سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 04/ 2021ع

باب:

صفحو:13 

لوڪ ادب

معمور يوسفاڻي

عمرڪوٽ

ڳجهارت

(لوڪ ادب)

ڳجهارت بنيادي طور نج سنڌي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي ڳجهي رِٿَ يعني اهو ڪم جنهن جو رازدار ئي انهيءَ ڳالهه کي سمجهي سگهي. اسان جي ادبي تحقيق جي عالمن هن لفظ جي اصليت سنسڪرت مان به تعبير ڪئي آهي. ٻنهي حالتن ۾ مفهوم ۽ مقصد ساڳيو آهي.

’ڳجهارت‘ سمجهدار ۽ عاقل بالغ ماڻهن جو علم آهي، پر هن جي تربيت ٻالجتيءَ کان شروع ٿئي ٿي. اڃان ٻار راند روند جي ڄمار ۾ آهي ته کيس ’اڏي‘ سيکاري وڃي ٿي. اڏي جي ذهني آزمائش کان پوءِ جيئن ٻار جي ڄمار وڌي ٿي ته ٿورو ان کان سخت ذهني آزمائش جو گُر يعني پرولي اچي ٿي. پرولي ۽ انهيءَ جا درجيوار سڀ روپ پڪا ڪري ٻار ڳجهارت جي فن ۾ پير پائي ٿو. ڳجهارت جو علم تمام گهڻو آهي، جنهن ۾ ڳجهارت سان گڏ هُنر ڏور ۽ لوڪ ادب جا ٻيا ٻول شامل آهن. سڄي سنڌ مان ڳجهارتون سهيڙائي ٻن ڀاڱن ۾ ڪتاب ترتيب ڏئي ۽ پوءِ ان تي شاندار مقدمو لکي اسان جي سنڌي لوڪ ادب جي وڏي ڄاڻو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل مقدمي ۾ ڳجهارت جي علم ۽ فن متعلق مڪمل تفصيل درج ٿيل آهن. جنهن ۾ ڳجهارت جي ڏيڻي ۽ وٺڻي کان وٺي ان جي ٺهڻ جي مڙني مرحلن ۽ لساني پهلوئن تي روشني وڌي آهي. تجنيس جي حصي ۾ ڳجهارتن ۾ خاص طرح جن تجنيسن جو ذڪر ٿيل آهي. اُهي آهن: (1) تجنيس تام= سَرُ- گاهه، سَرُ- مٿو (2) زائد= زار، آزار (3) مرتب= ساهڙ، سا، هڙ، ساهڙُ (4) مفارع= لال، لعل، ظن- زن (5) ناقص= ڪَنُ- ڪُنَ (6) لاحق= پار- هار (پ هه) مور- نور- (م.ن) (7) مطربه، دوربين، دوربيهه، خام- خار.

ڳجهارت مان اسان کي لساني پهلو سان گڏ ان مان ڪهڙو سماجي پهلو حاصل ٿئي ٿو، اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي. مثال

(1)  ڳجهارت-          لفظن جو واڌارو،                تاريخي جهلڪيون.

(2) دوراهو-             لفظن جو چير ڦاڙ،     معاشري جي اپٽار

(3) ڏهس-              لفظن جو واڌارو،                ڪلچر جي اپٽار

(4) اڏي ۽ پرولي-      لفظ سيکارڻ،          ماحول جي ڄاڻ

(5)  ڪڪري-          سرن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي اهميت

(6) هيماري-           سون جي رنگ واريون شيون سڃاڻن

(7) ڏور-                تاريخ جون واقعاتي جهلڪيون (لوڪ ۽ عام)

(8) ڳوڙهو-             لفظن جو اونهون اڀياس (مجاز مرسل)

(9) ڳالهه-              مام، ڳنڍ، درج

(10)         ڳيچ- ڪنوار جي تربيت جا شعر (اهڙي طرح گُڏين راند ۾ به ساڳي تربيت)

ڳجهارت ۽ ان سان منسلڪ ٻين صنفن جو مٿي مختصر ذڪر ڪيل آهي، جنهن جو سماجي ڪارج ڪيترو مفيد آهي، اهو به واضح ڪيل آهي. ڳجهارت ذريعي پنهنجي زندگي جا مسئلا حل ڪرڻ جا به سياڻن ڏس ڏنا آهن.

