مير محمّد خاصخيلي
ڊينگاڻ
استاد الاساتيذ و العلماء حضرت مولانا
مولوي محمد علي ’سنڌي‘ جي سوانح حيات
حسب و نسب:
مولوي محمد علي ’سنڌي‘ پٺاڻ قوم و قبيلي سان تعلق
رکڻ ڪري پٺاڻ ۽ افغاني سڏجن ٿا. پاڻ پٺاڻن جي ڪهڙي
قبيلي جي ڪهڙي شاخ سان وابسته ۽ واڳيل آهن، تنهن
جي ڪٿان به ڄاڻ ملي ڪانه سگهي آهي. ۽ پڻ اِهو
خاندان، سنڌ ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿان کان وارد ٿيو؟ تنهن جو
به ڪٿان ۽ ڪنهن به ذريعي سان احوال ملي ڪونه سگهيو
آهي، ۽ وري سندن والد يا خاندان جي ڪنهن ٻي فرد جو
نالو ملي سگهيو آهي.
رهائش ۽ سڪونت:
مولوي پٺاڻ يا سندن والدين جي رهائش بابت هن وقت
تائين ڪابه ٺوس روايت يا ڪا تحرير ۽ تصنيف پڙهڻ
لاءِ ملي نه سگهي آهي! البت ايترو وثوق سان چئي
سگهجي ٿو ته مولوي افغان جا آباءُ و اجداد،
سرزمينِ سنڌ ۾ آيل ٿا ڀانئجن، ڇو ته مولوي ’سنڌي‘
جي سنڌي شاعري ۽ ڪافيون تمام پڪي ۽ پختي ٻوليءَ ۾،
صفا صحيح ۽ نِج، تذڪير توڙي تانيث ۾ بلڪل درست
آهن. مولانا ’سنڌي‘ جي وطنِ سنڌ سان محبت ۽ نسبت
جي ڪري هن پاڻ کي مولانا عبيدالله ’سنڌي‘ وانگر
’سنڌي‘ سڏائڻ پسند فرمايو آهي.
مولوي افغانيءَ جو ماتلي ۾ ميرن جي قاضي ميان
محمود نظاماڻيءَ وٽان فارسيءَ جي تعليم پرائڻ ۽
وري سندس درس وَ تدريس، ميرپورخاص ضلعي جي ڳوٺ
لاکو شاهه (سنهڙو)، لڳ ميرپورخاص مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته سندس سڪونت انهن شهرن (ماتلي ۽
ميرپورخاص) جي آسپاس جي علائقن ۾ ٿي سگهي ٿي.
پيدائش:
غالباً ميرن جي دور جي آخر ۾ سندن ولادت 34-1833
ڌاريا آهي جو روايتن موجب سندن ڄمار 100 سال جي لڳ
ڀڳ هئي.
حُصول تعليم:
مولوي محمد علي ’سنڌي‘ فارسيءَ جي تعليم ماتليءَ ۾
هلندڙ وڏي ۾ وڏي مدرسي بلڪ دانشگاهه ۾ قاضي محمود
نظاماڻيءَ وٽان حاصل ڪئي، جيڪو پنهنجي وقت ۾ فارسي
ادب جو جڳ مشهور ۽ معروف ۽ لاثاني اديب ڄاڻو ۽
ماهر ليکيو ويندو هو. اُتي قاضي ميان محمود
نظاماڻي وٽ مولوي ’سنڌي‘ جو همدرس ۽ ڌوڙي مولوي
ميان محمد اسماعيل دل‘، ’مور مڪان‘، ’مور دَل‘ ڳوٺ
وارو هو.
(1)
ماتليءَ ۾ فارسي تعليم پوري ڪرڻ بعد مزيد تحصيل
علم جي لاءِ مولوي محمد علي پشاور، لاهور ۽ دهلي
جا به سفر ڪيا. باقي اها خبر ڪانهي ته اُتي مولوي
پٺاڻ صاحب اُنهن شهرن جي ڪهڙن مدرسن ۾ ۽ ڪهڙن ڪهڙن
عالمن وٽان ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا. سڀ کان اول نواب
سيد صديق حسن خان قنوجي ڀوپالي مولوي افغان جي
حصول تعليم لاءِ گول مغول انداز ۾ صرف سنڌ، پنجاب،
لاهور ۽ دهلي جا نالا لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ماتلي ۾،
مولوي ميان محمود نظاماڻيءَ وٽان فارسي جي تعليم
پرائڻ جي باري ۾ وضاحت ڪانه لکي اٿائين ۽ نه وري
پوءِ جي سنڌي ليکڪن ۽ مضمون نگارن اُن جي چِٽائي
فرمائي آهي.
(2)
مولوي محمد علي سنڌي جو همدرس:
ميرن جي صاحبي جو جڳ مشهور ۽ بينظير اديب مولوي
محمد اسماعيل ’دل‘، ’مور مڪان‘ وارو ماتلي لڳ ٽوهن
جي ڳوٺ کان اڳتي جنوب جانب ماندا قوم جي ڳوٺ کان
به اڳيان ’مور دَل‘ جو قديم ۽ پراڻو ڳوٺ واقع آهي.
