محمد حبيب سنائي
هالا پراڻا
اي.بي آڏواڻي ايم.ايل.ايل.بي هڪ وساريل مورخ
ويھين صديءَ
جي ٽئين ۽ چوٿين ڏھاڪي ۾ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي ۽
ان جي انگريزي ٻوليءَ
واري جرنل سنڌ جي تاريخ کي جديد بنياد تي مرتب ڪرڻ
۾ اھم رول ادا ڪيو آھي. ان تنظيم جو ھڪ سرگرم
عھديدار ۽ سوسائٽي پاران شايع ٿيندڙ جرنل جو ھڪ
ايڊيٽر اي.بي
آڏواڻي به ھو. ياد رھي ته ھيءُ صاحب سوسائٽي جي
بنياد وجھندڙن رڪنن مان ھڪ ھو. آڏواڻي صاحب سال
1934ع کان وٺي، جڏھن سوسائٽيءَ
جو باقاعدي قيام ٿيو، سال 1942ع تائين نه صرف
سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري، لائبررين رھيو، پر
پھرئين شماري کان وٺي 24 شماري تائين ان جو ايڊيٽر
به رھيو. ان کان علاوه جرنل ۾ وڌ ۾ وڌ لکندڙ جيڪي
چند ليکڪ ھئا، تن مان به ھيءُ ھڪ ھو.
افسوس اھو آھي ته ھن جي ذاتي زندگيءَ
جو تفصيلي احوال موجود ڪونھي: خبر نه آھي ته ھُو
ڪڏھن ۽ ڪٿي ڄائو، ۽ ڪٿي پڙھيو. ڪڏھن کان لکڻ شروع
ڪيائين. بھرحال ايترو معلوم آھي ته ھُو
سال 1942ع جي آخر ۾ ھوائي حملن کان حفاظتي کاتي
AIR RIAD PRECAUTIONS))
جيڪو پوءِ سول ڊفينس کاتو ٿيو، ۾ سينئر انسٽرڪٽر
طور ڀرتي ٿي لاھور ويو، ۽ پوءِ وري ورھاڱي جي ڪري
ھندستان لڏي ويو،
پر ڪڏھن فوت ٿيو ۽ ھندستان ۾ رھڻ دوران سندس وفات
تائين سندس علمي سرگرمين يا لکڻين جو ڪو اتو پتو
نه آھي ۽ نه ئي ڪو ھن جي مضمونن جو ڪو مجموعو ھند
توڙي سنڌ ۾ شايع ٿيو آھي.
بھرحال سوسائٽي جي جرنل ۾ ھن صاحب جا 15 کن مضمون
شايع ٿيا، جن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو.
نمبر شمار |
مقالي جو عنوان |
جرنل جو واليوم ۽ حصو نمبر |
1 |
The Early British Traders in Sindh |
واليوم 1 حصو 1، مئي 1934 |
2 |
The Kalhora Dynasty and its
overthrow by Talpur Chiefs of Sind |
واليوم 1 حصو 2، آڪٽوبر1934 |
3 |
Mirza Khusro Beg |
واليوم1، حصو 3، مارچ، 1935 |
4 |
Sheedee Hosh Mohammad |
واليوم 1، حصو 4، 1935 |
5 |
His Majesty’s Horses |
واليوم 2، حصو 1، جنوري 1936 |
6 |
The English Missions of 1808, 1809
and 1829 to Sind |
واليوم 2، حصو 3، ڊسمبر 1936 |
7 |
Some European Adventures in Sind |
واليوم 3، حصو 1، آگسٽ 1937 |
8 |
Some Sindhi Proverbs and their
connection with History of Sind |
واليوم 3، حصو 2، جنوري 1938 |
9 |
Holy Hair at Rohri |
واليوم 3، حصو 3، جون 1938 |
10. |
Guns at Kot Diji |
ساڳيو |
11 |
Crimes and Punishment in the days of
the Talpurs |
واليوم 3، حصو 4، ڊسمبر 1938 |
21 |
Diwan Gidumal and Seth Naoomal
Hotchand |
واليوم 4، حصو 2، سيپٽمبر، 1939 |
13 |
Defence of the British Residency at
Hyderabad |
واليوم 4، حصو 4، آگسٽ، 1940 |
14 |
Two minor Invasions of Sind |
واليوم 5، حصو 1، جنوري 1941 |
15 |
The Lion’s Last Roar |
واليوم 6 حصو 3، فيبروري، 1943 |
انھن مان قريبن ست کن مضمون ٻيھر جرنل
مان چونڊيل مضمونن جي ٻن مجموعن ۾ شايع ٿيا.
پھريون مجموعو ڊاڪٽر مبارڪ علي
Sindh Observed
جي نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو پھريون ڀيرو سال 1993ع
۾ شايع ٿيو. ھن مجموعي ۾ ڪل 19 مضمون ھئا، جن مان
ٽي (نمبر شمار 6، 13 ۽
14)
اي.بي
آڏاواڻي صاحب جا ھئا. ھن مجموعي جو اردو ترجمو به
شايع ٿيل آھي.
وري سال 2017ع ۾ جرنل ۾ شايع ٿيل مضمونن
مان چونڊيل مضمونن جو ھڪ ٻيو مجموعو
Discovering Sindh’s Past
جي نالي سان آڪسفرڊ يونيورسٽي ڪراچيءَ
پاران شايع ٿيو آھي. ان مجموعي کي مچل بوئن، مئٿيو
ڪڪ ۽ زوليان ليوسڪ مرتب ڪيو آھي. انھي مجموعي ۾ 13
مضمون شامل آھن، جن
۾
چار مضمون (نمبر 2، 3، 10 ۽ 11) آڏواڻي صاحب جا
آھن.
انھيءَ تازي مجموعي جي ھڪ مرتب محترم
مئٿيوڪڪ مھرباني ڪري سوسائٽي جي جرنل جي 30 شمارن
مان 24 شمارا پنھنجي ويب سائيٽ تي رکيا آھن. ستم
ظريفي اھا آھي ته سنڌ جي ڪنھن به لائبرري ۾ اھي
شمارا اوھان کي نٿا ملن.
