ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو
محرابپور
مولوي
احمد ملاح جي شاعريءَ ۾
’تجنيس ناقص
محرف‘
جو جائزو
جائزي جو پس منظر:
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ عَروضي شاعريءَ
جي امتزاج جي شاعر- لاڙ جي لال- مولوي احمد ملاح
جي شاعريءَ تي صنايع بدايع جي دائري هيٺ ڪم ٿيڻ
گهرجي، ان خيال سان راقم پاران جزوي طور ڪم ڪيو
ويو آهي. مولوي صاحب جتي، بيتن جي نسبت ڇند وديا
جو ماهر هئو، اتي هن جِي علم عَروض هيٺ به غضب جي
مشق ٿيل هئي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪم آندل تجنيسن ۽
صنعتن جي ترڪيب تي ڪم ڪرڻ جو آغاز ڪيو ويو آهي ته
جيئن صنايع بدايع جا پيراميٽر به واضح رهن ۽ مولوي
صاحب جو ڪم به عام اڳيان وائکو ٿئي.
هن کان اڳ، اصطلاح: ’تجنيس تام‘ جي اکيڙ ڪئي وئي
آهي (جوکيو، 2019: 53- 72) ۽ ان جي دائري هيٺ هڪ
پيراميٽر جي بيھڪ بيان ڪئي وئي؛ جنهن هيٺ ڪنھن شعر
۾ معنوي فرق سان ساڳين جاڙن لفظن جو استعمال ڪرڻ
هوندو آهي، جنهن ۾ زير زبر جو به فرق نه هجي، جيئن
هيٺئين شعر ۾ ’ڪَرَ‘ جو لفظ ڪم آندو ويو آهي:
ڪَرَ کڻان ڪَرَ، جي لهين ڪَرَ، تنهنجي ڪرمن جي
ڪرَي
تنهنجون ڳالهيون ڳوٺ ڳايان، تنهنجا ڳڻ ڳڻ ڳائيان.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 402)
(ڪَرَ کڻڻ = ڪنڌ کڻڻ- سڌو ٿيڻ، ڪَرَ = جيڪر، ڪَرَ
لهڻ = خبر چار لهڻ)
لفظ ’تام‘ جي لغوي معنى ۽ لفظن جي ساڳيائپ کي ڏسي
ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ جي هن دائري ۾
صرف اهي ئي لفظ اچي سگهن ٿا، جيڪي زيرن زبرن تائين
ساڳيا هجن ۽ معنى مختلف هجي. جيڪڏهن زيرن زبرن جو
فرق ٿي پيو ته ان کي ’تجنيس ناقص‘ چيو وڃي ٿو،
جيئن:
لنگهيو ماڻهن جي مَن، اي يـــــار مَحرم، ماهه
مُحرم جـــــو،
اڃـــــا افسوس ۾ آهـــــيـــــن، عاشـــــق
ڪـــــاڻ عاشـــــورا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 56)
مٿئين شعر ۾ ’مَحرم‘ (دلي دوست- رازدان) ۽ ’مُحرم‘
(محرم الحرام جو مهينو) جي لفظن جي صورت ساڳي آهي،
ليڪن ’م‘ جي اکر تي اعراب جو فرق آهي ۽ معنى به
مختلف اٿس، ان سبب ان کي تجنيس ناقص ڪوٺبو.
اصطلاح ’تجنيس ناقص‘ جي اکيڙ
تجنيس ناقص لاءِ ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو ته ”تجنيس
ناقص يعني نقص يا عيب واري (اڻپوري) هڪ جھڙائي،
جنھن ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا سي تجنيس تام جھڙا آهن
پر اعرابن ۾ ڦير اٿن.“ (ڀيرومل، 1985: 251)
تجنيس ناقص بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻائي ٿو ته ”هن
کي ’تجنيس محرف‘ به چوَن. هيءَ صورت ’تجنيس تام‘
جھڙي آهي، ليڪن حرفن جي حرڪتن يعني زير، زبر، پيش
يا حرف علتن ۾ مختلف آهي. مثال هيٺ ڏجي ٿو:
دِينَ پاڙئون پٽي ڇڏي ٿو دَين،
دين واري کي چِين ۾ به نه چَين.
