ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’سنڌي‘
بلڙي شاهه ڪريم
ٽنڊي محمد خان ضلعي مان گذرندڙ آڳاٽا وهڪرا
سنڌو درياءَ ايترو قديم آهي، جيتري اسان جي پنهنجي
سنڌ. پاڻي جياپو آهي، انسان، توڙي هر جيو نباتات ۽
حيوانات جو، بلڪ ڌرتي به پاڻيءَ سان اُڃ اُجهائي
ٿي ۽ پوءِ جيڪي سندس اندر ۾ پوشيده هوندو آهي.
اُهو اُڀري پوندو آهي. پوءِ ان جي اوڀڙ جي سُرهاڻ
۽ سڳنڌ پوري ڪائنات تي پکڙجي ويندي آهي. اسان جو
سنڌو درياءَ به پورالو آهي. ڪڏهن موج ۽ مستي ۾ اچي
ٻيلا ۽ ٻنيون ٻوڙي ته وري ڪڏهن ڪنڌيءَ سُڪائي
ڪانَهنَ. سو سنڌو درياءَ به پنهنجا رخ مختلف دؤرن
۾ بدلايا آهن. تاريخ جي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته، اڳي
جڏهن درياءَ کي پاسن کان بند يا ڪا جهل پل ڪونه
هوندي هئي ته، جيڏانهن رخ ڪيائين ته درياءِ بنجي
ويو.(1) هڪ روايت جيڪا تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي
ته درياءَ بادشاهه پنهنجو موجود رخ 1758ع ۾
بدلايو.(1) (2) تاريخ جنت السنڌ ۾ آهي ته، سنڌوندي
وقت بوقت، پنهنجا جدا جدا وهڪرا بدلايا آهن.“ مؤرخ
ايلفنسٽن جي حوالي سان بيان آهي ته، دنيا ۾ اهڙي
ٻي ڪابه ندي ناهي، جنهن هن درياءَ وانگر پنهنجو
وهڪرو بدلايو هجي.(2) غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾
سنڌو درياءَ پنهنجو رخ 59-1758ع ۾ بدلايو. 1542ع
کان ويندي ارڙهين صديءَ جي وچ تائين سنڌو ٽنڊي
محمد خان شهر کان ٽي، چار ميل اوڀر کان وهندو
هو.(3) ٽنڊي محمد خان کان چار پنج ميل يعني فتح
باغ ۽ جوڻ واري پاسي کان. ان پاسي جيڪو درياءَ
وهندو هو، ان کي نصرپور وٽ سانڱري يا سانڱورو
درياءَ چوندا هئا ۽ فتح باغ، جوڻ ۽ بدين جي طرف
وهندڙ کي ريڻ درياءَ چيو ويندو هو. اهو درياءَ
جڏهن اُتان وهندو هو ته، انهن ماڳن جي وڏي هاڪ
هوندي هئي. اهي علائقا سرسبز ۽ آباد هئا. آڳاٽي
چوڻي آهي ته، ”نرت نورائي، نصرپور، ڦل فتح باغ هلي
ڏس جوڻ، جتي آهي ڪپهه جو واپار“ جڏهن همايون
بادشاهه سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو هو ته، اچي جوڻ واري
علائقي ۾ رهيو هو ۽ جڏهن شاهه حسين بيگ ارغون کي
خبر پئي ته، اهو به پنهنجون فوجون وٺي اچي فتح باغ
جي سرسبز علائقي ۾ رهيو. همايون بادشاهه کان جڏهن
سوڀ ماڻيائين ته، هن علائقي کي کڻي فتح باغ جو
نالو رکيائين.“(4) هن کان اڳ ۾ شايد هن علائقي جو
نالو ڪو ٻيو هوندو؟ پر ان بابت ڪابه پڪي ثابت ڪنهن
به ڪتاب ۾ مون ناهي پڙهي. يا کڻي اڳئي ان جو نالو
فتح باغ هجي؟ ته اهو نالو ڪٿان آيو يا اهو فتح باغ
ڪنهن جو هو؟ البت فتح پور ديهه جو نالو آهي. جتي
سمان رهن ٿا، اهي فتح پوري سمان سڏجن ٿا، پر پراڻو
ڳوٺ فتح شاهه جي نالي هو، جيڪو اڳتي هلي فتح پور
سڏيو، موجوده فتح باغ ديهه نظريو تعلقي ٽنڊي غلام
حيدر ۾ آهي، مير محمد خان ٽالپر جو مقبرو به اتي
آهي. (فتح باغ واري تاريخي مسجد جا آثار اڃان
موجود آهن). ان تاريخي مسجد جي اولهه طرف، ريڻ
درياءَ جي اولهه ڪپ تي هڪ وڏي دڙي تي مسجد هئي،
جنهن کي ٻيلي واري مسجد چوندا هئا، (جنهن کي هينئر
وري نئين سِر ٺاهيو اٿن) ريڻ درياءَ جي سڪڻ ڪري
اُهي مٿيان علائقا سڪڻ لڳا. پر وري ڦليليءَ جي
قدرتي ڦاٽ سبب سرسبز آباد بڻيا. موجوده درياءَ
جيڪو پنهنجو نئون رخ ڪيو. اهو حيدرآباد کان اولهه
طرف جبلن جو ڪنارو ورتو ۽ اوڀر طرف لٽياسو ۽ ڪچي
هئڻ ڪري، ڪيترائي نوان وهڪرا ٺهيا ۽ وڏي مؤج سان
وهڻ لڳا، اُهي وهڪرا هي آهن:
(1) گوني يا ڦليلي:
هيءُ تمام آڳاٽو وهڪرو، جيڪو ٽنڊي جي وجود کان اڳ
جو آهي، ٽنڊومحمد خان 1791ع ۾ قائم ٿيو. ان کان 33
سال اڳ درياءَ پنهنجو رخ 1758ع ۾ بدلايو. ان حساب
سان ڏٺو وڃي ته، يعني ڦليلي 40 سال اڳ وهندڙ
هوندو؟ باقي اها خبر نٿي پوي ته ان جي شروعات يعني
مُنهن ڪٿان هو؟ تاريخ جي ڪتابن ۾ آهي ته ”هي وهڪرو
گاجا واهه کان مٿي ڦليلي، ۽ گاجا واهه کان هيٺ
گوني سڏبو هو. منجهس ٻيڙيون هلنديون هيون، پراڻن
نقشن ۾ به گوني تعلقو سڏبو هو“ گوني ڦاڪ جي ايڏي
ته اهميت هئي جو غلام شاهه ڪلهوڙي کي حيدرآباد جي
قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو.
