نياز پنهور
ڄام شورو
سنڌ جو فرزند سيد ارشاد علي شاهه
هُو سنڌ جو اهڙو فرزند هو، جنهن کي پاڻ بنا هٻڪ جي
سنڌ دوست، علم دوست، انسان دوست ۽ ادب دوست شخصيت
چئي سگهون ٿا، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي ماڻهن
لاءِ سوچيندي لوچيندي ۽ ان جي بهتريءَ ۽ ڀلائي
لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، کيس خبر هئي ته سنڌ جا
ماڻهو ڪهڙي عذاب ۾ آهن؟ ڪهڙي مصيبت ۾ آهن ۽ ڪهڙي
پيڙا ۾ آهن؟ ارشاد علي شاهه صرف ڪنهن هڪ شخص جو
نالو ناهي، جيڪو ڄائو، پڙهيو، شادي ڪيائين، نوڪري
ڪيائين ۽ پوءِ وڃي مڻين مڻ
مٽيءَ هيٺان سمهي پيو، پر ارشاد علي شاهه هڪ اهڙي
وجود جو نالو آهي، جيڪو جتي به رهيو، جنهن حيثيت،
عهدي، مان ۽ مرتبي تي رهيو، هن اتي پنهنجي پاڻ کي
هن ڌرتيءَ جو فرزند ڄاتو، ڌرتي، ان جي فرضن، قرضن،
ان جي ماڻهن، ان جي مسئلن کي سمجهيو ۽ ان لاءِ پاڻ
پتوڙيندي زندگيءَ جي آخري ساهه پساهه تائين پنهنجي
حصي جو پورهيو ڪيو.
هڪڙا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن کي اسين ان ڏينهن
کان سڃاڻڻ شروع ڪندا آهيون، جڏهن هُو
ڪنهن وڏي عهدي ۽ مرتبي تي پهچندو آهي ۽ ان جو نالو
۽ ناماچاري ٿيڻ لڳندي آهي، هن جي شهرت گهرن گهٽين
مان نڪري پنهنجي آسپاس، شهر، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ
تائين پکڙجي ويندي آهي، پر اسان شايد نه ڏسندا
آهيون ته اهو ماڻهو ايڏو وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ دنيا
۾ ماڻهو ته لکين، ڪروڙين، اربين ۽ کربين آيا، پر
سڀ نه ذوالفقار علي ڀٽو ٿيا، نه بينظير ٿيا، نه
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٿيا، نه مخدوم محمد
امين فهيم ٿيا ۽ نه سيد ارشاد علي شاهه ٿيا، اسين
جن وڏن ماڻهن جو ذڪر ڪريون ٿا اهي ان ڪري وڏا
ماڻهو نه هئا جو اهي وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ ڄاوا،
وڏن اسڪولن ۾ پڙهيا، وڏا عهدا ۽ منصب ماڻيائون پر
انهن جا ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيڻ جا ڪي ٻيا سبب ۽ ڪي
ٻيا راز هئا، ڪي ٻيا پورهيا ڪا ٻي ڪمٽمينٽ، ڪا ٻي
تپسيا، ڪا ٻي قرباني يا ڪو اهڙو وکر وهايل هو،
جيڪو کيس هميشه ٻين کان ڌار ۽ منفرد بڻائي رکي ٿو،
ڀٽائي گهوٽ ئي فرمايو آهي ته ”وکر سو وهاءِ، جو
پئي پراڻو نه ٿئي“ ساڳئي سوچ سان ملندڙ هڪ ٻيو
بيت آهي، ته ”محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن، تن جو
صرافن، اڻ توريو اگهايو“ سو اڄ اسين سنڌ جي هڪ
اهڙي باعمل ماڻڪ جو ذڪر ڪريون ٿا، جنهن جو صرافن
اڻ توريو ئي اگهائي ڇڏيو آهي.
سائين ارشاد علي شاهه جي زندگيءَ تي نظر وجهنداسين
ته اسان کي هڪ اهڙو دؤر نظر اچي ٿو,
جنهن ۾ سائين نوجوان آهي، هڪ اهڙو نوجوان جنهن جي
اکين ۾ سپنا آهن، زندگيءَ جا سپنا، خوشين جا سپنا،
رنگن، مرڪن ۽ ٽهڪن جا سپنا ۽ انهن سڀني ذاتي سپنن
سان گڏ سنڌ جي خوشحاليءَ جا سپنا، سنڌ جي ماڻهن جي
آسائشن جا سپنا، سنڌي ماڻهن کي ميرٽ تي مٿي اچي جڳ
جي ٻين ماڻهن سان گڏ جئيندي ڏسڻ جا سپنا ۽ هن انهن
سپنن جي ساڀيان لاءِ هڪ پورهيت وانگر پورهيو ڪيو ۽
هڪ تمام وڏي عهدي کي ماڻيائين، هُو ٻهراڙي ۾ پڙهيو
سندس پرائمري تعليم سندس اسڪول وهاب شاهه مان مڪمل
ٿي، سيڪنڊري تعليم مڊل اسڪول مير حسن مري، ميٽرڪ
ٽنڊي آدم ، بي اي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۽ ايل ايل
بي حيدرآباد لا ڪاليج مان پاس ڪيائين، منهنجي هن
ڪٿا ٻڌائڻ جو مقصد اهو ناهي ته هن پڙهائيءَ جا پنڌ
ڪيئن پورا ڪيا، پر آئون ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هُو
ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ هو، کيس اتي جي زندگي جي
سمورين هيٺائين مٿائين جي پوري ريت پروڙ هئي، پوءِ
هُو حيدرآباد جي نامياري وڪيل حسن محمود بيگ سان
گڏجي وڪالت جي ميدان ۾ ٽپي پيو، پر ڪجهه ڏاڪا اهڙا
به آهن، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ ڪنهن سبق جيان موجود
آهن، يا رهيا، هڪڙو ڏاڪو هو، جو پاڻ ڪجهه وقت
ڪلارڪي به ڪيائين ۽ ٻيو ڏاڪو هو يونين ڪائونسل جو
سيڪريٽري به رهيو، زندگي جا اهي رنگ ئي ايندڙ وقت
جي روشنين جو ڪم ڪندا آهن.
سائين ارشاد علي شاهه جي جواني هئي ته ملڪ تي
ڀٽي جي حڪومت هئي، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ جمهوريت جو
سج اڀريو هو، هتان جي ماڻهن کي اهو احساس ٿيڻ شروع
ٿيو هو ته هن سماج ۽ هن رياست ۾ اسان جو حصو آهي ۽
اسين به هن جو حصو آهيون، اسين به ڪو زنده وجود
آهيون، سائين ارشاد علي شاهه سوچيو ته هو به
زندگيءَ جي هنن ڏينهن ۾ پنهنجي وجود جي مڃتا کي
مٿانهين هنڌ تائين پهچائيندو، ڌرتي جي ماڻهن لاءِ
ڪجهه ڪندو، پر ان لاءِ کيس هڪ اهڙي عهدي جي ضرورت
هئي، جنهن ذريعي هُو ڪجهه ڊليور ڪري سگهي، هُو
ماڻهن کي ڪجهه ڏئي سگهي، ان لاءِ هن انصاف ڏيڻ جو
فيصلو ڪيو. پاڻ 1977ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو
امتحان پاس ڪري جوڊيشري ۾ هڪ سول جج طور داخل ٿيو،
پر سندس ان نوڪريءَ کي اڃا هڪ سال ئي مس پورو ٿيو
هوندو ته ملڪ ۾ 5 جولاءِ 1977ع تي هڪ اهڙي ڪاري
ٻاٽ رات جا پاڇا لهي پيا، جنهن ۾ سڀ انساني حق
سلب ڪيا ويا، اسيمبليون معطل ڪيون ويون ۽ آئين کي
12 صفحن جو ڪتاب چئي ڊسٽ بن جي حوالي ڪيو ويو،
جوڊيشري مٿان پي سي او جي تلوار لٽڪائي وئي،
جمهوري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو، آزاديءَ سان
لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي وئي، حق ۽ سچ
جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو، زمين تي هر طرف خوف ۽
ڏهڪاءُ جو راڪاس گهمڻ لڳو، جيل سياسي سوچ رکندڙ
ڪارڪنن، آزادي سان لکنندڙ صحافين، سچ لاءِ پاڻ
پتوڙيندڙ اديبن، شاعرن، سونهري صبح ۽ سڀاڻي جو
سپنو ڏسندڙ شاگردن سان ڀرجڻ لڳا، آزاد جوڊيشنري جي
جاءِ تي سمري
مليٽري ڪورٽون اچي ويون، بنا وڪيل ۽ بنا دليل جي
فيصلا ٻڌائجڻ لڳا، دنيا ۾ متروڪ ٿي ويل ۽ جهالت جو
نشانيون بڻيل سزائون پنهنجي ملڪ ۾ رائجِ ٿيڻ
لڳيون، ڪوڙا سڀ کان پسنديده سزا بڻائي وئي، هي
منظر هڪ سڄاڻ سنڌ دوست، وطن دوست ۽ علم دوست
نوجوان جج جي اکين آڏو روز جو معمول بڻجي ويا هئا.
انهن سونهن، سچائي ۽ زندگي جي سپنن تي ڪاراڻ
ڇانئجڻ لڳي، جيڪي سائين ارشاد علي شاهه جي اکين ۾
سجيا هئا، پر هن انهيءَ چئلينج کي قبول ڪيو، مڙس
ٿي ميدان تي بيٺو رهيو، هن اظهارِ راءِ جي آزادي،
حق ۽ سچائيءَ جي بلندي لاءِ ڪو به ڪمپرومائيز نه
ڪيو ۽ سندس انهن ڏينهنِ جا عدالتي فيصلا ڀلي ننڍي
ڪورٽ ۾ ئي هو، پر اڄ جي دور جي نوجوانن کي ياد
آهن، جنهن لاءِ نه ڪڏهن هن نوڪريءَ جي پرواهه ڪئي
۽ نه ئي ڪنهن خوف جو نشانو بڻيو ۽ نه ڪنهن لالچ ۽
لوڀ کيس پنهنجي رستي تان ٿيڙيو، سندس جوڊيشريءَ جي
سڄي تاريخ حق ۽ سچ جي سربلنديءَ واري عملن سان
ڀريل آهي، هُو ڪڏهن به پنهنجي وطن جي مٽيءَ کان
غافل نه رهيو، هن پنهنجون پاڙون هن ڌرتيءَ سان
جوڙي رکيون، کيس ان تي سڄي عمر فخر رهيو.
