سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:18 

مير سجاد اختر ٽالپر

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

سختي

ادي وڏي جي ضد الله بخش کي مُنجهائي وڌو هو، جوان جماڻ ڌيءَ سا به پُڦيءَ جي....! ڪيئن پنهنجي چرئي ڀائٽي کي ڏي.....؟ هن جي گهر واري ته هن جي ڪيل فيصلي تي لبيڪ چوڻ وارن مان هئي ٻيو اهڙو خيرهواه ڪونه هو جنهن سان وڃي هي صلاح سڙو ڪري.

الله بخش خان اهڙيون سوچون ڌاريئي ته پوءِ پاڻ رشتن ۽ مرڻي پرڻي ڇڄي وينداسين، هي ڪو نئون رواج ڪونهي، هن کان اڳ احمد خان وارن به ائين ئي شاديون ڪيون آهن سو الله بخش خان پنهنجن کي ماري ته ڪونه ڇڏيو، آئون ته پوءِ به تنهنجي نياڻي پيو کڻان، سا به ڪنهن بدي سواءِ تون ويٺو سوچڻ جي پيو مهلت گهرين.......“
”حيف هُجئي الله بخش خان، جو رنن جي صلاحن تي پيو هلين......“

ادي وڏي الائي ڇا ڇا چيو هو، پر مون لاءِ به نياڻي نماڻيءَ جو مسئلو هو ائين ڍور ڍڳن جيان به ڪونه ڇڏبي، خود ڌيءَ کان پڇان..... نه نه.......! دل وراڻيس ته هاڻي وڃي ڌيئرن کان پڇندين ته هيءُ مُڙس ڪندينءَ يا هُو....! الله بخش جي مرداڻي انا، پڙهيل ڳڙهيل الله بخش جي ضمير کي ٽوڪيندي چيو.

الله بخش انهي سوچ ۾ ائين گائون مائون ٿيو پيو هو.

”ختو جا پيءُ ڪهڙين سوچن ۾ ٻُڏل آهين“

خديجه جي ماءُ مڙس کي ائين گائون مائون ڏسي چيو

”ختو ماءُ، نياڻي جو اُلڪو اٿم، ادي وڏي جو ضد لڳو پيو آهي. حسنو جي طبيعت جي ته توکي خبر آهي. نياڻي ائين ڪيئن ڏئي ڇڏيان.‘

الله بخش، نيٺ پنهنجو اُلڪو زال کي ٻُڌائيندين چيو.

ختو ماءُ وراڻي:

’ڇو ٿو اُلڪو ڪرين، نياڻيءَ جو ڀاڳ، نياڻي سان هوندو آهي، آئون به جڏهن هتي ئي هيس ته امان ان رات ئي وڇوڙو ڏئي، وڃي حقيقي مالڪ سان ملي، ڪُجهه ئي ڏينهن کانپوءِ بابا به گذاري ويو، پر ائين ڏاتار کي دنيا هلاڻي آهي سو اوهان جو سهارو ملي ويو ته اڄ سُکي ويٺي آهيان نه.... مٺڙي الله جا راز، الله پاڻ ئي ڄاڻي..... ختوءَ جا پيءُ هروڀرون پنهنجو جيءُ هلڪان نه ڪر، ادي وڏي جو راضپو رکو، الله بهتر ڪندو.“

ڪا راهه ڪونه ٿي سُجهيس سو نيٺ وڃي وڏي ڀاءُ سان سڱاوتيءَ تي راضپو ظاهر ڪيائين. سڱاوتيءَ جي هاڪار ملڻ سان جهٽ مڱڻي پٽ وهانءُ وارو ڪم ٿيو، خديجه، حسنو سان سڱ ۾ ڳنڍجي، هميشه لاءِ پنهنجي پيا جي گهر واري ٿي ويئي ۽ پي پاسي ختو ماءُ به ڏاڍي خوش هئي ته نياڻي پنهنجي گهر جي ٿي، پر الله بخش کي پنهنجي ڀاءُ جي سخت رويي ۽ چڙچڙيائپ واري طبيعت جي چڱي طرح واقفيت هُئي سو شادي ٿيڻ کانپوءِ به هُن جي دل ۾ ڪئي نه ڪٿي ڪو خدشو کُڙڪيو پئي.

شاديءَ کي اڃان مهينو ئي مس ٿيو جو الله بخش وارو خدشو ظاهر ٿيڻ لڳو، خديجه به پنهنجن ڏکن جو حال پنهنجي ماءُ سان اورڻ لڳي ۽ ختن ماءُ اهي ڳالهيون الله بخش سان ڪيون ته الله بخش کان رهيو نه ٿيو سو نيٺ پنهنجي نياڻيءَ کي واپس پنهنجي گهر وٺي آيو.

”ادا وڏا، اوهان لاءِ لک عزتون ۽ محبتون آهن، اوهان منهنجي لاءِ قابل احترام آهيو، پر سچي چوان ته ڏوهه سڄو تنهنجي ڇوڪري جو آهي، جيڪو سڄو ڏينهن وتو چرين واريون حرڪتون ڪري ۽ اهڙي حالت ۾ آئون پنهنجي ڇوڪري اُتي ڪيئن ڇڏيان، جنهن مان محبت جي اُميد ته ڪُجا پر مورڳو هر گهڙيءَ جان جو خطرو هُجي......“

الله بخش پنهنجي نياڻيءَ کي واپس گهر وٺي اچڻ جو سببب ٻُڌائيندي وراڻيو..

خدا بخش اها ڳالهه ٻُڌي وراڻيو:

”ڏس الله بخش خان، نياڻي نڪاح کانپوءِ اسان جي امانت آهي ۽ تون ٿورڙي ڳالهه کي مُدو ٺاهي، ٻارڙن جو گهر ڦٽائڻ جي ڪوشش نه ڪر..“

الله بخش به وڏي ڀاءُ کي رکو جواب ڏيندي چيو:

”ادا وڏا، ائين ته آئون به پنهنجي نياڻي موت جي مُنهن ۾ ڪونه ڏيندس...... ها، بيشڪ اوهان جي امانت آهي، پر جڏهن حسنوءَ جو علاج ڪرائيندو ۽ ڪُجهه ماڻهپي ۾ ايندو ته پوءِ ڀل پنهنجي امانت وٺي وڃجو.......“

اها ڳالهه ٻُڌي خدا بخش خان آپي کان ٻاهر نڪري ويو سو ڪاوڙ وچان چيائين:

”ڀاڄائي......، مُڙسهين کي سمجهائي، عقل ويو اٿس ڇڏائجي.... حالت ڏسوس نياڻيءَ کي ٿو گهر ۾ ويهاري....... الله بخش خان جي نياڻي گهر ۾ ئي ويهارڻي هُيئي پوءِ اهو شاديءَ وارو ڍونگ ڇو رچايئي......!‘

الله بخش به پنهنجي ڳالهه تي اڙيو رهيو.

”ادا وڏا ڪُجهه به سمجهين پر جيستائين حسنوءَ جو علاج نه ڪرائيندين تيستائين نياڻي آئون به نه ڇڏيندس. ها‘.

