سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:13 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

حيدرآباد

 

 

 

منگهو پير

 

ڪراچي، سرزمين سنڌ جو آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي، هيءُ شهر راجا دلوراءِ جي دور ۾ وجود ۾ آيو. ڪن محققن جو خيال آهي ته ڪراچيءَ جو وجود عربن جي سنڌ جي فتح کان پهرين يعني 711ع کان به پهرين آباد ٿي چڪو هو، ۽ محمد بن قاسم ديبل کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي کي فتح ڪيو. هڪ حوالي مطابق ڪراچي چوٿين صدي عيسوي ۾ آباد ٿيو. ان دور ۾ هن شهر جو نالو ڪلاچي هو، ۽ 17 صدي عيسوي تائين هي شهر انهيءَ نالي سان معنون هو. بعد ۾ هيءَ شهر ڪراچي جي نالي سان اڄ تائين مشهور آهي ۽ هن شهر جي اُتر اوڀر طرف منگهو پير نالي هڪ تاريخي ماڳ واقع آهي. جتي سندس مقبرو دڙي تي ٺهيل آهي. هي دڙو اي.ايف بيلي (A.F.Baillie) جي اندازي مطابق سمنڊ جي مٿاڇري کان تقريباً 600 سؤ فوٽ مٿي آهي.(1)

اِهو مقبرو حاجي سلطان المعروف به منگهو پير نالي هڪ بزرگ جو آهي. منگهو پير پنهنجي دور جو مڃيل بزرگ، ولي الله ۽ صاحبِ ڪشف و ڪرامت بزرگ هو. هيءُ صاحبِ توفيق بزرگ، حق جي هدايت وارن لاءِ وڏو رهنما هو. سندس هر دعا بارگاهِ ايزدي ۾ مستجاب ٿيندي هئي، انهيءَ ڪري پري پري کان مرد ۽ عورتون لڪ لتاڙي اچي وٽس عقيدت جا سلام ڀريندا هئا ۽ پنهنجون پنهنجون دل جون مرادون حاصل ڪري پوءِ موٽندا هئا. منقول آهي ته هڪ ڀيري حضرت قلندر لعل شهباز هنگلاج کان ٿيندو جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته سندن ملاقات حاجي سلطان المعروف به منگهو پير سان ٿي، جنهن سندن ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو. پوءِ قلندر لعل شهباز ڪجهه عرصو اتي رهڻ جو ارادو ڪري ڪُندري کوڙيائين، لعل شهباز جنهن جاءِ تي آستان اچي اڏيو، خدا جي قدرت سان اتي هڪ چشمو به نڪري پيو، جيڪو اڄ ’قلندر جي ڪشتي‘ جي نالي سان قائم آهي. پوءِ پاڻ حاجي منگهي پير جي پاليل ڀيانڪ واڳون کي ويجهو سڏي مٿس خوب سواري ڪئي. انڪري منگهو پير به سندس خاص معتقد ٿيو، ۽ وٽانئس صحيح طريقت جي تلقين ورتائين.

 

حاجي منگهي پير 90 ورهين جي ڄمار ۾ 8 ذوالحج 657هه مطابق 12 سيپٽمبر 1259ع جي وفات ڪئي. سندن عاليشان مقبرو ٺهيل آهي، جتي ڪيترائي عقيدتمند اچي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪن ٿا. خاص ڪري هر سال 8 ذوالحج تي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. ميلي جي ختم ٿيڻ کان اڳ شيدين جو ناچ ٿيندو آهي، سڀ کان پهريائين  هڪ دائري ۾ ڳاڙهن، ساون ۽ نيرن رنگن جا انيڪ جهنڊا کوڙيا ويندا آهن، پوءِ سگرين ۾ واس ۽ لوبان ساڙبو آهي، پوءِ دهل وڄندا آهن ۽ ڪيترائي مرد ۽ عورتون اڌ گولائي واري دائري ۾ نچڻ شروع ڪندا آهن.