(3)
ميان محمد اسماعيل ’دَل‘
فارسي جا عظيم
۽ لاثاني اديب هئڻ سان گڏوگڏ ڪاتب ۽ خوشخطيءَ جا
خوش نويس به هئا؛ جنهن جو ثبوت سندس هڪ ڪتاب ’شرح
محمديه شرح زليخا جي آخري ورق تي هيءَ عبارت ڏاڍن
سهڻن ۽ خوبصورت اکرن ۾ ۽ نهايت دلڪش، دلآويز ۽ دل
کي وڻندر ڪانهَن جي قلم سان رقم شده پڙهيم، جنهن
مان سندن فارسي جي اهليت و قابليت ۽ خوشخطيءَ جي
چڱي پَر پرکا پوي ٿي، اُها عبارت اِجها هيءَ آهي:
مالک ميان محمد اسماعيل خلف ميان محمود، متوطن
’مکان مور‘ هرکه دعويٰ کند شود بدنام 1294هه/1877ع
هيءَ مٿيون سن، يا ته شرح زليخا جي ڇپائيءَ جو سن
آهي، يا ته انهيءَ ڪتاب کي خريد ڪرڻ جو آهي، ياد
رهي ته زليخا جو اهو ’شرح محمديه‘ ۽ اُن سان گڏ
ٻيا ڪتاب مولوي عبدالعزيز سولنگي مرحوم ڊينگاڻ
ڀرڳڙي واري کي اُتان ئي اُنهيءَ ڳوٺ مان مليا هئا،
جن جي زيارت ۽ مطالعي جو موقعو راقم کي ڊينگاڻ شهر
۾ رهڻ دوران نصيب ٿيو. سمجهان ٿو ته اِهي ڪتاب، اڄ
به جامع مسجد ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ جي مدرسي جي ڪٻٽن ۾
محفوظ موجود هوندا.
درس و تدريس ۽ شاگرد:
مولانا محمد علي ’سنڌي‘ تعلقي ميرپورخاص ۾ شاهه
پوٽن سيدن جي ڳوٺ لاکو شاهه (سنهڙو) ۾ سيد غلام
حيدر شاهه وٽ پڙهائيندا هئا.
۽ اُن هنڌ کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڳوٺ يا ماڳ يا مقام ۾
درس تدريس جو ڪونه ٻُڌو ويو آهي، ۽ نه وري ڪٿي
پڙهڻ ۾ آيو آهي، اُتي شاهپوٽن سيّدن جي ڳوٺ ۾ سندس
ممتاز شاگردن مان حضرت علامه قِراني رحمة الله
عليه ۽ ٻيا، قاضي ۽ ڪاتب عبدالله هنڱورو قاضي
نورمحمد لغاري مسڻ وڏيءَ، حاجي محمد اسماعيل برادر
ڪِلان مولانا محمد نوح خاصخيلي ۽ حاجي پير شاهه
سنهڙي وارو، علي محمد شاهه ڀائي خان ڍورو، اِهي
ٻئي شاهه پوٽا هئا.
ماهوار رساله قراني ولهيٽ بابت ذوالقعد ۽ ذوالحج
1936ع ۾ تحرير ٿيل آهي ته اُتي (لاکو شاهه) ۾،
مولانا قِرانيؒ مولوي محمد عليءَ وٽ پورا پنج سال
رهي، فارسيءَ جي تعليم پوري ڪئي(4).
اُن وقت، علامه قِرانيؒ جي ڄمار 12 سال هئي، اُهو
سن 09-1308هه/89-1888ع هو. ڇو ته قِرانيؒ ستن سالن
جي عمر ۾ ويجهي ڳوٺ اُميد علي رند ۾ ميان سيّد
حاجي احمد شاهه مرحوم وٽ قرآن شريف پڙهڻ شروع ڪيو
۽ سال ۾ قرآن مجيد پورو ڪري ۽ پوءِ پورن پنجن سالن
۾ مولوي افغاني وٽ فارسيءَ جي تعليم پوري ڪئي آهي.
اُنهي مان مولوي پٺاڻ جو سيد لاکو شاهه ۾ درس و
تدريس جو سن 09-1308هه/89-1888ع به ظاهر ٿيو وڃي.
باقي اُتي ڪڏهن کان ڪيستائين رهيا، اُن جي باري ۾
پوري ۽ پڪي ڄاڻ ڪانهي ملي ۽ جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ مرحوم سنهڙي جي شاهه پوٽن سيّدن مان
سائين شجاع محمد شاهه ۽ قائم محمّد شاهه کي پڙهائڻ
متعلق به لکيو آهي ۽ پڻ قائم محمّد شاهه وٽان
’ميين محمد علي‘ جو محفوظ پيل ’بياض‘ هٿ ڪري، تنهن
۾ فارسي غزلن جو ديوان، اول ۾، پوءِ سنڌي غزلن جو
ديوان ۽ آخر ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون تحرير ٿيل
هيون(5). ڊاڪٽر صاحب، اهو بياض سن
1960ع ۾ هٿ ڪري، مذڪوره مواد هٿ ڪيو هو.‘
مولوي ’پٺاڻ‘ جي شاگردن جا اسم گرامي ۽ تفصيل:
(1)
حضرت مولانا محمد عثمان ’قِراني عليه الرحمة (ڳوٺ
عمر ڀنڀره تعلقه سامارو)
(2)
قاضي و ڪاتب عبدالله هنڱورو (ڳوٺ .....؟)
(3)
قاضي، ڪاتب و حڪيم نورمحمد لغاريؒ (مسڻ وڏيءَ)
(4)
حاجي محمّد اسماعيلؒ خاصخيلي برادر ڪِلان، مولانا
محمّد نوحؒ (ڳوٺ چونره خاصخيلي)
(5)
حاجي پير شاهه (سنهڙي ڳوٺ وارو)
(6)
سائين شجاع محمد شاهه (ڳوٺ سنهڙو)
(7)
قائم محمّد شاهه (ڳوٺ سنهڙو)
(8)
علي محمد شاهه (ڀائي خان ڍورو)
(9)
حاجي گل محمد ’رند‘.
