ ڪڏهن به رشتي جو لحاظ نه ڪندو هو، سڀ ڪنهن کي سچ چئي ڏيندو هو، جيڪو مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رکيائين. نماز ڪڏهن به ترڪ نه ڪيائين.

فقيرصاحب سچو مسلمان ۽ حد درجي جو پرهيزگار هو، ڪڏهن ڪڏهن راڳ ٻڌندي مٿس جذب جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، ۽ ”الله هُو“ جو نعرو هڻي بيهوش ٿي ويندو هو ۽ ڪافي وقت کان پوءِ مس مس سامت ۾ ايندو هو.

فقير صاحب جون ڪچهريون:

فقيرصاحب جي محفل ۾ گهڻو ڪري رندي ڪلام فقير يڪتاري تي ڳائيندا هئا، سچل سرمست، بلا شاهه، بيدل، منٺار فقير، مصري شاهه ۽ سندس ڪلام ڳايو ويندو هو. ۽ شاهه جو راڳ به سندس مائٽ فقير طنبوري تي ڪندا هئا.

اهي ساڳي طنبوري وارا فقير ڪلام به چوندا هئا، سندن جا نالا هيٺئين طرح آهن: بلال فقير، ٻڍو فقير، قاسم علي فقير ۽ سرت علي فقير وغيره.

فقير صاحب جا صحبتي:

فقير صاحب جا صحبتي ته انيڪ آهن، جن جا نالا ڳڻائڻ لاءِ به هڪ ڪتاب گهرجي ان ڪري هتي ڪن چند بزرگن جا نالا ڏجن ٿا:

پير فضل علي شاهه ڪاماري شريف وارو، محمد عالم ڏيرو ڀٽ وارو، جيوڻ نون ٿر وارو، منٺار فقير کاڻيءَ وارو، وڏيرو جَتُو پلي، محمد فقير کٽياڻ، محمود فقير کٽياڻ، نواب ولي محمد لغاري، مخدوم غلام محمد هالن وارو ميان محمد اسمٰعيل، قاسم پلي، درس ڇٽو سگهه وارو، طيب فقير ميين ڪريم جو راڳيندڙ وغيره.

وقت جي مشهور ماڻهن سان لاڳاپا:

فقير صاحب جا لاڳاپا نواب، مير الهداد ٽالپر لانڍيءَ واري، مرحوم مولوي محمد عثمان قراني رحه پروڙ واري، مٺي چانڊئي سانوري واري، عبدالحڪيم پلي (MBE)، مير شير محمد ميرپور واري، صوفي قلندر بخش اهر واري، صوفي روشن الدين اهر واري، خانصاحب عطا محمد پلي، سيد علي اصغر شاهه دونهائي واري، سيد جڙيل شاهه لڪياري لنگڻي واري، سخي سيد جلال شاهه رضوي غلام نبي شاهه واري، مير يارمحمد ميرپور واري، سيد هوندل شاهه اوٽي شريف واري، رئيس جان محمد خان ڀرڳڙي ڊينگاڻ واري، ابراهيم ڀرڳڙي آروئي واري، شاهه محمد ڀرڳڙي مٺي جي کاڻ واري سان هئا ۽ اهي سڀ فقير صاحب جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا.

فقير صاحب جي خاندان ۾ شاعر ۽ فنڪار وغيره:

سندس خاندان مان شاعر ۽ فنڪار تمام گهڻا ٿيا آهن، جن سندس عزيزن سندس صحبت مان فيض پرايو هو ۽ نالي وارا فقير مشهور ٿيا تن ۾ فقير سرت علي مرحوم، فقير قاسم علي مرحوم، ڄام فقير مرحوم، الله بخش فقير مرحوم، پليو فقير مرحوم ۽ سمون فقير مجذوب پنهنجي پنهنجي دور جا سٺا فقير ۽ شاعر هئا.

هن وقت سندس خاندان مان، جهنڊل فقير ڪورائي گلڻ فقير ڪورائي، عبدالڪريم ”عبدل“
ڪورائي ۽ سندس پوٽو ڳهڻو فقير ڪورائي ۽ نوجوانن ۾ سانوڻ فقير سيلاني ڪورائي ۽ علي اڪبر فقير ڪورائي سندس ورثو سنڀاليو اچن.

