تاج جويو
حيدرآباد
سنڌي ادب جو هيرو هليو ويو
- جولاءِ 2021ع
صبح سان سوشل ميديا تي دل ڌوڏيندڙ خبر ڦهلجي وئي:
”سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هيرو
شيوڪاڻي ديهانت ڪري ويو.“ دل مان هڪ زوردار دانهن،
شيخ اياز جي هيٺين سٽ جو روپ ڌاري ورتو:
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!
شوڪت شورو، پروفيسر سليم ميمڻ، رکيل مورائي ۽ اسان
جو هي يار هيرو شيوڪاڻي، سنڌ ۽ هند ۾، سنڌي ٻوليءَ
جو برک ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هو، ۽ آخري وقت ۾ مهاراشٽر
رياست جي شهر ’الهاس نگر‘ ۾ رهندو هو. الهاس نگر
ٿاڻي (اولهه) ضلعي ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي
آهي، جنهن کي اُتي آباد سنڌي، ’سنڌونگر‘ سڏيندا
آهن، سنڌونگر ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا ناميارا ليکڪ
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ننڊ ڇڳاڻي، سنڌيا چندر
ڪندناڻي، لتا ٽهلياڻي اڃا به رهن ٿا. سرڳواسي موهن
ڪلپلنا، ايم.ڪمل ۽ ٽيڪچند مست به هتي رهندا هئا،
پر پرلوڪ واسي ٿي ويا. سنڌونگر جي اهميت محسوس
ڪندي سنڌ جي وڏي شاعر عبدالحڪيم ارشد لکيوهو ته:
جُدا سنڌ کان ناهه سنڌونگر
وجود آ وڍيل ته به بچي ويو ضمير.
پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ، 6- جنوري 1935ع ۾، چوهڙ
جمالي (ضلعي سجاول) ۾ ٽيڪم داس شيوڪاڻيءَ جي گهر ۾
جنم ورتو هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هيري جو
خاندان، حالتن جو اگرو رُخ ڏسي لڏي هند هليو ويو.
سنڌ ڇڏڻ وقت هيرو ڇهون درجو سنڌي (ٻيو درجو
انگريزي) پڙهندو هو.
هيري شيوڪاڻيءَ، ادب جي دنيا ۾ هڪ ڪهاڻيڪار طور
پير پاتو. هن 1954ع جي ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيون
۽ 1955ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ’راج فلمستان‘ ۾ ڇپي،
پر پوءِ گذرمعاش جي تلاش ۽ وڌيڪ تعليم جي حاصلات
لاءِ پنج سال خاموش رهيو. هيري ٿوريون ئي پر
بهترين ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘،
’پورٽريٽ هڪ پيءَ جو‘، ’آتم هتيا‘ ۽ ’سراپيل ستارن
جي دوري‘ سندس اهم ڪهاڻين ۾ ليکجن ٿيون. سندس
ڪهاڻي ’هڪ اڪيلي جو سفر‘ وڻندڙ لهجي، اثرائتي
انداز، پختي ٻوليءَ ۽ نين تخليقي تشبيهن جي حوالي
سان ڪافي مشهور ٿي. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا (1)
’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ (1975ع) ۽ (2) ڪارڻ جي تلاش
((2008ع) ۾ ڇپيل آهن. ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ جو ٻيو
ڇاپو، سنڌ ۾ ڪنول پبلشرس حيدرآباد 1981ع ۾ ڇپائي
پڌرو ڪيو هو. مشهور نقاد ۽ ڪهاڻيڪار شيام
جئسنگهاڻيءَ، هيري جي ڪهاڻين ۽ سندس ڪهاڻيڪار واري
پد بابت راءِ ڏيندي لکيو هو: ”هيري جو ڪهاڻيڪار،
پنهن جي آتم ساز کي تمام هيٺين سُرن يعني لوئرڪيز
(Lower kees)
تي وڄائيندي به تمام خونخوار سريئلسٽڪ نوع ۾ لکيل
ڪهاڻيون پيش ڪري ٿو.“
هيري شيوڪاڻيءَ جون ڪهاڻيون، ٿوري تعداد ۾ ٻين
ٻولين ۾ به ترجمو ٿي، داد حاصل ڪري چڪيون آهن.
هيرو شيوڪاڻي ناميارو تعليم دان به رهيو ۽ ٽن
ڏهاڪن تائين تعليم ۽ تدريس ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ
وڏيون خدمتون سرانجام ڏنائين. هُو تعليمي لحاظ کان
بي. اي (آنرس سنڌي). ساهتيه رتن (هندي) ۽ ايم. اي
(هندي ۽ گجراتي) هو. هيءُ 1955ع کان 1964ع تائين
هاءِ اسڪول ٽيچر رهيو ۽ 1964ع کان 1975ع (رٽائر
ٿيڻ تائين) ايس، ڪي تلريجا ڪاليج الهاس نگر ۾
سنڌيءَ جو ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر، هيڊ آف
ڊپارٽمينٽ، وائيس پرنسپال ۽ آخر ۾ پرنسپال جي پد
تان 1995ع ۾ رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ لاڳيتو
8 سال آديپور گانڌي ڌام ۾ تولاڻي ڪاليج ڪامپليڪس ۾
سيڪريٽريءَ طور خدمتون ڏنائين ۽ اُتي ئي رهائش
پذير رهيو، پر ڪجهه سال اڳ الهاس نگر موٽي آيو،
جتي سندس پريوار موجود هو.
هيرو شيوڪاڻي، سنڌي ادب جو وڏو نقاد هو. موهن
ڪلپنا لکيو آهي ته ”سنڌي جاتيءَ، هيري شيوڪاڻيءَ
جي معيار جو نقاد پيدا ڪرڻ ۾ ٽي ڏهاڪا لڳايا آهن.
اهڙي معيار جو ٻيو نقاد پيدا ڪرڻ ۾ ٻيا به ٽي
ڏهاڪا لڳائڻا پوندا.“ سندس تنقيدي ادب جا اَٺ ڪتاب
ڇپجي، مقبوليت ماڻي چڪا آهن:
(1) جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي (1975ع) (2) جائزو
(1981ع) (3) نقطهء نظر (1992ع) (4) سنڌي ڪهاڻين ۾
جدا موضوع (2000ع) (5) لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو
وهه اوڀار (2003ع) (6) سرجڻ جو سنڪٽ ۽ سنڌي ڪهاڻي
(2004ع) (7) سنڌي ناول ڪٺگهري ۾ (2007ع) (8) ادب
جا معيار ۽ سنڌي ادب (سنڌ ۾: 2013ع)
ان کانسواءِ سندس ڪيترا تنقيدي مضمون ۽ جائزا
رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپيل آهن. هن جو پهريون تنقيدي
ليک ”نئون سنڌي ساهت: سوال ۽ دائرا“
عنوان سان 1962ع ۾، احمدآباد مان نڪرندڙ ادبي مخزن
”چوڏس“ ۾ ڇپيو هو، ان کان پوءِ آخر تائين هن جو
تنقيدي قلم خاموش نه رهيو.
هيري شيوڪاڻيءَ جي سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ تي
به گهري نظر رهي، ان ڏس ۾ (1) شاهه لطيف ۽ ڀڳتي
هلچل (2) شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ
تي هڪ نظر (3) روي ۽ ڪوي، ٻرڻ ٻنهي لاءِ لازمي
(اِندر ڀوڄواڻيءَ جي شاعري ۽ زندگيءَ جو اڀياس)،
(4) ڪوي هوندراج دکايل جي گيت رچنا (5) شيخ اياز
جي شاعري: سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ هڪ ڪڙي، ۽ ٻيا ڪيترا
تنقيدي اڀياس، سندس اعليٰ تنقيدي شعور جي نشاندهي
ڪن ٿا.
هيري شيوڪاڻيءَ، مشهور عالم ۽ اديب لالسنگهه
اجواڻيءَ جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب:
“History of Sindhi Literature”
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”سنڌي ادب جي تاريخ ”جي نالي
سان ڪيو هو، جيڪو 1994ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ
ڇپايو هو، ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ساهت گهر،
حيدرآباد، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب تي
هيري شيوڪاڻيءَ کي 1997ع ۾ ترجمي جو اوارڊ مرڪزي
ساهتيه اڪيڊميءَ پڻ ڏنو هو. ان کانسواءِ کيس گجرات
سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ (2000ع)، اکل ڀارت سنڌي ۽
ساهت سڀا (2005ع) ۽ مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ
(2008ع) به اوارڊ ڏنا هئا.
هُو مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ڇهه سال
ميمبر، مهاراشتر راجيه سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري
بورڊ جي سنڌي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو 1981ع کان 1995ع
تائين ڪنوينر، ممبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو
1992ع کان 1995ع تائين ميمبر ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ
جي سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو 1974ع کان 1995ع تائين
ميمبر ۽ آخري ٽي سال چيئرمين رهيو.
هيروشيوڪاڻي، ڊسمبر 2004ع ۾، هند جي ٻين ڪيترن
سنڌي اديبن سان گڏ ”شاهه، سچل، سامي، امن ڪانفرنس“
ڪراچيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو. سنڌ ۾ رهڻ دوران کين سنڌ
جي مختلف علائقن جو دورو ڪرايو ويو، ان دوران هُو
چوهڙ جماليءَ وڃي پنهنجو گهر به ڏسي آيو هو، ۽
واپس وڃڻ بعد هن مختصر
سفر نامو: ”گلاب جي گلن جو ديس“ لکيو، ۽ هن ان
سفرنامي جي فوٽو ڪاپي مون کي رکيل مورائيءَ معرفت
ڏياري موڪلي هئي، جنهن کي مون ’ڪرزما ڊائجيسٽ‘
ڪراچيءَ جي جون- جولاءِ 2007ع واري پرچي ۾ ڇپرايو
هو.
هيري شيوڪاڻيءَ، آخري ڏينهنِ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا:
”سچ بنام سوچ، 2021ع به لکي ڇپائي هئي، ۽ اُن جو
ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ ڇپائڻ جي حسرت سيني ۾ سانڍي، هن 30
جولاءِ 2021ع جي صبح جو 30: 8 وڳي الهاس نگر ۾ دم
ڏنو ۽ سنڌ ۽ هند ۾ سوين سوڳوار اديب پويان ڇڏي ويو
آهي، جيڪي کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
استاد محسن علي شر
خيرپورميرس
مبين فقير شر، شاعر ۽ سُگهڙ
مبين فقير بن يامين فقير شر جي ولادت غالباً 1870ع
ڌاري ڳوٺ گهنڊ (هاڻوڪو رسولپور) ۾ ٿي. سندن تعلق
ٽنگئي شر بن دوستڻ خان شرثاني بن جيئند بن دوستڻ
خان شر اول سان چيو وڃي ٿو. سندن وڏڙا، شوري برٽش
بلوچستان مان ڪنهن قومي تصادم جي ڪري جنهن ۾ شر
قبيلي جا هڪ اندازي موجب 120 جوڌا جوان موت جو کاڄ
بڻجي ويا. اهڙي خونخوار جنگ کان خوفزده ٿي قائم
خان شر اول، پنهنجي والده ماجده، پنهنجن ڀائرن هر
هڪ محمد صالح خان، سهراب خان، دوست علي دوستڻ ۽
واسوخان ۽ پنهنجي چاچي حسين خان شر جي اڳواڻيءَ ۾
ان علائقي مان راتو رات نڪري اچي مير سهراب خان
ٽالپر جي رياست خيرپور ۾ پناهه ورتي. پهريائين
نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان ڳوٺ جسڪاڻي ڪوٽ ڏيجي لڳ
اچي خيما کوڙيائون. جيئن ته هيءُ بلوچ هئا. ڳوٺ
جسڪاڻيءَ کان گذرندڙ شيرشاهه سوريءَ جي دور جي عام
سڙڪ جي نالي سان مشهور هئي ۽ عام رستو هو جتان مير
صاحب جي لشڪر ۽ اڙداين جي چوويهه ئي ڪلاڪ اچ وڃ
رهندي هئي، جيڪا ڳالهه کين پسند نه آئي ۽ مير صاحب
کي عرض ڪيائون ته کين ڪنهن پُرسڪون علائقي ۾ وڃي
آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. اتان اجازت ملندي ئي
لڏو کڻي اچي قائم خان 1. موجوده ڳوٺ منگهوفقير شر
کي مستقل رهائشگاهه بڻايو، جڏهن ته مبين فقير جي
وڏڙن وڃي گهنڊ هاڻوڪي رسولپور جي علائقي ۾ وڃي
آباد ٿيا، جتي اڄ ڏينهن تائين نسل درنسل خوشحال
پيا گذارين.
مبين فقير جو والد هڪ الله لوڪ فقير هو ۽ سنڌ جي
صوفي بزرگ حضرت غلام حيدر فقير شر گودڙيه جو طالب
هو.
حسين بخش شر کي ڇهه فرزند هرهڪ
(1) محرم خان (2) حيدرخان (3) محمد قاسم (4) فوج
علي (5) ڏيٿو خانءِ (6) سومرخان. ڀائر، سڱن جي ڏي
وٺ تان وڙهي پيا. محمد قاسم ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي
نياڻي جامين فقير کي پرڻائي ڏني ۽ ڳوٺ ۾
رهايائينس. نياڻيءَ کي قاسم خان زمين جو حصو به
ڏنو. جنهن مان جامين فقير کي گنج اولاد ٿيو. سندن
تفصيل شجري ۾ ڏجي ٿو:
مبين فقير جي پيدائش:
جامين فقير کي ٻڪرين جو ولر هوندو هو جنهن تي سندس
گذران هوندو هو. هن جي فقيرن، درويشن مجذوبن ۽
ساڌن سان سنگت ۽ دلي محبت هوندي هئي. هڪ دفعي سندس
واڙ تي هڪ سيلاني فقير اچي قيام ڪيو، جيڪو وٽس
ڪيترائي ڏينهن ترسي پيو. ان سيلاني فقير کي جامين
فقير کير ماني کارائيندو هو. ڪجهه ڏينهنِ کان پوءِ
جامين فقير کي اتان مال جي سانگي ڪنهن چاري واري
علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ان سيلاني مجذوبه
فقير کان اجازت گهرڻ لڳو. ان سيلاني مجذوب فقير
اجازت ته ڏنس ۽ چيائين ته تو منهنجي خدمت چاڪري
ڪئي آهي، ان جي عيوض مان توکي هڪڙي سوکڙي ڏيان ٿو.
تنهنجي گهر ۾ هڪ گلاب جي گل جهڙو باڪرامت ۽ ڄمندي
ڄام پٽ پيدا ٿيندو. اهڙي طرح ڪجهه عرصي کانپوءِ
مبين فقير جي پيدائش کي. ان مست سيلاني فقير جي
دعا جي اثر ڪري مبين فقير خوبصورت ۽ جانٺو جوان
پيدا ٿيو. سندس لاڙو ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ
ڏانهن هو. هُو درويشن ۽ اولياء الله جي مزارن تي
ويندو رهندو هو. ائين اوچتو کيس ڪا اهڙي مجازي چوٽ
لڳي جو شاعريءَ وارو مُلڪو کلي پيس ۽ شاعري ڪرڻ
شروع ڪيائين. پاڻ هميشه گيڙو لباس پائيندو هو،
جيڪي زبان مان لفظ ڪڍندو هو. ائين ئي ٿيندو هو.
ورهاڱي کان اڳ هندن جي سندن ڳوٺ ۾ وڏي آبادي هوندي
هئي. هندو مرد توڙي عورتون سندن نهايت ئي عقيدتمند
هوندا هئا جو پاڻ تصوف ۽ ويدانت جي رنگ ۾ رچي ريٽو
ٿيل هئا ۽ مذهبي مت ڀيد کان بلڪل بيزار هئا. پاڻ
پريت ۽ امن جا پانڌيئڙا هئا.
