قاضي غلام علي
ٺٽو
شيخ قاضي محمد (اُچ شريف وارو)- ٺٽوي
۽ سندن خاندان
ٺٽي شهر جي تاريخ قديمي آهي، مڪلي شريف ۽ ٺٽي شهر
۾ ڪيترائي اولياء الله اڪابر، مشائخ، مجذوب، اويسي
بزرگ دفن آهن. جيڪي ٺٽي ۽ مڪليءَ جو تاريخي اهڃاڻ
آهن. ٺٽي شهر ۽ مڪليءَ تي جڳ مشهور محقق ۽
تاريخدان پير حسام الدين شاهه راشدي وڏو تحقيقي ڪم
ڪيو آهي، سيد حسام الدين راشديءَ ڪتاب ”ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون“ ۾ ٺٽي جي قديم محلن، ذاتين، بازارن ۽
اولياءِ الله جي ڏهاڙن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
(1) قاضي شيخ محمد اُچي آل جعفر طيار وقت جي مشهور
علمائن مان آهي، پهرين هرات کان اُچ شريف آيو هو.
ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ميران محمد مهدي
جونپوري ٺٽي آيو ۽ ان مهدويت جي دعويٰ ڪئي. وقت
جي عالمن مٿس ڪفر جي فتوا ڏني، تڏهن هن قاضيءَ
انهيءَ ولي اڪمل سان ۽ ان جي تڪفير سان تعلق رکندڙ
سمورن ظاهري عالمن جي دليلن کي مناسب ردڪَدُ ڏنو
ڇاڪاڻ ته هي پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ اهل حال جي مقام
کان واقف هو، سيد ميران محمد مهدي جونپوري سندس
حال ڏانهن توجه فرمائي، سندس اولاد ۾ بزرگي ۽
سرسبزي دائم قائم رهڻ لاءِ دعا ڪئي اهوئي سبب آهي
جو گهڻو زمانو گذرڻ جي باوجود به هن خاندان تي
انقلاب جو اثر نٿو ٿئي، پاڻ 2 لائق فرزند ڇڏيائون:
(1) قاضي شيخ احمد (2) قاضي شيخ فريد. قاضي شيخ
محمد اُچيء 963هجري ۾ وفات ڪئي.
(2) قاضي محمد يحيٰ (ثاني) ولد قاضي محمد حسين
(ثالث):
هي بزرگ قضا جي عهدي سان گڏ انتهائي پرهيزگار ۽
متقي هو، هن کي پنهنجي والد قاضي محمد حسين پنهنجي
زندگي ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ڪيو. حضرت مخدوم محمد
ابراهيم نقشبندي پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”تڪلمة
مقالات الشعراءِ“ ۾ فارسي ۾ هيٺيان لفظ چيا:
”خدمات دست بست بجا آورده آن قدر مفتون
اراده بود که کارکه موجب علو رتبه او بسيار
حقير بود باعث توقير“
سندس وفات جو سال 1258هجري آهي.
(3) قاضي علي محمد فقير ولد قاضي محمد يحيٰ
(ثاني):
هي بزرگ قاضي غلام علي جعفريءَ جو وڏو ڀاءُ هو،
پاڻ علوم ظاهري جا ڪتاب مخدوم محمد ابراهيم
نقشبنديءَ وٽ پڙهيائون، سندن شعرن جو بياض قلمي
صورت ڊاڪٽر رضي الدين لائبريري قائداعظم
انٽرنيشنل يونيورسٽي ۾ موجود آهي، هي قلمي بياض
سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾ اچڻ وقت پير حسام الدين
راشدي راقم جي والد مرحوم قاضي علي محمد ٺٽويءَ
کان خريد ڪيو هو، هن کي پٽ قاضي محمد يحيٰ رابع
عرف قاضي غلام رسول پيدا ٿيو، جيڪو سندس زندگي ۾
رحلت ڪري ويو پاڻ 1306هه ۾ وفات ڪيائون.
(4) قاضي غلام علي ولد قاضي محمد يحيٰ:
هي بزرگ قاضي علي محمد فقير جو ٻيو ڀاءُ هو، سر
فريئر بارٽل ڪمشنر سنڌ جيڪا ٻولي بابت ڪاميٽي وجود
۾ آندي، ان ۾ جيڪي ٺٽي جا ٻه مسلمان عالم هئا: (1)
قاضي غلام علي، (2) غلام حسين سبزپوش، هن ڪاميٽي ۾
هندو، مسلمان ميمبرن گڏجي ڪم ڪيو، سندس ٽن ڪتابن
جو پتو پيو آهي. (1) ديوان جعفري فارسي، (2) دوسا
ڀائي جا سنڌي جملا، (3) هندستان جي تاريخ (ترجمو).
قاضي غلام علي صاحب ديوان شاعر هو. سندس ديوان
جعفري فارسي اڄ به سنڌي ادبي بورڊ ۾ قلمي موجود
آهي.
دوسا ڀائي جا سنڌي جملا هي ڪتاب ڪئپٽن اي.پي آرٿر
قاضي غلام عليءَ جي مدد سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو،
اهو ڪتاب معلوماتي ثابت ٿيو، جيڪو استادن شاگردن
سان گڏ انگريز عملدارن لاءِ پڻ مفيد هو، قاضي غلام
علي ميرپوربٺوري جو مختيارڪار پڻ رهيو. جڏهن ڪراچي
ضلعو هو سندن علمي مڃتا ڪري سر فريئر بارٽل ڪمشنر
سنڌ پنڊت ديبي پرشاد جي هندستان جي تاريخ جو ڪم
سنڌي ۾ ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪا تاريخ بعد سنڌ جي ڪمشنر
جي ڇاپخاني مان ڇپي. سندن وفات جي تاريخ 1885ع
ديوان خليل قلمي ۾ مخدوم محمد ابراهيم نقشبندي
ڏني.