روايت آهي ته، اها گوني موجوده حيدرآباد جي اڀرندي
پاسي کان ٿيندي هٽڙي وٽان درياءَ مان وهندي هئي ۽
چون ٿا ته دٻي واري جنگ جنهن ۾ هوشو شيدي شهيد ٿيو
هو، اها ان جي وارياسي پيٽ ۾ لڳي هئي. (والله
اعلم).
ڦليلي بابت لوڪ گيت:
’ڦليلي ڦُل ڇاڻيا، آيا باغ ڌڻي.‘
ٻيو لوڪ گيت:
’گونل تنهنجي ڪپ تي ليمان پوکيم لک.‘
گوني بابت ابراهيم منشي جو:
گوني پيڃاري نياڻيون، ٻئي متي مهراڻ جون،
لاڙ سان لائون لڌائون، لهريون ڏيئي لالاڻ جون.(1)
سرويچ سجاولي وري سڄي مهراڻ لاءِ چيو:
جنگ الفردوس ٻئي ڪنديون مهراڻ جون،
ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون.
(2) اَڇ ڍنڍ:
هيءَ به درياءَ جي ڦاڪ آهي، جيڪا هاڻ ڍنڍ جي صورت
۾ اڄ به موجود آهي. کوکر کان پڪو رستو عالي جهرڪ
ڏي ويندڙ ان جي ٻنهي طرف اها ڍنڍ اچي وڃي ٿي.
(3) عليپور شيخان ڦاڪ:
هي وهڪرو ملاڪاتيار جي ڏکڻي پاسي کان لنگهي علي
پور کان ٿيندو اڳتي موجوده نئين گوني ڪراس ڪري،
ٽنڊي محمد خان کان لاکاٽ روڊ ويندڙ بس اسٽاپ وساڻ
۽ زئور ڳوٺ جي ڏکڻ طرف وڃي ٿو. اڄ ان جا نيشان ۽
واريءَ جا دڙا موجود آهن.
(4) ڊنڍي وٽان گذرندڙ ڦاڪ:
هيءَ ڦاڪ ڊنڍيءَ جي تاريخي ’مسجد جيڪا سمن ڄامن جي
دؤر جي آهي.‘ (ان جي اولهه طرف پراڻو سومرن جي
جوپڊ حسن بروهيءَ ان پڊ مان 711هه وارو پتل جو سڪو
هٿ آيو هو، جيڪو هن (راقم) به ڏيکاريو هو) جي اُتر
طرف کان لنگهي الهيار ترڪ ڳوٺ جي ڀرڏي وري موجوده
نقرجي فارم جي آفيس جي اوڀر کان لنگهي ڏکڻ طرف وڃي
ٿي. ان جا نيشان موجود آهن، هن جي هڪ حصي کي
الهيار ترڪ ڍنڍ ۽ ٻئي حصي کي قناداڻي ڍنڍ چيو وڃي
ٿو.
(5) ڏاڏون وٽان لنگهندڙ ڦاڪ:
هن ڦاڪ جو هاڻ ته ڪوبه نيشان ناهي، پر شاه
ڪريم جي رسالي بيان العارفين ۾ ان جو ذڪر هن ريت
آهي: ”هڪڙي خادم چيو ته هڪ ڀيري آئون ۽ هڪ ٻيو
مريد ٻيڙيءَ تي سوار ٿي، ڏاڏون ڳوٺ ۾ اچي لٿاسين ۽
رات جنهاڻ جي ڳوٺ ۾ ترسياسون.“(6) (شاهه ڪريم
944هه-1032هه) ياد رهي ته شاهه ڪريم رحه ارغونن جي
دور جو هو، ان دور ۾ ڏاڏون وٽان به ڦاڪ وهندي هئي.
جنهن ۾ ٻيڙيون هيون ۽ ڏاڏوري پتڻ به مشهور هو، جو
روايت آهي ته جڏهن شاهه لطيف کي پنهنجي وڏي ڏاڏي
ميين ڪريم جو مقبرو جوڙائڻ جو خيال آيو ته، پنهنجي
دوست درويش ڏاتار ڏني کي وٺي ملتان آيو. ان بابت
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”شاهه لطيف
درويش ڏاتار ڏنو جيڪو ملتان جي بزرگن جو خاص خليفو
۽ مريد هو“ کيس وٺي ملتان مان شاهه ڪريم جي روضي ۽
مسجد لاءِ سِرون کڻائي آيو.“(7) اهي سِرون ڏاڏوري
پتڻ تي ۽ اُتان بلڙي شاهه ڪريم آيون. شاهه ڪريم جي
روضي تي ٻه سال ڪم هليو ان وقت جي سر جنهن تي هجري
سن 1156هه لڳل آهي. اها سِر محفوظ آهي، يعني اهو
ڪم 1743ع ۾ پورو ٿيو، شاهه لطيف جو وصال 1752ع ۾
ٿيو آهي ان جي وصال کان 6 سال پوءِ هي باقاعدي
درياءَ 1758ع وجود ۾ آيو آهي.
(6) پناهه واهه:
هيءَ به ڦاڪ هوندي هئي. اها ڦاڪ به مٿي
درياءَ جي ڪنهن ڦاڪ مان وهي ايندي هئي، موجود شهر
درگاهه جي اُتر طرف ان جا نيشان جيڪي کاڻ جي صورت
۾ موجود آهن. ان پناهه واهه تي خود شاهه ڪريم جو
نار هلندو هو ۽ ان پناهه واهه جو ذڪر شاهه ڪريم جي
رسالي جي (ص 293) تي اچي ٿو.(9) پراڻن نقشن ۾ به
ان پناهه جو ذڪر موجود آهي.