مبين فقير جي شاعري:
سندن شاعريءَ ۾ هن دوکن ۽ دولابن ڀري دنيا ۽ ان جي
بي وفائيءَ جي چڱي طرح اپٽار ٿيل آهي. سندس موضوع
گهڻي ڀاڱي ماڻهوءَ جي موت کان پوءِ جي منظرنگاري ۽
قبر جي حياتي آهي. هن فنا جي جهان ۾ انسان جو ڇا
هي؟ اصل حياتي ته آخرت جي حياتي آهي. اهو هر عاشق،
عارف ۽ اولياء الله انسان کي ميثاق ۾ ڪيل واعدي ۽
اقرار جي ياد دهاني ڪرائيندو رهيو آهي ڇو ته الله
تبارڪ و تعاليٰ انسان کي پيدا ئي صرف ان لاءِ ڪيو
آهي ته هُو سندس عبادت ۽ يادگيري ڪندو رهي.
پر هن دنيا ۾ اچي انسان حرص وهوا جي ڦندي ۾ ڦاسي
قالوءَ وارو قول وساري ويهي رهيو آهي.
مبين فقير پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ ۾ آخرت لاءِ
ڪو ثمر ٺاهي کڻڻ جو تاڪيد ڪيو آهي، ڇو ته هن دنيا
۾ جيڪو عمل ڪندو، اهو کيس اڳتي ڪم ايندو. هونئن به
هيءَ دنيا کيتي آهي، جيڪي هتي پوک انسان پوکيندو
ان جو نتيجو کيس اڳتي ملندو. بقا واري حياتيءَ
لاءِ دنيا دولت جي نه بلڪ نيڪ عملن جي ضرورت آهي.
بقول ڪنهن شاعر:
جيڪي آهي هتڙي، اهو کڻي اڳتي هلبو..........
هڪ عام ماڻهوءَ جي حياتي ته هڪ جانور جي حياتيءَ
کان به بدتر آهي. هڪ جانور به پنهنجي مالڪ جي ڄاڻ
رکندو آهي. هڪ جانور ته پنهنجي عقل شعور جي آڌار
تي پورو رهي ٿو. ان کي جيڪي خدا تعاليٰ جي طرفان
احڪام مليل آهن، هُو انهن تي پورو رهي ٿو. ليڪن
انسان عقل شعور ۽ علم ۽ مت هوندي به انهن کان روءِ
گرداني ڪري آخرت واري حياتيءَ کي وساري ويهي رهيو
آهي. مبين فقير جي شاعريءَ جو مرڪزي محور صرف ۽
صرف انسان کي ياد دهاني ڪرائڻ آهي ته هو ايندڙ
جاوداني حياتيءَ لاءِ ڪجهه ڪري.
سوئر حلال نه ٿئي توڙي مينهن کي ڌاراءِ
مرون به پورو پَرِ تي پر تون پورو ناهه...
هڪ ڀيري ڪنهن اصحابيءَ آنحضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي
عرض ڪيو ته: يا رسول الله ڪنهن جي محبت ۾ رهجي؟
پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته هڪ ته جيڪڏهن ڪنهن کي
ڏسو ته الله ياد اچي وڃي، ٻيو ته جيڪڏهن ان جي
گفتگو ٻڌو ته علم و حڪمت ۾ اضافو ٿئي. ٽيون ته
جيڪڏهن ان شخص جا عمل ڏسو ته آخرت ياد اچي وڃي.
دنيا وارو ته دنيا جون ڳالهيون ڪندو، جيڪو شخص
جيترو دنيا جي ڌنڌن داڙن ۾ ڦاٿل رهندو اوترو خدا
کان دور رهندو. اهڙي ماڻهوءَ جو موت هڪ عذاب آهي.
جڏهن سندس روح کي جسم مان ڇڪي ڪڍيو وڃي ٿو ته ان
شخص لاءِ ائين آهي جيئن ڄانگري ٻير جو ڪنڊائون ڏار
ڪنهن ڪپهه جي ڀريءَ مان ڪڍيو وڃي. برعڪس ان جي
الله وارن جو موت هڪ ميلاپ وانگر آهي، جيئن خوشبوء
هٻڪار جي ماحول ۾ ڪنهن پنهنجي محبوب سان ملاقات
ٿئي. هڪ دنيادار نفس پرست شخص ۾ غرور ۽ وڏائي ٿئي
ٿي. هن کي فقراء ۽ غرباء تڇ نظر اچن ٿا. دنيا ته
هٿن جي مَرُ آهي. ڪير ڪروڙين ڇو نه گڏ ڪري آخر
ڇڏڻا ئي پون ٿا. ان جي حرام ۾ عذاب آهي. ان جي
حلال ۾ حساب آهي. الهيٰ عدالت ۾ ضرور حاضري ٿيندي.
بقول مبين فقير:
ڀڄ دنيا کان ڀڄڻو ٿئي.
سچ اسان کي چوڻو ٿئي،
ڪيس قبر جو پڙهڻو ٿئي.
قبر ۾ جيڪا شنوائي ٿيندي، سرڪاري وڪيل منڪر ۽
نڪيرالله جا ملائڪ ڪي سوال پڇندا. انهن جي جوابن
تحت اڳتي ڪيس هلندو. آخر ۾ فتويٰ ٿيندي. علماء
ڪرام جيڪي سوال پڇيا ويندا، اُهي هي بيان ڪيا آهن:
1- تنهنجو رب ڪهڙو آهي؟
2- تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟
3- تنهنجو رسول ڪهڙو آهي؟
جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب درست ڏئي ويو ته نجات
پائيندو، برعڪس ان جي عذاب ملندس.
الله وارن جو ظاهر توڙي باطن هر وقت سرسبز ۽ شاد
آباد رهي ٿو. دل ۾ هر وقت الله جي يادگيري آهي. ڇو
ته:
جو دم غافل، سو دم ڪافر
فقيرن، درويشن جي دنيا هر وقت شادو آباد رهندي
آهي. دراصل هيءَ دنيا آخرت جو اولڙو آهي، جنهن جو
عڪس جيڪڏهن ڏسڻو آهي ته فقيرن جي زندگيءَ تي نظر
ڪريو. ظاهر به آباد ته باطن به آباد.
دل جي آبادي آهي خدا پاڪ جو ذڪر. دل جي آبادي آهي
عشق الهيٰ. محبت الهيٰ شيءِ ئي اهڙي آهي جنهن سان
انسان جي دل روشن ٿئي ٿي. جنهن الله جي معروفت
حاصل ڪئي اهو خدا جي محبت کان خالي رهي ڪين
سگهندو. جنهن دنيا جي حقيقت کي سمجهي ورتو اهو
ڪيئن ٿو دنيا کان نفرت ڪرڻ کان سواءِ رهي سگهي.
مبين فقير فرمائي ٿو:
مار ماران جي ملڪ ۾ آيو آهين انسان
جان بچائڻ فرض ٿي ڪجان ۽ ڌرم ڌيان...........
حضرت مولانا جلال الدين روميؒ جن فرمائن ٿا: عاشق
ٿي رهو، معشوقيءَ جي دعويٰ ڇڏيو. نه ته ماپ- تور-
قد- وزن ۾ ڦاٿل رهندا. ڪنڌ ڪيترو ڊگهو آ- سينو
ڪيترو ويڪرو آ- نڪ ڪيترو بُونو آ. اکيون خراب
چنجهيون ته ناهن. توهان جي هر خوبي خامي ظاهر ٿي
سگهي ٿي. توهان نماز ٺيڪ ادا نه ڪئي. روزن جي نيت
ٺيڪ نه ڪئي هئي. ڇا اسان الله جي شان مطابق بندگي
ڪري سگهون ٿا؟ عاشق بنجڻ لاءِ ڪوبه شرط شروط، ماپ
تور جي ضرورت نه آهي. ان ۾ نه رنگ روپ قدبت وزن جي
ڪنهن به شرط جي ضرورت نه آهي:
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
بس الله جي محبت ۾ ايترو چوڻو آهي. يا الله مان
سراپا عيبدار گنهگار مون ۾ ته اهڙي ڪابه خوبي ناهي
جيڪا تنهنجي سونهن ۽ سوڀيا جي لائق هجي. مان توهان
سان محبت ڪريان ٿو. رب پاڪ ٻانهي جي پڪار ڪڏهن به
ٺڪرائي نه ٿو.
سڀ کان پهريائين الله جي ٻانهي جي نشاني اها آهي
ته هو موت سان محبت ڪندو آهي. هو مرڻ کان ڪڏهن به
ڪيٻائيندو ناهي. موت ته ان جي لاءِ خدا جي ديدار
جو سبب آهي. مولا سان ملاقات جو بهانو آهي.
”الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ الحبيب“ موت هڪ پل
آهي جيڪا هڪ دوست کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي. حضرت
ابراهيم خليل الله عليه السلام جو جڏهن هن فاني
جهان مان الوداع جو وقت آيو ته الله تعاليٰ
عزرائيل عليه السلام کي موڪليو ۽ چيائين ته منهنجي
خليل کي نياپو ڏي ته الله سائين توکي ياد ڪري ٿو.
پاڻ سمجهي ويا ۽ حضرت عزرائيل عليه السلام کي
فرمايائون: ”هَلُ رائيت خَلِيلا قَبضُ روح خَلِيلا
”معنيٰ تو ڪڏهن ائين به ڏٺو آهي ته ڪنهن دوست
پنهنجي ڪنهن گهاٽي يار جو روح قبض ڪيو هجي“ حضرت
عزرائيل عليه السلام رب العزت جي بارگاه ۾ هي
نياپو پهچايو ته الله سائينءَ فرمايو: معنيٰ ته ڇا
تو اهڙي ڪنهن خليل (دوست) کي به ڏٺو آهي جيڪو
پنهنجي دوست سان ملڻ کان ڪراهت ڪندو هجي“ حضرت
ابراهيم عليه اسلام سمجهي ويا ته روح جو قبض الله
تعاليٰ سان ملاقات جو سبب آهي. ان وقت ملڪ الموت
کي چوڻ لڳا ”عجل عجل“ ”جلدي ڪر جلدي ڪر“ مبين فقير
فرمائين ٿا:
مون ڀانيو مارن سين ڪا هوندس اباڻن،
جاني جدائي ڪيون هليا هوت وڃن.
هڪ ڀيري حضرت جبرائيل عليه السلام آنحضرت ﷺ جن جي
خدمت ۾ حاضر ٿيا. عرض ڪيائين: يا رسول الله!
ترجمو: توهان جيتري زندگي گذاريو پر هڪ ڏينهن هن
دنيا کان پردو ڪرڻو آهي. توهان چاهي ڪنهن سان
ڪيتري محبت ڇو نه ڪريو. هڪ ڏينهن ضرور جدا ٿيڻو
آهي. توهان جيڪي چاهيو عمل ڪيو ان جو بدلو ضرور
ملڻو آهي.“
مبين فقير پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ريج مراد“ لفظ جو
ورجاء بار بار ڪيو آهي، جنهن جو مطلب آهي نيت جي
صفائي ۽ پاڪائي، ٻئي لاءِ خير گهرڻ، پاڙي جو خيال
رکڻ“ ان جي ابتڙ هو ”نامراد“ يا بي مراد جهڙن لفظن
جو ورجاء ڪري ٿو، جنهن جو مطلب بدنيت ماڻهو يا
حاسد ماڻهو، جنهن جي نيت ۾ کوٽ ۽ خلل هجي، پاڙي
وارن کي تنگ ڪندو هجي. ريج مراد جو مطلب آهي نيت
جي صفائيءَ وارو شخص هر وقت هرهڪ جو گهڻ گهرو ٿئي
ٿو.
مٺي ماٺ:
الله وارن جو ڪم آهي الله تعاليٰ جي وحدانيت جي
واکاڻ ڪرڻ ۽ انسانن کي توحيد جي تعليم ڏيڻ. محبت
ڦهلائڻ نفرت کي پاڙون پٽي نيست ونابود ڪرڻ. ان عمل
۾ چاهي کين ڪيتري به تڪليف ڇو نه اچي. بقول گودڙيه
سائين:
1. غلام حيدر غير جا لوڏي لاهه ڪڍجن.
2. غلام حيدر غير جا لڙهي ويا سڀ لاهه.
غلام حيدر غير ڪا ڏانهن ڪانه چلي........ وغيره.
شڪايت نه ڪرڻ، صبر ڪرڻ، ڇو ته صبر جو ڦل ڏاڍو مٺو
آهي. مبين فقيرن پنهنجي شاعريءَ ۾ مٺي ماٺ صبر جي
معنيٰ طور استعمال ڪيو آهي. الله جا ٻانها برائيءَ
جو بدلو چڱائيءَ ۾ ڏيندا آهن. خدا جي ياد ۾
پُرسڪون ۽ اطمينان بخش زندگي گذاريندا آهن، جيڪو
ساڻن خراب سلوڪ ڪندو آهي موٽ ۾ ان سان سهڻو سلوڪ
برقرار رکندا آهن چاهي ڪير ڪيترو به کين ايذائي
ليڪن هو ڪنهن کان به بدلو نه وٺندا آهن، جيڪو مٿن
ظلم وجبر، ڏاڍ، زيادتي ڪري. هُو ان کي معاف ڪري
ڇڏيندا آهن ڇو ته اسان جو دين اسلام به اسان کي
اهائي تعليم ٿو ڏئي ته بدلي وٺڻ جي طاقت هوندي
معاف ڪرڻ وڌيڪ ڀلو آهي.
مبين فقير شر جي شاعري:
وسارج ڪين وجود مان هوءَ رڻ واري رات،
هيڪل حد ۾ هو الله، ٻي نه سُڻندين بات
مٽي مٽيءَ سان گڏي، ويو نالو ۽ ذات
او مٽي تو محلات، مٽي گهر ”مبين“ چئي
**
ڪر ادا جيڪي هت ڪرڻو ٿي
ڌيان قبر جو ڌرڻو ٿي
هت نه ٻهڳڻ ٻهڻو ٿي
هت نه رانجهڻ رهڻو ٿي
ڌيان قبر جو ڌرڻو ٿي
هِت مري، هُت جيئڻو ٿي
ڀڄ دنيا کون ڀَڄڻو ٿي
سچ اسان کي چوڻو ٿي
ڪيس قبر جو پڙهڻو ٿي
مور نه ”مبين“ مڙڻو ٿي
پوءِ ڪلمون پاڪ پڙهڻو ٿي.
**
مٿي گود ”مبين“ چوي ميان ڙي ميان
تون ٿو وس وڏا ڪرين جيئان ڙي جيئان
تون ٿو ميڙين مال کي راتيان ۽ ڏينهان
پٽ نه هلندءِ پاڻ سان نه هلندءِ ڌيئان
ڌڪي هڻندين ڌوڙ ۾ اُتي ڪندين ڪيهان
هاڻ مان ڪيئن جيئان، ڏينهن رهيا ڏون هن جهان ۾.
**
مار ماران جي ملڪ ۾ آيو آهين انسان
جان بچائڻ فرض ٿي ڪجان ۽ ڌرم ڌيان
مُئي پڄاڻان مڙه جو مٽي اٿئي مڪان
هتي ڪيڙ ماڪوڙا ڪيترا جيئن جو ته جهان
آهين طعام تن جو، متان ڪرين گمان
اوڳا، ڙي انسان، مطلب سمجهه مبين چئي.