(5) قاضي محمد محفوظ:
قاضي محمد محفوظ قاضي يحيٰ (ثاني) جو ننڍو فرزند
هو، پاڻ شاهبندر تعلقي جا مختيارڪار به رهيا، جڏهن
سندن ڀاءُ قاضي غلام علي تي ميهو نام انگريز ڊپٽي
ڪليڪٽر شاهبندر هڪ فوجداري مقدمو دائر ڪيو پاڻ
سندن ڇوٽڪاري لاءِ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي
درگاهه تي دعا گهرڻ لاءِ ويندا هئا، جتي قضا الاهي
سان گهوڙي جي لت لڳڻ سبب وفات ڪيائون. مخدوم
ابوالقاسم جهڙي ڪامل ولي جي دعا سان مسٽر گيبن سٽي
مئجسٽريٽ کين ان مقدمي مان بري ڪيو، سندن وفات جو
سال 1292هجري آهي.
(6) قاضي فضل الله ولد قاضي محمد محفوظ:
هي بزرگ قاضي محمد محفوظ جو پٽ هو، پاڻ زمينداري
پيشي کان سواءِ سٺا وڪيل هئا، مخدوم محمد ابراهيم
نقشبندي وڏي عمر هئڻ سبب پنهنجي زندگي ۾ جائيدادن
۽ زمينن جي سموري لکپڙهه سندن حوالي ڪئي. مخدوم
صاحب جي پنهنجو هٿ لکيل قلمي دستاويز اڄ به راقم
الحروف وٽ موجود آهي. پاڻ آنرري سيڪريٽري محمداً
ائسوسيئيشن به رهيا، پير سائين آغا غلام مجدد
تحريڪِ خلافت جو باني ۽ سندن فرزند پير آغا غلام
رسول سرهندي کين عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا،
هونئن به هي بزرگ اسان جا مائٽاڻا مرشد رهيا آهن.
پير سائين غلام رسول سرهندي سندن تذڪره ڪتاب
”ملفوظات الاڪابر“ ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڇپائي هيٺ آهي.
پاڻ دهليءَ جي جامع مسجد ۾ واعظ به ڪيائون، دهليءَ
جي مشهور طبيب و حڪيم محمد اجمل دهلويءَ سان به
ملاقات ڪيائون. اهڙو احوال سندن ذاتي ڊائري ۾ ملي
ٿو. سندن دوستن جا نالا:
1.
سيد صابر علي شاهه شڪرالاهي اولاد مير علي شير
قانع
2.
سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي پروفيسر ڊاڪٽر ديدار
حسين شاهه رضوي جو پڙڏاڏو.
3.
سيد محمد شاهه آمريءَ وارو سائين ظفر ڪاظمي جو
ڏاڏو.
4.
نواب خيرمحمد عابداڻي ٺٽوي
5.
سيد غلام محمد شاهه گدا حسيني
6.
سائين ممتاز علي آفندي
پاڻ 18- جنوري 1918ع تي رحلت فرمايائون.
(7) قاضي محمد يحيٰ ولد قاضي فضل الله:
هي راقم الحروف جو ڏاڏو هو، پاڻ 1314هه ۾ تولد
ٿيا، ڪيٽي بندر ۾ پوليس جمعدار ان بعد سجاول،
جاتي، لاڏيون، جهرڪ ۾ پوليس انسپيڪٽر ٿي رهيا،
مخدوم محمد ابراهيم نقشبندي سندن پيدائش 1314هجري
تي هيٺيون شعر لکيو:
بتاريخ ولاددش گفت هاتف
بِگو باشد فضل الله يحيٰ
پاڻ 1962ع مطابق وفات ڪيائون.
(8) قاضي علي محمد ولد قاضي محمد يحيٰ:
راقم الحروف جو والد پاڻ 1916ع ۾ ڄاوا، پاڻ مدرسي
۾ تعليم پرايائون. ٺٽي جي قديم عيدگاهه ۽ جامع
مسجد ٺٽي جي پيش امام مفتي محمد حسين وٽ تعليم
پرايائون. سندن نانو قاضي محمد باقر قريشي جيڪو
تحريڪِ خلافت جو ميمبر هو، درگاهه شرف علي شاهه
لودي جي خليفي جي معيشت ۾ سجاول جي مشهور مدرسي
الهاشميه ۾ تعليم پرايائون. سنڌي ادبي بورڊ ٺهڻ
کان پوءِ جڏهن قلمي نسخن جي ڳولا ۾ پير حسام الدين
شاهه راشدي ٺٽي آيو ته بورڊ لاءِ قلمي نسخا
ڏنائون، جن مان ڪجهه ڪتاب سائين جن شايع به ڪرايا،
ديوان جعفري فارسي قلمي، ديوان عطا، ملا عبدالحڪيم
عطا ٺٽوي، چنيسر نامه ادراڪي بيگلار سرفهرست آهن.
سائين محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
پروفيسر ممتاز علي چنا، مولانا اعجازالحق قدوسي،
خانصاحب عطاء الرحمٰن ڊائريڪٽر محڪئه آثارِ قديمه
سان سندن ملاقاتون رهيون. پير حسام الدين شاهه
راشدي ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺن وڻن جون“ ۾ ٺٽي بابت
احوال ۾ سندن رهنمائي جو اعتراف ڪيو آهي. پاڻ 6-
جون 1966ع تي وفات ڪيائون.
سندن ٽي فرزند: (1) قاضي غلام علي راقم الحروف،
(2) قاضي فضل الله، (3) قاضي محمد يحيٰ ٿيا. جن
مان قاضي فضل الله وفات ڪري ويو آهي.
مددي ڪتاب:
1.