منگهي پير جي مقبري واري دڙي جي هيٺان رستي جي سڄي کاٻي پاسي قبرن جا آثار ملن ٿا. انهيءَ دڙي جي کاٻي پاسي ٻه پڪا حوض آهن، جن ۾ پاڻي ڀريل هوندو هو. انهن مان هڪ ڍنڍ مردن لاءِ ٻي عورتن لاءِ مخصوص هئي. هِتان جي رهاڪن جو اهو عقيدو هوندو هو ته، هن ڍنڍ جو پاڻي انيڪ مرضن لاءِ هڪ ٽڪ هو. ان کان پوءِ چند قدمن جي فاصلي تي هڪ وڏي ڍنڍ جي تهه ۾ ڪِنو ۽ سائي رنگ جو ڌپ وارو پاڻي جمع آهي. منقول آهي ته هن ڍنڍ ۾ اڪيچار وڏا ۽ ننڍا واڳون رهندا هئا، هن ڍنڍ جي اوسي پاسي باغ هئا، جن ۾ کجي، گدامڙي ٻيا وڻندڙ ۽ ساوا وڻ لڳل هئا. هن باغ جي پٺيان هڪ وسيع ميدان هو، جيڪو اولهه واري جبل تائين پکڙيل هو. هيءُ جبل رستي جي اُتر ۽ ڏکڻ ۾ واقع آهي. اهڙيءَ طرح ٻئي پاسي هڪ ٻيو جبل اوڀر ۾ واقع آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي ته، منگهو پير جي مزار انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ آهي، جيڪي ليفيٽيننٽ ڪارلس جي اندازي مطابق ست يا اَٺ فوٽ ڊگها آهن.(2) ۽ اولهه واري ميدان ۾ چند قبرون آهن، جن جو احوال آخر ۾ ڪيو ويندو. رستي جي اوڀر واري پاسي کان ٿوري ئي فاصلي هندن جا گهر ۽ عبادتگاهون هيون. ورهاڱي کان اڳ منگهو پير جو مقبرو هندن ۽ مسلمانن لاءِ زيارتگاهه هو.

مير علي شير قانع پنهنجي تصنيف تحفته الڪرام ۾ لکي ٿو ته:

”منگهي پير جو طوق مشهور جبل آهي، حاجي منگهو نالي هڪ اهل الله بزرگ شيخ بهاءُالدين ملتاني جو همعصر اتي دفن ٿيل آهن. هيءَ جاءِ بزرگ ماڻهن ۽ صاحبِ توفيق هدايت وارن لاءِ حضور ۽ صفائي واري ۽ دعا جي قبوليت جي جاءِ آهي. جبل جي ڪناري وٽ اٽڪل ٻن نارن جو گرم پاڻي هڪ حوض ۾ وهي رهيو آهي. اتي مور نالي هڪ واڳون رهي ٿو. هڪڙي جي مرڻ کان پوءِ ٻيو سندس جاءِ وٺي ٿو ۽ کيس به اهوئي ساڳيو لقب ملي ٿو. معتقد ماڻهو گهيٽن ۽ گابن جهڙا جانور آڻي اُتي قربان ڪندا آهن ۽ پهريائين گوشت جو ٽڪرو مور جي آڏو پيش ڪندا آهن. جيڪڏهن هن کاڌو ته قبول آهي، جيڪڏهن نه ته نه. پڻ انهيءَ حوض جي برابر ٻيو چشمو آهي. ٻنهي تلائن جي وچ تي هڪ پٿر آهي، جيڪڏهن گرم حوض جو پاڻيءَ انهيءَ پٿر تي هاري اهو ساڳيو پاڻي پٿر جي هيٺان ڪنهن ٿانءَ ۾ جهليو ته تمام ٿڌو ڏسڻ ۾ ايندو. انهن ٻنهي چشمن جو پاڻي گهڻو ڪري هڪ کڏ ۾ وهي ٿو، جتي هزارين واڳون رهن ٿا. هن پاڻي جي ٻنهي ڪنارن تي باغات آهن. پڻ انهن ٻنهي چشمن جي ڀرسان پٿر جي کوهه جي شڪل آهي. انهيءَ جو پاڻي هنن ٻنهي پاڻين کان ٻي طرح ٿڌو ۽ مٺو آهي. انهيءَ کوهه ۾ هڪ واڳون رهي ٿو، جنهن کي ”هنج“ سڏين ٿا. هن کوهه کي حاجي منگهي جو لوٽو چوندا آهن. پڻ حاجي منگهي جي جبل ۾ مخدوم لعل شهباز جي ڪُندريءَ نالي هڪ نهر آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي وڻندڙ باغ ۽ فقيرن جا ايڪانت ڀريا تڪيا(3) آهن(4).

