محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊو جان
محمد
اَندر جنين اَڌ
”امڙ، بس لکئي جو ليک آهي، جيڪي نصيب ۾ لکيل هو،
سو ٿيو آهي…“ (پن جي ٻيڙي جي ڦوڪ سان کنگهه ٿئي
ٿي) ”امان، نياڻيون پرائو ڌن آهن، سانڍي جوان
ڪيونسين، هاڻي الله جي مهربانيءَ سان وڃي گهرن
ڀيڙيون ٿيون.“
نوريءَ جي ماءُ، پاڙي واري مائي ڦاپُل سان حال
اوريا پئي.
”اِي، اَدي آئون پنهنجن مائٽن کي مٺي هئس، پر بابا
کي الائي ڪٿان، ٻئي شادي جو شوق جاڳيو، بس سڱن جي
بدي ۾ آئون پيڙجي ويس، بابا کان ته هُن ڇوري ڀڄي
وڃي ٻيو مڙس ڪيو، اَدي، مونکان اها بي حيائي نه
پُڳي، بس رضا جي راز تي راضي آهيان.“
ڦاپُل پنهنجا سُور پچائيندي چيو.
نوريءَ جي ماءُ اندر جي اُڀام کي، ٿڌي شوڪاري جي
شڪل ۾ ڪڍندي چيو:
”بس ڙي ادي…“ نوريءَ جي پيءَ انهن مُئن ڏوڪڙن
خاطر، ڌيءَ کي انهي 70 سالن جي رئيس وڏل خان سان
پرڻائي ڇڏيائين. هائي هائي، آئون گهڻئي رُنس،
ايلاز ڪيم، پر امان ڏوڪڙن جي چمڪ انڌو ڪري وڌو
هئس، بس، منهنجي مومل جهڙي نياڻي ويئي اوڙاهه ۾…!
۽ پوتيءَ جي پلئه سان اک مان بي وقتائتا نڪتل لُڙڪ
اُگهڻ لڳي.
”اي ادي، رئيس جون ٽي شاديون ته اڳيئي آهن.“
”بس ڙِي ادي، اسان وٽ ڌيءَ پيدا نه ٿئي ته ڀلو
آهي.“
ٻئي پوڙهيون زندگيءَ جا ڏک اوري اوري، پنهنجا غم
پئي ڪڍيائون، نوريءَ جي پيءُ جي اچڻ تي ڦاپُل
پنهنجي گهر ڏانهن رَمندي رهي. نوريءَ جي پيءُ جي
منهن تي پيڙا صاف بکي رهي هئي.
جيئن پاڇوين سج جا پاڇا هجن.
”ڇا ٿيو آهي نوريءَ جا پيءُ؟؟؟ خير ته آهي نه!!“
نوريءَ جي پيءُ ڪنڌ مٿي کڻي زال کي هڪ نظر ڏٺو ۽
پوءِ ڪمري اندر هليو ويو.
”پئسن جي گهُرج اٿئي؟“
”نه.“
”سچي کڻي ڪر، آهن ٻه واليون پيل، کپنئي ته کڻي وڃ،
وڃي بازيون کيڏ!!!“
نوريءَ جي ماءُ، ڪنن مان واليون لاهي، مُڙسهينس جي
اڳيان رکندي چيو.
”نه نوري جي ماءُ نه…“
”پوءِ ٿيو ڇا آهي؟؟ نوري ته ٺيڪ آهي نه!!“
نوريءَ جي ماءُ جو ڌيان هڪدم ڌيڻس ڏانهن ويو هليو.
”نوريءَ جي ماءُ پنهنجي وڍيئي جو، نه ويڄ نه طبيب…
رئيس وڏل خان، نوري کي مار ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو
آهي، مون ڏانهن رئيس جو نياپو آيو آهي ته ڌيءَ کي
وٺي وڃان.“
نوريءَ جي ماءُ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ٿي ويئي.
”توکي گهڻو ئي چيو هئم ته… ، نه ڪر ائين…، پر نوٽن
جي چمڪ تنهنجو دماغ ڦيرائي وڌو، منهنجي نوري……“
اوچتو گاڏيءَ جو گوڙ ٿيو، نوري جو پيءُ هڪدم ٻاهر
نڪتو ته نوري ٻاهر اڪيلي بيٺي هئي ۽ رئيس جي گاڏي
ڌوڙ اُڏائيندي ويئي پئي.
اُجڙيل نوري پيءُ جي سامهون بيٺي هئي.
وکريل وار… مُنهن ۽ بدن تي ڌڪن جا نشان…!
پيءُ ۾ ايتري همت ئي نه ٿئي جو ڌيءُ کي گهر اندر
اچڻ جو چئي سگهي…
”بابا، ڇا آئون اندر اچڻ جي لائق به نه آهيان…؟“
”نه امڙ… نه ڌيئڙي…“
ڌيءُ ۽ پيءُ روئڻ لڳا ۽ نوريءَ جي ماءُ گهر جي در
وٽ بيٺي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.
”امڙ، مونکي هتي اچڻ کان اڳ ۾ موت ڇو ڪونه آيو؟“
نوري ماءُ سان ڀاڪر پائي پار ڪڍي روئڻ لڳي.
”نوريءَ جا پيءُ، پنهنجي لُٽيل راڻيءَ کي ڏس،
استقبال ڪر، گل وٺي اچ نه…“
نوري جو پيءُ ڪنڌ جهڪائي، ٻاهر نڪري ويو ۽ هُو
پنهنجي پير ۾ لڳل ڌڪ کي نهارڻ لڳو، جيڪو ناسور
بنجي ويو هو، ٻه لڙڪ آلا پوڙهي جي اکين مان نڪري
جُهرين ڀريل چمڙيءَ تي ٺٺوليون ڪندا، اچي زمين ۾
ڪِري جذب ٿي ويا.
ڊاڪٽر رضا چانڊيو
ٽنڊو ڄام
حسرتون
هوءَ
چُپ چاپ هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪلينڪ تي ضرور ايندي
هُئي. صرف بلڊپريشر چيڪ ڪرائيندي هُئي ۽ هلي ويندي
هئي. جيسئين سڏ نه ڪجيس تيستائين پنهنجي جاءِ تان
نه چُرندي هُئي چپ چاپ ويٺي هوندي هئي، سندس اکيون
ڊاڪٽر ۾ کُتل هونديون هئس نه ڪنهن سان ڳالهائيندي
هُئي نه مسڪرائيندي هُئي.
