حافظ حبيب سنڌي
چوهڙ جمالي
جاتي تعلقي جا چند قديم شهر ۽ ڳوٺ
جاتي سنڌ جي قديم وسنديءَ وارن علائقن مان هڪ آهي،
هيءُ تعلقو پنهنجي اندر قديم، تهذيب و تاريخ،
تمدن، ثقافت ۽ جاگرافيائي اُهڃاڻ رکي ٿو. هڪ معلوم
تاريخ مطابق هيءُ علائقو هزارين سالن کان وٺي ڪري
وَسنديءَ وارو رهيو آهي. ڪئين بندر ڪئين بازارون،
ڪيترائي شهر، ڳوٺ، گام پڊ ۽ مڪان هت شاد و آباد
هئا. افسوس جو زماني جي لاهين، چاڙهين ۽ دست
بُردين سبب هتان جا اُهي سمورا شاهڪار ۽ شاهوڪار
شهر، گام ۽ گامڙا، باغ ۽ باغيچا سرسبز پَٽَ ۽
شاداب زمينون اجڙي پنهنجو وجود وڃائي ويٺا. اڄ
انهن پڊن تي ويرانيءَ جو راڄ آهي.
بقول مرشد ڀٽائي رحه جي ته:
نه سي وَوڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي. (شاه رح)
وقت ۽ حالتن جي بي رحم ۽ ظالم چنبن کانئُن سندن
هستي ۽ مستي سندن ڪوٽ ۽ قلعا، سندن تخت ۽ تخت
گاهون سندن محل ۽ ماڙيون، سندن رعب ۽ تاب، سندن
بخت ۽ بي باڪيون، سندن راڄ ۽ ڀاڳ، توڙي سندن مانُ
۽ مرتبو، سندن ڏاڍ ۽ ڏهڪار، سندن ڌاٻ ۽ ڌٻڌٻو،
سندن هاڪَ ۽ ڌاڪَ، سندن بزرگي ۽ بادشاهي سڀ کسي
ورتي. اَڄ اُهي پَرَ وَس ۽ لاچار پَٽَ ۾ پڻيون ٿيو
پيا آهن.
اسان جي سڄي ساحلي پٽي تابناڪ ماضي رکي ٿي.
ڪراچيءَ کان ڪڇ تائين سمورو علائقو شاد و آباد
رهيو. سوين بندر هزارين ڳوٺ ۽ شهر آباد هئا. جن جا
اڄ صرف کنڊر ۽ دڙا ڀڙا موجود آهن. جاتيءَ وارو
علائقو سنڌ جي ٻين خطن جيئان سنڌ جي تا پنج جو هڪ
زرين باب آهي. ساحلي پٽيءَ جي ڪري هن علائقي ڪئين
لاهيون چاڙهيون ۽ انقلاب ڏٺا آهن. اڄ به جاتيءَ جي
ڏاکڻي علائقي ۾ قديم دور جي ڦٽل شهرن؛ حميتن،
سيلاٽين ۽ ٻانڀڻين جا شهر ڪنهن سمي ۾ آباد هئا.
اسان پنهنجي هن مختصر لکڻيءَ ۾ انهن مذڪوره شهرن ۽
جاتيءَ سان تعلق رکندڙ مختلف ٻين ننڍن، وڏن شهرن ۽
ڳوٺن جو تذڪرو ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي اڳئين زماني ۾
ته پنهنجي بامِ عروج تي هئا. مگر اڄ اُهي وقت جي
بي حسيءَ ۽ ناقدرشناسيءَ تي ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن:
1، حُميتن جو شهر:
هيءُ شهر هڪ معلوم دور تائين جاتيءَ جي اوڀر طرف
گڏاپ جي ڏکڻ طرف ۽ راڄ ملڪ تائين 14 ميلن جي
مفاصلي تي ديهه پونچاري گڏاپ واهه جي اتر ٽوٽل 8
ميلن تي ديهه اورنگا ۾ هن شهر جا آثار ميلن ۾
پکڙيل نظر اچن ٿا. چون ٿا ته، هيءُ شهر سومرن جي
دور ۾ آباد هو. آثارن مان اِها ڳالهه معلوم ٿئي ته
هن شهر جو دور جاتيءَ ۽ محمد طور کان به آڳاٽو
آهي. هتي هڪ مسجد شريف به موجود هئي. هيءُ شهر
باقاعده منصوبه بندي تحت جوڙيو ويو آهي. هيءُ شهر
هڪ مهذب تهذيب جو پتو ڏئي ٿو. مگر افسوس جو تاريخ
۾ ان جو ڪو به پتو نه آهي.