مير علي شير قانع جي لکڻي مطابق منگهو پير، حضرت بهاءُالدين ذڪريا ملتاني (متوفي 661هه/ مطابق سن 1662ع) جو معاصر هو. يعني منگهي پير جو عهد ستين صدي هجري يا سترهين صدي عيسوي تائين پهچي ٿو. انگريز لفيٽيننٽ ڪارلس، جيڪو هندستان جي بحريه ۾ ملازم هو ۽ هن کي هندستان جي ڪنارن جي مسافت جو ڪم سونپيو ويو هو، سو سن 1256هه مطابق 1838ع ۾ منگهو پير پهتو ۽ هن انهيءَ هنڌ متعلق هڪ مفصل بيان لکيو آهي، جنهن جا ڪي اقتباس ”گزيٽيئر آف انڊيا“ ۾ ڏنل آهن. هن جي بيان مطابق واڳون هڪ ڍنڍ ۾ رهندا آهن، جنهن جي ڊيگهه 150 والن کان گهڻي نه آهي، پر ويڪرائي 80 والن کان گهٽ نه هئي. هڪ ڍنڍ ۾ 8 فوٽن کان 15 فوٽن تائين جا ڊگها ۽ وڏا واڳون هئا، جن جو تعداد ٻن سون کان گهڻو هو ۽ ننڍن واڳن جو ته تعداد ئي ڪونه هو. هن جي بيان ۾ مير علي شير قانع جي ڏنل ’مور‘ واڳون واري روايت ساڳي آهي.

سيد لطف الله سڪر الاهي شيرازي ٺٽوي، جيڪو سيد جمال الدين محدث، سيد غياث الدين منصور دشتڪي(5) ۽ مير صدرالدين محمد شيرازي جي نسل مان هو، سو ڊسمبر سن 1755ع ۾ ٺٽي مان حج تي سفر لاءِ نڪتو ۽ پنهنجو سفرنامو فارسي ۾ ”تحفته الباصرين“ جي نالي سان ڪراچي مان شايع ڪرايائين، انهيءَ ڪتاب ۾ پاڻ لکي ٿو ته، آءٌ 13 ربيع الثاني سن 1272هه مطابق 23 ڊسمبر 1755ع ۾ شاهه منگهو عليہ الرحمة جي زيارت کان مشرف ٿيس، ان کان پوءِ شاهه صاحب به ساڳي تحفة الڪرام واري عوامي ڪٿا ڏني آهي.(6)

ڪئپٽن ڊبليو.جي.ايسٽوڪ پنهنجي مشهور ڪتاب “Dry Leares From young Egypt” ۾ منگهي پير متعلق لکي ٿو ته:

”ڪراچي پهچڻ کان پوءِ مون پهرين جڳهه مگر تلاءُ ڏسڻ تي ڪئي، جنهن کي واڳن جي ڍنڍ ڪري سڏجي ٿو. اِها عجب جهڙي جاءِ ڪراچي کان اَٺ ميل پري آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ جن کي بيڊولين شين يا راڪاسن ڏسڻ ۾ مزو ايندو آهي. هي هڪ دلچسپ جاءِ آهي، وارياسو ۽ اجڙ رستو، جنهن تي ڪٿي ڪٿي گهاٽو جهنگ به آهي، آڻيو ماڻهوءَ کي گدامڙيءَ جي وڻن جي جهڳٽي وٽ ڇڏي، جنهن جي وچ ۾ انهن راڪاسن جي هيبتناڪ رهائشگاهه آهي. هڪ نئين ماڻهوءَ کي مشڪل سان خبر پئجي سگهندي ته انهيءَ ساوڪ جي هيٺان ننڍڙي کڏ ۾ اهڙا خوفائتا رهاڪو لڪل آهن، هيءَ آهي اُها کڏ، مون کي ڌڪار وچان رستي جي سونهي هڪل ڪري چيو، پر ڪٿي آهن واڳون منجهس! ان وقت آءٌ اوچي ڳاٽ ۽ وڏي مغروري ۾ پسار ڪري رهيو هوس ۽ سڄي قصي کي ڄڻڪه مسخري پئي سمجهيم ته اوچتو منهنجي پيرن ۾ هڪ گهٽيل چيخ يا گوڙ جو آواز ٿيو، جنهن ۾ مون کي فضيلت سان نه پر جانورن وانگر هوا ۾ غير معمولي ٽپ ڏيڻو پيو، نه ڄاڻ جو منهنجو پير هڪ ننڍڙي واڳون جي مٿان اچي ويو هو، جيڪو هو ته ٽي فوٽ قد ۾ پر ان هوندي به سندس چڪ منهنجي سڄي خوشي زهر ڪري وجهي ها، ايتري ۾ انهيءَ جاءِ جو مشهور ماڻهو يعني ته پوڙهو مجاور فقير هڪ جادوگر جي شڪل ۾ اچي پهتو، ۽ مون کان جوڙو رپين جو وٺي، پنهنجي جادو جي ڏنڊي کڻي اُڀي ڪيائين ۽ مُئل روحن کي سڏڻ لڳو. آءٌ يعني اچ اچ جي هن ٻه ٽي دفعا زور سان رڙ ڪئي، جنهن تي انهيءَ تلاءَ جو پاڻي انهن راڪاسن سان جيئرو ٿي ويو. انهن ۾ نو واڳون تمام وڏا هئا ۽ انهن جو قد پندرهن فوٽ هو، سي ڪناري تائين وڌي آيا.