(7) گونگڙو واهه:
هن کي ڪارو گونگڙو به چيو وڃي ٿو، موجوده شهر
بلڙيءَ کان اوڀر پاسو ڏيئي، باغ سرائي کان ٿيندو
موجده کور واهه بلڙي رستو ڪراس ڪري وڃي سمنڊ ۾
احمد وٽان ڇوڙ ڪندو هو. ان ڪاري گونگڙي جا نيشان
اڄ به موجود آهن. ان جو ذڪر شاهه ڪريم جي رسالي ۾
پڻ ملي ٿو. جسودڻ راجا وارو پيٽهل ڍوري جو ذڪر
شاهه لطيف سُر ڏهر ۾ هن طرح ڪيو آهي:
پٽيهَلَ تو ۾ پُورُ، اڳيون ناهي آب جو،
سُڪنِہِ ڪهڙي سُور، پيئي واري وچ ۾.
(8) مولچند ڦاڪ:
هي پڻ آڳاٽي ڦاڪ هوندي هئي، جنهن کي مولچند واهه
به چوندا هئا، اهو موجوده جنهاڻ سومري کان اُتر ۽
اوڀر هوندو هو. هينئر ان جا ڪي به نيشان ڪونه آهن.
البت ڳوٺ ساجن سومري ڏاڏون موريءَ جي ويجهو ڍنڍ جي
صورت ۾ هڪ وڏي ڍنڍ آهي جيڪا ان جي پاڻيءَ سان
ڀرجندي هئي ۽ ڪي چون ٿا ته اها خود ڍنڍ به درياءَ
جو وهڪرو هو، هن وقت اها ڍنڍ موجود آهي، منجهس مڇي
جام ٿئي ٿي.
(9) ڌڌڪو:
هيءَ به درياءَ جي ڦاڪ هوندي هئي، ڊاڪٽر غلام علي
الانا مولچند واهه ۽ ڌڌڪي واهه جو ذڪر (لاڙ جي
ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جي ڪتاب ۾ ص 388 تي) ڪيو آهي.
البت ڌڌڪي کي ڏاڏڪو ڪري لکيو اٿس. (پر هتي ڌڌڪي
واهه جي نالي سان گهڻو مشهور آهي. (والله واعلم)
هن ڌڌڪي تي ماڻهو، نارَ ۽ هُرلا چاڙهي آباديون
ڪندا هئا. ڪوٽ عالمون جڏهن تعلقو هو ته ان جي حد
ڌڌڪي تائين هوندي هئي، اهو ڌڌڪو واهه بلڙي ۽ ٽنڊي
محمد خان رستي کي جاڙا واهه کان اُتر طرف ۽ ڏاڏون
بس اسٽاپ کان ڏکڻ طرف ڍٽ شاخ کان ڪراس ڪري ٿو.
(10) ڦٽو ڦاڪ:
تحفة الڪرام ۾ هن ڦٽي بابت بيان آهي ته ’ڦٽو هڪ
مشهور ڦاڪ آهي(9)‘. آئون محترم استاد مختيار
نظاماڻي، جڏهن شيخ ڀرڪيو بابت معلومات لاءِ
وياسين، جنهن جو احوال مهراڻ 2/2010ع ’حديقة
الاولياءَ جي سنڌي ترجمي ۾ غلطيون‘ جي عنوان ۾
موجود آهي. هن ڦٽي ڦاڪ جا نيشان ويَريءَ جي ڪوٽ وٽ
واريءَ جي دڙن جي صورت ۾ ڏٺا هئا. اهو ڦٽو ريڻ
درياءَ مان نڪرندو هو. جيڪو سماوتي پرڳڻي کي آباد
ڪندو هو. موجوده ان جا پار پتا هن ريت آهن: اهو
ڦٽو راڄو نظاماڻي کان مٿي ڀرڳڙي ڳوٺ کان لنگهي
ويري ڪوٽ ۽ پيرو لغاري وٽان گذري ٽنڊي سائينداد جي
اوڀر کان لنگهي وڃي ٽنڊي غلام علي نڪري ٿو. ڦٽِ
بابت ٻي روايت آهي ته شيخ ڀرڪيو ڪاتيار کان ريڻ
درياءَ مان نڪري ٽنڊي محمد خان کان لنگهي ٻن حصن ۾
روهائجي هڪ ڦاڪ موجود پريل شاهه درگاهه جي اوڀر
کان ڦري وڃي ڪولاب ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪولاب جو
ذڪر شاهه ڪريم واري رسالي جي فارسي متن جي صفحي
301 تي روايت آهي ته ان جي ڦٽي جي ڊيگهه اٽڪل سؤ
ميل هئي“.(10) سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو (ص 16)
ڦٽي جي باري ۾ چوٿين روايت آهي ته، اهو ڦٽو جڏهن
پانڌي واهه ڪراس ڪري ديهه لاکاٽ جي حد ۾ داخل ٿئي
ٿو ته، اتي ان کي لاکاٽ وارو ڦٽو ڪري سڏيندا آهن.
آئون مٿي جن وهڪرن ۽ ڦاڪن جو ذڪر ڪري آيو آهيان.
انهن وهڪرن مان گهڻن جا ته نيشان ميسارجي ويا آهن
۽ ڪن جا نيشان اڄ به ڍنڍون ۽ ڍورن جي صورت ۾ موجود
آهن. ڪاٺوڙ ڍنڍ لڳ جنهاڻ سومرو، هماداڻي ۽ کير ڊهي
ديهه بلڙيءَ ۾ اڄ به ڍنڍون ۽ ڍورا موجود آهن. ٿي
سگهي ٿو ته ڪي ٻيا به وهڪرا، ڦاڪون ۽ ڍورا هجن،
جيڪي منهنجي معلومات کان اوجهل رهيا هجن.