’تحفة الڪرام‘، (سنڌي) مير علي شير قانع (ڇاپو
چوٿون)، ص 21، 33، 534، 535، 536
2.
’سنڌ جو تاريخ نويس- مير علي شير قانع‘ ترجمو:
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، مضمون: ڊاڪٽر عبدالحسين
شاهه، ص 169
3.
’معارف الانوار‘، رسالو شاهه مردان شيرازي، ص 959،
960، 961
4.
’ديوان عطا‘، ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي، سنڌي ادبي
بورڊ
5.
’مقالات الشعراء‘ (سنڌي)، مير علي شير قانع ٺٽوي.
6.
’موتي معرفت جا تحقيقي مقالا‘، ڊاڪٽر عبدالرسول
قادري، ص 164
7.
’انساب نامون‘، ذڪر مجدد الف ثاني حضرت غلام مجدد
(بابا سائين)، ص 54، 219
8.
’جديد سندهي ادب‘، مظهر جميل، ص 428-455
9.
’مخدوم محمد هاشم ٺٽوي‘، سوانح حيات ۽ علمي
خدمتون‘، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ص 153-406
10.
’ديوان مرتضائي‘، سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي،
سنڌالاجي، ص 344
شجرو
شبير هاتف
ڪراچي
سيد ميران محمد
شاهه رحه
بقول غلام رباني آگري جي، ته هڪ دفعو ميران محمد
شاهه، پير حسام الدين راشديءَ کي چيو: ”ڀائو سنڌ
جي اڌ صديءَ جي تاريخ منهنجي اکين اڳيان آهي ۽
انهيءَ تاريخ ٺاهڻ ۾ ڪجهه منهنجو حصو به آهي. اسان
جي مُئي کان پوءِ ايندڙ نسل کي ڪير اهي ڳالهيون
ٻڌائيندو!؟“ انهي تاريخ جا ڪجهه ورق وقت به وقت
اسان جي اڳيان ورندا هئا. اسان (آئون، امدادحسيني
۽ غلام رسول شاهه) جو معمول هو ته شام جي چانهه
ساڻس گڏ پيئندا هئاسون. مينهن هجي، واءُ هجي، سيءُ
هجي، اها ڪچهري ڪونه گُسائيندا هئاسين. الله سائين
ميران محمد شاهه کي واقعه نگاريءَ جو اهڙو ته
ڏانءُ عطا ڪيو هو جو جڏهن ڳالهائيندو هو ته ٻڌڻ
واري کي لڳندو هو ته پاڻ ات موجود آهي ۽ سڀڪجهه هن
جي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. افسوس ته اسان صلاحون
ته ڪئين دفعا ڪيون، پر لکڻ جي توفيق نه ٿي. سنڌ جي
ان دور جي تاريخ جون ڪجهه جهلڪيون سندس ديرينه
دوست جي.ايم.سيد ڏانهن لکيل خطن ۾ به نظر اينديون.
اُهي خط سَوَن جي تعداد ۾ آهن. انهن مان چونڊ خط
جي.ايم.سيد مرتب ڪري ”رهاڻ“ جي نالي، سنڌ ادبي
بورڊ مان شايع ڪيا. اهي خط هڪ طرف ميران محمد شاهه
جي نثرنويسي جو شاهڪار آهن ته ٻئي طرف ان دور جي
تاريخ، ثقافت، سياست، رسم رواج ۽ دنيا جي سير ۽
سفر جو آئينو پڻ آهن.
16- نومبر 1963ع تي ميران محمد شاهه هن فاني جهان
مان لاڏڻو ڪيو. اُهو ميران محمد شاهه، جنهن جون
سياسي، علمي ۽ ادبي خدمتون ته انيڪ آهن پر شايد
نئين پيڙهي سندس نالو به نه ٻڌو هجي. ميران محمد
شاهه سنڌ جو وزير، ميران محمد شاهه پاڪستان جو
سفير، ميران محمد شاهه ڪراچي امپروومنٽ ٽرسٽ
(هاڻوڪو
(KDA
جو پهريون چيئرمين، ميران محمد شاهه زرعي ترقياتي
بئنڪ جو پهريون چيئرمين، ميران محمد شاهه سنڌي
ادبي بورڊ جو پهريون چيئرمين، ميران محمد شاهه
ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو پريزيڊنٽ، ميران
محمد شاهه فيلو آف بامبي يونيورسٽي، ميران محمد
شاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽ ۽ اڪيڊمِڪ ڪائونسل
جو مستقل ميمبر ۽ ڊين آف فيڪلٽي آف آرٽس، ميران
محمد شاهه شاعر ۽ نثر نويس، ميران محمد شاهه لطيف
جو عاشق ۽ لطيف ڪلچرل ڪائونسل جو چيئرمين، ميران
محمد شاهه سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جو روح رَوان.