هيڪر ته خدابخش ڪاوڙ وچان، الله بخش جي گهران بغير چانهه ماني کائي نڪري هليو ويو، پر ڪُجهه ڏينهن ٿڌي دماغ سان سوچڻ کانپوءِ، الله بخش کي ساڻ ڪري، حسنوءَ کي هڪ بهترين نفسياتي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايو ته ڊاڪٽر حسنوءَ کي حُسين آباد واري گدو اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جي صلاح ڏني جيئن هُن جو صحيح طرح سان علاج ٿي سگهي.

گدوءَ جو ٻُڌي، حسنو ڏڪڻ لڳو ۽ پنهنجي چاچي کي چنبڙندي وراڻيو:

”چاچا، مون کي بچائي....... بابا مون کي مارائي ڇڏيندو........!!!“

الله بخش جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، خدا بخش ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻڌي، حسنوءَ کي ٻانهن مان جهلي اُٿاريندي چيو:

’چرين جو علاج گدوءَ ۾ ئي ٿيندو نه ڪي ٻي ڪنهن اسپتال ۾..... اُٿي........!‘

ايڏي رکائيءَ سان ڳهه ڪرڻ تي هيڏو سارو حسنو ته روئي ويٺو، پر الله بخش جي دل تي به ڄڻ خدا بخش ڇرو وهائي ڪڍيو هُجي، الله بخش پنهنجي ڀائٽي توڙي ناٺيءَ کي ڀاڪُر پائي تسليون ڏيڻ لڳو ۽ پيارو ۽ محبت سان گدوءَ ۾ علاج لاءِ راضي ڪري ورتو، خدا بخش ٻاهر گاڏي ۾ ويٺو انتظار ڪندو رهيو. هُو حسنوءَ جي راضپي کانپوءِ حسنو کي گدو ۾ داخل ڪري ته آيا پر الله بخش جي دل حسنوءَ وٽ ئي ڄڻ رهجي ويئي هُئي، حسنوءَ کي ڇڏڻ وقت الله بخش صفا روئڻهارڪو ٿي ويو جڏهن حسنو صفا ويچارڳيءَ سان اسپتال اندر ويندي هنن کي ڏٺو هو. هُن محسوس ڪيو ته حسنوءَ جي انهيءَ حالت جو ذميوار خود خدابخش آهي جنهن جي بجا سختي، هر ڳالهه تي ٽوڪڻ، زوريءَ ٻي شادي ڪرڻ، پهرين گهر واريءَ جو ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ ذهني توازن وڃائڻ، گهر ۾ بي سڪوني واري ڪيفيت...... اهي سڀ ڳالهيون حسنوءَ کي هيڙي حالت ۾ آڻڻ جا سبب ٿَي لڳا، الله بخش جڏهن کان حسنوءَ کي گدو ۾ ڇڏي آيو هو، تڏهن کان ئي ڄڻ سُک ئي ڦٽي ويو هُئس، تنهنڪري الله بخش هر مهيني باقائدي سان حسنوءَ سان ملڻ گدو ويندو رهيو ۽ هر ڀيري حسنو چاچي کي روئي دانهن ڏيندو هو ته ’چاچا، پليز مون کي هتان کان وٺي هلو......، آئون چريو ڪونه آهيان.........‘ ۽ الله بخش هر واري ايندڙ مهيني ۾ وٺي وڃڻ جي تسلي ڏئي واپس هليو ايندو هو، انهيءَ دوران خدا بخش خان هڪ ڀيرو به پُٽ کي ڏسڻ لاءِ نه ويو هو، اها حالت الله بخش کان ڏٺي نه ٿي، نيٺ خدا بخش خان وٽ هلي ويو.

’ادا..... ڏکيو لڳيو ته ڀل لڳيءَ پر حسنوءَ جي انهيءَ حالت جا اوهان ئي ذميوار آهيو، ائين ڍور ڍڳي جيان اولاد کي ڪاهيندو ۽ انهن جي عزت نه ڪندو ته پوءِ اهڙي ئي حالت ٿيندي.......“

اها ڳالهه الله بخش ڪري ڄڻ هن جي انا کي ٿپڙ وهائي ڪڍي هُجيس، ڪاوڙ ۾ ذر ٿي وراڻيو:

”ڇا ڇوٽ ڇڏي ڏيان..... ڌيئرون وڃي پاڻ مُڙس ڪن ۽ ڇورا وڃي هوٽلن تي عياشيون ڪن،، ائين نه الله بخش خان....!‘

الله بخش ٿورو ڀاءُ جي ويجهو ٿي ڌيرج سان سمجهائيندي چيو:

”ادا، آئون ائين ٿوري ٿو چوان، پر اهڙي سخت رويي جي ڪري، ٻارڙا اوهان کان پري ٿي ويا آهن ۽ اوهان سڀ ڪجهه پنهنجي هٿ وس ۾ رکيو آهي ۽ ڇوڪرا پنهنجي جيب خرچيءَ لاءِ ئي پريشان آهن، آخر ادا ڇوڪرا جوان جماڻ آهن، چار يار دوست به هوندن، ٻاهر وڃي انهن وٽ شرمنده ٿين سو انهي ڀوءِ وچان ٻاهر ئي نٿا نڪرن ۽ نه ئي وري اوهان کان ڪجهه گهري سگهن ٿا......‘

خدا بخش قدر نرم لهجي ۾ وراڻيو:

’پر الله بخش هيڏي ساري ملڪيت آئون قبر ۾ ته کڻي ڪونه ويندس. اڳ پوءِ هنن کي ئي ڪم ايندي‘

الله بخش پنهنجي ڀاءُ جي ڳالهه ٻُڌي وراڻيو:

’ادا، بيشڪ ائين آهي، الله اوهان کي وڏي ڄمار ڏي اوهان جي شفقت جي ڇانءُ اوهان جي ٻچڙن مٿي هميشه قائم ودائم رهي، پر ضرورتون ته هينئر به آهن هاڻ ته شاديون به ڪرائيندو انهن کي به ته خرچ پکو ته گهربو انهي کانسواءِ اوهان جي محبت ۽ شفقت به کپين، پر اوهان ته جيئن حسنو کي گدو ۾ داخل ڪيو اٿو ته وري هڪ ڏينهن به ملڻ نه ويا آهيو جڏهن ته هي چوٿون مهينو پيو گُذري ڪي هو مؤ يا بچيو، ادا، ٻچن سان اهو رويو چڱو ڪونهي..‘ خدا بخش صفا رکو جواب ڏيندي چيو:

’الله بخش خان هُتي علاج پيو ٿيس، دوا دارون لاءِ پيسا ڊاڪٽر کي ڪمدار ڏيو اچي ۽ آئون ڪو ڊاڪٽر آهيان ڪونه، جو وڃي علاج ڪريانس.....‘

الله بخش، وڏي ڀاءُ کان مايوس ٿي اُٿندي چيو:

’ادا وڏا جيڪڏهن توهان جو اهو ئي رويو رهيو ته حسنوءَ جي ٺيڪ ٿيڻ جو مون کي ته ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.‘

الله بخش جي اها ڳالهه ٻُڌي ته الله بخش کي ٻانهن مان جهلي ويهاريو ۽ پاڻ وڃي ٽيڪسي ڪرائي آيو ۽ تيار ٿي الله بخش کي ساڻ ڪري حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو ته ٽن ڪلاڪن ۾ ٻئي ڀائر گدوءَ اسپتال ۾ پهچي ويا.