**
گڏهه ڇا ڄاڻي گج مان توڙي پهرياڻيون پاراءِ
بيهندو وڃي وٺ تي، توڙي راتب کاراءِ
گڏهه ليٽي ڇار ۾ جنهن جي عادت اِها آهه
حرامي ماڻهوءَ کي حرام ۾ وڏي لذت آهه
هُو نه ڄاڻي حلال مان، جنهن جو نسل حرام آهه
ڇَٽَ ڪٽي مان وڃي توڙي درياه ۾ لوڙهاءِ
سوئر حلال نه ٿئي، توڙي مينهن کي ڌاراءِ
مرون به پورو پَرِ تي، پرتون پورونا.
مُڇَ طوهر تي مورئون، ڀروسو ئي ناه
مسلماني مومنو، اعمالن تي آهه.
ڪيترو پنڌ ڪيو اٿي، ڪجهه پوئتي واجهاءِ
ملڪ سڃاڻ ”مبين“ چئي، جتي تنهنجي جاءِ
ڏينهن دنيا ۾ ڏون، اٿئي، ويسا ڪين وڃاءِ
ڦوڪ پرائي پيٽ ۾، ڪنهن سان نيبهه ناه
پکيءَ کي پرن ۾، توکي اندر ۾ آهه
ويندي وس وڏا ڪندين، ويندين ڪندو هئه هاءِ
**
هو به هڪڙا هليا ويا، تون ثمر سانباهه
ڪيسرو نه ڏيندءِ ڪڇ ۾، توڙي لک لڪاءِ
خالي هٿ کنيو وڃي ڪندين تون هئه هاءِ
ان منزل ڪاڻ مري چُڪين، جو لڳئي سو وڃي لاءِ
اڄ سڀاڻ آهه، وارو تنهنجو ويسلا.
**
ريج مراد مبين چئي، اٿي نشاني ايمان
ڦرندا سيد فقير کون، بيشڪ بي ايمان
مٿان کل ماڻهوءَ جي، اندر سگ سوئر شيطان
کل ڪپائن کوٻلا، ڪن ڪم ڪفران
سي ڀي دين مٿي دهمان ڪن اجايا آسرا.
**
ريج مراد ”مبين“ چئي ڪي تان پوئتي هٽ
وارث ٻڌندءِ وات کي جيئن ٻڌجي پٽ
کڻندا قريب قبر کي کٽ ڀڻان اوکٽ
منجهند ٿي ويئي ميت کي جهٽ ڪيو ڙي جهٽ
جڏهن لڱين پوندءِ لٽ، تڏهن مڙئي حرص هليا ويا.
**
ريج مراد ”مبين“ چئي ٿي آدم اوساري
آب بنان اڳتي نه هلي، ڪشتي قراري
نامراد نه وڌي، جيئن نه وڌي ڪوٽ واري
پکي ريءَ پرن جي، ڪهڙي ڏيندو اڏري اولاري
تون بچائيندين باري، منڪر کان ”مبين“ چوي.
ممتاز پٺاڻ
لاڙڪاڻو
مسيحي اسڪالرن جا بابا (ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ)
ڏانهن لکيل خط
بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جڏهن پي ايڇ.ڊي
ڪري رهيو هو
ته هن مواد ۽ معلومات وٺڻ لاء مختلف ملڪن ۾ رهندڙ
سنڌي اديبن ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي خدمت ڪندڙن سان خط و ڪتابت ڪئي. انھن خطن ۾
تنھن دور جي اڻ ٻڌل تاريخ موجود آھي. مان انھن خطن
مان ڪن خطن جو ترجمو هتي ڏيان ٿو:
سي. ڊبليو. هسڪل
چارلس وليم هسڪل 7، اپريل 1905 ع تي بريڊ فورڊ،
انگلنڊ ۾ ڄائو. هن صاحب تعليم نيوزيلينڊ مان ورتي،
جتان ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري ۽ ٿيولاجيءَ
۾ لائيسنشيئيٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيائين.
چارلس وليم هسڪل 1930ع
۾
’چرچ
مشنري سوسائٽي‘
جي ڪارڪنن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو. پاڻ 1933ع کان
وٺي
’سنڌ
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
جو سيڪريٽري ٿي رهيو، ان کان پوءِ
’گرامر
اسڪول ڪراچي‘
جو
پرنسپال ٿيو. 1955 ع ۾ نيوزلينڊ هليو ويو.
چارلس وليم هسڪل ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب
انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجما
ڪيا ۽ انهي موضوع تي سنڌي ۾ اصلوڪا ڪتاب به
لکيائين. هن صاحب سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به
مرتب ڪيو هو، ۽ سنڌيءَ-
انگريزيءَ لغت مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ هندو اديب (؟) جي
وڏي مدد ڪئي.
چارلس وليم هسڪل
’سنڌي
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
جي سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. انهيءَ سوسائٽي ۽ هسڪل
جي معلومات بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي پنهنجي
تحقيقي ڪم لاءِ گهربل هئي، ان ڪري بابا, آر.اي.
ڪارسن کي ساڻس رابطي قائم ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هو.
هسڪل جيڪو بابا کي خط، لکيو، اهو هيٺ ڏجي ٿو:
7-
، آئزلينڊ ويو ٽيريس، ويڪانٽي، نيوزيلينڊ
31-،
جنوري 1977
پيارا مسٽر در محمد پٺاڻ
مسٽر جي. اي ڪارسن جي والد 3، تاريخ وارو اوهان جو
لکيل خط
مون ڏانهن موڪليو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان
جي
گهڻن سوالن جا جواب آئون ڏئي نه به سگهان. 22 سال
ٿيندا جو سنڌ ڇڏي اٿم، ان کان به ڪجهه سال اڳ
منهنجو
’سنڌي
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
سان لاڳاپو ٽٽي چڪو هو. آئون 1933 ع کان انهيءَ
سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيس. حيدرآباد واري مس
وارڊ سوسائٽيءَ
جي ڪمن ۾ ڏاڍي مشغول هوندي هئي، ان کانسواءِ سکر
جا مسز جنڪسن ۽ ڊاڪٽر ويسٽرن به انهيءَ ڪم ۾ سٺي
دلچسپي وٺندا هئا.
مسلمان مترجمن ۾، جنهن جو نالو ياد اٿم سو هو شايد
مرزا بيگ (مون کي پڪ نه پيئي ته اهوئي سندس سڄو
نالو هو). مون کي اهو به ياد ڪونهي ڪو مسٽر
چندورام
سوسائٽي لاءِ ڪتاب ترجمو ڪيا هئا، پر مسٽر
ڀڳتاڻيءَ انهيءَ
سلسلي ۾ گهڻو ڪجھه ڪيو هو. مون گهڻائي ڪتاب ترجمو
ڪيا هئا، هن وقت انهن جا نالا ياد نه ٿا اچن. اهڙن
ڪتابن ۾ بئسل ميٿيوز جو
’پال
دي ڊانٽ ليس‘
به هڪ هو. سنڌيءَ ۾ اصلوڪا ڪتاب به لکيم، جن ۾’موت
کان پوءِ ڇا؟‘
قابل ذڪر آهي. ان کانسواءِ ڀڳتاڻي صاحب سان پيٽرسن
سمٿ جو ڪتاب
’ڪرست
جي حياتي‘
به ترجمو ڪيو هيم.
منهنجي مختصر سوانح هن ريت آهي:
چارلس وليم هسڪل، 7 اپريل 1905ع تي بريڊ فورڊ،
انگلنڊ ۾ ولادت، تعليم نيوزيلينڊ ۾، جتان
ڊائوينٽيءَ ۾ بئچلر ڊگري
۽ ٿيولاجيءَ ۾ لائينيشئٽ جو ڊپلوما حاصل ڪيم. جيئن
مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ترجمو
ڪيم. خاص ڪري ناتال جون موڪلون انهيءَ ڪم لاءِ وقف
هونديون هيون. سنڌي ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو هيم،
جو به ڪرشچن لٽريچر ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي. سنڌي
انگريزي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ مون هڪ هندو اديب جي
وڏي مدد ڪئي. انهيءَ جو نالو هن وقت ياد نه ٿو
پوي. مون سنڌيءَ جي تعليم به هندو عالمن کان ورتي
هئي، مگر انهن جا نالا به ياد نه ٿا پون، ڇو جو 40
سالن جو عرصو گذري چڪو آهي. ساڳي نموني اهو به
وسري ويو ته ڪيترو وقت
’سنڌ
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
سان وابسته رهيم. اهو عرصو به ستن سالن کان گهٽ
ڪونه هوندو. اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ ته من ماندو
آهي، ليڪن ڇا ڪريان ٻاهتر کي اچي پهتو آهيان، ۽
ياد گيري به ساٿ ڇڏي ويئي آهي.
نيڪ تمنائن سان اوهانجو پُرخلوص
سي. ڊبليو. هسڪل
03
ڊسمبر 1979
آر. اي. ڪارسن
آر. اي. ڪارسن 1913 ع ۾ آشبرٽن، نيوزلينڊ ۾ ڄائو.
ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي
’ڪينٽبري،
ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ايم.اي ڪيائين. ان کانپوءِ
’اينجليڪن
بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز‘
نيوزيلينڊ مان
’لائيسنشيئيٽ
آف ٿيولاجي‘
۾
ڊپلوما ڪيائين. آر.اي. ڪارسن 1940 ع ۾ ڪراچي آيو.
ٻه سال هڪ ٽيوٽر رکي سنڌي ٻولي سکيائين. هي صاحب
’چرچ
مشنري سوسائٽي‘
سان وابسته هو، ۽ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ
’سنڌ
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
’چرچ
مشن پريس‘
جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان، هن سوسائٽيءَ پاران
ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن سنڌيءَ ۾
’خدا
جو ڪٽنب‘
ڪتاب لکيو، جيڪو
’سنڌ
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
طرفان شايع ٿيو هو. هي صاحب 1957ع
تائين سنڌ ۾ رهيو، پوء نيوزيلينڊ ھليو ويو. مسٽر
ڪارسن جو پٽ ڪرستانن جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اُستاد
هيو ، جنهن جي وسيلي
بابا ڊاڪٽر پٺاڻ ڪارسن سان رابطو قائم ڪيو. آر.
اي. ڪارسن بابا جي خطن جي جواب ۾ جيڪي ٻه خط لکيا،
اهي هيٺ ڏجن ٿا:
(انگريزيءَ
۾)
ڪرائسٽ چرچ نيوزيلينڊ، 19 جنوري 1977
مسٽر در محمد پٺاڻ
پيارا سائين: منهنجي فرزند، اوهان جو اهو خط
پهچايو اٿم، جنهن ۾ اوهان ڪرستانن جي سنڌي ٻوليءَ
لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن تي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو
آهي. مان اوهان ڏانهن اها معلومات ڏياري موڪليان
ٿو، جيڪا مون کي ياد آهي، پر انهيءَ معلومات تي
نظرثاني ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته منهنجي يادگيري
اڄ اها نه رهي آهي. نهايت افسوس اٿم، جو اوهان کي
اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهيان ته
’سنڌ
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
ڪڏهن ۽ ڪنهن ٺاهي هئي، پر اها پڪ اٿم ته اها
منهنجن پيش ور چرچ مشن سوسائٽي وارن ڪارڪنن ٺاهي
هئي، ۽ اها چڱو وقت اڳ ٺاهي وئي هئي. ڇو ته منهنجي
اچڻ وقت هڪ سو ڪتاب چپجي چڪا هئا. هن سوسائٽيءَ جو
مقصد هو سنڌ واسين کي عيسائي عقيدي سان مانوس
ڪرائڻ.
سمجهان ٿو ته سوسائٽيءَ جو رڪارڊ اڃا ڪراچيءَ ۾
رکيل هوندو. بشپ رڊون توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو،
يا بشپ اسپينس جو هن وقت رٽائر ٿي چڪو آهي، هو
اڄڪلهه سنڌ ۾ آهي ۽ منهنجو پٽ اوهان کي ساڻس ملائي
سگهي ٿو.
اوائلي مشينريز مان هڪ سو سال اڳ جرمن ڊاڪٽر ٽرمپ
به هڪ هو، جو سنسڪرت ۽ پرشن جو اسڪالر هو. هن سنڌي
ٻوليءَ جو گرامر مرتب ڪيو هو، جو ديوناگري خط ۾
هو. مون انهيءَ جي هڪ ڪاپي پراڻي
’ڪرسچن
مشنري سوسائٽي‘
جي آفيس ۾ ڏٺي هئي، جو شايد اڃا به ڪراچيءَ ۾ ڪٿي
ملي وڃي. ڊاڪٽر ٽرمپ، پوءِ
’هيڊلبرگ
يونيورسٽي‘
۾ مشرقي ٻولين جو پروفيسر ٿيو هو، مان سمجهان ٿو.
اوائلي مشينريز مان ٻيو، جنهن سنڌي ٻولي ۾ چڱو
خاصو ڪم ڪيو، سو هو
’انگلش
چرچ مشنري سوسائٽي‘
جو پادري شرٽ. ان کان سواءِ ٻئي ٻه هيا: ريڊ مين
برادرس، انهن مان هڪ جون ٻه نياڻيون ڪيترو وقت سنڌ
۾ آيون، ۽ ميرپورخاص
ضلعي ۾ سالن جا سال ڪم ڪيائون. هو گهڻو ڪري اڄڪلهه
ڀارت ۾ هونديون. رتن آباد جو پادري ٽووي، شايد
ڄاڻندو هوندو ته اهي ڪٿي آهن.
انگلستان جي
’زناني
مشنري سوسائٽي‘
جي ڪن ڪارڪنياڻين به سنڌ ۾ ڪم ڪيو هو. جن مان
ڪراچيءَ جي مس برينٽن، ۽ حيدرآباد جون مس پگوٽ ۽
مس وارڊ قابلِ ذڪر آهن. مان غير عيسائي سنڌي
مترجمن کي ايترو ڪونه ٿو سڃاڻان، پر هڪڙو ڄڻو ياد
اٿم، جنهن بائيبل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، اهو
هو آرمينسن ڪرسچن خاندان جو پونئير مرزا قليچ بيگ،
هُو
پاڻ مسلمان هو، ۽ وڏي ادبي لياقت جو صاحب هو.
ڪتابن ڇپرائڻ جو ذمو
’بائيبل
سوسائٽي‘
تي هوندو هو، ۽ نه
’سنڌ
ڪرسچن لٽريچر سوسائٽي‘
کي، ۽ جيڪڏهن اوهان لنڊن جي بائيبل سوسائٽي ڏانهن
لکو ته ٿي سگهي ٿو ته اتان اوهان کي وڌيڪ معلومات
ملي سگهي. جي مترجم مونکي ياد آهن، اهي آهن:
ٽيڪمداس ڀڳتائي ۽ چندوراءِ، جن ٻنهي بائيبل جي
ترجمي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي. پادري ڀڳتاڻيءَ جو
خاندان اڃا ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اتان به اوهان کي
معلومات ملي سگهي ٿي. اهو ۽ چندو راءِ ٻئي ڄڻا
هندو هئا، جنهن کان پوءِ مذهب ڪرسٽ قبول ڪيائون،
پويون منهنجي خيال ۾ عامل خاندان مان هو، ۽ هاڻي
سنگاپور ۾ ٿو رهي. منهنجي خيال ۾ هُو
اوهان کي معلومات ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو. هن جو
پتو آهي: 16، ڊچز اوينيو، سينگاپور 10. هي صاحب
اڄڪلهه گهر کان ٻاهر آهي، سو انڪري توکي ٿوري
انتظار جي زحمت گوارا ڪرڻي پوندي. سي. ڊبليو. هسڪل
ترجمي توڙي تصنيف جي معاملي ۾ هڪ چست ماڻهو هو.
سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪيل ڪيترائي ڪتاب سندس قلمي
ڪاوش جو نتيجو آهن. هي اڄڪلهه 7، آئيزلينڊ ويو
ٽيريس وئڪاني، نيوزلينڊ ۾ رهي ٿو. مان توهان واري
چٺي ڏانهس موڪلي ٿو ڏيان، هن جي يادگيري منهنجي
ياد گيريءَ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳي آهي،
۽ هن سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. هو
مون کان ڏهه سال اڳ سنڌ ۾ آيو هو. هن هڪ سنڌي
گرامر به مرتب ڪيو هو. جيتري قدر سنڌي خط جو واسطو
آهي، ۽ جيترو مون پڙهيو آهي، تنهن مطابق سنڌي
ٻوليءَ جو موجوده عربي خط برٽش آرمي آفيسر جي محنت
جو نتيجو هو، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين خطن-
ديوناگري، گرمکي، ۽
بنيا خط (جنهن ۾ هو پنهنجو حساب ڪتاب رکندا هئا)
کي نئين خط سان مٽائجي. مان، اوهان کي اهو ٻڌائڻ
ضروري ٿو ڄاڻان ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي ٻن خطن ۾
ڪتاب شايع ڪرائندا هئاسين- هڪڙو مسلمانن لاءِ ۽
ٻيو هندن لاءِ.
تنهنجو مخلص
آر. اي. ڪارسن
قلم تازو: مسٽر هسڪل ۽ مان ڪشن سنگ واسواڻيءَ وٽان
سنڌي پڙهي هئي، جنهن جو ڪٽنب عيسائي ٿيو هو، ليڪن
وري هندو ٿيو هو. مان آشبرٽن نيوزلينڊ ۾ 1913 ع ۾
ڄائو هوس، ۽ چرچ مشنري سوسائٽيءَ ۾ 1940 کان 1957
تائين ڪم ڪيو اٿم. (انگريزيءَ ۾)
63
بروڪ
سائيڊ ٽيريس
ڪرائسٽ چرچ، 5 نيوزيلينڊ
15 فيبروري 1977
پيارا دوست در محمد پٺاڻ
اوهان
جي 3 تاريخ واري خط لاءِ مهرباني. توهان جي سوالن
جي موٽ ۾: توهان پڇيو آهي ته مان سنڌي لکي به
سگهان ٿو
يا
نه؟ مان سنڌي ٻولي تڏهن سکي هئي، جڏهن 1940 ع ۾
ڪراچي آيو هوس. لڳاتار 1942 ع تائين مون هڪ ٽيوٽر
رکيو هو، پاڻ ڄاڻو ته (هڪ غير ماڻهو لاءِ) ڪراچيءَ
۾ سنڌي ٻوليءَ
ڳالهائڻ جي ڪيتري ضرورت آهي. مان رڳو بنيادي سنڌي
پڙهي هئي. هتي مون وٽ ڪو سنڌي گرامر ڪونه آهي جو
پنهنجي صورتخطي ڀيٽي ڏسان، سو جيڪڏهن مان سنڌي
لکندس ته اوهان کي ان ۾ صورتخطيءِ جون اوس ئي
غلطيون نظر اينديون- جن کي مهرباني ڪري نظر انداز
ڪجو.
منهنجو تعليمي لياقتون: مان آنرز (لاطيني ۽
يوناني) سان گڏ آرٽس ۾ ماسٽر ڊگري رکان ٿو. اها
ايم. اي نيوزيلينڊ يونيورسٽيءَ مان ڪئي هيم، ۽
ڪاليجي تعليم
’ڪينٽبري
ڪاليج‘
مان ورتي هيم. ان کان سواءِ مون
کي
’اينجليڪن
بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز‘،
نيوزيلينڊ طرفان
’لائيسنشيئٽ
آف ٿيولاجي‘
جو ڊپلوما به مليل آهي. ڇهين تائين ڳوٺ جي اسڪول ۾
پڙهيم، ڪاليجي تعليم هتان
’ڪينٽبري
ڪاليج مان ورتم ۽ ٿيولاجيءَ جي تعليم به هتي
’ڪاليج
هائوس‘
مان حاصل ڪيم. آءُ ڪيترا سال ٻين حيثيتن سان گڏ،
’سنڌ
ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘
جو سيڪريٽري ٿي رهيس.
’چرچ
مشن پريس‘
جي سنڀاليندڙ جي حيثيت ۾، مون سوسائٽي پاران
ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ۽ انهن جي ورهائڻ ۾ مدد
ڪئي.
هن وقت مون کي چڱيءَ طرح ڳالهيون ياد نٿيون پون،
شايد ئي مون ڪو سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيو هجي.
’خدا
جو ڪٽنب‘
ڪتاب مون ئي لکيو هو، جنهن تي نظر ثاني پادري
ڀڳتائي ڪئي هئي.
’چرچ
مشنري سوسائٽي‘
۾ اچڻ کان اڳ مان ٽن سالن تائين
’ائنگليڪن
چرچ‘
۾ پريئيسٽ هوس. مان پنهنجي خاندان جو پهريون واحد
فرد آهيان، جنهن
’چرچ
مشنري سوسائٽي‘
۾ شرڪت ڪئي. آءُ فيبروري 1940 ع ۾ ڪراچي آيو هوس،
۽ ڊسمبر 1957 ع ۾ نيوزيلينڊ واپس وريو هئس.
اوهان ڏانهن پنهنجي فوٽو موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس. مسٽر
هسڪل منهنجي خط پهچ ڏني آهي. صحيح معلومات ڏيڻ
لاءِ هي مناسب ۽ لائق شخص آهي. هن جو پتو آهي:
7-،
آئزلينڊ ويو ٽيريس وئڪانئي، نيوزلينڊ
(مسٽر
ڪارسن جي سنڌي، جا خط جي آخر ۾ ڏنل آهي)
سلامن ۽ دعائن کان پوي (پوءِ) عرض آهي ته مون کي
گهڻو وقط (وقت) ٿي ويو آهي ته آءُ سنڌي نٿو
ڳالهايان. تنهن ڪري گهڻو ڪري وسري ويو آهيان. پر
منهنجو خيال آهي ته انهيءَ کان اوهين سمجهي سگهندا
ته سنڌي ضبان (زبان) مون کي ڪيستاءِ اچي ٿي.
آر. اي. ڪارسن
پرڏيهي عالمن جا خط (31 مارچ 1980ع)
جهمون ڇڳاڻي:
محترم جهمون ڇڳاڻي جي تعليمي لياقت ايم.اي، بي.ايڊ
آهي. خط لکڻ وقت پاڻ ”ريجنل ڪاليج آف ايڊيوڪيشن“
شملا ۾ استاد هو. سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو.
شمله، 24، جنوري 1978 ع
اميد ته آنند ۾ هوندا
برادرم پٺاڻ
صاحب
گذريل ڪافي ڏينهن کان ته ڇا بلڪه مهينن ۽ سالن کان
پيو روز سوچيندو هئس ته توهان کي چٺي لکان. اڄ اهو
موقعو مليو آهي، سو لکڻ ويٺو آهيان.
1976 ع ۾ مائونٽ ابوءَ جي رنگين فضائن ۾ جڏهن سنڌي
ليکڪ سيمينار ٿي رهيو هو ته هڪ دوست توهان جو ذڪر
ڪيو، ته توهان سنڌ جي هندو ڪوين تي ريسرچ ڪري رهيا
آهيو ۽ جيئن ته مان به هڪ جهوني ڪويءَ تي کوجناتمڪ
ڪم ڪري رهيو هوس ته منهنجي به جڳياسا وڌي ته توهان
سان حالي احوالي ٿيان.
هت مون کي هڪ گرنٿ، جنهن جي رچنا شاھ لطيف کان به
اٽڪل 70 سال اڳواٽ ٿيل آهي، جنهن ۾ اٽڪل 18000
چوپايون آهن، جي ڏسڻ جو موقعو
مليو جيڪو گذريل ٽن سئو سالن کان سنڌي ساهتڪار کان
لڪل رهيو.
تعريف جي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪوي پاڻ خود گجراتي
هو ۽ سندس ماتا سنڌياڻي هئي. هيءُ سنت ڪوي سنڌ جي
ٺٽي شهر ۾ به ڪجهه وقت رهيو، پر انهن سنڌي چوپاين
جي رچنا هندستان جي هاڻوڪي مڌيه پرديش پرانت جي
پنا شهر ۾ ڪئي.
هنن چوپاين ۽ سنت ڪويءَ جي باري ۾ مون ڪجهه ليک
’هندواسي‘ ۾ اٽڪل سترهن قسطن ۾ شايع ڪرايا هئا، پر
انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻي اڃا نه سگهيو آهيان، جو
ڪم اڌورو رهجي ويو آهي. توهان جي چٺيءَ اچڻ کان
پوءِ وڌيڪ گهربل ڄاڻ توهان کي موڪلي سگهندس، جئن
سنڌ جي ساهتڪارن کي به توهان هن کوجناتمڪ ڪم جي
ڄاڻ ڏيئي سگهو. سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن
مان شايع ٿيندڙ ساهتڪ رسالن وغيره جي ڄاڻ ۽ هڪ اڌ
موڪلڻ جي عنايت ڪري سگهو ته مهرباني.
هن طرف ساهتڪ کيتر ۾ ڪنهن ڪتاب يا رسالي وغيره جي
ضرورت پوي ته ضرور لکندا. چٺي پيا لکندا ڪجو.
متفرقه خط
ادبي ۽ علمي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جيئن ڪن پرڏيهي
عالمن ۽ اديبن سان خط و ڪتابت ڪيم، تيئن اتان جي
ڪن اڻ ٻڌل دوستن ۽ اهڙن ماڻهن به خط لکيا جن جو
واسطو جيڪڏهن سڌو سنئون علم ادب سان نه هو، پر ان
هوندي به اهي ادبي معلومات حاصل ڪرڻ جو باعث بڻيا.
هن هيٺ انهن جا ڪجهه خط ڏجن ٿا:
ڪبيرنگر
اميد ته بلڪل خوش خورم هوندا.
1976-3-12
پريه دوست
مون کي ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪٺي ڪرڻ جو شوق آهي. پاڪستان
۾ ڪيترائي عمدا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپجندا هوندا ۽ هت
به ڇپجن ٿا. ان ڪري ڪرپا ڪري احوال ڏيندا ته اتي
ڪراچيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتب فروش آهن، انهن جون
ايڊريسون موڪليندا ۽ حيدرآباد يا ٻين شهرن جي ڪتب
فروشن جون به ايڊريسون موڪليندا ته مان انهن سان
لڙھ وچڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندس.
اوهان به مهرباني ڪري ڪن ڪتب فروشن سان ڳالهايو ۽
جيڪڏهن هو تيار ٿين ته مان هتان کين ڪتاب وٺي
موڪليندو رهان ۽ هو اتان ڪتاب وٺي مٽا سٽا ۾
موڪلين، ڇاڪاڻ ته هونءَ ڪتاب نٿا گهرائي سگهن جو
شايد پيسن موڪلڻ جو ڪو ذريعو ڪونه آهي.
ڪن ليکڪن جون به ايڊريسون موڪليو ته وڏي مهرباني ۽
ڪهڙا عمدا ڪتاب اتي ڇپيا آهن، ناول، ڪهاڻيون، ادبي
نتقيد، ادبي تواريخ وغيره تي، اهو به لکندا ته
شڪريه .
جواب جي انتظار ۾
چئن لعل آهوجا
ڊي- 241/1 ڪٻيرنگ پوسٽ سردارنگر،
پرڏيهي عالمن جا خط (21 اپريل 1980ع)
ڌرمواڙي، سنڌو نگر
سدا باغ بهار هجو
29,
مئي 1976 ع
پيارا مسٽر درمحمد پٺاڻ
توهان جو
14، مئي جو ڪارڊ مليو. سائين ڌرمداس صاحب جي
جيوني، سلوڪ ۽ شبد ۽ فوٽو، سائين اٽلرام جو فوٽو ۽
جيوني ۽ سائين پيسورام جي جيوني ۽ سندن ڪوتا جدا
بڪ پوسٽ ڪري موڪلجن ٿا. مهرباني ڪري پهچ ڏيندا.
سنڌ جا ٻيا سنت سائين ٽيئون رام جو وڏو آستان
جلسپور ۽ اسٽيشن روڊ تي امراپور درٻار آهي، ۽ سنت
هرچورام جو آستان
جيون گهوٽ جي درٻار الهاس نگر ۽ ملٽري تلاءُ تي
آهي. روهڙيءَ وارن سنتن سائين پارو شاھ، سائين وسڻ
گهوٽ جي درٻار به 5 نمبر الهاس نگر ۾ آهي.
سائين اچل پرشاد جي درٻار 2 نمبر الهاس نگر ۾ او.
ٽي سيڪشن ۾ آهي. انهن ايڊريسن تان سنتن جا فوٽو،
جيوني ۽ شعر گهرائي وٺو.
پروفيسر رام پنجواڻي، ريڊر بمبئي يونيورسٽيءَ کي
ورهاڱي کان اڳ
جي سنڌ جي سنتن جي ڄاڻ آهي. ان وٽان سڀني سنتن جي
وائي ۽ جيون چرتر ملي سگهندو. ڊاڪٽر روچلداس
روهڙيءَ وارا هاڻي سرير ڇڏي ويا آهن. انهن جي پٽ
هريرام شانتي نگر الهاس نگر نمبر 3 وٽان، جيوني،
شعر ۽ فوٽو ملي سگهندا. حيدرآباد سنڌ واري ساڌو
واسواڻيءَ جن جو فوٽو سندن آستان تي سندن گادي
ويٺل پرنسپال جشن واسواڻي ميران ڪاليج، پوني مان
ملي سگهندو. مهرباني ڪري ڪتابن جي پهچ ڏيندا. اسان
کي خوشي آهي جو توهان سنڌ جي غير مسلم سنتن تي
کوجنا ڪري رهيا آهيو. شل سائين ان ڪم ۾ ڪامياب
ڪري.
ستگرو بابا جو ٻالڪ
جسونت ڪمار:
جسونت ڪمار ڀارت ۾ اکيون کوليون. لڳ ڀڳ ٽيهن سالن
جو ڳڀرو جوان آهي. ننڍيءَ ڄمار ۾ سڌي علم ادب جي
وڏي خدمت ڪئي اٿس. اتان جي ادبي محفلن ۽ جماعتن ۾
ڀرپور حصو وٺندڙ آهي.
کيس ڪماري پوپٽي هيراننداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سان
گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليل آهي. ناٽڪ کيتر ۾ تعريف
جوڳو ڪم ڪيو اٿس. هن وقت بينڪ ۾ ملازم آهي ۽ انهي
بينڪ جي سنڌي ملازمن جي جماعت طرفان 1975 ع کان
وٺي ساليانه ’جيجل‘ نالي مخزن ڪڍندو آهي.
جڏهن مون تحقيقي ميدان ۾ قدم رکندي، ڀارتي عالمن ۽
اديبن کان علمي ۽ ادبي تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ته سڀ کان اول جسونت ڪمار سنڌي سڏ ڏنو. آءُ تحقيقي
ڪم ۾ سندس تعاون کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. باقي
ڪيترائي خط لکيا اٿس جن مان مثال طور ٻه ٽي خط هيٺ
ڏجن ٿا:
خوش هوندا!
بمبئي، 26 آگسٽ 1975 ع
پريه شري در محمد پٺاڻ
توهان جي ’وائي‘ اسان کي هت شري جيوت چاولا معرفت
ملي هئي. هڪڙي آف پرنٽ موڪليان ٿو.
’جيجل-75‘ ۾ توهان کان سواءِ، نسرين، ڀون سنڌي،
شبنم موتي، قمر، نياز، اياز، ارشد، ملڪ نديم،
امداد، تنوير، عثمان ميمڻ، محمد ابراهيم منشي، امر
جليل، نجم عباسي ۽ مشتاق ڀٽي وغيرھ جون رچنائون پڻ
شامل ڪيون اٿائون. انهن مان ڪنهن جون ائڊريسون
موڪلي سگهو ته کين پڻ ’مخزن‘ توڙي آف پرنٽس موڪلڻ
جي ڪوشش ڪبي. بهر حال ’جيجل-75‘ جيئن
۽ جڏهن توهان وٽ پهچي، پڙهي راءِ ضرور لکجو .