اهي سڀ ادارا ۽ انهن جا ڪئين سونهري لفظن ۾ لکڻ
جهڙا ڪم، پر افسوس اسان مان گهڻا ماڻهو انهن مان
اڻواقف آهن. اهي جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واري
رستي تي يا محمد علي سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ ميران محمد
شاهه روڊ تي لڳل تختي ڏسندا هوندا ته شايد سوچيندا
هوندا ته ميران محمد شاهه ڪير هو. بس! اهو لمحي کن
جو تجسس هوندو ۽ بس، پر انهن کي ڇو ڏوهه ڏجي هنن
کي ڪنهن ٻڌايوئي ڪونه. جي ڏوهه آهي ته ميران محمد
شاهه جي پونيرن جو، جن ۾ آئون ۽ امداد حسيني به
شامل آهيون. اڄوڪو هيءُ مختصر ليک ان ڏوهه جي ڪجهه
تلافي ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
اوائلي زندگي ۽ تعليم:
ميران محمد شاهه 19 مارچ 1898ع تي ٽِکڙ جهڙي مردم
خيز ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ان دور ۾ ٽکڙ علم ۽ ادب، ۽
خصوصاً شاعريءَ جي دنيا ۾ مڪتبِ فڪر جي حيثيت
اختيار ڪري چڪو هو. ان دؤر ۾ علامه حافظ محمد يوسف
۽ سندس فرزند حافظ هارون دلگير ۽ حافظ عبدالله
بسمل، علامه قاضي اسد الله شاهه فدا، محمد هاشم
مخلص، پير حسين جان سرهندي جهڙا عالم ۽ شاعر علمي
آسمان تي تارن وانگي چمڪي رهيا هئا. انهن جي زير
اثر رهڻ ۽ خصوصاً پنهنجي بزرگ قاضي اسدالله شاهه
جي تربيت جي ڪري سياست ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو لازمي
هو. ابتدائي تعليم حافظ يوسف ۽ حافظ دلگير کان
ورتائين. چار درجا پرائمري ڳوٺ ۾ پڙهي 1910ع ۾ سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو جتان 1917ع ۾
ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1920ع، ۾
D.J
ڪاليج ڪراچي مان
B.A
پاس ڪيائين ۽ 1924ع ۾ بمبئي جي لا ڪاليج مان
L.L.B
پاس ڪري حيدرآباد جي سنت داس منگهارام سان گڏ
وڪالت شروع ڪيائين.
سياسي زندگي:
ابتدائي دور ۾ پنهنجي بزرگ قاضي اسدالله شاهه ساڻ
خلافتِ تحريڪ ۾ حصو ورتائين. 1925ع ۾ ڊسٽرڪٽ اسڪول
بورڊ جو چيئرمين ٿيو. 1926ع ۾ حيدرآباد ميونسپل
ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. 1928ع ۾ بمبئي ليجسليٽو
ڪائونسل
(Bombay Legislative Council)
۾ سر غلام حسين هدايت الله جي سيٽ خالي ٿي، جيڪو
وائسراءِ جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو.
شاهه صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ
جي مقابلي ۾ ميمبر چونڊجي ويو ۽ 1936ع تائين ميمبر
رهيو. 1928ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو
پريزيڊنٽ پڻ چونڊجي ويو. جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا
الڳ صوبو ٿيو ته سائين ميران محمد شاهه هڪ سال
لاءِ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1937ع ۾ جڏهن
آزاد سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته حيدرآباد
شهر ۽ تعلقي مان کٽي آيو. سندس مقابلي ۾ نورمحمد
وڪيل ۽ مرزا سڪندر بيگ هئا. ڪجهه وقت سنڌ جي پهرين
چيف منسٽر سر غلام حسين هدايت الله جي ڪابينه ۾
پارليامينٽري سڪريٽري به رهيو. 1938ع ۾ ديوان ڀوڄ
سنگ جي ديهانت ڪرڻ تي کيس اسيمبلي جو اسپيڪر
چونڊيو ويو جنهن عهدي تي ساندهه ڏهه سال رهيو.
اسپيڪري وارو دور سندس سياست جو تابناڪ دور هو.
سندس رولينگون سڄي هندستان جي اسيمبلين ۾ مثال طور
پيش ڪيون وينديون هيون. 1946ع جي چونڊن دوران سندس
اڪيلي جوان پٽ جو انتقال ٿي ويو. ان حادثي کيس
بلڪل ٽوڙي ڇڏيو، صفا دنيا کان ڪَٽجي ويو هو. مون
کي ٿورو ٿورو ياد آهي ته پاڻ بار بار بيهوش ٿيو ٿي
ويو. سندس جگري دوست جي.ايم.سيد ۽ پير عبدالستار
جان سرهندي رات ڏينهن ساڻس گڏ سهارو ۽ دلداري ڏيڻ
لاءِ موجود هئا. اهڙي حال ۾ اليڪشن وڙهڻ جو نه دم
هوس نه هوش. سندس مقابلو ميرعلي احمد خان ٽالپر
سان هو، ان حال ۾ سندس دوستن ۽ حامين، خصوصاً
جي.ايم.سيد مير صاحب تي زور ڀريو ته ميران محمد
شاهه هن وقت چونڊ وڙهڻ جي حالت ۾ ناهي، ان ڪري هُو
سندس حق ۾ هٿ کڻي. مير صاحب ان شرط تي هٿ کنيو ته
آئينده اليڪشن ۾ ميران محمد شاهه انهن تڪ ۾ سندس
مقابلو ڪونه ڪندو. شاهه صاحب بنا مقابلي ڪامياب
ٿيو. اها سندس سياسي زندگيءَ جي آخري اليڪشن هئي.
وعدي موجب ان کان پوءِ غالباً 1952ع ۾ جيڪي
اليڪشنون ٿيون، ان ۾ شاهه صاحب ڪونه بيٺو. 1946ع ۾
وري اسپيڪر چونڊجي ويو.
1946ع جون چونڊون به ميران محمد شاهه جي قومي
فريضي جي ڪري ٿيون. اسيمبلي ۾ مسلم ليگ مخالفن کي
هڪ ميمبر جي سرسي ٿي وئي. ميران محمد شاهه اسپيڪري
تان استعفا ڏيئي مسلم ليگ سان اچي ويٺو. ميمبر
برابر ٿي ويا، ڊپٽي اسپيڪر سپاهي ڄيٺ ملهاڻي
اسپيڪر ٿيڻ کان انڪار ڪيو. اسيمبلي هلائڻ مشڪل ٿي
پيو. گورنر اسيمبلي ٽوڙي نئين چونڊ جو اعلان ڪيو.
نئين اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ کي برتري حاصل ٿي ۽ ان
ئي اسيمبليءَ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪيو.