سائين ارشاد علي شاهه هڪ معتبر جج هجڻ جي باوجود
هڪ نازڪ ۽ نفيس دل رکندڙ انسان به هو، کيس محبت
ڪرڻ به ايندي هئي ۽ ان کي اظهارڻ به ايندو هو، هن
ان محبت جي اظهار لاءِ شاعريءَ جو سهارو ورتو،
محبوبن وارا شعر به لکندو هو ۽ ڇاڪاڻ ته پاڻ
بنيادي مولود خوان هئو ۽ سندن شغل جي مڪمل ٻاري به
هئي، انڪري پنهنجي مٺڙي آواز سان جهونگاريندو به
هو، سنڌ ۾ شاعريءَ کي ترنم ۾ ڳائي ٻڌائڻ ۾ جيڪو
ملڪو سائين ارشاد علي شاهه کي حاصل هو، اهو تمام
گهٽ شاعرن کي هوندو، مٽياريءَ ۾ سائين بهاؤالدين
وٽ ٿيندڙ مشاعري جون محفلون، هجن يا سنڌ جي مختلف
علائقن ۽ شهرن ۾ بزم طالب الموليٰ ۽ ٻين پليٽ
فارمن تان ٿيندڙ رهاڻيون ۽ مشاعرا، سائين ارشاد
علي شاهه تحت اللفظ ۾ يا ترنم ۾ پنهنجو ڪو به مٽ
يا ثاني نه رکندو هو، کيس علمِ فلڪيات ۽ علمِ نجوم
تي وڏي دسترس حاصل هئي. هُو سنڌ جي انهن تمام گهٽ
ماڻهن مان هڪ آهي، جنهن جو علم فلڪيات تي ايترو
وسيع مطالعو آهي جو سندس سوين مضمون هڪ ڪتاب ۽
لاتعداد ٻيون تحريرون موجود آهن، هو ان حوالي سان
هڪ مستند راءِ ڏيندڙ ماڻهو هُو سندس علم ادب سان
محبت جو ئي سبب هو جو هڪ ڀيري هُو سنڌي ٻولي
اختياري ۽ ٻيو ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف
گورنرس جو ميمبر بڻيو، سندس سنڌي ٻولي اختياريءَ ۾
جيترو وقت به گذريو، اتي هُن هڪ بردبار، با اصول
پر ست ملازم دوست، سنڌ دوست شخصيت طور پنهنجو
پروفائيل ٺاهيو، هُو ايڊمنسٽريشن قانون ۽ ادب جي
ماهر طور پاڻ کي هڪ اهم ميمبر طور مرڪزي ۽ متحرڪ
ميمبر طور مڃرايو، فيصلا، راءِ چٽي، با وزن ۽ نا
قابل واپسي هوندي هئي، ادبي بورڊ جي هڪ اهم ميمبر
طور هُو ٿورو وقت ئي ڇو نه رهيو، پر مخدوم سعيد
الزمان کان پوءِ کيس اهم ميمبر جي حيثيت مليل هئي،
اگر ڪڏهن مخدوم صاحب بورڊ آف گورنرس جي صدارت
لاءِ موجود نه هوندا هئا ته سڀني جي اڪيلي چوائيس
۽ آپشن صرف سائين ارشاد علي شاهه ئي هوندو هو.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين طور سائين ارشاد
علي شاهه جو دؤر شاندار دور رهيو آهي، ان جي حوالي
سان اڃا تائين ڪو به اسڪينڊل سامهون نه آيو آهي،
اسين ۽ اوهين سڀ سمجهون ٿا ته سياسي حڪومتن ۾ سنڌ
پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين سميت اهڙن ٻين عهدن تي
هجڻ ڪنهن تلوار تي پير رکي هلڻ کان گهٽ نه هوندو
آهي، ان تلوار تي هلڻ ۽ بيلينس برقرار رکڻ لاءِ
ڪنهن اهڙي بردبار ماڻهو جي ضرورت هوندي آهي، جهڙو
سائين ارشاد علي شاهه هو، هن يقينن سرڪار جي حوالي
سان ڪجهه فيصلا ڪيا به هوندا پر، هُو هميشه
پنهنجي ذاتي ڪچهرين ۾ ٻڌائيندو هو ته هن ميرٽ تي
ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي، هن ذهين ٻارڙن جي حق کي
ڪڏهن به نه لتاڙيو، ڪڏهن به انهن کي ڇيهو نه
رسايو، سندس چوڻ هو ته هُو پاڻ سنڌ پبلڪ سروس
ڪميشن جي ذريعي ئي مقابلو ڪري ئي اهڙي عهدي تي
پهتو ۽ ان کي خبر هئي ته پورهيو ڪيئن ٿيندو آهي،
محنت ڪيئن ڪبي آهي ۽ اهوئي سبب جو هن ٻارڙن جي
محنت کي ڪڏهن به رائيگان ٿيڻ نه ڏنو، اڄ اسين سنڌ
جي ان سپوت کي ياد ڪريون پيا، جنهن جون خدمتون
جيستائين هيءَ ڌرتي آهي ۽ جيستائين هيءَ ڪائنات
آهي، تيسين موجود رهنديون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته اهو ڪم جيڪو ٽڙيل پکڙيل آهي، ڦهليل آهي جيئن
سندس شاعري جو ڪتاب، سندس اهي مضمون جيڪي سندس
فلڪيات جي حوالي سان ڪتاب ۾ شايع ٿيل ناهن، ان کي
ڇپرائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وڃي، آئون سمجهان ٿو
ته سائين ارشاد علي شاهه جا نوجوان شهزادا جيڪي
پنهنجي پيءَ جي نقشِ قدم تي هلن ٿا، ان جو نانءُ
روشن ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن پيا، انهن مان جوڊيشري جي
حوالي سان قانون جي حوالي سان به دوست موجود آهن،
اهي يقينن پنهنجي والد جي هن پورهئي کي ضايع ٿيڻ
کان بچائيندا ۽ ان حوالي سان اها شاعري جيڪا سائين
ارشاد علي شاهه جي سڃاڻپ هئي ۽ محفلن جي ضرورت
هئي، ان کي سنڀاليو ويندو.
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
درياهه جي دنگ تي
(مشاهدو مهراڻ جو)
’سنڌو‘ سدائين وڻندڙ آهي، ٻوڙي يا سُڪائي. سڄي سنڌ
وارن لاءِ محبت ۽ ايڪي جو خاص محور ۽ مرڪز آهي.
سندس خاموشي ڏسي دل ڀرجي ايندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته
ايترو خاموش ٿي ويندو آهي جو سندس پيٽ مان پاڻيءَ
بدران پراڻا جهاز ۽ پراڻا شهر ظاهر ٿي پوندا آهن،
ڪڏهن ڪڏهن ڪنارن جي وڻن کي به کڻي وڃي سمنڊ ۾
اُڇليندو آهي ۽ اُهي ڪنارن کان کنيل ديوين جا وڻ
نه صرف ملاحن جا رڇ ٽوڙيو ڇڏين، پر سامونڊي جيوت
جا به مُنهن پٽيو وجهن.
اِها 2016ع جي آبڪلاڻي جي مند هئي جو سنڌو جي ان
من مستي واري موسم ۾ مون، حاجي انور علي راڄڙ ۽
فيض کوسو صاحب سنڌوءَ جي سمنڊ سان ميلاپ وارو
نظارو ڏسڻ لاءِ ڪيٽي بندر ڏانهن رُخ ڪيو. هِن سفر
تي هلڻ لاءِ مون پنهنجي دلبر دوست فيض کوسو صاحب
کي تمام گهڻيون منٿون ميڙيون ڪيون ۽ دل جو حال
ٻڌايم ته:
چڙن چوري آهيان، سک ٿي سمهان ڪيئن،
ساريان ساهڙ ڄام کي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن،
ميهرَ مرڻ سيئن، نير پاتو نينهن جو.
نيٺ منهنجين ايلازن رنگ لاتو ۽ مس مس وڃي سفر لاءِ
تيار ٿيو.
ڊرائيور پانڌي ماڇي سان گڏ الطاف بلوچ به اسانجو
سفري ساٿي هو. وٽس
KTN
نيوز جي ڪئمرا به گڏ هئي. اسين ٺٽي پهتاسين ته
ٻورڙي شريف جو محترم نثار جوڻيجو به اسان جو هسفر
بڻيو. اسين گاڏين کي ڪيٽي بندر ڏانهن ڊوڙائيندا
وياسين بلڪل ائين جيئن معمور يوسفاڻي جو هيٺيون
شعر ته:
’ڪيٽي جا بندر‘ ڪٽ ڪري، ’گهوڙن جي ٻاري‘ گهٽ ڪري،
’گهاري‘ وٺان گهوگهٽ ڪري، ڪڏندا ڪراچي ڏي هلو.
اسان گهاري وٽان اوڀر- ڏکڻ طرف گهوگهٽ ڪري وڃي
ساڪري پهتاسين، اڳتي ٻهارا ۽ ڳاڙهو کان ٿيندا
ٻگهاڻ وٽان ڏکڻ اولهه ٽٽل ڦِٽل پٿرائين رستي تان
2/81 بجه شام وڃي ڪيٽي بندر
پهتاسين. ڪيٽي بندر تي اسانجي ميزباني ۽ معلمي
سائين غلام علي شاهه ۽ ڪيٽي جي ملاحن حوالي هئي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي جڏهن اسان جي معلمن
پنهنجي سونهائپ ۽ معلمي جا در بند ڪري مدهوش جا
مٽ اپٽيا ته وري به ڀٽائي هڪل ڪئي ته:
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگيءَ منجهه ڦريا.
پوءِ اسان جي هنن مڌ پيالين کان سخت نفرت ڏسي هنن
پنهنجا پئگ ڇوٽا ضرور ڪيا.
گاڏين مان لٿاسين ته سنڌو سمنڊ ڪناري، جتي لائيٽ
ته ڪونه هئي البته سامهون سمنڊ ۾ ٻيڙين ۽ هوڙهن ۾
ٽمڪندڙ بلب پنهنجو عجيب نظارو ٺاهيو بيٺا هئا.