مون کي ذاتي طرح ھن جي 13 مضمونن کي
پڙھڻ جو موقعو مليو آھي، تن مان ھرھڪ جو تت اوھان
سان اورجي ٿو.
1. سنڌ جا اوائلي انگريز واپاري
The Early British Traders in Sind
اهو مضمون سوسائٽيءَ
جي گڏجاڻي ۾ 25 مارچ، 1834 تي پڙهيو ويو هو ۽ جرنل
جي واليوم 1 حصو 1، مئي 1934ع واري شماري ۾ شايع
ٿيو ھو.
هن مضمون ۾ 17 صدي جي ابتدا کان وٺي ارڙهين صديءَ
جي شروعاتي ڏهاڪن تائين واري عرصي دوران انگريز
واپارين جي سنڌ اندر سرگرمين جو احوال شامل آهي.
آڏاوڻي صاحب جي خيال ۾ سورهين صدي جي آخر تائين
سنڌ مغرب لاءِ هڪ سيل ٿيل ڪتاب وانگيان هئي، ۽
انهن وٽ سنڌ جي حوالي سان تمام گهٽ پر غلط معلومات
هئي. يوروپين ۾ پورچوگيز پهرئين قوم هئا، جيڪي سنڌ
۾ 1555ع ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان جي دعوت تي سلطان
محمود خلاف فوجي مدد واسطي آيا.
31 ڊسمبر 1600ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪرڻ کان
پوءِ، پهريون انگريز ائنٿوني اسٽارڪي، جيڪو ڪنهن
جهاز جو ملاح هو، سو فيبروري 1612ع ۾ واپاري
امڪانن جي خبر لهڻ لاءِ هتي پهتو.
ورندڙ سال ۾ 26 سيپٽمبر، 1613ع تي هڪ جهاز ديول
بندر تي پهتو. ان ۾ ٻين سان گڏ والٽر پيٽان به هو،
جنهن پنهنجي جنرل ۾ سنڌ جو احوال توڙي سنڌو درياهه
جو نقشو ٺاهيو. جهاز جي ڪئپٽن جهاز ۾ آندل شين جي
وڪري واسطي مقامي عملدارن کان اجازت گهري، پر کيس
اجازت نه ڏني ويئي.
ساڳئي سال هڪ ٻيو انگريز واپاري نڪولس وٽنگٽن احمد
آباد کان ٺٽي اهو ٻڌي آيو ته بندر تي ٽي جهاز
سامان کڻي لنگرانداز ٿيا آهن. هن کان ٺٽي جي ويجهو
ئي ڦر ڪئي ويئي، ۽ وري پوءِ کيس ھڪ مقامي عملدار
قيد ڪيو، پر ڪنهن طرح هو هتان ڀڄي وڃي واپس سورت
پهتو.
مغل درٻار ۾ انگريز سفير سر ٿامس رو مارچ 1616ع
ڌاري تجارت جو معاهدو حاصل ڪيو، جنهن جو ٻيو شق
سنڌ سان واپار متعلق هو،
پر سالن تائين ان سلسلي ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي.
سال 1629ع ۾ سنڌ مان واپاري ڪوٺي جي قيام لاءِ
درخواست پهتي. هڪ مقامي واپاري کي هتي موڪليو ويو،
جنهن ڪپڙي ۽ ٻين شين جا نمونا هٿ ڪري آندا، جيڪي
انگلنڊ موڪليا ويا،
پر پنجن سالن تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي.
وليم فريملين، جان اسپلر ۽ ربهارڊ موئيل کي سنڌ ۾
مقرر ڪيو ويو ۽ اهي سنڌ ۾ 10 ڊسمبر 1635 تي پهتا ۽
هتي ٻه اڍائي مهينا رهي واپاري امڪانن جي کوجنا
ڪندا رهيا.
سال 1640ع ۾ جان اسپلر کي سنڌ ۾ چيف فيڪٽر مقرر
ڪيو ويو، جنهن سال 1652ع تائين هتي ڪم ڪيو. کائنس
پوءِ نڪولس اسڪريونر کي چيف فيڪٽر ڪيو ويو،
پر سال 1656ع ۾ واپاري حالتون خراب ٿيون. ان سال
رٽائر ٿيندڙ مغل گورنر هنن جي ٽن ٻيڙين تي قبضو
ڪري ورتو.
وري سال 1658ع واري ڏڪار ان صورتحال کي وڌيڪ خراب
ڪيو. ٻئي پاسي انهي سال وري مغلن شهزادن جي وچ ۾
اقتدار جي حاصلات لاءِ جنگ لڳي، جنهن ۾ آخرڪار
اورنگزيب عالمگير سوڀارو ٿيو.
1662ع ۾ وليم بيل چيف فيڪٽر ٿيو. هن فنڊن ۾ خردبرد
ڪئي، ان ڪري کيس واپس انگلنڊ موڪليو. انکانپوءِ
اسان ٻين انگريز فيڪٽرن جو احوال نه ٿا ٻڌون.
1699ع ۾ انگريز ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن ڏهه هزارن
جي ماليت رکندڙ وکر کڻي ٺٽي آيو. هن جي ڪتاب
A New Account of East Indies
۾ سنڌ جي سماجي ۽ واپاري حالتن جو احوال ملي ٿو.
هن لکيو آهي ته سندس هتي آمد کان ٽي سال اڳ هڪ
ڏڪار جي ڪري 80 هزار ڪوري مري ويا هئا. ڪاٽن،
ريشمي ۽ پشم وارو ڪپڙو، بستري جون چادرون، اعليٰ
ڪٻٽ، جن ۾ ڪن جي اندر عاج
Ivory
لڳايل هئي، ٺٽي جون مکيه مصنوعات هيون. ان کان
علاوه مکڻ کي مختلف سائيز جي دلن ۾ ڏيساور اماڻيو
ويندو هو. هڪ ٻي شيءِ
Ligna Dulcis
به چين ڏي وڪرو ڪئي ويندي هئي.
