ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
مترجم: ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر
ڪراچي
سنڌ جي صوفيانه روايت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي
اسلام
اٺين صديءَ ۾ سنڌ ۾
داخل ٿيو ۽
يارھين صديءَ
جي شروع تائين
سنڌ
عرب حڪمراني ھيٺ رھي. ڏھين صديءَ جي شروعات ۾
مشهور
صوفي حسين بن منصور حلاج سنڌ
گهمڻ آيو هو ۽ کيس 309/922 ۾ بغداد ۾ سوريءَ
چاڙهيو ويو هو. تيرهين صديءَ دوران تصوف جا سلسلا
باقاعدي وجود ۾ اچڻ لڳا ته
شروعات ۾
ئي
سنڌ ملتان سميت
سهروردي
سلسلي کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني جنھن
سان
اڳتي ھلي سنڌ تصوف جو
مضبوط
مرڪز
بنجي وئي.
شيخ شھاب الدين سھروردي
ان عرصي
دوران ملتان سميت سنڌ کي پنھنجي علم ۽ فيض جي برڪت
سان نوازيو.
ليڪن
بغداد ۾ بھاءُالدين ذڪريا
ملتاني
جي
پهچڻ
کان
اڳ
سنڌ جي بکر واري علائقي سان تعلق رکندڙ نوح بکري
کي شيخ شھاب الدين سھروردي پنھنجو خليفو مقرر
ڪري چڪو هو.
اھڙي طرح سنڌ جو تصوف سان ناتو
وڌيڪ مضبوط ٿيڻ
لڳو
جڏهن
ساڳي صدي دوران شيخ شھاب الدين سھروردي جو
ڏوهٽو
سيد محمد مڪي
(وفات: 644/1266)
سنڌ ۾ اچي بکر واري علائقي ۾
مستقل
رھائش اختيار ڪئي. اھو ساڳيو ئي زمانو ھو جنھن ۾
پير پٺو
بھاءُالدين زڪريا
ملتاني
جو خاص خليفو ٿي گذريو.
جنهن جي
مزار ٺٽي ۾ واقع آھي. ان دور ۾ چشتيئه
سلسلي سان تعلق رکندڙ شاھه
جميل گرنار کان ٺٽي پھچي
چشتيه
تعليمات جو آغاز ڪيو.
سنڌ ۾ قادري ۽ نقشبندي سلسلن
جي اوسر پڻ
ڏھين ۽ يارھين صدي ۾ ٿيڻ لڳي.
نائين/پندرهين صديءَ جي آخر ڌاري سيد محمد جونپوري
جيڪو ’مهدي‘ جي لقب سان مشهور ٿيو گجرات کان ٿيندو
ٺٽي پهتو. جيتوڻيڪ سندس ’مهدي‘ واري دعويٰ تي گهڻن
اعتراض ڪيا، پر ڪيترا مذهبي عالم سندس حلقهء اثر ۾
داخل ٿي ويا. انهن مان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل قاضي قادن
(وفات: 958/1551) آهي. اهو عالم مان بدلجي صوفي
ٿيڻ وارو قاضي قادن ئي هو جنهن اهڙا صوفيانه بيت
چيا جيڪي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو پاڻ پڙهندو
هو. اهوئي سبب آهي جو سندس اهي بيت پوءِ شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات بيان العارفين ۾
سندس نالي سان محفوظ ٿي ويا. اها ملفوظات شاهه
ڪريم جي هڪ مريد پنهنجي مرشد جي وفات کان فقط ڇهه
سال پوءِ 1630 ۾ مرتب ڪئي. قاضي قادن جا اهي ست
بيت سنڌ ۾ صوفيانه شاعريءَ جو مثالي نمونو آهن.
انهن سڀني بيتن ۾ وڌيڪ اهم بيت جيڪو سندس روحاني
تجربن ۽ تبديليءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو هن ريت آهي:
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
اٽڪل
چئن صدين گذرڻ کانپوءِ 1978ع ۾ قاضي قادن ۽ گجرات
جي دادو ديال (1544-1603)
جا
هڪڙي ئي ڪتاب ۾ لکيل وڌيڪ
بيت ڀارت جي ھريانا رياست جي ڳوٺ ’راڻيلا‘
مان دريافت ٿيا.
دادو ديال ڀڳتي تحريڪ جو نمائندو شاعر هو.