ڪيٽي جي سامونڊي طرف جيٽي هئي جتي ننڍن هوڙهن ۽
ٻيڙين مان مڇي وڏن هوڙن ۽ جهازن ۾ منتقل ڪئي پئي
وئي ۽ انهن مڇين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪناري تان
گاڏين ۾ آندل برف به مخصوص خانن ۾ جهازن ۽ هوڙهن ۾
ڀري پئي وئي هئي، مڇي ڪراچي فش هاربر تي وڃڻي هئي،
اسان ڪجهه دير ويٺي جيٽي جو نظارو ڪيو. مون کي هي
ٻئي لفظ جيٽي ۽ ڪيٽي بلڪل ائين لڳا جيئن سر سهڻي ۾
آيو ته:
’انڌيءَ‘ وڇون ’ڪَنڌيءَ‘ وڇون، تنگئا لهي نه تِک.
جيٽي جا نظارا ڪندي اسان کي ملاحن ٻڌايو ته هاڻي
هِتان جا هوڙها، ’وير‘ جي انتظار ۾ آهن، وير
چڙهندي ته هوڙها هلندا. پوءِ اسين جيٽي تان اُٿي
وڃي هوڙهي ۾ ويٺاسين. هوڙهي ۾ هنڌ وڇايل ۽ وهاڻا ۽
رليون رکيل هيون. ’وير‘ چڙهڻ جي انتظار ۾ اسان 11
بجي ماني هوڙهي تي کاڌي، ماني جو به پنهنجو خاص
ذائقو، مڇي، جهينگا، ساڳ، چانورن جي ماني، سبحان
الله، ماني کائڻ کان اڳ خواهه پوءِ ڪچهري به هلندي
رهي ته وقفي وقفي سان ننڊون به ٿينديون رهيون.
حاجي انور علي جي ڊرائيور کي البته ٿورو ٿورو خوف
اندر ۾ هو ته ڊاڪٽر ۽ مجيري اڄ خبر ناهي ڪهڙي
اوڙاهه ۾ ٿا هڻن. انهيءَ خوف ۾ ڳوٺ پنهنجي حاجياڻي
ڏاڏي کي فون ڪري دعا ڪرڻ جو چيائين. حاجياڻي کيس
دلداري ڏني ته تون ڪو خوف نه ڪر، مجيرين ڀيڙو آهين
پوءِ خوف ڇا جو ٿو ڪرين:
مون اُڀي تڙي پاس، پرين پڳهه ڇوڙئا،
هو الله هار اوهرئا، آءُ دم دم دعا ڪندياس،
آس نه لاهيندياس، موٽي ايندا مان ڳرين.
3 بجي رات هوڙهي لوڏو کاڌو ۽ وير چڙهڻ جي واڌائي
ملي. پوءِ اسان جي هوڙهي جو رخ ڏکڻ اوڀر بمبئي
ڏانهن هو. اسين جيئن ڪيٽي بندر کان پري ٿياسين ته
اڃان اونداهه هئي، چئني پاسي اونداهه ۽ روشن صرف
تارن جي، سواءِ تارن جي رخ معلوم ڪرڻ ڏکيو هو،
مومل راڻي جي ’ويل‘ جو ٽڪاڻو ياد اچي ويو ته:
ڪَتين ڪَر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو ويل ٽري ويئي.
اسين جنهن سامونڊيءَ کاري مان سفر ڪري رهيا
هئاسين، ان جو نالو ’کوبرو‘ يا ’کوبرا کاري‘ هو،
هن کاري کي اڳتي هلي ’ساپارا‘ ڇاڙ سان ٻيلهه ٿيڻو
هو. اڳي ته ڪنهن زماني ۾ درياهه جو 11-12 ڇاڙون
هونديون هيون، 50 سال پهرين وڃي پنج ڇاڙو بچيون ۽
هاڻي ڪڏهن ٻه يا ٽي ڇاڙون مهينو کن مستي ۾ هلن
پوءِ صرف پاڻي جا ليڪا. ڪلاڪ کن سفر بعد اسين هڪ
ننڍي ٻيٽ جي ڪناري بيٺاسين، ان ٻيٽ تي مهاڻن جي
بستي آباد هئي. هن بستي جي زندگي به عجيب لڳي، نه
مسجد نه عيدگاهه نه اسڪول نه مقام، بس ٻار، پاڻي،
مينهون، مڇين جا ڄار، رَڇ ۽ ڇنا. مهاڻن ٻڌايو ته
جڏهن هتي فوتگي ٿيندي آهي ته جنازو هُوڙهن تي کڻي
ڪيٽي بندر لڳ وڃي دفن ڪبو آهي، بس پوءِ تڏو ٻيٽ تي
۽ آمدرفت وري هوڙهن تي. ڪجهه وڏا وري عيد نماز
لاءِ به هوڙهن تي ڪيٽي بندر وڃن ته علاج وغيره
لاءِ به ساڳي طريقو اٿن. عيد نماز کان وڌيڪ نماز
جي سُڌ نڪو سماء. خاص طرح سان عورتن کي ته ’دين‘
جي خبر ئي نه آهي. عجيب زندگي آهي سائنس جي هن
ترقي يافته دور ۾ ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر جي ڪڇ
۾ هيءُ زندگي جو طريقو تعجب ضرور ڏياري ٿو، باقي
بچيا پيا آهن سياسي ورڪ کان، پولنگن کان ڪوڙن قسمن
کڻن کاڻ، اُبتا سُبتا ٽپا هڻن کان ۽ قطارن ۾ بيهي
راشن جون ٿيلهيون وٺڻ کان.
مون پڇيو ته هي مينهون هن کاري پاڻي ۾ کائين ڇا
ٿيون ۽ پيئن ڇا ٿيون، چيائون ته برساتن ۾ هتي کاري
ويجهو درياهي پاڻي جي ملاوٽ سبب هي پاڻي مٺو ٿي
ويندو آهي، کائڻ لاءِ ’سونهڻ‘ جو گاهه ئي آهي.
واه ڀٽائي واه! مون کان ته رڙ نڪري ويئي، سونهڻ
اهو گاهه جيڪو سدائين مٺو. هنن ٻيٽن تي سامونڊي
ويرون روز لهن ۽ چڙهن سڄي زميني اوڀڙ کاري پاڻي ۾
زهر ٿيو وڃن بچن وڃيو تمر ۽ سونهڻ. تمر جا وڻ آهن
جيڪي سامونڊي ڇُهاءَ کان ڊگها ٿين ۽ اُٺ کائين. هي
اُٺ 15-20 ڏينهن سمنڊ ۾ اُڃيا به اندر تمر جي وڻن
جي پنن تي گذارو ڪن، ۽ سندن مالڪ 15-20 ڏينهن ۾ هڪ
دفعو ’هوڙن‘ تي پاڻي کڻيو پياريو وريو واپس ٿين ۽
اُٺ اتي ئي رهن.
باقي سونهڻ چکڻ ۾ مِٺو، ’سارين‘ يا ’سائين گاهه‘
جيڏو ۽ جهڙو منجهس اَن به ٿئي. روز کيس سمنڊ جو
کارو پاڻي ڌوئي ته به سندس مٺاس کُٽي ڪونه بلڪ وڌي
ئي وڌي. تڏهن ته ڀٽائي چيو ته:
کاري وير کرن ونگ سڀيئي وه ڪيا،
سونهڻ جيئن سيڻن، مِٺو ماءُ مٽيو.
ڪهڙو بدنصيب هوندو جنهن کي سونهڻ ڏسندي پنهنجا مٺا
سيڻ ياد نه ايندا ۽ ڀٽائي جو مٿيون بيت کيس گهماٽي
نه وجهندو. ٻيٽن جا سينا نه صرف ’سونهڻ‘ سان ڍڪيا
پيا هئا پر انهن جي مٺاس مٽيءَ ۾ عجيب هڳاءُ پڻ
پيدا ڪري ڇڏيو هو. اسان جي دوستن شوق جي شدت ۾
سونهڻ کي چوپا ڪري چکيو به خوب. برسات ۽ سامونڊي
ويرن زمين ۾ گهارا ۽ ڀڏا ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ هي ’ڀڏا‘
ئي هِن ماحول جا ’لئنٽرن‘ هئا.
هن ٻيٽ تان اسان جي همراهن مينهن جو کير سنگت ۾
ورتو. عجيب نظارو هو، هڪ عورت ان مهل ئي تاسري کڻي
مينهن کي ميڙيو ۽ ڦيڻ سميت کير اسان جي هوڙهي
وارن، ملاحن کي ڏنو ته، ڀٽائي جي مشاهدي جي تعريف
ازخود ٿيڻ لڳي ته:
مينهون جي ميهار جون، الله سڀ بچن،
وڇون ڪيرن سان، سدا ٿيون سونهن،
مون کي ماڻڪين، تاڻي هنيو تار ۾.
۽ هوڙهي تي چانهه ٺاهڻ شروع ڪيائون ۽ هوڙهو اڳتي
هلندو رهيو. هن سفر ۾ کاري جي ڪناري سان ڪيترائي
ديسي ۽ پرديسي پکي به همسفر هئا. مون کي لاکي ڄاڃي
۽ ڪنگ ڏاڍو وڻيا. لاکي ڄاڃي ڏسي مهر راڻي ۽ لاکي
جي ڄڃ جو نظارو ذهن تي اچي ويو ۽ سر ڏهرجا بيت
هڪٻئي پٺيان ياد ايندا رهيا، ۽ ڪنگن وري سهڻي جي
ڳالهه چوري ته:
ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،
ٻگا جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
اکيئين ملڪ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.
ڇاڪاڻ ته صحيح معنيٰ ۾ درياهه جي ’پڇاڙ‘
هنن ٻيٽن ۾ اچيو ٿئي ٿي انهيءَ ڪري درياهه جو
لَٽائون پاڻي، درياهه جا پٽجي آيل وڻ ۽ دريائي
ڪنارن سان گڏ هلندڙ ڪنگ ۽ لاکي ڄاڃي به اچيو هنن
کارين ۾ گهيريل ٻيٽن تائين پهچن تڏهن ته ڀٽائي
سهڻي جي جنازي کي ٻيٽن جي ٻگهن کان پيو ڪلها ڏياري
۽ ڪنڌي جي ڪانهن کي جهليو، ميهار جي واتان چوائي
ته:
ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
دريا توتي دانهن ڏيندس، ڏينهن قيام جي.
اڃان هنن بيتن جي خمار ۾ هئاسين ته درياهه جي دهشت
شور ۽ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اڃان اسان سمنڊ ڏانهن
نهاريو مس ته اسانجي کاٻي پاسي وٽان پاڻي جي مٽيل
رنگ سان درياهه ڌوڪيندو آيو ته:
وَهَه تِکَ، واهڙَ تِکَ، جت نينهن تِکَ نرالي،
جن کي عشق، عميق جو خلوت خيالي،
وارج سي والي، هينئڙو جنين هٿ ڪيو.