انهن واڳن واري تلاءُ کي ٿوري پنڌ تي (اڌ ميل کن فاصلي تي) هڪ ٻيو تلاءُ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ پاڻي ايڏو ته گرم هو، جو ماڻهو منجهس مس گهڙي سگهي، پر ان هوندي به مون انهيءَ ۾ ننڍڙا واڳون ڏٺا، فقيرن مون کي ٻڌايو ته اهي جانور نديءَ ۾ گهڻا آهن، جا اُتان پندرهن يا ويهن ميلن جي پنڌ تي هئي، انهيءَ تلاءَ جو بادشاهه هڪ واڳون هو، جنهن تي فقير ”مور صاحب“ جو نالو رکيو هو. اهو ڪڏهن به سنڌ تي ڪونه ايندو هو. جيئن ئي آءٌ انهيءَ تلاءُ جي چوڌاري ڦري رهيو هوس، تيئن مون کي اها جاءِ ڏيکاري وئي، جتي اهو پيو هو. سندس مٿو پاڻي کان ٻاهر هو ۽ اهڙيءَ طرح بيجان پيو هو، جهڙو ڪاٺ جو بنڊ. سچ ته مون کي جيڪڏهن سندس چمڪندڙ خونخوار اکيون ڏسڻ ۾ نه اچن ها ته آءٌ انهيءَ کي ڪاٺ جو بنڊ ئي سمجهان ها.“(7)

ابنِ حوقل (متوفي 366هه) ۽ ادريسي (متوفي 560هه/1166ع) هن مقام جو ذڪر ڪندي بيان ڪن ٿا ته سنڌ جي ماڳن ۾ ”منجابري“ (منگهو پير) هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو ديبل کان ٻن ٿاڪن جي پنڌ تي آهي ۽ ارميل جي رستي تي واقع آهي. ارميل جيڪو ادريسيءَ مطابق نشيب ۾ واقع هو، پاڻي جو تلاءُ ۽ چشما ۽ اوسي باغات، اهي تفصيل منگهو پير سان تعلق رکن ٿا. ابن حوقل پنهنجي ڪتاب ”صورت الارض“ ۾ لکي ٿو ته ”من الديبل اليٰ منجابري مرحلتان.“(8)

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، منگهو پير متعلق لکي ٿو ته:

”ڪراچي اچي جنهن منگهو پير نه ڏٺو، تنهن چئبو ته ڪراچي ڪانه ڏٺي، منگهو پير ڪڏهن به ڏسجي، پر برساتين کان پوءِ هيڪاري موج ٿي لڳي. اڳي اُٺن تي ڇڪڙن ۾ وڃبو هو، مگر هاڻ موٽر ۽ موٽر بس جي ڪري هيڪاري سهنج ٿي آهي. ڪراچي کان پنڌ رڳو پنج ڪوهه آهي ۽ ڪي جوان پياده به ويندا آهن. هڪ لڱا اسان جو به اوڏانهن وڃڻ ٿيو.