(دِين = مذهب - دَين = قرض، چِين = ملڪ - چَين =
آرام) (قليچ، 2016: 92)
مرزا قليچ بيگ تجنيس ناقص جا ست مثال ڏنا آهن، تن
۾ زيرن زبرن جو ئي فرق ڏيکاريل آهي. مرزا صاحب
جيڪا حرف علت جي فرق جي ڳالهه ڪئي آهي، ان حوالي
سان ’حرف علت‘ جو ڪوبه مثال ڪونه ڏنو اٿس ۽ نه وري
حرف علت جو فرق تجنيس ناقص ۾ شامل ٿيندو!
ظفر عباسيءَ به ساڳي ڳالهه، بنا ڇنڊڇاڻ جي، هن طرح
ڪئي آهي: ” هن کي تجنيس محرف به چوندا آهن. هيءَ
صورت تجنيس تام جهڙي آهي. هن ۾ لفظن جي صورتخطي
ساڳي پر معنى ۽ لفظ مختلف هوندا آهن. يعني حرفن جي
حرڪتن يعني زير، زبر، پيش يا حرف علتن ۾ مختلف
آهي. يعني اها صنعت جنهن ۾ اڻپوري هڪجھڙائي هجي.
سڀئي ساري سسئي! گهر ڪنڊون تون گهور،
وڃي ڏُور مَ ڏور، درا منجهه دوست ٿيو. شاهه
(ڏُور = پري- ڏور = ڳولهه) (ظفر، 2007: 411)
البت، ڊاڪٽر امه ڪلثوم شاهه به ساڳئي وصف مرزا
قليچ بيگ جي حوالي سان کنئي آهي، ليڪن ان ۾ ’حرف
علت‘ کي ڪٽي ان جي بدران ’وغيره‘ جو لفظ ڪم آندو
اٿس. يعني ڊاڪٽر صاحبه ان معاملي کي ڪجهه سمجهيو
آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”هن کي تجنيس معرف (ممڪن آهي
ته اها پروف جي غلطي هجي، اصل محرف) به چون. هي
صورت ۾ تجنيس تام جھڙي ئي هوندي آهي پر اچار ۾
يعني لفظ ۾ زير زبر وغيره جو فرق هوندو آهي.“
(ڪلثوم، 2004: 22)
ڊاڪٽر صاحبه کي علمي حوالي سان مرزا قليچ جي وصف ۾
ڄاڻايل ’حرف علت‘ سان اختلاف رکڻ گهربو هئو، ليڪن
جيئن ته اسان وٽ پوئواري ڪرڻ جو رواج عام آهي، ان
سبب ’وغيره‘ جو لفظ ڪم آڻي، ڄڻ ته وڌيڪ مشڪوڪ ڪري
ڇڏيو اٿس. يعني وغيره ۾ ’پيش‘ به شامل ٿي ويو ۽
وغيره ۾ ’حرف علت‘ به شامل ٿي وئي.
واضح هجڻ گهرجي ته ’حرف علت‘ صرف ۽ صرف ’ا، و ۽ ي‘
کي چئبو آهي، جيڪي صورتخطيءَ ۾ ڊگهن سُرن (Long
vowels)
لاءِ ڪم آندا ويندا آهن، جيئن: ’رات، روت ۽ ريت‘
وغيره. ٻي صورت ۾ اهي ئي اکر وينجن (Consonant)
طور پڻ ڪم ايندا آهن.
بھرحال، مرزا قليچ بيگ ’تجنيس ناقص‘ ۾ ’حرف علت‘
جي فرق کي جيڪو شامل ڪيو آهي، سو مناسب ناهي. ياد
رهي ته ’حرف علت‘ واري فرق کي ’تجنيس مضارع‘ ۾
ڳڻيو ويندو آهي، جيئن: ’سوز ۽ ساز‘.