2- سيلاٽين جو شهر:
هيءُ شهر گڏاپ واهه جي ٽيل ۾ ديهه سريءَ اندر راڄ
ملڪ کان 18 ميلن جي مفاصلي تي آهي. مقامي روايتن
موجب هيءُ شهر به سمن جي دور جو چيو وڃي ٿو. هن جي
آثارن جي بيهڪ ۽ گهرن جي طرز مان معلوم ٿئي ٿو ته
هيءُ شهر به ڪڏهن ڪو شهر هو....!! سيلاٽيا قوم جا
ماڻهو اڄ به حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ ٽنڊي ٺوڙهي ۽
ٽنڊي آغا ۾ رهن ٿا. سيلاٽين جي شهر جا آثار وسيع
ايراضيءَ تي پکڙيل نظر اچن ٿا.
3- ’بانڀڻين جو شهر: هيءُ شهر به تعلقي جاتيءَ جي
قديم ترين ڦٽل ۽ برباد ٿيل شهرن مان هڪ آهي. هيءُ
شهر سيلاٽين جي شهر کان اوڀر طرف 20 ميلن جي
مفاصلي تي تعلقي جاتيءَ جي ديهه سريءَ ۾ آهي. هن
ڳوٺ جا ٻه حصا آهن: انهيءَ جو الهنديون حصو
پاڪستان ۾ آهي جڏهن ته هن جو اڀرنديون حصو انڊيا
جي سرحد ۾ اچي وڃي ٿو، جيڪو هندوستان جي شهر لکپت
جي اتر طرف ٿيندو. باقي سنڌ طرف ۾ انجي بيهڪ ديهه
ڳنڍو ۽ رڻ ڪڇ جي پراڻي روڊ جي اوڀر طرف ۽ پراڻي
مسافر خاني جي اوڀرطرف آهي. هن جا آثار به موجود
آهن ۽ وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهن.
4- سکپور جو شهر:
هيءُ شهر تعلقي شاهبندر جي شهر لاڏيون جي اوڀر طرف
ديهه جي دنگ سان ديهه راڄڙ پتو ڪوٺيءَ ۾ هو. اڄ به
انهيءَ جا آثار جتن ڳوٺ جي ڪاڇيل طرف ڪجهه ميلن جي
مفاصلي تي موجود آهن. آثارن مان لڳي ٿو ته هِتي
ڪنهن سمي ۾ ڪو چڱو موچارو شهر آباد هو.
5- شاه پور:
تعلقي جاتيءَ جي تپي بهاديپورجي ديهه شاهه پور
ننڍيءَ ۾ هيءُ شهر آباد هو. هيءُ شهر واڻين جو شهر
هو ۽ مسلمانن جو به چڱو تعداد هتي موجود هو. چون
ٿا ته، سنه، 35/ 1934ع کانپوءِ هن شهر ۾ ڌاڙيلن
ڌاڙو هڻي شهرين جو سمورو مال اسباب ڦري لُٽي ڇڏيو
هو، جنهنڪري هيءُ شهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو. ۽
انجا باشندا مختلف شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا
ويا. ڪافي هندو واپارين جا ڪٽنب چوهڙ جمالي، جاتي،
سجاول طرف لڏي ويا.
6- سمبراڻين جو شهر:
هتي ديهه دوهو تعلقي جاتي تپو ڪوٺيءَ ۾ مذڪوره شهر
قائم ۽ دائم ۽ آباد هو. هيءُ به بدقسمتيءَ سان
مٿئين شهر وانگيان سال: 35/ 1934ع ڌاري ڌاڙيلن ڦري
لٽي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ واقعي سبب
هتان جا باشندا لڏي. چوهڙ جماليءَ جاتيءَ طرف هليا
ويا. کٽي برادريءَ جا ماڻهو جاتيءَ چوهڙ جماليءَ ۾
اڄ به ’سمبراڻين‘ وارا سڏجن ٿا.
7- ڪوٺيءَ جو شهر:
هيءُ شهر واڻين هندوئن جو آباد ڪيل هو. هتي مختلف
قومون؛ هندو، لوهار ۽ ٻيون قومون رهنديون هيون.