حوالا:
(1)
لاڙ جي ثقافتي ۽ ادبي تاريخ، ڊاڪٽر غلام علي الانا
(2)
جنت السنڌ، رحيمداد خان مولائي شيدائي
(3)
سنڌو جو ڇوڙ وارو علائقو، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو
(4)
حوالو ساڳيو
(5)
حوالو ساڳيو
(6)
بيان العارفين و تنبيہ الغافلين، شاهه ڪريم جو
رسالو
(7)
شاهه جو رسالو جلد 8 ۽ 9، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(8)
بيان العارفين، شاهه ڪريم جو رسالو
(9)
تحفة الڪرام، مير علي شير قانع
(10)
سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو
(11)
ڪجهه واڌارو ’درگاهه پريل شاهه ڏاڏا سائين‘، مصنف:
اميد علي سٺيو متائي.
(12)
مختلف ماڻهن کان روايتون ۽ حقيقتون ورتل.
(13)
مهراڻ 2/2010ع
نئون ڪتاب
ڪتاب: سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي
جي دور جون علمي، ادبي، سياسي ۽ مذهبي حالتون
تحقيق ۽ تحرير: زوار عبدالستار درس
سال: جولاءِ 2021ع
ڇپائيندڙ:
پروفيسر سيد اعجاز شاهه رضوي
پاران: سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ”يادگار اڪيدمي“
ميرن جا قبا، حيدرآباد سنڌ
تاج جويو
حيدرآباد
سنڌو
اسان جو ساهه
سنڌو درياهه
(Indus River)
سنڌ ڌرتيءَ جو جنم داتا آهي. سنڌ ملڪ ۽ سنڌو
ماٿريءَ جي تخليق، سنڌوءَ ڪئي
آهي. سنڌ جي سڃاڻپ ۽ شناخت سنڌو آهي. دنيا جا قديم
ترين ڪتاب رگويد، سام
ويد، يجر ويد ۽ اٿر
ويد سنڌو درياهه جي ڪنارن تي تخليق ڪيا ويا. هيءَ
دنيا جي پوتر ندي، ٿٻيٽ
(Tibet)
جي سنگي ڪ-باب (شينهن جي مُنهن) وٽان نڪري، ڪيلاش
کان شروع ٿي، انيڪ جبل جهاڳيندي، لداخ وٽ هند جي
ڪشمير مان لنگهندي، موجوده پاڪستان جي اُترئين حصي
کان ٿيندي، سنڌ کي سرسبز ڪندي، سمنڊ ۾ داخل ٿئي
ٿي. اها حقيقت تسليم ڪئي وئي آهي ته سنڌو درياهه
پنهنجي ڦوهه جوڀن ۾ سکر جي لائڊ بئراج مان لنگهندي
هئي ته اُن مان وهندڙ پاڻيءَ جو مقدار مصر جي نيل
نديءَ جي سالياني وهڪري کان ٻيڻو ۽ آمريڪا جي ڪولو
راڊو نديءَ کان ڏهوڻو هوندو هو.
سنڌو، سنڌ جي عظيم تهذيب جي امين هجڻ سان گڏ سنڌ
ديس جي زرخيزيءَ ۽ زندگيءَ جي علامت ۽ ضمانت رهيو
آهي. سنڌ جي لڳ ڀڳ پندرهن هزار(15000) ورهيه آڳاٽي
تهذيب جا ساکي آمري، ڪوٽڏجي، موهن جو دڙو، هڙاپا ۽
ٻيا هزارين ماڳ مڪان آهن، جيڪي افغانستان،
بلوچستان، پنجاب، سرائيڪي
وسين
کان وٺي ڪالي بينگن کان جيسلمير ۽ ڍولا ويرا
(ڀارت) تائين پکڙيل آهن.
سنڌ جي تهذيب، زرخيزي، سرسبزي، زندگي ۽ حسناڪيءَ
جو سرچشمو سنڌو درياهه آهي. موهن جو دڙو، اروڙ،
سکر، بکر، سيوهڻ، سن، حيدرآباد، نصرپور، ٺٽو، سنڌوءَ
جي ڪناري تي آباد تجارتي ۽ تهذيبي شهر ۽ واپار جا
مرڪز رهيا آهن. جتان وڻجارا ٻيڙا ۽ غوراب صنعتي ۽
تجارتي سامان، سون، موتين، مصالحن، ڪپڙي وغيره سان
ڀري، کاروکيڙي، ست سمنڊ اُڪري ڏيساور ويندا هئا ۽
سنڌ جا سنڌ ورڪي وڻجارا ولاتون واسي ۽ ڪمائي
موٽندا هئا ۽ اچي سنڌ جي معاشيات کي پاڻڀرو ڪندا
هئا.
رگويد جي ڏهين منڊا ۾ سنڌونديءَ جي ساراهه ۾ نَوَ
(9) اشلوڪ چيل آهن، جن ۾ سنڌوءَ کي هڪ ديويءَ جو
روپ ڏنو ويو آهي. سنڌو لفظ جي معنيٰ وهڻ، وهڪرو ۽
هڪ عظيم ساگر آهي. ’سنڌو‘ لفظ ئي ننڍي کنڊ جي
سڃاڻپ رهيو. سنڌ جو اچار هند ڪيو ويو، ڇو ته
فارسيءَ ۾ ’س‘ ۽ ’هه‘ هڪٻئي جا متبادل ۽ نعم البدل
آهن. ايرانين ’سنڌو‘ کي ’هندو‘ ۽ يونانين ’اندو‘،
’اند‘ سڏيو، جنهن مان اڳتي هلي ’انڊس‘ ۽ ’انڊيا‘
لفظ جڙيا.