حسنوءَ کي اسپتال جو وارڊ بوائي وٺي آيو، جيڪو انتهائي ڪمزور لڳو پئي. حسنوءَ جو پنهنجي پيءُ کي ڏٺو ته ويتر لهي ويو.

خدا بخش، سامهون ڪُرسي تي ويٺل حسنو کي وراڻيو:

’بابا، آئون تنهنجو پيءُ آهيان تنهنجو ڪو دشمن ٿوري آهيان، بابا  چرين جهڙيون حرڪتون ڪندين ته علاج ته ڪرائيندس نه..! هينئر تنهنجو علاج پيو هلي..... ڪو اُلڪو نه ڪر، تون رڳو ٺيڪ ٿيءُ ته پوءِ هلي پنهنجو ٻني ٽُڪر وڃي سنڀالجئين.....‘

حسنو ڇت ڏانهن گهوريندي وراڻيو:

’بابا، هاڻي جي سڄي ملڪيت به ڏيندين ته به منهنجي ڪهڙي ڪم جي..... هاڻ اسان بس زنده لاشا آهيون ۽ بابا...... لاشن کي ڪفن دفن ڏئي پوربو آهي..... نه ڪي ملڪتيون ڏبيون آهن......‘

اهو چئي حسنو روئي پيو.

خدا بخش، حسنوءَ کي آٿت ڏيڻ بجائي وراڻيو:

’اها حالت اٿئي جو پيءُ سان ڳالهائڻ جو لڇڻ ڪونهي...... زال کي خوش رکيو نه سگهين..... اهڙي حالت ۾ ته تون گهر ۾ به رکڻ جهڙو نه آهين ته پوءِ ملڪيت ڌوڙ سنڀاليندين.........‘

الله بخش، وڏي ڀاءُ جي ڪُلهي ته هٿ رکي ماٺُ رهڻ جو چيو ۽ پاڻ اُٿي حسنوءَ کي پرچائڻ لڳو، حسنو، چاچي جي سيني سان لڳي ويتر اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو ۽ چوندو به رهيو ته:

”چاچا مون کي هتان کان وٺي هلو، آئون چريو ڪونه آهيان...... چاچا پليز.......!!!!‘

الله بخش جون اکيون به پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، سو روئڻهارڪي لهجي ۾ وڏي ڀاءُ کي وراڻيو:

’ادا‘ هن جو علاج هتي ڪونهي، هن کي اوهان جي محبت ۽ شفقت جي ضرورت آهي.....‘

خدا بخش اُتان اُٿندي وراڻيو:

”الله بخش خان، هن جو هتي علاج پيو هلي، جيستائين هيءُ ٺيڪ نه ٿيندو، تيستائين هن کي هتان وٺي وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي.....‘ ۽ ٻاهر نڪري ويو.

الله بخش حسنوءَ کي آٿت ڏيندي چيو:.

’نه روءِ پٽ ته........ منهنجو واعدو آهي ته سُڀاڻي آئون پاڻ توکي هتان کان وٺي ويندس....... تون اُلڪو نه ڪر..‘

حسنو واپس وارڊ ۾ ويندي ويندي وراڻيو:

’چاچا، بابا کي منهنجي نه پر ملڪيت جي فڪر آهي سو هو مون کي هتان ڪونه وٺي ويندو آئون پاڻ هتان هليو ويندس.......‘

الله بخش لُڙڪ لاڙيندو ٻاهر نڪري آيو جتي خدا بخش ٽيڪسيءَ ۾ ويٺو هن جو انتظار ڪري رهيو هو، ٻئي ڀاءُ مقبول هوٽل تي هلي آيا جتي هنن جو ڪمرو ورتل هو، اُتي ٻنهي ڀائرن وچ ۾ سخت بحث ٿيو نيٺ خدابخش پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ صُبح جو حسنوءَ کي ڳوٺ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪري سمهي پيا، صُبح جو ناشتو ڪري ٻئي ڄڻا اچي گدو پُهتا ته گدو ۾ وٺ پڪڙ لڳي پئي هُئي پڇڻ تي جيڪا خبر پئي تنهن سندن پيرن هيٺيان زمين کسڪائي ڇڏي. الله بخش خان جو هانءُ ئي جهڄي پيو، اکين مان لُڙڪ زاروقطار وهڻ لڳا، خدا بخش خان ڪنڌ هيٺ ڪري گدو جي فرش تي ويهي رهيو، گدو اسپتال جي انتظاميا وارا حسنوءَ جي لاش کي هنن جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪاغذي تياري ڪرڻ ۾ مشغول هُئا.

يار محمد چانڊيو

شڪارپور

 

 

 

 

المين جي دارَ تي لٽڪيل جيون!

 

دُنيا جي عورت پنهنجي حياتي ڪيئن گذريندي آهي، مان سو ته نه ٿي ڄاڻان، پر مون کي سنڌي عورت جي جنمن جي خبر آهي، هن جي حياتِ جون واڳون هن جي هٿ ۾ ناهن! هوءَ جنمن جي قيدياڻي آهي!!.... مرد ئي هن جو حڪمران آهي ....!! مرد چاهي ته کيس جيئڻ ڏي ۽ مرد چاهي ته کائنس جياپي جا سمورا حق کسي وٺي ..!!!

اٺاويهين فيبروريءَ جي اڄوڪي رات منهنجي لاءِ عجيب اداسي کڻي آئي آهي، اکين جي منڇر ۾ درد جي ٻوڙان ٻوڙ لهرن ساهه مُنجهائڻ شروع ڪيو آهي، سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي... ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن_ زندگي جي تماشن منهنجي جيون جي هر پل ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مان ڄڻ گهر جي ڪُنڊ ۾ سجائي رکيل مورتي بڻجي ويئي آهيان، جنهن جو پنهنجو ڪوبه فيصلو ناهي هوندو!!

مون کي ياد آهن، زندگيءَ جون اهي سڀ گهڙيون:

جڏهن_جڏهن مرداڻي سماج جي روين ۽ فيصلن مون کي بيوس ۽ مجبور بڻايو آهي ۽ مان رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ٿيندي آهيان!!