چون ٿا ته اِها ڪوٺي حضرت مفلڀين جي خليفي؛ خليفي
ماڪرڀئي جي نالي سان مشهور هئي. هن شهر جي تباهه
ٿيڻ جو سبب اِهو ٻڌايو وڃي ٿو ته؛ هتي جنات جي
گهڻائيءَ جي سبب انهن جي حرڪتن جي ڪري پاڻيءَ جي
بلڪل اڻاٺ ٿي وئي، جنهنڪري ماڻهو پريشانيءَ مان
شهر خالي ڪري هليا ويا. هتي ئي اولياءَ الله سيد
گل محمد شاهه جو مزار آهي.
8- ڳوٺ ملا:
تعلقي جاتيءَ جي ديهه ملا، تپو ملا ۾ عباسي ملن جو
هڪ وڏو ڳوٺ موجود هو. هتي هٽ بازاريون پڻ موجود
هيون. عباسي قوم کان سواءِ هتي کٽي هندو ۽ هنڱورجا
۽ خواجه رهندا هئا. هتي ڳوٺ ويران ٿيڻ کانپوءِ
ڪافي قومون لڏپلاڻ ڪري هليو ويون اڃا به تعلقي
جاتي جو هيءُ قديم بنهه ڦٽو به ڪونهي، البته
بازارون هٽ وغيره ته ڪونهن باقي عباسي ملن ۽
هڱورجن جا ڳوٺ موجود آهن باقي کٽيءَ ۽ خواجه قوم
جا ماڻهو ڪي جاتي ۽ ڪي ميرپور بٺورو ۽ ڪي تڙ خواجه
۾ رهن ٿا. ميرپور بٺوري جو مشهور عالم ۽ تحريڪ
خلافت جو ڪارڪن ۽ حڪيم مولانا محمد عثمان صباغ جو
تعلق به هن شهر سان هو. ۽ جاتيءَ جي مشهور قاضي
خاندان جو تعلق به هن شهر سان هو. انهيءَ خاندان
مان قاضي ضياءَ الدين اڪبرؒ، قاضي محمد بلال، قاضي
گل محمد ويرائي، قاضي عبدالڪريم جا نالا قابل ذڪر
آهن.
9- ڳوٺ ميرپورستاه:
هيءُ ڳوٺ تعلقي جاتيءَ جي ديهه ڪوٺي تپي ڪوٺيءَ ۾
آباد هو. هن ڳوٺ کي ’ميرپور ڪُنين واري‘ به چوندا
هئا. هتي واڻيا، ملاح ۽ هڱورجا رهندا هئا: ليڪن هن
وقت حب قوم جا ماڻهو رهن ٿا. هيءُ شهر سنه: 45/
1944ع ڌاري بلڪل ڦٽي ويو.
10- گرهوڙي:
تعلقي جاتيءَ جي اڀرندئين علائقي روينيو انتظام ۽
رٿابنديءَ ۽ ضلعي بدين کي حيدرآباد کان توڙي هڪ
عليحده ضلعو بنائڻ خاطر گولاڙچيءَ تائين تعلقي
جاتيءَ جون ڪافي ديهون ٽوڙي ڪري ضلع بدين کي ڏنيون
ويون. انهيءَ طرح جاتيءَ تعلقي جي ديهه گرهوڙي تپي
گرهوڙيءَ جي هن قديم ڳوٺ کي ضلعي بدين جي تعلقي
گولاڙچيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. هن شهر ۾ ڪنڀار، چانگ ۽
سيد وغيره رهندا هئا، پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري ماڻهو
هتان گهڻا ته لڏي ويا آهن البته چانگ اڃان هتي رهن
ٿا. هيءُ شهر رڙيءَ شهر کان اوڀر طرف هو. ۽ سنه:
61/ 1960ع کان اڳ ڦٽي تباهه ٿي ويو.
هتي هڪ سيد محمد شاهه نالي وڏو سخي ۽ نالي وارو
ماڻهو ۽ مهمان نواز هو. سندس مسافر خاني ۽ اوطاق
تان مجال آهي جو ڪو ماڻهو بغير ماني کائي خالي
وڃي. هن سيد جو تعلق مٽياري وارن ساداتن سان هو. ۽
اڄ به هن جو اولاد اُتي رهي ٿو.