جامع سنڌي لغات موجب
تجنيس ناقص بابت جامع سنڌي لغات ۾ معنى ۽ مثال
مناسب ڏنل آهن: ”تجنيس ناقص: شعر ۾ اڻپوري
هڪجھڙائي پيش ڪندڙ صنعت،
’ڪري ڪُنُ ڪيترا ڪڙڪا،
نه ڪَنُ تنھن تي ڪرڻ گهرجي.‘ “ (بلوچ، 1981:
591)
’تجنيس ناقص‘ جو اشتقاق
فيروز اللغات، عربي- اردو جي مدد سان تجنيس ناقص
جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:
تجنيس ناقص: [تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو
پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + ناقص-
فاعل وزن تي، اسم/ صفت طور ڪم ايندڙ (نَقَصَ = هن
گهٽايو، هو ڳريو) گهٽايل، ڳاريل] صنايع بدايع موجب
ڪنھن شعر يا بيان ۾ اهڙا معنوي فرق رکندڙ ساڳيا
لفظ، جن جي اعرابن ۾ فرق هجي، جيئن لطيف سائينءَ
جي هيٺين سٽ ۾ ڄاڻايل آهي:
وَرَ
۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو. شاهه
تجنيس ناقص، تجنيس حرفيءَ جو جز
تجنيس حرفي ڪافي تجنيسن جي ماءُ آهي. خاص طور
اهڙيون تجنيسون جن جو پھريون اکر ساڳيو اچي ٿو، تن
کي تجنيس حرفيءَ جي مثال ۾ ڳڻبو آهي، جيئن: ’تجنيس
تام‘، ’تجنيس ناقص‘، ’تجنيس مطرف‘، ’تجنيس مضارع‘،
’تجنيس مرڪب‘، ’تجنيس مرفو‘، ’تجنيس مذيل‘، ’تجنيس
لفظ‘، ’تجنيس خطي‘ وغيره.
ڄاڻايل تجنيسون ڪي ڪُلي طور، ته ڪي وري جزوي طور
تجنيس حرفيءَ جو پڻ مثال ٿي سگهنديون آهن، شرط صرف
پھرئين حرف/ اکر جي ساڳيائپ آهي. ڪُلي ۽ جزوي طور
جز هجڻ جي ورڇ هيٺين ريت ڪري سگهجي ٿي:
تجنيس حرفيءَ جون ڪُلي جز واريون تجنيسون: ’تجنيس
تام‘ (ساڳي صورتخطيءَ وارا همجنس لفظ)، ’تجنيس
ناقص‘ (اعراب جي فرق سان ساڳي صورت وارا همجنس
لفظ)، ’تجنيس مرڪب‘ (مفروق ۽ مقرون سان ساڳي صورت
وارا بيھندڙ همجنس لفظ)، ’تجنيس مطرف‘ (اڳيان اکر
ساڳيا، ليڪن آخري اکر جي فرق سان همجنس لفظ)،
’تجنيس مذيل‘ (ٻن همجنس لفظن مان ٻئي جي آخر ۾
اضافو).
تجنيس حرفيءَ جون جزوي، جز واريون تجنيسون: ’تجنيس
مضارع‘ (پھرين، وچئين ۽ آخري اکر جي تبديليءَ سان
همجنس لفظ)، ’تجنيس مرفو (مرڪب جيان، هڪ مقرون ۽
ٻيو مفروق، ليڪن مفروق سان ٽئين لفظ جو صرف هڪ اکر
يا پد ملي ٿو)‘،’تجنيس لفظ‘ (لفظن جو آواز قريب،
ليڪن صورتخطي ۾ تبديلي)، ’تجنيس خطي‘ (لفظن جي
بنيادي اکرن جي صورت ساڳي، ليڪن ٽٻڪن ۾ فرق).
نوٽ: هن گروهه ۾ ڄاڻايل تجنيسن جا صرف اهي ئي مثال
ايندا جيڪي پھرئين اکر ۾ ساڳيا هجن.
’تجنيس ناقص‘ ڪُلي طور تجنيس حرفيءَ جو جز آهي.
تجنيس تام ۽ ناقص ۾ هڪجهڙائي ۽ فرق
·
هڪجهڙائي: اهڙا ڀيٽ ۾ ڏنل لفظ جن جي صورت هوبھو
ساڳي هوندي آهي، جيئن:
ور ۾ ڪونهي ور ڏيرن ور وڏو ڪيو.