اهڙي طرح ڪنهن واقفڪار هٿان نياپو موڪلڻ جنهن جو مطلب صرف اڳيون دوست سمجهي پر نياپو نيندڙ کي سڌ نه پئي اِهو هنر صرف ڳجهارت ۾ ئي سمايل آهي. مثال طور هڪ دوست پنهنجي ٻئي دوست کي پاڻي سان ڀريل هڪ شيشي ۾ ڪاٺيءَ جي چپڙاٽ وجهي تنهن سان هڪ مرداني ڦڻي جنهن جو ’ستون‘ ڏند ڀڳل هو شامل ڪري مٿان ڪارو ڪپڙو ويڙهي موڪليو، وينجهار وٽ ان جو مطلب هو ته ”چنڊ جي ستين تاريخ رات جو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه جي رستي پهچي وڃ.“ اهڙي طرح ڳجهارت جي ڪافي ساراهه سماجي خواهه لساني ڪارج آهن.

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته تجنيس ۽ تلميح ڳجهارت جا ٻه مکيه پهلو آهن. اُهي ڄڻ ٻه ٿنڀا آهن جن تي ڳجهارت جي اڏاوت ٿيل آهي، يا ٻه پر آهن جن سان ڳجهارت اڏامي ٿي، (ڳجهارت- مقدمو صفحه 67)

قبله مخدوم طالب الموليٰ سائين بلڪل صحيح فرمايو ته ”ڳجهارت جيئن سنڌيءَ ۾ آهي اهڙي طرح ڪنهن ٻي زبان ۾ شايد هجي، ۽ ڳجهارت کي سنڌي ادب جي جان کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو. (سنڌي سلوڪ ۾ ڳجهارت، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نئين زندگي اپريل 1971ع) اهڙي طرح الله بچايو  سمون، عبدالڪريم سنديلو، عطا حسين موسوي، محمد اسمٰعيل عرساڻي ۽ شيخ محمد سومار بدينوي به ڳجهارت جي فن ۽ ڳجهارت ڏيندڙ سگهڙن جو جهجهو ذڪر ڪيو آهي.

اسان وٽ جيڪي ڳجهارتون رائج آهن، اهي ٿلهي ليکي ٽن گروپن ۾ ورهائجي وڃن ٿيون.

(1)  سرائتيون: جنهن ۾ شاهه جي رسالي ۾ آيل مختلف داستانن يا سرن جو ذڪر هجي ٿو. مثال:

پوک    جا،    پنهنجا،     مال جا،  ذات جا،

    (موڪي)       (مهمان)     (متارا)   (مري)

موکي    جا    مهمان،    متارا   مري   ويا.

(2) لوڪ سريون: هنن ۾ اسان جي ٻين لوڪ ڪهاڻين جا ٽاڻا ٽڪاڻا هجن ٿا پر اهي لوڪ داستان رسالي ۾ آيل نه آهن. جيئن سڏيونت سارنگا، پونمراءِ ليليٰ، مل محمود مهرنگار، اوڍو ڪيهر هوٿل پري، ڦل وڌو ۽ ڀوري، ۽ بوبنا ۽ جراڙ وغيره.

(3) جڳ سريون: (جڳ سري) هنن ڳجهارتن جو دائرو بين الاقوامي سطح جو آهي جيئن انسا ۽ بنسا- بلند ۽ بخاري، شيرين فرهاد، ليليٰ مجنون، هير رانجهو، ممتاز دمساز، بانڪو بهرام ۽ يوسف زليخا وغيره. سرائتيون ۽ لوڪ سريون ۽ جڳ سرين ۾ هڪ قسم ’دوراهو‘ به اچي ٿو جنهن ۾ ساڳي ڳجهارت جي ساڳي لفظن مان ٻه ڀڃڻيون ۽ ٻه داستان سمايل هجن ٿا. دوراهو معنيٰ ٻن راهُن يا گسن وارو.

(4) متفرقه: مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي قسمن کانسواءِ باقي سڀني رنگن جون ڳجهارتون متفرقه ۾ شامل آهن، جن جو مضمون گهڻو ڪري قادر جي قدرت، حمد، مناجات، نعت، دعا، اسلامي تعليم، نصيحت، اخلاق، تصوف، محبت، حقيقت، مجاز، سورهيائي، بهادري، پهلواني، چوڻين، پهاڪن، روزمره جي ڪمن وغيره تي ٻڌل هوندو آهي.