11- ماڙي وسايو:
هيءُ شهر اڳ ۾ تعلقي جاتيءَ جي علائقي جو هڪ حصو
هو. هيءُ شهر ديهه ماڙي وسايو ۾ قائم هو. هتي جت
قوم جا ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا. چون ٿا
وسايو نالي هڪ شاهوڪار جت هو، جنهن اهو شهر پنهنجي
ماڙي اڏي قائم ڪيو هئو. جنهن جي پٿر جي ماڙيءَ جا
آثار اڄ به سر زمين تي موجود آهن. هتي هڪ جامع
مسجد جا نشان پڻ ملن ٿا. وسايو جت هن ماڙيءَ لاءِ
پٿر پير پٺيؒ جي جبلن تان ڍڳن تي کڻي ايندو هو.
اڄڪلهه هيءُ شهر تعلقي گولاڙچي ضلعي بدين ۾ موجود
آهي.
12- رَڙيءَ جو شهر:
هيءُ شهر جاتيءَ جو قديم شهر آهي. جتن جا مَلڪ هن
شهر ۾ رهندا هئا. اِهو شهر ملڪ حَمرخان ۽ ملڪ
راڌوخان جي ايامڪاريءَ جو آهي. هن شهر ۾ جتن کان
علاوه؛ خواجا ۽ ٻارڻ ۽ ٻيون قومون رهنديون هيون.
وڏي وسنديءَ وارو واپاري شهر هو. هيءُ شهر ديهه
رڙي تپو رڙي ۾ قائم هو. اڄ به انهيءَ جا نشان وڏي
ايراضيءَ تي پکڙيل نظر اچن ٿا. هيءُ شهر جاتي شهر
کان 13/ 12 ميل پري ڏکڻ اوڀر طرف آهي. هتي رڙيءَ
جو هڪ داستان مائي رڙي ۽ ملڪ حمر جو مشهور آهي. ۽
هڪ پهاڪو به مشهورو معروف آهي؛ ’رڙي ڏڪَن پَڙي
جڙيو جتن کي جواب.‘ هتي جي آس پاس ۾ اولياءَ خاڪي
شاهه بادشاهه جي ڌائي مائي ٻائي ٻڊاڻي ٻارڻ جو
مزار ۽ خاڪي شاهه جي درگاهه ۽ سيد بلا (عبدالله)
جو مزار موجود آهي.
13- محمد طور (شاه ڪپور):
هن شهر جو ذڪر تاريخ ۾ وڏي زور شور سان ملي ٿو.
هيءُ شهر سومرن جي پهرين تخت گاهه هو. محمد طور
سومرو پنهنجي دور جو پڙهيل ۽ نيڪوڪار انسان هو ۽
بهترين ڪاتب پڻ هو. بقول آغا نورمحمد پٺاڻ جي ته
مون ملتان جي هڪ لائبرريءَ ۾ هڪ قلمي قرآن شريف
ڏٺو هو. جنهن تي ’محمد طور‘ جو نالو آخر ۾ ڪاتب
طور لکيل هو ۽ هڪ مهر به لڳل هئي جنهن ۾ پڻ ’محمد
طور‘ لکيل (اُڪريل) هو. هن شهر جو به هڪ دور هو.
اڄ سرزمين تي هن جا آثار موجود آهن. راقم ڪيترا
ڀيرا ڏسي به آيو آهي. هتان ’قصيرا‘ نالي هڪ سڪو به
ملي ٿو. جنهن ۾ اُن دور جي حاڪم جو نالو اُڪريل
آهي. محمد طور جا آثار ديهه شاهه ڪپور تپو شاهه
ڪپور ۾ موجود آهن. هتان جي وڏي عالم مرحوم مولانا
سيد در محمد شاه جي روايت ۽ تحقيقي شاهدي موجب
راقم کي هُن صاحب ٻڌايو هو ۽ وٺي ڏيکاريو به هو
ته؛ هتي حضرت بي بي زليخا جي مزار آهي ۽ انجي ڀر ۾
هڪ سيد عورت ’فاطمہ‘ جي قبر پڻ موجود آهي. جيڪا
انهن آثارن جي بلڪل قريب آهي. پاڻ اسان کي هڪ قلمي
ڪتاب پڻ ڏيکاريو جنهن ۾ بي بي زليخا (حضرت يوسف
عليه السلام جي گهر واريءَ) جو هتي اچڻ جو ذڪر هو.
