سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:7 

پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

شڪارپور

 

 

 

   نامور محقق ۽ سخنور مرزا گل حسن ’احسن‘ڪربلائي

ڪنهن جا ٻهه ٻهه ٻول، ٻريا ٻاهر ٻاٽ ۾،

آڌيءَ رات رتـــــول، ٻَــــري پـــيــــا ڏيــــئــــڙا.

 

حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي اڪابرن مان سداحيات عالم، اديب ۽ شاعر مرزا گل حسن
’احسن‘ ڪربلائي جي علمي بصيرت، ادبي قامت، تحقيقي دانشمندي، ترتيب جي صلاحيت ۽ اسلوب جي حسناڪيءَ ۾ جا تازگي موجود آهي، سا مُني صديءَ پڄاڻان به ارواحن سان ملي، ونين جي وڇاڻن تي جڏهن همه تن گوش ٿئي ٿي، تڏهن ادب جي روح پرور مجلسن ۽ علم جي محفلِ احسن سان نه رڳو بزمون باغ ۽ بهار ٿيو پون، پر ارواحن جي عالم کان برزخ جي ڏيهه جون فضائون به تبديل ۽ تغير پذير ٿيو وڃن.

سنڌ جو هي مدبر ۽ مؤرخ اسان جي لاعلمي، بي ادبي، بي اعتنائي ۽ احساس محرومين ۾ ورتل دنيا جو شڪار ٿيڻ جي باوجود به جنهن تدبر ۽ تفڪر سان پنهنجي صلاحيتن سارو ٻولي، ادب، تاريخ ۽ تحقيق جون ذميواريون نباهيندو رهيو، تن نه رڳو ڏيهي ٻوليءَ جي ڄاڻن، پر ٻين ٻولين جي ماهرين جا به ڪَنجها کڙڪائي ڇڏيا. ڪٿي پروفيسر ڊاڪٽر مولانا محمد شفيع لاهوري، ڪٿي حفيظ هوشيارپوري، ڪٿي سيد سليمان ندوي، ڪٿي علامه نياز فتح پوري ۽ غلام رسول مهر کان سواءِ ٻيا اردو دان! رڳو ڄاڻ سڃاڻ، خط و ڪتابت ۽ هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ۽ مسلسل رابطي ۾ رهي، علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وهڻ ۽ واپرجڻ جي سموري ساڃاهه، ساهه  پساهه سان سنگم ۽ ساٿ سان اوربي پئي رهبي هئي. پنهنجي ٻوليءَ جي سدا ملوڪ محققن ۽ عالمن مان مرزا قليچ بيگ، مولائي شيدائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ راشدي برادران سميت علمي اڪابرن سان تعلقات به قائم رهيا.

حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۽ ٽنڊي آغا جي پاڙن جو هر گهر خانئه علم هو. گويا ٻئي ٽنڊا علمي گهوارا ۽ ادبي انجمنيون آهن. اڻويهين ۽ ويهين ٻيئي صديون ته سخنوري جي سلامتيءَ ۽ صحتمنديءَ جي ضمانت لاءِ، مرزا صاحبن جون ئي ڪوششون ڪامياب رهيون. مرزا مراد علي بيگ ’سائل‘، مرزا فتح علي بيگ ’فتح‘، مرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘، مرزا قاسم علي بيگ ’قاسم‘،مرزا غلام رسول بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، مرزا قربان علي بيگ ’قربان‘ ۽ مرزا علي بخش جن جي فني مهارت ۽ ڪماليت جو اثر نه رڳو همعصر زماني تائين رهيو، پر ايندڙ زمانن ۽ نسلن ۾ تهائين وڌيڪ نِکريو ۽ نروار ٿيو. انهن چويارين ۽ ڪچهرين جو سهڻو سخنور مرزا دوست محمد ’دوست‘ به هو، (ڄم 1862ع - وفات: 24-9-1920ع)(1) جو پنهنجي والد مرزا علي بخش بيگ وانگر شاعريءَ جي فن سان رغبت رکندو آيو. پنهنجو گهراڻو ۽ پاڙو جي شاعريءَ جي فني ماحول سان مالامال هجن ته وڏن جو اثر ننڍن تي به ضرور ئي پوندو. ماحول ۽ موسمن جي اثر کي ڪير ٿو روڪي سگهي! هڪ مارچ جو مهينو جنهن ۾ بسنت جي بهاري هجي، ٻيو رمضان المبارڪ جو برڪتن ڀريو ماه ۽ ٽيون ڦوڳ جي ڦلهار هرهنڌ هٻڪار! مکڙيون مُرڪي گُل جَهلين، ٻُورن جي خوشبوءِ ۽ ساوڪ جا سرها ڏيک ڏسي ڏکارو ڏيل به سکارو پيو لڳندو. ان مند جي سرهائيءَ ۾ مرزا دوست محمد بيگ ’دوست‘
جي گهر واري خانزادي بنت مرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ جي جهوليءَ ۾ تاريخ پهرين مارچ 1897ع مطابق 26 رمضان المبارڪ 1314هه سومر 20 ڦوڳ 1953
بڪرميءَ تي فرزند ارجمند مرزا گل حسن ’احسن‘
ڪربلائي تولد ٿيو. مرزا دوست محمد بيگ ’دوست‘
پٽ جي تولد تي هيئن سجع موزون ڪئي:

ز باغِ مصطفيٰ يک گل حسن است.(2)

ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت جي رواج موجب اول پنهنجو والد صاحب کان قرآن مجيد پڙهيو ۽ پوءِ کانئس فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. مرزا دوست محمد ’دوست‘ جهڙو هو پاڻ هوشيار ۽ قابل تهڙو پنهنجي پُٽ کي به عالم ۽ فاضل بڻايائين. مرزا دوست محمد ’دوست‘ جو ذڪر خليل ٺٽوي ’تذڪره تڪمله مقالات الشعراء‘ ۾ مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي ساٿارين ۽ مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعرن جي فهرست ۾ ڪيو آهي. (ص 385) (3) مير عبدالحسين سانگي ته مير شهداد خان
’حيدري‘ ۽ دوست محمد ’دوست‘ مرزا جي جوانيءَ جي واکاڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ به ڪندي چيو آهي ته:

اجها ’دوست‘ ۽ ’حيدريءَ‘ جي جواني،

اسان ۽ گدا سا وساري عزيزو.

’دوست‘ اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾ مولانا ابوالحسن لکنويءَ جو شاگرد هو ته سنڌي سخنوريءَ جي تربيت غلام محمد شاهه ’گدا‘ کان حاصل ڪيائين. خوش خط به اهڙو هو، جو مير نورمحمد خان ٽالپر کانئس تپيداري نوڪري ڇڏائي، پاڻ وٽ ڪاتب مقرر ڪيو. تپيداري جو ذڪر به پنهنجي ڪلام ۾ هينئن ڪيو هئائين:

ڪريان ڪنهن جو هرگز نه شڪر و شڪايت،

هئي قسمت ۾ هي تپيداري عزيزو.

’دوست‘ جيتوڻيڪ قابل فارسيدان هو ۽ اردوءَ تي به ملڪو حاصل هوس، پر سنڌي غزل ۾ سندس زبان، لب و لهجو، اسلوب ۽ فراواني کيس منفرد مقام تي رسائي ڇڏيو آهي.

هجر ۾ محبوب جي جند جان ڳاريو ڳاريان،

آرزوئي وصل ۾ ڳوڙها آءٌ هاريو هاريان،

هيڪڙائي هٿ ڪري آءٌ ٻن ٻيائي کي ڏيان،

آءٌ يگاني يار ڌاران ٻيو نه ڌاريو ڌاريان،

رات مُرڪي مون کي چيو محبوب منهنجي، منهنجا ’دوست‘،

آءٌ ته تو جهڙا سوين عشاق ساريو ساريان(4).

’دوست‘ جي همعصر شاعرن مان ڪيترن جا ڪليات ۽ ديوان ڇپجي به ويا، پر هن لاکيڻي جون لاتيون ڪنهن نه چت تي چاتيون!

مرزا گل حسن ’احسن‘ 1917ع ۾ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان سنڌي ڪاميٽيءَ جو امتحان پاس ڪري، ميونسپالٽيءَ ۾ سن 1918ع کان نوڪري ڪرڻ لڳو. هو تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي 1914ع کان شعر چوڻ لڳو. شاعريءَ ۾ هو ’احسن‘ ڪربلائي مشهور ٿيو. سندس رغبت ماحول موجب مرثيه گوئي ڏانهن وڌيڪ رهي. حافظ حيات شاهه، مرزا قربان علي بيگ ’قربان‘ ۽ مرزا مدد علي بيگ ’مدد‘ کان اصلاح حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪيائين. ان زماني ۾ ٿيندڙ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو. آخر ۾ سندس شاعريءَ متعلق راءِ سان گڏ انتخاب شامل ڪيو ويندو.

مرزا ’احسن‘ کي شاعريءَ سان گڏ تاريخ جو مطالعو به دلچسپيءَ وٽان هو. وسيع مطالعي سبب تاريخ نويسيءَ ۾ به حيدرآباد ۽ ٽالپر اميرن جي علمي ذوق شوق ۽ محفلين متعلق مقالات لکيائين. اهڙا مفيد مقالا ماهوار رسالي ’نئين زندگي‘ ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيندا رهيا. اٽڪل پندرهن مقالا شايع ٿيل آهن، جن ۾ هن جي مطالعي جي باريڪ بيني، تقابلي جي قابليت، اختلاف ۽ اتفاق جا ڪارڻ، زمان ۽ مڪان طرف ڌيان، مباحثي جا سلسلا، موضوع متعلق مواد جي ترتيب ۽ نتيجا سهڻي سليقي، ڏانوَ ۽ معيار جي بلندي ڏانهن نهاري، هڪدم هن جي ڳوڙهي بصيرت جو اعتراف ڪرڻ لازم ٿيو پوي. سندس صلاحيت ۽ قابليت لهڻ لاءِ هن هيٺ سندس مقالن مان اقتباسات پيش ڪجن ٿا:

ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما:

هن عنوان سان سندس پهريون مقالو ماهوار رسالي ’نئين زندگي‘ جي فيبروري 1954ع ۾ سورهن صفحن تي مشتمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مقالي ۾ مير حاجي نورمحمد خان جي ڪتبخاني جو احوال ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سندس گڏ ڪيل ڪتابن کانسواءِ ٻين ٽالپر اميرن جا ڪتاب به موجود هئا. احسن صاحب اهو ڪتبخانو 1925ع ۾ ڏٺو. ڪتابن رکڻ لاءِ ڪافور جي ڪاٺ جون پيتيون رکيل هيون ۽ وري انهن ۾ ڪافور جون گوريون پيل هيون. هن مقالي ۾ اَٺن قلمي قرآن پاڪ جي نسخن جو احوال آيل آهن. مختصر طور بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:

1-  قرآن ڪريم ڪوفي خط ۾ لکيل هو، جنهن تي مير صاحبن ۽ ڪلهوڙن جو عهدنامو لکيل هو. اهو حضرت علي عليه السلام جو لکيل هو. مٿس سن لکيل ڪونه هو، مگر ڪيترن عالمن جون تصديقون ٿيل آهن.

2- قرآن ڪريم ميان نورمحمد ابن ميان يار محمد عباسي جي نالي لکيل هو. ماه شعبان 1314هه.

3- قرآن ڪريم بامعنيٰ شاهه ايران تحفي طور مير ڪرم علي خان کي موڪليو هو. 1240هه

4- قرآن پاڪ معنيٰ سان سن 1182هه.

5-  قرآن مجيد ڪلان ڳاڙهي مس سان ڪاتب علي سيد حسن شيرازي 1252هه ۾ لکيو.