هوءَ بدن ۾ ڀريل، قد جي ڊگهي سندس خدوخال ۽ پوشاڪ
مان مونکي سندس جو تعلق ڪنهن پڙهيل لکيل سُٺي
فيمليءَ سان لڳندو هئو.
جڏهن سندس جي اچڻ جو سلسلو ٻن مهينن کان مٿي پئي
ٿيو ته مان سوچڻ تي مجبور ٿي پيس ته سندس سان ڪو
مسئلو آهي. سندس معاملو مونکي پراسرار لڳي رهيو
هو.
هن ڀيري مون دل ۾ اهو پڪو پهه ڪيو ته سندس کان اهو
معلوم ڪجي ته ڪير آهي. ڪٿان ايندي آهي ۽ سندس اچڻ
جو مقصد ڪهڙو آهي. جڏهن ته هر ڀيري سندس جو
بلڊپريشر به نارمل هوندو آهي ۽ هوءَ ڊسپينسر کي
سڏي فيس به پوري ڏئي ويندي آهي.
..... اڄ ڪلينڪ تي معمول کان وڌيڪ رش هُئي هڪ ته
ڪلينڪ تي مان آيو به دير سان هئس ڏاڍو پريشان هئس
ته خدا ڪري سڀ مريض صحيح طرح سان ڏسي سگهان. اڄ هر
مريض تڪڙو ۽ سيريس لڳي رهيو هو واقعي به ائين هئو
الاءِ مونکي ائين لڳي رهيو هو. يا شايد مان ڊسٽرب
هئس!!
مريض تپاسيندي اوچتو مٿي ڪنڌ کنيم ڄڻ ائين لڳو ته
سندس جون نظرون مون تي ئي کتل هيون. ۽ منهنجي
نهارڻ تي آهستي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. جيئن اسٽول
واندو ٿيو ته کيس ڪنڌ جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏيم
۽ ڊسپينسر کي هن کان پئسا وٺڻ کان منع ڪيم!
بلڊپريشر جو پٽو ٻڌندي کانئس پڇيم ته ’ڪٿا ايندا
آهيو....‘ ’چيائين قاسم آباد حيدرآباد مان‘ چيم
صرف بلڊپريشر ڏيکارڻ لاءِ .... چيائين: ’صرف توهان
کي ڏسڻ لاءِ‘ مونکان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. اڃان
ٻيو ڪجهه پڇائنس تنهن وچ ۾ هڪ سيريس مريض اچي ويو
۽ مونکي اوڏانهن وڃڻو پيو...... ڪنڌ ورائي صرف
ايترو ڏسي سگهيس ته ڪاري رنگ جي ڪرولا ڪار جو
پٺيون دروازو کولي ويٺي ۽ سندس جون نظرون مون ۾
هيون. جيئن تيئن ڪري مريض ڏٺم..... گهر آيس سڄي
رات سندس جا چيل لفظ ڪنن ۾ گونجندا رهيا.....
الاءِ ڇو مان سندس لاءِ ڪا راءِ قائم نه ڪري
سگهيس. سندس چيل لفظن مان ڪوبه مطلب ڪڍي نه
سگهيس.... سوچيم ڪنهن سان صلاح ڪريان ان معاملي ۾
ڊاڪٽر ارشاد مونکي بهتر لڳو ڇاڪاڻ ته اهڙن معاملن
۾ ماهر آهي.
ڊاڪٽر ارشاد جو فون ملايم ۽ کيس سڄي ڪهاڻي
ٻڌايم..... ڊاڪٽر وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو ته ”پيارا
اها توکي اصل نه ڇڏي‘ چيم: اول ته منهنجي شادي ٿيل
آهي ٻيو ته منهنجو ڪوبه ارادو ڪونهي..... چيائين
ڪهڙو ٿو فرق پوي آهستي آهستي ارادو ٿي ويندئي. مون
فون بند ڪري ڇڏيو ويتر پريشان ٿي ويس....
لاڳيتو هفتو کن جهڙوڪر مون ڪلينڪ تي سندس جو
انتظار ڪيو پوءِ الاءِ ڇو وري ڪانه آئي....
اڄ جيئن ئي ميٽنگ ختم ڪري حيدرآباد ڊائريڪٽر جنرل
جي آفيس کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته موبائل جي گهنٽي
وڳي. نئون نمبر هئو مون ڪال رسيو نه ڪئي. ٿورڙي
دير کانپوءِ وري ساڳي نمبر تان ڪال هُئي.... پڇيم
ڪير‘ ڪو به جواب نه آيو..... چيم منهنجو آواز نه
وڻيوَ ڇا“ يڪدم جواب آيو..... ’اوهان جو آواز ٻڌڻ
لاءِ ته ڪال ڪئي هئم‘ ۽ ڪال ڪٽجي وئي.... وري نمبر
ملايم ته فون بند هُئي هفتو کن گذري ويو روزانو 6-
5 دفعا ساڳي نمبر تان فون ايندي هئي، پر فون نه
اٽينڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هئم.... منهنجي سوچ
جا پيرا ساڳي ڇوڪريءَ ڏانهن پئي ويا.
ان وچ ۾ هڪ ٻن گهَرن دوستن سان به صلاح مشورو ڪيم
هنن به ائين چيو ته تون سادو ماڻهو آهين. هيءُ ڪيس
تنهنجو ڪونهي. اسان کي سندس جو نمبر ڏي ٽن ڏينهن
اندر توکي رزلٽ ملندي. چيم: ’اهو مناسب ڪونهي.‘ ته
پوءِ تون ڄاڻ تنهنجو ڪم..... پر پاپ نه کڻين ته
سٺو اٿئي..... چيم: ’ڇا مطلب‘ چيائون. هاڻي ايترو
بيوقوف يا ٻار ته تون به نه آهين. هوءَ حيدرآباد
کان ٽنڊوڄام بلڊپريشر ڏيکارڻ جي بهاني سان تو وٽ
اچي ٿي. تنهنجو آواز هن کي وڻي ٿو... ڏينهن ۾ ڏهه
دفعا توکي فون ڪري ٿي..... مطلب وري اسان کان ٿو
پڇين.....!!‘ چيم: يار جنهن طرف توهان سوچيو
ٿا..... هوءَ اهڙي مونکي نٿي لڳي.....