(10)سگهڙ
محمد عالم پلي (1857-1920ع)
(11)
خليفو ڇُٽو درس، (1275-1338هه)
شاگردن کي نگراني ۾ درس و تدريس جي سکيا ڏيڻ ۽ وٽن
اچڻ وڃڻ:
مولانا افغان، پنهنجي ذهين و هوشيار ۽ ممتاز طالب
علمن کي، فراغتِ تعليم بعد پاڻ وٽ ڪجهه مدت رهائي
پڙهائڻ ۽ درس و تدريس جي عملي سکيا ۽ مشق به
ڪرائيندا هئا. اُن متعلق محترم حاجي نورمحمد ڀرڳڙي
مرحوم ڊينگاڻ ڀرڳڙي واري، راقم کي هڪ ڏينهن ڪچهري
دؤران ٻڌايو ته حضرت مولانا قِرانيؒ جڏهن مولوي
پٺاڻ وٽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪئي ته کيس ٿوري عرصي
لاءِ اُتي لاکو شاهه (سنهڙي) ۾ پاڻ وٽ، پنهنجي
نگراني ۾، فارسي پڙهائڻ لاءِ ترسائي رکيو، پر جڏهن
قِرانيؒ جي والد ڏٺو ته عثمان فارسي پڙهي پوري به
ڪئي آهي، پوءِ به اُتي رهيو پيو آهي ته نينگر
عثمان اڳتي عربي ڪيئن پڙهي سگهندو؟ اُنڪري سندس
والد حافظ ڄام پاڻ ’لاکو شاهه‘ (سنهڙو) ۾ مولوي
پٺاڻ وٽ وڃي عرض ڪيائين ته سائين! نينگر کي عربي
به پڙهائڻي اٿم، مهرباني فرمائي کيس موڪل ڏيو ته
ڪٿي عربي پڙهڻ لاءِ ڇڏي اچان، تڏهن وڃي، مولوي
صاحب، مَس مَس موڪل ڏني ۽ اُن بعد حافظ صاحب،
عثمان کي اُتان وٺي وڃي ’مَسو بوزدار‘ ۾ مولانا
محمّد يوسف ٿيٻو وٽ ڇڏي آيو هوندو. محترم معمور
يوسفاڻي صاحب علامه قِراني رحه جي تعارف ۾ لکيو
آهي ته علامه محمد عثمان ولد حافظ ڄام ڀنڀرو تخلص
’قرآني‘ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ مدرس، صاحبِ
ڪمالات و فيوضيات ٿي گذريو آهي. پنهنجي والد صاحب،
ميان مولوي محمد علي پٺاڻ ۽ سيد احمد شاهه وت قرآن
مجيد، ابتدائي فارسي ۽ عربي تعليم ورتائين(6).
سندن هڪ شاگرد مولوي حاجي گل محمد ذات جو ’رند‘،
اصل ڀاڳناڙي جو هو، سيد علي حسن شاهه جي ڳوٺ
(سنهڙو) ۾ مولوي محمد علي پٺاڻ وٽ سڪندرنامي تائين
پڙهيو. سِگهَه ڳوٺ ۾ خليفي قابل درس وٽ رهيو ۽
خليفي ڇُٽي کي پڙهائيندو هو، قاضي محسن پلي (ڳوٺ
ڊيٻو) کيس حج ڪرايو. حاجي ابراهيم دل، حاجي محمد
عالم پلي ۽ مصري شاهه نصرپوري جو صحبتي اعليٰ پايي
جو شاعر هو، سندس شاعري جو ديوان ۽ سنڌي ۾
’سڪندرنامو‘ مشهور آهن. 1310هه ۾ وفات ڪري ويو،
ڳوٺ ساڀو ۾ دفن آهي.(7) مولوي محمد
پلي پٺاڻ پاڻ سٺو شاعر هو ۽ سندس شاگرد به اعليٰ
پايي جا شاعر هئا، علامه قِراني ۽ چاچي گل محمد
رند کان علاوه سگهڙ محمد عالم پلي (1857-1920ع) به
اعليٰ پايي جو شاعر هو(8). خانصاحب
عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي جي لکت موجب خليفو ڇُٽو درس
جيڪو پڻ اعليٰ پايي جو شاعر هو، اُهو به مولوي
محمد علي پٺاڻ وٽ ڳوٺ سيد علي حسن (سنهڙو) شاهه ۾
پڙهيو(9). ههڙي طرح’مولوي سنڌي‘،
پنهنجن شاگردن وٽ وڃي، ڪيئي ڏينهن رهندا به هئا ۽
سندن درس و تدريس جي نگهداشت ۽ نگراني به ڪندا هئا
۽ ساڻن ميل ميلاپ ۽ واسطا به قائم رکيو ايندا هئا.