(والله اعلم) هنن آثارن جي بلڪل قريب اولياءَ شاهه
ڪپورؒ جي مزار آهي. جنهن کي عام ماڻهو ڊگهي قبر
هئڻ ’اصحابي سڳورو‘ چون ٿا. هتان کان ويجهوئي ڪاري
گونگڙي جي پراڻي وهڪري تي ’ڇٽي پير‘ جي مزار آهي.
چون ٿا ته؛ اهوئي بزرگ سهڻيءَ جو مرشد هو.
14- نند ڪوٽ:
هيءُ قديم شهر ’راجا نند‘ جي گرمين جي موسم جي
رهائشگاهه هو، هيءُ راجا نند ’مومل راڻي‘ جي
داستان واري مومل گجر جو والد هو، هن قديم شهر جا
آثار موجوده جاتي شهر کان 4-5 ڪلوميٽر اُتر- اوڀر،
ديهه کاڙڪ، تپو هاساڻي ۾ موجود آهن. زمين جي سطح
تي ڪوٽ، ان جي دروازي ۽ مورچن جي ڀتين جا آثار
اڃان تائين موجود آهن، هن ڪوٽ جي سِرن جي سائيز
’دودي سومري‘ جي قبرستان واري ساڳي آهي.
ميرزا دبير
حيدرآباد
سنڌي شاعريءَ ۾ صنعتٖ مُشجر جو فني جائزو
’صنعت‘ جي معنيٰ آهي: ڪاريگري- هنر-
فن(1). علمٖ بديع جي اصطلاح ۾
’صنعت‘
(Figure
of Speech)
اُن فن کي چئجي ٿو:
جنهن ذريعي نظم ۾ لفظن جي ترتيب انتهائي
سهڻي مهارت ۽ ڪاريگريءَ سان
آراسته ۽ پيراسته ڪري سگھجي، جنهن سان شاعريءَ جي
خوبين يا خصوصيتن ۾ چار چنڊ لڳي وڃن.
شاعريءَ
۾
’صنعت‘
عبدالله بن معتز عباسيءَ جي ايجاد آهي، جنهن 274هه
۾ علمٖ بديع جا قاعدا قائم ڪري پنهنجي ڪتاب ۾
سترهن قسم صنعتن جا متعارف ڪرايا. جنهن کانپوءِ
شاعرَ ان فن طرف متوجه ٿيڻ لڳا ۽ اُن ۾ اضافا ڪندا
ويا(2).
شاعريءَ ۾ صنعتن جو استعمال ڪرڻ شاعر جي ڪاريگري ليکجي ٿي، ته
هُو ڪهڙي انداز ۾ موقعي جي مناسبت سان، صنعت جو
استعمال ڪري پنهنجي شعر جي سونهن سوڀيا وَڌائي ٿو.
شاعريءَ ۾ صنعت جي هڪ عام قسم کان وٺي ڏکي صنعت جو
استمال ڪري سنڌ جي شاعرن پاڻ مَڃرايو آهي ۽ انهن
صنعتن مان
’صنعتٖ
مشجر‘
به هڪ آهي.
’مشجر‘ علمٖ صنايع ۽ بدايع جو هڪ قسم آهي. علمٖ
بديع جي اصطلاح ۾ شعر کي وڻ جي شڪل ۾ سَجائڻ
کي
’صنعت
مشجر‘ چئجي ٿو؛ يعني
شاعريءَ جي ڪنهن صنف جھڙوڪه غزل يا قطعه تاريخ
وغيره کي وڻ جي شڪل ۾ لکيو وڃي ٿو، يعني اُن شعر
جي شروعاتي مطلع وارين
ٻن مصرعن کي وڻ جي ڪاٺيءَ وانگر سڌو لکيو ويندو
آهي، پوءِ اُن مان وڻ جون شاخون مناسب ۽ بامعنيٰ
مصرعن سان ڪڍيون وينديون آهن
۽ واري واري سان ان وڻ وارين ٻن
مصرعن مان هڪڙو يا ٻه لفظ کڻي، شاخن واري شعر ۾
شامل ڪري مصرع مڪمل ڪبي ۽ وري اُن جي مصرع
ثاني به
ان جي ڀرسان لکبي وڃبي آهي.