·
فرق: اهڙا ڀيٽ ۾ ڏنل لفظ جن جي صورت ته ساڳي هجي،
ليڪن اعراب ۾ فرق هجي، جيئن:
وَرَ
۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس ناقص جا مثال
مولوي احمد ملاح جي شاعري، تجنيسن ۽ صنعتن سان
ٽمٽار رهي آهي. ياد رهي ته ’تجنيس‘ اصطلاح جو
اطلاق، ڀيٽ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن لفظن سان ٿيندو
آهي. هتي صرف مولوي صاحب جي غزلن مان ’تجنيس
ناقص‘ جا چند مثال مختلف تعداد جي صورت ۾ ورهائي
رکجن ٿا:
ٻن لفظن ۾ تجنيس ناقص
مولوي صاحب جو هڪ شعر اهڙو خيال خاطر رکجي ٿو،
جنهن ۾ ٻنهي تجنيسن (تام ۽ ناقص) جي هجڻ جو گمان
رهي ٿو:
واٽَ وَر وَر، وَر ڪنان، وَر وَر وريتيون وَر
چوَن،
وَر لنگهي وَر ڳول وَر، وَر وَر نه ڏيندي وات وَت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 119)
مٿئين شعر جي ٻنهي سٽن ۾ ’ور‘ لفظ يارهن دفعا ڪم
آندل آهي. ظاهري طور اهي لفظ ’تجنيس تام‘ جا مثال
چئي سگهجن ٿا، ان حوالي سان به ته لاڙي لھجي ۾
آخري وينجن (Consonant)
جي سُر (Vowel)
کي حذف ڪيو ويندو آهي.
جڏهن اهڙي شعر جي اعرابن تي معياري لهجي موجب نظر
ڌربي ته ڪجهه فرق ظاهر ٿيندو، جيئن:
واٽ وَرُ وَرُ، وَرَ ڪنان، وَرُ
وَرُ وريتيون وَرُ چوَن،
وَرُ لنگهي وَرُ ڳولهه وَرُ، وَرُ وَرُ نه ڏيندي
وات وَت.
اهڙي باريڪ بينيءَ سان ڏسجي ته لفظ ’وَرَ‘ هڪ دفعو
ٿو بيهي، باقي ڏهه دفعا ’وَرُ‘ ٿو بيهي. ان ڪارڻ
اهو شعر گهڻي قدر ’تجنيس تام‘ جي مثال ۾ ڳڻي
سگهبو. جڏهن ته هڪ لفظ (وَرَ) ۾ اعراب جي اختلاف
سان ٻين ڏهن لفظن (وَرُ) جي ڀيٽ سان، تجنيس ناقص
جو مثال آهي.
ڄاڻايل شعر ۾ ڀيٽ جي نسبت، ڪم آندل لفظ،’ور‘ جي
ورڇ هيٺين ريت بيهي ٿي:
تجنيس تام: ’وَرُ وَرُ = ونگي، ور وڪڙ واري‘،
’وَرُ وَرُ = هر هر، وري وري‘، ’وَرُ = موٽُ- ورڻ
جو امر‘، ’وَرُ = وڪڙ، ڏنگو رستو‘، ’وَرُ = مڙس،
ڀوتار‘، ’وَرُ = وري، ٻيهر‘ ۽ ’وَرُ وَرُ = هر هر،
وري وري‘. اهي ڪم آندل ’وَرُ‘ لفظ ست بيهن ٿا،
جڏهن ته مختلف معنائن جي نسبت چار لفظ بيھن ٿا.
تجنيس ناقص:
·
وَرَ = ’مڙس، ڪانڌ‘ (معياري لهجي موجب، هن لفظ جي
آخري اکر تي زبر، حرف جر (ڪنان) سبب ڪم ايندي
آهي.)
ان سبب جڏهن لفظن جي مختلف معنائن ۾ ’زير- زبر‘ جي
فرق سان ڀيٽ جي نسبت، لفظن کي ڏسبو ته ’وَرُ‘ ۽
’وَرَ‘ ٻن لفظن جي اعراب ۾ فرق آهي، جنھن نسبت هڪ
لفظ کي ٻين لفظن جي ڀيٽ سان ڄاڻايل شعر جي حرفت کي
’تجنيس ناقص‘ ڪوٺبو.