اِنهيءَ مان هڪ لائق مهربان ۽ مشفق اُستاد جو
پنهنجن شاگردن سان پيار ۽ شفقت جي نشاندهي عيان
آهي اُن جو ثبوت مولوي افغان پنهنجي لائق ۽
فرمانبردار شاگرد نورمحمّد لغاري وٽ مَسڻ وڏيءَ ۾
اچي ڪيترا روز رهندو هو. اُن متعلق مولانا ذبيح
لغاري پنهنجي اڻڇپيل آتم ڪهاڻي(10) ۾
رقم طراز آهي ته، مرحوم حاجي مير محمّد لغاري مَسڻ
وڏي واري ٻڌايو ته مولانا محمّد علي وڏو اهل الله
۽ صاحبدل بزرگ هو، هُوءَ هتي اسان وٽ مسڻ ۾ سندس
شاگرد قاضي نورمحمّد لغاري وٽ آيو هو. ۽ پڻ مرحوم
عبدالحق ڪنڀار ٽيلر ماسٽر جي قول موجب ته اسان جي
ماما مرحوم فقير محمّد عثمان، مولانا افغاني کي
عرض ڪيو ته سائين! اسان مسڻ شهر ۾ نئين مسجد تيار
ڪرائي آهي، ڌڻي در دُعا گهرو ته شال آباد ٿئي!
مولانا جنهن وقت دعا لاءِ هٿ کنيا ته دير تائين
دعا به گهرندو رهيو ۽ اکين مان لڙڪ به وسائيندو
رهيو. اِها مسجد مصداق قول نظامي گنجويؒ ع- بچندين
دُعائي سَحَر خواستہ.
اڄ به اُها مسجد الله جي نيڪ صالح بندن جي نيڪ
نفسي ۽ نيڪ ڪوشش سان پڪين سِرن سان مضبوط ۽ محڪم
معرضِ وجود ۾ قائم ۽ پڻ آباد ۽ شاداب آهي، اِهو
سارو اُن بزرگ جي اشڪباري جو نتيجو آهي.
سڀاءُ ۽ طبيعت:
مولوي افغان، طبيعت جو وڏو بُردبار گهڻ سَهو، ٿورو
ڳالهائو، نرم ۽ جهيڻي انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، سهڻي ۽
وڻندڙ سڀاءُ جو مالڪ هو، ۽ شب بيدار، بزرگ ۽ وڏو
فياض هو، پاڻ باعمل، ڪامل ولي ۽ بيحد ۽ ڪمال درجي
جو متقي ۽ پرهيزگار هوندو هو، الله جي ذڪر و اذڪار
۾، هر وقت محو ۽ مشغول نظر ايندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ ۾ رقم طراز آهن
ته ’ميون محمّد علي پٺاڻ چڱي مانَ ۽ علم وارو عالم
هو.‘ (11)
شادي ۽ اولاد اوقاد:
مولوي افغان جي ازدواجي حيثيت ۽ اولاد جي باري ۾
به هيلتائين ڪابه ڄاڻ ۽ معلومات ملي ڪانه سگهي
آهي. اِها حقيقت اوستائين غير واضح ۽ پريشان ڪُن
آهي، جيستائين وڃي صاف ۽ ظاهر ٿي منظر عام تي اچي.
مُرشد جي تلاش ۽ بيعت:
درس و تدريس ۾ ڄمار جو ڪافي حصو گذارڻ بعد، اندر
کي اُجارڻ ۽ ضمير کي روشن ڪرڻ ۽ روح کي راحت رسائڻ
۽ معرفت جي منزلن کي طئي ڪرڻ لاءِ، ڪنهين ڪامل
ولي، الله واري جي تلاش ۽ جستجو ۽ سندس زير رهبري
۽ نگرانيءَ ۾ رهي، زندگي جي حقيقي ۽ اصلي مقصد
ماڻڻ لاءِ مرشد جي تلاش، ڳولا ۽ کوج شروع ڪيائين؛
جنهن ۾ سندس نظر وڃي وقت جي پهتل بزرگ ۽ درويش
حضرت خواجه محمّد حسن سليمان تؤنسوي تي پئي، جنهن
حق جي طالبو مريد کي بيعت ڪرڻ سان پهرئين ئي نظر
سان رنڱي ڇڏيو ۽ پڻ کيس خلافت جو خرقو ڍڪايائين.
جڏهن مرشد پنهنجي مريد کي تصوف ۽ ولايت ۾ اعليٰ ۽
ارفع مقام تي پاتو، تڏهن کيس ديني، باطني ۽ علمي
فيض ڏيڻ جي لاءِ سنڌونديءَ جي ڪناري، ڪالاباغ کان
به مٿي ۽ اڳتي پنجاب جي مکڏ/مکڏ شريف ۾ موڪليو،
جتي مرشد جي حڪم مطابق، مذهبي، روحاني فيض پهچائڻ
۾ محو و مگن ٿي ويو. باقي اها خبر ڪانه ٿي پوي ته
مولوي ’سنڌي‘، ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾، مرشد جي بيعت
اختيار ڪئي هئي ۽ مکڏ يا مکڏ شريف ۾ ڪڏهن وڃي
رهيو، ۽ اُتي ڪيترو عرصو رهيو.