’صنعت
مشجر‘
جي
وصف
’فرھنگنامہء
ادبي فارسي‘ (جلد دوم) ۾
هِن ريت بيان ڪئي وئي آهي:
مشجر (mo.saj.jar)، در لغت
به معنی
منقش
به
شکل درخت و در اصطلاح بدیع شعری
است
که
بتوان کلمات آن را
به
شکل
یک
درخت نوشت؛ چنان
که
آغاز شعر از پایین درخت باشد و کلمات آن
به طور منظم بر تنه و شاخه
های آن نوشته شود. در این
حال، می توان شعر را از پایین
درخت شروع کرد و ادامهء
آن را بر
هر
شاخه ای
که مورد نظر است، خواند. برای
نمونه:
مشجر گونہ
ای
از توشیح
است. (3)
]ترجمو:
لغت ۾ مشجر
جي
معنيٰ آهي: وڻ جي صورت ۾ نقش ٿيل. علمٖ بديع جي
اصطلاح ۾ هڪ اهڙو شعر جنهن کي وڻ جي شڪل ۾ لکي
سگھبو آهي. اُن شعر جي شروعات وڻ جي ٿُڙ کان ٿئي
ٿي ۽ اُن جا لفظ ترتيبوار اُن جي هيٺان کان لکيا
ويندا ۽ پوءِ اُن جي ٽارين تي لکبا ويندا آهن. ان
صورت ۾ شعر کي وڻ جي هيٺين حصي کان پڙهڻ شروع ڪبو
۽ اُن جي باقي تسلسل کي لاڳاپيل ٽارين تان پڙهبو
وڃبو. _ مشجر ھڪ آرٽ آھي.[
’بحرالفصاحت‘
۾
صنعتٖ
مشجر جي
تعريف
۾ هِن ريت بيان ڪيل آهي:
مشجر وہ
یہ ہے
کہ
اشعار کو بطور ایک
درخت کے
لکھا
جائے
یعنی
ایک
شعر جڑ
درخت کی
فرض کرکےاُس
سےبہت
سی
شاخین
موقع مناسب مصرعون کی
نکالی
جائین
اور
ہر
جگہ
سے
ملاکر پرھنا
ممکن
ہو
اور شعر بامعنے
حاصل
ہوتا
جائے۔(4)
’صنعتٖ
مشجر‘
هڪ ڪمال جو فن آهي ۽ انتهائي دماغ سوزيءَ جو ڪم
آهي.
حافظ محمد احسن چنا
پنهنجي مقالي
’سنڌي
شعر ۾ صنعتون‘ ۾
لکي ٿو ته:
”دنيا
جي نامور ٻولي ۾ جيڪي فصاحت ۽ بلاغت جا اصول ۽
خوبيون آهن، اهي سڀ سنڌيءَ ٻولي ۾ موجود آهن. ڪهڙي
صنعت به فصاحت يا بلاغت آهي، جا سنڌ جي شاعرن،
اديبن ۽ اهل قلم ڪم نه آندي آهي؟“
(5)
اِها واقعي هڪ حقيقت آهي ته، سنڌ جي شاعرن
جي ڪلام ۾ صنائع ۽ بدايع جا بي مثل
۽ بي مثال
قسم موجود آهن، جن مان سندن فڪري صلاحيتن
جي پَرک ڪري سگھجي ٿي. سنڌ جي شاعرن مان
’صنعتٖ
مشجر‘
تي ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘،
هدايت علي ’تارڪ‘
نجفي
۽
ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘
طبع آزمائي ڪندا نظر اچن ٿا. ممڪن آهي ته، سنڌ جي
ٻين شاعرن به هن صنعت تي طبع آزمائي ڪئي هجي؛ پر
مهيا ٿيل
مواد جي آڌار تي
اِهو چئي سگھجي ٿو ته،
’صنعتٖ
مشجر‘
تي سنڌ جي شاعرن مان پهرين ميرزا علي محمد بيگ
’مظفر‘ طبع آزمائي ڪئي ۽ پاڻ پنهنجي بزرگوار ميرزا غلام حيدر
بيگ ’قنبر‘ ابن ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي چوڻ تي
صنعتٖ مشجر ۾ غزل بتاريخ 17- شعبان المعظم
1338هه/07- مئي 1920ع تي لکي
پنهنجي شاعراڻي فڪر جا جوهر پَسايا آهن.