ان حساب سان سنڌو ڄڻ ته پوري ننڍي کنڊ جو جنم داتا
آهي. سنڌو درياهه صدين کان وٺي اسان سنڌ وارن جي
محبت ۽ عقيدت جو مرڪز رهيو آهي. سنڌ ۾ صدين کان
وٺي ’جل پوجا‘ ٿيندي رهي آهي. پاڻيءَ جي ان پوڄا
دوران سنڌ جون ناريون سنڌو درياهه ۽ سنڌو ساگر/
سنڌي سمنڊ ۾ آکا وجهي، ڏيئا ٻاري، کستوريءَ ۽
خوشبوئن جي ڀيٽا ڏينديون هيون. جنهن جو ذڪر وڏي
مان شان سان سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه لطيف هن ريت
ڪيو آهي:
اُڀيون تڙ پوڄين،
وهون وڻجارن جون،
آڻي اکا ڏينِ، کٿوري سمونڊ کي.
ڄرتڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون،
الا! ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان.
جا جَر جاٽون نه ڏي، ڏيئا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.
’جل پوڄا‘
جي پسمنظر ۾ سنڌو درياهه سان عقيدت ۽ محبت جو جذبو
ته موجود رهيو آهي، پر سنڌو درياهه سنڌ ۽ سنڌين
جو پالڻهار، بلڪ ٻاجهاري
ماءُ جو روپ به رکي ٿو، جيڪو اسان جي خوراڪ، زراعت
۽ معاشيات جو اهم وسيلو آهي.
آءٌ هتي رگويد جا اشلوڪ ڏئي، ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ
جي ڪوشش ڪريان ٿو:
اشلوڪ (1)
اي جل جا ديوتا،
هي پوڄاري يگيه (قرباني) ڪرائيندڙ جي گهر ۾،
تنهنجي شاندار تعريف (اُستتي) ڪري ٿو.
هي نديون،
ستن ستن جا سٿ ٺاهي،
ٽن لوڪن مان گذرن ٿيون،
پر سنڌو پنهنجيءَ سگهه جي ڪري
سڀني جي وچ مان هلندي،
سڀني جي اڳواڻي ڪندي هلي ٿي!
اشلوڪ (2)
سنڌو! تون وهندي اڳيان وڌين،
ان لاءِ ورڻ ديوتا، ڌار تي جوڙي
تو لاءِ رستو ٺاهيو آهي.
تون اناج جي پيداوار جو ڌيان رکين ٿي،
تون مٿاهين زمين تان واٽ جوڙي هيٺ وڃين ٿي.
ان ريت تون سمورن لوڪن تي راڄ ڪرين ٿي.
اشلوڪ (3)
اي سنڌو! تنهنجي پاڻيءَ جي ڇوهه جو انداز،
ڌرتي تان ديو لوڪ تائين وڃي ٿو.
سنڌوءَ جون تجليدار لهرون،
ان جي بي انت رفتار کي ظاهر ڪن ٿيون،
جيئن برسات اڳيان وڌندي،
بادلن مان گجگوڙ پيدا ڪندي آهي،
تيئن سنڌو به ڍڳي وانگر،
رنڀون ڪندي اڳيان وڌي ٿي.
اشلوڪ (4)
جيئن مائرون پنهنجن ٻچڙن لاءِ ٻاڏائينديون آهن،
تيئن ٻيون نديون، اي سنڌو! توڏانهن وڌنديون اچن
ٿيون.
جيئن ڳڀوراڙيون ڳئون پنهنجن گابن / گابين ڏانهن
اينديون آهن، تون پنهنجن ٻنهي ڪنارن وچ مان ائين
ٿي اڳتي وڌندي وڃين، جيئن ڪو راجا لڙائي ڪرڻ لاءِ
اڳتي وڌندو ويندو آهي.
اشلوڪ (5)
(رشي اٺن؛
ندين جا نالا کڻي چوي ٿو)
اي گنگا، جمنا، سرسوتي، شتو دري، پَرُشڻي،
مارو ڌورڌا، اَسڪني، وَتستا، ارجيڪا ۽
سس موها نديون، توهان کي سنڌونديءَ جي
ساراهه سُويڪار ڪرڻ کپي!
اشلوڪ(6)
اي سنڌو! تون تکي هلندڙ گومتيءَ مان ڀڄڻ لاءِ
پهرين ترشٽما نديءَ سان گڏجين ٿي،
اُن سان گڏجي سسرتوا، رس ۽ شويتي ندين سان گڏجين
ٿي،
ڪُڀا ۽ ميهتسنوا ندين جي وهڪرن سان گڏجي تون اڳيان وڌين
ٿي.
اشلوڪ (7)
سڌي وهندڙ، سفيد رنگ واري
۽ چمڪاٽ ڪندڙ سنڌو!
تنهنجو وهڪرو تيز آهي.
اجهل سنڌو! تون تکي ۾ تکن ۽ ڪرشمن جهڙن گهوڙن
وانگر
تيز هلندڙ آهين!
تون چترا ناريءَ جهڙي
سندر آهين!
اشلوڪ (8)
سنڌو گهوڙن سان مالا مال آهي،
سنڌو رٿن سان مالا مال آهي،
سهڻن ٺهيل ڳهڻن (زيورن) سان مالا مال آهي!
اها اناج، پشم (اُن)، هميشه سرسبز شيشم
(ٽالهين) جي وڻن سان ڀرپور آهي!
هن شُڀ نديءَ جي ڪنارن تي ماکي پيدا ڪندڙ
گل ۽ ٻوٽا پيدا ٿين ٿا.
اشلوڪ (9)
سنڌو پنهنجي سهج هلندڙ
سُٺن گهوڙن تي سوار ٿي آهي!
اُن سان اُها اسان لاءِ اناج آڻيندي،
مهانُ، نامياري رٿ واري،
سنڌوءَ جي اوچتا جي هن يگيه ۾
ساراهه ڪريون ٿا.
رگويد جي هن
مناجات
پراٿنا ۾ سنڌوءَ جون اُهي سموريون خوبيون
موجود آهن، جيڪي هڪ ملڪ جي تخليق، پيداوار، سگهه ۽
سونهن جون ساکي آهن. سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان ئي سنڌ
جو وجود آهي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي وجود سان اسان
سنڌ واسين جي سلامتي، بقا ۽ زندگي لاڳاپيل آهي.