مولوي ’سنڌي‘ جي پرهيزگاري ۽ زُهد و تقويٰ به تمام
ڪامل درجي ۽ مٿانهين مقام کي پهتل هئي، ڇو ته اهو
مشهور آهي ته پاڻ لڳو لڳ ۽ مسلسل ۽ ساندهه 36 سال
عشاء نماز واري وضو سان فجر نماز ادا ڪئي هئائين ۽
پاڻ سڄيون ساريون راتيون، شب خيزي ۽ شب بيداري ۾
رهي، الله پاڪ جي عبادت ۽ ذڪر و اذڪار ۾ گهاريندا
هئا. ايتريون ساريون راتين جون راتيون جاڳي، الله
جي يادگيري، بندگي، تهجد و نوافل جي مشقت برداشت
ڪرڻ به هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي، اهو سڀڪجهه ڪامل
مرشد جي لِلاهيت جو اثر ۽ رنگ ئي آهي.
شعر ۽ شاعري (فارسي شاعري):
مولانا محمد علي ’سنڌي‘ فارسي، سنڌي توڙي سرائيڪي
ٻولين جو اعليٰ پايه ۽ مٿانهين مقام جو، هڪ بهترين
۽ هردلعزيز شاعر ٿي گذريو آهي. مولوي محمد علي جو
هڪ بياض به آهي، جنهن جي اول ۾، فارسيءَ جو ديوان
’ديوانِ علي‘ اُن بعد سنڌي غزلن جو ’ديوان‘ ۽ آخر
۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون درج ٿيل آهن. سندس فارسي
ديوان عليءَ ۾ 54 فارسي غزليات آهن. سندس شعر، بحر
۽ وزن تي ٻڌل پڪو ۽ پختو آهي. فارسي شاعري ۾ ’علي‘
۽ ’مولوي‘ ٻئي تخلص ڪم آندا ويا آهن(12).
مولوي محمد علي جي فارسي شاعري جو اُسلوبِ بيان
سادو آهي، ۽ قدر وڻندڙ آهي، سندس ڪلام جو نمونو
تمام دلڪش ۽ دلفريب آهي، فارسي ادب ۾ سندس مقام
قريب قريب ايراني شاعرن وارو هو(13).
مولوي محمّد علي ’سنڌي‘ جا فارسي اشعار، جن ۾
’علي‘ جو تخلص استعمال ڪيو ويو آهي.
دلم بند در زلف جانان شده،
نهان نيست اظهار بر عام و خاص.
---
’علي‘ عشق را و رزبي غرض شو،
که اين شيوه رمز خاص الخواص(14).
هنن ٻنهي بيتن ۾، بحر متقارب مثمن محذوف/ مقبوض ڪم
آندل آهي. ٻنهي بيتن جي مصرع اوليٰ جي عروض ۾ زحاف
محذوف واقع ٿيل آهي، فعولن مان ’لُن‘، جيڪو آخر جو
سبب خفيف آهي ڪِري پيو ته ’فَعُو‘ باقي رهيو، ته
اُن کي ’فعل‘ سان بدلايو ويو آهي ۽ ٻنهي ثاني
مصرعن ۾ فعولن جي پنجين حرف ساڪن ’ن‘ ڪيرائڻ سان
’فعول‘ (لام تي پيش) رهيو ته مقبوض ٿيو ۽ اُنڪري
بحر جو وزن ٿيندو.
وزن: فَعولن- فَعولن- فَعولن- فَعل
فَعولن- فَعول- فَعولن- فَعول
مولوي صاحب جو، فارسي ۾، هڪ ٻيو غزل جيڪو سڀني
ليکڪن، پنهنجن ليکتن جي زينت بڻيو آهي، اُهو غزل
پنجن(5) بيتن تي مشتمل آهي ۽ پڻ قند پارسي جي
عنوان سان موسوم آهي. اُنهيءَ غزل ۾ ’مولوي‘ جو
تخلص ڪم آندل آهي. ۽ پڻ بحر هزج مثمن سالم جي وزن
تي چيل آهي. ملاحظه فرمايو:
فارسي غزل (قندپارسي) بحر هزج مثمن سالم:
وزن: |
مفاعيلن- مفاعيلن- مفاعيلن- مفاعيلن |
|
مفاعيلن- مفاعيلن- مفاعيلن- مفاعيلن |
1- |
شهيدِ تير آن تُرڪم که از اَبرو ڪمان
دارد
خدنگ از شست آن خوردم که
مژگان
سنان دارد |
2- |
ز چشم مست بيمارم چد بيماري فزود آخر،
بهر سويش که مي بينم هزاران کشتگان
دارد. |
3- |
حديث حُسن يوسف راکجا دانند اخوانش،
زليخارا بُپرس ازوي که صد شره و بيان
دارد. |
4- |
خوش آن عاشق که از جانان رُخ مهر و
وفا بيند،
زِ يارِ خويش حيرانم نه اين دارد نه
آن دارد. |
5- |
صبابا آن طبيبِ عشق حال ’مولوي‘ برگو،
که بس عمريست اين بيمار سربر آستان
دارد. |
مولانا عبدالڪريم لغاري مسڻ وڏيءَ واري اهو ٻڌايو
ته جڏهن آئون ’چـﺆنرو خاصخيلي‘ ۾ مولانا محمد نوحؒ
وٽ پڙهندو هئس ته اُن وقت محترم حاجي قمرالدين
(سئوٽ مولانا نوحؒ) وٽ مولوي ’سنڌي‘ جو ديوان ڏٺو
هو، جنهن جا ڪجهه اوراق ڦاٽل ۽ ڪاري جُلد سان هئا
۽ مولانا ’ذبيح‘ لغاري(15) آتم ڪهاڻي،
ص 200 رقم طراز آهي ته مولوي ’افغاني‘ جو ’ديوان
علي‘ جنهن جا آخري ڪافي ورق شهيد ٿيل هئا، ڏٺو
هئم، طالب علمي جو زمانو هو، چندان توجه ڪونه
ڏنوسون، رڳو غزل پڙهي شعر ڏسندا رهياسين. ممڪن آهي
ته ’مدرسہ چؤنره‘ ۾ حاجي قمرالدين خاصخيلي وٽ يا
’مدرسہ مجدديہ‘ عمر ڀنڀره جي لائبريريءَ ۾ ڪو نسخو
موجود هجي، تنهن جو ديدار نصيب ٿيو هجين.