ڳجهارت جي هن مختصر تعارف بعد ڪجهه ڳجهارتن جا نمونا هيٺ پيش ڪريون ٿا:

              هڪ ڌڪيون (ڳجهارتون)

                               پکي

 

پکيان پکي ويوس ڙي، پکي پئي هاري،

 

 

پيئي پوڪاري ته پکي، اچي شل پکيءَ ۾.

 

ڀڃڻي:

هنجان هنج ويوس ڙي، هنجون پئي هاري

 

 

پئي پوڪاري ته هنج اچي شل هنج ۾.

 

 

پکي پائي هٽيا، پکي وسڪارا

 

 

پکي وڻجارا، پوپکي نير پکين کي.

 

ڀڃڻي:

وهيا پائي هٽيا، وهيا وسڪارا

 

 

وهيا وڻجارا، پوءِ وهيا نير وهن کي.

 

 

پکي کنيئي پکي ٿي، چاڙهي ڇڏيئي چيئن

هاڻ ڀڄ نه پکين جيئن، پکي اچ منهنجا پرين.

 

ڀڃڻي:

بازي کنيئي باز ٿي، چاڙهي ڇڏيئي چيئن

هاڻ ڀڄ نه بازن جيئن، باز اچ منهنجا پرين.

 

(عضوا)

 

(1)

عضوي رٺين مينڌرا، عضوي رنج رکيئي؟

 

 

پايا: 2، 2، = ”ڇاتي“

 

ڀڃڻي:

ڇا تي رٺين مينڌرا، ڇا تي رنج رکيئي؟

 

(2)

عضوي ڇهه ڇنام، عضوو ٿي منهنجا پرين

 

 

پايا: 1، 2 = ”ڇپر“

 

ڀڃڻي:

ڇپر ڇهه ڇنام، ڇپر ٿي منهنجا پرين.

 

(3)

عضوو ٿيين شل سومرا، عضوو ڪنڌ پَوئي.

 

 

بند: 1، 2، = ڪلهو (عذابن)

 

ڀڃڻي:

ڪولهو ٿيين شل سومرا، ڪو لوه ڪنڌ پوئي!

 

(4)

عضوو اتي ميان سومرا، عضوو ڪيم آءُ!

 

 

بند: 1، 2= اره

 

ڀڃڻي:

او! رهه اتي ميان سومرا، اورهون ڪيم آءُ!

 

(5)

ڏسي خالي عضوو، عضوا چهٽا عضون

 

 

بند: 1، 2، 3 = ڪڇ

 

ڀڃڻي:

ڏسي خالي ڪڇ، ڪڇون چهٽا ڪڇن ۾.

 

(6)

جي عضوو، هئين مينڌرا، ته عضوو ڇو ڇڏيئه؟

 

 

بند: 1، 2، = جيرو

 

ڀڃڻي:

جي جيئرو هئين مينڌرا، ته جيئرا ڇو ڇڏيئه؟

 

(دوها ۽ بيت)

ٻن مصرعن واريون هڪ ڌڪيون

 

(1)

جنهن عضوي پرين ويا، وينديس ان عضوي

پهچي ان عضوي، عضوين پونديس ان کي.

 

 

بند: 1، 2، 3، 4 = پير

 

ڀڃڻي:

جنهين پير پرين ويا، وينديس انهيءَ پير،

پهچي انهيءَ پير، پيرين پونديس پرينءَ کي.

 

(2)

عضوا لڳا عضون سان، عضون ويو آرام

عضون کان ئي مليو، عضون کي انعام.

 

 

بند: 1، 2، 3، 4، 5 = اک

 

ڀڃڻي:

 اکيون لڳيون اکين سان، اکين ويو آرام

اکين کان ئي مليو، اکين کي انعام

 

(3)

عضوو ساريم هن کي، عضوو هن سڏيوم

عضوو ڪنهن سمجهايو، عضوو سمجهيوم.

 

 

بند: 1، 2، 3، 4 = نڪ

 

ڀڃڻي:

نڪي ساريم هن کي، نڪي هن سڏيوم،

نڪي ڪنهن سمجهايو، نڪي سمجهيوم.

 

(4)

سڄڻ سياڻپ سان، ويو ئي عضوي

سنڱ ٽُٽا، دل ڀڳي، ڇڏيم هي عضوي.

 

 

بند: 1،  2 = ڪاڪڙو

 

ڀڃڻي:

سڄڻ سياڻپ سان، ويو ڪاڪ ڙي!