اڄ پورن 15 ڏينهن کانپوءِ..... مريض ڏسندي ڪنڌ مٿي
کڻي ڇا ڏسان ته ساڳي ڇوڪري مون ۾ اک وجهو ويٺي
آهي.... پر اڄ هوءَ مونکي اڳ کان وڌيڪ اداس ۽
ڏکاري ڏسڻ ۾ پئي اچي..... اڄ ڪلينڪ تي مريض به گهٽ
آهن..... سوچيم ته اڄ کائنس دل جي ڳالهه پوري پڇي
ڪندس. مريض به ڏسي رهيو هئس ۽ کائنس پڇڻ لاءِ
سمورا سوال به سوچي رهيو هُئس.... اوچتو ائين
محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪو روئي رهيو هجي......
جڏهن مٿي ڪنڌ کڻي ڏٺم ته.... سندس جون اکيون ڀريل
هيون.. ۽ هوءَ سڏڪي رهي هُئي جڏهن پاسي ۾ ويٺل ٻي
عورت کائنس معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو ٽپ ڏئي
اُٿي بيٺي ۽ بنا بلڊپريشر ڏيکارڻ جي وڃي گاڏيءَ ۾
ويٺي..... هن ڀيري هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نه
ڏٺو.‘
ڪلينڪ بند ڪري جڏهن گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ لڳس ته
ڪمپائونڊر ڊوڙندو آيو.... ۽ کيسي مان هڪ سائي ڪلر
جو لفافو ڪڍي مونکي ڏنائين...... ۽ رازداريءَ سان
چوڻ لڳو ته ’سائين هي لفافو ’هوءَ‘ ڏئي وئي
آهي‘.... چيم ’هوءَ‘ ڪير؟ چيائين سائين هوءَ جيڪا
’توهان کي صرف بلڊپريشر ڏيکاريندي آهي.“ لفافو
وٺندي سوچيم ڇوڪرا ڪيڏا ته هوشيار آهن.....
گهر رَسڻ کان اڳ ۾ ئي گاڏي پاسي تي ڪري جيئن ئي خط
کولي پڙهيم ته منهنجا پير نڪري ويا.... جنهن ۾
لکيل هو ”اڄ کانپوءِ شايد مان وري اوهان جي ڪلينڪ
تي اچي نه سگهان صبح جو منهنجي فلائيٽ آهي ۽ مان
هميشه لاءِ پاڪستان ڇڏيو پئي وڃان..... ڪجهه ڏينهن
مون اوهان کي پريشان ڪيو ان لاءِ معذرت!
محترم ڊاڪٽر صاحب! ’ڪافي پراڻي لڳ ڀڳ ٻن سالن جي
ڳالهه آهي ته هڪ دفعو مان ۽ منهنجي ماءُ ميرپورخاص
کان اچي رهيا هئاسين رستي ۾ امڙ جي اوچتو طبيعت
انتهائي خراب ٿي پئي. الله سائين اوهان کي سدائين
خوش ۽ آباد رکي توهان اسان جي تمام گهڻي مدد
ڪئي... بقول اوهان جي ته امڙ کي دل جو دؤرو پيو
آهي ۽ بلڊ پريشر وڌي ويو آهي.... توهان کان شايد
وسري ويو هجي؟! توهان امڙ جي زبان جي هيٺان هڪ
گوري رکي هئي ۽ هڪ کارائي هُئي... ۽ ڊاڪٽر کي فون
ڪري اوهان اسان جي پارت به ڪئي هُئي.... توهان وٽ
ته ڪافي مريض اچن ٿا توهان کي ڪٿي ياد هوندو. جڏهن
امڙ توهان کي اهو ٻڌايو هو ته توهان جو آواز ۽
صورت منهنجي ننڍي پٽ عادل سان ملي ٿي، جيڪو پڻ
ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ آهي ته توهان امان کان
پئسا به نه ورتا هُئا.
جيئن ته منهنجو پنهنجي ڀاءُ عادل سان تمام گهڻو
پيار هئو.... اسان هئاسين به ته ٻه ئي ڀيڻ ڀاءُ
ٻيو منهنجي امڙ..... بابا سائين ته ڪافي عرصو اڳ ۾
گذاري ويو هو. امان ۽ منهنجي اها حسرت هُئي ته ادا
عادل به ڊاڪٽر ٿئي.... ۽ توهان جيان ڪلينڪ هلائي
ته اکين سان ڏسون، پر ادا عادل ڊاڪٽر ته ٿي ويو،
پر پر قدرت طرفان کيس ڪلينڪ هلائڻ جي مهلت نه ملي.
هائوس جاب ختم ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ويندي روڊ حادثي
۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو... اڄ هن جي وڇوڙي
جي تاريخ آهي. ادا جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ امڙ جي
حالت خراب ٿي وئي سندس دماغ جي رڳ ٽُٽي پئي اسان
جو ته سڄو ماحول ئي ڊانوان ڊول ٿي ويو..... سڀئي
حسرتون ۽ خواب مٽي ۾ ملي ويا....
ڊاڪٽر صاحب توهان ڏي مان پاڻ نه ايندي هئس مون ۾
ايتري همت ئي نه هئي، پر جڏهن به امان ۽ مان تمام
گهڻا ڏکارا ٿيندا هُئاسين ته امان مونکي خاص
موڪليندي هئي ته مان توهان کي ڏسي وڃان.... توهان
جو آواز ٻڌي وڃان ۽ امان جون دعائون توهان کي ڏئي
وڃان.....
ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان جي فون بند هُئي ۽ امان اوهان
سان ڳالهائڻ پئي چاهيو..... پر قسمت کي اهو منظور
نه هئو.... امڙ آخري ڀيرو اوهان سان ملڻ پئي
چاهيو! سڀاڻي اسان جي فلائيٽ آهي.. صبح ٿيندي ئي
اسان پاڪستان ڇڏي وينداسين.
توهان کي صرف اها التجا آهي ته جڏهن به ٻاهران ڪا
ڪال اچي ته پليز اٽينڊ ضرور ڪندا.... متان اها ڪال
اسان
جي هجي.....!
اوهان جي ڀيڻ....
پرويز
حيدرآباد
شبابا....!
ٻهراڙيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ منهنجي رهائشي جاءِ جو
تعميراتي ڪم هلي رهيو هو، اڏاوت جو ڪم مڪمل ٿي چڪو
هو. باقي ٽائيلز ۽ ماربل جي ڪم لاءِ ڪراچيءَ مان
گهرايل ٻه ڪاريگر ۽ 3 مزدور ڪم ڪري رهيا هئا.