اها به فيبروريءَ جي چوڏهين تاريخ هئي، مان ته اڃا ميٽرڪ پئي پڙهيم. ڪاليج کان موٽندي ڪجهه آواره ڇوڪرن کي گهٽين ۾ گُل کڻي بيٺل ڏٺو هئم، هڪ ٻئي سان همراز ٿي چيائون پئي ”اڄ اسان عاشقن جو ڏينهن آهي ۽ اسان ....!! سڀ ڇوڪريون هنن آواره مزاج ڇوڪرن جي سادگيءَ تي مُرڪنديون ۽ ٽهڪنديون تڪڙا قدم کڻي واپس گهر طرف اچي رهيون هيوسين، جو پاڙي جو هڪ ڇوڪرو مون طرف وڌي آيو هو.

”شبنم!“

”ڇا؟“ مان هلندي رڪجي بيٺي هئس. 

”گل وٺ!“ هن جي آواز ۾ عجيب لرزش هئي.

”ڀائو!!“ هي گل مان ڪاڏي ڪنديس...!!“

”پليز وٺ نه“ مون ڏٺو هو، گل ڏيندي هن جا هٿ به ڏڪيا پئي.

”آڪاش ادا، اڄ ڪيترن ڇوڪرن کي هٿن ۾ گل ڏٺا اٿم ...گل ورهائجن پيا ڇا ادا؟“

”ها شبنم!!“ آڪاش گل وڌائيندي ڏاڍو ڊنل هو، مان نه وٺڻ چاهيندي به گل وٺي گهر آئي هئس-

مان گل کڻي گهر ڇا پهتي هئس ڄڻ قيامت آئي هئي، امان نه ڪئي هئي هم نه تم، وارن کان پڪڙي، چيو هئائين:

”ڇوري عمر ايتري ته نه ٿئي!“

”ڪيتري امان؟“

”وڏين ماين جيتري!... جيترا گل کنڊيريا اٿئي؟“ امان جي هٿن منهنجي وارن کي زور سان پڪڙيو هو.

”امان!“ مون کان رڙ نڪري وئي هئي، چيو هئم ”منهنجي وارن مان هٿ ڪڍ!!....

مون آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ...!؟“

”اڃا پڇين ٿي؟“

”پر مون کي به ته خبر پوي!“

”رستن ويندي يار نه مون ڪيا نه منهنجي ماءُ، تون ڪنهن تي وئينءَ؟“

”آئي امان مون هن کان هڪڙو گل ته ورتو آ. بس...“

”ڇو ورتئي؟“

”سوچيم قرآن جي ورقن ۾ رکنديس“

”پر ڇو... ماڻهو ڇا چوندا؟“

”ڇا چوندا؟“ وراڻيو هئم ”ورتو ته گل آ هڪڙو.....!“

”هڪڙي گل جي ڳالهه ناهي“

”باقي ڇا هي؟ “

”تون نڪ ڪپايو آ- نڪ!“

”پر نڪ ته مون کي آهي، تون ڀُلين آ امان!!

”مون کان زري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو هو، پر امان جي وڌندڙ ڪاوڙ کي ڏسي چپ ٿي وئي هئس، اهو منهنجي جيون جو وڏو ڏوهه هئو. منهنجي پڙهائي بند ڪئي ويئي هئي ۽ ڪلام پاڪ ۾ گلن جون رکيل پنکڙيون اڃا سڪيون ئي نه هيون جو امان منهنجي معصوم هٿن تي ميندي لڳائڻ جون تياريون شروع ڪيون هيون.

”امان!“

”ٻڌاءِ“

”مان ته اڃان پڙهڻ پئي گهريو!!“

”ڇا ڪرين هان، پڙهي؟“

”ماسترياڻي ٿي پاڙي جي غريب ٻارڙن کي پڙهائي آفيسر ڪيان هان!“

”ناهي وڌيڪ پڙهڻ جي ضرورت “

”ڇو؟“

”وڌيڪ پڙهندينءَ ته وڌيڪ گُنَ ڪندينءَ؟“

”ڪهڙا گُنَ امان؟“

”چپ چوانءِ ٿي، وڌيڪ بڪواس نه ڪر.“ هڪ تيز ٿڦڙ منهنجي چهري تي اوچتو ٺڪاءُ ڪيو هو. ”شبنم شڪر ڪر جو تنهنجي ڪرتوتن جي خبر فقط مون تائين پهتي، هئي ورنه .....“

”ڇا ورنه؟“

”ڪير قبولي ها توکي...؟ ڪنهن سان ڪرين هان شادي ...؟؟“

”منهنجا ڪهڙا ڪرتوت؟ مون کي به ته ٻڌاءِ امان؟؟

”جيڪڏهن تون وڌيڪ پڙهين ها ته تنهنجا ڏهه ڏهه عاشق گل کڻي اچي دروازن تائين پهچن ها.... مان پنهنجي سفيد وارن ۾، تنهنجي پيءُ جي قبر کي لڄائڻ نه ٿي گهران. بس ڪري عزت سان شادي ڪر.....!!“

مان چپ رهيس:

منهنجي شاديءَ سان امان جا اڇا وار ۽ ابي جي قبر ڪاري ٿيڻ کان بچي ويئي!

ان ئي فيبروري مهيني جي چوويهين تاريخ منهنجي شادي ٿي!

شاديءَ جو عجيب منظر هو:

گهوٽيتن مون کي چنڊ سان ڀيٽيو، پر مان پنهنجي احساسن جي اڌورپڻي تي ماتم پئي ڪيو، خون جا ڳوڙها دامن تي پئي ڪريا.

شادي جي ٻئين رات به مان ساڳي ڪيفيت ۾ هئس، ڪجهه نه ٿي وڻيو_ نه ماني_ نه ساهراڻو گهر_ ۽ نه ئي پنهنجي اڀاڳي حياتي!!

رات جي ان سمي مون اڪيلي ڪمري ۾ پنهنجي چوڙين کي ٽوڙيو پئي، جو اوچتو منهنجو مڙس حيدر، منهنجي مٿان اچي بيٺو هو:

”شبنم!“

”هون!“ مون اوچتو ڇِرڪ ڀريو هو.

”هڪ ڳالهه ته ٻُڌاءِ؟“

”پڇ!“

”تون شاديءَ مان خوش ناهين؟“

”نه!“ مون کان به بي ساخته سچ نڪري ويو هو.

”ڇو؟“

”بس...!!“

”ڪو سبب ته هوندو؟“

”ڏس حيدر! هاڻي ڇڏ ان ڳالهه کي...“

”شبنم تون پنهنجي اندر ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه رک، جيڪا تنهنجي حياتيءَ جو ناسور بڻجي...

تون مون کي سڀ ڪجهه ٻڌاءِ... مان تنهنجو همراز ٿيڻ ٿو چاهيان...“

حيدر جي آٿتن تي منهنجي دل ڀرجي آئي هئي ۽ هن کي چنبڙي دل جو سمورو ٻوجهه هلڪو ڪرڻ لاءِ سڏڪا ڀري روئي پئي هئس.

”شبنم نه روءُ ايترو..!!“ حيدر به جهڙوڪ روئڻهارڪو ٿي ويو هو، چيو هئائين، ”تنهنجي اداسي منهنجي اداسي آهي، تون جيئن چوندينءَ مان ائين ڪندس.... اهو توسان حيدر جو پڪو واعدو آهي!!“

”سچ ٿو چوين؟“ منهنجي اداس چپن ڄڻ ڏکندي ڳالهايو هو.