منگهي پير جي درگاهه ۽ ڪوسي پاڻي جي ڪشتين جي وچ ۾ ميل کن پنڌ آهي. درگاهه تي پهچڻ کان اڳ هڪ تلاءُ ۾ واڳون ڏٺاسين. واڳون ڏسڻ ۾ ڳرا آهن ۽ لوٿ ٿيا پيا آهن، پر گوشت اُڇلين ته ڏس ڪيئن ٿا کڙا تڙا ٿي وڏا وات ڦاڙين. واڳن جا مزا ڏسي پوءِ درگاهه ڏي وياسين، جا ٽڪريءَ تي جُڙيل آهي. اڳيان ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ ڳوٿريون ٽنگيون پيون آهن. ماڻهو ٻارن جي جهنڊ لهرائي انهن ڳوٿرين ۾ وار وجهندا آهن. درگاهه جي عمارت ۾ ڪو اهڙو ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل ڪونهي، مگر صفا سهڻي آهي، ۽ جنهن ٽڪريءَ تي بيٺي آهي، تنهنجو سينگار آهي، درگاهه مان ٿي اسين مسافرخاني ۾ هلياسين ڪشتين ڏي، ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتيءَ جي گرمائش 133 ڊگريون آهن، تنهنڪري پهريائين هٿ وجهبو ته ڪوساڻ سهي ڪين سگهبي، پر پوءِ سهائي سهائي سنان ڪبو آهي، ته گهڻي فرحت ايندي آهي. انهيءَ پاڻيءَ ۾ گهڻو وقت سنان ڪرڻ ڪري مٿو ڦرندو آهي، مگر اسان مغز کي طراوت ڏيڻ لاءِ حلوي جون دٻيلون ساڻ آنديون هيون، حلوي جي چڪي کائي ڏي ٽپي ته ڀانءُ ته حلوو کاڌوئي ڪونه. انهيءَ ڪشتيءَ مان سنان ڪري وري ٻئي سوسڙ پاڻي جي ڪشتيءَ ۾ گهڙياسين ته هِتي به سنان ڪرڻ ۾ ڏاڍي فرحت اچي ٿي. هن پاڻي ۾ گندرف اصل ڪونهي، تڏهن اهو ٺاري پيئڻ جي ڪتب آڻيندا آهن، ڪي اهو پاڻي گهڻي انداز ۾ پيئندا آهن ته جيري ۽ مثاني جي سستي گهٽجي ويندي آهي ۽ انهن ۾ تازائي ٿيندي آهي. ڪوسي پاڻي جي ڪشتين ۾ فٽن ڦرڙين ۽ خارش ۽ ڏڍ وارا سنان ڪندا آهن، پر گهڻو فائدو لڪيءَ جي ڪشتين ۾ سنان ڪرڻ مان ئي ٿي سگهي ٿو.

اسين سنان پاڻي مان ڪري موٽي مسافرخاني ۾ آياسين ماني اڃا تيار ڪانه هئي، تنهنڪري ٻاهر بيهي آسپاس جو لقاءُ پئي ڏٺوسين. ڪنهن وقت سامهون سڏ پنڌ تي به قبرون بيٺل ڏسي اوڏانهن وياسين. هنن مان وڏي تربت برفت قوم جي وڏيري ميان سردار خان جي آهي، جو چون ٿا ته جوکين سان جنگ ڪندي مارجي ويو هو. انهيءَ تربت تي قرآن شريف جون ڪي آيتون لکيل آهن ۽ مٿس 913 انگ لکيل آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اهو سردار سمن جي راڄ م سن 1506ع ۾ ٿي گذريو آهي. اهي برفت قوم وارا نومڙين جي ذات مان آهن ۽ لسٻيلي ۽ ڪوهستان پاسي هڪ وڏي قوم ليکجن ٿا. اهي قبرون ڏسي پوءِ مسافرخاني ۾ موٽي آياسين ۽ ماني کائي لت کوڙي سمهي پياسين.