“جيجل -75’’ توهان جيترا گهڻا دوست پڙهي، پنهنجي
راءِ کان واقف ڪري سگهن، اوتري گهڻي خوشي ٿيندي .
جواب ، اميد ته پڪ ملندو . سڀني اڻ سڃاتل يارن
لاءِ سلام.
سلام
نيازمند- جسونت
بمبئي ، 10-نومبر 1975 ع
ادا در محمد پٺاڻ
توهان جو قرب نامون اڳئين هفتي ئي ملي ويو هئم. ان
وچ ۾ ڪن ڊرامن سان مصروف هئڻ سبب، جواب بروقت ڏيئي
ڪونه سگهيس، ان لاءِ معافي طلبگار آهيان .
اتان جي يارن جون ايڊريسون جيتريون موڪلي سگهو ،
موڪليندا رهندا . شڪرانا مڙينئي لاءِ اڳواٽ ئي مڃي
ٿو ڇڏيانوَ . توهان جي تحقيق جي باري ۾ پڙهي نهايت
خوشي ٿي . ان ڏس ۾ مان جيڪا مدد توهان جي ڪري
سگهيس، ڪندس . توهان جي خط جي، توهان جي تحقيق سان
وابسته سٽن جون ڪاپيون ڪڍي ، مان مختلف اخبارن
ڏانهن موڪلي رهيو آهيان . جيئن ئي شايع ٿيون ،
ڪٽنگس توهان ڏي ڏياري موڪليندس. هت هند ۾ ڪجهه
ڪتاب اهڙا نڪتل آهن ، جي توهان لاءِ ڪمائتا ثابت
ٿي سگهن ٿا ۽ مان ڪوشش وٺي هفتي ٻن ۾ ڪجهه ڪتاب
روانا به ڪري ڏيندو سانوَ .رهيو سوال منهنجي ياد
گيريءَ ۽ ذاتي معلومات جو، سو اول ته منهنجي ڪل
عمر آهي 25 ورهيه ، پيدائش هندستان جي آهيان، ان
ڪري مان شخصي سطح تي ته توهان جي ڪم شايد نه به
اچي سگهان . ها ، هتان جي بزرگن اديبن کان جيڪي
ڪجهه حاصل ڪري سگهيس، اوس موڪلي ڏيندس . توهان جا
’هائيڪا‘ هتان جي دوستن کي ڪافي پسند آيا آهن.
پنهنجو تازو شعر، جڏهن به خط پٽ لکو ته موڪليندا
رهجو. هتان جي دوستن: شري ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوبند
مالهي، موتي پرڪاش، وشنو ڀاٽيا ، ۽ پوپٽي
هيراننداڻيءَ کي توهان جو خط پڙهايو اٿم. هنن
توهان جي لاءِ سلام چيا آهن .
اتان جي مڙينئي دوستن کي سلام . جواب ڏيندا ضرور ،
باقي نياز .
جسونت ڪمار
پرڏيهي عالمن جا خط (24 ڊسمبر 1979ع)
ڊسمبر 1975ع
پيارا ڀاءُ دعا سلام
جسونت ڪمار معرفت پتو پيو ته اوهين مادر زبان جي
خدمت ڪندڙن بابت ڪجهه احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين
شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
پتو: 41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي- 25
ڪيرت ٻاٻاڻي-
جنم نوابشاهه ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم
بهرو وٺندڙ- سوڀي گيانچنداڻيءَ جو شيش ۽ دوست-
ترقي پسند ليکڪ- هن وقت’ آل انڊيا سنڌي ٻولي
ساهيته سڀا‘ جو پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل
آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ
چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا
رهندا آهن. ’سنڌو ڌارا‘ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي.
سندس ڪتاب ڇپيل-:
(1) ’هوءَ‘ (آکاڻيون) (2) ’درد جو دل ۾ سمائجي نه
سگهيو‘ (آکاڻيون) (3) ’سوريءَ سڏ ڪيو‘ (ناٽڪ) (4)
’ساهت ۾ قدرن جو سوال‘ (تنقيدي مضمون) هتي سنڌي
ٻوليءَ کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
پوپٽي رامچند هيراننداڻي:-
جنم حيدرآباد سنڌ ۾- هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي
ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- ’آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت
سڀا‘، جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ ’سنڌي ساهت
منڊل‘ بمبئي- ساهت اڪاڊمي دهلي جي ’ائڊوائيزري
بورڊ‘ جي ميمبر.
سندس ڇپيل ڪتاب:-
آکاڻين جا مجموعا (1) ’رنگين زماني جون غمگين
ڪهاڻيون‘ (2) ’پڪار‘ (3) ’ڪلي گلاب جي، ساغر شراب
جو‘ (4) ’مون توکي پيار ڪيو‘ (5) ’خزان جو دور
پورو ٿيو‘- (هيل تائين ستر کن ڪهاڻيون ڇپيل)
ناول (1) ’منجو‘ (2) ’حسرتن جي تربت‘ (3) ’جيءَ ۾
جهوري تن ۾ تات‘
مضمونن جا ڳٽڪا: (1) ’هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون‘
(سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل(
(2) ’چرن چڻڪن چت ۾‘ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان
بي.اي آنرس لاءِ رکيل) (3) ’ڀارت جي استري‘ (پوني
يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) ’ڀاشا
شاستر‘
(Philology) ايم.اي
لاءِ، بمبئي ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل) (5)
’زنده سا قوم رهندي‘ (سياست تي) (6) ’سنڌي ساهت جي
جهلڪ‘ (7) ’روح سنڌي رڃ‘ (ادب لطيف) (8) ’وويڪانند
جي جيوني‘ (سوانح) (9) ’شريمد ڀاڳوت‘ (مذهبي) (10)
’ڪير‘ (سوانح) (11) ’مان ڇا آهيان‘ (ويدانت)
ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 8،
9، 10 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي
ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت
سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت
پيا پئدا ڪن، خير کپيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو
ٺيڪ طرح ٻڌائي نه سگهندو، ائين ته مٿاڇري تي ڪئين
ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾
سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي.
ساڻيهه جي ساٿين لاءِ سلام!
پوپٽي هيراننداڻي
ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5.
ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
پيارا ڀاءُ در محمد پٺاڻ
اميد ته ٺيڪ هوندا .
اوهان جو خط پهتو، مهرباني. شامل فارم ڀري ٿي
موڪليان .
انهيءَ مان ڄاڻندا ته اسان ڪهڙي نموني فارم سائڪلو
اسٽائيل ڪرايا آهن. ڪي اديب آهن، جن جو احوال
اوهان کي اتي ملي ويو هوندو . جهڙوڪ: پرمانند
ميوارام، ڏيارام گدومل، لعلچند امر ڏنومل، ڄيٺمل
پرسرام، هوتچند گربخشاڻي، ڪوڙو مل چندنمل، نانڪ
رام ڌرمداس، ليلارام ڦيروڻي، ساڌو هيرانند ۽ ساڌو
نولراءِ، ٻين جنکي اسان فارم موڪليا آهن، سي آهن :
1-
- اجواڻي
لعلسنگهه (هنجو مرتيو 20، اپريل 1976 ع تي ٿي ويو
! )
2-پروفيسر
ڪلياڻ آڏواڻي- بمبئي 3- پروفيسر رام پنجواڻي – بمبئي
4- پروفيسر چتن ماڙيوالا- بمبئي 5- پروفيسر ڊي .ڪي
منشا راماڻي- بمبئي 6- ڊاڪٽر هرومل سدا
رنگاڻي – دهلي 7-
تيرٿ وسنت – دهلي
8- نارائڻ شيام- دهلي 9- آسانند ماستورا- بمبئي
10- خانچند ورياڻي (سرڳواسي)- بمبئي -11
گوبند مالهي- بمبئي 12- آنند گولاڻي- بمبئي 13-
ايم .آر مائيداساڻي- ڀوپال 14- تيرٿ وسنت- بمبئي
15- ديو سڀاڻي بمبئي -16 جڳت آڏواڻي-بمبئي -17
گوبند پنجابي- بمبئي 18- ڄيٺانند لعلواڻي 19-
ڄيٺانند راشٽر وادي- حيدرآباد دکن 20 - کيئلداس
فاني ڀوپال 21- پرڀداس برهمچاري- اجمير 22-
دييچندر تلو ڪچند- اجمير 23- فتح چند واسواڻي
(سرڳواسي) – اجمير
24- سڳن آهوجا (سرڳواسي) بمبئي 25- پرسرام ضيا (سر
ڳواسي) – بمبئي 26-
پروفيسر بي.ايڇ ناگراڻي – بمبئي
27- پروفيسر نارائڻ ڀمڀاڻي – اجمير 28-
هري سندر روپ چند (سر ڳواسي) – اجمير 29-
گنگارام سمراٽ – احمد
آباد 30- بولچند راجپال (سر ڳواسي) – احمد
آباد 31- دوارڪا
پرساد شرما (سر ڳواسي) – احمد
آباد 32- ميلا
رام منگترام (سر ڳواسي) – اجمير
33- گلي سدا رنگائي – بمبئي
34- ساڌو واسواڻي (سر ڳواسي) – پونو
35- ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي (سر
ڳواسي)- 36 – منوهر
داس ڪوڙ مل 37- سوامي ٻوڌراج (سر ڳواسي) – پونو
38- بهاري ڇاٻڙا 39- چيتن ديو ورما 40- چوهڙمل
هندوجا 41- گوبند منسکاڻي 42- هوند راج ’دکايل‘-
گانڌيرام 43- هري دلگير – گانڌيرام
44- ليکو تلسياڻي .
ڏسو، انهن مان ڪهڙا ڪهڙا ٿا اوهان کي جواب ڏين.
مان هن سان گڏ، عزيز، ڪيرٿ ۽ پنهنجي باري ۾ فارم
ڀري ٿي موڪليان .
پوپٽي هيراننداڻي
51-
، سنگيتا، بمبئي
79
-12-24
مهربان ڀاءُ
اسلام عليڪم: اوهان جو خط مليو،
مهرباني. اڄڪلهه هتي نئين ڪوتا جو زور آهي. هرومل
سدا رنگاڻيءَ ٻه مجموعا: ’پرھ جي باک‘ ۽
..............ڇپيا آهن. رجن شاد: ’تپسيا جون
روشنيون‘ نالي هڪ مجموعو، ۽ لڇمڻ ڀاٽيا: ’ڪومل
جيءَ جهروڪو‘ نالي مجموعو ڇپايو آهي، جنهن تي کيس
’ساهت اڪاڊمي‘ پاران 1976ع جو انعام مليو آهي. ان
کان پوءِ پروفيسر هريش واسواڻي ’1-2-3‘ نالي
مجموعو ۽ واسديو موهيءَ: ’تضاد‘ نالي مجموعو ڇپايو
آهي .
نئين ڪوِتا ڇا آهي؟ ان جي معلومات نه رکندي به ڪي
رچندا رهن ٿا، خود شاعر به هاڻ ان تي ئي قلم
آزمائي ڪن ٿا. مون به ويجهڙائي ۾ هڪ مجموعو: ’روح
سندي رڃ‘ ڇپايو آهي، ۽ ان کان سواءِ ڪي ڪوتائون:
’دي ادر وومن‘ (The
other woman)،
’بائگمسٽ‘ (Bigomist)،
’دن هيٺان دٻلي‘، ’عورت جي ٻولي‘، ’پتي‘، ’آڀاس‘
وغيرھ ڇپايو آهن، جن مان ’پتي‘ ڪوتا انگريزيءَ ۾
ترجمو ٿي هڪ انتخاب – جنهن
۾ سنڌي ڪوتائون ترجمو ٿيل آهن، ’Anthology
of Modern
Poetry‘
نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي، ’The
husband‘
سري سان .
’ساهت اڪاڊميءَ‘
پاران ورهاڱي کان
’سنڌي شعر جو انتخاب‘ نالي ڪتاب ڇپيو آهي، جو
پروفيسر رام پنجواڻي ايڊٽ (Edit)
ڪيو آهي. هن جو حساب پنهنجو آهي. جنهنڪري ڪي ڪي
نالا جي کڻڻ کپن سي کنيا نه ويا آهن.
عزيز کان پوءِ سٺا سڳن آهوجا رچندو هو. ان بعد
ارجن ’حاسد‘ جو احمد آباد ۾ رهي ٿو ، تنهن رچيا
آهن. سندس مجموعا: ’ساسن جي سرهاڻ‘ ۽ ’پٿر پٿر
ڪنڊا ڪنڊا‘ ڇپيل آهن . جنهن ۾ پوئين ۾ تمام غزل
آهن. عزيز جو شاگرد ايم.ڪمل آهي، پر غزل جي فارم (Form)
جي ڄاڻ رکڻ بعد به مٿين ٻن شاعرن سان غزل رچڻ ۾
نٿو پڄي سگهي. وڌيڪ سک
اوهان جي ڀيڻ
پوپٽي هيراننداڻي
بمبئي 4- ڊسمبر 1975 ع
سڄڻ در محمد صاحب
توهان جو 18
نومبر وارو خط پهتل آهي ، سمجهان ٿو منهنجو لکيل
خط پڻ هن وقت تائين توهان وٽ پهچي چڪو هوندو .
توهان کي گهربل مواد ڪٺو ڪرڻ لاءِ مان شخصي سطح تي
ڪوشش پيو ڪريان . هفتي ٻن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور
روانو ڪندس. ها، تنهنجي کوجنا بنسبت هڪ پڌرائي هتي
ڪن اخبارن ۾ شايع ڪرائي سگهيو آهيان. اهڙي هڪ ڪٽنگ
هن سان گڏ موڪليان ٿو .
توهان جي ’ڪافي‘ وڻي، هت شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
پنهنجو رسالو (جيجل) مان توهان کي موڪليان ته سهي،
ليڪن سمجهان ٿو، هند ۽ پاڪ جي وچ ۾ اخبارن جي ڏي
وٺ غير سرڪاري سطح تي بند آهي ، ۽ ’جيجل‘ اتي
پهچندي ؟ ان ۾ ٻٽو شڪ اٿم تڏهن به ڪوشش ڪري ٻئي
مواد سان گڏ هڪ ڪاپي ’جيجل-75‘ ۽ هڪ ’جيجل-74‘ جي
موڪلي ڏيندس. توهين ڪوشش ڪجو جيئن اتي گهڻي ۾ گهڻا
دوست منهنجو رسالو نظر مان ڪڍن ۽ پڻ پنهنجي راءِ
کان واقف ڪن. ’جيجل- 76‘ مارچ جي مهيني ۾ پريس ۾
ويندو . اسين اتان جي ليکڪن کي ان لاءِ لکڻ لاءِ
نينڍ ڏيڻ چاهينداسين . بيحد شڪر گذار رهندس جي
توهين اهڙي پڌرائي اتان جي اخبارن ۾ ڇپائيندا. ان
کان سواءِ ’جيجل-76‘ لاءِ اتان جي ليکڪن جو ڪجهه
تازو مواد پڻ موڪلي سگهو ته بهتر . توهان جي لکڻ
موجب ائڊريسون موڪليان ٿو :
1-پروفيسر
رام پنجواڻي : قريشي محل ، ريلوي اسٽيشن جي ٻئي
طرف ، ماهم ، بمبئي 400016 (2) مسٽر
ڪيرت ٻاٻاڻي : 41/3
آدرش نگر ، وورلي ، بمبئي 400025 (3)
منگهارام ملڪاڻي : 1/5A
ٻلويدر ،
علي پور ، ڪلڪتو – 700027 (4) پرڀو
’وفا‘ مڌوباني:
سينٽ انڊريوز روڊ ، باندار ، بمبئي 400050 (5)
مسٽر گوبند مالهي :
6
-B ،
راکي بلڊنگ ايم – جي
روڊ ، ڪانڊولي بمبئي . ادا ، ٻين کي ته ڇڏيو، ليڪن
خود مان پنهنجو پاڻ کي اڃا تائين ’ليکڪ‘ طور تسليم
ڪري ڪونه سگهيو آهيان، ته به وقت اچڻ تي ڪجهه ضرور
موڪلي ڏيندس . جواب جلد ايندو .اهڙي اميد اٿم.