هيءَ درياهه جي هن مند جي سڀ کان وڏي ڇاڙ هئي،
جيڪا شايد پُراڻي ساپارا (ساپرا) ئي آهي، درياهه
اسان ڏانهن نهاريو به ڪونه پنهنجي زور طاقت سان
سمنڊ کي ائين اک ۾ رکيو هيبت مان پئي ويو، ڄڻ اسان
کي ڏسندو ته سمنڊ سندس نظر کان غائب ٿي ويندو.
سندس رفتار ۽ سگهه سمنڊ تي ائين هاوي هئي جيئن
هاٿيءَ تي ببر شير. هن دهشت جي اثر ۾ ’سوره ڪهف‘
آيت 61 کان 65 تائين حضرت موسيٰ عليه السلام ۽
حضرت خضر عليه السلام جي ملاقات وارو واقعو ذهن تي
تري اچي ٿو، جيڪو ٻن سمنڊن جي ميلاپ واري جاءِ
يعني ’مجمع البحرين‘ واري ماڳ تي ٿيو. هيءُ ٻن
سمنڊن جو ميلاپ جو واقعو سينا جي سحرا ۾ رهندي شهر
ايله (يعني عقبه) وٽ پيش آيو جتي هي مجمع البحرين
جو نظارو موجود آهي. هتي اسان وٽ فرق صرف اِهو آهي
جو هيءُ ميلاپ ٻن سمنڊن بجاءِ هڪ درياهه ۽ هڪ سمنڊ
جو آهي.
اسان جي هوڙهي ۽ اسان سگهه نه ساري جو درياهه جي
هن وهڪري کي اورانگهيون، اسين سندس احترام ۾ اوڀر
ڇڏي ڏکڻ اولهه ڏانهن مڙي پياسين ۽ سندس ڀر ۾ هلڻ
لڳاسين، هيءُ نظارو قرآن پاڪ جي سوره رحمٰن، (آيت
19، 20، 21) جي ’مرج البحرين‘ وارو هو. مفسرين وٽ
مٺي پاڻي واري دريائن ۽ کاري پاڻي وارن سمنڊن جو
هيءُ ميلاپ ڏکڻ آفريڪا ۾ ڏسي سگهبو آهي. مگر ڪنهن
به طرح سنڌوءَ جو هيءُ دنگ سوره رحمٰن جي مذڪوره
آيتن جي تشريح لاءِ ناڪافي نه آهي، جڏهن به اسان
جو ڪو ديسي، مشاهداتي مفسر هيءُ نظارو ڏسندو ته
کيس آفريڪا جا نظارا وسري ويندا. اسان جو هوڙهو
سامونڊي کاري پاڻي ۾ درياهه جي وهڪري کان ٻه اڍائي
فوٽ هيٺ هلي رهيو هو، هتي خاموشي ۽ ڌيرج وارو نيري
رنگ جو کارو پاڻي هو جنهن ۾ اسان جي ٻيڙي تري رهي
هئي، جڏهن ته اسان جي کاٻي هٿ تي:
دهشت دم درياءَ ۾، جت جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مَپُ نه ملاحن،
درندا درياه ۾، واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پُرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اتي اڻتارُن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
ٻه اڍائي فوٽ مٿي درياهه جو لٽايل، تيز ترين وهڪرو
پر هن درياهه جي پاڻي سمنڊ طرف پکيڙ نه ٿي ڪئي ۽
سڌو لوهه ۾ پئي ويو، سامهون اسانکي سمنڊ جون
ڇوليون ائين نظر آيون جيئن ڪو ويئر هائوس هجي يا
مهاجر ڪئمپ جا قطار ۾ هنيل تنبو هجي.
هنن ڇولين جي اوچائي درياهه جي پاڻي کان 7- 8 فوٽ
مٿي هئي ۽ درياهه ائين هنن ڇولين جي تر ۾ گم ٿي ٿي
ويو. ڄڻ آشيرواد جي بهاني جهڪي ٻنهي ڄنگهن وچان
نڪري وڃي ۽ آشيرواد ڏيڻ وارو سمنڊ پيو درياهه جي
سنئين ٿيڻ جو انتظار ڪري. جتي هيءُ شينهن درياهه
سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو اتي پاڻي ٽن هيٺاهين مٿاهين تي
نظر اچي ٿو. کارين ۾ هيٺاهون ۽ خاموش، درياهه ۾
مٿاهون ۽ لٽائون ۽ تڙپ وارو، سامهون سمنڊ ۾ ان کان
مٿاهون ۽ تمام وڏين اُڇل ڏيندڙ لهرن جي لباس ۾، هي
سامونڊي لهرون وڏيون به آهن، مٿاهيون به آهن پر
درياهه جي سگهه اڳيان هڪ جاءِ تي بيهيو رهن ۽
درياهه کين واپس ڌِڪڻ ۾ پورو آهي، هن ڌِڪ ڌڪان ۾
وڏو شور ۽ غل ٿئي ٿو ڄڻ ته:
ونڪا ونڪن گڏيا، ڊوڙيو ڏين ڊهون!
جتي ٻه شينهن گڏبا ۽ وڙهندا اتي رڻ ته گجندو. ۽
راڙو ته ٿيندو. اسين گهڻي دير تائين هيءُ نظارو
پسندا رهياسين، اصل ڍءُ ئي نٿي ٿيو، ۽ خبر ناهي ته
ڇو نه چاهيندي به هزارن ويچارن سان واپس ٿياسين.
ملاحظو مهراڻ جو، مور مَ لاهه مناءَ،
سامونڊي سڀاڳ کي، سمهڻ آيوءِ ساءُ،
جاڳي جر مٿاءُ، تاري وانءُ طراز کي.
واپس وري هڪ ٻي ننڍي کاري ۾ مڙياسين ۽ وري هڪ ٻيٽ
تي بيٺاسين. هتي جڏهن مهاڻن جي ٺاهيل ڇنن جو
مشاهدو ڪيوسين ته انهن جون پاسي واريون ڪاٺين جون
ڪنڌيون زمين کان ٻه فوٽ مٿي هيون. مهاڻن ٻڌايو ته
جڏهن وير چڙهندي آهي ته پاڻي هنن گهرن مان سامهون
ڇوليون کائيندو اڳتي مَٽي ويندو آهي ۽ گهرن کي
ڪوبه نقصان نه ٿيندو آهي. هتي گهرن ۾ گهمندل
ڪڪڙيون وير جي آواز سان ئي کٽن تي چڙهي وينديون
آهن ۽ سندن چوزا وري ٻار کڻي کٽن تي رکندا آهن.
اُهي ڪنڌيون ڇولين جي طاقت کي منهن ڏيڻ لاءِ گهرن
جي تَر کان ائين مٿي بيهنديون آهن جيئن ڪو ملهه
پهلوان ور کنجي مقابلي لاءِ تيار هجي.
جڏهن اسين ٻيهر صبح جو 11 بجه ڌاري واپس ڪيٽي بندر
پهتاسين ته سريراڳ جو هيٺيون بيت سڀني جي ذهن تي
غالب هئو ته:
ثابت لنگهيا سيرَ، لهرين لوڏيا ڪين ڪي،
وڃي پهتا پار کي، نرتئون منجهان نير،
ماءُ پهتا مير، ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين.
هتي پهچي اها ڳالهه واضح ٿي ته اگر اسين درياهه جي
ڇوڙ جو پاڻي غلام محمد بئراج کان هيٺ هنن درياهي
ڇاڙن ۾ نه ڇڏينداسين ته سامونڊي هوائون سمنڊ کي
کڻي ڌرتيءَ جو رخ ڪنديون ۽ پوءِ جهرڪ ۽ سونڊا به
هڪ ڏينهن اسانکي تاريخ ۾ صرف لکيل ملندا پر
جاگرافيائي اکيون پَسي نه سگهنديون، جيئن ديبل ۽
روپاماڙي اکين کان اوجهل آهن.
ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سُهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
(شاهه)
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
شاعر: محمد حاصل ’مسرور‘ چانڊيو
محمد حاصل ’مسرور‘ ولد فتح خان چانڊيو، ڳوٺ ڳنهور
خان چانڊيو جو جنم 1949ع ۾ ڳوٺ گهنور خان چانڊيو ۾
ٿيو، مسرور صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ گهنور
چانڊيو ۾ ورتي ۽ ابتدائي ديني تعليم پاسي واري ڳوٺ
شير خان چانڊيو ۾ مدرسه احياء العلوم ۾ مولانا
غلام رسول چانڊيو وٽ ورتي. انگريزي تعليم لاءِ
گورنمينٽ هاءِ اسڪول نبي سر روڊ ۾ داخلا ورتائين.
1960ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين، وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جانمحمد ۾ داخلا
ورتائين، انٽر پاس ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
بي.اي پارٽ ون جو امتحان ڏيڻ بعد، ذاتي مجبورين
سبب وڌيڪ تعليم نه پرائي سگهيو ڳوٺ اچي پنهنجي
زمينداري سنڀالڻ لڳو. سندن والد بزرگوار رئيس فتح
خان چانڊيو متوسط طبقي جو زميندار هو، انڪري پاڻ
به ان پيشي سان وابسته ٿي ويو. 1979ع کان شاعريءَ
ڪرڻ شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد، مشهور
شاعر ۽ استاد الشعرا، سائين محمد عمر ’معمور‘
يوسفاڻي جن هئا، جنهن سندس اشعار اصلاح ڪري سندن
شاعريءَ ۾ پُختگي آندي. مرحوم ’مسرور‘ صاحب مختلف
اصناف تي شاعري ڪئي، انهي ۾ غزل، بيت، حمد و نعت،
مناجات و منقبت حالاتي ۽ واقعاتي شاعري اچي وڃي
ٿي، پر ڇاڪاڻ ته پاڻ پنج وقت جو نمازي ۽ ديني
شخصيت هئا، انڪري سندن شاعريءَ جو لاڙو گهڻو ڪري
دينيات ڏانهن آهي. مسرور صاحب انتهائي نرم مزاج،
ٿورو ڳالهائو حسن اخلاق سان مالامال ۽ تمام گهڻي
سنجيده شخصيت هو، زندگي ڀر ڪڏهن به سندن زبان مان
بدلفظ نه نڪتو، ڳوٺ وارن يا قبيلي وارن مان ڪو
ماڻهو جذباتي ٿي غلط ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته به
پاڻ پيا کِلندا هئا ۽ نصيحت ڪندا هئا ته ڀائو صبر
ڪر پنهنجي زبان شيطان جي هٿ ۾ نه ڏي. پاڻ تيرهين
مارچ ٻه هزار هڪ ۾ هيءَ فاني دنيا ڇڏي، دارالبقا
ڏانهن راهي ٿيا، کين ٽي پٽ ٿيا. وڏو عبدالرشيد
چانڊيو، جيڪو نيشنل بئنڪ عمرڪوٽ ۾ آپريشنل مئنيجر
آهي، ان کان ننڍو مولانا سيف الله چانڊيو، جيڪو
دارالعلوم سجاول مان ديني تعليم ۾ دستار بندي ڪري
آيو آهي. ٽيون اعجاز حسين واپڊا ۾ ملازم آهي، سندس
سؤٽ قادر بخش ’مخلص‘ به هڪ بهترين شاعر آهي ۽ مخلص
به شاعري ۾ سائين معمور يوسفاڻي جي سينيئر شاگردن
مان آهي. سندس ڀائيٽو عطاءالله ’عطا چانڊيو‘ به
بهترين شاعر آهي. سندن غزل ۽ مناجات نموني طور پيش
ڪجي ٿو:
غزل
ڊڄي طاغوت ٿو جنهن کان، اسين سا ڪهڪشان آهيون،
کُٽڻ جو ڪين آ ڪنهن پر، اسين سو داستان آهيون.