مزدورن ۾ هڪڙو 25-26 سالن جو انتهائي خوبصورت ۽
ڀلوڙ نوجوان به هو، جيڪو سندس حُلئي مان ته
ڏيهاڙيءَ وارو رازن سان گڏ ڪم ڪندڙن مزدور ته
لڳوئي نٿي، پر مجبوري ماڻهوءَ کان ڇا ڇا نٿي
ڪرائي. ڪم ڪرڻ وقت ايترو ته توجهه ۽ ڦڙتائيءَ سان
ڪم ڪندو هو جو ٻين ٻن مزدورن کي تِيڪائي ماريندو
هو، پر واندڪائيءَ ۾ ڳالهين جو ڳهير ۽ ڪچهريءَ جو
خان هوندو هو. سندس نالو ذيشان هو. رازا ۽ مزدور
سڀئي اردو ڳالهائيندڙ هئا. منهنجو ڳوٺ ڪراچيءَ کان
ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر پري هو. تنهنڪري هُو سڀئي مون وٽ
ترسيا پيا هئا.
آئون حڪمران پارٽيءَ جو پنهنجي ضلعي جو هڪ برجستو
سياسي اڳواڻ آهيان، تنهنڪري پارٽي اندر ۽ ضلعي
انتظاميه جي سرڪاري ڪامورن تائين چڱي خاصي رهائي
رسائي آهي. منهنجي عمر 40 سال کن آهي. ماڻهن جا ڪم
به پاڻهي ڪريم پيو پورو ڪندو، باقي هُو ويچارا قرب
ڪريو مون وٽ ايندا رهندا آهن ۽ جهڙا ايندا آهن،
تهڙائي سکڻا موٽي ويندا آهن.
ذيشان جهڙو ڪم جو سچار هو، تهڙوئي بظاهر بااخلاق ۽
فضيلت ڀريو نوجوان هو. سندس ڪچهريءَ ۾ ’سندن
روايتي‘ مٺاس اهڙو جو ماڻهو ڀانئجي ته ڪو ويٺو
ٻُڌجيس. هر ڳالهه ۾ کِل خوشيءَ جو ميلاپ شامل ڪرڻ
سندس عادت هئي. منهنجون ساڻس ڊگهيون ڪچهريون
ٿينديون هيون. هُو ڳالهين ذريعي سامهون واري کي
قائل ڪرڻ جو بادشاهه هو. مون کيس مٿس ڪڏهن به،
پاڻيءَ جيترو به شڪ شبهو ڪونه ٿيو ته ڪو هُو جهڙو
ٻاهر آهي، تهڙو اندر ۾ ڪونهي. ڪن ماڻهن جي
دوکيبازيءَ ۾ ايتري ته مهارت هوندي آهي، جو هو
دوکو کائيندڙن جي دلين ۾ رتيءَ برابر به شڪ اُڀرڻ
جي گنجائش ڪونه ڇڏيندا آهن. پنهنجو ايترو ته
اعتماد بحال ڪندا آهن جو ڦرجندڙ ڌُر وٽانئن بار
بار دوکو کائيندي به مٿن شڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه
هوندي آهي. ساڳي طرح ذيشان به اهڙوئي مهارت رکندڙ
دوکيباز هو. مون کي سندس ڪچهريءَ مان مزو ايندو
هو، تنهنڪري ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ اڪثر اسين ٻئي
ڇِت تي چڙهي نويڪلا ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين.
ڪڏهن ڪڏهن هُو مون کي وٽس موجود جديد قسم جي
موبائيل سيٽ ذريعي سندس گرل فرينڊ سان وڊيوڪال
ذريعي ٿيندڙ گفتگو به ٻڌائيندو هو. پنجاب جي ڪنهن
علائقي جي ڏاڍي خوبصورت ۽ نو عمر ڇوڪري هئي. ڪنهن
امير خاندان جي ڇوڪري ٿي لڳي. منهنجي روبرو ذيشان
ان ڇوڪري شبابا سان رڳو پيار ۽ محبت جون ڳالهيون
ڪندو هو، کيس آسرو ڏيندو هو ته ڪجهه ڏينهن ۾ هُو
پنهنجا معاملا سيٽ ڪري وٺندو ۽ پوءِ شادي ڪري آرام
سان آزاد زندگي گذاريندو.
مون وٽ کيس ڪم ڪندي مهينو کن ٿي ويو هو ۽ باقي ستن
اَٺن ڏينهن جو ڪم رهيو هو. هڪ ڏينهن اسين روزاني
جيان ويهي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين، هڪ موقعي تي مون
کي چيائين: ”صابر
صاحب، ایک
بات کرنی
تھی
آپ سے،
لیکن
پتہ نہیں
آپ مجھ پر بھروسہ کریں
گے
یا
نہیں“
ڏاڍي معصوم صورت بنائي منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو.
”چئو، ڇا ڳالهه آهي؟ ڪو مسئلو آهي ڇا؟“ چيومانس.
”ٻيو ته ڪو مسئلو ڪونهي، پر شبابا جا مائٽ شبابا
جي شاديءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. سو شبابا کي خدشو
آهي ته جيستائين منهنجون حالتن ٺيڪ ٿين، تيستائين
متان نه سندس مائٽ ٻئي هنڌ ڳالهه پڪي ڪري ڇڏين.
تنهنڪري هوءَ چاهي ٿي ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو
جلد هُوءَ گهران نڪري مون وٽ هلي اچي، پر مون وٽ
اسان جي گهر ۾ حال هڪيو ايتري گنجائش ڪانهي جو
آئون کيس رهائي سگهان. ڪراچيءَ جا ننڍڙا گهر، سا
ته اوهان کي خبر آهي.“
”ته پوءِ آئون تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
پڇيومانس.