هن کان پوءِ اسان رڳو هڪ ٻئي انگريز ايڊورڊ ڪڪ جو
ذڪر ٻڌون ٿا، جيڪو خانگي واپاري هو. هو ڪافي
ٻوليون ڄاڻندو هو. هو ٺٽي ۾ رهندي، 8 مئي 1748ع تي
گذاري ويو.
2. ڪلهوڙا خاندان ۽ ٽالپرن پاران انهن جي اقتدار
جو خاتمو
The Kalhora Dynasty and its overthrow by the
Talpur Chiefs
هن مضمون ۾ ڪلهوڙا گھراڻي جي اصليت، اڀار ۽ زوال
کي بحث هيٺ آندو ويو آهي.
ليکڪ موجب عباسي ڪلھوڙن جي اصليت قدامت جي ڌنڌ ۾
گم آھي. اسان پھريائين ڪلهوڙن جو ذڪر 10 صدي ۾
ٻڌون ٿا، پر وري سال 1204ع کان وٺي سال 1557ع
تائين هيءُ خاندان اڄاتو ٿي ويو. ان بعد هڪ مذهبي
شخص ميان آدم شاه، جيڪو چانڊڪا ۾ رهندو ھو، سو
ڪلهوڙن جو سرواڻ ٿيو. سال 1586ع ۾ مغل جرنيل خان
خانان کيس ان ضلعي ۾ جاگير ڏني، تنهنڪري ڪلھوڙا
ھاڻي زميندار به ٿيا. انهن جي هن نئين حيثيت جي
ڪري ٻين ڌرين ۾ حسد پيدا ٿيو ۽ آخر آدم شاهه کي
ملتان ۾ ماريو ويو.
پر ايندڙ صدي ۾ هو جڏھن وڌيڪ طاقتور ٿيا،
۽ ميان شاهه محمد ڪلهوڙي گهاڙ واهه کوٽايو ۽ مقامي
ماڻهن جون زمينون قبضي هيٺ آنديون ته عام زميندار
جي دانهن تي مغل گورنرن جو جٿو مدد لاءِ آيو، ان
جي ناڪامي بعد ٻيو جٿو آيو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي
کي قتل ڪيو ويو.
سندس ڀاءُ ميان يار محمد دھلي درٻار ڏي دانھن کڻي
ويو، جتي ھن کي مانُ
مليو ۽ ھو جاگير توڙي خدا يار خان جو لقب حاصل ڪرڻ
۾ سوڀارو ٿيو. هن 1700ع کان 1718ع تائين حڪمراني
ڪئي ۽ خدا آباد کي پنهنجي راڄڌاني طور قائم ڪيو.
ياد رھي ته هيءُ صاحب جهوڪ شريف ۾ صوفي شاهه عنايت
جي شهادت ۾ مکيه ڌر هو. هن جي پونير ميان نور محمد
کي 1737ع ڌاري سڄي سنڌ تي قبضو حاصل ٿيو، تنهن ڪري
ان سال کان ئي سندس حڪمراني جو دور شروع ٿيو.
ڪلهوڙن وري ٽالپرن کي فوجي سهائتا واسطي
دعوت ڏئي گهرايو.
ٽالپرن جو ويجهڙ ۾ عام وڏو ڪوڪا يا بيگم ھو. ان جي
پٽ ھوتڪ کي شھداد نالي پٽ ھو. ھي صاحب پنھنجي چاچي
سان اختلاف ٿيڻ بعد، پنھنجو اباڻو وطن ڇڏي سنڌ ۾
آيو ۽ ميان يار محمد جي نوڪريءَ
۾ گهڙيو. هيءُ سال 1734ع ۾ فوت ٿيو، ۽ سندس جاءِ
تي ھن جو پٽ مير بهرام مقرر ٿيو.
ان بعد ڪلهوڙي جي مختلف حاڪمن جا دور، نادر شاهه ۽
احمد شاهه ابدالي جون ڪاهون ۽ ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي
اختلافن جون روايتون ڏنل آهن، مدد خان جي ڪاهه جو
ذڪر ۽ آخر ۾ ميان عبدالنبي جو مستقل اقتدار وڃائي،
جوڌپور تائين جون ڳالهيون آهن.
وري سال 1781ع ۾ مير بجار کي ٻن راجپوت قاتلن
ماريو، نتيجي ۾ ميان عبدالنبي قلات ڏي خزانو کڻي
ڀڄي ويو. سندس غير موجودگي ۾ هن جي مائٽ صادق علي
کي حاڪم ڪيو ويو، پر هن حڪومتي معاملن ۾ دلچسپي
نٿي ورتي. ميان عبدالنبي قلات جي خان توڙي جوڌپور
جي راجا جي فوج جي مدد سان ڪاهي آيو، پر کيس شڪست
ملي.
ان کان پوءِ هن وري افغان سردار مدد خان کي خزاني
جي لالچ ڏئي سهائتا لاءِ چيو. جنهن اتر کان ڏکڻ
تائين خزاني واسطي سنڌ کي تاراج ڪيو. اهڙي تباهيءَ
کان پوءِ هن مير بجار جي پٽ مير عبدالله سان صلح
ڪيو،
پر وري به هن ميرن مان جان آجي ڪرڻ جون
رٿائون رٿڻ شروع ڪيون. سندس درٻار ۾ دغا سان مير
عبدالله ۽ مير فتح علي ماريا ويا. هاڻي ٽالپرن تيش
۾ اچي بغاوت ڪئي ۽ هالاڻيءَ
جي جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ڏني ويئي.
عبدالنبي افغان حاڪم تيمور شاهه وٽ دانهن کڻي ويو،
جنهن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو. پر ٽالپرن جي سفيرن
تيمور شاهه کان پنهنجي حق ۾ فرمان جاري ڪرايو.