سنڌي شاعري:
مولانا پٺاڻ جهڙا فارسيءَ جا تمام ڀلا ۽ وڏا پيارا
۽ وڏي مانَ شان وارا عظيم شاعر آهن، اهڙائي سنڌي
ٻوليءَ جا به بينظير، بيمثل ۽ لاثاني ۽ لاجواب
شاعر آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪٿي ’علي‘ ۾ ڪٿي ’محمد
علي‘ ۽ ڪٿي وري ’پٺاڻ‘ جا تخلص استعمال ڪيا آهن.
سندس ’سنڌي ديوان‘ مان هڪ غزل جي مٺاس، لذت، چَس ۽
حَظ حاصل ڪرڻ لاءِ پيش خدمت آهي.
سنڌي غزل:
1.
خوبرو خوش خرام آيو آهه، هٿ ڪري جام جام آيو آهه.
2.
ياد مَهرو مِٺل سدا سهڻو، هم نشين نيڪ نام آيو
آهه.
3.
دلربا دلبر پري پيڪر، وه وجهي دوست دام آيو آهه.
4.
نازنين ساڻ ناز بي انداز، غيرت ماه تام آيو آهه.
5.
صنم ساده روءِ بس خوشخوءِ، صد شڪر سين سلام آيو
آهه.
6.
اي ’محمدعلي‘ مَ ٿي ماندو، خوش لقا خوش ڪلام آيو
آهه.
مورخه 20 شعبان المعظم 1406هه/1986ع ۾ قِراني ثاني
حضرت مولانا محمد نوحؒ خاصخيلي جي سئوٽ ۽ شاگرد
رشيد جناب مولوي محمد صالح مرحوم سان محترم مولانا
عبدالڪريم لغاري جي معيت ۾ ملاقات ٿي، جنهن صاحب
موصوف دورانِ ڪچهري، جيڪي بيت ٻڌايا اُهي اِجهو
هيءُ هئا، ۽ تضمين جو مثال به آهن.
1-
اي صبا! در ڪوئي جانان چُوتُرا اُفتدگذر
ڏج پرين کي پيش بازي جا سنيها سربسر.
2-
’محمدعلي‘ جهڙا مائل ٿيا البيلڙا عاقل،
ڪڙو ڪيفي پين قاتل سهڻ يار جو مطلب.
3-
پهرئين مصرع .................؟
ڪڍان ڇو دستِ دامن مان رکان رخسار جو مطلب.
۽ پڻ ’مولوي محمد صالح خاصخيلي‘ جو ڀائيٽو ۽ جناب
مولوي محمد اسحاقؒ جي فرزند ارجمند محترم
عبدالڪريم مرحوم وٽان وري تضمين جو هڪ ٻيون بيت
مليو، سو اجهو هيءُ آهي:
بيت
”سحر جادو سامري چون من بخوانم در ڪتاب
اي ’علي‘ عينن سندا جادو اچن ٿا ياد ياد.
۽ اِنهيءَ کي ڪجهه تبديلي سان هيئن به پيش
ڪيو ويو آهي:
بيت
اي ’علي‘ عينن سندا جادو اچن ٿا ياد ياد،
’در شبي تاريڪ‘ تِن جا مُوا اچن ٿا ياد ياد.
---
’علي‘ اڄ عين ٿي توتي عنايت،
عنايت جا ڏِنا دلبر دلاسا(16).
معلوم هجي ته اُن دور ۾ لنواري شريف ۾ هڪ عظيم
قادرالڪلام شاعر قاضي محمد عرس خاصخيلي هوندو هو،
جنهن جو ۽ مولوي پٺاڻ جو پاڻ ۾ شعري في البديهه
مقابلو مشهور هوندو هو، جنهن ۾ مصرع اول ’مولوي
محمّد علي‘ جي ۽ مصرع ثاني ’قاضي عرس‘ جي هوندي
هئي.
مولانا:
ڇو نٿو پئي حال منهنجي تي حبيبن کي حيا.
قاضي عرس:
بخت تنهنجي منجهه برابر آ ڪا آڏي اَڻي.
مولانا:
ماٺ ڪر محمد علي ٿي رمز انهي کان نه رنج.
قاضي عرس:
عرس جيئن اُميد رک تون، مانَ ميڙيندو ڌڻي.
اهو مقابلي وارو غزل جنهن جو قافيه اَڻي ۽ ڌڻي هو،
ڪٿان به مڪمل ملي ڪونه سگهيو آهي.
اُن کان سواءِ مولوي ’افغان‘ سنڌي ٻولي ۾
سُر بروو، سر سهڻي، سر راڻو ۾ بيت به چيا آهن.