سنگ ٽُٽا دل ڀڳي، ڇڏيم ڪاڪ ڙي!

 

(5)

عضوو هڻ نه منهنجا پرين، عضوو ڪيم وڃاءِ

سڄڻ سِک ساڃاهه، ته عضوو سڀڪو واهه چئي.

 

 

بند: 1، 2، 3= وات

 

ڀڃڻي:

وات هڻ نه منهنجا پرين، واتان ڪيم وڃاءِ

سڄڻ سک ساڃاهه، ته وات هرڪو واهه چئي.

 

(ٽن مصرعن واريون هڪ ڌڪيون)

 

(1)

عضوا ڀڳا تن جا، جن عضون ڳالهايو

وهن عضوي ڪچهريين، عضوا جهڪايو

جن عضوو ڪپايو، اڄ عضوو تن جو.

 

 

بند: 1، 2، 3، 4، 5، 6= ڪنڌ

 

ڀڃڻي:

ڪنڌ ڀڳا تن جا، جن ڪنڌان ڳالهايو

وهن ڪنڌي ڪچهريين، ڪنڌ جهڪايو

جن ڪنڌ ڪپايو، ڪنڌ مٿي اڄ تن جو.

 

(چئن مصراعن واريون هڪ ڌڪيون)

 

(1)

سهڻي سڄڻ يار جا، سهڻا سهڻا عضوا

ڪن ٿا ڏاڍي، ڪست مان وڙهڻ جا عضوا

موٽي مارو مار جي، ڄڻ وري آ عضوا

عضون مٿان عضوا، اکين، دل، دماغ تي.

 

 

بند: 1، 2، 3، 4، 5= وار

 

ڀڃڻي:

سهڻي سڄڻ يار جا سهڻا سهڻا وار،

ڪن ٿا ڏاڍي ڪست مان وڙهڻ جا وهنوار

موٽي مارو مار جي، ڄڻ وري آئي وار

وارن تان وار، اکين دل دماغ تي.

 

(پنجن مصرعن واريون هڪ ڌڪيون)

 

(1)

عضوا مون محبوب جا مرتبو ۽ مان

آهي ختم خير سان عضوي ڪل بيان

عضوا گهوريو گهورجن، عضوا منجهه ميدان

عضوي واٽ ورهه جي درس ڏنائين دان

عضوي ايءُ احسان، آهي عجيبن جو.

 

 

بند: 1، 2، 3، 4، 5، 6= مَٿو

 

ڀڃڻي:

مٿاهون محبوب جو مرتبو ۽ مان

آهي ختم خير سان مٿس ڪل بيانِ

مٿانس گهوريو گهرجن، مٿا منجهه ميدان

مٿي واٽ ورهه جي، درس ڏنائين دان

مٿم ايءُ احسان آهي عجيبن جو.

 

 

(موزون ڳجهارتون)

 

(1)

اهڙو لوهه جو وڳو، جنهن کان جيت لڳو

اڳيون پوک جو ويو، وچان ڀون جو پيو

جتي جسم وکر جون ٿينديون هيون

اتي نرنا ڏس، ٻولي وڻ جون پيو.

 

 

بند: چنگ 2. ڏنگ 3. سنگ 4. دنگ 5. روح 6. رهاڻ 7. اجتو

 8. رڙي 9. ڪنگو

 

ڀڃڻي:

اهڙو چنگ وڳو، جنهن کان ڏنگ لڳو

اڳيون سنگ ويو، وچان دنگ پيو

جتي روح رهاڻيون ٿينديون هيون

اتي اڄ ته ڏسو رڙي ڪنگ پيو.

 

(2)

جو ان جيئن ڌڻ جيئن ٻنيءَ جيئن وکر ٿو

پو ڌڻ جي ۾ واهڙ سو نرنا اکر ٿو

 

 

بند: 1. پوکي 2. پياري 3. پچائي 4. لوڻ 5. ڇاڙي 4. خالي 5. ليکو

 8. سئي

ڀڃڻي:

جو پوکي، پياري پچائي لڻي ٿو

پڇاڙي ۾ خالي سو ليکو سڻي ٿو.

 

 

(عام ڳجهارتون)

 

(1)

سٽ جي، نار، نرنا، نالو ڪپڙي جو

نالي، کاڄ، ڀڳو، ڏيهه ڪپڙو، ذات جا.