ان
ڳالهه
مان اھو واضح
ٿئي ٿو ته
قاضي قادن جي شاعري
سنڌ کان ٻاهر
ولايت واسي ڇڏيا ھئا. سندس مقبوليت ۽ مڃتا ھند
تائين پهچي چڪي
ھئي. اھوئي سبب
هو
جو جڏھن
گجرات جي
غوثي
مانڊوي
پنھنجو مشھور تذڪرو
’گلزار
ابرار‘
1630-20
دوران
تحرير
ڪيو ته
ان ۾ قاضي قادن جي چئن
سنڌي
بيتن جو
خاص طرح
ذڪر ڪندي
کيس
ھڪ
وڏي
صوفي شاعر طور پيش
ڪيائين.
بيان العارفين شاھه
ڪريم
جي باري ۾ ملفوظاتي ادب جو شاهڪار آهي جنهن مان
سندس قادري سلسلي سان وابستگيءَ جو پتو پوي ٿو. هو
وڏي پائي جو
صوفي
۽ شاعر ٿي گذريو آھي.
بلڪه
شاعري سان گڏوگڏ ھُو
صوفي
سماع کي گهڻو
پسند ڪندو ھو. ھڪ دفعي ھن گجرات ۾ محفل سماع
۾ شرڪت ڪئي جتي ھن کي ھندي
بيتن
ٻُڌڻ جو پڻ موقعو مليو. شاھ ڪريم قوالن
جي
گهڻي
عزت
ڪندو
ھو ۽ انھن جي
قدرداني ڪندي کين شال،
اجرڪ
وغيره ڏئي اُٿندو
ھو. ان
لحاظ سان
بيان العارفين
۾ نه
صرف
تصوف
جي
روايت جو ذڪر ملي
ٿو پر ان سان گڏوگڏ اھو سنڌ ۾ تصوف جي ثقافتي
سڃاڻپ
کي اُجاگر ڪري ٿو.
بيان العارفين جي
مطالعي مان
معلوم ٿئي ٿو ته
شاھ ڪريم
اسلامي دنيا جي وڏن صوفين جهڙوڪ بايزيد بسطامي،
جنيد
بغدادي،
منصور حلاج،
ابوالحسن
خرقاني
جي خيالن کان
گهڻو
متاثر ھو.
بيان العارفين ۾ ابن عربيءَ جي مشهور ڪتابن
’فتوحات‘ ۽ ’فصوص الحڪم‘ جا اڻ سڌيءَ طرح حوالا
ملن ٿا.
ان سان گڏوگڏ ھُو
مولانا رومي جي مثنوي کان به
گھڻو
واقف
ھو ۽ مثنوي
روميءَ
سان لڳاءَ کي
سندس
ھيٺيون بيت ظاھر ڪري ٿو:
ھي ڪن گڏ ھڻا وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنھيج،
تنين سان سڻيج، پريان سندي ڳالھڙي.
مٿيون سٽون روميءَ جي ھيٺين بيت جي ياد تازي ڪن
ٿيون:
گوش خر بفروش و ديگر گوش خر
کين سخن را در نيابد گوش خر
اهي گڏهه جهڙا ڪن وڪڻ ۽ ٻيا ڪن خريد ڪر. ڇو ته اها
ڳالهه گڏهه جهڙن ڪنن سان ٻڌي ڪونه سگهبي.
شاھ ڪريم جي شاعري جو ھڪ
نئون
پھلو اھو آھي ته
ھن پنھنجي شاعريءَ
۾ لوڪ ڪھاڻين جي ڪردارن کي نئين معنيٰ ۽ مفھوم ڏنو.
مثال طور سسئي، سھڻي، مارئي
۽ ليلا جيڪي لوڪ ڪھاڻين جا
ڄاتل
مکيه
ڪردار آھن انھن کي تصوف جي پرچار جو اھم ذريعو
بڻايائين. ان کان علاوه
ھن
زندگيءَ جي
عام
ڪردارن جهڙوڪ ملاحن کي
پڻ پنھنجي شاعريءَ
۾
وڏو
مقام ڏنو.