”ٻيو ڪجهه به نه. صرف هڪ ٻن راتين لاءِ اسان کي
هتي، هن ئي جاءِ ۾ پناهه ڏي. هوءَ پنجاب مان سڌي
هِتي ايندي. جنهن ڏينهن ڪم ختم ٿيندو ۽ اسين هليا
وينداسين. آئون وري ٻئي ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جو موٽر
سائيڪل کڻي هِتي ايندس. جيئن ئي شبابا هتي پهچندي،
اها رات هِتي رهي، ٻئي ڏينهن آئون ويجهي شهر ۾
مسواڙي جاءِ وٺي، پوءِ شبابا کي هِتان وٺي ويندس.“
”پر تون پيو چوين ته بنهه غريب آهين. پوءِ تون
مسواڙي جاءِ وٺي، گهر جو سمورو هلٽ ڪيئن هٿ ڪري
سگهندين. هنڌ بسترو، ٿانوَ ٿپا ۽ سيدو سامان
وغيره!“
”مون کي شبابا چيو آهي ته وٽس ٿوري گهڻي گڏ ڪيل
رقم موجود آهي، جنهن مان اسين مهينو ٻه رهي
سگهنداسين. تيستائين آئون پنهنجي لاءِ ڪو روزگار
هٿ ڪري وٺندس، نه ته به، مزدوري ته ڪريان ئي پيو،
گاڏي ڌِڪي وينداسين.“
”پوءِ تون هينئر ئي ڪا مسواڙي جاءِ هٿ نٿو ڪري
وٺين، ۽ جيئن ئي شبابا اچي، تيئن اتي وڃي رهو. هتي
اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ چيومانس.
”هينئر جاءِ جي ڳولا اِنڪري نٿو ڪريان ته شبابا جو
گهران نڪري هيستائين پهچڻ به ته رِسڪ آهي. هوءَ
گهران نڪري به سگهي ٿي يا نه! گهران نڪري هتي پهچي
به سگهي ٿي يا نه! رستي ۾ جهلجي ته نٿي پوي، ۽
جيڪڏهن هوءَ خدا نه ڪري، هِتي نٿي پهچي سگهي ته
پوءِ مسواڙ جا پئسا وغيره ڪٿان ايندا؟“
”پر توکي شايد اِها خبر ڪانهي ته آئون سياسي ماڻهو
آهيان ۽ هِتي منهنجا سياسي مخالف به رهن ٿا.
جيڪڏهن انهن کي کڙڪ پئجي ويئي ته گهران ڀڳل ڇوڪري
مون وٽ پناهه ۾ آهي ته وڏو طوفان کڙو ٿي پوندو.“
مون خدشو ظاهر ڪيو.
”صابر صاحب فقط هڪ ٻن راتين جي ته ڳالهه آهي. هِتي
جي ماڻهن کي ته اِها خبر آهي ته جاءِ جو ڪم هلي
پيو ۽ هِتي رازا رهيل آهن. گهڻو ڪري ته پهرين
ڏينهن ئي ڪم ٿي ويندو، ٻي رات به ڪانه لڳندي.“
ذيشان ايتري اعتماد سان ڳالهه ڪئي، ڄڻ سڀڪجهه سندس
هٿ وس آهي.
ڪاريگرن جو ڪم پورو ٿيو ۽ هُو پنهنجا حساب ڪتاب
چُڪتو ڪري هليا ويا. ذيشان به انهن سان گڏ هليو
ويو، پر ذيشان ٻئي ڏينهن 2:00 وڳي ڌاري هڪ نئين
موٽر سائيڪل تي اچي پهتو. مون کيس جاءِ جي چاٻي
ڏني ۽ پنهنجي ماڻهن کي چيم هڪڙي ڪمري جي صفائي
ڪري، ان ۾ کٽ، بسترو، ٽيبل ڪرسيون، پاڻي جو ڪولر ۽
گلاس ۽ ٻيون ضروري شيون رکي ڏين، پوءِ هُو 5:00
وڳي ڌاري موٽر سائيڪل کڻي ڀر واري شهر ڏانهن ويو،
جتي شبابا پهچڻي هئي. سج لهڻ ۾ باقي ٿوري دير هئي
جو ذيشان هڪڙي عورت سان گڏ اچي پهتو. شبابا سان گڏ
هڪ چڱو خاصو ڪپڙن جو ٿيلهو هو، پر آئون حيران هئس
ته ذيشان رڳو سندس بدن تي پاتل وڳي ۾ ئي هو. ساڻس
گڏ رڳو هڪڙو وڳو به واڌو ڪونه هو. مون کي پهريون
ڀيرو مٿس شڪ ٿيو ته جيڪو ماڻهو مائٽن کان الڳ ٿلڳ
ڏيڍ سئو ڪلوميٽر پري، ٻئي شهر ۾، نئين گهر ۾ رهڻ
ٿو چاهي، سو هڪڙي وڳي ۾ ڪيئن رهي سگهندو؟ ۽ جيڏي
مهل آئون سان ملڻ وٽن ويس، ته هڪدم چهڪندي شبابا
کي چيائين ”یہ
صابر بھیا
ہیں
اور
یہ
شبابا ہے“
اسان جو هُن مختصر تعارف ڪرايو. ۽ هيءُ ٻيو موقعو
هو جو شڪ مون کي چڪ هنيو. ذيشان اڳي مون کي صابر
صاحب چئي مخاطب ٿيندو هو ۽ هن مهل شبابا جي اڳيان
هن مون کي صابي ڀيا چيو هو. صابر صاحب مان صابر
ڀيا ٿي وڃڻ مون کي سمجهه ۾ ڪونه آيو. خير، آئون
مختصر دعا سلام ڪري، ضرورت جي شين جو پڇي هليو
آيس، پر اچڻ سان ئي پنهنجن ماڻهن کي اچي خبردار
ڪيم ته هو سڄي رات سخت پهرو ڏين ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ
۾ منهنجي موڪل کانسواءِ ذيشان کي ڪيڏانهن به وڃڻ
نه ڏين. جيڪڏهن ذيشان اهڙي ڪوشش ڪئي ته کيس پڪڙي
واڙي واري ڪمر ۾ ٻڌي ويهارين، ۽ منهنجو خدشو صحيح
نڪتو. اَسر مل ذيشان در کولي موٽر سائيڪل سميت
ٻاهر نڪتو. وٽس پلاسٽڪ جي چڱي خاصي ڪاري ٿيلهي پڻ
موجود هئي. منهنجا ماڻهو مٿس چڙهي ويا ۽ ڀڄڻ کان
اڳ ۾ کيس کنڀي کڻي ويا ۽ ٻڌي ڪمري ۾ بند ڪري، اچي
مون کي اطلاع ڏنائون ۽ ڪارو شاپر به منهنجي حوالي
ڪيائون.
صبح جو 8:00 وڳي ڌاري واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ جاءِ ۾
ويس. مون کي ايندو ڏسي شبابا ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر
نڪتي ۽ روئندي چيائين: ”صابر
بھائی،
ذیشان
کہاں
ہے،
اور میرے
زیورات
اور نقدی
جو اس بیگ
میں
تھی،
کچھ بھی
تو نہیں
ہے“
هوءَ سخت پريشان هئي ۽ لاڳيتو روئي رهي هئي.