فقير صاحب جي وفات:

فقيرصاحب جي وفات محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي ارڙهين ڪتاب بيت ۾ اٽڪل موجب 1948ع ڄاڻائي آهي، انهي سلسلي ۾ جڏهن آئون ويس ته سندس پوئين به اهائي ڳالهه ڪئي، وفات وقت سندس ڄمار 125 ورهيه ٻڌائي وڃي ٿي ۽ فقير سانوڻي جي موسم جي شروعات يعني جون- جولاءِ ڌاري وفات ڪئي هئي، فقير صاحب پنهنجي ڳوٺ شاهو خان ڪورائي ۾ رحلت ڪئي، ان وقت سندس پوٽو ڳهڻو فقير موجود هو، ان جي چوڻ موجب فقير کي ڪجهه وقت کان بخار هو ۽ وڏيءَ ڄمار ڪري ڪمزور به هو، وفات واري ڏينهن بخار ڪونه هو ۽ گهڻي فقير کي چيائين مون کي غسل ڪراءِ تنهن غسل ڪرايو ۽ ڪڪڙ جي پلاءُ کائڻ جي خواهش ڪيائين سا رڌي ڏني ويئي جا ٿوري کاڌائين ۽ مغرب نماز جي وضوءَ لاءِ پاڻي آڻڻ لاءِ چيائين، پاڻي اچڻ تي وضو ڪري کٽ تي ڏکڻ منهن ڪري ويهي شاهه جو هيٺيون بيت پڙهيائين:

ڪين ساڱا هيم، سپرين جاڙون ڪيم جي،

سوڍا مون کي سي، موٽي منهن ۾ آئيون.

بيت پڙهي سڌو ٿي ستو ۽ سندس دم پرواز ڪري ويو سندس مدفن ٿرپارڪر جي مشهور قبرستان مخدوم عبدالرحمٰن عرف رام جاڳو ۾ آهي.

شاعري:

فقير صاحب جو ڪلام گهڻي ڀاڱي ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي، جيڪو سندس پوئين وٽ قلمي بياض ۾ درج ٿيل آهي، جنهن ۾ مختلف راڳن جي سرن جي تحت 245 ڪافيون آهن، ان کان سواءِ سر مارئي بيت، رامڪلي جا بيت، مومل راڻي جي سوال جواب وارا بيت، سلوڪ جا بيت. منقبتون، سي حرفيون آهن، سنڌي کان سواءِ سرائڪي ۾ به شعر آهي.

سندس ڪلام مان چند نموني طور ڪلام پيش ڪجي ٿو ته سر مارئي ۾ انسان کي نصيحت ڪري ٿو ته اجايو حرص، هوس نه ڪر شيطان ملعون جي چالن کي سڃاڻ ۽ راهه رباني وٺ.

اگهاڙا عالم ۾ جنين ڀانيو پاڻ،

نهاريائين نڪتو، علم جا اهڃاڻ،

ڀانيائون سڀ ڀلايا هوت اچي هاڻ،

هت هٽي هارايائون محبت سندا ماڻ،

ارڪان جي ابليس جا سي سليمان سڃاڻ،

ڏکن جا ئي ڏاڻ، انهن وڌا اوچتا.

سر رامڪلي ۾ فقير صاحب طالب کي نصيحت ڪري فرمائي ٿو ته

سامي گڏينئي سنگ ۾ نانگا نهاري،

قول جي ڪريم سان، سي پهرئين وچ پاري،

ورق جو وجود جو ڏس وصالي واري،

سور ته سپرين جو، ٿو ڏسيون ڏيکاري،

جو آڌيءَ اٿاري سو سامين سانڍيو ساهه ۾.

سلوڪ جي بيت ۾ انسان کي ربّ پاڪ جي حڪمن جي بجا آڻڻ لاءِ تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته:

فائق نڪي فرقان ۾ صاحب سچ صحيح،

پڙهي پروڙج پر ۾ واچي ايءَ وحي،

ڪَس جي قلب جا وڃن لڙ لهي،

تکي چاڙهج طلب جي تن اندر تئي،

ساراهج سبحان کي پاسي پر پئي،

واري ورق وصال جا نهارج نئي،

اهي ٻول ٻئي ادهه ڪج عشق سان.

سندس سرائڪي بيتن مان ڪجهه نموني طور پيش ڪجن ٿا:

دلبر دل ڪون داغ ڏتوئي، دانهه ڪنهن دستور جها

خيال وچون احوال ٿيوسين، وحدت دي واپار جها،

تنهن تل وچون تل ظاهر ڪتيئي، چشمان دي چمڪارجها

سو غير وچون هڪ سير ڏٺو سي، نور نظر نروارجها

سليمان ڪون سيني اندر، عشق ڏتوئي اسرارجها.

