سيڪشن:رسالا

ڪتاب:مهراڻ 02/ 2021ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  02/ 2021ع

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

 

سوچ – لوچ

 

ڪورونا وائرس جي ٽين شديد لهر

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس ’وبا‘، سبب ڊسمبر 2019ع کان ٻين ۽ ٽين شديد لهر جي صورت اختيار ڪري انساني زندگيءَ کي گهڻو هاڃو رسيو آهي، ۽ هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ حيلن وسيلن ۽ کوجنائن کان پوءِ هن ’وبا‘ کان ڇوٽڪاري لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪمپنين پاران ڪجهه ويڪسين ايجاد ڪيون ويون آهن ۽ پاڪستان ۾ پڻ اُهي ويڪسين مهيا ڪيون ويون آهن ۽ ٻين ملڪن جيان اسان جي پاڪستاني عوام کي به مرحليوار ويڪسين لڳايون پيون وڃن.

جيئن ته هيءَ ’وبا‘ اڃان به موجود آهي انهيءَ ڪري ويڪسين لڳائڻ کان پوءِ به اسان سڀني کي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڏسيل رهنما اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ فيس ماسڪ پائڻ سان گڏ هٿن کي صاف رکڻ، هٿ نه ملائڻ ۽ سماجي فاصلو رکڻ ۽ گڏجاڻين کان پاسو ڪرڻ آهي، ته جيئن هن ڪورونا وائرس ’وبا‘ کان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.

پڙهندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

1-        ليکڪ مهرباني ڪري مواد جي ڪاپي پاڻ وٽ رکن. موڪليل مواد جي واپسيءَ جي تقاضا نه ڪئي وڃي ۽ اداري طرفان پيشگي معذرت قبول ڪئي وڃي.

2-       ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ جيڪو به مواد موڪلجي اهو ڪنهن ٻي رسالي يا اخبار ۾ اشاعت لاءِ نه موڪلجي، جيستائين اداري طرفان مُدلل معذرت نه پهچي.

3-       هڪ ئي وقت ساڳيو مواد مختلف ادارن کي موڪليندڙ معزز ليکڪن کان اداري طرفان مستقل معذرت ڪئي ويندي.

4-       مواد جو انتخاب ۽ اشاعت جو وقت اداري کي طئه ڪرڻ جو اختيار رهندو، معزز ليکڪ هن سلسلي ۾ انتظار ڪن ۽ اداري سان تعاون ڪن.

5-        اسان جا مانائتا محقق، سهڻا ڪهاڻيڪار ۽ شاندار شاعر مهراڻ جي معيار کي برقرار رکڻ جا بنيادي ذميوار آهن ۽ سندن ڪاوشن کي پيش ڪري اسين فخر محسوس ٿا ڪريون، اميد ته اداره مهراڻ سان سندن تعاون هميشه برقرار رهندو.

پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:

انعام ٽکڙائي

24 شعبان 1442هه مطابق 18- اپريل 2021ع خميس جي ڏينهن سنڌي ادب جو ناميارو شاعر احمد علي ولد محمد خان ڳنڀير المعروف انعام ٽکڙائيءَ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

سندس ولادت 12 آگسٽ 1966ع ٽکڙ ۾ ٿي، ابتدائي تعليم مڊل اسڪول ٽکڙ مان حاصل ڪرڻ بعد مالي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم جو سلسلو منقطئه ڪري مزدوري ڪرڻ شروع ڪيائين، مٿس ٽکڙ جي خمير جو باقاعده اثر هو، انڪري پنهنجو مطالعو ماٺو نه ڪيائين ۽ ڪتابن سان واهپو برقرار رکيائين. کيس محمد دائود تاج ٽکڙائي جهڙو ڪهنه مشق ۽ معتبر شاعر ’استاد‘ ٿي مليو. تاج صاحب سندس ڀرپور شاعرانه تربيت ڪئي. انعام صاحب هڪ بيباڪ ۽ پراعتماد شاعر هو، هُو ڪڏهن به احساس ڪمتري ۾ مبتلا نه ٿيو، سندس آواز شاعريءَ جي اسٽيج تي حق جو آواز ٿي گونجندو رهيو. هُن گيت، وائي، نظم، سانيٽ، ڪافي، هائڪو، چؤسٽو، رباعي، آزاد نظم، ٽيڙو، سهرا، ڳيچ، نوحا، مرثيا، منقبت، مولود، حمد، نعت ۽ قصيدا لکيا، کيس ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ لکيا. هن سنڌي ادب جي مختلف تنظيمن جي اسٽيجن تان پنهنجو فن جو مظاهرو ڪيو ۽ مڃتا ماڻي. هُو روينيو کاتي ۾ ملازم هو، سندس فن پارا پنهنجي دؤر جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’رُلي رُلي جهان ڏٺم‘ شايع ٿيل آهي ۽ ڪافي شاعري اڻڇپيل موجود آهي، انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انعام، ٽکڙ جي خمير جو مانُ رکيو ۽ هميشه پنهنجي شاعرانه فن جي معيار کي بلند رکيو. عصر حاضر جو هيءُ بااخلاق خوش مزاج، سنڌ سان پيار ڪندڙ راسخ عقيدي وارو شخص پنهنجي دوستن جي محفل مان موڪلائي بهتر جهان جو واسي ٿي ويو.