6- قرآن پاڪ، حافظ محمد جيئو هالائي 1250هه.

7- قرآن مع تفسير حافظ محمد وارو،

8- قران پنج هزاري بمع تفسير.

تفسيرن ۾ تفسير ’جواهرالبصير‘ 1043هه ۽ ’تفسير خلاصته المنهج‘ تي اورنگزيب جي صحيح پيل آهي، سن 1088هه ديوان حضرت علي عليه السلام 909هه ۽ نهج البلاغہ 1000هه.

ان ڪتبخاني ۾ حديثن ۽ تاريخن جا به ڪجهه قلمي نسخه لکيڪ ڏٺا.

تذڪره: ناياب تذڪره جي ان ڪتبخاني ۾ موجود هئا: ’تذڪره شعراء فارس‘، ’آتش قدح‘ لطف علي آذر. ’تذڪره حسيني‘، ’رياض الشعراء‘، ’تذڪره غلام علي بلگرامي‘، ’محڪ خسروي‘، ’محڪ محسن‘، ’محڪ فخري‘، ’مقالات شعراء‘ ۽ ’تڪمله مقالات الشعراء‘ وغيره.

ڪيترن فارسي شاعرن جا ديوان جن مان ٽيهه مشهور شاعرن جا، سنڌ جي فارسي شاعرن جا ديوان ۽ ڪلام به ڪثير تعداد ۾ موجود مليس. ديوان سرفراز عباسي فارسي جي پهرين پني تي ميان غلام شاهه جي شادي، جا ڪڇ جي راجا جي نياڻي سان ڪئي هئائين سا ’بود اين قران شمس و قمر‘ 1176هه ۽ وفات ميان غلام شاهه هاتفي ’جنات فيها خالداً‘ 1186هه درج ٿيل آهن. بنائي شهر حيدرآباد از سرفراز: از عطا هائي واهب منان- ’حيدرآباد گشت آبادان‘ 1182هه تاريخ عربي بنائي شهر حيدرآباد.

’يارب اجعل هذا البلد آمنا‘ 1182هه

هن مقالي ۾ مير محمد معصوم بکري جي ’ديوان نامي‘ فارسي جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جي پهرين صفحي تي خود مصنف هن طرح لکيو هو: ”اين کتاب حق ملکيت مير معصوم ترمذي قندهاري غره شوال 1012هجري“ راقم معصوم بکهري. ان کان پوءِ آخري صفحن ۾ مير محمد معصوم جي وفات جي تاريخ هن ريت لکيل هئي:

تاريخ وفات حسرت آيات

مرحوم مغفور جناب مغفرت ماب حضرت کعبه من مير محمد ترمذي و بکهري عليه الرحمته والغفران تاريخ ششم ذي الحجه 1014هجري يوم جمعه وقت هفت ساعت صبح ازين جهان فاني بعالم جاوداني رحلت فرمودند. ان کان پوءِ هي قطعه لکيل آهي:

مير معصوم آن شه برج شرف،

آفتاب شرع دين فخر زمن،

روز جمع سادس ذوالحج گشت،

عازم جنت به امر ذوالمنن،

سال فوتش از خرد جستم به گفت،

”بود نامي صاحب ملک سخن“.

”راقم المصنف مير بزرگ بتاريخ پانزدهم ذوالحج 1014هه“

حسام الدين راشدي، ’امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري‘ تاليف ۾ مرحوم احسن ڪربلائي جي ’ديوان نامي‘ جي مٿي ڏنل سموري عبارت نقل ڪري هن ريت راءِ ظاهر ڪئي آهي ته: ”(الف) مزار تي درج ٿيل ڪتبو، سال ۽ مهينو ۽ ڏينهن اهوئي آهي جيڪو ديوان تي ڏنو ويو.

(ب) ڪربلائي صاحب جي لکت مطابق تاريخ مير بزرگ جي تصنيف ٿيل آهي، جنهن کي هن وفات کان ڏهه ڏينهن پوءِ تصنيف ڪري ديوان تي، جيڪو مير معصوم جو پنهنجو ۽ خانداني نسخو هو، لکي ڇڏي.

(ج) وفات جمعي ڏينهن ستين بجي صبح جو ٿي.“ (ص 173) (5)

سنڌ جي شهزادين جو علمي شوق:

هي مقالو ماهوار ’نئين زندگي‘مارچ 1954ع جي رسالي ۾ شايع ٿيو، پنجن صفحن جو هي مقالو هن کان اڳ آيل مقالي جي ٻي ڪڙي يا قسط سمجهي سگهجي ٿي. ان ۾ مير فتح علي خان جي دخترنيڪ اختر جا مير نورمحمد خان جو ديرو هئي، تنهن شهزاديءَ کي به ڪتابن گڏ ڪرڻ جو گهڻو شوق هو. وٽس عربي، فارسي، سرائيڪي ۽ سنڌي ڪتاب گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. ان شهزادي جي وفات 16 صفر 1287هه تي ٿي، سندس پٽ مير حسين علي خان هي تاريخ لکي آهي:

يک عدد از مصرع تاريخ برگيرد بگو

باد يارب دست  او  در دامن زهرا مدام

1288=1-1287هه

هن شهزادي جي ڪتبخاني ۾ مير شهداد خان جي ديره نالي سان موجود ڪتابن ۾ شاهه عبدالڪريم جو رسالو ڏٺو ويو، جو محمد رضا بن عبدالواسع داروغه ساڪن ٺٽو جو ترتيب ڏنل هو. احسن ڪربلائي صاحب ڪتابن ڏسڻ سان ڪي خاص ڳالهيون ظاهر ڪندي هڪ ڳالهه اها به چٽي ڪئي آهي ته مير ڪرم علي خان جي هڪ تي مير صاحب پنهنجو سلسلئه نسب ’حضرت حمزي‘ سان وڃي ملايو هو، تنهنڪري امير پاڻ کي ٽالپر سان گڏ
’حمزوي‘ به لکندا هئا.

سنڌ جا مشهور ڪاتب:

هي مقالو ماهوار ’نئين زندگي‘ مئي 1954ع جي رسالي ۾ ڇپيو. پنجن صفحن جي هن مقالي ۾ موضوع موجب ته مفيد معلومات پکڙي پيئي آهي، البت ضمناً به جيڪا ڄاڻ درج ڪيل آهي، سا نهايت قابل توجهه آهي. هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿس ته: ٽالپر خاندان جي سلطنت جو بنياد شاه اردي بهادر شير جنگ مير فتح علي خان 1782ع ۾ وڌو، جنهن کان پوءِ ان جو اولاد هيٺين طرح سنڌ جي مستند تي ويٺو.

1-     مير فتح علي خان 1782 کان 1802ع

2-    مير غلام علي خان 1802ع کان 1812ع

3-    مير ڪرم علي خان 1812ع کان 1828ع

4-    مير مراد علي خان 1828ع کان 1833ع

5-     مير نورمحمد خان 1833ع کان 1841ع

6-    مير نصير خان 1841ع کان 17 فيبروري 1843ع

هي سمورو مقالو مير فتح علي خان جي درٻار ۾ قائم ٿيل محفلين ۽ خاص مصاحبن مير عظيم ٺٽوي ۽ سيد ثابت علي شاهه جي سخنوري جي بلند معيار قطعه تاريخن ۽ ڪاتبن جي ذڪر ۽ اذڪار جو اهڙو شهپارو آهي، جو محققن، عالمن ۽ اديبن جي استفاده جي مرڪز لاءِ هميشه تازو رهندو. مير صاحب جي درٻار جي خاص جمعي جي ڏينهن آراسته ٿيندڙ محفلين مان هڪ محفل جو مختصر ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.

هڪڙي جمعي تي درٻار ۾ هڪ ايراني شاهنامه فردوسي پڙهي رهيو هو. ان وقت ان بلبل شيراز جي نغمه سرائي کان گلستان درٻار سنڌ ۾ ويٺلن کي محو حيرت ڪري ڇڏيو هو، ايراني هي بيت بار بار پڙهڻ لڳو.

سپر بود بر پشت شه کامياب

چون ابر سيه حائل آفتاب

جنهن تي هر طرف کان داد سخن ملي رهيو هو. ان وقت مير فتح علي خان جي اوچتي نظر مداح آل نبوي سيد ثابت علي شاهه تي وڃي پئي جو هيٺ ڪنڌ ڪيو ڪنهن خيال ۾ ويٺو هو. جنهن تي مير صاحب، شاهه صاحب کي مخاطب ٿي فرمايو ته شاهه صاحب بيت پسند آيو؟ جواب ۾ شاهه صاحب فرمايو ته، قبله سبحان الله مگر بندي کي جو خيال آيو آهي، سو عرض رکان ٿو:

سپر بود بر پشت زوج بتول،

چون مهر نبوت به دوش رسول.

شاهه صاحب بيت چئي بس ڪيو ته مير صاحب فرمايو ته سبحان الله شاهه صاحب مڪرر! پوءِ ته هر طرف کان سبحان الله ۽ واه واه جا آواز اچڻ لڳا، خود ايراني به تصوير حيرت بنجي ويو ۽ شاهه صاحب کي سونن مهرين سان نوازيو ويو. جڏهن مٿيون بيت ايران ۾ پهتو تڏهن ايرانين چئي ڏنو ته: ’زاده سند از کجا اين پايه يافت‘.

تاريخ 10 محرم 1217هه وقت اڌ رات جو ٽالپر خاندان جي سلطنت جي بنياد کي قائم ڪندڙ معمار پنهنجي فاني دنيا جو محل ڇڏي وڃي ’مڪين قصر بهشت‘ 1217هه ٿيو. کيس خداآباد هالن واري جي ڀرسان دفنايو ويو. کانئس پوءِ امير الامراء نظام الملڪ مير غلام علي تخت نشين ٿيو. سندس سجع هئي:

’ناصر من بود نبي و ولي-

منم از جان و دل غلام علي‘.

ڏهه ورهيه تخت ماڻي 6 جمادي الاول 1227هه دنيا ڇڏي ويو. کيس ان ئي خداآباد ۾ سڪارتو ڪيو ويو.

مير ڪرم علي خان جو علمي شوق:

مير غلام علي کان پوءِ مير ڪرم علي خان حڪومت سنڀالي. سندس لقب ’سرڪار عظمت مدار‘ هو ۽ شاعريءَ ۾ ’ڪرم‘ تخلص هو. سندس سجع هئي:

بحق- حضرت نبي  و ڪريم

کرد بامن کرم علي العظيم

مير ڪرم علي قرآن ڪريم جو حافظ هو. 1206هه ۾ حفظ ڪرڻ شروع ڪيائين ته 1210هه ۾ مڪمل ڪيائين. عظيم ٺٽوي ٻئي تاريخون قلمبند ڪيون:

’عقل کل سال اين نويد عظيم

گفت حفظ کلام واحد حق‘ ۽

                        1206هه

’هاتفم اين سال نويد عظيم گفت زهي ختم کلام مجيد‘.

         1210هه

 سندس ڪلام جو ’ديوان‘ 1244هه قلمي موجود هو، مير ڪرم علي خان 12 جمادي الثاني 1244هه ۾ وفات ڪئي، ’باغ ارم‘ ’بادا بهتش بارگاه‘ مان سال وفات نڪري ٿو.