حال کان بي حال آهيان، حال مَحرمَ، هر طرح،
حال محرمَ، تو سوا، مون تي مُحرم هر
طرح.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 206)
مٿئين شعر ۾ ’مَحرم‘ (حال ڀائي- رازدان) ۽ ’مُحرم‘
(محرم الحرام جو مھينو) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين
اکر تي اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس
ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
مِلڪ
منھنجي مُلڪ والي، تو سندي محبت مدام،
سچ سڄڻ، سامان ۾، صاحب سڪندر کان لنگهيس.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 301)
مٿئين شعر ۾ ’مِلڪ‘ (ملڪيت- ڌن) ۽ ’مُلڪ‘ (ديس-
وطن) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي اعراب جو فرق
آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
ڇڏي هيڻي حشر هِڪ ۾، لنگهي لَڪ لوڪ کان
لِڪ ۾،
سڄڻ، تنھنجي سِڪي سِڪ ۾، ڏٺم سڪرات سؤ ڀيرا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 59)
مٿئين شعر ۾ ’لَڪ‘ (جبل جي گهاٽي) ۽ ’لِڪ‘ (اوڍر)
ٻن همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي اعراب جو فرق آهي،
جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
ڏينھن ساڙي، نينھن ساڙي، پنڌ ساڙي سامهون،
رات ۾ ڪنھن ريت مَن، ٿڌڙي ٿئي، رَت رو ته
رُت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 120)
مٿئين شعر ۾ ’رَت‘ (خون) ۽ ’رُت‘ (مند- موسم) ٻن
همجنس لفظن جي پهرئين اکر تي اعراب جو فرق آهي،
جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
جَت نه رَت ڀائي، نه ڀَت ڀائي، ڀِرن ڪھڙي ته ڀَت،
تن جَتن جيڏيون، جڏِي ڪَئي جان،ويندس جِت
به جَت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 119)
مٿئين شعر ۾ ’جِت‘ (جتي- جنھن هنڌ) ۽ ’جَت‘
(اوٺار- ذات) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي
اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان جي تجنيس ’ناقص‘
ٿيندي.
لِک
منجهان ڪن لَک کٽيا، ڪن لَک لُٽايا لِک
مٿي،
بي خبر، بيدار ٿي، بازار بستي ڏينھن ڏيڍ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 240)
مٿئين شعر ۾ ’لِک‘ (ٿورو) ۽ ’لَک‘ (تعداد/
گهڻائي) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي اعراب جو
فرق آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
حُج
هَلي تن ساڻ ڪھڙي، جن جو حَج لاڳو حضور،
ڪُوڪرو ڪو ڪرم سان، ڪاملَ، ڪَنائين جي ته آءُ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 506)
مٿئين شعر ۾ ’حُج‘ (حجت- گھرائپ) ۽ ’حَج‘ (اسلامي
رڪن) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي اعراب جو فرق
آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
مِل مٺا، ڪهڙي به مُل تي، جيئن ملين تيئن
مِل مٺا،
سِر، ڪه گهر، گوهر، ڪه گُل تي، جيئن ملين تيئن مل
مٺا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 36)
مٿئين شعر ۾ ’مِل‘ (گڏج- روبرو ٿيڻ جو امر) ۽
’مُل‘ (اگهه- قيمت- بھا) لفظ جي معياري صورتخطي
’ملهه‘ آهي، ليڪن لاڙي لھجي موجب وسرڳ ’لهه‘ جو
اوسرڳ ’ل‘ ڪم اچي ٿو) ٻن همجنس لفظن جي پھرين اکر
تي اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘
۾ ڳڻبو.
خوش کٽونبا ۽ کٿا، ڪيئن کَٽ چڙهي خشڪا کيان
ڀِت
ڀران بيٺي روان، ڪنھن ڀَت نه پوئي ڀانت
ڀَت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 121)
مٿئين شعر ۾ ’ڀِت‘ (ديوار- ڪنڌي) ۽ ’ڀَت‘ (ريت-
هلت- روَش) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي اعراب
جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
جڏهن ته شعر جي آخري سٽر ۾ ’ڀَت‘ ٻه دفعا به ڪم
آيل آهي، ليڪن ان جو تعلق مذڪوره تجنيس سان نه
ٿيندو.