شام جا چار لڳا ته وڃي ٽڪرن تي چڙهياسين، جتان منگهي پير جي هڪ نهايت نزاڪت دار ڳوٺ جي ڏيکاري پئي ڏني. ٽڪرن جي ٻئي پاسي ماٿري آهي ۽ انهيءَ هيٺاهين پٽ کان ٽڪرون ست اَٺ سؤ فوٽ مٿي آهن. انهيءَ ماٿري ۾ ڏاڍي ايڪانت آهي ۽ اها ماٿري راسيلاس واري ماٿري جي يادگيري ڏياري ٿي، اسين پوءِ گهمندا ڦرندا ڪوڙهين جو آشرم ڏسڻ وياسون، جو اسان جي پرم متر ساڌو هيرانند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. واڻئي جي دڪان تي ڏٺوسين ته ٻين شين گڏ شراب به وڪري لاءِ موجود هو. ههڙي هنڌ به ماڻهو شراب جي پچر نٿا ڇڏين!

منگهي پير تي کجيون گهڻيون آهن ۽ اونهاري ۾ ماڻهو کارڪن جا ڍءُ ڪندا آهن. هتي فقير گهڻا آهن. پر درگاهن تي فقير هوندائي هوندا آهن ۽ زيارتين کي ويڙهي ويندا آهن. منگهي پير جا چشما ۽ اهي کجين جا وڻ قلندر شهباز ۽ سندس يارن جي ڪرامت سان پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا. منگهي پير تي جنهن هنڌ مور بادشاهه (وڏو واڳون) آهي اتي وڏي شاهي ڇِپ رکيل آهي. جنهن جو هڪ ڀاڱو حيدرآباد ۾ قلعي واري چاڙهي جي هيٺان آهي.“(9)

سرٿامس هولڊچ هن شهر کي ’مگر پير‘ لکيو آهي، سندس لکڻي مطابق:

”مگر پير جو محل وقوع انهيءَ جبل جي ديوارن سان گڏ آهي، جيڪي انجو گهيراءُ ڪيو بيٺا آهن. گرم پاڻي جي چشمن سان گڏ جيڪو ان جي ويجهو آهي ۽ انهن باغن سان گڏ جيڪو ان جي آسپاس ۾ ايترو ته نادر الوقوع آهي، جو انهن جي موجودگي عديم النظير آهي، پڻ درياءَ جي ڪپ جي ويجهو سڀ کان وڌيڪ آثارِ قديمه جي فنِ تعمير جي سلسلي ۾ ايترو ته جاذب نظر آهي جو بلاشبهه ۽ بلاخوف ترديد هن امر کي متعين ڪري ٿو، ته هي ڳوٺ اهوئي ’منجابري‘ (منگهو پير) آهي جنهن جو ذڪر ابن حوقل ۽ ادريسي ڪيو آهي ۽ جيڪو ديبل کان به ڪوهن جي پنڌ تي آهي.“(10)

هولڊچ جي هيءَ لکڻي اسان کي هن ماڳ جي فنِ تعمير جي باري ۾ جاذبِ نظر آثارن ڏانهن متوجهه ڪري ٿي.

هن ماڳ جا سڀني کان وڻندڙ آثار قبرون آهن.(11) جيئن ته آءٌ مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته باغن جي اولهه ۾ ۽ رستي جي ساڄي کاٻي پيلن پٿرن سان قبرون ٺهيل آهن، جيڪي هيٺان کان وٺي مٿي تائين خوبصورت نقشن سان سينگاريل آهن، انهن قبرن جي اڏاوت ڏاڍي عجيب ۽ وڻندڙ آهي. هڪ ته قبرن تي پٿر جو مستطيل خالي تعويذ، ان تعويذ جي مٿان اوتروئي بلندي تي پٿر جي ٽڪرن تي ’هرم‘ جون شڪليون ٺاهيون ويون آهن. يعني مٿان وارو هر ٽڪرو هيٺان واري ٽڪري کان ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ گهٽ آهي ۽ آخر ۾ هڪ وڏي پٿر جي تختيءَ کي ڪنڊ ۾ نصب ڪيو ويو آهي. مردن جي قبرن تي پٿر ائين نظر اچي ٿو، جيئن پٿر قبر جي اُتر واري ڪنڊ ۾ ڊگهو ڪو ڪٽهڙو هجي، عورتن جي قبرن تي ان کان وڌيڪ ڪجهه مختلف شيون قبرن جي ڏکڻ واري ڪنڊ ۾ ملن ٿيون، مجموعي حيثيت سان انهن قبرن جي بلندي انساني قد کا گهڻو ڊگهي نه آهي، جيئن ته مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته انهن سڀني پٿرن تي اقليدسي شڪلين ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ تمام عمدو نقش و نگار ۽ ڄاريون ٺاهيون ويون آهن، عورتن جي متعدد قبرن تي زيورن جا اُڀريل نقش چِٽيل آهن ۽ مردن جي ڪن قبرن تي اهڙي طرح جنگي هٿيار، مثلاً تلوار، ڍال، بندوق ۽ ڏاٽن وانگر ٻين هٿيارن جن به تصويرون چٽيل آهن ۽ هڪ قبر جي مٿان هڪ سوار جي تصوير ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ گهوڙي کي لوهه جي پوشاڪ سان ڏيکاريو ويو آهي ۽ انهيءَ قبرستان جي هيٺان هڪ ماڻهو جي تصوير به اُڪريل آهي، جنهن کي مغل دور جي پوشاڪ پيل آهي ۽ هٿ ۾ حقي جو نڙ اٿس، جيڪو زمين تي رکيل آهي. مسلمانن جي قبرن تي مون اهڙيون به تصويرون ڏٺيون جيڪي واقعي نادر نموني جو اعليٰ مثال آهن.