اسين ظلم جا ماري ۽ اسين مظلوم جا حامي،
اسين غازي، اسين قاضي، اسين ڪوه فشان آهيون.
اسين تابع شريعت جا، اسين طامع طريقت جا،
اسين واقف حقيقت جا، اسين سِرَ نهان آهيون.
اسان کي فخر ۽ ناز آ، پنهنجي طريقي تي،
اسين قرآن جا قاري، ۽ ميرِ ڪاروان آهيون.
رهون ٿا دوستن سان، دوستي ۾ روزِ شب اڳرا،
عَدو جي لئه مگر يارو مصيبت ناگهان آهيون.
اسان جي ئي ڪري ’حاصل‘ هي آهي زيب دنيا کي،
زمانو آ اسانجو ۽ سين، شاه زمان آهيون.
مناجات
مان برو بيشڪ ڀلارا، تون رکج منهنجو ڀرم،
اي سچارا، شان وارا، تون رکج منهنجو ڀرم.
ظلمتن ۽ زحمتن مون کي وڪوڙيو چؤطرف،
ٿيا گناهن ۾ گذارا، تون رکج منهنجو ڀرم.
بي سرو، سامان کي تنهنجو سهارو ٿو کپي،
بي سهارن جا سهارا، تون رکج منهنجو ڀرم.
آ ڪدورت قلب کي ڪارو، ڪنو، ڪوجهو ڪيو،
پاڪ پرور اي پيارا، تون رکج منهنجو ڀرم.
جيئن ڏنم دنيا کي دل، جنجال ٻيڻو آ ٻريو،
ڪر ڪرم قادر قرار، تون رکج منهنجو ڀرم.
مقبول هي ’مسرور‘ ٿي جيڪر ٿيئين راضي رحيم،
بخش ڪر گناهه، تون رکج منهنجو ڀرم.
استاد المحترم حضرت مولانا غلام رسول چانڊيو جي
وفات تي چيل مرثيو
دين جو روشن ستارو، موڪلائي ويو هليو،
درس جنهن جو هو نيارو، موڪلائي ويو هليو.
سادگي جنهن جي ڏسي، انسان ٿي حيران ٿيا،
نيڪ سو نوري نظارو، موڪلائي ويو هليو.
ٿي ٺري دلڙي سدائين ٻول سڻندي جنهن سندا،
درد جو درمان، دلاور موڪلائي ويو هليو.
علم ديني کي پکيڙڻ ۾، گذاريائين ڄمار،
علم جو بي مثل چارو، موڪلائي ويو هليو.
جنهن کي ڏسندي ئي، اچيو ٿي ياد اصحابي ويا،
سو سڄڻ پارس پيارو، موڪلائي ويو هليو.
گفتگو جنهن جي ٻُڌڻ سان ذهن ٿي تبديل ٿيا،
سو ڀلو بزرگ ڀلارو، موڪلائي ويو هليو.
شرف شاگرديءَ سندو، ’مسرور‘ کي جنهن بخشيو،
سو مشرف مان وارو، موڪلائي ويو هليو.
آمري قبرستان تي
سوين راڄ راڻا، سُتا آمري ۾،
ڪڏهن کان نه ڄاڻا، سُتا آمري ۾.
وڏائي جي دعوا ڪئي جن وڏيون،
ٿين سنڌ ساڻا، سُتا آمري ۾.
جنين موت کي هو وسايو سدائين،
ڇڏي محب ماڻا، سُتا آمري ۾.
رکي رعب جن حڪم هردم هلايا،
گُهميا تن تي گهاڻا، سُتا آمري ۾.
ڏنا ٽهڪ ڏاڍا، جنين ڏند ٽيڙي،
ٿين ڌارا داڻا، سُتا آمري ۾.
وڏائي سندي واٽ وائي جنين کي،
لَکي سي لَٽاڻا، سُتا آمري ۾.
جنين جيئڻ لا جوڙ يا محل ماڙيون،
ڇڏي گهر گهراڻا، سُتا آمري ۾.
اعظم ڀٽي
ٽنڊومحمد خان
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان پاران محمد اشرف
ملاڻي جي آتم ڪٿا ’جيون جون انمول يادون‘ جي
مهورتي تقريب
26 فيبروري 2010ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران
انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جي سهڪار
سان سنڌي ادبي سنگت آفيس سوڪ سينٽر ٽنڊو محمدخان ۾
محمد اشرف ملاڻي جي آتم ڪها ’جيون جون انمول
يادون‘ جي مهورتي تقريب ٿي گذري. تقريب جي صدارت
ڊاڪٽر اسد ’جمال‘ پلي ڪئي، مهمان خاص محمد اشرف
ملاڻو ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري
جنرل يوسف سنڌي هئا، جڏهن ته اعزازي مهمان الهه
بچايو ’مشتاق‘ آريسر، محمد عظيم سهتو، مور ساگر
هئا، تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ چيو
ته اشرف ملاڻي جي آتم ڪٿا ۾ حق جو اظهار به آهي،
ڪالم نگاري به آهي ته خاڪا نويسي به آهي، هن چيو
ته آتم ڪٿا جو رنگ منفرد هوندو آهي، اهوئي نمونو
اشرف ملاڻيءَ جي آتم ڪٿا جو آهي، جنهن ۾ سادي ۽
آسان ٻولي استعمال ڪيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي اندر
جي پيڙاءُ به سمايل آهي، جن ڪيفيتن ۽ حالتن مان هو
گذريو، ان کي ڪاغذن تي ايمانداريءَ سان اُتاريو
اٿس،. ٻين مقررن جو خيال هو ته تخليقڪار اهوئي آهي
جيڪو زندگيءَ کي مثبت رنگ ڏيڻ لاءِ ڪانه ڪا تخليق
ڇڏي وڃي، ڪيترن ئي ليکڪن آتم ڪٿائن ۾ ڪيتريون ئي
ڳالهيون پوشيده رکيون آهن، اهو ضروري به ناهي ته
ان ۾ هر ڳالهه عيان هجي، زندگيءَ جي يادن کي سادي
۽ سلوڻي نموني سهيڙڻ به تاريخ جو حصو آهي، اشرف
ملاڻي به ان لحاظ کان پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، هن
مهذب انداز سان سادي ٻولي استعمال ڪري، وڏن جملن
بجاءِ ننڍا جملا استعمال ڪري پڙهندڙ لاءِ آساني
پيدا ڪئي آهي. تقريب کي سنڌي ادبي سنگت ضلعي
ٽنڊومحمد خان جي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي، شاخ
ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا، انجمن
ترقي پسند مصنفين ٽنڊومحمد خان چيپٽر جي صدر اعجاز
جسڪاڻي، نثار احمد ناز، عبدالڪريم سومري، منير
ڀٽي، جمن جانب سومرو، علي ڏنو جروار ۽ ٻين پڻ خطاب
ڪيو، جڏهن ته راڳي جان محمد لغاري، افضل قريشي ۽
ومل شرما بهترين ڪلام جهونگاري محفل کي چار چنڊ
لڳايا. ان کان اڳ مهمانن کي اجرڪ اوڍائي، ڪتاب جي
رونمائي ڪئي وئي.
رپورٽ: محمد ارشد بلوچ
حيدرآباد
سنڌي ڳجهارت جو لساني اڀياس
(ورڪشاپ)
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄام
شوري طرفان سنڌ جي لوڪ ادب کي هٿي وٺرائڻ ۽ اُن جي
اهميت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ 11 مارچ 2021ع تي لوڪ
ادب جي هڪ اهم صنف ’ڳجهارت‘ جي عنوان ’سنڌي ڳجهارت
جو لساني اڀياس‘ تي هڪ ورڪشاپ انسٽيٽيوٽ جي هال ۾
منعقد ڪيو ويو.
هن ورڪشاپ جي پروگرام جي صدارت شاهه جي رسالي جي
پارکو، اديب، شاعر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف
گورنرس جي ميمبر محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي ڪئي
جڏهن ته هن ورڪشاپ جو مُک پيشڪار سنڌ جو مشهور
سُگهڙ ۽ ڏاهو محترم تاج محمد هاليپوٽو هو.
هاليپوٽي جنهن کي لوڪ ادب جي پارکو لسانيات جي
ماهر، تعليمدان ۽ تاريخ نويس ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سنڌ جي سگهڙن جي سرواڻ جي پڳ ٻڌرائي، پروگرام
جو خاص مهمان ريڊيو پاڪستان جو اڳوڻو ڊائريڪٽر
محترم نصير مرزا هو، ۽ اعزازي مهمان ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جا فرزند انجنيئر علي محمد بلوچ هئا، ٻين
خاص مهمانن ۾ بيورو آف ڪريڪيولم جو ڊپٽي ڊائريڪٽر
محترم ادريس جتوئي ۽ ٽماهي
’مهراڻ‘ رسالي جا اڳواڻا ايڊيٽر محترم نفيس احمد
شيخ هئا.
هن پروگرام جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي،
ان کان پوءِ انسٽيٽيوٽ طرفان اسٽيج تي ويٺل مهمانن
کي اجرڪون اوڍايون ويون.
انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر محترم ڊاڪٽر الطاف حسين
جوکيي آيل سڀني مهمانن، اديبن، شاعرن، سگهڙن،
اُستادن، شاگردن ۽ صحافين کي هن پروگرام ۾ شرڪت
ڪرڻ تي ڀليڪار چيو ۽ شڪريو ادا ڪيو، هن چيو ته
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو سچوعاشق هو، جنهن
سنڌ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن خدمتن عيوض سنڌ
حڪومت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نالي سان هي ادارو سندن
حياتي ۾ 2009ع ۾ قائم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هي
انسٽيٽيوٽ 20 ڪتاب ڇپائي چڪو آهي، ۽ ٻن ڪتابن تي
ڪم هلندڙ آهي، جيڪي پڻ جُون مهيني ۾ ڇپجي ويندا،
جڏهن ته هن اداري طرفان 6 ملڪي سطح جا سيمينار پڻ
ڪرايا ويا آهن، اُن کان علاوه سنڌ جي تاريخ تي
تحقيق ڪندڙ ستن (7) محققن کي پڻ هن اداري طرفان
ڪيش انعام پڻ ڏنو ويو آهي.
ڳجهارت جي موضوع تي مُک تقرير ڪندي سُگهڙ تاج محمد
هاليپوٽي چيو ته لوڪ ادب سلسلي جو تيرهون نمبر
ڪتاب ’ڳجهارتون‘ آهي، جنهن جو مواد ڊاڪٽر بلوچ
صاحب سنڌ جي ٻهراڙين مان مقرر ڪيل ڪارڪنن/اُستادن
جي مدد سان 1958ع ۾ ڪيو ۽ 1961ع تائين اُن جو
مسودو تيار ڪري ڇپائيءَ لاءِ موڪليو، جيڪو پوءِ
ڪِن رڪاوٽن جي ڪري اَٺن سالن کان پوءِ 1969ع ۾
ڇپيو. هن وڌيڪ چيو ته ڳجهارت جي معنيٰ آهي ڳجهه،
راز، لِڪ يا مام وغيره. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته
ڳجهارت ذريعي راز، پيار، ڏک سک، ميل ميلاپ،
خوشيون، غم، ميارون ڏوراپا ۽ سياسي سماجي حالتن کي
دانائي ۽ ڏاهپ سان هڪٻئي کي ٻڌائڻ جو نالو آهي، هن
چيو ته ڳجهارت جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ لاءِ سگهڙن وٽ ٻولي جي
لفظن جو اڻکٽ تعداد هوندو آهي، جنهن سان هُو سوين
گَس ۽ گهاڙيٽا گهڙي ۽ جوڙي ڳجهارت ٺاهي ٿو. سُگهڙ
تاج محمد هاليپوٽي ڳجهارت جي بيهڪ، جوڙجڪ، بند،
پاون ڏيڻي ۽ ڀڃڻي جي طريقن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ طرفان قائم ڪيل اصولن جي روشني ۾ بيان ڪندي
هن چيو ته: ڪچهري ۾ هڪ سُگهڙ ڳجهارت ڏي ۽ ٻيا ڀڃن
يا ٻه ٽوليون سُگهڙن جون پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪن. ڪچهري ۾
وري هڪ ٻه مصنف به هجن جيڪي تڪرارن جا فيصلا
نبيرين. ٻن ٽولين ۾ ڳجهارت هڪ سُگهڙ ڀڃي ۽ ٿڪي پوي
ته ساڳي ٽوليءَ جو ٻيو سُگهڙ ڀڃي. ڳجهارت ڏيندڙ
سريلي، معياري ۽ ڪچهري شان مطابق ڳجهارت ڏي.
جيڪڏهن ڪنهن سُگهڙ جي ڳجهارت ٻڌل آهي ته اهو نه
ڀڃي. بلڪ اعلان ڪري ته اڳ ۾ ٻڌل آهي. ڳجهارت ڀڃي
ته ڪچهري واه واه ڪري ۽ پوءِ ڏيندڙ سڄي ڪري يا
کولي، ڳجهارت نه ڀڃي ته بيهي وڃي ته ڏيندڙ لاءِ
واه واه ٿئي ۽ پوءِ ڳجهارت ڏيندڙ وري خود ڀڃڻي جا
پاوا ٻڌائي ۽ کول ڪري. ڳجهارت جو فن ئي سُگهڙن جي
اصل سڃاڻپ آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ذخيرو سمايل
آهي.
پروگرام جي خاص مهمان محترم نصير مرزا چيو ته
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سنڌ سان عشق هو، جنهن
عشق ۾ هُن لوڪ ادب جا 42 ڪتاب سهيڙيا ۽ انهن تي
شاندار تحقيقي مقدما لکيا.
پروگرام جي اعزازي مهمان انجنيئر علي محمد بلوچ
پنهنجي والد صاحب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بابت
پنهنجون يادگيريون بيان ڪندي چيو ته بابا سائين
ڊاڪٽر بلوچ کي سنڌ جو لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جو شوق ننڍي
هوندي سندس ناني لعل خان کان پيدا ٿيو، ننڍڙي نبي
بخش کي نانو پاڻ سان ڪچهرين ميلن ۽ ملاکڙن ۾ پاڻ
سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ ڪچهريءَ جا گُڻ ۽ نُڪتا
سيکاريندو رهندو هو.
محترم محمد ادريس جتوئيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته
لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ املهه موتي ۽ خزانا لڪيل آهن،
جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڏي ڪوششن سان
سهيڙي ڪتابي شڪل م محفوظ نه ڪري ها ته اڄ هيءُ سڀ
ٻوليءَ جا خزانا سگهڙن ۽ ڏاهن کان گڏ دفن ٿي هميشه
لاءِ ختم ٿي وڃن ها.
محترم نفيس احمد شيخ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڊاڪٽر
اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ جَس لهڻي جنهن هي علمي ادبي
ورڪشاپ ڪوٺائي ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. اُميد آهي
ته هي ادارو اڳتي به اهڙا تحقيقي پروگرام ڪرائيندو
رهندو ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي مشن کي جاري رکندو.
پروگرام جي صدارتي خطبي ۾ نامياري شاعر، عالم ۽
اديب ڊاڪٽر اسد جمال پلي چيو ته لوڪ ادب جي صنفن ۾
پرولي، ڏس ڏٺ، معمائون ۽ ٻول به شامل آهن، پر
ڳجهارت جي اهميت سڀني کان وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته
ڳجهارت ۾ جيڪو ٻوليءَ جو خزانو آهي، اوترو ٻي ڪنهن
صنف ۾ ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ
ادب تي جيترو گهڻو ڪم ڪيو آهي اُن جو مثال پوري
دنيا ۾ نٿو ملي.
هن پروگرام ۾ شاگردن جا اَٺ گروپ ٺاهيا ويا، جن
سان گڏ هر گروپ ۾ هڪڙو سُگهڙ ويهاريو ويو ۽ پوءِ
انهن شاگردن کي سگهڙن جي مدد سان ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڀڃڻ
بابت ڄاڻ ڏني وئي ۽ ڳجهارت تيار ڪرائڻ جي سکيا پڻ
ڏني وئي.
هن سڄي پروگرام جي ڪاروائي سگهڙ عاجز رحمت الله
لاشاري هلائي، جڏهن ته اداري جي ڪارڪنن محمد ارشد
بلوچ ۽ افتخار اسحاق ميمڻ سڄي پروگرام جي انتظام
کي سهڻي نموني سان سنڀاليو.
آخر ۾ انسٽيٽيوٽ جي طرفان سڀني مهمانن لاءِ
مانجهاندي ۽ چانهه جو بندوبست پڻ هو.
عظمت الله ڪنڀر
حيدرآباد
حيدرآباد ادبي فيسٽيول
سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي ۽ ثقافتي راڄڌاني حيدرآباد ۾
ڪورونا جي وبائي دور ۾ ادبي، علمي ۽ ثقافتي
سرگرمين
کي
هٿي وٺرائڻ ۽ ماڻهن کي ادبي ۽ ثقافتي تفريح فراهم
ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن لاءِ ڇھون حيدرآباد لٽريچر
فيسٽيول
تاريخ 20 ۽ 21- مارچ 2021ع تي
ثقافتي ۽ ادبي رنگن سان ٿي گذريو. مختلف ڪتابن جو
مهورت، عبدالقادر جوڻيجو، حسن درس، نسيم کرل،
ممتاز مرزا، رسول بخش درس ۽ ٻين کي ڀيٽا، لطيف جي
ڪم تي تحقيق ۽ ادب تي ويهڪون ٿيون، هي ڪراچيءَ
۾ ٿيل سنڌ لٽريچر فيسٽيول ٻيو وڏو فيسٽيول هو، جتي
ادب جا ستارا هر پاسي چمڪندا نظر آيا، لٽريچر
فيسٽيول ۾ هنرمند جي هٿ سان ٺاهيل ڪپڙن ۽ ٻين
مختلف شين جي نمائش لڳائي وئي. جڏهن ته ظفر ڪاظمي
آرٽ گيلريءَ
۾ سنڌ يونيورسٽي آرٽ اينڊ ڊزائين شعبي جي شاگردن
پاران تيار ڪيل پينٽنگ ۽ تصويرن جي نمائش جي لاءِ
ڪارنر قائم ڪيو ويو. سگهڙن پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪيو، جڏهن ته ويهڪن جي آخر
۾
راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ناميارن
راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، فيسٽيول ۾ مختلف
سرڪاري کاتن ۽ مختلف پبلشرن پاران رعايتي اگهن تي
ڪتاب وڪرو ڪرڻ وارا اسٽالز لڳايا ويا. جڏهن ته
هنرمندن جي ڪم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هٿ سان ٺاهيل
ڪپڙن ۽ ٻين شين جي نمائش ٿي، تصويرن جي نمائش ۽
هنري نمائش ۾ توڙي ڪتابن جي نمائش ۾ نوجوانن جا
هجوم نظر آيا. سنڌ ميوزيم جي احاطي ۾ ٻن عارضي
ٺاهيل هالن مان هال نمبر هڪ ۾ افتتاحي ويهڪ منعقد
ڪئي وئي، جنهن ۾ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي راڳين ۽ ٻين
صوفي راڳين پنهنجي پنهجي انداز فن جا جوهر
ڏيکاريا، جڏهن ته مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ثقافتي
لباس ۾ ملبوس شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيا.