مير مراد علي خان جو علمي شوق:

مير ڪرم علي خان جي وفات کان پوءِ سنڌ جو سرتاج مير مراد علي خان ٿيو. سندس لقب
’سرڪار جهان مدار‘ ۽ تخلص ’علي‘ هو. مولائي شيدائي ’جنت السنڌ‘ ۾ سندس ٻيو به لقب امير الدوله بهادر‘ ڄاڻائي، 6 جمادي الثاني 1244هه تخت نشينيءَ جي تاريخ ڏني آهي، جڏهن ته پاڻ ئي لکي ٿو ته: ”مير ڪرم علي خان جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان گاديءَ تي ويٺو.“ (ص 454) مير ڪرم علي خان جي وفات 12 جمادي الثاني 1244هه آهي ته 6 جمادي الثاني ڪيئن ٿي سگهي هوندي!؟

مير مراد علي جون سَجعون هن ريت آهن: (1) بحق حضرت نبي ولي، يافت از حق همه مراد علي، (2) بنده مصطفيٰ مراد علي داشت. کيس فارسي ادب ۽ طب مرغوب موضوع هئا. ’ديوان علي‘
فارسي ۽ (2) طب مراد فارسي ٻه ڪتاب لکيل آهن. 6 جمادي الثاني 1249هه تي وفات ڪيائين. ميان محمد يوسف، ’وعد المتقون في جنات‘ ۾ سندس سن (1251-2-1249هه) قلمبند ڪيو. سندس انتقال کان پوءِ مير نورمحمد خان لقب ’سرڪار عاليمدار‘ تخت نشين ٿيو. کيس فارسي ادبيات سان شوق هو. درٻار ۾ ڪيترا شاعر هئا، جن کي وظيفو ڏنو ويندو هو. سندس زال جي علمي ذوق جو ذڪر هن کان اڳ ٿي چڪو آهي. مير صاحب 10 شوال 1256هه ۾ جهان ڇڏيو. ميان محمد يوسف ’باد به رضوان مقيم‘ 1256هه ۾ سال وفات لکي. مير صاحب پنهنجي حڪومت جي ڪاروبار ۾ مير صوبدار خان لقب ’حشت مدار‘ تخلص ’مير‘ هو. (پنهنجي تصنيف فتح نامه سنڌ ۾ ڄم جي تاريخ: ’به تاريخ نهم ز رب الودود مرامنزل آمد به ملک وجود‘ (9 محرم 1217هه لکي آهي)، مير محمد خان ۽ مير نصير خان کي به شامل ڪيو هو. مير صوبدار خان هڪ فارسي ديوان ۽ پنج مثنويون تصنيف ڪيون. 14 رجب 1262هه تي ڪلڪتي ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش خداآباد ۾ دفن ڪيو ويو.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جو هي مقالو ماهوار ’نئين زندگي‘ نومبر 1954ع جي رسالي ۾ ڇپيو.

مرحوم مير نصير خان جي علمي شوق:

مير نصير خان تخلص ’جعفري‘ 14 محرم 1219هه تي حيدرآباد جي قلعي ۾ ڄائو. ايران ۽ سنڌ جي قابل استادن ۽ آخوندن کان تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي زبانن ۾ شعر چئي سگهندو هو. فارسي ديوان ۽ مثنوين کان سواءِ منظوم سفرنامه جعفري (1260هه)، خطوط جعفري ۽ اردو ديوان لکيائين. تاريخ ڏهين سيپٽمبر 1841ع تي حيدرآباد ۾ جڏهن ساڻس نيپيئر ملاقات لاءِ آيو، تڏهن راڻي وڪٽوريا پاران ميناڪاري سان هڪ واچ تحفي طور کڻي آيو، جا سندس پوين وٽ هئڻ جو مرزا احسن صاحب ذڪر ڪيو آهي. 17 فيبروري 1843ع تي انگريزن کيس تخت تان لاهي، بمبئي، پوني ۽ ساسور کان پوءِ ڪلڪتي نظربند ڪيو. ڪلڪتي جي قيدخاني ۾ 7 ربيع الثاني 1261هه اڱاري ڏينهن انتقال ڪيائين.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي ’تذڪره لطفي‘ جي جلد ٻي ص 115 تي ان جي مصنف لطف الله بدوي جي مير صاحب بابت لکت ته ’جعفري پوني ۾ وفات ڪئي آهي.‘ سان اختلاف ظاهر ڪندي، مير صاحب جي سفرنامي مان اقتباس پيش ڪيا آهن.

مير حسن علي خان ٽالپر جو علمي شوق:

ميرحسن علي خان ’حسن‘ ’سرڪار رفعت مدار‘ 26 ذيقعد 1240هه تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سجع اٿس:

”آسوده بر سرير امارت بخوشدلي

فخر الملوڪ ظلِ الاهي حسن علي“

سال 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ کان پوءِ کيس ڪلڪتي ۾ قيد ڪيو ويو، جتان سال 1863ع ۾ آزاد ٿي حيدرآباد سنڌ ۾ آيو. پنهنجي چاچي مير نورمحمد خان جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. کيس اولاد ڪونه ٿيو. تاريخ 15 ذوالحج 1324هه اربع ڏينهن هڪ وڳي وفات ڪري ويو. مولانا ابوالحسن لکنوي هينئن تاريخ لکي:

’به تاريخ فوتش رقم زد ’حسن‘

سرِ فکر کرده در آغوش والي 1324هه.

اول سندس لاش بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ امانت طور دفنايو ويو. جتان 19 ربيع الثاني 1330هه تي مير نورمحمد خان ڪڍائي ڪربلا معليٰ کڻائي ويو، جتي پنهنجي خريد ڪيل قبرستان ۾ 21 جمادي الاول 1330هه ۾ دفن ڪيو ويو.

مير حسن علي خان جو شاعريءَ ۾ استاد آخوند احمد هالائي هو، جو ڪتاب ’تحفة السلاطين‘
جو مصنف هو. مرزا فتح علي بيگ (محترم احسن ڪربلائي جو نانو) وٽس مناقب پڙهندو هو. مير حسن علي خان جي تصنيفات ۾ (1) لسان الحق في ميزان الصدق (فارسي نثر ۾) (2) مختارنامه ثقفي (سنڌي نظم ۾) (3) رويائي صادقه (فارسي نثر ۽ نظم ۾) (4) نهرالبڪا (5) مثنوي فتح نامه سنڌ (سنڌي ۾) (6) احسن البيان (سنڌي نثر ۾) (7) رد خوارج (سنڌي نثر ۾) (8) مجموعه خطوط فارسي (9) شڪار جا ڪتاب (10) مثنوي حمله حيدري يا شهنشاه نامه سنڌي. پهريان پنج ڪتاب شايع ٿيل آهن. هي مقالو ماهوار ’نئين زندگي‘ اپريل 1955ع جي رسالي ۾ شايع ٿيل آهي.

شهزادي شيرافگن جي شاعري:

مير حسن علي خان جو ماٽي جو ڀاءُ هن خاندان جو شاعر مير عباس علي خان ’مومن‘ ’شوڪت مدار‘ هڪ هو. سندس سجع هئي: ’ياحضرت عباس علي ادرڪني‘. سندس فارسي ديوان پٽهنس مير عبدالحسين خان وٽ موجود هو، جو وٽانئس گم ٿي ويو. مير عباس علي ’مومن‘ کي شاعري ۽ شڪار ڪرڻ جو شوق هو. سندس سندربن ڪلڪتي ۾ ڪيل شينهن سان مقابلي جو سمورو احوال مير حسين علي خان پنهنجي قلمي ڪتاب ’مناقب علوي فارسي‘ ۾ ڏنو، جنهن جو سنڌي ترجمو محترم احسن ڪربلائي مضمون ۾ شامل ڪيو آهي، جو دلچسپ ضرور آهي. مير صاحب 8 رجب 1273هه تي ڪلڪتي جي قيد ۾ وفات ڪئي. مرزا حسن علي ’وفا‘ عباس ”علي شهيد شد باردگر“ 1293-20=1273هه (1857ع) سن لکيو، ماهوار ’نئين زندگي‘ جولاءِ 1955ع جي رسالي ۾ هي مضمون ڇپيو.

مرحوم سانگي:

شهداداڻي خاندان جو شاعر ۽ نثرنويس مير عبدالحسين خان سانگي ولد مير عباس علي خان سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو شاعر هو. سنڌيءَ ۾ سانگي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ عبدالحسين تخلص
’عبدالحسين‘ ڪتب آيل آهي. سندس سجع هي آهي:

’سبزپوش- ماتم- آل عبا عبدالحسين‘. سندس والد مير عباس علي خان جڏهن ڪلڪتي ۾ قيد هو، تڏهن يورپين عورت سان شادي ڪئي هئائين، جنهن مان 1851ع ۾ سانگي ڄائو. تيرهن سالن کان پوءِ 1863ع ۾ ڏاڏي مير حسين علي خان سان سنڌ ۾ آيو. آخوند احمد ۽ غلام محمد شاهه ’گدا‘ سندس شعر ۾ استاد هئا. سن 1877ع ۾ مس رائٽ سان شادي ڪيائين.

هي به پيءُ وانگر شڪار جو شوقين هو. مس رائٽ به ساڻس شڪار تي گڏ ويندي هئي. سانگي مشاعرا به ڪرائيندو هو، جن ۾ وڏا وڏا شاعر اچي شعر پڙهندا هئا. هو 12 جون 1924ع مطابق 8 ذيقعد 1342هه خميس ڏينهن ٽين وڳي منجهند جو وفات ڪري ويو. کيس بروقت ان ئي ڪمري ۾ دفنايو ويو، جنهن ۾ مير عباس علي دفن ڪيو ويو هو. سال کان پوءِ 11 جون 1925ع تي کيس اُتان ڪڍي وصيت مطابق ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو ويو، جنهن لاءِ آسائتو هو.

قرب درگاهه- لطيفي ٿي نصيب عبدالحسين،

هي سوال آهي سدائين حيدر ڪرار کي.

سانگي هميشه صبح جو سوير چئين وڳي اُٿندو هو. ان وقت کان صبح جوستين وڳي تائين مطالعو ڪندو هو ۽ شعر به لکندو هو. پوءِ نيرن ڪري ٻاهر ويندو هو. هڪ وڳي تائين آيل ماڻهن ۽ مهمانن سان ڪچهري ڪري، گهر اچي ماني کائي آرام ڪندو هو. ٽين وڳي وري اوطاق ۾ وڃي ڪورٽ هلائيندو هو. سانگي متعلق مضمون ٽن قسطن ۾ ماهوار ’نئين زندگي‘ جنوري، فيبروري ۽ مارچ 1956ع جي رسالن ۾ ڇپيو.

شالمين شيدي ۽ هوشو شيدي:

شالمين شيدي اصل ۾ ميان محمد مرادياب ڪلهوڙي جو زرخريد غلام هو. کانئس پوءِ غلام شاهه تخت نشين ٿيو ته اهو به کيس وڏي عزت ڏيندو هو. 1767ع ۾ غلام شاهه جڏهن حيدرآباد جو قلعو ٺهرايو، تڏهن ان جي سنڀال لاءِ شالمين کان سواءِ ٻيو ڪوبه اعتبار جوڳو انسان ڏسڻ ۾ نه آيو، تنهنڪري ڀريءَ درٻار ۾ شالمين جي سر اها جوابداري سپرد ڪئي. سال 1781ع ۾ مير فتح علي پنهنجي امير حاجي احمد کي فوج ڏيئي، قلعو فتح ڪرن لاءِ موڪليو، تڏهن شالمين قلعي جا دروازا بند ڪري ويهي رهيو، ڇاڪاڻ ته وٽس قلعي ۾ ڪلهوڙي جي فوج گهٽ هئي. بُرجن تان بندق بازي ۽ تيراندازي پئي هلي. پورا ٻه سال اهوئي عالم رهيو آخر حاجي احمد بارود کي باهه ڏيئي اندر گهڙيو ۽ شالمين کي قيد ڪري اچي مير فتح علي خان اڳيان پيش ڪيو. مير صاحب سندس بهادري جو قدر ڪندي، کيس پنهنجي حضور ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي، جا هن ڪونه قبولي پوءِ به مير صاحب کيس آزاد ڪيو، شالمين پوءِ ڪٿي وڃي رهيو ۽ پساهه پورا ڪيائين، سا خبر خدا کي.