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

سنڌ جو ناميارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده بورڊ آف گورنرس جو ميمبر سيد حاڪم علي شاهه بخاري 14- مئي 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سيد حاڪم علي شاهه بخاري 15- فيبروري 1938ع ۾ ڳوٺ غلام شاهه چانڊئي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم غلام شاهه چانڊئي اسڪول مان حاصل ڪري 1950ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال انگريزي تعليم لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ وارن کيس اسڪالرشپ ڏئي پشاور يونيورسٽيءَ مان آرڪيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو ۽ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجيءَ ۾ پوزيشن حاصل ڪيائين، سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ کي ملازمت دوران مختلف وقتن تي اٽلي، جپان ۽ برطانيه وڃڻ ۽ سکڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ کيس سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ سير سفر ۽ تحقيق ڪرڻ جا انيڪ موقعا پڻ مليا. ننڍپڻ کان راڳ رنگ ۽ عوامي ڪچهرين سان دلچسي رکندو هو، ۽ فنونِ لطيفه سان پڻ وابسته رهيو. هُن ٽي.وي لاءِ ڊراما پڻ لکيا ۽ ڪجهه ڊرامن ۾ ڪم پڻ ڪيو. سيد حاڪم علي شاهه بخاري، سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاريءَ جو وڏو ڀاءُ هو. سيد حاڪم علي شاهه بخاري آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ مان 14- فيبروري 1998ع تي رٽائر ٿيو.

کيمچند شرما

تازو اسان جي ’مهراڻ‘ جو لکندڙ، اديب ۽ شاعر محترم کيمچند شرما ولد جهمٽ رام شرما 20- مئي 2021ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي، خاص طرح سنڌي نثري نظم تي کيس دسترس حاصل هئي.  هن نثري نظم جي ماهيت کي مڪمل طور سمجهيو هو ۽ هُو ان نظم جي موسيقيت کي مڪمل ڪاميابيءَ سان نباهي سگهيو هو. هُو مضمون نگار به هو ته ڪهاڻيڪار پڻ هو، هن ڪوهستان پبليڪيشن ٺاهي، ان طرفان ڪتاب پڻ ڇپايا، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڳالهيون ڳجهه اندر جون‘، ’وڏيرڪو فيصلو‘، ’ممتا‘، ’ڀوپا ۽ ڀوت‘ ۽ ’مهاراج ۽ مندر‘ سان گڏ ٻيا به ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتاب آهن. هن ٽماهي مئگزين (ڪوهستان) ۽ هڪ سلسليوار مئگزين ’بي نقاب‘ جا ڪجهه پرچا ٽنڊو محمد خان مان جاري ڪيا، هُو ’مول‘ شهر (ضلع ڄام شورو) 1953ع ۾ پيدا ٿيو، بعد ۾ سندس رهائش ۽ سڃاڻپ ٽنڊومحمد خان جو شهر رهيو، جتي سندس آخري رسومات ادا ڪيون ويون. سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين صاحب، بورڊ آف گورنرس جا ميمبر صاحبان، سيڪريٽري، بورڊ جا سڀ ملازم ۽ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جو سمورو سٿ هنن سڀني سنڌي ادب جي نامور ليکڪن ۽ شاعرن جي پوئينرن سان سندن غم ۾ شريڪ آهي.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي ياد ۾ گڏجاڻي

سنڌي ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ تاريخ 28- مئي 2021ع تي مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي سربراهيءَ ۾ بورڊ آف گورنرس جي وڇڙي ويل ميمبر سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ چيو ته سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ جون سنڌي ادبي بورڊ ۽ خاص ڪري سنڌي ادب لاءِ خدمتون وساري نٿيون سگهجن، سيد حاڪم علي شاهه بخاري پنهنجي شخصيت ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر طور پاڻ اداري لاءِ مفيد مشورا پڻ ڏيندو هو. هن تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ۽ بورڊ جي سڀني آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي.