ٻڌجي ٿو ته ان نوازش پويان نون لکن جي ادائيگي
هئي. ميان عبدالنبي ڪجهه عرصي جي رولاڪي بعد
جوڌپور ۾ مستقل رهي پيو.
سال 1793ع ۾ تيمور شاهه مري ويو ته ان جي جاءِ تي
زمان شاهه اقتدار ۾ آيو، جنهن ٽالپرن جي اقتدار کي
تسليم ڪيو.
3. مرزا خسرو بيگ
ھن مضمون ۾ مرزا خسرو بيگ (1790-1860)
جي ذاتي زندگي توڙي ان زماني جو احوال ڪيو ويو
آھي. مرزا خسرو بيگ ميرڪرم علي خان ٽالپر جو پٽيلو
۽ سندس درٻار جو سگھارو رڪن ھو. ھُو
سنڌ جي ماياناز عالم ۽ اديب مرزا قليچ بيگ جو نانو
به ھو.
1783ع ۾ جڏھن ٽالپر سنڌ جي اقتدار جا مالڪ ٿيا ته
ھنن سنڌ جي انتظام کي ٽن حصن ۾ ورھايو،
جن مان مکيه حيدرآباد ھو، جنھن جو حاڪم مير فتح
علي خان ھو، جنھن کي ٽي ڀائر مير غلام علي، مير
ڪرم علي ۽ مير مراد علي ھئا. سندن پاڻ ۾ ميٺ محبت
جي ڪري کين گڏيل طور چار يار چيو ويندو ھو.
مير ڪرم علي جون ٻه شاديون ڪيل ھيون، پر کيس ڪو
اولاد ڪونه ھو.
سندس هڪ وزير آخوند محمد اسماعيل
فارس يعني ايران جي ھڪ وزير حاجي ابراھيم
کان مرزا خسرو بيگ کي مير ڪرم علي لاءِ پٽيلو ڪري
آندو، مرزا خسرو بيگ اصل ۾ جارجيا جي بادشاهه گرگن
خان ٽئين جو پُٽ ۽ جنگي قيدي هئو.
مرزا خسرو بيگ کان پوءِ فريدون بيگ (مرزا قليچ جو
والد) ۽ مرزا قربان علي بيگ کي به سنڌ گهرايو ويو.
هيءُ پوءِ ميرن جو وزير ٿيو. انگريزن جي سنڌ تي
حملي وقت هن نيپئر کي چيو ته سنڌ حلوو ناهي جو
کائي ويندين. نيپئير سنڌ فتح ڪرڻ بعد کيس قيدخاني
۾ حلوو موڪليو جيڪو هن ڪتن کي ڏئي ڇڏيو. مرزا خسرو
بيگ مير ڪرم علي جي ديرن جي سنڀال طور ٽنڊي
سائينداد طرف رهيو. بعد ۾ ميرن جي واپسي تي کيس
ڦليلي جي ڪپ تي ٽنڊو ٺوڙهو لڳ هڪ باغ ڏنو ويو،
جنهن مان سينٽرل جيل واري ايراضي عيوض کيس مالي
معاوضو مليو.
زندگيءَ
جا آخري ست سال مرزا بستري ڀيڙو رھيو، جتي ھُو
عربي ۽ فارسي ادب پڙھڻ ۾ وقت گذاريندو ھو. ھو 2
جمادي الثاني، 1277 ھجري بمطابق 1860ع تي ٽنڊي
ٺوڙھي ۾ وصال ڪري ويو.
ھن مضمون جي پڄاڻيءَ
۾ مرزا خسرو جو شجرو ڏنو ويو آھي.
4. شيدي ھوش محمد
ھن مضمون ۾ ٽالپر اميرن جي ھڪ فوجي جنرل ھوش محمد
شيدي جو احوال آھي، جيڪو مياڻي توڙي دٻي واري
جنگين ۾ بھادري سان وڙھيو. پر آڏواڻيءَ
جي خيال ۾ ھيءُ نڪي غلام ھو ۽ نه ئي آفريقين جو پٽ
ھو. ھن جا والدين سنڌ ۾ رھندڙ ھئا، جيئن ھن جي
مائٽن زباني تصديق ڪئي. ھنن کي مقامي طور قمبراڻي
به چيو وڃي ٿو. جيئن ھڪ نظم ۾ آھي.
آڏواڻي رچرڊ برٽن جي حوالي سان قمبراڻي لفظ جي
مخصوص وضاحت اھا ٿو ڪري ته جڏھن سنڌي مسلمان ڪنھن
شيدي عورت سان شادي ڪندو آھي ته ان جي اولاد کي
قمبراڻي چيو ويندو آھي.
ھوش محمد مير فتح علي جي نوڪري ۾ ھن جي 1802ع ۾
وفات تائين رھيو، پوءِ ھو ھن جي پٽ مير صوبدار خان
جي نوڪري ۾ آيو.
آڏواڻي پنھنجي مضمون جي آخر ۾ان زماني ۾ حيدرآباد
واري قلعي جي صورتحال جو احوال ڏئي ٿو، جتي ھن ھڪ
ديوار تي اھا پينٽنگ ڏٺي، جنھن ۾ ھوش محمد شيدي
مير ناصر خان جي پويان بيٺل ھو.
5. عالي مرتبت جا گھوڙا
His Majesty’s Horses
ھيءُ مضمون انگريز ڪارندن جي انھن ڪوششن جو احوال
آھي، جيڪي ھنن سندن بادشاھ پاران رنجيت سنگھه کي
گھوڙا پھچائڻ واري مشن جي آڙ ۾ سنڌو درياءَ جي
سروي ڪرڻ لاءِ سرانجام ڏنيون ھيون.
اھو مشن ڪڇ جي مانڊوي بندر تان 21 جنوري 1831ع تي
روانو ٿيو ۽ آخر جولاءِ 1831ع ۾ لاھور پھتو. رنجيت
سنگھ گھوڙي ۾ ڪجهه دلچسپي ڏيکاري، ۽ سنجٽيل گاڏي
کي به ٻه ٽي ڏينھن استعمال ڪيو ويو،
پر چئن گھوڙين تي ته ھن نظر ئي نه وڌي.