فيسٽيول ۾ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي
وزير سيد سردار علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته هن
قسم جي ادبي ميلن ۾ نوجوانن جي ڀرپور شرڪت ڳالهه
جي گواهي آهي ته اسان جا نوجوان سکڻ چاهين ٿا ۽
سندن ادب طرف لاڙو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ادبي
ميلا شروع ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيو،
پر ڪجهه سالن کان وڏي ڪاميابي سان ادبي ميلا منعقد
ٿي رهيا پيا، هن چيو ته ميلا نه رڳو ادب پر ثقافت
۽ ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا،
افتتاحي ويهڪ ۾ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي
صوبائي سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو ته ڪورونا جي ڪري
خدشا هئا ته هيءُ
پروگرام ملتوي ڪجي، جيڪڏهن فيسٽيول ملتوي ڪجي ها
ته فيسٽيول منعقد ڪرڻ وارو تسلسل ختم ٿي وڃي ها،
تنهن ڪري ايس او پيز تحت انتظامن سان فيسٽيول ڪيو
ويو آهي. سگا
جي
باني چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته حيدرآباد
ثقافت جو مرڪز آهي، وبا واري حالتن ۾ ادبي فيسٽيول
ڏاڍي اهميت رکي ٿو، بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري
منور علي مهيسر چيو ته ادبي ۽ ثقافتي ميلا اسان جا
آهن، اهي سڀ گڏجي ملهائي رهيا آهيون، اهڙن ميلن کي
پنهنجو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ليکڪ ڊاڪٽر صادق الله
وزير چيو ته منهنجي ڪتاب جو نالو مٺو درياهه آهي ۽
اهو سنڌو درياهه آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري
ان جي مهورت ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
حيدرآباد جي ڊي آءِ جي شرجيل ڪريم کرل خطاب ڪندي
چيو ته هن قسم جا ميلا ماڻهن ۾ پنهنجي ادب ۽ تاريخ
سان لڳاءُ پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن، جنهن ڪري
هن قسم جا ميلا ٿيڻ گهرجن. حيدرآباد جي ايس.ايس.پي
عبدالسلام شيخ چيو ته اهڙي قسم جون ادبي ۽ ثقافتي
سرگرميون زنده معاشري جون نشانيون هونديون آهن،
ليکڪ اظهار سومرو آجياڻو ڏيندي چيو ته هن ٻن ڏينهن
واري فيسٽيول ۾ 30 کان وڌيڪ ويهڪن ۾ 18 ڪتابن جي
رونمائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف سنڌ جي نامياري شاعر حسن درس
تي ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر طور ذميواري بخشڻ
مهراڻوي نڀائي. ان موقعي تي نامياري شاعر علي آڪاش
۽ علي زاهد موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته حسن درس
سنڌي شاعريءَ جي نگريءَ
۾ الڳ سڃاڻپ، لهجو ۽ خيال قائم ڪيو، هن جي شاعري ۾
ڌرتي جا منظر آهن، حسن درس اڏيندڙ ڪردار هو، جڏهن
ته فيسٽيول ۾ خالد ڪنڀر جي ڪتاب خانه بدوش قبيلا
تي پڻ ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر فياض نائچ هو. ان
موقعي تي خالد ڪنڀر ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ
خانه بدوش قيبلن تي ايترو ڪم ناهي ٿيو، سڃاڻپ ڪارڊ
جو مسئلو هنن قبيلن سان موجود آهي، هنن قبيلن ۾
رقص کي وڏي اهميت مليل آهي، سينيئر صحافي اسحاق
مڱريو چيو ته خانه بدوش قبيلن جي ماڻهن وٽ اڄ جي
جديد دور ۾ گهر ناهي، هو لڏپلاڻ ان ڪري ڪن ٿا ته
هاڻ هي علائقو آلوده ٿي چڪو آهي، ان ڪري نئين
علائقي ۾ وڃجي، ملڪ ۾ خانه بدوش قبيلن جي لاءِ ڪو
به پروگرام ناهي، خانه بدوش قبيلن جا ماڻهو هن ملڪ
جا رهواسي آهن، انهن جا به ٻين شهرين جهڙا حق آهن،
جڏهن ته وبا جي زماني ۾ ادب جي عنوان هيٺ ياسر
قاضي جي ماڊريٽري ۾ ويهڪ ٿي، جنهن ۾ اختر حفيظ جي
ڪتاب ڪووڊ 19 جي مهورت ڪئي وئي. ويهڪ ٻولي اٿارٽي
جي سيڪريٽري ۽ نامياري شاعره شبنم گل چيو ته
ڪورونا وبا جي دور ۾ اخبارن جي ڪالمن ماڻهن تي وڏا
اثر ڇڏيا. ڪورونا ۾ ادب ڪم ڏيکاريو آهي. نامياري
آرٽسٽ رياض رفيق چيو ته ڪورونا وبا جي شروعاتي 6
مهينن ۾ خوف جو عالم هو، جنهن ۾ آرٽسٽ سخت متاثر
ٿيڻ سبب مالي پريشانين جو شڪار رهيا، ليکڪا عطيه
دائود چيو ته ڪورونا وبا دوران عورتون سخت متاثر
ٿيون، ذوالفقارقادري، رزاق عمراڻي، ليکڪه پروفيسر
تنوير انجم، ڊاڪٽر عبدالرحمان پيرزادو، شائسته
مومن، افضال سعيد ۽ ٻين پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا،
ٻئي طرف نامياري ڪهاڻيڪار نسيم کرل تي ممتاز بخاري
جي ماڊريٽري ۾ ويهڪ ٿي، جنهن ۾ نامياري ليکڪ ۽
شاعر ادل سومرو چيو ته نسيم کرل سنڌي سماج جي
نفسيات جيئن جو تيئن پنهنجين ڪهاڻين ۾ پيش ڪئي، هن
وڏيرڪي سماج تي لکندي چيو ته وڏيرا پئسا ڪمائڻ جي
لاءِ پنهنجا تعلقات ڪيئن ٺاهين ٿا. نامياري شاعر
اياز گل چيو ته نسيم کرل پاڻ وڏو زميندار هو، هن
کي سنڌي ادب ۾ ادب ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو، ڊي
آءِ جي شرجيل کرل چيو ته نسيم کرل منهنجو چاچو
هو، سندس شهادت وقت آئون 8 سالن جو هئس. هن چيو ته
هن وقت هر ڪلاس جي ماڻهن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ
جو رجحان وڌي ويو آهي پر نسيم کرل 60ع واري ڏهاڪي
۾ پنهنجين نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياري، ان موقعي
تي نسيم کرل جي پٽ فيصل کرل چيو ته بابا وڏي بهادر
شخصيت جو مالڪ هو، هن لکڻين ذريعي معاشري جي عڪاسي
ڪئي، فيسٽيول ۾ ممتاز مرزا جون ثقافتي ۽ ادبي
خدمتون جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي. نصير مرزا جي
ماڊريٽري ۾ ٿيل ويهڪ ۾ نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر
نواز علي شوق چيو ته ممتاز مرزا وڏو ڪهاڻيڪار،
ڊراما نويس کانسواءِ پنهنجي دور جو وڏو محقق هو،
ليکڪ پروفيسر نظير قاسمي چيو ته هن لوڪ ادب جي
آفيس ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي نظرداري ھيٺ رهي سنڌي ٻولي
جو وڏو خزانو پنهنجي نثر ۾ استعمال ڪيو. ليکڪ طارق
عزيز چيو ته ممتاز مرزا پيدائشي با صلاحيت ليکڪ
هو، نصير مرزا چيو ته ممتاز مرزا شاھ جي اسٽيج جو
بادشاهه ڪمپيئر هو. هن سنڌي نثر ۾ نوان آڻي
شهنشاهيت ڪئي. لٽريچر فيسٽيول ۾ "خاڪا نويسي" جي
موضوع تي ليکڪا ۽ سماجي اڳواڻ زاھدہ ڏيٿو جي
مادريٽري ۾ ويهڪ ٿي، جنهن ۾ نامياري شاعر ۽ سينيئر
صحافي نياز پنهور جي خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”هينئڙي سڄڻ
ساريا“
جي پڻ رونمائي ڪئي وئي.
ان موقعي تي نامياري شاعر ۽ سينيئر صحافي نياز
پنهور چيو ته مختلف دوستن ۽ شخصيتن تي لکيل خاڪن ۾
انهن جي زندگين ۾ لڪل پاسن کي پڙهندڙن لاءِ سامهون
آندو آهي. هن چيو ته خاڪن ۾ شخصيتن جي ظاهري شڪلن
کي هلڪو رکي انهن جي لڪل پاسن کي پڙهندڙن لاءِ
سامهون آندو آهي. هن چيو ته جن تي خاڪا لکيا آهن،
انهن سان پراڻو تعلق آهي، اهي منهنجي لکيل خاڪن
جي ترديد نه ٿا ڪري سگهن پر اهو چئي سگهن ٿا ته
سندن بابت جيڪو مواد لکيل آهي، اهو وڌيڪ آهي، هي
خاڪا حقيقت جي ويجهو لکيل آهن. هن چيو ته خاڪن جي
ڪتاب تي ادبي دوستن ۽ ڪتاب جي پبلشر طرفان تمام
گهڻي موٽ ملي رهي آهي، انهي موٽ جي ڪري لکڻ وارو
عمل جاري رکيو ويندو. هن چيو ته اسان جي ليکڪن کي
سماج جي حقيقي ڪردارن تي لکڻ گهرجي، خاڪن جا ڪتاب
وڌيڪ پڙهيا ويندا آهن. نامياري شاعر عزيز گوپانگ
چيو ته خاڪي ۽ پروفائيل جي فرق کي سمجهڻ گهرجي،
ڪنهن به شخصيت جي ڏات، حسناڪي ۽ زندگي جي تجربن کي
گڏ ڪري لکڻ خاڪو آهي. هن چيو ته منهنجي لکڻ جو
انداز آرٽسٽ ۽ شاعري وارو رهيو آهي، خاڪو نثر جو
حسناڪ پاسو آهي. علي دوست عاجز چيو ته شخصيتن جا
ڪيترائي پاسا هوندا آهن، ڪنهن به شخصيت تي خاڪو
لکڻ جو حق تڏهن هوندو آهي، جڏهن توهان ان سان پيار
ڪندا هجو. هن چيو ته ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ خاڪو نه
ٿو لکي سگهجي. ان ويهڪ ۾ ناليواري اديب ۽ ليکڪا
نورالهديٰ شاھ، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، ناز سنائي،
اشتياق انصاري، ادل سومرو ۽ ٻيا ناليوارا اديب ۽
ليکڪ موجود هئا. فيسٽيول ۾ ”شاھ لطيف جي ڪم تي
تازي تحقيق ۽ ان جو تحفظ“ جي موضوع تي ويهڪ ٿي،
جنهن ۾ ماڊريٽري جي ذميواري جونيئر آڪاش انصاري
نڀائي. ويهڪ ۾ سنڌي ٻولي ۽ لطيف تي ڀٽائي پيڊيا
پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ امر فياض ٻرڙو چيو ته اسان کي
دنيا ۾ سنڌي هجڻ وارو تعارف شاھ جو رسالو، موهن جو
دڙو ۽ سنڌي ٻولي جي موضوع تي ڪرائي سگهون ٿا. هن
چيو ته شاهه جي رسالي ۾ عالمگيريت جو پيغام آهي.