انهن قبرن مان ڪن قبرن جي پٿرن تي عبارتون به تحرير ٿيل آهن. جيئن ته اهي گهڻيون اُڀريل آهن، ٻن ٽن هنڌن تي اُتر طرف ڪن قبرن تي ڪلمئه طيب خطِ نسخ ۾ لکيل آهن. جيئن ته پٿر جي ويڪر گهٽ آهي، تنهنڪري ڪلمو ٽڪرا ٽڪرا ڪري چئن سٽن ۾ لکيو ويو آهي.

انهيءَ قبرستان ۾ جيڪي منگهو پير جي ٽڪريءَ جي اوڀر طرف آهن، صرف هڪ قبر جي هيٺان پٿر تي نالو به نظر اچي ٿو. يعني:

ڪاتو (؟) ابنِ حسين(؟)

هتي هڪ ميدان به آهي، جيڪو قبرستان واري ٽڪريءَ جي ڏکڻ اولهه طرف باغن جي پٺيان آهي، اتي چند قبرون آهن، جيڪي نسبتاً گهڻيون اهم آهن. انهن سڀني تي سهڻو، لطيف ۽ نازڪ ڪم ٿيل آهي. انهن مان چئن قبرن تي عبارتون به تحرير ٿيل آهن، جن مان انهيءَ زماني جي قبرن جو زمانو متعين ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ هنڌ تي هڪڙي مقبري جا کنڊر به آهن، جيڪو هڪ ٿلهي تي واقع آهي ۽ ان جو گنبذ موجود آهي ۽ چئني طرفن کان پيل پايه برقرار اٿس. انهن ٻنهي قبرن جي ويجهو ٻه ٻيون به قبرون آهن، جيڪي ٿلهي تي ٺهيل آهن، پر حسبِ معمول گنبذ ۽ پيل پاين کانسواءِ آهن. انهن قبرن تي جن جي مٿان پٿر هئا، سي ڀڄي ڀُري پيا آهن. مذڪوره قبرن جي هڪ پيل پايي تي خط نستعليق ۾ هڪ فارسي عبارت به لکيل آهي، جيڪا رڳو اڌ پڙهي سگهجي ٿي. مقبري جي اندرين پٿر تي هڪ ڪتبو لکيل آهي:

بسم الله الرحمٰن الرحيم

لا اِلہ الا الله محمّد رسول الله

رب لا تذرني فرد او انت خير الوارثين

اين تربت سلني- ولد حسن

بتاريخ عاشر جمادي الاول 1156

جيڪو ڪتبو جيڪو انهيءَ هنڌ آهي، هن طرح آهي:

اين قبر ................ بولا خان (12)

براينِ صدو صد پنجاه روپيه خرچ شده

ٽيون ڪتبو به آهي، جنهن تي تاريخ به درج آهي جيڪا هن طرح آهي:

بتاريخ......... عاشر جمادي الاول ....... 1186

”امپيريل گزيٽيئر“ جي بيان مان اِها پروڙ پوي ٿي ته سن 1919ع جي لڳ ڀڳ، هن مقبري جو گنبذ برقرار ته هو، پر ڀڄي ڀُري رهيو هو. قبرن جو تعداد بظاهر چار هو ۽ انجا پٿر انهيءَ وقت پنهنجي هنڌ تان هيٺ ڪِري رهيا هئا! غالباً انهيءَ ڪري هنن کي ڪنهن مسالي سان ڳنڍيو ڪونه ويو هو، انهيءَ ڪري پٿر ڪِرندا پي ويا.