هندستان ۾ فقط سنڌ اسيمبلي ئي اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو
هو. ميران محمد شاهه جي اسپيڪري هيٺ اهو ٺهراءُ
جي.ايم.سيد پيش ڪيو هو.
طويل عرصي تائين اسپيڪر رهڻ ڪري ميران محمد شاهه
جي آخري تمنا هئي ته نيشنل اسيمبلي جو اسپيڪر
ٿيان. 1957ع جي اليڪشن جي مڪمل تياري ڪيل هئي، پر
ايوب خان جي مارشل لا اها تمنا پوري ٿيڻ نه ڏني.
1950ع ۾ وزير مهاجر بحالي ٿيو ۽ ان کان پوءِ مختلف
کاتن جون وزارتون ماڻيائين جنهن ۾ روينيو ۽
پي.ڊبليو.ڊي
PWD (public works Department)
شامل آهن.
PWD
وزارت دوران پاڻ ڪوٽڙي بئراج منظور ڪرائي ڪم شروع
ڪرائي مڪمل ڪرايائين.
PWD
کاتي ۾ سندس وڏي عزت هئي. مون جڏهن 1963ع ۾ واپڊا
۾ پنهنجي نوڪري جي ابتدا ڪئي ته اهي سينيئر
انجنيئر جيڪي سندس وزارت جي زماني ۾ جونيئر هئا،
اهي بيحد پيار ۽ عزت سان سندس ذڪر ڪندا هئا. اهو
مشهور هو ته پاڻ پنهنجي کاتي جي آفيسرن جي هميشه
پشت پناهي ڪندو هو. هڪ واقعي جي ڪري سڄي کاتي ۾
سندس هاڪ هئي. چون ٿا ته پاڻ محمد موسيٰ چيف
انجنيئر سيڪريٽري
PWD
کي وٺي وزير اعليٰ کهڙي وٽ ڪو معاملو کڻي ويو.
وزيراعليٰ محمد ايوب کهڙو اُٿندي ئي محمد موسيٰ تي
ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو ۽ دڙڪن ۾ ائين به چيائينس ته:
"You are useless, you are not fit to be even an
overseer"
”تون نالائق آهين ۽ اورسير ٿيڻ جي به لائق نه
آهين.“ شاهه صاحب ڪيئن ٿو پنهنجي ماتحت جي بي عزتي
سهي، سو کهڙي کي ايڏو ته دٻايائين جو کهڙي جهڙو
دبنگ ماڻهو به ڪڪڙ ٿي ويو ۽ صاف چيائين ته منهنجي
اسٽاف سان ڪا به شڪايت هجي ته مون سان ڳالهايو
وڃي، آئينده وزير اعليٰ منهنجن ماتحتن سان سڌو
رابطو نه رکي. اها آکاڻي جڏهن کاتي ۾ پهتي ته شاهه
صاحب جي بلي بلي ٿي وئي. قاضي عبدالرشيد، ڪوٽڙي
بئراج جو ڊزائنر شاهه صاحب کي
Father of sindh pwd
ڪري متعارف ڪرائندو هو.
1952ع ۾ - 92- الف جو فقرو لڳائي سنڌ اسيمبلي
اڻڄاتل مدت لاءِ ٽوڙي ويئي. ساڳئي سال کيس اسپين ۾
پاڪستان جو پهريون سفير مقرر ڪيو ويو. ٿوري ئي
عرصي ۾ اسپيني ٻولي سکي ويو ۽ ان ۾ گفتگو ۽ مختصر
تقرير به ڪري سگهندو هو. هميشه سوٽ تي قراقلي ٽوپي
پائيندو هو. اها ٽوپي اهڙي سڃاڻپ ٿي جو اڪثر عام
ماڻهو کيس ٽوپيءَ وارو سفير ڪري سڃاڻندا هئا ۽
سلام ڪري خوش مرحبا ڪندا هئا. 1953ع ۾ حڪومتي
پاليسي جُڙي ته صرف سرڪاري ڊپلوميٽڪ سروس جا ماڻهو
ئي سفير ٿيندا، انڪري کيس واپس گهرايو ويو. سندس
انتظامي صلاحيتن جي ڪري کيس ڪراچي امپروومنٽ ٽرسٽ
(Karachi improvement Trust)
جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي 1957ع ۾
مارشل لا جي نفاذ تائين ڪم ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ اڪثر
موجوده نئين شهري آبادي جي رٿا بندي ۽ ابتدائي ڪم
سندس ايامڪاريءَ ۾ ٿيا. اهو ادارو 1957ع کان
Karachi Development Authority (KDA)
جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. 1957ع ۾ ايگريڪلچر
بئنڪ آف پاڪستان قائم ٿي، ته ان جو پهريون اعزازي
چيئرمين مقرر ٿيو.
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ:
سنڌ جي فتح کان پوءِ انگريزن ان جو بمبئيءَ سان
الحاق ڪيو. اهو الحاق سنڌين ڪڏهن به قبول نه ڪيو.