سنڌو صدين کان اسان جو ورثو، اسان جي تهذيب ۽
تمدن، معاشيات ۽ اقتصاديات جي علامت رهي آهي. ان
تي اسان جو آدي جڳادي حق آهي. اهو انساني، اخلاقي،
عالمي ۽ مذهبي اصول آهي ته درياهن جو پاڻي، پڇڙيءَ
۾ رهندڙن جو حق ۽ ملڪيت آهي. ان حوالي سان اسان
سنڌ وارا سنڌوءَ جا مالڪ ۽ وارث آهيون، جو سنڌ،
سنڌوءَ سان ئي سڃاڻي وڃي ٿي، ايئن جيئن نيل نديءَ
جي وارثي مصرين جي آهي، جيتوڻيڪ اها نڪري ۽ گذري
ڏهاڪو ملڪن مان ٿي. جڏهن سنڌوءَ جي وهڪري کي بند
ٻڌي موجوده صورت ۾ نه آندو ويو هو، ته سڄي سنڌ جي
سرزمين سنڌوءَ جي ڦاٽن، وهڪرن ۽ ننڍن درياهن-
هاڪڙي، پٽيهل، ڍورَ، ڍاڳي، پراڻ ۽ ٻين پاڻيءَ جي
وهڪرن ۾ ورڇجي وهندي هئي. ماضيءَ جي تاريخ ٻڌائي
ٿي ته اهي وهڪرا، زميني تبديلين سبب گهٽبا ۽ بند
به ٿيندا رهيا آهن. انهن ۾ موسمي، آبهوائي ۽ زميني
اٿلون پٿلون ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن.
سنڌ ۽ سنڌوءَ جي شان جي رکوال شاعر لطيف جي
شاعريءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون شاهديون ملن ٿيون. هو
پنهنجي سيلاني طبيعت سبب سير ڪندي، جڏهن سنڌوءَ جي
اهڙن بند ٿيل وهڪرن جو مشاهدو ڪري ٿو ته انهن کي
پنهنجي ڪلام ۾ قلمبند ڪري تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏي
ٿو. شاهه لطيف جي اٺن سُرن ۾ سنڌو، سنڌو ساگر،
پاڻيءَ ۽ پاڻيءَ جي مرڪزن تي جنم وٺندڙ رومانوي ۽
نيم تاريخي داستانن جو ذڪر موجود آهي، اهي سُر
آهن: سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، سارنگ، ڏهر، گهاتو،
ڪاموڏ ۽ مارئي. مارئيءَ کان سواءِ باقي ست سُر
شاهه جي شعر جي اُها ست رنگي انڊلٺ(Rainbow)
آهن، جنهن جي روشنيءَ ۾ مارئيءَ جو عظيم ڪردار
هنن لفظن ۾ اُڀري بيهي ٿو:
پکي ۾ پدمڻي، جئن ڏئي وراڪا وڄ،
ساڳيءَ صورت سڄ، سائي مورت مارئي!
پاڻي، انساني آبادي، آزادي، خوشحاليءَ ۽ سُڪار جو
اهو اهڃاڻ آهي، جنهن کي شاهه لطيف سُر مارئيءَ جي
هن بيت ۾ انسانيت جو عالمي منشور بنائي ڇڏيو آهي:
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار،
وِڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،
ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪن مڻيو مغرب پار،
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار.
هيءُ هڪ ئي بيت اِها ڳالهه واضح ٿو ڪري ته، شاهه
نه رڳو جاگرافي ۽ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ شاعر هو،
بلڪه هن کي اها ڄاڻ هئي ته هن مذڪوره بيت ۾ جن
ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر ڪيو هو، سي علم، آگاهي، تصوف ۽
انساني فڪر جا مرڪز به هئا. جڏهن شاهه صاحب سنڌ
سان گڏ عالم جي سڪار جي ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن اهو
سُڪار صرف زرعي ۽ معاشي سُڪار ئي نه آهي، بلڪه ان
سان گڏ فڪري ۽ ذهني سُڪار به آهي.
مون مٿي سنڌوءَ جي بند ٿيل وهڪرن ۽ زميني تبديلين
۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ڏڪارن ۽ زلزلن، ڌارين جي حملن
جي پسمنظر ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن جي منهن موڙ- ۽ بندن
جي جوڙ سان واسطو رکي ٿو. شاهه سائين فرمائي ٿو:
ڪنڊا! ڪُڄاڙئا، اُڀو آهين ريل ۾،
پرينءَ پڄاڻاءِ، سُڪي ڦانگهو نه ٿئين!
ڪر ڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا ڍور ڍڻين جي،
ههڙا اڄ حال، ڏکيا ڏينهن گذارئين!
سُڪي ’ڍور‘ ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾ اڳيون نه آيو،
ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀڻيئن!
’پٽيهل‘ تو ۾ پور، اڳيون نه آهي آب جو،
سُڪين ڪهڙي سور، پيئه واري وچ ۾!
ڪنڌيءَ اَڪ ڦلاريا، ’سانگهه‘ سُڪو گاهه،
’مهراڻي‘ وٽاءَ، رويو راڄ رضا ڪري!
جڄهان پسئو جهوڪ، آيل سنگهارن جي،
جن ٿي پيءَ پياريا، منجهان مٽن موڪَ،
لڏي وچان لوڪ، اُٺي ويا اُڪري.
(سُر ڏهر)
سر ڏهر جي مٿين بيتن ۾ شاهه لطيف ’ڍور‘، ’پٽيهل‘،
۽ ’سانگهه/سانگاهه‘ جي وهڪرن/ درياهن جو ذڪر ڪيو
آهي، جيڪي زميني زلزلن، ڏڪارن، انساني هٿ چراند ۽
موسمي ۽ آبهوائي تبديلين جي ڪري سُڪي ويا هئا يا
سُڪڻ جي ويجهو هئا ۽ انساني آبادي لڏپلاڻ ڪري رهي
هئي. اها ڪا ٻيءَ دنيا جي تاريخ نه آهي، سنڌ جي
تاريخ آهي - ۽ جيڪڏهن اسان ڍور، پٽيهل ۽ سانگهه جي
وهڪرن کي هڪ نظر سنڌوءَ سان ڀيٽيون ته اڄ ’سنڌو
درياهه ۽ سنڌ‘ جو قضيو، الميو ۽ سانحو اسان کي
سمجهه ۾ اچي ويندو.