”ڇا....؟ ذيشان ڪونهي؟ توکي ٻڌائي ڪونه ويو آهي
ڇا؟“ مون اڻڄاڻ بڻجندي پڇيو.
”اسين رات دير تائين جاڳياسين پئي ۽ اڳتي جي زندگي
گذارڻ بابت صلاح مصلحت پئي ڪئيسين. رات جو پويون
پهر هو جو مون کي ننڊ اچي وئي. هاڻي ٿورو اڳ ۾ اک
کُلي ته ڏٺم ته ذيشان به ڪونهي ۽ منهنجي بيگ ۾ پيل
15 لک جا زيور ۽ 15 لک روڪڙا، جيڪي آئون سندس چوڻ
تي گهران چورائي کڻي آئي هئس، تن مان ٽڪو به
ڪونهي.“ شبابا بدستور روئندي رهي.
”پر تو هڪ اڻڄاڻ ماڻهوءَ جي چوڻ تي هيڏي ساري
ملڪيت کڻي آئينءَ. تو اِهو ڪونه سوچيو ته توسان
دوکو به ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ رقم جي ڪري تنهنجي
حياتي به وڃي سگهي ٿي!“
”صابر
بھائی،
مجھے
تو ذیشان
نے
بتایا
تھا کہ وہ آپکے
چھوٹے
بھائی
ہیں“
۽ اوهان ٻئي گڏجي هيءَ جاءِ ٺهرائي رهيا آهيو.
تنهن ۾ اوهان جو گهڻو پئسو لڳي ويو آهي. تنهنڪري
آئون گهران چڱي خاصي رقم کڻي اچان ته جيئن شادي
وغيره جي خرچ کي منهن ڏيئي سگهجي. هُن ته مونکي
اهو به ٻڌايو هو ته اوهان ۽ اوهان جي گهر واري کيس
الاهي ڀانيو ٿا ۽ هيءُ قدم به اوهان جي رضامندي ۽
سهڪار سان کڻي رهيو آهي. هُن اِهو به ٻڌايو هو ته
اوهان جي وڏي زمينداري ۽ وڏي سياسي حيثيت آهي.
تڏهن ته آئون ڀروسو ڪري گهران نڪتي آهيان. صابر
ڀاءُ ذيشان منهنجو سامان توهان وٽ ته ڪونه کڻي
رکيو آهي؟ پاڻ ويو ڪيڏانهن آهي؟“ شبابا سُڏڪندي
چيو.
شبابا ته ذيشان جي گُم هجڻ جي صدمي ۾ بيحال هئي،
پر منهنجون به وايون بتال ٿي ويون هيون. شبابا ته
کڻي نوجوانيءَ جي جذبات کان وهلورجي ذيشان جهڙي
خوبصورت نوجوان تي فدا ٿي، هن مڪار، ٺڳ ۽ دوکيباز
جي مِٺين مِٺين ڳالهين ۾ اچي دوکو کائي ويئي. پر
هُن مون کي به ڳالهين ۾ مُنجهائي ڀلائي، بيوقوف
بڻائي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هيءَ هچا منهنجي
ڳچيءَ ۾ ڦاسائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. جڏهن
سڄي حقيقت سامهون آئي ۽ سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي
ويئي، تڏهن مون وڌي شبابا جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ کيس
سڄي حقيقت کان واقف ڪيو ته پاڻ ٻنهي سان دوکو ٿيو
آهي. هُو نه منهنجو ڀاءُ آهي ۽ نه هِتي جو رهاڪو.
هُو ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ آهي ۽ آئون سنڌي
آهيان. هُو ته ڪراچيءَ مان آيل ڪاريگرن سان گڏجي
هتي مزدوري ڪرڻ آيو هو، ۽ پوءِ مون کي اعتماد ۾
وٺي هِتي فقط هڪ يا ٻن راتين رهڻ جي اجازت ورتي
هئائين ته جيئن هو شهر ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي اتي
وڃي رهي. هاڻ جيڪا تنهنجي مرضي هجي، تيئن ڪريون،
پوليس کي اطلاع ڏيڻ چاهين ته گڏجي ٿاڻي تي هلون.
جيڪڏهن واپس گهر وڃڻ چاهين ته تنهنجي واپسيءَ جو
بندوبست ڪريان. يا اڃان به جيڪا تنهنجي مرضي هجي.
تون ڀلي ٿڌيءَ دل سان سوچ ويچار ڪر. جيستائين ڪو
فيصلو ڪري وٺين، تيستائين تون هلي منهنجي گهر
منهنجي ٻچن سان گڏ رهه. باقي ذيشان پاڻ سان دوکو
ته ڪري ويو آهي، تنهن کي ڇڏبو ڪونه!“ مون ڄاڻي
واڻي ذيشان کي پڪڙڻ واري ڳالهه لِڪائي رکي.
”اوهان ٿا چئو ته ذيشان پاڻ ٻنهي سان دوکو ڪري ويو
آهي، پر آئون اعتبار ڪيئن ڪريان. ٿي سگهي ٿو ته
منهنجا زيور ۽ پئسا ڦٻائڻ لاءِ اوهان ئي ذيشان کي
گُم ڪري هيءُ ڊرامو رچايو هجي. ڇو ته ٽيهن لکن جي
وڏي رقم آهي. ماڻهو ته 30 هزارن لاءِ به ماڻهوءَ
کي ماريو ڇڏين.“
”ها، تون سچ ٿي چوين، ائين به ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري
تو جهڙي نادان ڇوڪريءَ سان ته ائين ٿيڻ به گهرجي،
جيڪا پنهنجي ماءُ پيءُ، ڀائرن ڀينرن، مٽن مائٽن ۽
سڄي برادريءَ جي عزت ڌوڙ ۾ ملائي پنهنجا قدم گهر
جي چانئٺ کان ٻاهر ڪڍي ٿي، ها، واقعي آئون به
تنهنجي انهيءَ غلط قدم جي ڏوهه ۾ حصيدار آهيان.
ها، واقعي مون ذيشان جي راويتي چرب ٻانيءَ تي
اعتبار ڪري، سندس منافقيءَ کي نه سمجهندي، سندس
ڪوڙي پيار کي سچو سمجهي اوهان کي اڄوڪي رات پاڻ وٽ
رهائڻ جو ڏوهه ڪيو آهي، پر ان کان اڳتي ڪجهه به نه
ڪيو آهي، تنهنجي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ خود ذيشان ئي
توسان دوکو ڪيو آهي ۽ مون کي به استعمال ڪيو آهي.