ٻئي بيت ۾ رب پاڪ جي قول ”الله هر شيءِ تي قادر آهي“ کي پنهنجي لفظن ۾ فقير هينئين ٿو چوي ته:

دلبر دل ڪون داغ ڏتوئي، قرب وچون ئي ڪيڏا،

تون ئي مالڪ، ملڪ دا خالق، اورنهين تو جيڏا،

ڪيها وس ويچاري دا، جو ٻولي من ميڏا،

مئين ته ميڏي ڳالهه اها، اي سارا حڪم هي تيڏا

سليمان ڪون سيني اندر عشق ڏتوئي چا چيڏا.

 

نموني طور فقير صاحب جي هڪ سنڌي ڪافي ڏجي ٿي:

ڪافي

دلبر وڌا تو دل کي، ڏس دام ايندي ويندي،

عاشق ٻڌا اکين تي، احرام ايندي ويندي.

 

نيڻن نسنگ نظارو، وحدت وصال وارو

سر تار سان سوڀارو، منجهه عام ايندي ويندي.

 

احمدﷺ حُسن حقاني، پرور پوري نشاني،

بيخود بيچون باني، قيام ايندي ويندي.

 

ياور يقين ياقي، سردار سر جو ساقي،

ڇمڪار ڇير ڇاتي، اسلام ايندي ويندي.

 

ڇمڪار ڇير ڇاتي، ظاهر زبان ذاتي،

حامل حڪم حياتي، الحام ايندي ويندي.

بيرنگ بره بهاري، موجود مئي ملهاري،

تحقيق سان تياري، پيغام ايندي ويندي.

 

نت نام ساڻ نيهي، ڪن وحدت وجود ويهي،

سرتين سبب سڀيئي، ڪل ڪام ايندي ويندي.

 

نروار نينهن ناتو، پڳدار پيچ پاتو،

’سليمان‘ سو سڃاتو، وريام ايندي ويندي.

فقير صاحب جي ڪلام پڙهڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هو خدا جلشانـﮧ جي محبت ۾ سرشار هو، الاهي عشق جيڪو اندر ۾ آڙاهه مچايو هوس، ان جا دونهان سندس شعر آهن. جيڪي سندس اندروني ڪيفيت جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا.

سندس شعر کانئس اڳ جي صوفي بزرگن واري اثر کان خالي ڪونهي، دراصل اسلامي شاعري ۽ سڀ مسلمان صوفي شاعر هڪ زنجير جون مختلف ڪڙيون آهن، سڀني وٽ ساڳيوئي پيغام آهي.

فقير صاحب جو ڪلام سوز ۽ گداز سان پر آهي ۽ سندس فراقي دل مان جيڪي فرياد نڪتا آهن تن کي پڙهڻ سان ماڻهو متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. سندس ڪلام ۾ جيڪو ميٺاج ۽ رنگيني شامل آهي اها ڪمال تي رسيل آهي ۽ پڙهندي، پڙهندي به ٿڪ نٿو ٿئي ۽ چاهه وڌندو ٿو رهي ۽ دل چوي ٿي ته اڃان ڪجهه پڙهان.

حوالا:

(1)              انگريز رچرڊ برٽن: ”سنڌي مترجم محمد حنيف صديقي“ سنڌ ۽ سنڌوماٿري ۾ وسندڙ قومون“، دفعو ٻيو سال 1976ع سنڌي ادبي بورڊ.

(2)             بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، لوڪ ادب ڪتاب ارڙهون ”بيت“ دفعو ٻيو سال 1971ع، سنڌي ادبي بورڊ.

(3)             جهنڊل فقير ڪورائي راوي، ڳوٺ شاهو خان ڪورائي تعلقو سامارو، ضلعو ٿرپارڪر.

(4)             دين محمد ڪورائي، راوي، ڳوٺ شاهو خان ڪورائي، تعلقو سامارو، ضلعو ٿرپارڪر.

(5)              راڻو خان ڪورائي راوي، ڳوٺ شاهو خان ڪورائي، تعلقو سامارو، ضلعو ٿرپارڪر.

(6)             سليمان فقير ڪورائي جو قلمي بياض.

(7)             مبارڪ علي لاشاري راوي، ڳوٺ عرضي خان لاشاري تعلقو ميرپور خاص، ضلعو ٿرپارڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org