شاهه لطيف سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊيءَ ۾ سنڌو
درياهه ۽ سنڌو ساگر/ سنڌي سمنڊ (عربي سمنڊ) ذريعي
سنڌ جي درياهي ۽ سامونڊي وڻج واپار ۽ سنڌ جي
ڏيساور سان واپاري لاڳاپن ۽ عظيم سنڌ ورڪي وڻجارن
جي تجارت جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سون، موتين، مصالحن
۽ ڪپڙي جي واپار وسيلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سنڌ کي
آباد اچي ڪندا هئا. سندن ڏيهه ورڻ جي اوسيئڙي ۾
انهن وڻجارن جي ونين جي اوسيئڙي ۽ جدائيءَ جي ڪرب
جو ذڪر موجود آهي.
لُڙ لهريون، لس ليٽ، جتي انت نه آب جو،
الله اول مَ ان جا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي نه جهاز کي، ڦرهي اچي نه ڦيٽ،
لڳي ڪام لپيٽ، غاريبي غوراب کي.
دُنگي وچ دريا، ڪي ٻُڏي، ڪي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻيا، ’سُونهڻ‘ سڀ سڙيا،
’معلم‘ ماڳ نه اڳئين، ’ڦلنگي‘ منجهه ڦريا،
ملاح! تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
ڦرڦل، ڦوٽا، پارڇا، پاڻيٺ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون، تر ۾ تا ڪيائون،
لاڄن منجهه لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين.
’کاري کڙائو‘ مٿي ’مٺي‘ موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائو، لئه لنڪا جي اوهريا.
’سُر سُهڻي‘ ۾ ’سُهڻي ميهار‘ جي رومانوي داستان،
’سُر ڪاموڏ‘ ۾ ’نوري ڄام تماچيءَ‘ جي رومانوي
دستان، ’سُر گهاتو‘ ۾ ميربحر اوباهي جي پٽن جي
مانگر مڇ هٿان موت ۽ سندن منڊڙي پر حڪمت عملي جي
ماهر ڀاءُ مورڙيءَ جي بهادريءَ جو ذڪر آهي، جنهن
مانگر مڇ ماري ڀائرن جو پلاند ورتو. انهن سُرن مان
هڪ هڪ بيت پيش ڪري ڳالهه کي اڳتي وڌائجي ٿو:
مينهون، هن ميهار جون، الا سڀ بچن،
ڪاريون، ڪنديون، ڪڪيون، وراڪيو وِهن،
جوءِ جا جانارن جي، ٻيهر بهه بهه ڪن،
اچي ريل رهن، مون سانڀارا سپرين.
(سهڻي)
*
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.
(گهاتو)
*
مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سارو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هيؤ.
(ڪاموڏ)
سُر سارنگ سنڌ جي سُڪار، سلامتيءَ، سرسبزيءَ ۽
آزاديءَ جو سُر آهي. هن سُر ۾ انسانيت جي عالمي
منشور وارو بيت ”سائينم سدائين ڪرين“ به شامل آهي.
پوءِ به هڪ بيت پيش ڪريان ٿو:
سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي،
ائين اُٻن انگيا، جئن سي چُنيءَ چٽَ،
برسيو پاسي ڀٽ، ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا.
شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ، سنڌي ماڻهن جي اُمنگن ۽
جذبن ۽ سنڌو درياهه جو رکپال شاعر هو. ’سنڌ ۽
شاهه‘ هڪ شيءِ آهن ۽ ’سنڌو ۽ سنڌ‘ لازم ملزوم آهن.
جيڪڏهن سنڌو سلامت آهي ته سنڌ سلامت آهي ۽ جي سنڌ
سلامت رهي ٿي ته شاهه لطيف به سلامت رهي ٿو ۽ سندس
شاعري ۽ سنڌي ٻولي به زندهه رهي سگهي ٿي.
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌو درياهه نه رڳو سنڌ ۽
پوريءَ سنڌو ماٿريءَ جو رکپال درياهه آهي، پر ان
سموري خطي جي آبادي ۽ خوشحاليءَ جو به ضامن آهي.
جڏهن انگريزن خلاف ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ
هلي ته پنجاب جي حڪمرانن سنڌو درياهه تي قبضي لاءِ
سازشون شروع ڪيون هيون ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ ان
تي عمل ڪري سنڌو درياهه تي بند ٻڌڻ شروع ڪيا آهن.
سنڌ جيئن ته تاريخ ۾ سرسبز ڌرتي رهي آهي، اُن ڪري
حملي آورن سنڌ تي حملا ڪري سنڌ جا فصل جلايا هئا ۽
تباهي آندي هئي، جنهن سان سنڌ ۾ ڏڪر پوندا هئا، جن
جو اظهار شاهه لطيف هن ريت ڪيو آهي:
نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
پسئو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
پر ورهاڱي کان پوءِ به سنڌوءَ تي ڊئم ٻڌي ان مان ۽
ڪئنال ٺاهي، سنڌوءَ کي سُڪائڻ جو منصوبو بنايو
آهي، ان کان اسان سڀ آگاهه آهيون. جيڪڏهن سنڌو سڪي
ويو ته اُن سان گڏ سنڌ به سڪي ويندي. سنڌ جون
زمينون اَن اپائڻ ڇڏي ڏينديون ۽ هن ڌرتيءَ جي
مادرانه هنج ۾ آباد ويڙها ۽ وسنديون ويران ٿي
وينديون. سنڌوءَ جي سموري آبي جيوت، مڇين جا سوين
قسم ۽ ٻيا سوين ساهوارا ختم ٿي ويندا، سنڌ جي
وڻراهه ختم ٿي ويندي. سرزمين سنڌ جي جر جو پاڻي
لوڻياٺو ٿي ويندو، سمنڊ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نه
ڪندو ته، ٺٽي ۽ بدين ضلعي جون هزارين ايڪڙ زمينون
لوڻياٺيون ٿي ويندن. سامونڊي ڪناري جي ويجهو رهندڙ
آباديءَ ۾ گلي جو ڪئنسر وڌڻ شروع ٿي ويندو. تمر جا
ٻيلا ختم ٿي ويندا ۽ کاري ۽ مٺيءَ جي مڇيءَ جي
نرسري ختم ٿي ويندي.