خاص طور هن قاضي قادن جي جوڳيءَ واري تصور کان
متاثر ٿي ’کاهوڙي‘ کي ’روحاني مرشد‘ ۽ عارف جي
صورت ۾ پيش ڪيو جيئن سندس هن بيت مان ظاهر آهي:
ڏيھه
ڏيھائين ناھه،
جتي پير نه
پکيان،
تتي کاھوڙيان، ور ڏيئي وڻ چونڊئا.
نثري ترجمو: اهو ڪنهن ڏيهه يعني ملڪ جهڙو ناهي ۽
اُتي ڪنهن پکيءَ جو پير به نٿو پهچي سگهي، پر اهڙي
هنڌ (لامڪان) اهي کاهوڙي (عارف) هر هر وڃي انهن
وڻن جا ميوا چونڊين ٿا.
شاھه
عبدالڪريم کان
پوءِ
صوفي شاعريءَ
جا ٻه
وڏا شاعر شاھ لطف اللھ قادري (وفات:
1679/1090)
۽ شاھه
عنايت رضوي (وفات:
1717/1130)
ٿي گذريا آھن جن جو شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي شاعريءَ
تي
سنئون سڌو
اثر نظر اچي ٿو. شاھه
لطف اللھ قادري سلسلي سان وابسته
ھو. پاڻ ھڪ وڏي بزرگ ھستي ۽ صوفي عالم
هو.
ھن جي
سنڌيءَ ۾
صوفيانه
شاعري 1968ع
۾ منظر عام تي آئي. ان کانسواءِ هن جو فارسي ڪتاب
’منهاج المعرفت‘ تصوف ۾ اعليٰ درسي ڪتاب جي حيثيت
رکي ٿو، جيڪو هن سالڪ جي رهنمائي ڪرڻ واسطي لکيو،
جنهن ۾ هن پنهنجا روحاني تجربا بيان ڪيا آهن، تصوف
جي ان واٽ تي هلندڙ سالڪ لاءِ 184 منزلن يا مقامن
جي نشاندهي ڪئي آهي. لطف الله قادري جي شاعريءَ ۾
وحدت الوجود جو ڀرپور اظهار ملي ٿو، هن پنهنجي
شاعريءَ ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني ۽ شيخ اڪبر ابن
عربي جا استعمال ٿيل اصطلاح پڻ ڪتب آندا آهن. هن
کي فارسي شاعري جي به تمام گهڻي ڄاڻ هئي. اهڙي طرح
هُو سنائي، عطار، شيخ سعدي سان به گهڻي وافقيت
ظاهر ڪري ٿو.
لطف الله جي
شاعري ستن بابن ۾ ورھايل آھي. سندس شاعري جو آخري
سمورو
باب روحاني
تجربا بيان ڪري ٿو ۽ هن سلسلي ۾ جوڳين کي عارفن جي
حيثيت ۾ پيش ڪري ٿو. ان ۾ آندل
ابن عربي جو
مقولو سندس
عارفانه
مھارت کي واضح
ڪري ٿو:
ٻيائي ٻڙو ناھه
ڪو، شڪ سڀوئي لاھ،
جا تو دوئي ڀانئيي، سا ھڏھين ناھ،
سبحان من اظھر
الاشياءَ
و ھو عينھا، دوس دلنيئون راھ،
ات ھنڌ حڪايت ناھ، حيرت جھڙي ڳالھڙي.
نثري ترجمو: اتي دوئي يا ٻيائي جو ڪو نشان ڪونهي،
هن باري ۾ سمورو شڪ شبهو ختم ڪر، جيڪا تون (بظاهر)
دوئي سمجهين ٿو، اها بلڪل ڪونهي. ’بيشڪ ان پاڪ ذات
شين ۾ ظهور ڪيو آهي ۽ اهو ئي انهن جو عين (جندُ)
آهي. سندس دوستن جون دليون انهيءَ رستي کان واقف
آهن. ان جاءِ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اتي حيرت کان
سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
سنڌي صوفيانه شاعريءَ جي روايت جنهن جو آغاز قاضي
قادن کان ٿيو، ان کي شاهه ڪريم مضبوط ڪيو ۽ ان ۾
سماع جو رنگ شامل ڪيائين، بلڪ هُو پاڻ سماع ۾ حصو
وٺندو هو، ياد رکڻ گهرجي ته شاهه عنات رضويءَ جي
شاعري بنيادي طور لوڪ موسيقيءَ تي مبني آهي. اهوئي
سبب آهي جو سندس ڪلام سرودن ۾ ورهايل آهي جهڙوڪ
سرود ڪلياڻ، سرود آسا، سرود مارئي، سرود سهڻي
وغيره.