”مون تي ڀروسو ڪر شبنم! چوندينءَ ته آسمان جا ستارا به جهول ۾ آڻي رکندوسانءِ!“

”مان وڌيڪ پڙهڻ گهران ٿي!“ چيو هئم تون منهنجو ساٿ ڏيندين!“

”وڌيڪ پڙهي ڇا ڪندينءَ؟“

”مون کي ماسترياڻي ٿيڻو آهي!“

”پگهار خاطر؟“

”نه!“

”باقي؟“

”مان تعليم کان محروم غريب خاندانن جي اجڙيل گهرن ۾ روشنيءَ جو ڏيئو ٻارڻ گهران ٿي! چاهيان ٿي ڪوبه غريب تعليم جي زيور کان محروم نه رهي!“

”واهه!“ حيدر مرڪي پيو هو، ”پوءِ ته توکي تعليم جي سيڪريٽري ٿيڻ گهرجي“

 ”اها منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، بس مان استاد بهتر ٿي سگهان ٿي“

 ”پوءِ ان جي بدلي منهنجا به ڪجهه شرط آهن“

”ڪهڙا شرط؟“

”تون پڙهائيءَ کان نوڪريءَ تائين، ايندينءَ ۽ ويندينءَ مون سان!!“

”قبول آهي!“

ان سمي:

حيدر کان ٽهڪ نڪري ويو هو، منهنجي اداس مک تي به مرڪ جا پوپٽ اُڏاڻا هئا.

پوءِ ٿيو به ائين ئي حيدر پاڻ به پڙهيو هو ته هن مون کي به گريجوئيٽ تائين پڙهايو هو، پر پنهنجي شهر جي ڪنهن اسڪول ۾ ڪابه جاءِ خالي نه هجڻ جي ڪري، ميرٽ جو امتحان پاس ڪرڻ جي باوجود به مان ماسترياڻي نه ٿي سگهي هئس...

انهن ئي ڏينهن ۾:

مون کي ڪن سياسي ڀوتارن جي بنگلن تان نوڪري ملڻ جا اشارا پڻ مليا، پر مون کي پنهنجي ميرٽ تي پورو ڀروسو هو. مون انهن ۾ نام نهاد سياسي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي دروازن تي نه پئي وڃڻ چاهيو، جن جا هٿ غريبن ۽ مسڪينن جي استحصالين ۾ ملوث هئا... اهو سچ هو ته مون سياسي وڏيرن جي دروازن تي وڃي پنهنجي شعوري سگهه تي به ضَربَ ڏيڻ نه پئي گهري. مون سان گڏ پڙهندڙ ڪيتريون ئي ڇوڪريون سفارش ڪرائي ماسترياڻيون بڻجي ويون هيون ۽ مان تعليمي ميدان ۾ قابليت جي رجحان عام ٿيڻ جو اتنظار ڪرڻ لڳي هئس. 

پورا ٻه سال گذري ويا، مون کي نوڪري نه ملي  ته حيدر فوج ۾ هليو ويو هو. هن جي ويندي مان اڪيلي ٿي وئي هئس، حيدر جي ڀائرن مون کي پنهنجي خاندان سان رهڻ جو چيو هو، پر مان واپس امان جي گهر اچي، حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا حيدر جي ياد ۾ گذارڻ لڳي هئس.... حيدر ئي ته منهنجو سڀ ڪجهه هو..... منهنجا خواب به هن سان منسوب هئا ته منهنجون خوشيون به هن سواءِ اڌوريون هيون!! هُو ئي منهنجي جنمن جو ڇانورو هو.... اميد هو...!!

اها به ڪنهن فيبروري جي اداس شام هئي:

حيدر بنان ٻڌائڻ ۽ اطلاع ڏيڻ جي گهر آيو هو، ڄڻ اداس شام اوچتو عيد جي چنڊ اڀرڻ وارين خوشين ۾ تبديل ٿي وئي هئي، مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس. هُو آيو هو مان ڊوڙي وڃي منتظر اکين سان سندس آجيان ڪئي هئي...

”ايڏي سڪ لڳي اٿئي شبنم؟“

”ها!“ مون هن جي ٻانهن ۾ وڃي ٿڌو ساهه ڀريو هو، ”ايڏي دوري!... ڪو مري وڃي ته؟!...“

اسان جي سڪ سمنڊ جي لهرن جيان اتاولي هئي!

ڪيئي ساعتون هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ رهيا هياسين.

رات ٿي:

مون هن کي ماءُ بڻجڻ جو راز ٻڌايو هو.

”واقعي!“ هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي عجيب چمڪ اڀري آئي هئي، چيو هئائين ”مان پنهنجي ڌيءُ جو نالو....“

ڌيءُ نه پٽ! مون رپورٽ ڪرائي آهي...!!“ مان هن جي جملي کي ڪٽي ورتو هئم، ”ڏاهر نالو رکنديس هن جو!!“

”ڏاهر ڇو؟“ چيو هئائين.

”ڏاهر ڌرتي جي ننگن ۽ دنگن جو محافظ هئو- ان ڪري...“

”اڇا سائين! توهان جو پٽ، توهان جي پسند جو نالو بس!!“

هفتي جي آخري ڏينهن، هُو نوڪري تي واپس وڃڻو وارو هو، ان کان ٿورو اڳ دروازي تي دستڪ ٿي هئي، هُو دروازي کان واپس موٽيو هو ته هن جي هٿ ۾ هڪ لفافو هو، آواز ڏيندي چيو هئائين ”شبنم ڪٿي آهين؟“

آيس ... رڌڻي ۾ آهيان، تنهنجي لاءِ چانهه پئي ٺاهيم!!“

”مان سکڻي چانهن نه پيئندس! حيدر جي آواز ۾ خوشي نمايان هئي، چيو هئائين، مون کي مٺائي به کاراءِ شبنم!!

”وري ڪهڙي خوشيءَ ۾؟“

”تنهنجي نوڪريءَ جي خوشيءَ ۾، تنهنجي ماستريءَ جو آفر آرڊر آيو آ..... تنهنجا خواب پورا ٿيا آهن شبنم...!“

حيدر جي آواز تي مان ڊوڙندي هن تائين پهتي هئس. قسمت جي ديوي اسان جي اڱڻ تي خوشين جي بهار آندي هئي. 