ناڻي ۽ کاڌي وارا فصل ختم ٿي ويندا، سنڌ جي سڄي
زرعي معيشت ختم ٿي ويندي ۽ سڄي سنڌ موهن جي دڙي
جهڙا کنڊر بنجي ويندي ۽ دنيا جي عظيم تهذيب ”سنڌو
تهذيب“ پنهنجو نالو نشان وڃائي ويهندي. ڇا، ان
سلسلي جي شروعات نه ٿي وئي آهي.
·
ڇا، سنڌوءَ تي تربيلا،
منگلا بند، چشمه لنڪ ڪئنال ۽ ٿر ڪئنال کانپوءِ
ٻيا اکوڙي ۽ ڀاشا وغيره بند جوڙيا پيا وڃن؟
·
ڇا پنجند وٽ راوي، چناب،
ستلج، بياس ۽ ڪابل نديءَ جو پاڻي گڏ ٿي سنڌ اچي
رهيو آهي؟
·
ڇا ٽي نديون ڀارت کي
وڪرو ڪري، سنڌوءَ جو پاڻي چورائجي نه رهيو آهي؟
·
ڇا سنڌ کي عالمي، انگريز
دؤر ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ وارن معاهدن هيٺ
پنهنجي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي؟
·
ڇا ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي
کي مناسب پاڻي ملي رهيو آهي، جنهن ذريعي کاري جي
مڇي سنڌوءَ ۾ اچي مٺيءَ بنجي سگهي ۽ پلو سنڌ جي
سونهن ختم نه ٿي رهيو آهي؟
·
ڇا بدين ۾ پاڻي ناهي، ڇو
ڀلا ڪربلا ڪربلا، جا نعرا نه لڳي رهيا آهن؟
·
ڇا ڪاڇو ۽ ڪوهستان
پاڻيءَ لاءِ تڙپي نه رهيو آهي؟
·
ڇا ٿر ڪاري سون جي ذخيرن
جي دستيابيءَ بابت اُڃارو نه آهي؟
·
ڇا وچولي، ٿر، ڪوهستان،
ڪاڇي ۽ لاڙ ۾ چيٽ ۽ ڪتيءَ جا فصل اڳئين معيار جا
ٿي سگهيا آهن؟
·
ڇا بدين ۽ ٺٽي جون
هزارين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي نه ويون آهن؟
·
ڇا تمر جا ٻيلا ختم نه
ٿي ويا آهن ۽ مڇيءَ جي نرسري مڪمل طور تباهه ٿي نه
رهي آهي؟
·
ڇا سنڌ جون اڪثر ڍنڍون
کاريون نه ٿي ويون آهن؟
·
ڇا لاڙ ڪارخانن ۽ مِلن
جي اخراج وارو جو موتمار پاڻي پيئڻ تي مجبور نه ٿي
رهيو آهي؟
·
سنڌو سُڪي ويو ته ڪينجهر
کي پاڻي نه ملندو ۽ ڪينجهر کي پاڻي نه ملندو ته
ڪراچي واهه ذريعي ڪراچيءَ کي به پاڻي نه ملندو؟ هي
سنڌ جي گاديءَ وارو وڏي ۾ وڏو شهر به اُڃ ۾ مرڻ
لڳندو ۽ سڪي ويندو.
ان صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ سوچ
ويچار ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڏسون شاهه لطيف اسان کي
ڇا پيو چوي:
سنڌوءَ جو نوحو
پٽيهل تو ۾ پور، اڳيون ناهي آب جو،
سُڪين ڪهڙي سور، پيئه واري وچ ۾.
*
ڪنڌيءَ اڪ ڦُلاريا، سانگهه سُڪو گاهه،
مهراڻي وٽاءَ، رويو راڄ رضا ڪري.
*
جتي گهُوريو گهاتوئين، تِتي واري بَٺَ،
سهسين ساٽيءَ سٺَ، سر سُڪو سونگي ويا.
*
ڌريان ئي ڌار، وڍي وڻ جُدا ڪئا،
سُڪن ڪهڙي سار، ڪ اُٺا مينهن ملير ۾.
*
ڌَريا نه ئي دُور، وڍي وڻ جدا ڪئا،
سڪن سندي سور، ابر اوڪائي ويو.
*
ٿانور اُٿي پس، ڏيهه کنوندي وڄڙي،
توپيڪا، مون ساهرا، کنوڻ ڀلايا رس،
وس تنين لئه وس، جن ور مٽي ڀائر ڪيا.
*
ڏونگها آڇ مَ تن کي، ڪاسا جنين نه ڪم،
پنندي پرڏيهه ۾، سوڍين ٿئي شرم،
اُٿن گهڻي ادب سان، ڳالهائين نرم،
قادر ڪر ڪرم ته اُن جي وطن وس ٿئي.
*
واهڙ وهين مَ شال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿئين،
پسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا بوت ليار،
جيئن تو سڀ ڄمار، آسائتون ٻوڙيون.
آخر ۾ شاهه لطيف جو اهو بيت پيش ڪريان ٿو، جيڪو
دُعا طور اڄ سڀئي گڏ جي اظهار ڪري سگهون ٿا:
واهڙ وَهين جار، سُڪي ٻيلاٽيون نه ٿئين،
پسان تنهنجي پيٽ ۾، لهريون لک هزار،
جئن تو سڀ ڄمار، آسائتيون اُڪاريون. |