باقي نياز
جسونت ڪمار
ق- ت : اتان جي ساهتڪ سرگرمين جي باري ۾ واقف ڪندا
رهجو .
بمبئي 7 جنوري 1976 ع
پيارا در محمد
هڪ ٻئي پٺيان تنهنجا ٽي خط اچي چڪا آهن. ڊپ اٿم،
جي اڄ ٻه توکي جواب نه ڏنم ته ميار نه ٿي وڃي. ان
ڪري هن ڪمهلي وقت (رات جو هڪ لڳي چڪو آهي) لکڻ
ويٺو آهيان. تنهنجي سوالنامي جي باري ۾ اسان ائين
رٿيو آهي ته سوالنامن جون ڪاپيون ڪڍائي ڀارت ڀر جي
سنڌي ليکڪن، ساهت پريمن، اخبارن، سمپادڪن، پبلشرن
آلوچڪن وغيره کي موڪلي ڏيون ۽ کين اهي سوالناما
ڀري جلد از جلد اسان کي موڪلي ڏيڻ جو عرض پڻ ڪيون.
ان کان پوءِ وري اها معلومات تو تائين پهچائجي.
ڪوشش ۾ آهيون جيئن مڪاني اخبارن ۾ به اها ڳالهه
واضع ڪرائي سگهون.
چيتن ماڙيوالا صاحب سان مان پنهنجي ليکي به لاڳاپي
۾ آهيان. فادر ڪوٽواڻيءَ جو ذڪر چورڻ جو جيتوڻيڪ
موقعو ڪونه مليو اٿم، هينئر وري جڏهن گڏباسون ته
ڳالهه ڪڍندومانس ، جي فادر ڪوٽواڻيءَ قبوليو ته
ڪجهه مصالحو سندس معرفت ضرور موڪلي ڏبو. تنهنجا
شعر دوستن کي ڪافي پسند پيا آهن . ڪوشش ڪندس جيئن
هتان جي رسالن ۾ ڇپجي سگهجن. مون گذريل خطن ۾ ’جيجل‘
جو ذڪر
ڪيو هو، جي ٿي سگهيئي ته ڪجهه نئون ۽ اڻ ڇپيل
مواد، پنهنجو توڙي ٻين ليکڪن ۽ شاعرن کان
موڪلارائجانءِ، جيئن ’جيجل‘ ۾ شايع ڪري سگهان. مون
پاران سنڌ جي مڙينئي اديب دوستن کي نينڍ آهي .
احوال ڏيندو رهج .
جسونت ڪمار
بمبئي _ 12 _ مارچ 1976 ع
ادا در محمد خوش هوندين
توهان جو 12 فيبروري وارو خط هفتو کن ٿيو ، مليو
اٿم . پڙهي خوشي ٿي ته ’جيجل‘ توهان تائين پهچي
ويئي آهي. پڙهي راءِ ضرور لکجو. ڪوشش ڪجو، اتي
گهڻي ۾ گهڻا دوست مخزن پڙهن، خاص ڪري آهي، جن جون
رچنائون ان ۾ ڇپيون اٿائون. ڪتاب جيئن توهان لکيو
آهي موڪلي ڏيندس؛ دلجاءِ ڪندا . اتي سنڌ ۾ جيڪي
تازيون اخبارون نڪتيون هجن- خاص
ڪري ڌرتيءَ جا تازا ۽ پراڻا پرچا، جي موڪلي سگهو
ته مهرباني. توهان جو شعر پڙهي خوشي ٿيندي اٿم، ڪي
ته هت شايع پڻ ڪرايا اٿم. توهين موڪليندا رهو، جن
اخبارن ۾ ڇپجندا، اهي توهان کي موڪليندو رهندس.
اتان جي ٻين دوستن کان پڻ ڪجهه نه ڪجهه مئٽر مون
ڏانهن موڪلارائيندا رهندا ته جيئن هت شايع ڪرائي
سگهجي.
تازو هتي ’سنڌو ڌارا‘ جي نئين سر شروعات ڪرائي
اٿائون، ڪجهه پرچا هن خط پٺيان روانا ڪري رهيو
آهيان، دوستن تائين پهچائڻ جي ڪوشش وٺندا. دوست
تاج بلوچ لاءِ وشنو ڀارتيءَ سلام ڏنا آهن، کيس
منهنجي پاران پڻ سلام ڏيندا. هن سان گڏ ڪجهه مئٽر
موڪلي رهيو آهيان، شايد توهان کي ڪم اچي
سگهي. احوال ڏيندا رهندا.
جسونت ڪمار
قلم تازو: هڪ چٺي منير احمد جي پهتل آهي، ليڪن
سرنامو ڪونه لکيو اٿائين، ان ڪري کيس سڌي چٺي ڪونه
لکي سگهيو آهيان، تڪليف وٺي کيس منهنجي هڪ چٺي (جا
هن سان گڏ موڪليان ٿو) پهچائي ڇڏيندا.
بئنڪ آف انڊيا ، سنڌي سوشل سرڪل
بمبئي 18 ، جولاءِ 1976 ع
خوش هجين شال
پرڏيهي عالمن جا خط (19 مئي 1980ع)
ادا در محمد
’ جيجل‘ اتي پهچي ويئي توهان تائين، ڄاڻي خوشي ٿي.
اتان جي دوستن جي بيباڪ راين جو انتظار رهندم.
منير جا موڪليل “سهڻي‘، ’سوجهرو‘، ’ڌرتي‘ ۽
’ديون‘ وغيره سو مليم، سندس لک شڪرانا. ڏھ پنڌرهن
ڏينهن اڳ هڪ خط توڏانهن مڪيو هئم، ڪراچيءَ واري
پتي تي جڏهن واپس ويندين، تڏهن وڃي پڙهندين، خير.
’سنڌو ڌارا‘ جي اشاعت ۾ ڪجهه تڪنيڪي دقتون در پيش
پيئون اچن . ان ڪري شايد في الحال اخبار جي اشاعت
مهمل ڪرڻي پوي. اهو خال ڀرڻ لاءِ ’روح رهاڻ‘ نالي
وارو نئون رسالو، هت به ڪڍڻ شروع ڪيو اٿائون.
پهريون پرچو هن هفتي جي آخر ۾ تيار ٿيندو، موڪلي
ڏيندو سانءِ. ’سنڌو ڌارا‘ لاءِ نه سهي، ’روح رهاڻ‘
لاءِ سنڌ جي ادبي سرگرمين جو حال احوال، تازيون
رچنائون (پنهنجون توڙي ٻين جون) موڪلڻ لاءِ مون
پاران توکي نينڍ آهي . ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو رهج
.
دادي پوپٽيءَ جو ڀاءُ تازو پرلوڪ پڌاريو . ڪجهه
مهينا اڳ ٻيو ڀاءُ
به گذريو هئس، ان صدمي کيس ڪجهه دير لاءِ خود اسان
کان به ڪٽي ڇڏيو هو. هينئر ڪجهه ساھ کنيو اٿائين،
چيائين، توکي لکندي. جبلپور جي هڪ دوست قيمت - ۾-
سنگهاڻيءَ هڪ ڪتاب چپايو آهي، جنهن ۾ ڪافي سنڌي
اديبن جي باري ۾ معلومات ڏنل آهي. اسان کيس لکيو
ته هو، خبر ناهي توکي موڪليائين يا نه؟ خط جو جواب
۽ احوال ڏج . سڀني يارن کي قربن منجهان سلام .
جسونت ڪمار
بمبئي 26 جنوري 1977 ع
پريه در محمد
تنهنجو 8 جنوري وارو خط مليو اٿم . سنڌ ۾ ناٽڪن جي
هلچل بلڪل ئي ڪانهي . ائين آهي ڇا؟ ڪجهه ته ذخيرو
موجود هوندو؟ ٻيو نه ته ڪجهه ڪٽنگس ته موڪلي
سگهندين؟ لکج. دوست منير ڪجهه ٽي.وي اسڪرپٽس جو
ذڪر ڪيو هو. کيس چئي اهي موڪلائي سگهندين؟
تنهنجي خط جي ڪاپي ڪڍي ’سنڌو سنسار‘ کي موڪلي ٿو
ڏيان . اڄڪلهه هڪ نئون ڪم هٿ ۾ کنيو اٿم . اتان جي
اديبن جون رچنائون (ڇپيل/ اڻ ڇپيل ) هت ڇپائڻ جو .
ٻه ڪتاب پڌرا ڪري چڪو آهيان ، وڌيڪ پريس ۾ آهن .
ڪن پاٺڪن گهر ڪئي آهي ته ليکڪن (سنڌ جي ) جا فوٽا
پڻ ڇپيان . جي ڪن اديب دوستن جا ڦوٽا موڪلائي
سگهين ته مدد ٿي پوندي . سلام – قرب
جسونت ڪمار
سنڌو آرٽ ٿئيٽر 8/3/A ڪرپانگر
بمبئي -56
پيارا در محمد
تنهنجو 5 جنوريءَ وارو خط پهتل آهي . ان سان گڏ
ڪجهه شعر پڻ پهتا، جي شاعرن جا سرناما موڪلي سگهين
ته بهتر ، جو ’جيجل‘ ۾ رچناڪارن جا سرناما پڻ ڏيڻ
جي روايت آهي، سيگهه ڪج .
پروفيسر چيتن ماڙيوالا وٽ مان ويو هئس ، هڪ ٻئي ڪم
سان.
ليڪن
گهر ۾ ڪونه هو (اڪثر ڪونه هوندو آهي) وري ڇنڇر
ڏينهن ويندو مانس فادر ڪوٽواڻيءَ جي ڳالهه پڻ
ڪڍندوسانس، ڏسجي. ڪن اديب دوستن جون ايڊريسون هت
لکان ٿو:
(1) وشنو ڀاٽيا : 120/114 مولخد ڪالوني، بمبئي
400082
(2) اي.جي.اتم: هيرآباد مشن ، ٽيمبل روڊ، ماهم - بمبئي
400056
(3) موتي پرڪاش: B – 33،
انارام سوسائٽي، وڪولا، بمبئي 400056
(4) لڇمڻ ڀمڀاڻي: 182- سنڌي ڪالوني، باري پارڪ،
جئپور 6
(5) واسديو سنڌو ڀارتي: 1643- نميرا هائوس، جئپور
302001
(6) شري هري همٿاڻي: 14 – تلڪ
نگر، اجمير (راج) 305001
(7) ايم. ڪمل:
540/C الهاس
نگر، 421004 ضلعو ٿانه
(8) نامديو: 141- سنڌو نگر ڀونگر -2 ، (گجرات)
364002
(9) ڪرشن راهي: 4/N بئرڪ
ڪوارٽرس، بمبئي - 0400088
تو ڪتابن جي اتي پهچ جي باري ۾ ڪجهه لکيو ڪونهي.
ته به ’جيجل-75‘ جون ڪجهه ڪاپيون پوسٽ پارسل رستي
موڪلي ٿو ڏيانءَ. پهچ ڏج ۽ اهي ڪاپيون (يا انهن
مان ڪجهه ) جي سنڌ ۾ پهچائي سگهين ته بهتر. خاص
ڪري اهي ليکڪ ، جن جون رچنائون ’جيجل -75‘ ۾ ڇپيل
آهن. جهڙوڪ: نسرين جوڻيجو، ڀون سنڌي، عبدالحڪيم
ارشد، امداد حسيني، تنوير عباسي، شبنم موتي، قمر
شهباز، شيخ اياز، نياز، عثمان ميمڻ، منشي ابراهيم،
امر جليل ، نجم عباسي، رشيد ڀٽي وغيرھ
.
ڪوشش ڪج ۽ کين چئج ته مون کي ’جيجل -75‘ جي باري ۾ لکن
۽ صلاحون موڪلين. هتان بمبئي مان پوپٽي
هيراننداڻيءَ توڏي خط ليکو آهي، پهتو هوندءِ؛
احوال ڏيندو رهج.
نياز جسونت
ڪمار
ماءِ ڊيئر در محمد
تنهنجو هڪ خط چانڊئي (منير احمد) معرفت پهتو .
جواب ڏيڻ ۾ دير ڪيم ، جو ڪم ۾ ضرورت کان زيادھ
مصروف هئس . هن گڏ ٻه ڪٽنگ اٿئي ، تنهنجي ڪم جون .
تنهنجي ڪم پٺيان لڳ پيو آهيان ، ليڪن ڪيترن دوستن
وٽان جوڳو (Response)
ملڻ ۾ دقت ٿي رهي آهي . ڪجهه ڪتاب هن هفتي ملڻا
آهن ، جي موڪليندوسانءِ . قرب
جسونت ڪمار
قلم تازو : اتي جي ناٽڪن (سنڌي) جي باري ۾ ڪو
سماچار موڪلي سگهندين؟ جي ٿي سگهي ته ڪي فوٽا ۽
اسڪپرٽس به موڪلج.
جسونت
(هلندڙ )
30-
جون 1980 ع
آخري قسط
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڄيٺانند ناگراڻي
ڄيٺانند نارائڻداس ناگراڻي، 1- جون 1903 ع تي
شڪارپور ۾ ڄائو. پي.اي، ايل.ايل.بي جون ڊگريون
ورتائين. سندس والد ڊپٽي ڪليڪٽر هو. هي صاحب 1947ع
کان پوءِ ڀارت لڏي ويو. ڄيٺانند ناگراڻيءَ کي
جيڪڏهن ’سنڌ جو چارلي‘ سڏجي ته ڪوبه وڌاءُ نه
ٿيندو. سنڌي ڊرامي جي ترقيءَ ۽ اوسر لاءِ سندس
ڪوششون هميشھ عزت جي نگاھ سان ڏٺيون وينديون. کيس
شعر و شاعريءَ سان به شغت آهي. شاعريءَ ۾ ’مولائي‘
تخلص اختيار ڪيل اٿس. پاڻ ’سنڌي سڌار سوسائٽي‘ جي
باني ميمبرن مان هڪ هو. انهيءَ نسبت سان حڪيم فتح
محمد سيوهاڻيءَ جو به ساٿي ٿي رهيو . ڀارت ۾ سنڌي
ٻوليءَ کي ’قومي ٻولي‘ جي حيثيت سان مڃرائڻ واري
تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سندس لکيل ڊرامن ۾
’افسانه الور‘ (1926ع)، ’آزاد ڀارت‘ (1920ع)، ۽
1930ع کان 1947ع تائين ’سنسار سماچار‘، ’هند
واسي‘، ’هندو
سنسار‘ ۾ ڇپيل ’گامٽو بئرسٽر‘، ’گامٽو ايڊيٽر‘،
’گامٽو ٻانڀڻ‘، ’گامٽو فلم ڪمپني‘ ۽ ’گامٽو ڊاڪٽر‘
قابل ذڪر آهن. سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو:
دهلي، 20 جولاءِ 1967 ع
جناب در محمد صاحب
اوهان جو نوازش نامو (ادي پوپٽي هيراننداڻيءَ جي
سائيڪلو اسٽائيلڊ خط) 19 اپريل 1967ع تي پهتو.