بيت (سُر بروو)
1- ڪڏهن من ميڻ جئن، ڪڏهن مثل لوهه،
ڪڏهن اڳ عجيبن جي، ڪڏهن رُلي روهه،
ڪڏهن ثابت ثواب ۾، ڪڏهن ڪري ڏوهه،
’علي‘ ائين اندوهه، هنيون هنڌ نه هيڪڙي.
بيت (سُر سهڻي)
4- سهڻي صاف جواب، ڏنو ڏُهيلي ڏَم کي،
وڃن ويرن وچ مان، ساهڙ ڏانهن ثواب،
منهنجو آهي آب، ميهر محمّد علي چوي.
بيت (سُر راڻو)
3- راڻا رُسڻ ريت، تو نه مناسب مينڌرا،
ڪج نه ڪميڻيءَ سين، قادر لڳ ڪُريت،
پَوري ڪج پريت، پرچي هن ’پٺاڻ‘ سان(17).
سنڌي ڪافيون:
سنڌي ڪافين جي باري ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
لغاري بلوچ رهاڻ هيرن کاڻ ۾ تحرير ڪن ٿا ته ڪافيون
سنڌ جو اصلي نظم توڙي آڳاٽو ڳائڻ آهي، گهڻو ڪري
سنڌ ۾ جنهن به شاعري ڪئي آهي، تنهن ڪافيون چيون
آهن. ڪافي نالو نظم جو آهي، ڪافي، اُن جي ڳائڻ جو
سنڌ اندر رواج مروج هو ۽ سنڌ اندر ڪافين جا ڪيئي
دفتر ۽ ڪتاب موجود هئا، جيڪي گذريل سٺ (60) سالن
کن ۾، ذوق جي ضايع ٿيڻ سان، ضايع ٿي ويا آهن، ڪن
ڪافي گو شاعرن جو احوال اڃان مشهور نه ٿيو آهي،
اُنهن مان هڪ چڱي مانَ ۽ علم وارو ميون محمّد علي
پٺاڻ هو، سن 1930ع ڌاري يا اُن کان اڳ، ميون محمد
علي هڪ عالم هو(18).
مولوي افغاني سُر تلنگ، سُر بلاول، سُر بروو، سُر
آسا، سُر جوڳ، سُر مارئي، سُر سارنگ، سُر لوڙائو،
سُر سورٺ، سُر ڪلياڻ، سُر پيلو ۾ ڪافيون چيون(19).
ٻه ڪافيون هيٺ لکجن ٿيون:
1- ڪافي ’سُر تلنگ‘:
بِرهه بيشڪ بي بيان، برهه باتيون ڪنهن نه ڄاتيون،
1- محبتي ميدان ۾ ڪو پير پائي پهلوان،
اُت هٿيارن جي نه حاجت، ٿيا ڪُسي قربان جُوان،
ڪنڌ جهليائون قرب ڪاتيون.
2- عشق جي امواج ۾، کائج مَ تون غوطه گُمان،
سچ رکي لنگهه سير ثابت، وڃ تري طالب طوفان،
ڪر نه ڀاتون باتيون.
3- برهه جي بازار ۾، ٿي بي عقل ۽ بي زُبان،
ڪَه نه ڪنهن سان قرب ڳالهيون، ٿيو ذرو ظاهر
زيان،
لئون لساني تو نه لاتيون.
4- وره جي واري اندر، وڃ مُڃ ڪري جند جانَ مانَ،
لَن تنالو البَرَّ باسج محمدعلي منجهه هِن
مڪان،
ٿيون ٿين ضايع ذواتيون(20).
2- ڪافي ’سُر ڪلياڻ‘:
غُلامي شاهه حيدر جي، اسان لئي بادشاهي شاهي.
1- سڳ سڏاءِ صديق صدر جو، اعليٰ امام امير عُمر
جو،
ڪُفر بنا جنهن ڊاهي ڊاهي.
2- عُثمان علي شه انور لانتا، ڏس مانجهي مظهر،
تنهنجو سڏائج گاهي گاهي.
3- نُور نِرالا افڪمل اعليٰ، حَسن حُسين بهادر
بالا،
رمز چڱي تن راهي راهي.
4- مست مداحي محمد علي، جنهن عليءَ جي دامن جهلي،
حيدر ڏي همراهي راهي(21).
سرائيڪي شاعري:
مولوي محمد علي ’سنڌي‘ جي سرائيڪي شاعري راقم کي
ٻئي ڪنهن هنڌ ته ڏسڻ ۾ ڪانه آئي آهي. البت ’رهاڻ
هيرن کاڻ‘، جلد اٺون، ڀاڱو
II،
۾ ’سر جوڳ‘ ۾، سرائيڪي ڇهه (6) بيت ڏسڻ ۾ آيا آهن.
علاوه ازين، ڪيترن سُرن ۾ ڪافيون، سرائيڪي زبان ۾
به رقم ڪيون آهن.
سرائيڪي ابيات (سُر جوڳ):
1-
ڪِٿ اسان، تي ڪٿ يار اسان ڏا، ڪٿ ياران دي وَسدي،
رانجهن ٻاجهون رنگور دي وچ مول نه مجلس هَسدي،
دانهن ڪران تان جڳ سُڻندا، پر آهه اُٿان نا
رسدي،
محمدعلي محبوبان بن بات نه اَوندي بَس دي.