سنڌو درياءَ تي ڪاميابي سان سفر ڪيو ويو، ۽ ميمائر
آن دي انڊس نامي رپورٽ ۽ درياءَ جو نقشو گورنر
جنرل کي موڪليو ويو ۽ برنيس پنھنجي مشن جي ڪاميابي
تي سرڪاري حلقن ۾ سرخرو ٿيو.
6. سنڌ ڏانھن 1808، 1809 ۽ 1820ع ۾ انگريزن جا وفد
يا مشن
The English Missions of 1808, 1809 & 1820 to
Sind
ھيءُ مضمون جيڪو جرنل جي واليوم 2، حصو 3، ڊسمبر
1936ع واري شماري ۾ شايع ٿيو ھو، سو 31 مئي، 1936ع
تي گڏجاڻي ۾ پڙھيو ويو ھو. ھيءُ مضمون واضح لفظن ۾
ٻڌائي ٿو ته اھي مشن يا سرڪاري وفد ڇو آيا،
ڪھڙا معاھدا ڪيا ويا ۽ انھن جو اصل مقصد ڇا ھو.
هن مضمون ۾ ميرن جي حڪومت برپا ٿيڻ. ٽي راڄڌانيون
قائم ڪرڻ ۽ حيدرآباد جي ميرن جي ’چوياري‘ واري
حڪمراني بعد هڪ نقطو اهو بيان ڪيو ويو آهي خيرپور
جي ميرن ’ڪابل‘ جي غلامي مان جان ڇڏائڻ انگريزن
طرف دوستي جو هٿ وڌايو ۽ انگريزن نهايت چالبازي
سان ميرن ۾ اختلاف وجهي معاهدا ۽ انهن جون ڀڃڪڙيون
استعمال ڪري سنڌ فتح ڪئي
7. سنڌ ۾ وارد ٿيندڙ ڪجهه
يورپي مھم جو
Some European Adventurers in Sind
31 جنوري، 1937ع تي گڏجاڻي ۾ پڙھيل ھيءُ مضمون،
جرنل جي واليوم 3 جي حصي پھرئين (آگسٽ 1938ع ۾شايع
ٿيو آھي. ھن مضمون ۾ ڪن يوروپي مھم جوئن جو احوال
آھي، جيڪي يا سنڌ مان گذريا يا سنڌ ۾ ڪجهه عرصو
رھيا.
سڀ کان اول آڏواڻي صاحب نڪولو مانوڪي جو احوال ڪري
ٿو، جيڪو اٽالين مھم جو ھو، ۽ ھن جو چئن جلدن وارو
ڪتاب بعنوان
Storia Do Mogor
ڄاڻ جو خزانو آھي. ڪنھن فرينچ جي مدد سان ھو دارا
شڪوه جي فوج ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
ٻيو يورپي چارلس مئسن آھي، جيڪو نامور مسافر،
جاگرافيدان، آرڪيالاجسٽ ۽ سڪن جو ماھر ھو. ھن کان
اڳ لاشڪ مسٽر سمٿ، پاٽنجر ۽ ٻيا سنڌ آيا ھئا ۽
سنڌو درياءَ تائين سفر ڪيو ھو، پر اھي حيدرآباد
کان اڳتي نه ويا ھئا. بھرحال اسان ھن صاحب جا
ممنون آھيون، جو ھن سنڌ جو سماجي، اقتصادي ۽ سياسي
احوال لکيو آھي.
جيتوڻيڪ ماڻھو ھن کي جرمن سمجھندا ھئا، پر ھن
آمريڪي ھجڻ جي دعويٰ ٿي ڪئي. بھرحال اھو ثابت ڪيو
ويو آھي ته ھيءُ غير معمولي شخص بنگال جي توبخاني
جي پھرئين دستي ۾ خانگي طور ڪم ڪندڙ ھو، ۽ سندس
اصل نالو جيمس ليوس ھو، پر ھُو
فوج ڇڏي پنجاب ڏي روانو ٿيو.
چارلس مئسن، شڪارپور، سکر، روهڙي ۽ خيرپور ۾ رهيو.
بعد بهاولپور، لاهور مان ٿيندو واپس ٻيهر سنڌ آيو
۽ مرزا قربان علي بيگ وٽ لاڙڪاڻي مان ٿيندو پهتو.
سندس سفرنامي جي ڪتاب ۾ ڪراچي تائين پهچڻ ۽ رهڻ جا
تمام دلچسپ واقعا آهن. هو ڪٿي حاجي، ڪٿي مُلان،
ڪٿي فقير جي روپ ۾ پنهنجيون روپ مٽائڻ جون دلچسپ
ڳالهيون ڪري ٿو.
1931ع ۾ هو ڪراچي ۾ آيو، ان
کان پوءِ وري سال 1838ع ۾ ھن جو ذڪر ملي ٿو، جڏھن
ھُو
سر ھينري فين سان گڏجي ھتي آيو، جيڪو انگلنڊ روانو
ٿيڻ لاءِ ھتي آيو ھو. مئسن ھن کان موڪلائي ٺٽي
پاٽنجر سان ملڻ آيو، جنھن جي مدد سان ھن پنھنجي
ڪتاب جو مسودو انگلنڊ اماڻيو.
آڏواڻي جنھن ٽئين يوروپي مھم جو جو ذڪر ڪري ٿو،
تنھنجو نالو رابرٽ ڊڪ آھي، جيڪو برطانوي فوج جي
ميجر جنرل جو ناجائز پٽ ھو. ھن پنھنجي فوجي نوڪري
جي شروعات گواليار فوج ۾ ڪئي، پوءِ اسڪنر جي جٿي ۾
آيو، جتان ھو سال 1831ع ۾ شاھ شجاع جي فوج ۾ داخل
ٿيو. پر ھن سان سھمت نه ٿيو، تنھنڪري ان کي ڇڏي،
300 سپاھين کي پاڻ سان ملائي سنڌ ۾ پھتو.