پڙهي گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ کي الوداع ڪيل اديبن کي
ياد ڪيو اٿو. تمام گهڻين مشغولين ۽ ڪي قدر طبيعت
عليل هئڻ سبب جواب ۾ دير ٿي ويئي، جنهن لاءِ معافي
طلب آهيان. گهربل معلومات هن گڏ موڪليان ٿو.
ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جو فوٽو لڌو ته موڪليندس .
ڀانيان ٿو ته ’مهراڻ‘ پاڪستان جي سٺي ۾ سٺي مخزن
آهي. ڪهاڻين ۽ شعرن پڙهڻ جو شوق اٿم . ڀلائي ڪري
’مهراڻ‘ يا ٻي ڪا مخزن موڪليندا . موٽ ۾ بمبئي مان
نڪرندڙ ’راج فلمستان‘ موڪليندس، جنهن ۾ بعضي بعضي
منهنجا ناٽڪ ۽ ڪهاڻيون ڇپيون آهن . نيازمند
جي- اين- ناگراڻي
ڄيٺانند لعلواڻي
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي، 25 مارچ 1916 ع تي
حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. انٽر آرٽس تائين تعليم
ورتائين. پاڻ
ورهاڱي کان اڳ جي ناميارن پبلشرن مان هڪ آهي.
حيدرآباد جو احوال ڏيندي هن صاحب جي ’ڀارت جيون
ساهتيه منڊل‘ جو هر حالت ۾ ذڪر ڪيو ويندو. پاڻ رڳو
پبلشر جي حيثيت نٿو رکي، ليڪن ايڊيٽرن ۽ اديبن ۾
به جوڳي جاءِ والاري ٿو . ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد
مان ’ڀارت جيون‘ نالي رسالو ڪڍندو هو . سنڌ ۾ ٻه
سئو کن ڪتاب شايع ڪرايائين . ڀارت ۾ به ساڳي تند
تنواري رهيو آهي . هن وقت تائين هزار کان مٿي ڪتاب
ڇپرائي چڪو آهي . سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور
هيٺ ڏجي ٿو.
’سندر ڪهاڻيون‘ (1938ع)، ’ميونسپل ڪائونسلر‘
(1941ع)، ’جئه هند‘ (1945ع)، ’سباش چندر ڪيئن ڀڳو‘
(1945ع)، ’نتاجي‘ (1945ع) ۽ ’دکي وڌو‘ (1944ع)
وغيرھ . سندس ڪتابن جو ذڪر ڪاڪي منگهارام ملڪاڻيءَ
پنهنجي ڪتاب ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ به ڪيو آهي. ان
کان سواءِ مون به سندس تفصيلي احوال ٻن زير ترتيب
ڪتابن ۾ ڏنو
آهي . هن صاحب جو لکيل خط هيٺ ڏجي ٿو:
نئون جيون ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي
بمبئي، 20 جولاءِ 1967 ع
توهان اميد ته خدا جي رحم سان خوش هوندا.
پريه پٺاڻ
ڪماري پوپٽيءَ جو سرڪيولر پهتو . هن سان گڏ فارم
موڪليان ٿو ، فوٽو به موڪليان ٿو . فوٽو پاڪستان
جو ڪونهي ، جو سنڌ ۾ رهجي ويو آهي، ان ڪري هندستان
۾ تازو نڪتل موڪليان
ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته توهان سنڌي ساهتيه جي
جوت جلائيندا ٿا رهو . ٻنهي هنڌ سنڌي ٻولي ۽
ساهتيه جي حالت ڏکي آهي. هتي به اسان جيئن آيا
آهيون، تيئن مون 1948ع کان ’ڀارت جيون‘ چالو ڪئي
آهي. ’راجعلمستان‘ 1949ع کان هلي رهي آهي. ’گل ڦل‘
ٽي سال ڪڍيم، نقصان ڪري بند ڪرڻي پيئي. نئون
جنريشن هتي سنڌي ٻولي نٿو پڙهي. هزار کان مٿي
ترجما ۽ اصلي ناول، گرنت ۽ ٻيا ڪتاب ڪڍيا اٿم .
مهرباني ڪري سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۽ پبلشرن جا نالا
موڪلي سگهو ته سٺو، جيئن انهن سان لکپڙھ چالو ڪجي
. ڪم ڪار هجي ته بلاشڪ لکندا . خدا جي چاهيو ته
روبرو به توهان جو ديدار ڪبو .
شيوا ۾
ڄيٺانند لعلواڻي
موتي پرڪاش:
موتي پرڪاش 15، مئي 1931 تي دڙو، ضلع ٺٽي ۾ ڄائو.
بي. اي (آنرس) ڪيل اٿس. 1947 ع کان پوءِ سنڌ ڇڏي
وڃي بمبئي ۾ آباد ٿيو ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت
ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾’انڌيرو اجالا‘ (ناول
1954 ع)، ’ادبي گل‘ (مضمون 1957 ع)، ’ادينه‘
(انگريزي مان ترجمو ڪيل ناول 1952ع) ۽ ’ڪلندي‘
(ترجمو ڪيل ناول 1953ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. سندس
لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو:
دبئي 10- اپريل 1977 ع
هي خط ملندءِ ته عجب ضرور لڳندءِ. سال کن اڳ يا
شايد ان کان به گهڻو عرصو اڳ تنهنجو هڪ خط بمبئي ۾
مون کي پهتو هو. مون به مختصر ۾ توکي پهچ ڏني هئي.
خبر ناهي ته اهو خط توکي پهتو ڪين نه. ان بعد خط و
ڪتابت بند ٿي ويئي.....۽ ٻئي چپ ٿي وياسين.
16 فيبروريءَ کان مان هتي دبئي ۾ آهيان، نوڪري جي
بهاني آيو آهيان. اڃا اڪيلو آهيان منهنجي رفيقه
حيات ۽ ٻه ٻار اڃا بمبئي ۾ آهن. ڏهن پندرهن ڏينهن
۾ هتي ايندا ٿوري وقت لاءِ، وري هليا ويندا. هتي
نوڪريءَ کي ڇڏي ٻه مقصد کڻي آيو آهيان پاڻ سان ته
ڪنهن نه ڪنهن نموني جيڪڏهن هند- پاڪ جي سنڌي ادب
جي مٽا سٽا ممڪن ٿئي ته هتان ڪريون، يا ٻنهي ملڪن
جو ادب هتي جمع ڪريون. اتي ڪن دوستن سان لکپڙه ڪئي
اٿم. ڀارت ۾ به موهن ڪلپنا ۽ ٻين سان لهه وچڙ ۾
آهيان. اميد ته اتان چڱو ذخيرو اچي ويندو. هاڻي
ٻڌائي ته ان ۾ تون ڪهڙي مدد ڪري سگهندين؟
مون هتان ٿورا پنهنجا ڪتاب ڪنهن دوست کي موڪليا
آهن. ٽپال خرچ گهڻو ٿو اچي، تنهنڪري ڇا اهو ممڪن
آهي ته ٽپال رستي مٽا سٽا بدران ڪنهن نه ڪنهن ڀلي
شخص جي معرفت ڏي وٺ ڪريون يا سمنڊ ذريعي ڪتاب
موڪليون ۽ وٺون؟ ان لاءِ جيڪڏهن توهين چاهيو ته
پئسن موڪلڻ جو بندوبست مان ڪريان يا ڪتابن عيوض
ڪتاب موڪليان. يارن دوستن سان صلاح مصلحت ڪري
احوال ڏج.
مان پاڻ پي-ايڇ-ڊي لاءِ مقالي ۾ رڌل آهيان. عنوان
آهي ’سنڌي شعر ۾ عورت جي تصوير.‘ مان سمجهان ٿو ته
اها تصوير تيستائين مڪمل نه ٿي سگهندي، جيستائين
مون کي سنڌ جو ادب دستياب نه ٿيو آهي. مون کي خاص
طور هي ڪتاب کپن: ’حامد، گل، خاڪي، سانگي، شاه
عنايت، عبدالڪريم، بيدل بيڪس ۽ روحل جا ڪلام. اتي
ضرور اهي رسالا موجود هوندا. مون کي خبر ڪڍي لک ته
ڪنهن سان لکپڙھ ڪريان.
توهان جي نزديڪ آهيان. توهان سڀني سان ملڻ جي تار
اٿم. اها ڳالھه ڪيئن ممڪن ٿي سگهندي. منهنجي اچڻ
جو مکيه مقصد ٿيندو کوج لاءِ مصالحو ڪٺو ڪرڻ ۽
دوستن سان گڏجڻ. ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟ تنهنجو جواب
اچڻ بعد ئي توکي وڌيڪ لکندس. جواب ۾
سرنامي تي جيڪڏهن منهنجو نالو لکڻ واجب نه سمجهين
ته فقط پوسٽ باڪس لکڻ سان به خط پهچي ويندو. احوال
جلد ڏج، انتظار رهندو. دوستن يارن جا سرناما
موڪليندين؟ خاص طور تنوير عباسيءَ جو پتو گهرجي.
شيخ اياز جي خبر کپيم.
يادگيرين مان
موتي پرڪاش
پوسٽ باڪس 106، دبئي (يو.اي.اي)
(هلندڙ)
موتي پرڪاش ڏانهن
(8 آڪٽوبر 1979ع)
ٻولي ۽ علم ادب جي خادمن کي ٽن گروهن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو. هڪڙا ’تخليق‘ جي ذريعي علم ادب جا گهڙا
ڀرن ٿا، ٻيا ’تنظيم‘ وسيلي ادبي بوستان مان گل
چونڊي ملڪي ماڻهن لاءِ مالها ٺاهن ٿا، ۽ ٽيان وري
’تحقيق‘ جي سهاري سان پنهنجي وڏڙن جي ميڙي چونڊيءَ
کي محفوظ ڪن. علم ادب جا ٽئي پهلو اهم آهن، هرهڪ
کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت حاصل آهي. ٻولي ۽
علم ادب جي ترقي تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن عالم ۽
اديب، شاعر ۽ محقق پنهنجو پنهنجو ميدان سنڀالي بي
لوٽ بڻجي ڪم ڪن. اسان وٽ ٽنهي ميدانن کي ملهائڻ
وارا ته موجود آهن، پر ڪمي هن ڳالھه جي آهي ته
انهن ۾ رابطي ۽ تعاون بدران غلط فهميءَ جي فضا
پيدا ٿيل نظر اچي ٿي. بدقسمتيءَ سان اسان جي علم
ادب جي انهن ٽنهي شعبن وارا الڳ الڳ آهن. انهن مان
هرهڪ ائين ڀانئي ٿو ته باقي ٻيا اجايو ڪاڳر ڪارا
ڪري رهيا آهن. ليڪن حقيقت ائين نه آهي. ادب جي
عمارت انهن ٽنهي ٿنڀن تي ٻڌل آهي ۽ ڪنهن به شعبي
کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.
ناچيز جو علم ادب جي ٽنهي شعبن سان واسطو رهيو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻي، شعر، ڊرامو يا مضمون وغيره
لکي پنهنجي تخليقي قوتن کي به آزمائيندو آهيان.
’سنڌ سگهڙ سنگت‘ منهنجي تنظيمي شعبي سان دلچسپيءَ
جو نتيجو آهي. ان کانسواءِ پنجن ڇهن سالن کان وٺي
تحقيقي ميدان ۾ به قدم رکيو اٿم. مونکي خبر آهي ته
سنڌي ٻولي ۽ ادب جا ٽئي شعبا تن، من ۽ ڌن جي
قرباني گهرن ٿا.
خاص ڪري تحقيق جو ڪم ته ڪوئلن جي واپار جهڙو آهي.
هن ميدان ۾ حد کان وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو. ٻي صورت
هن ڪم کي هٿ لائڻ سان هٿ ڪارو ۽ پير لائڻ سان پير
ڪارو ٿي پوي ٿو. آءٌ جڏهن ’ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ‘
جي موضوع تي تحقيق ڪري رهيو هوس ته مونکي وقت ۽
حالتن جي سڪن جا پئي پاسا ڏسڻا پيا، ڪٿان ڏک مليا
ته ڪٿان سک.
تحقيق جاکوڙ جو ٻيو نالو آهي تحقيقي سهولتن جي
ڪمي، ڪن عالمن جو ادبي بخل، ڄاڻ جي کوٽ ۽ ذاتي شوق
جا تير هن ئي ميدان ۾ سهڻا پوندا آهن. هن تحقيقي
ڪم جي دوران مونکي ڪيترن ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن
سان خط و ڪتابت ڪرڻي پيئي ۽ کانئن معلومات گهرائڻي
پيئي. اڄ اهي خط منهنجي ذاتي نماء کان وڌيڪ ادبي
تاريخ جي ورقن جهڙي حيثيت رکن ٿا. انهيءَ ڪري اهي
خط آزاد جي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ هن ڪالم کان
هڪ نئون سلسلو شروع ڪجي ٿو.....
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
منگهارام ملڪاڻي
منگهارام ملڪاڻي، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي دنيا جي
هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. پاڻ ادبي کيتر ۾ ٻوليءَ
جي جهوليءَ ۾ گل ڀريا اٿن، تن کي ڪڏهن به فراموش
ڪري نٿو سگهجي. جيئن ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو
احوال هيٺ ايندڙ خطن ۾ تفصيل سان ڏنو اٿن، انهيءَ
ڪري اڳ ۾ دهرائڻ اجايو آهي. ’ڪراچي ضلعي جو سنڌي
ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو‘ جي موضوع تي جڏهن
پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا جي شروعات ڪيم ته معلومات
حاصل ڪرڻ لاءِ سرحد جي هن پار ڏي به هٿ وڌائڻو
پيو. ڀاءُ جسونت ڪمار جي معرفت پروفيسر منگها رام
ملڪاڻي جي ايڊريس ملي ۽ ائين اسانجي وچ ۾ خط و
ڪتابت جو آغاز ٿيو. جسونت ڪمار، ڀارتي اديبن جي ڏس
پتي ڏيڻ جو وسيلو بڻيو، ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻيءَ
وري ادبي
۽ علمي معلومات وٺي ڏيڻ جو ڪارڻ بڻي ۽ ڪاڪو منگها
رام ملڪاڻي وري
هڪ ٻيو محاذ سنڀاليو. اهو محاذ هو منهنجي ادبي
منصوبن جي تاريخي ۽ ادبي اهميت جو جائزو.
سائين منگهارام ملڪاڻيءَ منهنجي ادبي ڪم ۾ نهايت
دلچسپي ڏيکاري ۽ مونکي سختيءَ سان منع ڪئي ته آئون
’فرقيوار ادبي تاريخ‘ لکڻ کان باز اچان. آئون پي.
ايڇ. ڊي کان سواءِ غير مسلم اديبن تي تفصيل سان ڪم
ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان لاءِ مون وٽ جواز به آهي.
بهرحال ڪاڪي منگها رام ملڪاڻي منهنجي ادبي منصوبن
تي ڀارتي اديبن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اخبارن ۾
رايا ڏنا ۽ ٻين دوستن خاص ڪري ’اتم‘ کي هن ڏس ۾
راءِ ڏيڻ تي زور ڀريو. پاڻ جيڪي خط لکيائون اهي
هيٺ ڏجن ٿا:
علي پور، ڪلڪتو 27
26 جنوري 1976
سدا سلامت
دوست مهربان پٺاڻ صاحب
توهان جو خط پڙهي بيحد خوشي ٿي ته توهين ورهاڱي
کان اڳ واري
’غير
مسلم ادب‘
تي تحقيقات ڪري رهيا آهيو. افسوس آهي جو صحت سالم
نه هئڻ ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير وڌي اٿم. ساڳي پيريءَ ۽
بيماريءَ ڪارڻ آئون اوهان کي ان تحقيقات ۾ مدد ڪرڻ
کان مجبور آهيان ۽ معافي طلب آهيان.