هوش محمد شيدي مير صوبدار خان جو غلام هو، مير صاحب جڏهن پنهنجي چاچن مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ملڪي ورهاڱي لاءِ بغاوت ڪئي ۽ لاڙ مير غلام علي خان سان مليو، تڏهن مير مراد علي خان فوج وٺي مير صوبدار خان سان مقابلي لاءِ آيو. مير صوبدار خان جي لشڪر کي اهو معلوم ٿيو ته ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ ٻارهن سئو سپاهي باقي بچيس تنهنڪري مير صوبدار خان وڃي مير مراد علي خان کي پيش پيو. مير غلام علي خان ان جنگ لاءِ ڪو بهرو نه ورتو. ان وقت مير صوبدار خان ۽ هوش محمد وچ ۾ جا گفتگو ٿي، تنهن تي مير صاحب مٿس ڏمرجي پيو پر پوءِ کيس معافي ڏنائين. 24 مارچ 1843ع ۾ دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد خان جي فوج سان گڏ وڙهندي، ان ئي تاريخ تي شهادت ماڻي، ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن لاش انگريزن حيدرآباد جي قلعي ۾ دفنايو، تنهن جي حقيقت معلوم ٿي نه سگهي آهي. بهرحال ميرن جي وفادارن ۽ وطن پرستن ۾ شالمين ۽ هوش محمد جا ڪردار قابل احترام رهندا.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي تاريخ ۾ ميرن جي ادبي ذوق کي ظاهر ڪرڻ لاءِ باريڪ بينيءَ سان جيڪو جائزو پيش ڪيو آهي، تنهن مان سندس عقيدن سان لاڳاپيداريءَ سبب ايراني زبان جو فارسي ادب پروريءَ لاءِ جيڪو نسل درنسل ڪردار ادا ڪيو، سو چٽو ٿي بيٺو. ان کان بعد اردو ۽ سنڌي ادب ڏانهن به جزوي ڌيان ڏنو. هونئن به هرهڪ خطي جي امرائن جي درٻارن ۾ ادب ۽ آرٽ جي سرپرستي ڪئي وئي آهي، جا ڏيهي ٻولين ۽ ملڪ ۾ رائج ٻين ٻولين کان سواءِ آسپاس جي علائقائي زبانن ۾ ٿيندي رهي، حالانڪه ٽالپر اميرن جي ٻولي سرائڪي ۽ سنڌي رهي.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جي انهن مقالن سان سندس هڪ ئي وقت ادب ۽ تاريخ جي خدمت سامهون اچي ٿي، جنهنڪري ڪيتريون سجعون، قطعه تاريخون، تخت نشينيءَ جون تاريخون ۽ درٻاري واقعا پڌرا ٿي ايندڙ محققن لاءِ تحقيق ۾ مددگار ثابت ٿي سگهندا.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ:

سنڌي ادب جي نامور هستي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ تي مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جو هي مضمون ماهوار
’نئين زندگي‘ آگسٽ 1958ع جي رسالي ۾ شايع ٿيو. هن مضمون ۾ شمس العلماء جي خود نوشت متعلق مسودن مٿس لکيل ٻين اديبن جي سوانح عمرين کان سواءِ سندس حصول تعليم، خواتين جي تعليم، ننڍي وهيءَ جي راندين، هنرمندن، ٻولين جي ڄاڻ، خوشخطي، نوڪري، کاڌ خوراڪ، پوشاڪن ۽ مشهوريءَ جي موضوعن تي مختصر پر جامع مضمون لکيو. اهو مضمون 2019ع ۾ منهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ’اڀريو سورج سنڌ تي‘ ۾ شامل ٿيل آهي.

مرحوم مرزا ٻڍل بيگ- سنڌي مرثيه گو شاعر:

شخصيتن تي سوانحي، علمي ۽ ادبي خدمتن تي ڪجهه مضمون لکيا ويا، جن مان مير عبدالحسين خان سانگي جي ادبي شوق ۽ شاعريءَ جي شوق کان علاوه مرزا صاحب جو مٿيون مرزا قليچ بيگ تي مضمون ۽ هي مطالعو پڻ اهم آهن. مرزا ٻڍل بيگ ولد مرزا فتح علي بيگ ولد مرزا مراد علي بيگ ’سائل‘ سال 1279هه ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. تعليم حاصل ڪري مير حاجي نورمحمد خان وٽ ڪاتب مقرر ٿيو. مير حسن علي خان جو ڪليات لکي ورتائين ته مير صاحب سندس لياقت کي ڏسي وزير مقرر ڪيو. سندس طب ۾ مهارت سبب مير نورمحمد خان جي زال جو بيماريءَ ۾ علاج ڪيائين ته شفايات ٿي ويئي. ان تي ميرن وٽ سندس مرتبو بلند ٿي ويو. سنڌي راڳ جو به ڄاڻو هوندو هو، وٽس ڪٿان ڪٿان جا استاد گويا اچي راڳ ڳائي داد وٺندا هئا. استاد گامڻ خان، پيارو خان، جمال خان ۽ سينڌو خان اهم هئا.

مرزا ٻڍل بيگ شاعريءَ ۾ تربيت پنهنجي والد، مرزا قاسم علي بيگ ۽ مصري شاهه نصرپوريءَ کان حاصل ڪئي، جنهن جي اعتراف ۾ چيائين ته:

استاد منهنجو ڪامل مصري شاهه نام بيشڪ،

هئي شعر ۾ انهيءَ جي لذت فسون گري جي.

مرزا صاحب کي سندس ڀاءُ مرزا قاسم علي بيگ چيو ته سنڌي ڪلام ۾ ’ٻڍل‘ تخلص ڪتب آڻجي ته فارسيءَ ۽ اردو ۾ ’مرزا‘ پڻ. جنهن تي عمل ڪيائين. سندس ڪتبخانو ڏسڻ وٽان هو. ڇاپي ڪتابن سان گڏ قلمي ذخيرو به موجود هو. سندس تصنيفات ۾ ديوان ۽ ڪليات، مختارنامو ۽ حمله حيدري ۽ مناظره ۽ سفرنامه آهي. سندس وفات 12 ذيقعد 1334هه مطابق 11 سيپٽمبر 1916ع سومر ڏينهن شام جو ستين وڳي ٿي. کيس ميرن جي قبن ۾ مير نصير خان جي صفحي جي ڀرسان امانت طور دفنايو ويو. بعد ۾ 1918ع ۾ ڪربلا معليٰ ۾ مرزا صاحب جي نالي تي قبرستان خريد ڪري مير صاحبن دفن ڪرايو.

’مرزا ٻڍل بيگ جي مرثيي نگاري‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ جو هڪ مضمون ماهوار ’نئين زندگي‘ مارچ 1971ع ۾ شايع ٿيل آهي. مرزا صاحب جي وفات تي مرزا سلطان حيدر بيگ هن ريت قطعه تاريخون رقم ڪيون:

جڏهن خلد ٿيو راهي مرزا ٻڍل بحق

سلطان هوس دل ۾ شه ڪربلا سان عشق

مدفون ٿي ڪربلا ۾ سندس نعش پاڪ،

                              443

جو آغاز کان ٻڍل کي هو شاه هدا سان عشق.

443    +    1473

1916

ڪئي قضا دنيا مان جڏهن مرد مومن ديندار،

هو ٻڍل سلطان غلام پنجتن پڻ سربسر،

مرثيه گوئي جو آ مهر مبين ٿي ويو نهان،

حشر ۾ محشور ٿيو در خدمت خيرالبشر.

مهراڻ جي ماٿريءَ جو تاريخي شهر- حيدرآباد:

هي مقالو ماهوار ’نئين زندگي‘ ڊسمبر 1960ع جي رسالي ۾ شايع ٿيو. مصنف حيدرآباد کي ’نيرون ڪوٽ‘ کان سواءِ ’پٽاله بندر‘ ثابت ڪيو آهي. چوي ٿو ته: ”اسڪندر مقدوني 327 قبل مسيح ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته پٽاله جي راجا موڪسس سندس آڻ مڃي.“ جاگرافيائي لحاظ کان پٽاله ۽ نيرون ڪوٽ اتي ئي آباد هئا، جتي حيدرآباد آهي. ان لاءِ هن علامه شمس الدين احمد بن محمود شهروزي جي ڪتاب ’نزهته الاروح‘ جي حوالي سان و روضته الافراح في تواريخ الحڪماءُ المتقدمين والمتاخرين نيرون کي بيرون مدينته بالسند ڏيکاريو آهي. نيرون ڪوٽ ڇهين صدي عيسوي ڌاري راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سيهرس بن ساهسي راءِ جي حڪومت ۾ برهمڻ آباد ٿي هٿ هيٺ هو. ان وقت پٽاله بندر اجڙي چڪو هو. ستين صدي عيسوي جي پڇاڙيءَ ۾ راجا ڏاهر پاران نيرون ڪوٽ جو حاڪم سندر نالي مقرر ڪيل هو جنهن کي ’شمني‘ جو لقب مليل هو ۽ ٻڌ ڌرم جو هو. 1182هه ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي قلعو تعمير ڪرايو ۽ خداآباد هالن واري ڇڏي حيدرآباد کي گادي بڻايو. حيدرآباد جي تاريخ جو تسلسل سان چڱو واضح تاريخي پسمنظر بيان ڪيو ويو آهي. شهر ۾ مختلف ماڻهن جي نالن سان جيڪي ٽنڊا منسوب ٿيل آهن، تن جو به تذڪرو موجود آهي.

قديم تاريخ يادگار- حيدرآباد جو قلعو:

ميان غلام شاهه ذوالحج 1182هه ۾ قلعو تعمير ڪرائي اچي ويٺو. قلعي جو سال قرآن مجيد جي هن آيت مان اخذ ڪيو ويو. ”يارَبِّ اجْعَلْ ھٰذَا بَلَدًا اٰمِنًا“ يعني اي ڌڻي هن شهر کي امن وارو ڪر، قلعي ۾ مختلف عمارتون تعمير ڪرايون ويون. انهن تي پوءِ انگريزن اچي قبضو ڪيو، قلعي جو مختصر ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

جنگنامو ’مياڻي‘:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي سنڌ ۾ ٽالپر اميرن جي تاريخ متعلق درست مطالعو پيش ڪرڻ لاءِ جيتري محنت ڪئي آهي، تيترو علمي حلقن مان اعتراف ٿي ڪونه سگهيو آهي. ٽماهي
 ’مهراڻ‘ جي سن 1957ع جي پهرين ۽ ٻي رسالي (ص 142 کان 163 تائين) ۾ مياڻي جي جنگ تي هڪ نظم جنگنامو ’مياڻي‘ شايع ڪرايو. هي رزميه نظم سيد احسان علي شاهه ولد سيد ثابت علي شاهه ’ثابت‘
ڪربلائي جو تخليق ڪيل آهي. مسدس جي صنف ۾ پنجهٺ بندن تي مشتمل بحر رمل مثمن محذوف جي وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن تي لکيل نظم تاريخ جو درست ۽ حقيقي منظرنامو پيش ڪري ٿو. ان منجهان اختصار هن طرح آهي:

بارڪ الله! مير، مومن مصطفيٰ جو ديندار،

سنڌ سرور بنده پرور، شاه عالم، شهريار،

جنهن جي در دائم سلامي خلق عالم بيشمار،

هر ولايت ۾ سدا بانيڪنامي آشڪار.