ميون
شاھ عنات رضوي
(وفات: 1717/1130) صحيح معنيٰ ۾ شاهه لطيف جي
متقدمين مان آهي.
شاھه
عنات گھڻو ڪري لوڪ ڪھاڻين کي وڌيڪ استعمال ۾ آندو.
ان کان علاوه
هن ’ناٿ‘
۽
’گورک
ناٿ‘
وغيره
جهڙا
استعارا
استعمال ڪيا.
نڪي ڳولين ڳوٺ ۾، پيھي ڪين پنين،
ويئي بک بس ڪري، اتان آديسين،
اڻ گھريو عنات چئي، تن کي ڏنو ڏيھ ڌڻين،
گورک گودڙين، آسڻ ويٺي آئيو.
نثري ترجمو: اهي آديسي هن کي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪونه ٿا
ڳولهين ۽ نڪي ان لاءِ گهر گهر پنندا وتن ٿا. هنن
کان ته بُک به موڪلائي وئي آهي. عنايت چوي ٿو ته
قدرت واري کين بنا گهرڻ جي سڀڪجهه ڏئي ڇڏيو آهي،
اهڙن گودڙيءَ وارن کي گورک (مرشد) هڪ هنڌ ويٺي ئي
ملي وڃي ٿو.
شاھه
عبداللطيف ڀٽائي (1752-1165)
شاھه
عبدالڪريم بلڙي واري جو
تڙ
پوٽو ھو.
انڪري کيس
صوفي شاعري خانداني
طور
ورثي ۾ ملي
هئي. شاهه لطيف جي سوانح نگارن اهو ٻڌايو آهي ته
بيان العارفين ۽ مثنوي مولانا رومي اھي ٻئي ڪتاب
هميشه ساڻس گڏ
ھوندا ھئا.
قدرت هن کي شاعرانه ذهن سان پيدا ڪيو هو. انڪري
سندس شاعريءَ ۾ صوفيانه روايت جا سڀ رنگ جهلڪندي
نظر اچن ٿا.
وحده
لا شريڪ لہ، جان ٿو چئين ايءَ،
مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجھان نيھ،
تان تو وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.
نثري ترجمو: ’هو (الله) هڪڙو آهي ۽ هن جهڙو ٻيو
ڪوئي ناهي، جڏهن تون ائين چئين ٿو ته پوءِ دلي شوق
سان محمد ﷺ کي وسيلو ڪري مڃ. ان اقرار کان پوءِ
تون ٻين جي درن تي وڃي ڇوٿو ڪنڌ جهڪائين.
شاھ صاحب جي پوري شاعري وحدت الوجود جي ان نقطي تي
ٻڌل آھي ته
انسان پنھنجي پالڻھار جي عشق ۾ ايترو ته
فنا ٿي وڃي ته
جيئن ان جي ملاقات
سندس
خالق حقيقي سان ٿي وڃي.
سموري صوفيانه شاعريءَ جو محور اهو هڪ نقطو آهي ته
انساني روح پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ هر وقت
بيقرار آهي ۽ اهو محبوب ڪو ٻيو نه بلڪ سندس خالق ۽
مالڪ آهي. صوفي ان خيال جا آهن ته انهيءَ محبوب
سان هن زندگيءَ ۾ ملاقات ممڪن آهي ۽ ان لاءِ ٻي
زندگيءَ يعني آخرت جو انتظار ڪرڻ ضروري ناهي.
انهيءَ ملاقات واري طريقي کي هو ’موتوا قبل ان
تموتوا‘ يعني مرڻ کان اڳ مرڻ وارو عمل ڪوٺين ٿا.
هن سلسلي ۾ سڀني صوفين جو ان تي اتفاق آهي ته ان
رستي تي سالڪ جي رهبريءَ لاءِ ڪامل روحاني رهبر
يعني مرشد جو هئڻ ضروري آهي.