ان ئي خوشگوار شام حيدر واپس وڃڻ لڳو هو ته مون کيس رستو پڪڙي التجا ڪندي چيو هو ”بس هاڻي فوج ۾ نوڪري نه ڪندين..“

”پر ڇو؟“

”مون کي نوڪري ملي_ تنهنجو سفر ختم!!اسان کي هاڻي تنهنجي سخت ضرورت آهي، تون ئي مون کي اسڪول وٺي ويندين ۽ ايندين!!“

”نه شبنم“

”ڇو“

”مان مجبور آهيان“

”ڪهڙي مجبوري آهي؟“

اسان جي ملڪ تي، ملڪ دشمنن جون اکيون آهن، ان جي تحفظ ڪرڻ جي ضرورت آهي، حيدر جي اندر ۾ عجيب اڻ تڻ هئي، رازداريءَ واري لهجي ۾ چيو هئائين، ”حياتي رهي ته مان موٽي ايندس... تون انتظار ڪجانءِ...!“ منهنجو ڄڻ هانءُ ٻڏڻ لڳو هو، سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن ڪهڙي مجبوريءَ کان ڪجهه ٻڌائڻ چاهيندي به نه پئي ٻڌايو.

هُو ويو ته موٽيو ئي نه!

ڏاهر اسڪول ۾ داخل ٿيو هو ته وقت وري هڪ ٻئي طوفان کي برپا ڪيو هو.

منجهند جو اسڪول کان موٽي هئس ته امان زاروزار رُني پئي چيائين، ”هن جو لاش...!!“

”ڪنهن جو امان؟ “ مون کان اڀ ڏار رڙ نڪتي هئي،

”چون ٿا حيدر شهيد ٿي ويو آ “

”يا خدا!“ مون کان دانهن نڪتي هئي، ته امڙ سنڀالي ورتو هو، چيائين ”حوصلو رکَ! وطن جي عزت جو رکوالو هو... وطن خاطر شهيد ٿيو....!!“

شهيد جو لاش آيو هو..

بس تابوت ۾ ويڙهيل ڪجهه سڙيل هڏا ۽ سڙيل گوشت جا ٽڪرا آيا هئا.... ان سان گڏ حيدر جو سڃاڻپ، سروس ڪارڊ ۽ ڪجهه ٻيا ڪاغذات پڻ هئا. 

حيدر ملڪ دشمنن سان جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. مون کي مبارڪون ملڻ لڳيون هيون:

”اهڙي شهادت ڪهڙي ڪم جي، جنهن سان خاندانن جا خاندان اجڙي وڃن...!!“

بهرحال حياتي گذارڻي هئي_ گذاريم پئي!

ڇهه مهينا به نه گذريا هئا:

هڪ ڏينهن حيدر جو ڀاءُ ذيشان اچي ڪڙڪيو هو، چيو هئائين ”ڏاهر اسان جي حوالي ڪريو... اسان ان جا وارث آهيون!!“

هڪ ماءُ ممتا جي هنج خالي ٿيڻ جي ڊپ ۾ جيئري مرڻ لڳي هئي!

”ذيشان ڀاءُ.... مون کان منهنجو لخت جگر کسي اوهان کي ڇا ملندو؟“

”ڏس ڀاڄائي!“ ذيشان جو لهجو ڏاڍو سخت هو ”باقي تنهنجي ڳالهه مڃڻ سان تنهنجو پٽ، تا قيامت تو وٽ رهي سگهي ٿو!!“

”ڪهڙي ڳالهه؟“

”تون مون سان شادي ڪر، گهر جا ٻچا گهر ۾ ئي رهندا!!“

مان عورت هئس، مجبور هئس، اهو نام نهاد مرد مون کي زال بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

وقت ۽ حالتن مون کي اهڙو خاموش ڪري ڇڏيو هو جو منهنجا سڏڪا به منهنجا نه رهيا هيا....

وقت جي ٻين پنجن سالن مون کي وڌيڪ هڪ ٻار جي ماءُ بڻائي ڇڏيو هو_ اسڪول جي هڪ ئي رجسٽر ۾، هڪ ئي ماءُ پنهنجي ٻن پٽن کي، ٻن پيئرن جي سڃاڻپ ڏئي گَهرو درد پاتو هو!!

اهو ئي فيبروري مهيني جو ارڙهون سال موٽي آيو هو:

 اسان جي گهر ۾ ڏاهر جي شادي جي تياري پئي هلي..... ڏاهر منهنجي آئيندي جي اميد هو.... هن جواني ۾ اچي پنهنجي پيءُ حيدر جون سڪون پئي لاٿيون... شاديءَ جي ان تيارين سان اسان جو گهر گهڻي وقت کانپوءِ خوشين سان ٻهڪي اٿيو هو....

نيرڙي شام جو:

مان ڪنوار جي لاءِ سونا هَسَ ڳَهه ٺهرائي واپس وري هئس ته اوچتو رستي ايندي ڄڻ ملڪ الموت اچي اڳيان بيٺو هو. گمنام ماڻهوءَ جي روپ ۾ هڪ اجنبي فقير رستو روڪي بيهي رهيو هو....

”شبنم! توکي چيو هئم نه .... مان موٽي ايندس....!!“

منهنجي مٿي ۾ ڀنواٽيون آيون هيون..... مان پٿر جي مورتيءَ جيان پنڊ پهڻ ٿي وئي هئس.... اکين تي اعتبار ئي نه آيو هو....

”پر تون ته دشمنن جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو هئين؟ ... اسان تنهنجي ٽڪرا ٿيل ۽ سڙيل لاش کي دفنائي....!!“ مون کان ته لفظ ئي نه نڪتا هئا.

”مان زنده آهيان!... اسان پنهنجي مٽيءَ جي عشق ۾ مرندا به آهيون ته مري زنده به ٿيندا آهيون!!...“

هُن فقير جي آواز ۾ عجيب دهشت هئي چيو، هئائين ”شبنم دير نه ڪر..... گهر وڃ.... تنهنجي ٻئي مڙس جو لاش تنهنجي انتظار ۾ پيو هوندو....“

”مان جلد موٽي ايندس!!..... توکي حياتيءَ جا باقي ڏينهن مون سان گڏ گذارڻا پوندئي!!“

گمنام فقير رمندو ماڻهن جي هجوم ۾ گم ٿي ويو هو ۽ مان ڊوڙندي گهر آئي هئس، جتي منهنجي ٻئي مڙس جو لاش ايڪسيڊنٽ جي صورت ۾ اجل جو شڪار ٿي گهر پهتل هو!!

هفتوکن اڳ:

مان پنهنجي عزيزن سان گڏجي پنهنجي ٻئي مڙس کي دفن ڪرائي موٽي آهيان... منهنجي اکين ۾ ڪوبه ڳوڙهو ڪونهي ڪو.... فقط خوف آهي ...!! زندگيءَ جا ارڙنهن سال المين جي دارَ تي گذاريا آهن، چند پل حياتي _ هر پل موت واري ڪيفيت..... سکن جون چند ساعتون ۽ انهن جي پويان ڏکن جا طوفان!

مان انتظار ۾ آهيان ...

ڄاڻ دروازو کڙڪيو... ۽ ملڪ الموت اچي ويندو!!

جنهن  کي وڻيس ماري ۽ جنهن کي وڻيس حياتيءَ جو دان ڏي!!.