جن مَٽي مالڪ مِٺو، ڪيو مُنهن مِٽي
۽ مال ڏونهن،
تـــــن جـــــو بلڪل بـــــي وفا، بيڪار سان سودو
لڳو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 489)
مٿئين شعر ۾ ’مَٽي‘ (ڦرڻ- بدلڻ) ۽ ’مِٽي‘ (ڌوڙ) ٻن
همجنس لفظن جي پھرئين اکر تي اعراب جو فرق آهي،
جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
ورهـــــن جي پُئان وِيرَ، ٿيو ويرَ
ڪـــــو وصـــــال،
موٽيو بـــــه ٿيان هجر ۾ حيران الفـــــراق.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 324)
مٿئين شعر ۾ ’وِيرَ‘ (جوڌو) ۽ ’ويرَ‘ (گهڙي- کن
پلڪ) ٻن همجنس لفظن جي پھرئين ۽ آخري اکر تي اعراب
جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
رَڏ ڪُڏائي رُس مَ راڻـــــا، رَس تـــــه
ڪريون رَس رهاڻ،
پَرچ، پَرچيءَ ســـــاڻ پَـــــر ۾، موڪليم پيغام
پَـــــر.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 255)
مٿئين شعر ۾ ’رُس‘ (رُسڻ جو امر- ناراض ٿيڻ) ۽
’رَس‘ (رَسڻ جو امر- پھچڻ) ٻن همجنس لفظن جي
پھرئين اکر تي اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي
’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
قيد قسمت جو لٿو، قادر ڪيا پنھنجا ڪرم،
هير
هِيڻي جـــــي طـــــرف، آئي حجـــــازان هِير
خود.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پھريون- 123)
مٿئين شعر ۾ ’هير‘ (هينئر) ۽ ’هِير‘ (هوا) ٻن
همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي
’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
ڏينھن رات تـــــات تنھنجي، تَـــــن مَـــــن طلب
اَهاها،
حُــــــب
۾ حبيب ڳوليان، حَــــب ۽ حَلب اَهاها.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 84)
مٿئين شعر ۾ ’حُب‘ (محبت) ۽ ’حَب‘ (بلوچستان جو
علائقو) ٻن همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن
سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
سُک ڦٽو، سِڪ کان ٿو ڦاٽان، ڏي نه سھڻا،
سُڪ جواب،
جي نه ميڙين، مانَ، مارين، پَر نه منھن موڙيندو
وت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 140)
مٿئين شعر ۾ ’سِڪ‘ (تانگهه) ۽ ’سُڪ‘ (سُڪو- خشڪ)
ٻن همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي
’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
مھمان ٿيو مِھر ســـــان هـــــن مَھل مُھائين،
دلبر کـــــي چَـــــوي دل، ته ٻه ٽَڪ، ٽِڪ
ته ٽڪايَئين.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 448)
مٿئين شعر ۾ ’ٽَڪَ‘ (ويلا- پھرَ) ۽ ’ٽِڪُ‘ (رههُ-
امر) ٻن همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب
ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
تـــــو مٿان تُنڪا ملن، تن منھنجي تَن ۾
تُن ڪيا،
تـــــو نه چئين گهايل ٿو گهارين، گهاريو گهاريندو
وَت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 139)
مٿئين شعر ۾ ’تَن‘ (جان- جسم) ۽ ’تُن‘ (سوراخ-
ٽُنگ) ٻن همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب
ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ شامل ڪبو.
لـــــب سندئي شيرين، شائق شُڪر سان
شَڪر چوَن،
شِين شَڪر جـــــي مَٽيو، سيني ۾ سينو ڪـــــن
پيا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 91)
مٿئين شعر ۾ ’شُڪر‘ (احسان) ۽ ’شَڪر‘ (مٺاڻ) ٻن
همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي
تجنيس ناقص ۾ سمجهبو.
هي اکيون اکڙوٽ جيئن، جن سان سڃاڻون سڀ صحي،
خط لکون، لِک پڙهه پڙهون، پڻ ورق وانچيون ۽ وَهي،
نُور نڪري جي وڃي، پوءِ ڪَر صفا ويو سج لهي،
پئي کُڏ نڪا کَڏ جي خبر، قربان قدرت
تان ٿيان.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پھريون- 64)
مٿئين شعر ۾ ’کُڏ‘ (ڇِت) ۽ ’کَڏ‘ (کاهي) ٻن همجنس
لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنھن سبب ان کي ’تجنيس
ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
’جيم‘ جُڳ ٿيا جَڳ جُڙيي کي، هَر
جَڳهه جَڳ مَڳ نئين،
پَڳ پراڻيءَ جو نه پَٽ ۾، پرٿڻي پَڳ پَڳ نئين،
لَک لڏي ويا لوڪ مان، لَک ڏيڍ جي لَڳ ڀَڳ نئين،
دَڳ اچڻ جو، دَڳ وڃڻ جو، ڊوڙ ڊُڪ دَڳ دَڳ نئين،
واڳ ڪنھن، پنھنجي نه وَس، الله بس، باقي هوَس.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پھريون- 244)
مٿئين شعر ۾ ’جُڳ‘ (زمانو- دؤر- عرصو) ۽ ’جَڳ‘
(جھان) ٻن همجنس لفظن ۾ اعراب جو فرق آهي، جنهن
سبب ان کي ’تجنيس ناقص‘ ۾ ڳڻبو.