سايه فضلِ خدا جو دائما سرتاج هو،

سڀڪو ان جي لطف ۽ احسان جو محتاج هو.

 

سنڌ جي شمشير جو ناموس عالم آشڪار،

ٿا ڪنبن ڪوپا دلاور شير سرڪش هو ديار،

آهي ناموسِ بزرگان نت اسان کي يادگار،

ڪئن ڪريون ناموس ڪم، اي خسروِ عالي تيار؟

”اڄ ڪنداسين جنگ هن ڪفار مشترڪ سان مڙي،

مير سين وينداسين هرگز نه ورنداسون وري!“

 

ٿيا ٻئي لشڪر مقابل ۽ وڄايائون نفير،

صف بصف سڀئي دلاور جنگ تي ٿيا جائگير،

نامور ’نصر من الله‘ چئي اُٿيا غازي امير،

جنگ جو جهونجهار جنگي جان محمد شيرگير،

تنهن سان گڏ سيد فته محمد لڪياري پهلوان،

ٿيا بهادر بيمثل جنگاهه ۾ سورهيه سجان.

 

پهرين حملي ۾ هٽائي ڪيئون فرنگي خسته جان،

تير باران چوطرف ميدان ۾ ڪيا پهلوان،

صف شڪن صفدر صفون ڪيون صاف مردِ پهلوان،

ڌڙ ڌڙن تي ڍير ڪيا هرسو سٽي سورهيه سجان،

فتح هئي اسلام جي لشڪر جي بيشڪ بيد رنگ،

پر گهرو دشمن ڪري، ٿي جنگ جو ويو هو ٻيو رنگ.

 

تير باران رڻ ۾ ڪئي انگيز ات بي انتها،

چوطرف ٿيا تير بي پايان جو باران بيخطا،

۽ پليتن دشمنن جا تير زرهن ۾ لڳا،

۽ لڳي سيني جوانن جي ڇڻي ڪمرن ۾ پيا،

مير مومن نامور کي تير ڪنهن بي پير جو،

۽ ڪلهي ساڄي کان ڪُرتي مون لنگهي سو پار پيو.

 

مير صاحب! تنهنجا نت حامي حمايت چار يار،

تون سدائين چار ياري آهين، مومن ديندار،

سنڌ- سرداريءَ جي سر دستار تنهنجي، تاجدار،

سوٽ ڀاڻيجا روانا ڪر مڙوئي آ شڪار،

تن سان ماڻهو پنهنجا ڪر همراهه ٻانهون ڏئي اچي،

هان، متان سرڪش وري سنڀري سڀئي نڪري وڃن.

 

قفل ڏيئي ڳوٺ جو دربند ڪيو ڪوڙي يزيد،

مير قيدي ڳوٺ م ڪيا هاءِ ان قومِ عنيدِ!

ڪيئون صداقت مون عداوت، ٿيا ڦري سرڪش شديد،

خط نيان جرنيل ڏي جلدي منجهئون آوت پليد،

چيئين وڃي انگريز کي هئن مير صاحب جي دعا،

قيد ڪياسين ڳوٺ ۾ دشمن سندءِ ڏيئي دغا!

 

شاه! ”احسان علي“ مسڪين ثابت، جئن گدا،

تنهنجي در دائم سوالي آهي سائل، سيدا،

لطف پنهنجي ساڻ سڻ عاجز سندي هيءَ التجا،

ڪر سندم هي مرثيو ’مقبل‘ جئن، شها!

مدح خوانيءَ جو گهُري انعام شاعر ’شاهه‘ کون،

نت فضل ’احسان‘ هردم ٿو پئي الله کون!

’جنگنامو مياڻي‘ جي پيش ڪرڻ کان اڳ ’احسن ڪربلائي‘ ان تي چئن صفحن جو هڪ ڪارائتو مضمون پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون تاريخي چٽايون ۽ حقيقتون سمايل آهن. کيس هي جنگنامو مير نورمحمد بن مير علي بخش خان جي ڪتبخاني ۾ سيد ثابت علي شاهه جي مرثين جي هڪ بياض ۾ ڏسڻ ۾ آيو.

سنڌ تي انگريزن جي حڪومت هئڻ ڪري، ڪنهن به تاريخ لکندڙ کي ايتري جرائت ڪانه ٿي، جو مياڻيءَ جي جنگ جي سچيءَ حقيقت کان قوم کي واقف ڪري، درسي ڪتابن ۾ يا عام ماڻهن جي ذهن تي نقشو چٽيل آهي، سو نه رڳو وڌاءُ ٿيل آهي، بلڪه نسورو ناحق آهي.

مياڻيءَ جي جنگ جي هار جو سڀ کان وڏو سبب ميرن جو گهرو نزاع هو، جو اڄ به ماڻهو چوندا آهن ته ’ميرن جي ڪٿان ڦِٽي؟ چي: گهر مان ڦِٽي!‘
ان وقت سنڌ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل هئي: هڪ ڀاڱو خيرپور وارو مير رستم خان ۽ سندس ماٽيجي ڀاءُ مير مراد علي خان جو، ٻيو ڀاڱو ميرپورخاص وارو مير ٺاري جي اولاد وارو، ٽيون حيدرآباد وارن ميرن جو.

مياڻي جي جنگ ۾ انگريزن جي فوج جو تعداد پنجن ڇهن هزارن جي وچ ۾ هو ۽ بلوچن جو لشڪر پنجن هزارن کان وڌ ڪين هو. نيپئر ۽ سندس ڀاءُ وليم نيپئر غلط انگ اکر ڄاڻايا آهن.

ڪن بلوچن ته پنهنجي پيرن ۾ ڏاوڻ وجهي، مياڻيءَ جي ميدان ۾ پاڻ کي ٻڌي ڇڏيو هو ته جيئن لڙائيءَ جي زور وقت پير پٺتي نه هٽي سگهن.

چيو وڃي ٿو ته ثابت علي شاهه نواب اعظم سان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو، اهو سن 1128هه ٻڌايو ويو آهي. اهو درست ڪونه آهي، ثابت علي شاهه جو ڏاڏو سيد نورمحمد شاهه عرف ثابت علي شاهه ولد سيد عيسيٰ شاهه نواب اعظم خان سان 1128هه سان ٺٽي آيو. پوءِ 1131هه ۾ سيوهڻ لڏي آيو، جتي ثابت علي شاهه 1153هه ۾ سيوهڻ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو مدار علي شاهه هو. ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني 1225هجري ۾ سيوهڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو. مير فتح علي خان ٽالپر سندس قطعه تاريخ رقم ڪئي، جا سندس مرقد تي ثبت ٿيل آهي.

شبِ شهادت شاهِ شهيد، رحلت کرد،

امير فتح علي خان خديو صاحب عصر

بگفت ’ثابت‘ زوار سال تاريخش،

مکين قصر بهشت و مکان بهشتي قصر

     1127هه                       1218 (تاريخ مرقد)

تڪمله مقالات الشعراء جي مقدمه نگار، تصحيح ۽ حواشيه نگار حسام الدين راشديءَ، سيد ثابت علي شاهه جي احوال جي تصحيح لاءِ احسن ڪربلائي جي مذڪوره مقالي تان استفادو ڪيو آهي. (ڏسو تڪمله مقالات الشعراء، ص 94 کان 97) تڪمله جي ص ص 315، 317 ۽ 732 تي سندس ڪتبخاني ۾ موجود مخطوطن جو احوال ملي ٿو.

هن جنگنامي جو ليکڪ احسان علي شاهه سيد ثابت علي شاهه جي ٻن پٽن مان ننڍو پٽ هو. سندس وڏي پٽ جو نالو سيد امداد علي شاهه هو. سيد ثابت علي شاهه جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان، سندس اولاد کي سيوهڻ مان گهرائي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن جي ڀرسان جايون ۽ لوازمو ڏيئي رهايو.

ناٽڪ نويسي:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي ادب ۾ نظم ۽ نثر جي هرهڪ صنف جو ماهر هو. جنهنڪري آسانيءَ سان پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جو اظهار ڪري سگهندو هو. هو جڏهن مير ٽالپرن جي علمي ۽ ادبي شوق ڏانهن متوجهه ٿيو، تڏهن سندس دلچسپي وڌي ويئي، پوءِ ته گَهرائيءَ سان ان جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو. انڪري مٿس گهرا اثرات مرتب ٿيندا رهيا. ايستائين جو جيئن سندس ادراڪي قوتون ۽ صلاحيتون جنبش ۾ آيون، تيئن هو مختلف شخصيتن جي علمي شوق تي مقالا لکندو آيو. اهو سلسلو جيستائين هليو تيستائين انهن جي آسپاس جي ماحول ۽ ماڻهن جي ڪردار جو به جائزو وٺندو آيو. اهڙيءَ طرح انهن افرادن کي به تاريخ جي ترتيب ۾ جاءِ ڏنائين. محقق جي حيثيت سان تحقيق جون ذميواريون نباهڻ کان پوءِ اديب ۽ تخليقڪار جي احساسن جو تلاطم وري نئين جوش ۽ جنون سان متحرڪ ٿيو ۽ فطري تقاضائن مطابق ادب جي اهم صنف ’ناٽڪ‘ جي تخليق لاءِ قلم سنڀرايائين. جيتوڻيڪ سندس مقالن لکڻ وارو وقت سن 1954ع ۽1955ع وارو چئي سگهجي ٿو ۽ انهن جي اشاعت پوءِ سلسلي وار هلي. آگسٽ 1956ع تائين ۽ بعد ۾ ڪن ٻين سلسلن سان به منسلڪ رهي. ان ئي زماني ۾ ناٽڪ جي تخليق عمل ۾ آيل ٿي ڏسجي.

’مياڻيءَ جي جنگ جو فيصلو‘:

جنگ ڪريسون، پُٺ نه ڏيسون،

مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون!

حيدرآباد مان ترقي پسند تحريڪ جي ترويج لاءِ هڪ ڪتابي سلسلو ’پرهه ڦٽي‘ جي نالي سان قاسم شاذ ۽ مس سڪينه سنه 56-1955ع ۾ جاري ڪيو، جنهن جي پهرين نمبر ڪتاب ۾ (ص 67 کان 80 تائين) هي ناٽڪ شايع ٿيو.

سنڌ جي تاريخي واقعي متعلق هي تاريخي ناٽڪ شايع ٿيو. منهنجي خيال ۾ ورهاڱي کان سنڌ جي تاريخ سان تعلق رکندڙ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون ناٽڪ چئي سگهجي ٿو. هي ناٽڪ ’تاريخي ڊائلاگ‘ جو اهو منفرد مثال آهي، جو سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ۾ الڳ حيثيت جو حامل ٿي سگهي ٿو. مصنف ڪي حقيقتون تاريخي تناظر ۾ رقم ڪرڻ کان آرٽ جي هن صنف ۾ محسوس ڪرائڻ جي، جا ڪوشش ڪئي آهي، تنهن ۾ کيس چڱي ڪامياب ٿي آهي، هن پڙهندڙن کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ۽ قلم جي وسعت تي اعتماد ڪرڻ جو سبق پيش ڪيو آهي. جنهن ڏانهن ادب جي شائقن کي توجهه ڏيڻ گهرجي. اهو ناٽڪ بعد ۾ اَٺن سالن کان پوءِ جڏهن ماهوار رسالي ’نئين زندگي‘ اپريل 1964ع (ص 35 کان 38) ۾ شايع ٿيو، تڏهن پڙهندڙن جو خوب ڌيان ڇڪايائين. سنڌ ته بجاطور، پر هند مان پوني جي اديب ڪشور اجيت لکيو: ’مان جڏهن اپريل جي
’نئين زندگي‘ (جا ستيش روهڙا کان ملي) ۾
’مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون‘ (ناٽڪ) پڙهيو، تڏهن منهنجي اکين مان اجهل پاڻي وهي ويو.“ (ن. ز: جولاءِ 1964ع، ص 54)

سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،

وڙهندي مُڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمائيا.