نياز مسرور بدوي

شڪارپور

 

 

 

 

 

 

ادبِ آب جي، مهراڻ موج سدا جاري رهندي

 

ٽماهي مهراڻ گذريل ستر سالن کان، علم ادب جي سر زمين تي، پنهنجي ماروئڙن جي احساسن جي ترجماني ڪري رهيو آهي، اهي احساسن جون مکڙيون سنڌ جي سورن جو علامتي اظهار بڻجي، سنڌ جي شعور کي سجاڳ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ننڊاکڙن نيڻن ۾ اميدن ۽ روشن مستقبل جا اوجاڳا جاڳائين ٿيون. اهي سپنا ذهن جي روشن درزن (وٿين) مان داخل ٿي، اسان جي ڪُڙهندڙ لُڇندڙ نسل کي سنئين دڳ لائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.

ٽماهي مهراڻ پنهنجي ادبي آب سان ذهنن جي آبياري ڪري رهيو آهي، زميني ورقن تي هن وقت تائين اهڙا انيڪ گل ٻوٽا پوکيا آهن، جن جي واس سان سنڌي ادب واسيو پيو آهي. اهو مني صديءَ جو سفر، سوين مشڪلاتن جي باوجود، بنا ڪنهن سياسي مصلحت ۽ ڊپ ڊاءَ جي، فقط ۽ فقط سنڌ جو آواز بڻجي گونجي رهيو آهي.

ٽماهي مهراڻ جو 1/2021ع جو پرچو پنهنجي ادبي حسناڪي سان ادب جي عاشقن جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. مهراڻ پنهنجي ادبي روايتن جي پاسداري ڪندي سنڌي ادب جي لڪل گوشن کي پنهنجي لائق مصنفن ۽ محققن جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ظاهر ڪري رهيو آهي، اِها ڪا گھٽ لاڀائتي ڳالهه نه آهي، ته سندس وجود، ڪيتريون اهم ۽ ناياب دريافتون ڪيون آهن، ۽ سنڌي ادب جي ماضيءَ جي دفينن کي، جديد تحقيقي نظرين جي روشني ۾ ڇنڊي ڇاڻي ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ٽماهي مهراڻ جي 1/2021ع جي شماري ۾ جيڪي تحقيقي مضمون شامل ڪيا ويا آهن، تن ۾ سيرت رسول ﷺ جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو جو لکيل مضمون ”اسلام جي تبليغ ۽ اسلام مخالفن سان حضور ﷺ جن جو سهڻو سلوڪ“ نهايت اخلاقي ۽ سماجي طور تي ڪارائتو آهي. اڄ جي جديد دؤر ۾ سائنسي علوم، اخلاقي قدرن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي، اتي اسلام جي حقيقي روشنيءَ ۾ انسان، اهي سڀ گڻ اختيار ڪري سگھي ٿو، جيڪي انسانيت جو معراج آهن. ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو پنهنجي مضمون ۾ انهن حقيقتن ڏانهن نهايت واضح اشارا ڪيا آهن.

ڊاڪٽر نواز علي 'شوق' صاحب سنڌي جي اساسي شاعر قاضي قاذن جي ڪلام تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. سندس ڪلام جي سولي انداز ۾ شرح ڪئي آهي. 'شوق' صاحب قاضي َقاذن جي ڪلام کي سمجھائڻ ۾ جيڪا آساني پيدا ڪئي آهي، ان لاءِ جس جو حقدار آهي.

ڊاڪٽر الطاف محبوب سنڌ جو اهڙو ٻولي جو ماهر آهي، جنهن تي هر پڙهيل لکيل ماڻهو فخر ڪري ٿو. سندس چونڊيل مضمونن ۾ بحث مباحثو نهايت تجزياتي هوندو آهي ۽ پنهنجي بحث ۾ جيڪي دليل ڏئي ٿو ۽ سوال اٿاري ٿو، تن کي نهايت دلچسپيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهچائي ٿو. هن ڀيري به ڊاڪٽر الطاف جوکيو  ”حرف روي جي روشنيءَ ۾ مولوي احمد ملاح جي هڪ اکر جي تبديليءَ وارن قافين جو جائزو“ جي عنوان سان مايه دار مقالو لکيو آهي.  ڊاڪٽر الطاف جوکيو، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي خوبين ۽ قافين تي نهايت سهڻي، مدلل ۽ جامع انداز ۾ لکيو آهي.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو لکيل مضمون 'منهنجو دوست منگھارام ملڪاڻي ۽ ساڻس ٿيل خط وڪتابت' ۾ ڊاڪٽر صاحب يادگيرين جا ورق ورائي پنهنجي دوست شري منگھارام ملڪاڻيءَ جي ادبي ڪم ۽ شخصيت کي تمام سهڻي انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. منگھارام ملڪاڻي سنڌي ادب جو روشن ڏيئو آهي، جنهن جي ادبي روشني جڳاجڳ روشن رهندي.

حاڪم علي شاهه بخاري جو ترجمو ٿيل مضمون 'دنيا جو پهريون لکيل قانوني ضابطو' پڻ تاريخ جي لڪل اسرارن کي نروار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس مضمون کان اڳ اهو تصور هو دنيا جو پهريون قانوني ضابطو 'حمورابي' جو آهي، پر حاڪم شاهه جي کوج انهي مامري کي اڃا اڳي وٺي ويئي آهي، پر شاهه صاحب اها ڄاڻ نه ڏني آهي ته اهو مضمون ڪهڙي ڪتاب تان ترجمو ڪيو اٿائين ۽ ڪهڙي محقق ان دفيني کي ڳولي ڪڍيو آهي.

رسول بخش تميمي جاکوڙي کوجي آهي، هن 'مخدوم محمد هاشم ٺٽوي' جي شخصيت ۽ ڪم کي نهايت سهڻي انداز ۾ پاڙهڪن اڳيان پيش ڪيو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا خاص طور تي ديني ادب ۾ تمام وڏا احسان آهن. رسول بخش تميمي نهايت جامع انداز ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ذاتي ۽ ديني ڪم تي پنهنجي قلم جي جوهر افشاني ڪئي آهي.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ صاحبه 'محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناٽڪن ۾ سماج سڌاري جو پيغام' جي عنوان سان سنڌي ادب جي جديد لاڙن جي بانيڪار جي علمي ادبي ۽ سماجي سڌاري واري عنصر کي نهايت محققانه انداز ۾ پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيو آهي. محقق جو اصل ڪم به اهو آهي ته تخليقڪار جي ڳجھن اسرارن کي ظاهر ڪري.

ڊاڪٽر مخمور بخاري نوجوان ٽهيءَ جو هڪ اهڙو محقق آهي، جنهن جي قلم جي رواني ۽ کوجي طبيعت کانئس اهڙا ته ادبي گوشا، معنى ۽ مفهوم نروار ڪرائي رهي آهي. سندس ادبي خدمتون نهايت مايه دار آهي. سندس مضمون جو عنوان 'بيدل سائين جي ڪافيءَ فني جائزو' آهي، جنهن ۾ نهايت سچيتائي سان بيدل سائين جي ڪافين ۽ سچل سائين جي ڪافين ۾ جيڪا هڪجھڙائي آهي، ان تي قلم کنيو اٿائين. بيدل سائين جيڪي فني ڪاريگريون ۽ لفظي تبديليون ڪيون ڪيون آهن، تن جو برجستائيءَ سان جائزو ورتو آهي.