تون سچو سائين، وڻي تنھن کي سُڃون، سائو ڪرين،
ڪي پڇڻ جهڙا پريندي، ڪن کي پڇ ڍائو ڪرين،
ڪن کي لَڙ لائين ته ڪن لئي، لُڙ
اندر لائو ڪرين،
ڏِک
وهارين، ڏُک به ٽارين، ڏور ڏولائو ڪرين،
وس ٻين جي وار ناهي، وس مٿم هروار تون.
تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو؟ ڏيھه جو ڏاتار تون.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پھريون- 165)
هن شعر ۾ ’لَڙ‘ (دڳ)، ’لُڙ‘ (اونهو پاڻي) ۽ ’ڏِک‘
(شاديءَ جي هڪ رسم) ، ’ڏُک‘ (ڏنجهه- غم) تجنيس
ناقص جا مثال آهن.
ٽن لفظن ۾ تجنيس ناقص
اُڀ زمين تو وٽ امانت، ڇڏ خيانت جا خيال،
پاٽ پَٽَ تي سَٽ نه پُٽَ، پاڻهين نه
پنهنجو پيٽ پَٽِ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 154)
هن شعر ۾ ’پٽ‘ لفظ مختلف اعرابن سان مختلف معنائون
رکي ٿو، ان ڪارڻ ان کي تجنيس ناقص چئبو آهي، جيئن:
’پَٽَ = زمين‘، ’پُٽَ = اولاد لاءِ ڪم ايندڙ لفظ‘
۽ ’پَٽِ = پَٽِڻ جو امر- کرچڻ- ڇڪڻ‘.
ڪالهه چيو قالُوا بلى مون، تا قيامت قول هڪ،
ڦِٽُ
مَ دل، نه ته ڦُٽُ اسان کان، جي اٿئي ٻيو
ڦيٽ ڦَٽ.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 154)
هن شعر ۾ ’ڦٽ‘ مختلف اعرابن سان بيھي ٿو، يعني
زيرن- زبرن ۾ فرق رهي ٿو، جيئن: ’ڦِٽُ = ڦِٽَڻُ جو
امر- رُسڻ- هٽڻ‘، ’ڦُٽُ = ڦُٽڻ جو امر، ڀُڄڻ‘ ۽
’ڦَٽُ = زخم‘.
ٽنهي لفظن جي اعرابن کان سواءِ صورت ساڳي رهي ٿي،
ليڪن معنوي لحاظ کان اعراب جي تبديلي رهي ٿي، ان
سبب ان کي تجنيس ناقص سڏبو.
هيڏو ڪو رڻ، ته ويو راڻو رُسي اڄ رات، ڪيئن ڪريان،
ڦِٽِي
فرحت، ڦَٽِي جا دل، ڦُٽِي پرڀات،
ڪيئن ڪريان.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 394)
مٿئين غزل جي مطلع واري هيٺين سٽ ۾ ’ڦٽي‘ لفظ ٽي
دفعا ڪم آندو ويو آهي، جن جون اعرابون مٽ ۽
معنائون به مٽ آهن، جيئن: ’ڦِٽِي = تباه ٿي- خراب
ٿي‘، ’ڦَٽِي = زخمي ٿي- چچرجي وئي‘ ۽ ’ڦُٽِي =
نڪتي- ظاهر ٿي‘.
ڄاڻايل مثال ’تجنيس ناقص‘ جا ئي سڏبا، ڇاڪاڻ ته
ڄاڻايل ٽي لفظ شڪل ۾ بيشڪ ساڳيا آهن ۽ تجنيس تام
وانگر آهن، ليڪن انهن جي اعرابن ۾ فرق آهي.