(اياز)

تصنيفات:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جو ڪتاب ’واقعه ڪربلا‘ جي نالي سان 1950ع ۾ انجمن اماميه سنڌ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. علامه رشيد ترابي ان سال واقعه ڪربلا کي چوڏهن سئو سال ٿيڻ ڪري آل سنڌ- هند پنجاب ڪانفرنس ڪرائي هئي جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپايا ويا هئا. سندس ان ڪتاب جي اشاعت به ائين عمل ۾ آئي. سن 1961ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن پاران ڇهين ڪلاس جي شاگردن جي لازمي مطالعي لاءِ
’ديني تعليم‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب مخدوم امير احمد سان گڏ لکيو، جو ٻٽيهن سبقن سان هڪ سؤ ٻٽيهن صفحن تي مشتمل آهي. ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب آگسٽ 1961ع ۾ دين و دنيا بوڪ ڊيپو شاهي بازار حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.

اميرانِ تالپور ڪي علمي ڪارنامي:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جا سنڌي زبان ۾ لکيل اهي مقالا پروفيسر رحمت فرخ آباديءَ اردو ۾ ترجمو ڪيا، جي ڪتابي صورت ۾ ’آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس‘ ڪراچي پاران 1988ع ۾ شايع ٿيا، ڪتاب جو پهريون ڀاڱو مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جي مقالن تي مشتمل آهي ۽ ٻيو ڀاڱو ٻين خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي مختصر تاريخ ۽ اتي جي ديني ۽ اسلامي تعليمات تي ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ عطا محمد حامي جا مضمون ترجمي جي صورت ۾ ڏنل آهن، پوين ڪجهه صفحن تي ضميما پڻ ڏنا ويا آهن. بهرحال اهي مفيد مقالا جي هر لحاظ کان اهميت ۽ افاديت وارا آهن، سي اڄ تائين سنڌ جي ڪنهن به اشاعتي اداري پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ڪونه ٿي سگهيا آهن. جنهن جا هونئن ته ڪهڙا به اسباب ٿي سگهن ٿا، مگر انهن جي گڏيل اشاعت کان اسان جا ادارا يا انهن جا منتظمين نابلد رهيا هوندا. اڄوڪي تحقيقي دور ۾ وقت جي ۽ تحقيق جي ضرورتن کي شايد محسوس ئي ڪونه ٿو ڪيو وڃي، حالانڪ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي هرهڪ شعبي ۾ ڪيترن ئي مختلف عنوانن تي تحقيقي مقالا لکجن پيا، جن تي سَندون پيون ڏنيون وڃن، پر ڪوبه اهڙو ادارو ڪونه آهي، جو اهي مقالا ڇپائي، اسان جي اشاعتي ادارن جي منتظمين ۾ به هاڻي ته ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيل داناءَ به شامل آهن، پر اهي به ذاتي پسند ۽ ناپسند جهڙن لاڙن کان مٿاهان ٿي نه سگهيا آهن. اڳ جڏهن فقط بي.اي ۽ ايم.اي جون ڊگريون رکندڙ منتظمين هوندا هئا ۽ ڊاڪٽرن جي گهڻائي به ڪونه هوندي هئي، تڏهن مختلف تحقيقي عملن لاءِ رٿائون به جڙنديون هيون ته ڪارڪنن جون ڪاميٽيون به ٺهنديون هيون. اڄ اهڙيون رٿائون ته ڪونه ٿيون جڙن، ماڳهين جيڪي نور نچوئي ڪجهه ڪندا رهن ٿا، تن جي تصنيفن ۽ تاليفن ڇپائڻ جا مجاز اهي مجاور آهن، جن جي کاتي ۾ ۾ ڪو تحقيقي شهپارو ته نظر ڪونه ايندو، البت ٻين سمورن اديبن ۽ محققن جي شايع ٿيندڙ تصنيفات متعلق کانئن اهي دعوائون ٻڌبيون ته جي انهن جي هستيءَ جا هٿ نه هجن ها ته نه هوندا اهو ڪتاب ائين ڇپجي سگهي ها ۽ نه مصنف يا مؤلف ان لائق ٿي سگهي ها!

شاعري:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي کي شعر ۽ شاعريءَ سان شوق ننڍپڻ کان ئي هو. سن 1914ع کان ’ظفر‘ تخلص اختيار ڪري شعر چوڻ لڳو. ان وقت هن جي عمر سترهن سال هئي. سندس شاعري جڏهن والد صاحب ڏٺي، تڏهن کيس هدايت ڪيائين ته ’تعليم مڪمل ڪري پوءِ ڀلي شعر چئو في الحال ڌيان پڙهائيءَ ۾ ڌريو‘. والد جو حڪم دل تي رکي ڇڏيو. تعليم مڪمل ڪري، شعر چوڻ لڳو. ان زماني ۾ مشاعرن جو رواج به گهڻو هو. غير طرحي مشاعرن کان سواءِ طرحي مشاعرا به ٿيندا هئا. سن 1930ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو بنياد پيو ته احسن ڪربلائي، ان جي باني خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو اهم صلاحڪار ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. سوسائٽيءَ لاءِ کيس ڪيترائي ڪتاب ڏنائين، جن مان گهڻي مدد وٺڻ کان سواءِ ڪي ڪتاب ڇپايا به ويا. هُو شايع ٿيندڙ سالياني رپورٽن ۾ پنهنجي خدمتن جي ذڪر کان ڪناره ڪش رهندو هو. ان جي پهرين سالياني جلسي جي مشاعري لاءِ مصرع طرح ڏني ويئي هئي: ’سج چڙهي آيو مٿي اُٿ ننڊ مان بيدار ٿي.‘ ان مصرع طرح تي ’احسن‘ ڪربلائي صاحب به طبع آزمائي ڪئي:

تان ڪجا هي غفلتون اي قوم تون هوشيار ٿي،

”سج چڙهي آيو مٿي اُٿ ننڊ مان بيدار ٿي.“

 

ذرو ذرو ٿي ويو روشن  سحر جي نور کان،

پر تون آهين خواب راحت ۾ پيو بيڪار ٿي.

بسترِ راحت تان اُٿ اي نوحه خوان هست بود،

هوش ڪر ڇڏ نيستي تون چست ٿي باڪار ٿي.

ختم ڪر دورِ شراب نيستي لله تون،

بادهء بيداري کان پُرڪيف ٿي سرشار ٿي.

اي اسيرانِ عياشي ڪشتگانِ بي حسي،

وقت آيو تون رباب و چنگ کان بيزار ٿي.

علم جي دولت تي آهي، قوم جو دارومدار،

پر اسان جي قوم هن دولت کان اڄ نادار ٿي.

صرف ٿي جا قوم ملت لئي سا بهتر زندگي،

ورنه ’احسن‘ ڪربلائي زندگي بيڪار ٿي.

’احسن‘ ڪربلائي جو قلم جهڙو آهي نثر ۾ پختو، تهڙو آهي نظم ۾ مضبوط. فني نڪته نگاهه کان عروضي بندش به مستحڪم ته فڪري لحاظ کان به اظهار ۾ وسعت ۽ پرواز جي بلندي دلڪشيءَ جو سبب ٿي رهي. پاڻ بحر عروض تي پنهنجا خيالات هن ريت منظوم ڪيائين:

بحر عروض جا سي شناور ڪٿي ڪٿي،

صدف سخن جا اڄ ويا گوهر ڪٿي ڪٿي.

ڌاڪو هو جن جي نظم جو روئي زمين تي،

رونق مشاعري جي ٿي جن جي ڪلام کان،

شيرين زبان ٿيا سي مقرر ڪٿي ڪٿي.

ڪوشش کان جن جي سبز هو بستان مرثيه،

بوئي سخن سند اسي گلِ تر ڪٿي ڪٿي.

روشن هو آسمان غزل جن جي نور کان،

فلڪ سخن جا خسرو خاور ڪٿي ڪٿي.

زيرنگين جن جي هئي اقليم مثنوي،

سي ڪشور سخن سندا افسر ڪٿي ڪٿي.

مشهور جن جي تيغ مخمس جهان ۾ هئي،

ميدان نظم جا سي دلاور ڪٿي ڪٿي.

ميدان رباعي جو ٿي رهيو جن جي هٿ سدا،

ملڪ سخن جا شير بهار ڪٿي ڪٿي.

اصلاح شعر تي ٿي ڏني جن خيال سان،

استاد مهربان سي سخنور ڪٿي ڪٿي.

صحبت مان فيض جن جي رسيو ٿي اي گل حسن،

سي نڪته دان فيض سندا گوهر ڪٿي ڪٿي.

’احسن‘ ڪربلائي جي ڪلام جي گهرائي، بلندي ۽ انداز بيان متعلق سوچجي ٿو هت هر مصرع محاسنِ ڪلام جو اهڙو مثال آهي، جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:

مشتاق اهل سخن سندءِ شعر جا ٿيا،

احسن سڀن کي ٿيو تنهنجو حُسنِ بيان پسند.

هن جو ڪلام حسن ۽ عشق کان سواءِ زندگي ۽ ڪائنات جي ٻين گهڻن ئي موضوعن جو خزانو آهي. فرقت، جواني، دوستي، وطن سان محبت، رشد ۽ هدايت ۽ موت کان پوءِ شاعر ۽ عاشق کي محبوب جو اوسيڙو ۽ اضطراب. انهن عنوانن تي سندس نازل خيالي ۽ نباهه کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي. شاعريءَ ۾ نه ته هو سهل پسنديءَ جو قائل ٿو نظر اچي، ۽ نه ورجاءَ وهيڻو. ڏکي زمين ۾ متوجهه ڪندڙ پختو ڪلام ڄڻ ته مرزا خاندان ۽ اباڻي ورثي جي ارتقا جي اهڙي سونهري ڪڙي پيو محسوس ٿئي جو جيڪر ائين چئي ڏجي ته اهوئي ڪمال فن ۽ جمال سخن آهي.

ٿي ٿئي رخسار مصحف ساڻ همسر آرسي،

ايترو گستاخ ٿي الله اڪبر آرسي.

زنده جاويد ٿيو اظهر هرهڪ  اهلِ ڪمال،

تان قيامت جڳ ۾ ٿي نام سڪندر آرسي.

خود نمائي تنگ ٿي روشن دلين جي واسطي،

ڪنهن طرح ظاهر ڪري باطن جا جوهر آرسي.

سنگدل کي پنهنجي پاسي ۾ جڳهه هرگز نه ڏي،

ڏس رکي ٿو ڪير پٿر جي برابر آرسي.

غير جو احسان گوارا اهلِ جوهر کي نه ٿيو،

ٿي ڪڏهن بوئي زلف خوبان کان معطر آرسي.

دل کي دنيا جي هوا ۽ حرص کان تون ڏور ڪر،

دم جي آمد شد کان ٿي پڻ مڪدر آرسي.

دل جي آئيني ۾ ڏسندس حال عالم گل حسن،

جام پنهنجي گهر رکي جم ۽ سڪندر آرسي.