هُن جي موٽر سائيڪل کڻي اچن ته رات جو جيڏي مهل به
کيس موقعو ملي ته ڀڄي وڃي ۽ هڪڙي وڳي ۾ اچڻ ظاهر
ٿو ڪري ته کيس رات وچ ۾ ئي واپس وڃڻو هو. هن کي
توسان نه پر تنهنجي ملڪيت سان محبت هئي. هاڻي
منهنجي صلاح آهي ته پاڻ گڏجي ٿاڻي تي هلون. پوءِ
تون مرضيءَ واري آهي ته منهنجي خلاف ذيشان کي گُم
ڪري ملڪيت ڦٻائڻ جو ڪيس داخل ڪرائي. يا ذيشان تي
دوکيبازي ۽ رقم کڻي ڀڄڻ جي ايف.آئي.آر داخل ڪرائي.
يا تون پنهنجي خلاف پنهنجي گهران زيور ۽ روڪ رقم
چوري ڪري گهر ڇڏي ڀڄڻ جي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي.
آئون هر ڳالهه ۾ توسان ٻڌل آهيان. ڇو ته نه هن کان
اڳ ۾ توسان دوکو ڪرڻ جي منهنجي نيت هئي، نه هينئر
آهي ۽ نه ئي ڪڏهن آئون سوچي به سگهان ٿو. باقي
ذيشان جيڪو منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي، تنهن
جو حساب ته ساڻس ضرور ڪبو ويندو ڪيڏانهن؟“
جڏهن شبابا سڄي صورتحال کان واقف ٿي، تڏهن اول ته
ساڻس دوکو ٿيڻ، سندس زيورن ۽ ڏوڪڙن جي ڦرجي وڃڻ،
پنهنجي مائٽن کان تڙجي وڃڻ ۽ هيئن دربدر ٿيڻ تي
پار ڪڍي روئڻ لڳي. آئون کيس روئندو ڇڏي ٿورو پرڀرو
وڃي ويهي رهيس، ڪجهه دير روئڻ ۽ سُڏڪا ڀرڻ کان
پوءِ هُن پنهنجا ڳوڙها اُگهيا ۽ اچي منهنجي ويجهو
بيٺي ۽ چيائين:
”صابر صاحب، جيڪو ڪجهه مون سان ٿيو، سو ٿي چڪو.
اِهو سڀڪجهه مون سان ٻئي ڪنهن ڪيو يا مون پنهنجو
پاڻ، پاڻ سان ڪيو، پر ٿي چڪو. پر هاڻ منهنجي ڪجهه
مدد ڪريو.“
”پر آئون توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟ توهان
ڇا ٿيون چاهيو؟“
”صابر صاحب، اِهو ته طئي آهي ته جيڪڏهن آئون موٽي
مائٽن ڏانهن ويس ته هو مون کي ڏسندي ئي ماري
ڇڏيندا. ڇو ته اِها اسان جي برادريءَ جي پراڻي
روايت آهي ته جيڪا ڇوڪري گهر کان ٻاهر پير ڪڍي ٿي،
تنهن کي هٿ اچڻ تي ماري ڇڏيندا آهن. ۽ ذيشان، جنهن
مون سان هيڏو سارو دوکو ڪيو آهي، تنهن کي وري به
وڃي ڳولي لهان، اهڙي غلطي آئون ٻيهر ڪانه ڪنديس.
تنهنڪري جيڪڏهن اوهان مون کي پاڻ وٽ ئي رهايو ۽
پناهه ڏيو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي. ٻي صورت ۾
پاڻ ئي پاڻ کي مارڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه گَس مون وٽ
ڪونهي بچيو.“ هُو پُرعزم هئي.
”جڏهن تون اسان تي شڪ ڪري سگهين ٿي ته ٿي سگهي ٿو
ته ذيشان کي گُم ڪري اسان تنهنجو سامان چورايو
هجي، ته پوءِ اسين توتي اعتبار ڪيئن ڪريون ته متان
نه تون پنهنجن سڳن مائٽن جي گهر وانگر اسان جي گهر
کي به نه ٻُهاري ڏيئي وڃين! ڇو ته اهڙا واقعا
اخبارن ۾ ڇپبا رهندا آهن.“
”ها صابر ڀاءُ، اهو صحيح آهي ته مون پهريون غلط
قدم کڻي پنهنجو اعتبار وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻي آئون
قابل اعتبار نه رهي آهيان. آئينده ڪوبه غلط قدم نه
کڻڻ جي لاءِ مون وٽ ڪابه ضمانت ڪانهي. ڪوڙو ماڻهو
پنهنجي بچاءُ لاءِ ڀلي ڪيترا به قسم ويساهه ڏي، پر
ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. سو مون وٽ به ٻي ڪابه
شيءِ ڪانهي، جيڪا ضمانت طور ڏيئي سگهان. باقي آئون
پنهنجي پاڪ عزت جو قسم کڻي ايترو چئي سگهان ٿي ته
جيستائين منهنجي سِسيءَ ۾ ساهه هوندو، تيستائين
اوهان ۽ اوهان جي خاندان سان وفادار رهنديس. اوهان
جي ئي مرضيءَ مطابق زندگي گذارينديس. بس اِن ڳالهه
کان وڌيڪ مون وٽ ٻي ڪابه ضمانت ڪانهي.“ ۽ هُوءَ
ڍِڪون ڏيئي روئڻ لڳي.
”چڱو ٺيڪ آهي. تون هل ۽ هلي منهنجي ٻچن سان گڏجي
رهه. اِن ڳالهه کي پوءِ ڏسنداسين. پهرين ذيشان سان
هٿ هٿ ڪري وٺون.“ ائين آئون کيس وٺي گهر آيس ۽ گهر
وارن کي شبانا جي باري ۾ مناسب هدايتون ڏيئي ٻاهر
هليو ويس.