تَن پياسي، مَن پياسي، پڪ پياسيءَ کي پيار،
پُر
هُجي پِر ساڻ دل، پَر پرڀرو شل، هوءِ
پَر.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 255)
ڄاڻايل شعر ۾ ’پُر = ڀريَل‘، ’پِر = پرين‘ ۽ ’پَر
= ڌاريو‘ لفظن جي پھرئين اکر جي اعراب ۾ فرق آهي،
جنهن سبب ان کي تجنيس ناقص ۾ شمار ڪبو.
لِڱن تان لُک لهي، جي لِک لَھن هت،
ٻيا لَک لاڳ لَحظي ۾ لھان ها.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 88)
ڄاڻايل شعر ۾ ’لُک = لوساٽ‘، ’لِک- ٿورو وقت‘ ۽
’لَک = تعداد- گهڻا‘ لفظن جي پھرئين اکر جي اعراب
۾ فرق آهي، جنھن سبب ان کي تجنيس ناقص ۾ شمار ڪبو.
’حي‘ حڪم، حڪمت حُڪومت حاڪمي حَنان جِي،
مُلڪ
مالڪ جو، مَلڪ جِن، مِلڪ سڀ مَنان
جِي،
صاحبن تي صاحبي، صاحب سچي سبحان جِي،
ڪُل رَعيَت سان رعايت، روز شب رحمان جِي،
غَير غالب سان گَڏي، غافلَ، نه غارت غار ٿِي،
غار جو غمخوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿِي.
(ڪليات احمد، ڀاڱو پھريون- 236)
ڄاڻايل شعر ۾ ’مُلڪ = ديس‘، ’مَلڪ = ملائڪَ‘ ۽
’مِلڪ = ڌن دولت‘ لفظن جي پھرئين اکر جي اعراب ۾
فرق آهي، جنهن سبب ان کي تجنيس ناقص ۾ شمار ڪبو.
حاصل مطلب/ نچوڙ/ نتيجو
·
تجنيس ناقص، تجنيس حرفيءَ جو هڪ جز آهي.
·
تجنيس ناقص ۽ تجنيس تام جي صورت ۾ هڪجھڙائي آهي،
فرق صرف اعراب جو رهي ٿو. ٻن همجنس لفظن ۾ تجنيس
تام موجب اعراب جو ڪوبه فرق نه ٿو رهي، جڏهن ته
ناقص ۾ اعراب جو فرق رهي ٿو، جيئن: مَحرم (دوست) ۽
مُحرم (مُحرم الحرام جو مھينو).
·
مولوي احمد ملاح تجنيس حرفيءَ جو شھنشاه سڏجي ٿو،
ان ڪارڻ هن جي شاعريءَ ۾ تجنيس ناقص جا مثال به
ڪافي ملن ٿا. هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا شعر/ بند به
ملن ٿا، جن ۾ تجنيس ناقص جا ٻه ۽ ٽي مثال به ملن
ٿا. اهڙا مثال هن ريت آهن:
·
تجنيس ناقص نسبت، ٻن مثالن وارو شعر:
لِک
منجهان ڪن لَک کٽيا، ڪن لَک لٽايا لِک مٿي،
بي خبر، بيدار ٿي، بازار بستي ڏينھن ڏيڍ.
·
تجنيس ناقص نسبت، ٽن مثالن وارو شعر:
هيڏو ڪو رڻ، ته ويو راڻو رُسي اڄ رات، ڪيئن ڪريان،
ڦِٽِي
فرحت، ڦَٽِي جا دل، ڦُٽِي پرڀات،
ڪيئن ڪريان.
حوالا/ ذريعا
·
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند
[1925] 1985. وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄام شورو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
·
ام ڪلثوم شاهه، ڊاڪٽر
(2004) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه
نگاريءَ جو تحقيقي جائزو. ڪراچي يونيورسٽي: شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
·
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر
(1981) جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄام شورو: سنڌي
ادبي بورڊ.
·
جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر
(2019)
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس تام جو اڀياس.
ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. ڪارونجهر جرنل، 11
(20)، 53- 72. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف
آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس.
·
رستماڻي ضرار، پروفيسر
(2017) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون
۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
·
عباسي ظفر
(2007) سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون.
حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
·
مرزا، قليچ بيگ
(2016) علم عَروض. ڄام شورو: مرزا قليچ بيگ چيئر،
سنڌ يونيورسٽي. |