سنڌ جو واپاري طبقو، جنهن ۾ گهڻو ڪري هِندو ۽
پارسي هئا، اهو طبقو بلڪل خوش نه هو، پر سنڌ جو
بمبئيءَ کان علحيدگيءَ جو سوال پهريون ڀيرو 1913ع
۾ وشنداس هرچنداڻي انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪراچي
واري اجلاس ۾ پنهنجي استقباليه تقرير ۾ اٿاريو. ان
کان پوءِ وقت به وقت مختلف فورمن تي ان جي وڪالت
ڪئي وئي. انهن ۾ نهرو رپورٽ ۽ جناح جا 14 نُڪتا
قابل ذڪر آهن. نهرو رپورٽ ۾ سنڌ کي صوبو بنائڻ کي
ان ڳالهه سان مشروط ڪيو ويو ته ڪانگريس جي هڪ
ڪميٽي ٺهندي جيڪا اهو معلوم ڪندي ته آيا سنڌ صوبو
اقتصادي طرح پاڻ ڀرو ٿيندو يا نه. اها ڪميٽي ڪڏهن
ٺهي ئي ڪانه، پر جناح جي 14 نُڪتن جي 9 نمبر نُڪتي
۾ صوبي جي غير مشروط گهُر ڪئي وئي هئي. سنڌ جي
عليحدگي واري تحريڪ ۾ اڪثر هندو ۽ مسلمان ليڊر،
سواءِ هندو مهاسڀا، پيش پيش هئا. سنڌي مسلمان
ليڊرن جو سربراهه رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هو. ان جي
وفات کان پوءِ اها سربراهي حاجي عبدالله هارون
ڪئي. ٻيا قابل ذڪر ساٿي هئا- شاهنواز ڀٽو، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، محمد
ايوب کهڙو، جي.ايم.سيد ۽ ميران محمد شاهه. سڀني
پنهنجو پاڻ ملهايو، پر هت ميران محمد شاهه جي
ڪردار جو مختصر ذڪر ڪبو.
بمبئي ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ وقت سنڌ جي عليحدگيءَ
جو مسئلو ڪافي اهم ٿي ويو هو ۽ ميران محمد شاهه
جهڙي نوجوان ۽ تعليمي يافته ماڻهو جو حصو وٺڻ لازم
هو. 1928ع ۾ هندستان ۾ آئيني اصلاحات لاءِ برطانيه
مان سائمن ڪميشن آئي. ان ۾ ڪوبه هندستاني نه هئڻ
ڪري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ان جو احتجاجاً بائيڪاٽ
ڪيو، پر سنڌ جي عليحدگيءَ واري سلسلي ۾ جڏهن ڪميشن
ڪراچي آئي ته ان ۾ شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاهه
کي مدد لاءِ شامل ڪيو ويو. ڪميشن 1929ع ۾ رپورٽ
ڏني جنهن ۾ سڀني ميمبرن، سواءِ ميران محمد شاهه
جي، سنڌ جي اقتصادي بنيادن تي مخالفت ڪئي. ميران
محمد شاهه هڪ مدلل اختلافي نوٽ لکيو جو ڪميشن جي
عليحدگيءَ واري رپورٽ سان ملحق ڪيو ويو. 15 ۽ 16-
نومبر 1932ع ۾ هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ سنڌ آزاد
ڪانفرنس عبدالله يوسف علي جي صدارت هيٺ منعقد ٿي.
شاهه صاحب ڪانفرنس جو سيڪريٽري هو. 17- آڪٽوبر
1933ع سر هيوگ ڊو
(Sir Hugh Dow)
جي صدارت هيٺ هڪ ڪميٽي ٺهي. سنڌ آزاد ڪانفرنس
پاران ميران محمد شاهه هڪ ميمورنڊم جوڙي پيش ڪيو.
1931ع ۾ گول ميز ڪانفرنس هڪ ڪميٽي سر مائلز
(Sir Miles)
تحت جوڙي جنهن جي اڳيان عبدالله هارون، ايوب کهڙي،
پروفيسر گوڪلي ۽ ميران محمد شاهه سنڌ جي بمبئيءَ
کان عليحدگيءَ وارو ڪيس پيش ڪيو.
جنوري 1933ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾
ميران محمد شاهه ۽ عبدالڪريم چشتي سنڌ جي بمبئي
کان عليحدگيءَ وارو ريزوليشن پيش ڪيو. سڀني جي
گڏيل ڪوششن سان آخر 24- ڊسمبر 1933ع تي برطانيه
سرڪار سنڌ کي علحيده صوبو بنائڻ جي فيصلي جو
باقاعدي اعلان ڪيو، جنهن تحت 1 اپريل 1936ع تي سنڌ
صوبو وجود ۾ آيو.
تعليمي ۽ ادبي خدمتون:
بقول جي.ايم.سيد جي ته ميران محمد شاهه کي هميشه
تعليم سان خاص دلچسپي هوندي هئي خاص ڪري زناني
تعليم سان، جيئن ئي کيس موقعو مليو ته پهرين ڳوٺ ۾
زنانو اسڪول کولايائين. سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جي
پليٽ فارم تان جتي ادبي محفلون، مشاعرا، تصنيف ۽
تاليف جو ڪم ٿيندو هو، اتي تعليم لاءِ به جاکوڙ
ڪئي ويندي هئي. ان جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۾ مسلمان
ڇوڪرين جو اسڪول مدرسة البنات قائم ٿيو. سوسائٽيءَ
جو چيئرمين ميران محمد شاهه ۽ سيڪريٽري محمد صديق
ميمڻ هئا. ميران محمد شاهه ان کان پوءِ پنهنجي
سياسي ۽ انتظامي مصروفيات ۾ لڳي ويو ۽ اسڪول ميمڻ
صاحب سنڀاليو. ان سلسلي ۾ ميران محمد شاهه جو
ڪردار ماڻهن کان وسري ويو ۽ سمجهيو ويو ته اسڪول
محمد صديق ميمڻ ٺهرايو آهي. 1932ع ۾ بمبئي
يونيورسٽي جي سينيٽ جو ميمبر ٿيو، ته بي.اي آنرز ۽
ايم.اي ۾ سنڌي مضمون شامل ڪرايائين ۽ ميٽرڪ ۾ هر
مضمون جو جواب سنڌي ۾ ڏيڻ جي اجازت ڏيارائين. ان
ڪم ۾ سندس معاونت پروفيسر ڀٽاڻي، پروفيسر آڏواڻي ۽
ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪئي.