ثمينه ميمڻ

  ايڊيٽر ’مهراڻ‘

نِج مجازي عاشقاني شعر کان سواءِ، ٻئي هڪڙي قسم جو شعر جو شاهه ڳايو آهي، سو مجازي به آهي، حقيقي به آهي؛ ٻنهي جو وچ ۾ آهي. انهيءَ شعر کي جيڪو تمثيلي شعر ڪري چئجي. سندس اڏاوت جو مکيه بنياد آهن عشقيه قصا ۽ ڪهاڻيون، جي عام ماڻهن ۾ مروج آهن. اهو نمونو جلال الدين روميءَ به اختيار ڪيو آهي. پر شاهه ۽ روميءَ جي وچ ۾ هي تفاوت آهي، جو رومي سڄي آکاڻي مُنڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين کڻندو، لڏندو، لمندو، بيهندو، اندروني مطلب ۽ معنائون ڪڍندو، وڃيو توڙ کي پهچي؛ ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته آکاڻيءَ ۾ آکاڻي آڻيو وجهي، جنهن ڪري البت مونجهارو ٿيو پوي. پر شاهه جو طريقو علحدو آهي. آکاڻي سڄي ڪٿي به ڪانه ٿو کڻي، فقط ڪي دلچسپ واقعا يا حالتون نقش ٿو ڪري؛ ۽ ائين سمجهي ٿو ته آکاڻي سندس پڙهندڙن کي اڳيئي معلوم آهي. شاهه جو نمونو به مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئرَ وانگي ناٽڪ جهڙو آهي، هي هڪ نئون نمونو آهي، جو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شاعر استعمال ۾ نه آندو آهي. انهيءَ شعر ۾ شاهه جي شعور جون ڪُل خوبيون نڪري نروار ٿين ٿيون. شعر جون سڀيئي وصفون، جهڙوڪ واقعه نگاري، قدرتي ۽ انساني حسن جي تصوير، سيرت نگاري، خيالي قوت، عبارت، صنايع بدايع وغيره، هتي جهڙيءَ ڪماليت کي رسيون آهن، تهڙو ٻئي ڪنهن به هنڌ نه. اهڙو پختو ۽ سهڻو شعر پنجن سرن ۾ چيو اٿس: سر ’سهڻيءَ‘، سر ’سسئيءَ‘، سر ’مومل راڻي‘، سر ’ليلا چنيسر‘ ۽ سر ’مارئيءَ‘ ۾ انهن سرن ۾ واقعن جي تصوير اهڙن موزون ۽ مناسب اکرن ۾، چٽائيءَ ۽صفائيءَ سان ڪڍي اٿس، ۽ انسان جي اندر جا طرح طرح جا پور ۽ جذبا اهڙيءَ سچائيءَ سان ورنن ڪيا اٿس، جو پڙهندڙ جي دل هڪدم کئنچجو وڃي.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

(ڪتاب: ’شاهه جو رسالو‘ مقدمه تان ورتل)

پير سيد صبغت الله شاهه ثاني

(1909 – 1943ع)

ڪلام

مون کي هڻي ڪو جادو، سهڻا يار دل لٽي وئين،
ڪري چشمن سندو ڪو چالو، سر ساه ٻئي سٽي وئين.
 

ڪري پهريئون مٺيون تو ڳالهيون، وڌئي يار دل کي دواليون،
هڻي نيڻن سنديون دو ناليون، منهنجا دوست دل ڦٽي وئين.
 

تنهنجو عشق آهه قهري، مثل ير! باز بحري.
وٺي بلبل جيئن ٿو سحري،
تيئن جهٽ منجهه دل جهٽي وئين.
 

”صبغت الله“ جي سڻ تون زاري، ڪر ڪا سڄڻ ستاري،

هيڪر ڏيئي ڏيکاري، منهن پوءِ ڇو مٽي وئين.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

هزهائينس مير محمد نصير خان ’جعفري‘

(1804 – 1845ع)

ڪلام

ڀروسو هو جن عزيزن دوستن تي دائما،

ويا ڇڏي گوندر گڏي تن کي نه هاڻي ياد ڪر.