مرزا ’احسن‘ ڪربلائي جي شاعريءَ جو معيار بلند آهي، جنهن تي سير حاصل گفتگو ڪرڻ لاءِ الڳ مقالي لکڻ جي گهرج محسوس ٿئي ٿي. ان لاءِ مثال جي چونڊ به ايتري گهڻي ڪري سگهجي ٿي، جو سندس ذخيرو گهڻو ڪمائتو ۽ ڪارائتو آهي. هُو حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ تقريباً مشاعرن ۾ شريڪ ٿي ڪلام پيش ڪندو هو. سن 1924ع ۾ لاڙڪاڻي جي بزمِ مشاعرا پاران ڏنل مصرع طرح: ”چشم موسيٰ به حسرت رهجي ويئي ديدار جي“ تي حيدرآباد ۾ مشاعري ۾ شريڪ ٿيو. ساڻس مرزا مدد علي به ان مشاعري ۾ شريڪ ٿيو. 1952ع ۾ جيڪب اباد جي طرحي مشاعري (فدائي قوم ٿي ۽ جذبئه ايثار پيدا ڪر) ۾ شرڪت ڪيائين. سن 1956ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان قائم ٿيو ته شروع کان ئي ان جي مشاعري ۾ شعر پڙندو هو. پوءِ ته ريڊيو سان ايترو منسلڪ ٿي ويو جو ان لاءِ سندس خدمتن جو الڳ تذڪرو لکي سگهجي ٿو. سندس پختي نثر نويسي ۽ تحقيق جي ڏکي کيتر ۾ ڪامباب وکون کڻڻ جي باوجود طبيعت هر طرح موذون پئي محسوس ٿي. هو مشاعرن ۾ به شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو. سندس حلقئه احباب به دانائن ۽ دانشورن تي مشتمل هو. سنڌي زبان کانسواءِ اردو ۽ فارسيءَ ۾ به تحريرون موجود آهن. پنهنجي زماني ۾ هو ادب جي دنيا جي نامور ۽ ناليوارن هستين ۾ شمار پئي ٿيو.

’احسن‘ ڪربلائي انگريزي ادب جو به مطالعو رکندڙ هو، پر سندس وڌيڪ مرغوب فارسي ۽ اردو ادب جو مطالعو هو. ايران جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کان سواءِ هند- سنڌ جي اردو اديبن، عالمن ۽ شاعرن سان به گهاٽا ناتا قائم هوندا هئا.

شخصي لاڙا:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جي شخصيت علمي، ادبي لحاظ کان ته منفرد ۽ مٿاهين هئي، پر سماجي ۽ شخصي طور به قابلِ داد هئي. هو محبت، خلوص، اخلاق، اخلاص، سهپ ۽ سنجيدگيءَ جو مثال هو. ڇاڪاڻ ته روحاني ڀور تي اسلام جي رهبر ڪامل حضرت محمّد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ ﷺ ۽ آقا جي اهلبيت حضرت علي ڪرم الله وجهـﮧٗ سندن آل حضرت امام حسنؑ ۽ حسينؑ سان گڏ معصومين جي فڪر ۽ راهه جو پيروڪار هو. سندن حيات مبارڪن جي عادات و اطوار کان نه رڳو واقف هو، پر نقشِ قدم تي هلڻ جو سختيءَ سان پيروڪار هو. اهل شيعت سان وابستگي هئڻ ڪري، مرثيه گوئي، سلام، مناقبا ۽ واقعه ڪربلا جي متعلق دردِ دل ۽ محبتِ آلِ رسول تحت مختلف اصناف سخن ۾ اظهار ڪرڻ کانسواءِ محفلن ۽ مجلسن ۾ پڙهي، عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندو هو. سال 1921ع کان انجمن اماميه سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر رهيو ۽ ان جي هر تقريب ۾ پنهنجون تحريرون پيش ڪندو رهندو هو. روحاني اثر ڪري، زندگيءَ جو هر پهلو ان ئي روشنيءَ سان منور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. انسانن سان محبت ۽ خلوص جو برتاءُ ڪندو رهيو. جيڪڏهن ڪٿي ڪو رويو ناگوار محسوس ٿيو ته گهڻي تدبر ۽ متانت سان ان تي سوچي، ردِعمل جي بجاءِ سهپ ۽ رواداريءَ جو رويو اختيار ڪري، اولاد ۽ عزيزن کي به ان کان متاثر ڪندو هو. هونئن به پاڻ ادراڪ سان گڏ احساس جي دولت سان به مالامال هو.

سير ۽ سفر:

دنيا حيرت ۽ عبرت جو جهان آهي، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ اهلِ دانش لاءِ ان جي حيثيت درسگاهه واري آهي، ان جي مطالعي ۽ مشاهدي مان ئي هر قسم جي سکيا حاصل ٿئي ٿي. انڪري عام طور تي مردن لاءِ چيو ويو آهي ته: ’مڙس رُلي ته کُلي!‘
اتي ’رلڻ‘ مان مراد آواراگري وٺڻ نه کپي، پر کليل اکين سان ڏسجي بصيرت سارو سکيا حاصل ڪرڻ آهي، ان لحاظ کان ’احسن‘ ڪربلائي به سير ۽ سفر جو شوقين ۽ شائق هو. پنهنجي حال سارو ڏيهه پرڏيهه ڏٺائين. سن 1921ع ۽ 1927ع ۾ مير نورمحمد خان سان گڏ ڪربلا معليٰ جي زيارتن تي ويو. ان سير ۽ سياحت مان هو روحاني ۽ دنياوي طور تي فيض ور ۽ لطف اندوز ٿيڻ سان گڏ مشاهدي سان سرشار ٿيو. ايران ۽ افغانستان جي مختلف شهرن گهمندي، اُتان جي مشاهيرن جي مزارن جي زيارت ڪري، مختلف تصنيفون ۽ تاليفون خريد ڪري آيو. انڪري هو پاڻ کي ذهني لحاظ کان پختو ۽ مطمئن محسوس ڪرڻ لڳو. ان سير ۽ سفر تان موٽي اچي ’ظفر‘ تخلص ترڪ ڪري ’احسن‘ اختيار ڪيائين.

سن 1934ع طبيعت ناساز هئڻ ۽ يڪسانيت جي اثر سبب ڊاڪٽر چمنداس جي صلاح سان سملي، ڌرمپور ۽ پنجاب گهمڻ ويو. لاهور ۾ نامور فلسفي ۽ شاعر علامه اقبال ۽ اورينٽل ڪاليج لاهور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع لاهوريءَ سان ملاقاتون ڪري ڪتاب وٺي آيو. سندس ان سفر کان پوءِ سن 1935ع ڌاري ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع لاهوري سنڌ جي علمي سفر تي نڪتو ۽ سموري سنڌ گهمي، ڪيئي قلمي ڇاپي ۽ ڪتاب تحفتاً حاصل ڪري ۽ خريدي ويو، هو جڏهن حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن ’احسن‘ ڪربلائي وٽ مهمان ٿيو. هن کيس کُليءَ دل سان خاطر تواضع ڪئي ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي لئبرري ڏيکاري. اها ڏسي هو بيحد متاثر ٿيو ۽ علمي ۽ ادبي شوق جو اعتراف ڪيائين. واپسيءَ تي اورينٽل ڪاليج ميگزين ۾ سموري علمي سفر جي روئداد رقم ڪيائين. بعد ۾ سندس پٽ اهي مضمون گڏ ڪري ’صناديد سنڌ‘ جي نالي ڪتاب ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي جي جوانيءَ واري زماني ۾ مردن کي جسم جي جوڙ، جانٺائي ۽ بهادري ظاهر ڪرڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. مطلب ته ان دور کي ديکا ديکيءَ جو دور به چئي سگهجي ٿو. ان جي اثر سبب هن مرد مجاهد کي به جسماني جوڙ، ڪسرت ۽ ورزش سان شوق رهيو. انڪري هو طاقتور ۽ توانو رهندو آيو. ان طاقت جي زور تي تارون به واهه جو ٿيو. نئين ڦليليءَ جي هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تري پهچڻ ته خير هو، پر ٽٻيءَ ۾ به يڪ ساهيءَ وڃي نڪرندو هو. انڪري دوستن احبابن ۾ وڏو مانُ لهندو هو.

شادي ۽ اولاد:

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي ٻه شاديون ڪيون، سندس پهرين گهر واري ڀاڳيري بنت مرزا نورمحمد بيگ سان ٿي، جنهن مان هڪ فرزند تجمل حسن ’مشتاق‘ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. اها گهر واري سن 1935ع ۾ وفات ڪري وئي، سن 1955ع ۾ سندس فرزند تجمل حسن به جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. احسن صاحب 1937ع ۾ ٻي شادي خانم بنت محمد يوسف پٺاڻ سان ڪئي، جنهن مان توسل حسن ’ممتاز‘ مرزا، تفظل حسن ’ظفر‘ مرزا، نجمل حسن ’نجمي‘، اختر حسين، غضنفر حسين ۽ سليم حسن ۽ ڇهه نياڻيون اولاد ٿيو، سندس ٻي گهر واري 18- آگسٽ 2018ع تي وفات ڪري ويئي.

’احسن‘ صاحب اولاد جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن توجهه ڏنو، جنهنڪري هو پنهنجي زندگيءَ جي مقصدن تعين ڪرڻ ۽ عملي طور ڪاميابين سان همڪنار ٿي، سکي زندگيءَ سان وابسته رهيا. انڪري چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي وسيلن سارو پنهنجي گهُرجن موجب چيٽ ڪَتيءَ هڪجهڙو هلي، خود انتظامي جو پابند رهيو. سندس خودداري، ايمانداري، سچائي ۽ ثابت قدمي اج به جٿي ڪٿي پيئي ٻڌبي، توڙي جو سندس وڇڙي، اچي چاليهارو سال پورا ٿيڻ وارا آهن. پاڻ پنهنجي زندگيءَ کي ڏکن سکن ڀري ۽ عارضي سمجهندي به ان ڏانهن مثبت رويو اختيار ڪندو آيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته رهيو. هن پنهنجي پنجهٺ ساله ڄمار ۾ علمي، ادبي، مذهبي ۽ سماجي زندگي ۾ جيڪي به خدمتون سرانجام ڏنيون، سي سندس شخصي لحاظ کان غير محدود، وسيع ۽ قابل قدر مڃي سگهجن ٿيون، جن جو اعتراف علمي، ادبي ۽ مذهبي حلقن کان وڌيڪ سماجي حلقن ۽ تحقيقي حلقن ۾ ڪيو پيو وڃي.