سنڌ 1936 ۾ جدا صوبو ٿيو، پر 1947 تائين ڪابه
يونيورسٽي ڪانه هئي ۽ ميٽرڪ ۽ ان کان مٿي هر
امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ جي تحت ٿيندا هئا. پير
الاهي بخش چاليهن واري ڏهاڪي ۾ طويل عرصي تائين
سنڌ جو وزير تعليم رهيو. ان سنڌ لاءِ نئين
يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ميران محمد شاهه جي
صدارت هيٺ ٺاهي، ان جي رپورٽ جي آڌار تي 1947ع ۾
پير الاهي بخش 1947ع
University of sindh Act xvii
اسيمبلي ۾ پيش ڪري پاس ڪرايو ۽ سنڌ يونيورسٽي وجود
۾ آئي. اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي ۾ فائونڊرس ڊي
Founders day
ملهائجي ٿو، پر انهن ۾ يونيورسٽيءَ جي اصل بنياد
وجهڻ وارن پير الاهي بخش ۽ ميران محمد شاهه کي ياد
نٿو ڪيو وڃي . شاهه صاحب چوندو هو ته ’جي سنڌي ان
رپورٽ کي ڏسن ته مون کي سونَ ۾ تورين‘. اها رپورٽ
’ميران محمد شاهه رپورٽ‘ جي نالي سان مشهور ٿي. پر
افسوس ته يونيورسٽيءَ ۾ پير صاحب ۽ شاهه صاحب جي
نالي ڪو رستو به ڪونهي. مون ڪوشش ڪئي ته شاهه صاحب
جي نالي سان ڪو رستو ٺهي. وائس چانسيلر وعدو به
ڪيو، پر پورو نه ٿيو.
آگسٽ 1940ع ۾ تڏهوڪي وزير تعليم جي.ايم.سيد جي
ڪوشش سان سرڪار سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ’سنڌي ادب
لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ ٺاهيو ۽ ميران محمد شاهه
ان جو چيئرمين مقرر ٿيو. ان بورڊ ۾ پندرنهن اُهي
عالم ۽ اديب شامل هئا جن کي بجا طور علم ۽ ادب جي
ڪهڪشان
(Galaxy)
چئي سگهجي ٿو. اهي هئا- ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، علامه آءِ.آءِ. قاضي،
ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ديوان سوڀراج فاني،
پير علي محمد راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽
عثمان علي انصاري. 1948ع ۾ ان بورڊ جي نئين سر
تشڪيل ڪئي وئي ۽ ان جو چيئرمين ميران محمد شاهه،
وائيس چيئرمين ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ سيڪريٽري عثمان
علي انصاري کي مقرر ڪيو ويو. 1950ع ۾ ان بورڊ جي
’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر جوڙجڪ ڪئي
وئي ۽ وزير تعليم کي ان جو صدر مقرر ڪيو ويو.
ميران محمد شاهه آخري عمر تائين ان جو ميمبر رهيو.
آخر ۾ ڪجهه ڏينهن اعزازي سيڪريٽري به رهيو.
جي.ايم.سيد لکيو آهي ته ”سندس زندگيءَ جو نمايان
ڪم هو شاهه عبداللطيف جي ميلي جي موقعن تي ادبي ۽
ثقافتي ڪانفرنس جو بنياد وجهڻ ۽ موجوده ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز جي تجويز تيار ڪري، ڪوشش وٺي ان جي
تعمير جي شروعات ڪرائڻ. 1932ع ۾ شاهه لطيف جي ميلي
جي موقعي تي ڀٽ شاهه تي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو بنياد
وڌائين. 1950ع ۾ وزير ٿيڻ تي هاءِ وي کان ڀٽ شاهه
تائين پڪو رستو ٺهرايائين.“ اها ڪانفرنس ٽي ڏينهن
صبح شام هلندي هئي. افتتاحي تقريب ۾ هميشه ڪو صدر،
وزير اعظم، گورنر، وزير اعليٰ شرڪت ڪندا هئا. باقي
ڏينهنِ تي صبح جو مقالن ۽ رات جو راڳ جي نشست
ٿيندي هئي. راڳ جي محفل ۾ صرف ۽ صرف شاهه لطيف جو
ڪلام ڳايو ويندو هو. اڄڪلهه ته الائي ڇا ٿو ڳايو
وڃي!
ميران محمد شاهه جي سربراهيءَ ۾ اها ڪانفرنس 1957ع
جي مارشل لا تائين ٿيندي رهي. اها ڪانفرنس ”شاهه
لطيف ڪلچرل ڪائونسل“ ڪرائيندي هئي، جنهن جو
چيئرمين ميران محمد شاهه. سيڪريٽري آغا تاج محمد ۽
نائب سيڪريٽري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هئا. مارشل لا
کان فوراً پوءِ ان ڪائونسل حيدرآباد ۾ ڪانفرنس
ڪئي، جنهن جي صدارت اي.ڪي.بروهي ڪئي، جيڪو ان وقت
هندستان ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر هو. ان ڪانفرنس ۾
ليلا چنيسر جي سُر تي آڌارِڪ هڪ ٽيبلو به پيش ڪيو
ويو، جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو.
ان کان پوءِ ان ڪانفرنس جي سربراهي ڪمشنر حيدرآباد
ڏانهن منتقل ڪئي وئي. نئين تنظيم ۾ شاهه صاحب کان
سواءِ باقي سڀ سندس پراڻا ساٿي هئا. نئين تنظيم
هيٺ جيڪا پهرين ڪانفرنس ٿي، ان جو مهمان خصوصي
نواب آف ڪالا باغ هو. زماني جي ستم ظريفي ڏسو ته
نه رڳو شاهه صاحب کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي، پر
جڏهن هُو بي دعوتو آيو ته سندس هڪ پراڻي ساٿي کيس
اڳين قطار مان اٿي پويان ويهڻ جو حڪم صادر ڪيو. ان
وقت شاهه صاحب جي ذهني ڪيفيت ڇا ٿي هوندي، ان جو
اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي، ڊپريشن جو اهڙو دورو پيس،
جو کيس آخر ڏوراهين ڏيهه وٺي ويو.