 

آهي بيوطني ۽ دربدري  سان گڏ قيد و بلا،

زندگي آهي زهر ڪا يا خدا امداد ڪر.

 

ڪم نه ڪيو آهي ستم مون تي نصارن! چرخ پير،

توکي پڻ جيڪي وڻي تون ڀي  مٿم بيداد ڪر.

 

روئي آءٌ صبح مسا دل سان گهران ٿو هي دعا،

لطف پنهنجي سان الاهي ”جعفري“ کي شاد ڪر.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
 

صوفي ’بازيد‘ عرف باجيد شاهه

(1266هه – 1226هه)

 

آءٌ ڪيچين جي ڪڍ ڪاهيان ٿي،

منهنجو لکئي انگ اڙايو.

 

(1) رويو رويو رت ڦڙا،

وسيون واهڙ وهايان ٿي.

(2) سبق سورن سندو،

پڙهيو ويٺي پڙهايان ٿي.

(3) پلو پرت جو پنهل اڳيان،

پانڌ ڳچي ڳل پايان ٿي.

(4) ”بايزيد“ بره ۾ بيهي،

سرڙو گهوري گهمايان ٿي

 (ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي تان ورتل)
 

صوفي مراد فقير

(42/1743 – 1796ع)

ڪلام

وارو ڙي وارو يار، هوت اچي پَسُ حال مون،
آءٌ پيادي ڪين پڄان، موٽج سيڻ ستار،

وارو ڙي وارو يار .

آئي ويل وصال جي، وٿي نه سهان وار،

وارو ڙي وارو يار.

صبح سندي آسري، هوتان ورسيون لک هزار،

وارو ڙي وارو يار.

مون کي اڄ ”مراد“ چوي، ڏي دوست پنهون ديدار.

وارو ڙي وارو يار.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

ميان محمد اسماعيل قاسم پلي

(1891 – 1973ع)

 

مٺيس يار ڇا کان، ڀڳئي گهوٽ گهوئي،

ڏٺئي عجيب جيڪس، ڪميڻي ۾ ڪوئي.

1.       

لٿي سج، سوين سيج، بجليون بهاريان،

پلنگ هنڌ هنڌورا، سڄو گهر سينگاريان،

پوءِ جهليو در نهاريان، اچي ٿو اجهو ئي.

2.      

تڪيندي تارن کي، ويهي وهايم،

ڍريا نکٽَ ڍوليو، اڃا تان نه آيم،

پوءِ لُڇندي لنگهايم، سڄي رات روئي.

3.      

ڪري ڪاڪ ڪاري، وڃ ڪيم ڪواري،

تنهنجي سام سوڍا، مان پيس پناري،

ورج واڳ واري، اٿئي ڍول ڍوئي.

4.      

هئا ڪالهه ’قاسم‘، مٿي ڪاڪ مارا،

نه سا راند راڻو، نه سي ڍول ڍارا،

نه سي کل کيڏارا، نه سا گفتگو ئي.

 (ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي تان ورتل)

مرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“

(1837- 1905ع)

خمِ فلڪ سان ڀريو مون شراب شيشي ۾،
يقين ٿيو بند ڪيم آفتاب شيشي ۾.
 

مون دل ۾ ياد ڪري يار جي پسيني کي،
اصل ۾ آهي ڀريو ڄڻ گلاب شيشي ۾.
 

ٿي شرمسار سندءِ چشم مست کان ساقي.
شراب منهن تي رکي پيو نقاب شيشي ۾.
 

شراب خانه ۾ منهنجي رهڻ لڳو ساقي،
ڏسي شراب هتي لاجواب شيشي ۾.

 

خيال اشڪ سندو دل ۾ اڀريو ”قاسم“ جي،
طلسم درد پسايو سحاب شيشي ۾.

 

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

اسدالله شاهه بيخود حُسيني

(12- اپريل 1931ع –– 24- جولاءِ 1981ع )

ڪافي

وکر وِهائي نڪتا، ماءُ مُٺيءَ کي ماري،

مون کي وساري ويٺا، سال لنگهي ويا ساري.

 

روڪيم روئي تن کي، ڳرهه لڳي ڪِم دانهون،

پانڌ ڳچيءَ ۾ پائي ٻيئي، ٻڌيون مون ٻانهون،

ويل نه ويٺا هڪڙي، کيپ کڻي ويا کاري.