’احسن‘ ڪربلائي جي تحريرن جو علمي ۽ ادبي ڪارج:

’احسن‘ ڪربلائي جي مٿي پيش ڪيل مضمونن ۽ مقالن سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي متوجهه ڪيو، تعليمي ادارن جي استادن، عالمن، اديبن ۽ محققن انهن جي مطالعي کي لازمي سمجهي، نه رڳو تاريخ واري پهلوءَ ۾ پنهنجي مطالعي کي درست بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٽالپرن جي سموري حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ مختلف زبانن ۾ ادب جي ترويج جي خبر پئجي سگهجي ٿي. علامه ڊاڪٽر دائودپوٽي جي بقول: ”جيڪڏهن احسن ميرن تي نه لکي ها ته هوند اسان سنڌ جي ادب جي تاريخ جي هڪڙي نهايت عاليشان دور کان محروم ٿي وڃون ها. انهيءَ محبت لاءِ ’احسن‘ کي جس هجي، هن وڏي قومي خدمت سرانجام ڪئي آهي. (ن.ز: 9/1962ع، ص 5) اڄ کان ستهٺ ورهيه اڳ جيڪو ذخيرو ’احسن‘
ڪربلائي جي نظر کان گذريو، ٿي سگهي ٿو ته ان مان ڪجهه حصو زماني جي اُٿل پُٿل جي ور چڙهي ويو هجي، يا هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل به ٿيو هجي، بهرحال ڪن اهلِ علم ۽ ادب شناس افرادن انهن تحريرن مان ڪو استفادو به ڪيو هجي، جيئن حسام الدين راشدي پنهنجي تاليف امين الملڪ ميرمحمد معصوم بکري جي وفات جي تاريخ کي مستند سمجهڻ ۽ مير بزرگ هٿان لکڻ جي تصديق ڪئي، سن 1956ع ۾ جڏهن پاڪستان پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران پير حسام الدين راشدي جي ترتيب ڏنل ’نئين زندگي‘ ۾ ڇپيل مضمونن، افسانن ۽ شاعري جو چونڊ مجموعو
’مهراڻ جون موجون‘ شايع ڪيو ويو. تڏهن ’ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما‘ عنوان هيٺ اهي مقالا چوراسي صفحن تي شايع ڪيا ويا، حسام الدين راشدي انهن متعلق لکيو ته: ’مرزا ’احسن‘ ڪربلائيءَ جو مضمون ’ٽالپر حڪمرانن جا علمي ڪارناما‘ سنڌ جي تاريخ تي هڪ مستقل اهميت جو مضمون آهي.“ (ص 3)

ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي مضمون جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. ان جي هڪ ٻئي مضمون
’سنڌي ادب ۾ رزميه شاعري‘ ۾ پڻ مرزا ٻڍل بيگ جي شاعري متعلق گفتگو ملي ٿو. اهو مضمون سن 1966ع جي رسالي ’نئين زندگي‘ ۾ قسطن ۾ ڇپيل آهي.

هرومل سدارنگاڻي خادم پنهنجي ڊاڪٽوريٽ جي مقالي (Persian Poets of Sindh) جي صفحي 240 تي ’بياض احسن‘ تان استفادو ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي سنڌ جي محققن جي مدد لاءِ فراغ دلي جو مظاهرو ڪندڙ هو. سندس لئبرريءَ ۾ ڇپيل ڪتابن کانسواءِ ڪيترائي قلمي نسخا به موجود هئا، جي وٽس وڏن کان ورثي ۾ مليل هئا، هو پاڻ به مير نورمحمد خان جي ڪتبخاني جي نظرداري ڪندو هو ۽ نهايت خوش خط هئڻ ڪري مير صاحب کانئس خط پٽ لکرائيندو رهندو هو. ضرورت آهي ته اڄ تحقيقي لحاظ کان وڌندڙ رجحان ڪري. احسن ڪربلائي جي حياتيءَ جي هرهڪ رُخ کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪا مستقل تصنيف ترتيب ۾ آڻي ڪمي پوري ڪئي وڃي.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي پنهنجي والد جي نرينه اولاد ۾ ٻيو نمبر پٽ هو. اڳ ۾ وڏو ڀاءُ مرزا غلام حسين هو. پاڻ ۾ ڪل پنج ڀائر هئا. کانئس پوءِ مرزا علي بخش ’ڪوثر‘ ۽ ننڍو مرزا امام بخش
’اختر‘ ۽ مرزا يار محمد هو. کين ٻه ڀينرون هيون. سندس والد دوست محمد ’دوست‘ مرزا 24- سيپٽمبر 1920ع جمعي ڏينهن وفات ڪري ويو ته احسن صاحب ننڍن ڀائرن جي نظرداريءَ سان گڏ والد جي ڪٽنب جو سرپرست ٿي پيو.’احقر‘ ۽ ’ڪوثر‘ به اهلِ ذوق، باشعور ۽ محنتي هئا. مرزا امام بخش ’احقر‘ ۽ علي بخش
’ڪوثر‘ سان ڀائتي ته هئي، پر ساڻن دوستي به هئي. کين 1955ع ۾ ’احسن‘ صاحب جي وڏي پٽ مرزا تجمل حسن جي ناگهاني موت گهرو صدمو رسايو. انڪري ’احسن‘ صاحب لاغڙ ٿي پيو. اهو ڌڪ تازوئي هو ته 8 آگسٽ 1961ع مطابق 25 صفر 1381هه اڱاري ڏينهن ’ڪوثر‘ به ڪوچ ڪئي. ان وقت سندس عمر اڻونجاهه سال، ست مهينا ۽ يارهن ڏينهن هئي، مرزا علي بخش ’ڪوثر‘ 27 ڊسمبر 1911ع مطابق 5 محرم 1330هه اربع ڏينهن تولد ٿيو. 1933ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري لاڙڪاڻي ۾ انڪم ٽئڪس آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. ٽن سالن کان پوءِ حيدرآباد جي صحت کاتي ۾ ملازمت ملي. جتي ترقي ڪري ائڊمنسٽريٽو آفيسر ٿيو. سندس وڇوٽي تي ٽنڊي آغا مٿان ڏک ۽ غم جي فضا ڇانيل رهي. سندس مرزا سلطان حيدر بيگ جي قطعه تاريخ مان اهو الميو محسوس پيو ٿئي:

شعر و سخن جي خالي ٿي مسند غصب ٿيو

ڪوثر عجيب مرد هو حق مغرفت ڪري.

                 1961            +            1950

محمد ابراهيم خليل جو قلم به جنبش ۾ اچي ويو. خليل چئي ڏنو ته:

رحلت جي ڪيم سال جي ڳولا جو خليل اڄ،

هاتف به چيو مون کي ته صادق غم ڪوثر.

سندس آتم ڪٿا جو ننڍڙو ڪتاب لکيل هو، جنهن تي بهترين مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب لکي ’حيات ڪوثر‘ جي نالي سان شايع ڪرايو، کيس جَس هجي جو مرزا قليچ بيگ، مرزا مدد علي بيگ، مرزا غلام رسول مقبل ۽ ’احسن‘
ڪربلائي رهبر سخن هئا. مرزا علي بخش
’ڪوثر‘ جي معلومات لاءِ ’حيات ڪوثر‘ تان استفادو ڪيو ويو آهي.(6)

مرزا علي بخش ’ڪوثر‘ جي وڇوڙي جي ٻي سال 28 سيپٽمبر 1963ع مطابق 9 جمادي الاول 1383هه ڇنڇر ڏينهن صبح جو ٻائيتاليهن سالن جي ڄمار ۾ مرزا امام بخش ’احقر‘ انتقال ڪري ويو، هن عربي ۾ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي مامي مرزا قربان علي بيگ کان حاصل ڪئي هئي. انگريزي تعليم هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. ڪجهه عرصو آبادڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. اها ڇڏي مختلف ڪلن جي جوڙجڪ ۽ مرمت ۾ ماهر ٿي ويو. ايستائين جو ريلن جون انجڻيون به درست ڪري ويندو هو. انڪري پوري هندستان جا وڏا وڏا شهر گهمي ڏٺائين. گائڪي سان به شغف هو ته موسيقي سان لڳاءُ، روز صبح جو ورزش ڪري، رياض ڪندو هو. هي باذوق انسان جڏهن وفات ڪري ويو، تڏهن مراد علي مرزا مٿس مضمون لکيو، جو مهراڻ 3/1963ع جي رسالي ۾ شايع ٿيو.

مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي، سنڌ جو دورانديش عالم ۽ اديب 28 اپريل 1962ع مطابق 22 ذوالقعد 1381هه ڇنڇر ڏينهن تي پنجهٺ سالن هڪ مهيني ۽ ستاويهن ڏينهن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سندس وفات تي ماهوار ’نئين زندگي‘ جون 1962ع جي رسالي ۾ (ص 4) ان جي ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي لکيو ته: ’موت جي ظالم هٿن اسان کان هڪ اديب ۽ مؤرخ مرحوم مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي کسي ورتو، مرحوم مرزا صاحب سنڌ ۾ ٽالپري عهد جي تاريخ جو هڪ وڏو ڄاڻو هو، ’ٽالپرن جي علمي ڪارنامن‘ تي قسطن ۾ سندس ڪيترا مضمون رسالي
’نئين زندگي‘ ۾ شايع ٿيا آهن، جي گهڻي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. ادارو ’نئين زندگي‘ مرحوم جي عزيزن، عقيدتمندن ۽ پوئلڳن سان سندن غم ۾ شريف آهي. ڌڻي شل سندس روح کي اعليٰ عليين ۾ جڳهه ڏئي ۽ سندس پسمانده کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.‘ عبدالقيوم ’صائب‘ سندس وفات جو سال (1381هه) هيئن قلمبند ڪيو آهي:

گلشن- هستيءَ ۾ سهڻا گل ٽڙيا،

پر انهن ۾ ’گل حسن‘ هو بهترين،

شاعرو تاريخدان، ڄاڻو اديب،

گل حسن کي ٿا چون سڀ بااليقين،

آهي اڳ ۾ سنڌ ۾ قحط الرجال،

 پيا وڃن ويتر لڏي يار متين،

داغ حسرت جي ڪري اي گل ٿيون،

چشم پرنم ۽ دليون اندوهگين،

بارِ غم کان ماٺ ۾ ’صائب‘ هيس،

تا ڏنو پيغام جبريلِ امين،

ڪلڪ کڻ احسن جو لک سالِ وصال،

’جنت الفردوس ۾ ٿيو جاگزين.‘

حفيظ هوشيارپوري به فارسيءَ ۽ اردو ۾ قطعه تاريخون 1381هه لکيون: (7)

محرم راز درد جدائی برفت، آشنائی غم، آشنائی برفت،

ڪربلائي بحق واصل وسال او، ميرزا گل حسن ڪربلائي برفت

                                          1381هه

گیا آشنائی، غم آشنائی،

ديا ڪربلائي ني داغِ جدائي

                               1381هه

باندزه غم هئي تاريخ رحلت

غمِ گل حسن ماتم ڪربلائي

                          1962

مرزا سلطان حيدر بيگ، احسن مرحوم جي وصال جو سال ’بنده مغفور لکهه‘ اردو ۾ هيئن لکيو:

دار دنیا سے احسن کربلائی چل بسے،

ہے صدائے دل کہ ان کو شاعر مشرور لکھ۔

سال رحلت ان کا لکھنے کا ہوا جس دم خیال،

دی ندا ہاتف نے سلطان ’بندہ مغفور لکھ‘

                                  1381هه

مرزا گل حسن احسن ڪربلائي ڪيترن خاص انساني اخلاقن ۽ اوصافن جو اهڙو مثال هو، جو حيدرآباد جي سرزمين تي شايد ڪو ٻيو نظر ايندڙ هجي. قابليت ۾ يگانو ته هوئي، پر انڪساريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اڪثر سندس ڪتابن تي پنهنجي لاءِ لکي ڇڏيندو هو:

احسن برائے نام ہوں ہر فعل ہی برا۔

حوالا:

1.             طالب الموليٰ مخدوم محمد زمان: ”يادِ رفتگان“ ص 34، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇ - 3 2012ع.

2.           مرزا عباس علي بيگ: مرحوم مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي (مضمون) ص 4، نئين زندگي رسالو، 9/1962ع.

3.           ’خليل‘ مخدوم ابراهيم: ’تڪمله مقالات الشعراء‘، ص 385، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1958ع.

4.           قادري اياز: ’سنڌي غزل جي اوسر‘، ص 215 ج 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڊسمبر 1984ع.

5.           راشدي حسام الدين: امين الملڪ نواب مير محمد بکري ڇ 2، ص 173، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

6.           ڪوثر مرزا علي بخش: ’حيات ڪوثر‘، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2014ع.

7.           مراد علي مرزا: ’مرزا گل حسن ’احسن‘ ڪربلائي، پارکو پارس جا‘ (مضمون، ص 144، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“
 (2007ع)، مرتب: ڊاڪٽر قاضي ’خادم‘، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org