ان سلسلي جو ٻيو شاعر فقير ميان محمد
هدايت علي
’نجفي‘
آهي. جنهن جو ڪتاب
’ديوانٖ
نجفي عرف ديوان سنڌي‘ سال 1922ع ۾ رفاه عام پريس لاهور مان مسٽر پوڪرداس ٿانورداس
تاجر ڪتب شڪارپور سنڌ ڇپايو هو، جنهن جي صفحي 146
تي صنعتٖ مشجر ۾ غزل شامل آهي. سنڌي غزل جي نامياري شاعر مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ جي چوڻ تي نجفيءَ جي
ان غزل جو به ميرزا ’مظفر‘ صنعتٖ مشجر ۾ ئي تتبع ڪيو ۽ ٽيون شاعر آهي
راقم الحروف جو
استادٖ
محترم
قبله و ڪعبه
ميرزا فتح علي بيگ
’شاهد‘.
جنهن
نه فقط
’صنعتٖ
مشجر‘
۾
غزل
چيو، پر پاڻ
’صنعتٖ
مشجر‘
کي نئون رخ ڏيندي، ان ۾
’مادهء
تاريخ‘
جي صنعت به شامل ڪري،
پنهنجي جداعليٰ ۽ سنڌ جي معروف مرثيه گو شاعر
ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي وفات جو سن وضع ڪيو.
مٿي ڄاڻايل ٽنهي شاعرن جا صنعتٖ مشجر ۾ چيل ڪلام هِتي
ڏجن ٿا:
(1)
ميرزا علي محمد بيگ
’مظفر‘
ولد ميرزا قربان علي بيگ ’قربان‘
]جنم: 15- ذي الحج 1315هه/07-
مئي 1898ع. وفات: 23- صفر المظفر 1401هه/01-
جنوري 1981ع[
غزل(6)
حسب ارشاد بزرگوار ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ ابن ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘
بتاريخ 17- شعبان المعظم 1338هه/07- مئي 1920ع
غزل(7)
حسب ارشاد مير عبدالحسين خان ’سانگي‘، بتاريخ پهرين شوال المڪرم 1341هه/18
مئي 1923ع
فقير ميان محمد
هدايت علي
’نجفي‘
ولد ميان الله داد عرف تراب علي
]جنم: 25- محرم الحرام 1312هه/08- آگسٽ 1893ع. وفات: 18 محرم
الحرام 1358هه/09- مارچ 1939ع[
غزل(8)
(2)
ميرزا فتح علي بيگ
’شاهد‘
ولد ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘
]جنم: 18- ربيع الاول 1367هه/30- جنوري 1948ع. وفات: 23- ذيقعد
1441هه/14- جولائي 2020ع[
غزل(9)
قطعه تاريخ وفات ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘(10)
ميرزا فتح عليءَ هي قطعه تاريخ 20- آڪٽوبر 2019ع
تي لکي، جنهن جي مصرع ”محرم ۾ فتح علي برقرار“
۾ پاڻ پنهنجي جدِ اعليٰ
ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘
ابن ميرزا مراد علي بيگ ’سائل‘
ڪربلائي
جي وفات
جو سن
1301هه
محفوظ ڪيو آهي.
حوالا :
1-
بلوچ،
نبي بخش،
ڊاڪٽر: (2005ع)،
’نئين
جامع سنڌي لغات‘
(جلد ٻيو).
حيدرآباد:
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
ص
1271.
2-
نجمي، محمد نجم الغني حڪيم:
(1926ع).
’بحرالفصاحت‘، لکھنؤ:
منشي نول ڪشور،
ص
892.
3-
انوشہ،
حسن: (1997ع)، فرھنگنامہء
ادبي فارسي (جلد دوم)، تھران:
سازمان چاپ و انتشارات. ص
1251-1252.
4-
ڏسو حوالو نمبر 2، ص
963.
5-
چنا، محمد احسن، حافظ:
’سنڌي شعر ۾ صنعتون‘،
(مهراڻ جا موتي)،
ڪراچي: پاڪستان پبليڪيشنس،
ص
64
6-
’مظفر‘، علي محمد بيگ، ميرزا:
’ڪليات
مظفر‘،
مرتب: ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘، (قلمي)
7-
ساڳيو.
8-
نجفي،
هدايت الله:
(1922ع)،
ديوان نجفي،
شڪارپور:
پوڪرداس ٿانورداس،
ص 146.
9-
’شاهد‘، فتح علي بيگ، ميرزا:
’ڪليات
شاهد‘،
(قلمي)
10-ساڳيو. |