شاھ صاحب اھا ئي ڳالھ
سالڪ
سسئي کي ھيٺين سٽن جي ذريعي سمجھائي ٿو:
سڀا سياھي، آھي آري ڄام ري،
ڪڏھن پسبي ڪانه
ڪا، رءَ لالڻ لالائي،
من لا شيخ فشيخ لہ الشيطان، ان رءِ اونداھي،
ھوءَ جا ھلي ھيڪلي، سا گيرب گمائي،
من يمشي
في
الطريق بلا شيخ کمن يمشي في
البحر بلا سفينتہ اھڙي اوائي،
تنہ ريءَ توائي، ڪوڙين ٿين ڪيتريون.
نثري ترجمو: بيشڪ ان آري ڄام کان سواءِ هر طرف
اونداهي آهي، ان محبوب کانسواءِ ڪنهن به طرف
ڳاڙهاڻ نظر ڪونه ٿي اچي. ان قول مطابق جنهن جو ڪو
مرشد ناهي، ان جو مرشد شيطان آهي، هرهنڌ اونداهي
ڦهلجي ٿي. (اي سسئي) جيڪا ان راهه ۾ اڪيلي هلندي،
اها ان گمان ڪري گمراهه ٿيندي. ان ڪري چيو اٿن
جيڪو طريقت جي راهه ۾ بغير مرشد جي هلي ٿو اهو ڄڻ
درياءَ ۾ بغير ڪشتيءَ جي سفر ڪري ٿو، اهو ضرور
مصيبت ۾ پوندو، ان ريت ڪيترين پاڻ کي کڏ کوهه ۾
اُڇلائي ڇڏيو.
شاھ
لطيف هتي هڪ
عام روحاني رھبر جي ڳالھ نٿو ڪري،
پر
هُو اهڙي
روحاني رھبر
جون وصفون
۽ ان جون خوبيون پڻ ٻڌائي ٿو،
جيڪو
صحيح رھبر
طور طالب
کي صحيح دڳ ڏيکاري
سگهي.
سر
رامڪلي
۾ اھڙي رھبر جي حوالي سان ڪجھ ھيئن بيان ڪيو ويو
آھي:
حاصل جان نه
حال، صوفي جم سڏائيين،
ڪينھين تنين قال، وٿون جن وڃائيون.
نثري ترجمو: جيستائين تون ’حال‘ وارو نه ٿيو آهين،
ته پاڻ کي صوفي نه سڏراءِ. اهي هر قسم جي گفتگو
بند ڪري ڇڏين ٿا جيڪي پاڻ کي فنا ڪن ٿا.
سر رامڪلي ۾ وري شاھ صاحب انھن کي
جوڳي، ڪاپڙي ۽ آديسي ڪوٺي ٿو، پر انهن جي اصل
سڃاڻپ
عارف جي
حيثيت ۾ ڪرائي ٿو.
جياسون جوڙ ٿي، جوڳي ڏٺوسون،
ڪنا تنھين مون، حاصل ڪي حال ڪئو.
نثري
ترجمو: اسان جي زندگي سجائي ٿي جو اسان جوڳي
(مرشد) کي ڏٺو. هن وٽان مون کي ’حال‘ نصيب ٿيو
يعني حال وارو ٿيس.
هتي شاهه لطيف ’حال‘
۽
’مقام‘
ٻه
اھڙا اصطلاح
استعمال ڪيا آھن جن جو مطلب اھو آھي ته
صوفي جيڪا واٽ وٺي ٿو اتي مقام ۽ منزلون آھن،
جن جو سڀ کان پهرين
ذڪر ڪتاب
التعرف،
ڪتاب
اللمع
۽ رساله قشيريه
۾ ملي ٿو. حال ۽ قال بابت رومي مثنويءَ
۾
ھيٺين طريقي سان وضاحت ڪري ٿو:
مابرون را ننگريم و قال را
ما درون را بنگريم و حال را.
ترجمو: اسين ٻاهر ۽ ظاهر کي نٿا ڏسون ۽ نه وري رڳو
ڳالهيون ٻڌون ٿا، اسان اندر يا باطن تي نظر رکون
ٿا ۽ حال جي خبر رکون ٿا.
رومي ۽ شاھ ڀٽائي
عارفن
کي
اصل
روحاني رھبر طور
متعارف ڪرايو
آھي ۽ اھو واضح
ڪيو آھي
ته
جيڪو
انهن جي رهنمائي
اختيار ڪندو اھوئي
پنھنجي منزل کي ماڻيندو. اھي ئي زندگي ۾ نئون روح
وجھن
ٿا ۽
زندگي ۾
نور ۽ روشني آڻين ٿا، پاڻ کي ٻاري به ٻين لاءِ
روشني ۽ سهائي جو سبب بنجن ٿا.
جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.
رومي وري ان کي ڪجھ ھيئن بيان ڪيو آھي:
سايه
يزدان بود بندة
خدا،
مرده
او زين عالم و زنده
خدا.
ترجمو: الله جا اهي ٻانها (عارف) سندس پاڇي وانگر
آهن، اهي جهان جي حساب سان مئل پر خدا وٽ هميشه
جيئرا آهن.
ھڪ ٻي جڳھ تي رومي واضح
ڪيو آھي ته
صرف خدا سان محبت ڪندڙ روح زنده
ھوندا آھن باقي ٻيا سڀ روح
مئل
آھن. ھن وڌيڪ اھو به
چيو ته جيڪڏهن توهان زنده رهڻ چاهيو ٿا ته هنن جي
محفل ۾ وڃي هنن وٽ ويهو. هنن جي مقابلي ۾ ٻيا اهڙا
به آهن جيڪي بظاهر زنده آهن پر اصل ۾ مئل آهن.
اي خنک آن مرد کز خود رسته
شد،
در و جود زنده
و
پيوسته
شد.
ترجمو: اهوئي انسان خوش قسمت آهي جيڪو پنهنجي پاڻ
کان آجو ٿيو، ۽ جيڪو (هميشه) زنده آهي ان سان وڃي
مليو.
ٻي جڳھ تي رومي
اهڙن
روحاني
رهبرن
کي اسرافيل سان ڀيٽيو آھي ۽ چيو آھي ته
جيئن اسرافيل مُردن کي زندھ ڪري
سگهندو،
اھڙي طرح روحاني
رهبر
وري مُئل روح کي زندھ ڪندو آھي:
هين
که
اسرافيل و قتند اوليا،
مرده
را زيشان حياتست و نما.
ترجمو: خبردار، اهي اولياءَ وقت جا اسرافيل آهن،
اهي مُئلن کي جيئرو ڪرڻ وارا ۽ زندگي بخشڻ وارا
آهن.
شاھه
عبداللطيف ڀٽائي سر رامڪليءَ ۾
انهن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه
چيو آھي
۽ بار بار اهي الفاظ چيا آهن
ته
”منهنجو
انھن روحاني
رهبرن
کان بغير
زنده رهڻ مشڪل آهي ڇو ته
منھنجي زندگي انھن کان سواءِ نامڪمل ۽ ناممڪن آھي:
ستي سيج ھياس، مون کي آه
اٿاريو،
جني جاڳاياس، آءُ نه
جيئندي ان ري.
نثري ترجمو: مان ته سيج تي آرام سان سُتل هئس، پر
مون کي اوچتو ڪنهن دانهن جاڳائي وڌو، جن مون کي
جاڳايو، هاڻي آءٌ انهن کان سواءِ جيئري نٿي رهي
سگهان.
ايڇ.ٽي.سورلي
شاھه
عبداللطيف جي شاعريءَ
تي روميءَ
جي اثر
جي باري ۾
لکي ٿو ته:
”خبر
نٿي پوي ته
شاھ
لطيف ٻين
فارسي شاعرن کان ڪيترو
باخبر هو. ڇو ته ان باري ۾ ڪا شاهدي موجود ڪونهي،
پر ھڪ ڳالھ واضح
آھي ته
هن
روميءَ
کي پڙهيو
۽ ٻڌو
ھو. اھوئي سبب آھي جو شاھ صاحب وٽ رومي جي مثنوي
ھر وقت موجود ھوندي
هئي.