مون سِڌي طرح ايس.پي صاحب سان فون تي رابطو ڪيو ۽
مختصر نموني ۾ سڄي واردات کيس سمجهائي ۽ کيس گذارش
ڪئي ته اِن مسئلي جو ڪو حل ڪڍي. ايس.پي صاحب چيو
ته ”تون فڪر نه ڪر. جيڪا شيءِ جيئن آهي، ائين ئي
رهي. آئون رات جو 9:00 وڳي توهان وٽ ايندس. پوءِ
وڌيڪ صلاح ڪنداسين.“
۽ رات جو ڏهين وڳي، جيڏي مهل ذيشان، شبابا ۽ چوري
ٿيل سامان ايس.پي صاحب ۽ سندس عملي اڳيان پيش ڪيا
ويا. تڏهن ذيشان وري نئون ڊرامو رچايو، جنهن جو
خدشو شبابا ظاهر ڪري چڪي هئي. ذيشان رڙيون ڪندي
چيو ته ”مون کي ڪمري ۾ زوريءَ کڻي بند ڪيو ويو هو
۽ سامان به انهن چوري ڪيو هو.“ پر جيڏي مهل منهنجي
هڪڙي همراهه موبائيل سيٽ ۾ ڀريل اُها وڊيو ڏيکاري
جنهن ۾ ذيشان شبابا جي ننڊ پئجي وڃڻ جي پڪ ڪري،
پوءِ شبابا جي بيگ مان زيورن ۽ پئسن سان ڀريل ڪارو
شاپر کڻي ٻاهر نڪري ٿو ۽ موٽر سائيڪل گهر کان ڪڍي
ٿو ۽ موٽر سائيڪل چالو ڪرڻ کان اڳ ئي همراهن هٿان
پڪڙجي پوي ٿو. تڏهن ذيشان ڊوڙي پهرين شبابا جي
پيرن ۾ ڪِري ٿو ۽ پوءِ منهنجي اڳيان هٿ ٻڌي معافي
گهري ٿو، پر ڳالهه معافيءَ کان مٿي هئي.
ايس.پي صاحب پنهنجي روبرو شبابا جو اسان جي گهر ۾
رضا خوشيءَ سان رهڻ ۽ اسان جي مرضيءَ مطابق زندگي
گذارڻ وارو بيان رڪارڊ ڪرايو. سندس سامان سندس
حوالي ڪيو ويو ۽ ذيشان جي چڱي خاصي مرمت ڪري موٽر
سائيڪل جي ڦر جي ڪيس ۾ کيس چالان ڪيو ويو.
پنجن مهينن دوران شبابا جي گهر ۾ چال چلت جي پڪ
ڪرڻ کان پوءِ ڇهين مهيني ۾ کيس منهنجي ننڍي ڀاءُ
شاهد سان کيس پرڻايو ويو.
مون پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل، قطعي، نظم، ڪافي ۽
ڏوهيڙن وغيره کان علاوه قومي جذبات وارا نظم به
لکيا، 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، آل سنڌ
قومي ترانه جو مشاعرو ڪرايو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي
شاعرن حصو ورتو ۽ مون به هڪڙو نظم (اي وطن اي جانِ
من) لکيو جيڪو منهنجي خيال مطابق بيحد سٺو نظم هو
۽ انهيءَ کي ڪهنه مشق شاعرن تمام گهڻو پسند ڪيو.
اتفاق سان اهو نظم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ويو ۽ ان
وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر جي اهليه بيگم نياز مون
کي باقاعده پهريون انعام ڏنو، آءٌ نهايت، نهايت
خوش ٿيس، ان کان پوءِ چند مختلف شاعرن، خاص طرح
سان هڪڙي دوست جنهن جو تعلق سکر سان آهي، انهيءَ
سخت تنقيد ڪئي! چيو ويو ته ”مون اهو نظم پاڻ نه
لکيو آهي، ڪنهن کان لکرايو آهي، طرفداري ڪئي ويئي
آهي، ججن جو پئنل جيڪو هو سو طرفدار هو ۽ ٻين جو
حق ماري مون کي غلط نموني سان پهريون انعام ڏنو
ويو آهي.“ مون کي ان جو شديد ڏک پهتو ۽ مون تي ان
جو ايترو اثر ٿيو جو انهيءَ کان پوءِ قومي نظم،
قومي غزل يا قومي جذبات تي ٻڌل ڪجهه به لکڻ ڇڏي
ڏنم.
هڪڙي دفعي ”ڄام ڏاتار“ تي سائينِ وڏن جي سالگره
مبارڪ ملهائي وئي ۽ هڪ شاندار مشاعري جو پڻ اهتمام
ڪيو ويو هو، انهيءَ وقت مون هيءَ ڪافي لکي
”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ ۽ جرات اِها
ڪيم جو قبلا سائينِ کان اصلاح ڪرائڻ بغير ئي ڪافي
مصري فقير کي ڏنم ته محفل ۾ ڳائي، مشاعري دوران
قبلا سائين، ميون محبوب علي، گرامي صاحب، اسد الله
شاهه، احسن الهاشمي، فقير سرشار عقيلي وغيره اسٽيج
تي ويٺل هئا، پر مشاعري ختم ٿيڻ تي قبلا سائينِ
سان گڏ سامهون وڃي ويٺا (مون لاءِ سائينِ حڪم ڏنو
ته آءٌ اسٽيج تي ئي ويٺو هجان) محفل شروع ٿي، جنهن
مهل انهيءَ ڪافيءَ جو وارو آيو ۽ مصري فقير اِها
ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪافي ڏاڍي لڳي، مون ماٺ ڪري
اسٽيج تان جائزو پئي ورتو ته رد عمل ڇا آهي، ڏٺم
ته سائينءَ جن ڪافيءَ کي تمام گهڻو پسند پئي ڪيو ۽
محسوس ٿيو ته ميون محبوب علي
۽ گرامي صاحب وغيره هڪ ٻئي ۾ چه مگويون پيا ڪن ته
اهو ڪلام ڪنهن جو آهي، جڏهن ڪافي پوري ٿي ۽ نالي
واري مصرع آئي ته سائينءَ جن پڇيو ته اهو ڪنهن
جوڪلام آهي؟ جڏهن معلوم ٿيو ته اهو ڪلام منهنجو
آهي ته قبلا سائينءَ جن اسٽيج تي چڙهي آيا اچي
منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون ”بابا،
واهه جي ڪافي لکي اٿئي! اسان جو سڄو ڪلام وٺ ۽ اها
ڪافي اسان کي ڏئي ڇڏ“؛ قبلا سائينِ طرفان ايڏي
سنَدَ ملڻ تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي.
مخدوم محمد امين ’فهيم‘
رسالو ’مهراڻ‘ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ خاص نمبر
تان کنيل
|