۽
ميرن کي راضي ڪري، ھنن جي نوڪري ۾ آيو. جڏھن ھن
شاھ شجاع کي ڇڏيو ھو، ته نه رڳو پاڻ سان 300
سپاھين جو پر ٻين جٿن جو پگھار به کڻي فرار ٿيو
ھو. پگھار کان محروم ھڪ صوبيدار کيس ڳوليندو اچي
ڪوٽڙي پھتو ۽ کانئس پنھنجو حصو گھريو... ھو 1835ع
۾ بخار ۽ گھڻي شراب نوشي جي باعث گذاري ويو.
ميرن جي انھي گريڪ ڪمانڊٽ جي حوالي سان وڌيڪ ٻي
ڄاڻ ميسر نه آھي.
آخر ۾ ڪئپٽن جان ھاويل جو ذڪر آھي، جنھن جو پھريون
ذڪر مياڻي واري جنگ (17 فيبروري، 1843ع) دوران ٻڌو
ويو. جيتوڻيڪ ھيءُ ميرن پاران وڙھي رھيو ھو،
پر ھو نيپئر جي سپاھين مٿان فائر
نه
ڪري رھيو ھو، جنھن جو عذر حب الوطني ڏنو. ھن کي
گرفتار ڪيو ويو،
پر جلدي آزاد ٿيو.
جڏھن مئڪمرڊو اتر ڏي پھرئين پنجاب واري جنگ ۾ مدد
لاءِ وڃي رھيو ھو، ھو بھاولپور جي ھڪ وزير سان
مليو، جيڪو ٻيو ڪير نه پر مقامي پوشاڪ پھريل جان
ھاويل ھو. ھن بھاولپور جي فوج ۾ سٺي نموني ڪم ڪيو
۽ ھن کي ديوان ملراج جي اڳواڻيءَ
۾ ملتان ڏي باغين جي خاتمي لاءِ اماڻيو ويو. اتان
واپسي کان پوءِ ھو جلدي سال 1865ع ۾ گذاري ويو.
8. روھڙيءَ
۾ موئي مبارڪ
The Holy Hair at Rohri
ھيءُ مضمون 19 ڊسمبر، 1937 تي ھڪ گڏجاڻي ۾ پڙھيو
ويو ۽ جرنل جي واليوم 3، حصو 3، جون 1938ع واري
شماري ۾ شايع ٿيو.
ھن مضمون ۾ روھڙيءَ
۾ رکيل رسول اڪرم صلعم جي موئي مبارڪ جي تاريخ
ٻڌائي ويئي آھي. روھڙيءَ
جو مخدوم عبدالباقي حج تي روانو ٿيو. حج کان واپسي
تي ھو ترڪي جي شھر استنبول ويو، جتي نجم الحق
صديقي سان مليو، جنھن وٽ ھيءُ
وار مبارڪ ھو، ۽ ھن کان اڳ اھو پيغمبر
ﷺ
جي ڪنھن
حرم پاڪ
جي ملڪيت ھو. مخدوم عبدالباقي صاحب انھي بزرگ
صديقي صاحب جي نياڻي سان پرڻيو ۽ کيس چيو ويو ته
ھو ھن جي وفات تائين ڪيڏانھن به نه ويندو. اھو
صاحب جڏھن وفات ڪري ويو ته پنھنجي وطن سنڌ ڏي واپس
آيو ۽ روھڙيءَ
۾ ترسيو. حاڪمن ۽ عوام جي خوف کان ھن وار مبارڪ کي
مخفي رکيو.
ڪجھ عرصي کان پوءِ ھڪ بزرگ شاھ حيدر حقاني کي
خدائي پيغام مليو ته مخدوم عبدالباقي کي چوي ته
اھو وار مبارڪ عام لاءِ پڌرو ڪري. ان تي ھن بزرگ
اللھ پاڪ کي عرض ڪيو ته ھڪ ٻئي بزرگ کي به اھڙي
بشارت ٿئي. ائين ھڪ ٻئي شخص عبدالمالڪ کي مڪي ۾ حج
دوران اھو پيغام مليو. ٻئي صاحبان اللھ جي حڪم سان
وٽس آيا ۽ کيس اللھ پاڪ جو حڪم ٻڌايو ته ھو ھن پاڪ
وار کي عوام لاءِ پڌرو ڪري ته جيئن اھي ان جو
ديدار ڪري سگھن. ان بعد ھن ان کي عام لاءِ پڌرو
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان مقصد لاءِ ھڪ جاءِ خريد ڪري
ھڪ خاص مسجد جوڙائي ويئي، جتي اھو موئي مبارڪ عام
ديدار لاءِ رکيو ويو.
9. ڪوٽ ڏجي قلعي ۾ رکيل توبون
Guns at Kot Diji
ھيءُ مختصر مضمون به 19 ڊسمبر 1937 واري گڏجاڻي ۾
پڙھيو ويو ۽ ساڳئي شماري ۾ شايع ٿيو. ھن مضمون جي
شروع ۾ ڪوٽ ڏجي قلعي جو احوال ڏئي پوءِ ٻڌايو ويو
آھي ته ھتي قلعي اندر عجيب و غريب توبون رکيل آھن.