رومي جي اثر ھيٺ
ئي
شاھ
لطيف
روميءَ
جي عارف واري
تصور
کان متاثر ٿي پنھنجي شاعري ۾ کاھوڙي
۽ جوڳيءَ واري تصور کي ان معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال
ڪيو آهي، انهن جي روحاني حاصلات لاءِ حال جو
اصطلاح ۽ ان جو جمع احوال استعمال ڪيو آهي، عارفن
جي ’احوال‘ بابت شاهه لطيف جو هي بيت عظيم شاهڪار
جي حيثيت رکي ٿو:
مونا طورسينا، سندا سنياين،
سجدي ۾ سيد چئي، گوڏا گودڙين،
فڪان قاب قوسين او ادنيٰ، ٿا نانگا ائين نمن،
ڪل من عليھا فان، باقي ڪين بچن،
اللھ ولي الذين آمنوا يخرجھم من الظلمات
الي النور اھڙيءَ پر پرن،
خرموسيٰ صعقا، ٿا جوڳي جنگ جلن،
مازاغ البصر وما طغيٰ، اھڙيءَ روش رون،
مشاھدو محبوب جو، اتي آديسين،
بي يبصر بي يمسع بي وصال وھن،
بي يشمي بي ينطق ٿا ھڙي چال چلن،
سيد چئي سندين، تون ڪل پڇين ٿو ڪھڙي.
انهن سنياسين (عارفن) جا گوڏا (جڏهن هو مونن ۾
منهن وجهن ٿا) طور سينا واري حيثيت رکن ٿا،
اهي گودڙي ڍڪڻ وارا گوڏن ڀر سجدي جي حالت ۾ رهن
ٿا.
اهي لباس کان بيپرواهه رهڻ وارا ٻن ڪمانن جي فاصلي
کان به گهٽ (قرآني آيت) واري منزل تي نوڙن يا جهڪن
ٿا.
’سڀ شيءِ فاني آهي‘ (آيت قرآني) موجب سندن ڪابه
شيءِ باقي نه بچي آهي.
’الله ئي انهن جو دوست آهي جيڪو کين اوندهه مان
ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو. (قرآني آيت) جي مطابق سندن
هلت يا رهڻي ڪهڻي آهي.
’حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪِري پيو‘ (قرآني آيت) ۽ هي
جوڳي (عارف) ان باهه ۾ پيا سڙن ۽ پچن.
’هن جي اک نه ڀٽڪي ۽ نه گمراهه ٿي‘ (قرآني آيت) جي
واٽ تي اهي هلن ٿا.
اهي آديسي (عارف) ان ريت محبوب جو مشاهدو ماڻين
ٿا.
’هو مون سان ڏسي ٿو، مون سان ٻڌي ٿو ۽ مون سان ملي
ٿو‘ واري حال ۾ آهن
’هو مون سان هلي ٿو، ۽ مون سان ڳالهائي ٿو‘ واري
ڪيفيت ۾ آهن
شاهه (لطيف) چوي ٿو ته تون انهن جي ڪهڙِ ڳالهه يا
خبر ٿو پڇين!؟
هتي مناسب آهي ته عارفن کي ’صاحبِ حال‘ يا ’حال جو
صاحب‘ طور سندن علحده سڃاڻپ ڪئي وڃي جيڪي مختلف
مقامات جهڙوڪ: ’توبهه، صبر، توڪل‘ ۽ آخر ۾ رضا طي
ڪري حال سان خدا جي طرفان نوازيا ويا آهن. صوفين
جي سڀني بنيادي ڪتابن ۾ ’حال‘ ۽ ’مقام‘ جي سمجهاڻي
اهڙيءَ طرح ملي ٿي، جيئن اسان اڳ ۾ ٻڌائي چڪاسون
ته رومي ۽ شاهه لطيف هڪ مرحلي تي انهن کي ’حال‘ ۽
’قال‘ وارو سڏيو آهي، شيخ شهاب الدين سهروردي جنهن
کان سهروردي سلسلو شروع ٿئي ٿو، پنهنجي تصنيف
’عوارف المعارف‘ ۾ ’حال‘ ۽ ’مقام‘ جي سمجهاڻي
ڏيندي ’قرب‘ جي وضاحت هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:
لله عبادُ طور سينا هم رکبهم تکون رؤوسهم علي
رکبهم وهم في محال القرب.
ترجمو: الله جا ڪي ٻانها اهڙا آهن جو سندن گوڏا
طور سينا جبل وانگر آهن، جڏهن اهي پنهنجو ڪنڌ گوڏن
تي رکن ٿا تڏهن اهي قرب ماڻين ٿا.
قرب جي معنيٰ آھي خدا سان ويجھو ٿيڻ. قرب کي وڌيڪ
ٻن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي. ھڪڙو ھي
’قرب
نوافل‘
۽ ٻيو آھي
’قرب
فرائض‘.
صوفين مطابق ان جي تشريح
انهيءَ
حديث قدسي
۾ آيل
آھي.