 

جوت جڳائي ان در تي، روز بندر تي بيهان،

درد فراق جي ماري، ورهَه لنگهي ويا ويهان،

راهون تڪيندي رهيس، آب اکين مان هاري.

 

مون کان مِٺو تِن کي، سودو سير ۽ سفر،

ڀيٽي ڀيٽي ٿڪيس، ’بيخود‘ روز بندر،

واڳ انهن جي والي، شال وطن تي واري.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

فقير ولي بخش راڄڙ

(1912- 1983ع)

ڪلام

ساقيا! مئي جام پياريو، وٽِي وحدت جي ڀري ڀري.

مند محبّت جو پياريو پيالو، نظر نينهن جو ڌري ڌري.

ساقيا! مئي جام پياريو .

هٺ تڪبّر هئڻ  هستي، ساڻ ڀيڻ ٿين پري پري.

ساقيا! مئي جام پياريو.

حق هيڪڙائي هر دم حاصل، ٻن ٻياڻي ٻري ٻري.

ساقيا! مئي جام پياريو.

دور دنيا جي ڪن ۾ قابو، آيو آهيان منجهه اري اري.

ساقيا! مئي جام پياريو.

سرڪ سڪر جي ڏي سوائي، سرڪ ري نٿي سري سري.

ساقيا! مئي جام پياريو.

”ولي بخش“ کي پر پيار ۾، قرب قريشي ڪري ڪري.

ساقيا! مئي جام پياريو.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

معمور يوسفاڻي

(25- جنوري 1929ع – 24- ڊسمبر 1993ع)

ڪر عنايت ۽ عطا، منهنجا خدا،

بخش ڪر منهنجي خطا، منهنجا خدا.

 

تون اجهو ۽ آسرو سڀ خلق جو،

ناهه تاري تو سوا، منهنجا خدا.

 

ڪونه ڪو احسان، ڪنهنجو ٿو کپي،

ٿي کپي تنهنجي رضا، منهنجا خدا.

 

توڪنان سڀ سور، ڏک ٿا ڏور ٿين،

مهربان مشڪل ڪشا، منهنجا خدا.

 

تنهنجي در تي آهيان اميدوار،

سڻ عرض ۽ التجا منهنجا خدا.

 

مرض هن ’معمور‘ مذنب جي سندو،

تون ئي دارون، تون دوا، منهنجا خدا.

(ڪتاب: ’ديوانِ معمور‘ تان ورتل)

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

(1922-1989ع)

ڪلام

نشو و نما چمن جي، نظارن ڇڏي ڏنو،
بدلي فضا ته حسن، بهارن ڇڏي ڏنو،
گل جي جڳهه تي خار ۽ خاشاڪ وخس ڏسو،
بدلي فضا ته حسن بهارن ڇڏي ڏنو.
پنهنجا به ڪن ايئن جو پراوا به ڪن نٿا،
افسوس اڄ پيارن، پيارن ڇڏي ڏنو.
رهبر لٽي ٿو ڪاروان، رهزن جو ڪهڙو ڏوهه،
منزل جو شوق، راهگذارن ڇڏي ڏنو.
آه و فغان ٿيو مشغول، هجرِ حبيب ۾،
دل کي شڪيب و صبر، قرارن ڇڏي ڏنو.
”آصف“ سهارو پنجتن جو توکي ڪافي آه،
ڪجهه غم نه آهي توڙي سهارن ڇڏي ڏنو.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)
 

امير بخش ”امير“ قريشي

(1906 – 1978ع)

ڪلام

رازِ  دل پنهنجو  ٻڌائي ويٺين،
حسن کي پاڻ پسائي ويٺين.
دانهن دنيا کي ڏنئه حيف ”امير“
پاڻ کان  دوست رسائي ويٺين.
نينهن ناسور پرائي ويٺين،
سوز سيني مان گنوائي ويٺين.
آب اکين مان وهايئه افسوس،
بره جي باه وسائي ويٺين.
 ڏاهه سان ڏيهه ڏڪائي ويٺين،
پاڻ کان پاڻ ڀلائي ويٺين.
خاڪ هوندي به سڏائين ٿو  ”امير،“
خواهه مخواهه خلق کلائي ويٺين.
مون چيئه ڪيم ڪر سوال ”امير“،
آبرو نيٺ وڃائي ويٺين.