پھرئين پتل جي ھڪ ڊگھي 12 گولن واري آھي. ان تي
فارسي ۾ لکت آھي، جنھن ۾ سرڪار مير سھراب خان
ٽالپر جو نالو درج آھي. ٻي ھڪ ننڍي توب آھي. ان تي
ساڳي فارسي عبارت اڪريل آھي. گائيڊ آڏواڻيءَ
کي ٻڌايو ته ان کي شيدياڻي ٿا چون. ھڪڙي برج اندر
ھڪ وڏيرڙي پتل واري توپ نظر آئي. ان لاءِ مقامي
روايت اھا آھي ته ان جو گولو ڪافي ميل پرتي تائين
ويندو ھو. اھا ھن وقت تمام خراب حالت ۾ آھي، ۽
آڏواڻيءَ
جي خيال ۾ بارود خاني جو ڪو سپاھي به ان کي ھلائڻ
جو تجربو نه ڪندو. ان توب تي پورچوگيزي ٻولي ۾ پنج
لائينن واري لکت اڪريل آھي. جنھن جي ھڪ امڪاني
پڙھڻي موجب مغل دور ۾ سال 1537ع ۾ فرانسس ھيءَ
توب استعمال ڪئي يا ٺاھي.
آخر ۾ آڏاواڻي لکي ٿوته اھي توبون ھن قلعي ۾ ڪنھن،
ڪڏھن آنديون، ڪيئن پھتيون ۽ اھڙن ٻين لاڳاپيل
سوالن جا معقول جواب مقامي رھواسي نٿا ڏين.
10. ٽالپرن زماني جا ڏوهه
۽ سزائون
Crimes and Punishment in the days of the Talpurs
جرنل جي واليوم 3، حصي 4، ڊسمبر1938 واري شماري ۾
شايع ٿيل ھن مضمون ۾ ٽالپرن جي دور ٿيندڙن ڏوھن ۽
ان لاءِ ڏنيون ويندڙ سزائن جو ذڪر آھي.
11. ديوان گدومل ۽ نائومل ھوتچند
Diwan Gidumal and Seth Naoomal Hotchand
ھيءُ مضمون جرنل جي واليوم 4، حصي 2 سيپٽمبر 1939ع
۾ شايع ٿيو. ھن مضمون ۾ ٻن اھم تاريخي شخصن جي
زندگيءَ
جو مختصر احوال آھي.
ديوان گدو مل جي ڄمڻ جي تاريخ معلوم ڪونھي. سال
1755ع ۾ کيس ميان نورمحمد ڪلھوڙي احمد شاهه دراني
ڏي وڪيل ڪري موڪليو ھو، تنھن مان اندازو آھي ته ھو
1720ع کان 1725ع واري عرصي ۾ ڄائو ھوندو. ھيءُ
پنجاب ۾ پيدا ٿيو ۽ پنھنجي ذھانت ۽ حرفت جي باعث
اتي جي حڪمرانن جي ويجهو ٿيو. تنھن کان پوءِ ميان
نور محمد ڪلھوڙي جي نوڪريءَ
۾ آيو ۽ سنڌ ۾ اچي رھيو. ميان نورمحمد جي وفات کان
پوءِ ھن جي ڪوششن سان ميان محمد مرادياب امير ٿيو،
پر ھُو
غير مقبول ٿيو، تنھنڪري اڳتي ھلي اقتدار غلام شاهه
کي مليو، جيڪو مائي گلان جو پٽ ھو.
حيدرآباد جي آبادڪاريءَ
۾ به ديوان صاحب جو ڀرپور حصو آھي. ھو ٻن ٻيڙين ۾
پئسا کڻي ھالا کان روانو ٿيو ۽ اچي سنڌو درياءَ جي
ڪناري رسيو، جتي جيڪو نئون ڳوٺ ٺھيو، تنھن کي گدو
جو ٽنڊو يا گدو بندر چيو وڃي ٿو. پراڻي تباھ ٿيل
نيرون ڪوٽ کي صاف ڪري ان جي جاءِ تي مظبوط قلعو
جوڙيو ويو. ان گاديءَ
واري شھر کي حضرت علي سائين جي ياد ۾ حيدرآباد جو
نالو ڏنو ويو. ڪوٽ کان ٻاھر واري زمين ضرورتمندن
کي مفت ۾ ڏني ويئي ۽ سگھو ئي اتي شھر آباد ٿي ويو.
ديوان پنھنجي واسطي قلعي جي ڀرپاسي ۾ گھر جوڙيو.
گدواڻي گھٽي ان جو ثبوت آھي.
سال 1783ع ۾ ڪلھوڙن جو اقتدار پڄاڻي پھتو ته ٽالپر
امير ٿيا،
پر ديوان جي حيثيت ساڳئي رھي. ھن جا فارس جي
شھنشاھ سان سٺا تعلقات رھيا.
آڏواڻي جي خيال ۾ سندس موت سال 1803ع ۾ ٿيو ھوندو،
ڪافي مورخ ۽ قصا خوان ان تي متفق آھن ته ھن کي
ميان غلام علي خان مارايو، پر ان جي سببن تي
اختلاف آھن. ڪن جي خيال ۾ ھن ٽالپرن جي اقتدار جي
خاتمي جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪن جي خيال ۾ ھن جو اثر
رسوخ گھڻو ھو، جيڪو ٽالپرن کي پسند ڪونه ھو.
سيٺ نائونمل ھوتچند
سيٺ نائونمل ھوتچند سال 1804ع يا 1805ع ۾ ڪراچيءَ
جي ھڪ واپاري خاندان ۾ پيدا ٿيو. سيٺ کي
1811-12ع
واري ڏڪار جو يادگيرو ھو. انھي ڏڪار دوران ھن جي
ڪٽنب پنھنجي گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ بکايلن ڪٽنبن ۾
ورھائي ڇڏي ھئي. يارنھن سالن جي عمر ۾ ھن کي
پنھنجي خانداني فرم ۾ حساب ڪتاب ڪرڻ جو ڪم سونپيو
ويو. اتي صبح ڇھين وڳي ڪم شروع ڪندو ھو ۽ رات جو
ڏھين وڳي تائين ڪم ڪندو ھو.
هن جي هڪ پُٽ کي زوري مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي، پر هو جيسلمير هليو ويو ته کيس مير مراد علي
حيدرآباد واپس گهرايو، بعد ۾ افواه اُٿيو ته نائون
مل جو زور ’طهر‘ ڪيو ويو آهي، جنهن کان ’نائون مل‘
بلڪل انڪاري آهي، پر شرپسند مسلمانن جي حرڪتن سبب
هو ميرن کان پري ۽ انگريزن کي ويجهو ٿيندو ويو.