6- جِٿ اَسان اُٿ يار اساڏا، لوڪان ڪَل نه ڪائي،
وَهن حڪم ’اَين مَاڪُنتم‘ سمجهو مام اِهائي.
ڪثرت وچ وحدت وائي، اَلانِسان.....
محمد علي جومحو ماهي وچ، تنهن ڪون عيدِ الاهي(22).
سرائيڪي ڪافيون:
مولانا محمد علي ’سنڌي‘ تمام پڪي، پُختي ۽ صاف،
صحيح ۽ سٿري ۽ دُرست لهجي ۽ ٻولي ۾ سرائيڪي ڪافيون
تحرير ڪيون آهن.
مولوي ’افغان‘ هيٺين سُرن ۾ سرائيڪي زبان ۾ ڪافيون
رقم ڪيون آهن: سُر سورٺ، سُر جوڳ، سُر بروو، سُر
آسا، سُر بلاول، سُر ملهاري ۽ سُر تلنگ.(23)
سندن ٻه ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون:
1- ڪافي- سُر تلنگ:
ٿلهه: مُنهن مُصحاف نوري هي نقشا،
ڪاڪُل ڪعبا ڄاڻي وي.
1-
اَبرو محراب تي، مُنهن هي مسجد، سجدا،
عُشاقي آڻي وي.
مسجد گڏ ميخانا بنياهي، مزاڪو ماڻي وي.
2-
مار خُودي خود وچ، ويکين ساڳي شڪل سان هاڻي وي،
محبت ٻاجهون سمجهڻ مشڪل ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي وي.
3-
احمد احد هِڪو حق هويا، طرف نه ڪنهن ٻي تاڻي وي،
رمز عجائب رنگ برنگي، قدرت ڏيک ڏهاڻي وي.
4- صورت وچ ٻي مورت مهڻي، صورت آپ سچائي وي،
مظهر ’محمدعلي‘ اظهر آتش خاڪ نه پاڻي وي(24).
2- ڪافي- سُر بلاول:
ٿلهه: هر جانت ناز نظارا وو، وَه حُسن ويکو هٻڪارا
وو.
1-
جِٿ عشق آوي اظهاري، ڪِٿ هوش رهي هوشياري،
ڦِر ذوق ڀَرائي زاري، اَلعشق عجب اسرار وو.
2-
نِت ناز نگاه ڪريندا، مُڙ
مژگان
نال مريندا،
آ دل
تي دام ڌريندا، جڏان جوڙ ٻهي جنسارا وو.
3-
جب اَرني عشق الايا، تَب تجلي طور جَلايا،
ڪر سر سينگار سوايا، گهُنڊ کول آيا سڀ سارا
وو.
4- هر صورت يار سمايا، تنهن رنگو رنگ لايا،
چُم محمد علي چايا، محبوب منهن مهيارا وو.
موت ۽ مدفن جو مقام:
الوحيد اسپيشل ايڊيشن، 16 جون 1936ع ۾ ۽ ’مقالات
قاسمي، از: علامه غلام مصطفيٰ ’قاسمي‘ مرحوم سنڌ
جا اسلامي درسگاهه از: محترم ڊاڪٽر جُمن ٽالپر ۽
محترم عابد لغاري، (سنڌي ادب جي تاريخ) سڀني حضرات
مولوي محمد علي افغاني جي وفات جو سن 29 رمضان
1253هه/1837ع، مقام مَکڏ، پنجاب ۾ تحرير فرمايو
آهي، اُن بابت راقم جي راءِ آهي ته مولوي ’پٺاڻ‘
جو مٿيون تحرير ٿيل وفات جو سَن، مضمون نگارن جي
غلطي آهي يا پريس ۾ پروف ريدنگ جي سَهو يا سُستي.
ڇو ته مولوي ’افغاني‘ جي شاگردن مان (i)
مولانا قِرانيؒ جو جنم بروز خميس 27 صفر المظفر
1296هه ۽ وفات جو سَن 12 آڪٽوبر 1936ع/15 رجب
المرجب 1355هه آهي ۽ (ii)
شاگرد قاضي نورمحمد لغاري جي رحلت 10 ذوالقعد
1385هه ۾ 90 سالن جي ڄمار ۾ واقع ٿي آهي. (i)
۽ مولوي ’پٺاڻ‘ جي همعصر شاعر قاضي محمد عُرس
(لنواري شريف) واري جو ڄم سال 1873ع ۽ وفات جو سن
1933ع آهي. (ii)
ته پوءِ مولوي محمد علي ’پٺاڻ‘ جي مٿي ذڪر ٿيل
ڄمار، پنهنجي هنن ٻنهي شاگردن ۽ سندس همعصر شاعر
قاضي محمد عرس جي عُمرين سان ڪيئن مطابقت رکي
سگهندي؟ حالانڪ، اِنهن مٿين شاگردن ۽ همعصر شاعرن
جي ڄمارن جو ڪوبه ماڻهو (اديب) ڪنهن به صورت ۾
منحرف ۽ انڪاري نٿو ٿي سگهي. اُنڪري احقر مولوي
سنڌي جي وفات 29 رمضان 1253هه بمطابق 1934ع کي
درست، صحيح، مناسب ۽ معقول ٿو سمجهي. پوءِ به وڌيڪ
ته الله سائين ئي ڄاڻي ٿو. پاڻ مکڏ/مکڏ شريف ۾
مدفون آهي. اِنالله وَاِنا اليہ راجعون.
حوالا:
|