جنهن ۾ اهي الفاظ اچن ٿا.
الفاظ ’بي يسمع و بي يبصر‘ وغيره پڻ آندل آهن.
روکه
بي يسمع و بي يبصر توئي،
سر توئي
چه
جائي صاحب سر توئي.
ترجمو: هاڻي تون وڃ جو تون ’مون سان ٻڌين ٿو ۽ مون
سان ڏسين ٿو.‘
اهو راز به سمجهه ته صاحب راز به تون آهين.
رومي خدا سان عشق واري ڪيفيت کي ’حال‘سڏيو آھي.
جيڪا کين نصيب ٿئي ٿي.
عشق جان طور آمد عاشقا،
طور مست و خر موسيٰ صاعقا.
ترجمو: اي عاشق، اهو عشق ئي هو جنهن طور جبل ۾
ساهه وجهي ڇڏيو،
انهيءَ ڪري طور جبل مست ٿي ويو ۽ حضرت موسيٰ بيهوش
ٿي ڪِري پيو.
شاهه لطيف جي بيت ۾ ٽين ڪيفيت کي وري ’مشاهدو‘
سڏيو ويو آهي،
جنهن جو حوالو قرآني آيت ’مازاع البصر‘ ۾ ڏنل آهي.
ان باري ۾ روميءَ وري هينئن چيو:
چشم ظاهر
ظابطه
حيله
بشر،
چشم سر حيران مازاغ البصر.
ترجمو: جيتوڻيڪ هن جي ظاهري اک عام انسان واري
آهي، پر هن جي اندر واري اک ان مشاهدي ۾ محو آهي
’جڏهن اها غلطي نٿي ڪري.‘
مطلب
اھي آھن
اهي ڪيفيتون
جن تي صوفي پھتا آھن ان جي ثابتي لطف اللھ جي
ڪتاب:
منھاج المعرفت ۾ پڻ ڏنل آھي.
(مرغ باطن) و ببعض اوقات چنان ميرفت کہ بيک تگ از
ھمہ کون و مکان را گذاشتہ و جولان در عالم لامکان
ميداشت ومسافت ’دنا فتدليٰ‘ را قطع کرد بعالم
معراج مير سيد و طواف درباديہ ’قاب قوسين‘ ميکرد.
ترجمو: اي، جوان ڪڏهن منهنجي روح جو پکيئڙو ايڏو
مٿي ۽ ايڏو تيز اڏامي ٿو جو هڪڙي جِست ۾ ڪائنات
جون سڀ سرحدون لتاڙي زمان ۽ مڪان کان ٽپي وڃي ٿو،
’دَنا فتدليٰ‘ يعني ’ويجهو ٿيو ۽ جهڪي پيو‘ کي به
پار ڪري عروج واري عالم ۾ پهچي ’قاب قوسين‘ يعني
ٻن ڪمانن جي فاصلي کان به گهٽ واري صحرا ۾ رمندو
رهي ٿو.
سر رامڪليءَ
جو مٿيون
بيت صوفيانه فڪر جو اعليٰ مثال پيش ڪري ٿو جنهن
مان شاهه عبداللطيف جي اسلامي تصوف جي عمومي روايت
سان واقفيت ۽ خاص طور مولانا روميءَ جي مثنويءَ
سان والهانه وابستگيءَ جو اظهار ٿئي ٿو.
حوالا:
(1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاهه عبداللطيف جو
رسالو‘، 1999ع
(2)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
تاريخ‘، 1989ع، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو
(3)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاهه لطف الله قادريءَ
جو ڪلام‘، 1968ع سنڌالاجي، ڄام شورو
(4)
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ’بيان العارفين‘، 2007ع،
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
(5)
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ’منهاج المعرفت‘ عربي،
2008ع، سنڌالاجي، ڄام شورو
(6)
شيخ شهاب الدين سهروردي، ’عوارف المعارف‘ عربي،
2000
انگريزي
(7)
R.A.Nicholason, Mathanavi Rumi, 1925
(8)
A.J.Arberry, Sufism, 1960 London
(9)
H.T.Sorley, Shah Abdul Latif of Bhit, 1953,
Oxford, London
]ادارو
ترجمي تي نظرثانيءَ لاءِ ڊاڪٽر سومري صاحب جو
شڪرگذار آهي. – ايڊيٽر مهراڻ[ |