انگريزن سان ھن جا تعلقات سال 1832ع کان شروع ٿيا،
جڏھن ھن جو ڪرنل پاٽنجر سان واسطو ٿيو، ۽ ان بعد
ڏينھون ڏينھن ھن جا انگريز عملدارن سان ناتا پختا
ٿيندا ويا.
سال 1839ع ۾ ھو جڏھن پاٽنجر سان گڏجي حيدرآباد آيو
ھو ته مير نورمحمد خان ساڻس ملڻ جي خواھش ڏيکاري
ھئي. جڏھن ھو درٻار ۾ پھتو ته کيس منجيءَ تي
ويھاريو ويو، جيڪو ان زماني ۾ ھڪ وڏو اعزاز ھو.
کيس مير چيو ته ھاڻي ھن پنھنجي پيءُ سان ٿيل
ڏاڍاين جو پورو بدلو ورتو آھي. تنھن تي ھن چيو ته
اوھان اھو ڪيئن ٿا چئو. آڏواڻيءَ
جي خيال ۾ مير جي انھن لفظن ھن ۾ ضرور فخر جا
احساس پيدا ڪيا ھوندا.
سال 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان پوءِ سندس پيءُ
ھوتچند لکپت مان موٽيو ته ھزارين ماڻھن سندس
استقبال ڪيو.
چارلس نيپئر ھن کان بدظن رھندو ھو. 1847ع ڌاري مٿس
ڪوڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو،
پر جڏھن بارٽل فريئر ڪمشنر ٿيو ته ھن جا نائون مل
سان سٺا ناتا جڙيا. فريئر جو پنھنجي عملي کي چيل
ھو ته سيٺ نائون مل جيڏي مھل به ملڻ اچي ته کيس
بنان روڪ ساڻس ملايو وڃي.
سال 1860ع ۾ ھندستان جي حڪومت ھن جي لاءِ ھڪ سؤ
روپيه ماھوار پينشن ٽن نسلن تائين مقرر ڪئي ۽ کيس
جاگير به ڏني ويئي. 1867ع ۾ کيس برطانوي اعزاز سان
به نوازيو ويو. ائين زندگيءَ
جي آخري سالن ۾ مٿائنس اعزازن جي بارش ٿي. ھُو
روزانو ٻه ميل پنڌ ڪندو ھو ۽ شام جو گھوڙي تي
سواري ڪندو ھو. ھن 16 سيپٽمبر 1878ع تي پرلوڪ
پڌاريو. سندس موت تي سر فريڊرڪ گولڊسمٿ لکيو: ”ھو
سنڌ جي قبضي کان وٺي صوبي جي جاسوسي کاتي سان
لاڳاپيل رھيو. ھو اعتبار جوڳو مخبر ۽ عملدارن جو
صلاحڪار رھيو.“
آڏواڻيءَ
جي خيال ۾ ڪراچي جي ميونسپالٽي جي قيام ۾ ھن جو
ڀرپور ڪردار رھيو.
12.
ٻه
ننڍيون ڪاھون
Two minor Invasions of Sind
25 سيپٽمبر، 1940ع تي گڏجاڻيءَ
۾ پيش ڪيل ھيءُ مضمون جرنل جي واليوم 5، حصي 1
جنوري 1941ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. ھن مضمون ۾ ھن
پورچوگيزين ۽ نادرشاھ جي ڪاھن جو ذڪر ڪيو آھي.
مضمون جي شروع ۾ ڏنل سندس ھڪ فوٽ نوٽ موجب انھن
ڪاھن تي علحده علحده لکيل تفصيلي مضمونن لاءِ
ترتيبوار ينگ بلڊر، جولائي، 1932 ۽ ڊي ڪاليج جي
مسليني کي ڏسڻ گھرجي.
13. شينھن جي آخري گجگوڙ
The Lion’s Last Roar
ھيءُ
مضمون 25 فيبروري 1943ع تي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيو ويو ۽
جرنل جي واليوم 6، حصي 1، فيبروري 1943ع واري
شماري ۾ شايع ٿيو. ھن مضمون ۾ مير شير محمد خان
پاران انگريز فوج سان ڪيل جنگي چڪرين جو احوال آھي.
(گذارش: اسين محترم حبيب
سنائي جي محنت ۽ جاکوڙ جو تهه دل سان قدر ڪريون
ٿا، هن تفصيلي مضمون جو انتهائي اختصار پيش ڪري
صرف موضوعن جي جهلڪ ڏني وئي آهي. آڏواڻي جي ذڪر
ڪيل مضمونن کي يا هڪ هڪ ڪري ترجمو ڪري ڏنو وڃي، يا
اڃان به بهتر ٿئي ته هنن مضمونن مان هرهڪ مضمون
سان گڏ حاشيا ۽ تعليقات ڏنا وڃن ته بهتر ٿيندو.
آڏواڻي صاحب جي مضمونن بعد سنڌ جي تاريخ تي تمام
جهجهو سارو ڪم ٿي چڪو آهي. ان حالت ۾ هنن مضمونن
مان تاريخ جي پڙهندڙ کي ڪو خاص فائدو نه پهچندو ان
جي باوجود هي مضمون جن جا ماخذات ڏنل ڪونهي، پر هڪ
خاص تاريخي نظريي تحت ڪافي اهم نقطن جي وضاحت ڪن
ٿا، ساڳي طرح ٿي سگهي ته ڪي واقعا اڃان تاريخن ۾
آيا هجن. انڪري بهتر ائين ٿيندو ته ترجمي، حاشيه ۽
تعليقات سان هنن مضمونن کي جدا جدا موقعن تي شايع
ڪيو وڃي يا ڪنهن ڪتاب جي شڪل ۾ اچن ته تمام
لاڀائتو ڪم ٿيندو. (ايڊيٽر) |