لطيف دنيا جو وڏو شاعر آهي، جنهن بابت ثبوتن بابت
مواد ڀٽائي پيڊيا تي موجود آهي. 17هين صدي ۾ جڏهن
يورپ سائنس جي ڳالهه پئي ڪئي ته ان ئي وقت لطيف
فلسفي جي ڳالهه ڪئي پر بدقسمتي سان لطيف کي سمجهي
نه سگهيا آهيون. هن چيو ته لطيف کي جديد دور جي
گهرجن مطابق نروار ڪرائڻو پوندو، جيئن ايندڙ نسل
لطيف کي سمجهي، ان جي مالڪي ڪري سگهي. ويهڪ ۾
ناليواري محقق ۽ اديب سليم ڀٽو لطيفي چيو ته شاهه
لطيف جي ڊجيٽلائيزيشن ٿيڻ کانپوءِ ان کي ٻڌڻ ۽
سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، هن چيو ته سنڌ جي ٻولي،
ثقافت ۽ تهذيب کي ڪيترائي خطرا موجود هئا، لطيف جي
ڊجيٽلائيز ٿيڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب
جي بقا کي بند ٻڌجي ويا آهن. فيسٽيول ۾ ”خوشبو ٿري
لوڪ گيتن جي“ جي موضوع تي ويهڪ ٿي، جنهن جو
ماڊريٽر مير منصور مڱريو هو، ويهڪ ۾ ليکڪ نور احمد
جنجهي جي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”خوشبو ٿري لوڪ گيتن
جي“ جي
رونمائي
ڪئي وئي. ڪتاب جي ليکڪ نور احمد جنجهي چيو ته لوڪ
ادب انساني زندگي جو تحرڪ آهي، ادب ۽ شاعري پهريون
ڪلام آهي، ان کانپوءِ لکت آهي. هن چيو ته لوڪ ادب
عظيم ورثو آهي، لوڪ گيت دل جي آواز آهن. نامياري
اديب ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته نور احمد جنجهي ٿر
جي شناخت وارن لوڪ گيتن کي نروار ڪيو آهي، هن جو
ڪتاب تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي، نامياري اديب غلام
علي ٻرڙو چيو ته لوڪ گيت امنگن جو ترجمان، جذبن ۽
وضاحتي آرٽ آهي، لوڪ ادب جي تاريخ ڊگهي آهي. هن
چيو ته سنڌي لوڪ ادب ۾ جيڪو اظهار آهي، اهو دنيا
جي به لوڪ ادب ۾ ناهي. انگريزي ادب جي استاد ڊاڪٽر
فريده پنهور چيو ته نور احمد جنجهي جو واحد ڪتاب
آهي، جيڪو ٻن ڏينهن اندر پڙهي مڪمل ڪيو، هن چيو ته
اسان کي سنڌي ادب جا انگريزي ۾ ڪتاب گهرجن ٿا،
ادبي ميلي ۾ ناول نگار ستار رند جي زندگي ۽ ادبي
خدمتن تي هڪ ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر ادريس جتوئي
هو، ويهڪ دوران ستار رند جي ڪتاب ”يادن کي الوداع“
جي
رونمائي
وئي. ان موقعي تي ستار رند جي نياڻي فاطمه ستار
چيو ته بابا گهڻو پيار ڪندو هو، هو دوستن وارو
رويو رکندو هو، هو جيڪو ڪجهه لکندو هو، اهو اسان
سان شيئر ڪندو هو. ان موقعي تي منوج ڪمار ۽ غلام
نبي پڻ ويچار ونڊيا. فيسٽيول ۾ سنڌي شارٽ ڪهاڻيءَ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر
اختر حفيظ هو، ويهڪ ۾ مقرر اخلاق انصاري، جعفر
شاهاڻي ۽ صدام جوکيو هئا. ان موقعي تي اخلاق
انصاري ڳالهائيندي چيو ته اردو ڪهاڻي ايتري طاقتور
ناهي، سنڌي ڪهاڻي تمام طاقتور آهي، ڪليم ٻٽ چيو ته
ڪابه ڪهاڻي پنهنجي موضوع سان مشهور ٿيندي آهي. هن
چيو ته ڪهاڻيءَ
کي هڪ سئو لفظن ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي، ڪهاڻيڪار
جعفر شاهاڻي چيو ته ڪهاڻين ۾ انتهاپسندي اهم موضوع
لڳو، انتهاپسندي علائقن سان وابسطا به رهي آهي، ان
ڪري مون نائن اليون ۽ قلندر درگاهه تي حملي جي
پسمنظر ۽ گمراهه جي موضوعن تي ڪهاڻيون لکيون آهن.
صدام جوکيو چيو ته مون ڪهاڻين ۾ عورتن جي ترقيءَ جو اتساهه ڏنو آهي، تجسس واريون ڪهاڻيون هجڻ گهرجن.
لٽريچر فيسٽيول جا ٻئي ڏينهن محفل موسيقي جا پروگرام
پڻ ٿيا، پهرين رات صوفي راڳين حاضرين کي جهومڻ تي
مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻي رات سنڌ جي نامياري
فنڪارن تاج مستاني، ريشمان پروين ۽ ٻين فنڪارن فن
جا جوهر ڏيکاريا ۽ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو،
جڏهن ته نوجوانن گلوڪارائن پليجو سسٽرز ۽ ٻين
فنڪارن پڻ خوب داد ماڻيو، فيسٽيول ۾ سنڌ جي وڇڙي
ويل اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن کي ياد ڪري سندن فن
۽ زندگيءَ تي ويچار ونڊي کين ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي
وئي، ان حوالي سان صحافي الهه بخش ڪنڀر جي
ماڊريٽري ۾ ”ساروڻيون“ جي موضوع تي ويهڪ ٿي، جنهن
۾ نامياري اديب تاج جويو وڇڙي ويل ڪهاڻيڪار رسول
بخش درس تي ڳالهائيندي چيو ته هن جهڙو ڪردار ڳولي
به ڪونه لڀندو، هن وٽ لفظن ۾ ڪينجهر واري حسناڪي
هوندي هئي، هو سنڌ ۽ سيد جو سچو عاشق هو، ناليواري
شاعر اياز گل تازو وڇڙي ويل نثر نويس پارس حميد تي
ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادب کي پارس حميد نثري نظم
جو بهترين ڪتاب ڏنو، هن جو وڏو حوالو نثري نظم
آهن، ناليواري شاعر ۽ اديب اسحاق سميجو ڪهاڻيڪار
عبدالقادر جوڻيجو تي ڳالهائيندي چيو ته عبدالقادر
جوڻيجو جون ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن، فيسٽيول ۾
عبدالقادر تي پورو سيشن ٿيڻ گهرجي ها، اهڙي ريت
مختلف سيشنز پڻ ٿيا، ”سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا“ تي
سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر ياسر قاضي هو. ويهڪ ۾
سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر محمود مغل، ادبي بورڊ جي
گلبدن جاويد مرزا، اشتياق انصاري، ڊاڪٽر اين اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مقرر هئا. ان موقعي تي مقررن ويهڪ ۾ ڳالهائيندي
چيو ته سنڌ جا علمي ادبي ادارا اهميت جوڳا آهن،
جيڪي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ذميواري سان ڪن پيا.
هنن چيو ته اسان سڀني کي پنهنجن ادارن
کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، رڳو تنقيد نه ڪرڻ گهرجي،
تنقيد براءِ اصلاح ضرور ڪرڻ گهرجي پر رڳو تنقيد جو
نشانو نه بڻائڻ گهرجي، لٽريچر فيسٽيول جي پُڄاڻيءَ
وارو آخري سيشن ”سُگهڙ ڪچهري“ منعقد ڪئي وئي، جنهن
جو ماڊيٽر سلات جو باني چيئرمين عاجز رحمت الله
لاشاري هو، سگهڙ ڪچهريءَ ۾ لطيفي لوڪ ادب تي سليم
ڀٽو لطيفي، ٻاراڻي ۽ عورتاڻي لوڪ ادب تي سگهڙ عورت
زيب نظاماڻي ڀرپور نموني ڳالهايو، هنن چيو ته سنڌي
ٻوليءَ جو بُڻ بنياد لوڪ ادب آھي پر ان کي ورهاڱي
کان وٺي هن وقت تائين گهُربل موٽ ناهي ڏني وئي
جنهن سبب ڏات ڌڻين سان گڏ سندن سينن ۾ سمايل صدري
خزانو به مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيندو پيو وڃي، مشھُور
سگهڙن علي اڪبر اداسي، احمد علي اترادي، خادم حسين
مغل ۽ محمد يعقوب جاگيراڻي لوڪ ادب جي لاتين جو
قديم ۽ جديد رنگ پيش ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
صحافي ناز سهتو، نثار کوکر، ممتاز بخاري، صائمه
جعفري، فرحانه انيس، رخسانه پريت، گلبدن جاويد
مرزا.، محجبين غزل، حميرا شمس، آڪاش انصاري، نصير
مرزا، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر، امينه سيد، مدد علي
سنڌي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻين مختلف سيشنز ۾
پنهنجا ويچار ونڊيا. اهڙي ريت حيدرآباد لٽريچر
فيسٽيول ادبي ۽ علمي ويهڪن، ثقافتي رنگن ۽ موسيقي
جي سرهاڻ سان پڄاڻيءَ
تي پهتو، هر ٻولي جي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۽ هر عمر
جي ماڻهو ۾ ادب توڙي تعليم جي اتساهه، تفريح ۽ سٺي
سماج جي جوڙجڪ لاءِ هن قسم جا ايونٽ آڪسيجن آهن.
جيڪي روح ۽ سماج کي تازو ڪري نئين جستجو جو سبب
ڏئي وڃن ٿا.
|