گزيٽيئر جي بيان مطابق مشهور روايت آهي شڪسته قبر سردار خان جي آهي، جيڪو نومڙين جي قبيلي مان هو، جنهن جو شمار انهيءَ علائقي جي بزرگ قبيلي مان هو ۽ سمن جي ذات سان تعلق هوس. هي شخص منگهو پير کان ڏهن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ ۾ جوکين واري جنگ ۾ مارجي ويو. پر اِها روايت انهيءَ اوسي پاسي جي جوکين ۾ انهن قبرن جي باري ۾ به رائج آهي. انهيءَ روايت مان بلاشبهه هيءُ ثابت ٿئي ٿو ته جوکيو جيڪو آخرڪار ملير ۽ سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن تي قابض ٿي ويا هئا، تن برفت قبيلي سان وڏيون جنگيون جوٽيون.(13) مذڪوره مؤلف اهو بيان ڪري ٿو ته هن مقبري ۾ سن 912هه مطابق 1506ع يعني سمن جي عهدِ حڪومت جو هڪ پٿر به آهي، پر اهو هينئر ناپيد آهي، جيڪڏهن اهو پٿر دٻجي ويو هجي، جيئن ٻيا پٿر هينئر لڪل آهن ته اهو به ممڪن هجي نه ته جيتريون به تاريخيون ملن ٿيون، اهي ٻارهين صدي هجري يعني ڪلهوڙن جي دور سان تعلق رکن ٿيون.

حوالا:

1.    A.F Baillie, Kurra, Past, Present and Future London 1890

2.   J.W Smyth, The Gazetteer of the Province of Sindh, P. 101, London 1906

3.  عوام الناس جي عقيدي مطابق منگهي پير اچڻ کان پهرين، هن هنڌ تي هڪڙي بزرگ جي قبر هئي، جنهن جي شهرت ۽ ڪرامتن جي ڪري ماڻهو نذر و نياز ڪندا هئا، جڏهن منگهو پير هتي پهتو ته هِتان جي ماڻهن سندس ٺٺوليون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ باوجود گهڻي سيءُ جي کيس باهه ٻارڻ نه ڏني وئي. حاجي منگهي پير ڪاوڙ ۾ اچي کين اهڙو ته پاراتو ڏنو جو هو واڳون ٿي پيا. اهو واقعو سلاطينِ دهلي دور جو آهي.

4.  مير علي شير قانع، تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو، ص 634-635.

5.  دشتڪ، شيراز جي انهيءَ محلي جو نالو هو، جنهن محلي ۾ اِهو بزرگ رهندو هو.

6.  تحفة البصارين، سيد لطف الله شيرازي، مطبوعه ڪراچي، سن 1858ع، ص 6

7.  نئين مصر جا پراڻا ورق، ص 242-244

8.  صورة الارض، ص 327

9.  سنڌ جو سيلاني (ڀاڱو پهريون) ڀيرومل مهرچند، 1923ع، ص 34-31

10.             The Grates of India, 1910, P.39

11.              اهڙي قسم جون قبرون جن تي شڪليون چِٽيل آهن، سنڌ جي انيڪ قبرستانن ۾ به موجود آهن، هِتي به عورتن جي قبرن تي زيورن جا نقش ٺاهيا ويا آهن، جيڪي طبعي موت مري ويا، انهن جي قبرن تي سوار وغيره جا نقش چٽيل آهن.

12.             گويا هي اهوئي بولاخان نومڙيو آهي، جنهن جو ذڪر مرزا قليچ بيگ پنهنجي انگريزي تاريخ “History of Sindhs” ۾ ڪيو آهي.

13.             امپيريل گزيٽيئر، ص 104

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org