آئون نهايت شڪرگذار آهيان جو اوهان منهنجي ’سنڌي
نثر جي تاريخ‘ جي قدر شناسي ڪئي آهي ۽ ان مان ڪجهه
مواد حاصل ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ مون اديبن ۽ سندن
تصنيف سان گڏو گڏ، پبلشرن، مگزينن ۽ سندن ايڊيٽرن
وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي. وڌيڪ معلومات ڏيڻ کان
لاچار آهيان، جنهن لاءِ وري به معافي وٺان ٿو، پر
هڪ ادبي دوست جو نالو ۽ سرنامو موڪليان ٿو، جنهن
سنڌي ادب جي اونهي کوجنا ڪئي آهي ۽ توهان کي مدد
ڪري سگهندو.
مسٽر اي جي اتم 4- اي هيرا آباد مينشن،
سيتلديو روڊ، ماهم بمبئي 16 (انڊيا)
’ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ‘ تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ
مقالو تيار ڪري رهيا آهيو، تنهن جي ڪاميابيءِ لاءِ
دعائون!
توهان ڪراچي ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيو، تنهن ناتي
منهنجا ڌنڌي ڀائي ٿيا. آئون ’ڊي جي سنڌ ڪاليج‘ ۾
انگريزيءَ پروفيسر هوس.
وڌيڪ قرب سان
منگهارام ملڪاڻي
سدا خوش هجو.
ٻلديو روڊ علي پور، ڪلڪتو، 27- 25 فيبروري 1926
دوست مهربان پٺاڻ صاحب
توهان جو ٻيو خط پڙهي مونکي گهڻو افسوس ٿيو آهي ته
ٽپالي سرشتو جاري ٿيڻ بعد به، توهان جي پهرين خط
جو جواب توهان کي ڪونه پهتو آهي، جو مون بروقت ڏنو
آهي. توهان کي منهنجي پيريءَ ۽ بيماريءَ جو اونو
آهي، تنهن لاءِ احسانمند آهيان پر تنهن هوندي به
مان توهان جي کوجنا جي ڪارج ۾ مدد ڪريان ها. پر
حقيقت هيءَ آهي ته مون وٽ ڪوبه وڌيڪ مصالحو موجود
نه آهي. جيڪا به تحقيقات مون سالن جا سال ڪئي هئي
سا
’سنڌي
نثر جي تاريخ‘
۾ ڏيئي ڇڏي اٿم. ان ۾ ليکڪن ۽ سندن تصنيفن سان گڏو
گڏ ميگزنن، ايڊيٽرن، پبلشرن ۽ ادبي ادارن جي جيڪا
معلومات مونکي ملي سگهي سا درج ڪئي اٿم. ان ڪتاب
مان توهان کي ڪجهه
واهر حاصل ٿي آهي، سو ٻڌي خوش ٿيو آهيان. پر وڌيڪ
تفصيلوار حقيقتن لاءِ هيٺين شخصن جا نالا ۽ سرناما
ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪرڻ کان مجبور آهيان.
1-- مسٽر
موتي رام رامواڻي معرفت ’ڀارتواسي‘ ايڊيٽر گاجرا
36-38 اگياري لين، فورٽ بمبئي -1 (انڊيا)
2-مسٽر
گوبند مالهي 6- بي، راکي بلڊنگ ايم جي روڊ،
ڪانڊيولي بمبئي 27 (انڊيا)
توهين انهن دوستن کي لکندا ته اميد آهي ته چڱو ئي
کوجنا ڀريو مواد ملي ويندو.
وڌيڪ قرب سان،
منگها رام ملڪاڻي
سدا سلامت
ڪلڪتو ستين مئي 1976
دوست مهربان پٺاڻ صاحب
اميد ته منهنجو ٻيو ڪارڊ به اوهان کي پهتو هوندو ۽
ٻن وڌيڪ عالمن جا سرناما موڪليا هئم (خاص ڪري
موتيرام رامواڻي) تن وٽان توهان کي ڪجھه گهربل
تفصيل مليا هوندا. تنهن بعد توهان جو ٻيو خط به
مونکي مليو آهي، جنهن ۾ پروفيسر پنجواڻي ماڙيوالا
کي سفارش ڪرڻ لاءِ لکيو اٿو. پر انهن پروفيسرن،
توڙي پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ کي ادبي تاريخ جي
ايتري معلومات نه آهي جو توهان کي مدد ڪري سگهن.
مالهي، اتم ۽ رامواڻي ئي توهان جي گهرج ڪي قدر
پوري ڪري سگهندا، جنهن کان مان پڻ
ناواقف آهيان. توهان وڌيڪ لکيو آهي ته مان پنهنجي
حياتيءَ جو احوال لکي موڪليان، جو هن خط رستي
موڪليان ٿو ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ نڪتل پنهنجو فوٽو به
موڪليان ٿو. اصلي فوٽو مون وٽ موجود نه آهي، جنهن
ڪري اخباري فوٽو ٿو موڪليان.
پر مون توهان جي رٿيل غير- مسلم اديبن جي تاريخ تي
غور ڪيو آهي ۽ سمجهان ٿو ته توهان جي رٿا بيحد
ڪشادي ۽ غير عملي آهي، هڪڙو ته غير مسلم اديبن
بابت لکڻ سان ڪتاب جو تاريخي سلسلو ڪٽجي ويندو ۽
اهو اڻ پورو رهجي ويندو. ڇو جو مسلم ۽ غير
مسلم ليکڪن جون تصنيفون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون
آهن ۽ هڪ
ٻئي جي پورت ڪندڙ (Complementary)
آهن ۽ الڳ ڪري نٿيون سگهجن. صرف غير مسلم اديبن جي
تاريخ اڌوري ٿيندي، نه مڪمل. توهان جي تاريخ ڪن
چند اديبن جو احوال ٿيندو ۽ نه ادبي تاريخ. ٻيو ته
اوهين ليکڪن جون سوانح عمريون اهڙيون تفصيلوار ڏيڻ چاهيو
ٿا جو اهو رسالو تاريخ ((History سان
گڏو گڏ (Biographies)
بنجي پوندو ۽ مقدار کان ٻاهر نڪري ويندو. ادبي
تاريخ ۾ ليکڪن جي حياتيءَ تي مختصر چٽڪا لکڻ ضروري
آهن. پر توهان ته زندگيءَ جي احوال سان گڏ ڪٽنب ۽
اولاد جو احوال به گهريو آهي، جو موڪليان ٿو. اهي
صرف منهنجون صلاحون آهن ته ادب تي وڌيڪ زور ڏيو،
سوانح، پبلشر، ڇاپخانا، ادارا وغيره ڪتاب ۾ آڻڻ
گهٽايو. آخرين فيصلو وري به توهان تي ئي ڇڏيل آهي،
مرضيءَ جا مالڪ آهيو.
منهنجو جنم حيدرآباد سنڌ ۾، 24 ڊسمبر 1896 ع ۾ ٿيو
هو. منهنجو ڏاڏو ديوان شيوڪرام ان زماني جي روايت
موجب، دٻدٻي وارو مختيارڪار هوندو هو ۽ پوءِ
حيدرآباد جو پهريون ديسي سٽي مئجسٽريٽ بڻيو. سندس
رهڻي ڪهڻي شاندار هوندي هئي ۽ جيڪب روڊ تي سرڪاري
هاءِ اسڪول سان لڳو لڳ هڪ شاهي حويلي اڏايائين
جنهن ۾ چيروليءَ
جي چٽساليءَ جو ڪم فنڪار ڪاريگرن کان ڪرايائين.
طارق اشرف کان معلوم ٿيو اٿم ته ان مڪان ۾ هاڻ (Art
Exhibition)
برپا ڪيل آهي. منهنجو پتا ديوان اڌارام هڪ زبردست
زميندار هوندو هو، جنهن جون ٻنيون ٽنڊي محمد خان
ڀرسان ٽن تپن ۾ چار هزار ايڪڙن تي پکڙيل هيون. هو
نئين زماني جو زميندار هو جنهن پنهنجي ديهن ۾ زرعي
سڌارا ڪيا ۽ هارين کي سهولتون ڏنيون.
سنڌي تعليم مون گهر جي سامهون، پرئڪٽسنگ اسڪول ۾
حاصل ڪئي، جتي شاعر محمد صديق ’مسافر‘ منهنجو
استاد هوندو هو. انگريزي تعليم گهر جي ڀرسان،
سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ورتيم، جتي منهنجا آدرشي
استاد هوندا هئا: نانا غلام علي صاحب ۽ مسٽر
وليرام ٿڌاڻي، جي مئٽرڪ پاس ڪيل هوندي به
انگريزيءَ ۾ ماهر هوندا هئا. آئون ٻنهي جو لاڏلو
شاگرد هوندو هوس ۽ جيڪا به انگريزيءَ جي ڄاڻ پرايم
سا ٻنهن استادن کان. غلام علي صاحب کي پوءَ
’خانبهادر‘ جو لقب عطا ٿيو، ٽريننگ ڪاليج جو
پرنسپال مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر
بڻيو. وليرام صاحب ماستري ڇڏي وڪالت پاس ڪئي ۽
حيدرآباد جو قابل وڪيل هو. عجب آهي ته وڏي هوندي،
ٻنهي استادن سان منهنجو گهاٽو دوستيءَ جو ناتو
ٻجهي ويو ۽ سندن آخرين دم تائين هڪ ٻئي سان اڪثر
ملندا جهلندا هئاسون ۽ خط
ڪتابت ڪندا هئاسون.
مئٽرڪ امتحان ۾ مان سڄيءَ سنڌ ۾ چوٿون نمبر آيو
هوس، ۽ پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ پهريون نمبر، جنهن
لاءِ مون کي انعام مليو هو. ان روڪڙ انعام سان مون
(S.J
Co-operative Society)
تان ويهه انگريزي ڪتاب چونڊي خريد ڪيا ۽ پتا وٽان
مليل ڪن ڪتابن سان گڏي پنهنجي ’هوم لئبرري‘ ٺاهيم،
جا رفتي رفتي وڌي هزارن جي تعداد کي پهچي ويئي.
ڪاليجي تعليم ڪراچيءَ واري ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾
پرايم، جتي مونکي ٽيون آدرشي استاد ملي ويو:
پروفيسر صاحب سنگهه شاهاڻي، جنهن کي اسان شاگردن
هڪ انگريز پرنسپال خلاف اسٽرائيڪ ڪرائي، پهريون
ديسي پرنسپال ڪرايو. شاهاڻي صاحب نه صرف مشهور
قلمدان هو، پر انگريزيءَ ۾ خاص مهارت رکندڙ هو.
انگلش لٽريچر ڪلاس روم ۾ ٿيندو هو، هن جو به لاڏلو
شاگرد هوندو هوس. هن پرنسپاليءَ جي ايام ۾ آرٽس ۽
سائنس کان سواءِ انجنيئرنگ ڪاليج ڪڍيو، لا ڪاليج
کوليو، ڪامرس ڪاليج برپا ڪيو. مطلب ته چڱي چوکي
سنڌ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏيائين!
گريجوئيٽ ڪرڻ بعد ڇهه مهينا پوني واري زرعي ڪاليج
مان عملي تعليم وٺي، پنج سال مون پتا جون زمينون
سنڀاليون، پر اَن جي چورين ۽ پرائين زالن ڀڄائڻ جا
نبيرا ڪري آئون بيزار ٿي پيس. جيتوڻيڪ پڙهڻ جو ڪم
ان اڪيلائي ۾ ئي شروع ڪيم ۽ لاڙي محاورو به چڱوئي
سکي ورتم. هڪ ڏينهن اوچتو پرنسپال شاهاڻيءَ وٽان
نوتو آيم ته پنهنجي جهوني ڪاليج ۾ اچي انگريزيءَ ۾
فيلو بڻج. انڌو گهري الله کان ٻه اکيون! آئون ٺهه
پهه وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس ۽ ڪجهه وقت بعد مون کي
ليڪچرار مقرر ڪيائين. پرنسپال بوٽاڻيءَ پنهنجي
ايام ۾ مونکي اسسٽنٽ پروفيسريءَ جو اضافو ڏنو ۽
بمبئيءَ ۾ لڏڻ کانپوءِ پرنسپال آڏواڻيءَ پنهنجي
برپا ڪيل جئه هند ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ آخر انگريزي
شعبي جو اڳواڻ مقرر ڪيم. ڪي سال بمبئي يونيورسٽيءَ
جي انگريزي توڙي سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو چونڊيل
ميمبر ٿي ڪم ڪيم. اهڙي طرح 37 سال پنهنجي پسنديءَ
واري پيشي ۾ ڪاٽي، 1926ع ۾ رٽائر ڪري، هاڻي ڪلڪتي
۾ مربي پٽ جي ڪٽنب ۾ اچي پيري ۾ آسائش ورتي اٿم.
ڌيءَ مئنا گهوٽ سوڌي لنڊن ۾ نوڪري ڪندي آهي.
ادبي پيشي کانسواءِ، منهنجو ٻيو شغل ناٽڪ آهي،
ننڍيءَ ڄمار کان وٺي مون ڪيترين ئي ٻولين ۾ سوين
ناٽڪ ڏٺا آهن. 40 ننڍا ناٽڪ سنڌيءَ ۾ لکيا آهن،
انهن ۾ اداڪاري ڪئي اٿم، هدايتڪاري ڪئي اٿم، ناٽڪ
لاءِ خاص شونق تڏهن جاڳم جڏهن 1923ع ۾ حقيقت پسند
ناٽڪ جي باني خانچند درياڻيءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿي،
حيدرآباد ۾ ’رابندرناٿ ناٽڪ منڊلي‘ برپا ڪئي سون،
جنهن جو مهورت مها ڪويءَ ٽاگور پنهنجي مبارڪ هٿن
سان ڪيو هو. اين. ايڇ. اڪيڊمي جي هال ۾، ٽاگور جي
حضوريءَ ۾، سندس ئي انگريزي ناٽڪ چترا (Chitra) ڪري
ڏيکاريم، جنهن ۾ مون سان گڏ دوست ٽهلرام آڏواڻي
پارٽ ڪيو هو. ٻئي صبح سويل ڄيٺمل پرسرام نياپو
مُڪو ته ڪوي اسان ٻنهي کي نيرڻ لاءِ نينڍ ڏني آهي!
ڏڪندا، ٿڙڪندا، نارائڻ محل ۾ پهتاسون ته ڪويءَ
ناشتو ڪندي فرمايو؛ ’مون پنهنجو ’چترا‘ انگريزي ۾
گهڻن ئي هنڌ اسٽيج تي آندل ڏٺو آهي، پر توهان جنهن
اتساهه ۽ نزاڪت ۽ مشڌ اچارن سان ڪري ڏيکاريو، اهڙو
اڳ ڪونه ڏٺو اٿم! شل وڌو ويجهو!‘ اهو شڀ موقعو عمر
ڀر وسرڻ جو نه آهي. ان کانپوءِ مون کي ’ايڪتا جو
آلاپ‘ ترجمو ڪرڻ لاءِ رابندرناٿ منڊليءَ وٽان
انعام مليو ۽ پڻ ’کن جي خطا‘ ناٽڪ دليان جوڙڻ لاءِ
تازو ڪلڪتي ۾ منهنجي ننڍي ناٽڪ ’پريم جي سيجا‘ کي
چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام جڙيو. 1929ع ۾ ’سنڌي نثر جي
تاريخ‘ لاءِ ’ساهتيه اڪاڊمي‘ وٽان پنج هزار انعام
مليو ۽ 1972ع ۾ ساڳيءَ اڪاڊميءَ مونکي فيلوشپ جو
خطاب ڏنو. |