 (ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

محمد جمن هالو

(1911-1977ع)

ڪلام

هڪ مٽي ٻاهر ڪڍي ۽ ٻي مٽي اندر وجهو،
مڙس ڪو مانجهي وجهو ۽ ڪانڌ ڪو ڪونڌر وجهو،
 

هاڪ جنهن جي حسن جي هر وقت سڀ ٻڌندا هئا،
سو سينگاري يار سهڻو لحد ۾ دلبر وجهو.
 

جو ستو ٿي شوق مان ساري عمر غلمن تي،
تنهن کي آئي قبر ۾ اي دوست ري بستر وجهو.
 

”هالي“ ساڻ هاڻي وري مشڪل سان ملندو دوستو،
ڪي ويجهو ٻه چار گل ڪي عطر عنبر وجهو.

(ڪتاب: ’دُرناياب عرف يادِ رفتگان‘ تان ورتل)

آثم ناٿن شاهي

(........-2006ع)

غزل

غم مٿان ٻيو به غم، غنيمت آ،

مون تي ايڏو ڪرم، غنيمت آ.

 

تنهنجو غصو به منهنجي لئه سائين،

تنهنجي سِر جو قسم، غنيمت آ.

 

تنهنجي طرفان مليو ته بسم الله،

مون لئه رنج و الم، غنيمت آ.

 

پنهنجي حصي ۾ آيو آ يارو،

هڪ ستمگر صنم، غنيمت آ.

 

ڪوڙي دولت نه آهه اي ’آثم‘،

منهنجي هٿ ۾ قلم، غنيمت آ.

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)

قمر ”شهباز“

(1938ع – 2009ع)

غزل

رات اسان کان پيارا وڇڙيا، چانڊوڪيءَ کان چارا وڇڙيا،

سانوڻ ڪهڙي ڪارڻ ايندو، دل کان جو دل وارا وڇڙيا.

 

ڪنهن سونهن ڏني، ڪنهن ساءُ ڏنو، ڪنهن دردن جو درياءُ ڏنو،

ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا، ڪهڙا جيءَ جيارا وڇڙيا.

 

خوابن جي ايوانن ۾ مان تنها ڇو آهيان،

جن جوت ڏني، سي موت نيا، هئي! تاريڪيءَ ۾ تارا وڇڙيا.

 

ڪي ڏينهن ٿيا جو مينهن پيا، جن پيار ڪيو سي ڌار ٿيا،

تون ڇا وڇڙيئن، دنيا وڇڙي، مون کان ساٿي سارا وڇڙيا.

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)
 

پُرسرام ”ضيا“

(1911ع – 1958ع)

غزل

مان به هڪ تنهنجي خريدارن مان هوس،

توکي جن طلبيو طلبگارن مان هوس.

جيڪي تنهنجي دل تان ويا وسري صفا،

مان به تن وسري ويل يارن مان هوس.

جن کي زر هو، تن ڪري سودو ڇڏيو،

واءِ، مان ڀي ڇو نه زردارن مان هوس.

درد جي جيڪي دوا طلبي مئا،

مان به تن بدبخت بيمارن مان هوس.

جيڪي هڪڙي جام کان محروم ٿيا،

مان انهن محروم ميخوارن مان هوس.

بي خطا هوندي به جي بخشيا نه ويا،

اي ’ضيا‘ مان تن گنهگارن مان هوس.

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)

کيئل داس فاني

(1914ع – 1995ع)

غزل

رات کان پوءِ رات ڪٿ ايندي نه آهِه،

مون مٿان پر غم تي غم ايندو ويو!

دور کان ويجهو ڏٺم ويجهو عزيز،

جيئن ويس ويجهو پري ٿيندو ويو!

قافلو منهنجو لٽيو اهڙيءَ طرح،

جو ڏسي رهزن به روئيندو ويو!

آهِه اکڙين کي به ٻولڻ جي زبان،

ڪو نظر سان حال اوريندو ويو!

پاڻ بادل صاف ٿيو ڪارنهن ڪڍي،

داغ ڌرتيءَ جا به ڌوئيندو ويو!

ڪو وساريل گيت ڳائي سوز مان،

دل کي چوريندو ۽ جهوريندو ويو!

ڪنهن ڏٺو مون ڏي نه جهوليءَ ڏي ڏٺو،

جنهن ڏيڻ چاهيو ٿي سو ڏيندو ويو!

(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org