 

 

1. سڳي 2. سهڻي 3. سومرو 4. من 5. صافو 6. ڀلو 7. بند 9. ملير

10. پوتي 11. ماري

ڀڃڻي:

سڳي سڻي سومري، من صاف ڪيو

ڀلي بند ڀڳو، ملير پهتي مارئي.

 

(2)

پوک چرچي جي نه رهي، جيڪا ول پوي

ڪاٺي ائين چوي، ته ٻولهه ٻهه نرنام سين.

 

 

1. روڪي 2. ٽوڪي 3. عشق پيچ 4. اڀي 5. هٿان 6. گڏون 6. حبيب

 

ساروڪي ٽوڪي نه رهي جا عشق پيچ پوي

اڀي ائين چوي ته هوئان گڏ حبيب سين.

 

(3)

اڀ جو ملڪ جو، وکر پيو پوي

سو دل جو ڪيئن ڪري، جو نرنا ڪاٺ جو نالي تي

 

 

1. سيارو 2. راڄ 3. پارو 4. اندوهه 5. فقير 6. فوٽ

 

سياري جو رڄ، پارو پيو پوي

سو انڌو ڪيئن ڪري، جو فقير آ فوٽ پاٿ تي.

 

(4)

نار عورت ڏيهه ۾ شهر شادي جا

ڌات ڳيهو ڪونه آ شهر چم جو ذات

 

 

1. رکي 2. ڪام 3. ڪڇ 4. ڏيئي 5. ڏوها (ڏهاڳ) 6. ڪنجهو 7. ڏوهو 8. ڦٽو 9. موجو 10. ڀاڳ

 

ڀڃڻي:

رکي ڪام ڪڇ ۾ ڏيئي ويو ڏهاڳ

ڪنهنجو ڏوهه ڪونه آ، ڦٽو منهنجو ڀاڳ.

 

(5)

نرنا ٻني جن، سيئي عضوا لکئي مان

 

 

1. ساهڙ 2. ٻني 3. تريون 4. تار (ٽيليگرام)

 

ڀڃڻي:

ساهڙ ساڻي جن، سيئي تريون تار مان.

 

(6)

نرنا نرنا جن، کاڄ مٽي جي ڪپڙي جون

 

 

1. سڄڻ 2. سونهارو 3. سيئيون 4. پار 5. پوتيون

 

ڀڃڻي:

سڄڻ سهارو جن، سيئي پار پهتيون

 

(7)

ڪپڙي جي نرنا ته ڪم جي نرنا سومرا

 

 

1. جرسي 2. حاڪو 3. سڌ 4. پونيو

 

ڀڃڻي:

جي رسي ها ڪو ته سڌ پونئي ها سومرا.

 

(8)

عضوو لهي ويوم، ڪهڙو ڙي عضون کڻان

 

 

1. ڍڪڻي 2. منهن 3. مٿو

 

ڀڃڻي:

ڍڪ ڙي لهي ويوم، ڪهڙو منهن مٿي کڻان؟

 

(9)

جي نارنا سڏجن، عضوو ڪوٺ مَ تن کي

 

 

1. سياڻي 2. ڪليون

 

ڀڃڻي:

جي سياڻيون سڏجن، ڪالهيون ڪوٺ م تن کي.

 

(10)

جو ولاتئون ميوو لوهه جي ذات، ذات جا

 

 

1. پائر 2. پپيتو 3. سئي 4. ساريو 5. ساريا

 

ڀڃڻي:

جو پائر پيئي پيتوم، سوئي ساريو ساريان.

 

(11)

ناڻي ڪاٺ جو سسئي، جر جي نه ذات جو

 

 

1. چيڪ 2. هٿيو 3. ستي 4. ساريو

 

ڀڃڻي:

چي ڪوه ٿيوء سسئي، جو ستي نه ساريوءِ؟

 

(12)

ڪاٺ جون ساريم سومرا، هو جي ڪاٺ جون اباڻن.

 

 

1. ڪڙهيون 2. ڪِڙيون

 

ڀڃڻي:

ڪڙهيون ساريم سومرا، هو جي ڪڙيون اباڻن

 

(13)

نرنا لوه جا لڳي، کاڄ کاڌي جي ئي ڪا.

 

 

1. ڀنڀو 2. رنبا 3. ڪيڪ 4. چانپ

 

ڀڃڻي:

ڀنڀورا باه لڳي ڪي ڪيچان پئي ڪا.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org