نثرنويسي ۽ شاعري:
هڪ دفعي پير حسام الدين راشديءَ جي.ايم.سيد ۽
مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ مون کي ۽ برادرم اسد
الله شاهه حسيني کي مخاطب ٿي چيو ”جي ميران محمد
شاهه سياست ۾ نه پوي هئا ته ان جهڙو نثر نويس ٻيو
نه هجي هئا.“ سياسي مصروفيت جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن
سٺا مضمون لکندو هو. جي گهڻو ڪري سيروسياحت سان
تعلق رکندا هئا. سندس مشهور مضمون ’گنجي ٽڪر جو
سير‘ ۽ ’دل جي طلب‘ بمبئي ۽ سنڌ يونيورسٽين جي
ڪورسن ۾ شامل هئا. 1953ع ۾ ڀٽ شاهه تي ڪانفرنس ۾
پڙهيل مضمون ’شاهه جو اُٺ‘ ۽ ’شاهه جا پکي‘ نئين
زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمون ’پلن جو شڪار‘ ۽ ’سيرالحمرا‘
۽ عبرت ۾ ڇپيل مضمون ’سوات جو سير‘ اعليٰ معيار جا
مضمون آهن. ان کان علاوه ’تذڪره الشعراء ٽکڙ‘ جو
ديباچو نه صرف سنڌي نثر جو اعليٰ نمونو آهي، پر
اهو سندس زماني جي ٽکڙ جو خوبصورت آئينو آهي. پاڻ
چوندو هو ”جيڪي ڏٺو مون جيڏيون اوهان نه ڏٺو.“
ان ديباچي ۾ اها ٽکڙ نظر ايندي. ٽکڙ جي ادبي ماحول
۾ ميران محمد شاهه جهڙو حساس شاعر نه ٿئي، اهو
ممڪن ڪونهي. ننڍپڻ کان شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي
سياست شاعريءَ کي ڳهي وئي. آخري عمر ۾ وري مخدوم
صاحب وٽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ته ڪڏهن ڪڏهن شعر
چوڻ لڳو. سندس پراڻو ڪلام ’ڪليات ميران‘ جي نالي
غلام رسول شاهه سوز ترتيب ڏئي 1960ع ۾ ڇپايو. ان ۾
ڪافيون، غزل ۽ نظم آهن. شاعريءَ ۾ مير، مهجور ۽
ميران تخلص استعمال ڪندو هو. ميران محمد شاهه کي
ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن سان بيحد محبت هئي. ان جي جهلڪ مٿي
ذڪر ڪيل ديباچي کان علاوه هيٺئين ڪافي ۾ نظر ايندي
جا اسپين جي سفارت واري وقت ۾ لکي هئائين.
مارو ٿيام ملير وي، ڏوٿي ٿيڙم ڏور وي
وطن پنهنجي کي ڪيئن آئون وساريان
1 - ماڙيون بنگلا باغ بهاريون
ڪين وڻن مون کي برک بازاريون
ٻٻرن جا پر ٻور وي.
2- گواد ليڪوئرا،
سيرانوادا2،
قيدز3 قرطب4، يا گرناداه5
سنڌوندي بن سور وي.
3- ميران شاهه ٿو سانگي ساري
گوندر گهڙيون هِت پيو گهاري
پل پل پونس پور وي.
ميران محمد شاهه فارسي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. ڪجهه ته
ڳوٺ جي عالمن کان پڙهيو، باقي اسڪول ۽ ڪاليج ۾.
ڪاليج ۾ سندس استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي هو. اها شاگردي
اڳتي هلي دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر
صاحب هميشه هڪٻئي سان فارسيءَ ۾ ڳالهائيندا هئا.
رباني چواڻي ته پير حسام الدين راشديءَ هڪ ايراني
دوست ڊاڪٽر ماهيار نوابي سان گڏ حيدرآباد آيو ته
شاهه صاحب سندن دعوت ڪئي. ان ڊنر دوران شاهه صاحب
سڄو وقت شاهه لطيف جي شعرن جو فارسي ترجمو
ٻڌائيندو رهيو. هڪ دعوت ۾ لياقت علي خان، شاهه
صاحب کي ايراني سفير سان فرفر فارسي ڳالهائيندي
ڏٺو ته ڊائري ۾ ”ميران محمد شاهه ايران لاءِ سفير“
نوٽ ڪيائين. سگهو لياقت علي خان شهيد ٿي ويو ۽
شاهه صاحب ايران جي بجاءِ اسپين ۾ سفير ٿيو.
خوش لباسي:
ميران محمد شاهه بيحد خوش لباس هو. جناح صاحب ۽
شاهه صاحب ۾ اها خوش لباسي مشترڪ شوق هو. جناح
صاحب جي بيحد رزرو طبعيت جي باوجود، ميران محمد
شاهه سان لباس جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي
هئي. جيئن ته ڪپڙو ڪٿان ورتو ڪهڙي درزي کان سبايو
وغيره.
جي.ايم.سيد
’جنب گذاريم جن سان ۾‘ لکي ٿو ته:
”شاهه صاحب راڳ جو شوقين ۽ ڄاڻو هو. شاهه لطيف ۽
رومي جو ڄاڻو ۽ پوئلڳ هو. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ
سندس ڪوششون وسارڻ جهڙيون ناهن. زنده دل، رنگين
مزاج ۽ يارويس شخص هو. شخصي دوستيءَ جو سچو ۽
محبتي انسان هو.“
سيد ميران محمد شاهه 16- نومبر 1963ع تي هن فاني
دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
|