مولانا عبدالرحمان جماليءَ 'مولانا عزيز الله ساند رحه' جي ذاتي, سياسي، سماجي زندگيءَ ۽ ديني خدمتن تي روشني وڌي آهي، مضمون نهايت معلوماتي ۽ ڪارائتو آهي.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي به محققانه صلاحيتن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. ڊاڪٽر صاحب به تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي، سندس مضمون 'تلو هاڪڙي درياءَ جي ڍنڍ ۽ پٽ' جي عنوان سان هاڪڙي سان لاڳاپيل تاريخ جي وساريل ورق کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري انهيءَ تاريخي ماڳن جي ڄاڻ ڏني آهي ۽ پنهنجي مقالي کي مدلل بڻائڻ جي لاءِ مختلف لفظن جي معنى ڏني آهي ۽ انهن جو ڇيد ڪيو آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ صدري ۽ ڪتابي حوالا ڏيئي پنهنجي مقالي کي سَنَدَ بڻائي ڇڏيو آهي.

حسيب ناياب منگي، نئين ٽهيءَ جو اسرندڙ محقق آهي، جنهن ٿورڙي وقت ۾ شڪارپور جي تاريخي ۽ تعليمي گوشن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سندس لکيل مضمون 'ميونسپل اسڪولس بورڊس شڪارپور' هڪ اهڙي ڪاوش آهي، جيڪا شڪارپور جي ابتدائي تعليمي جوڙجڪ ۽ سرشتي جي تشريح ڪري رهي آهي. مضمون ۾ شڪارپور جي اسڪولن جي پڙهائي، وندر ورونهن جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي. ميونسپل جي تعليمي بجيٽ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

محبوب ڏيٿو 'پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو' جي تعليمي، ذاتي، سياسي ۽ سماجي زندگيءَ تي روشني وڌي آهي. جنهن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. محبوب ڏيٿو هڪ اهڙي مشاهير جي ڄاڻ ڏني آهي، جيڪو انتهائي لائق ۽ فائق هو. محبوب ڏيٿو اهو مضمون لکي 'پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو' کي نوجوان نسل سان متعارف ڪرايو آهي.

'عاصي' عبدالواحد هڪڙو جي مقالي جو عنوان آهي 'فُل وڌي ۽ ڀوري جي لوڪ داستان جا تاريخي آثار'. هي هڪ اهڙو تاريخي عشقيه داستان آهي، جيڪو اسان جي نگاهن کان لڪل هو  'عاصي' عبدالواحد انهيءَ عشقيه داستان تي تنقيدي ۽ تحقيقي نظر وڌي آهي. پنهنجي نقطه نظر کي واضح ڪرڻ لاءِ دليلن جو سهارو ورتو آهي، سندس ڏنل حوالن مان سندس علميت جي خبر پوي ٿي.

ان کان علاوه ايڇ حنيف لغاري 'ولي محمد طاهر زادو' جي شخصيت کي پنهنجي قلم سان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ولي محمد طاهر زادو سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندو هو. سندس ڪيترائي مضمون نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيا هئا. سندس مضمونن جي ٻولي سپڪ ۽ سوادي آهي.

محمد حسين 'قائم' جو مضمون 'چٽوڙي _ اميران ميرپور خاص جو قبرستان' پڻ تاريخي ڄاڻ سان معمور آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون جو لکيل مقالو 'کنڀري شريف جا ميان ولهاري (سمان)' پنهنجي جوهر ۾ تمام سٺو ۽ ڄاڻ ڀريو آهي. پنهنجي مضمون کي تصويرون ۽ شجرن سان سنيگاري وڌيڪ سگھارو ڪيو آهي.

ڊاڪٽر صنم لطيف 'مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعريءَ ۾ جماليات' جي سري هيٺ مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو آهي، سندس شاعريءَ ۾ جيڪو جمال جو پرتوو آهي، ان جي روشني ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

ٽماهي مهراڻ ۾ پرويز، مير سجاد اختر ٽالپر، بهادر ٽالپر، ارشاد سومرو صاحبه، ڊاڪٽر رضا چانڊيو، محمد قاسم ڪلوئي جون ڪهاڻيون شاندار آهن.

ان کان علاوه ڪتابن تي تبصرا، ادبي پروگرامن جون رپورٽون وغيره شامل آهن.

ٽماهي مهراڻ ۾ جيڪي اقتباس ڏنا ويا آهن سي انتهائي اونهي معنى ۽ مفهوم رکن ٿا، جن مان نياز همايوني صاحب جو مختصر اقتباس ڏيان ٿو.

'سنڌ سدائين معاهدن ۾ مئي آهي ۽ پنهنجي آزادي داءَ تي لڳائي، سڀ ڪنهن سان سنمک ٿيندي اچي ٿي. ان طرح کيس اهڙو جڪڙي وس کان بيوس ڪيو وڃي ٿو، جو هٿ پير هلائڻ جي سگھه به وڃائي ٿي ويهي.

هن وقت ٽماهي مهراڻ پنهنجي معيار ۽ تخليق جي ڪري، ادبي حلقن ۾ نهايت ئي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. سندس انهيءَ ڪارڪردگيءَ جي پويان اداري جي موجوده چيئرمين سائين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ جي خاص دلچسپي ۽ رهبري نظر اچي رهي آهي. ساڻ ساڻ هن وقت رسالي جي ادارت ۽ مشاورت ۾ شامل محترمه ثمينه ميمڻ، سائين در محمد پٺاڻ، سائين ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جن جون خدمتون نهايت ئي شاندار آهن، جن جي نظرداريءَ سبب رسالي ۾ ڪافي نوان سلسلا پڻ شامل ڪيا ويا آهن. جن ۾ ماضيءَ جي روشن جرڪندڙ ادبي شهپارن کي نئين ٽهيءَ سان واقف ڪرائڻ لاءِ ’لافاني ڪلام‘ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سان ماضيءَ، حال سان ڳنڍجي ويو آهي.

شاعري جي ڀاڱي ۾ به مهراڻ پنهنجو پاڻ موکيو آهي، ڪهنه مشق شاعرن سان گڏ ڪيترن ئي نوآموز شاعرن جا شهه پارا به مهراڻ جي زينت بنيا آهن.

اسان جو لوڪ ادب اسان جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جو سرمايو آهي، جنهن کي به مهراڻ ۾ گذريل ڪجهه پرچن کان مسلسل نمائندگي ڏني پئي وڃي. اهو هڪ سٺو سنئوڻ آهي، جنهن سان لوڪ ادب جي سرجڻهارن ۾ ادبي اُتساهه پيدا ٿيندو، نون ۽ جديد روين جي کيس ڄاڻ پوندي ۽ سندن لوڪ ادب به جديد دنيا جي نون استعارن ۽ ڪناين سان سينگارجي ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org