سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:18 

گل محمد عمراڻي

ڪراچي

 

 

 

تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار

هڪ اڀياس

هي پي.ايڇ.ڊي مقالو (Dissertation) ڊاڪٽر عبدالجبار’عابد‘ لغاري جي محنت جو ثمر آهي. جيڪو هن پنهنجي عالم فاضل ۽ شفيق استاد علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي تحقيق هيٺ مڪمل ڪيو هو. هن اهم ريسرچ جو مُنبع ۽ محّور دراصل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تاريخي ڪم آهي، جيڪو هن سنه 1968ع ۾ ”ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري“ جي عنوان تحت سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ڪيو، انهي عميق ادبي مطالعي ۾ لغاري خاندان بابت نثري ۽ نظم ۽ جمع ڪيل وقيع مواد هڪ ئي جاءِ تي سڀ کان اول پيش ڪيل آهي. هيءَ اهم (Thesis) (تحقيقي وَٿ) ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ طرفان 2016ع ۾ پڌري ڪئي وئي. ان ۾ هڪ جامع مقدمو مصنف ۽ محقق ڊاڪٽر عابد لغاري طرفان نهايت صراحت ۽ اورچائي مان تاجپور جي نواب خاندان جو حسب و نسب ۽ خاندان جو شجرو ابتدا ۾ ڏئي ٿو، جنهن ۾ خانداني فضيلت ۽ فخر نسبتي عيان آهي ۽ انهي لاءِ هو صاحب مستند حوالو ڪتاب ”واعظ العشاق“ جو ڏئي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ پڻ نقل (Cite) ڪيو آهي. تاجپور جي مفصل تاريخ پڻ گهڻي معلومات افزا آهي، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته اصل ڳوٺ تاجپور ڪلهوڙن جي وڏي خليفي راڄي ليکي جي پٽ تاجي ليکي جي نالي تي ٻڌل آهي. احمدپور شهر، سردار نواب احمد خان جي پٽ فقير نواب ولي محمد خان سنه 1301هه ۾ ٻڌايو هو ۽ ’خانپور‘ نواب خان محمد جي نالي نواب غلام الله خان ٻڌايو هو. تحقيقي تذڪرو نواب ولي محمد بن ميان غلام محمد خان ”نگار“ کان شروع ٿئي ٿو ۽ 53 ٻين عالم فاضل لغاري نوابن جو دلچسپ ۽ دلپذير احوال، ترتيب وار ڏنل آهي، جنهن ۾ خود محقق ۽ تاريخ نويس نواب ڊاڪٽر عبدالجبار عابد ولد نواب حاجي محب علي 43 نمبر تي اچي ٿو.

نواب ولي محمد لغاري سنڌ جو هڪ زيرڪ ۽ داناء سياستدان منتظم ۽ عظيم فرزند آهي، جنهن بابت انتهائي گهڻي عرق ريزي سان تحقيقي، جاکوڙ ڪيل آهي جيڪا پهريون دفعو قرطاس ابيض (اڇي پني) تي آيل آهي ۽ سندس ادبي وچور به بيشڪ هڪ عدد الڳ ڪتاب جو مواد رکي ٿو. سردار نواب ولي محمد لغاري ۽ هالاڻي جي جنگ، سنڌ جي تقسيم ۽ بعد ۾ رد، سنڌ ۾ قلعن جي تعمير، لاڙڪاڻي جي گورنري، ڪراچي جي سنڌ ۾ واپسي، ڪوٽ نوشهرو ابڙي جي اڏاوت، بهاولپور جي نواب جي سرزنش، شاهه شجاع الملڪ ۽ نواب بهاولپور، انگريز ۽ سردار ولي محمد خان، سردار نواب ولي محمد خان ۽ مير ڪرم علي خان، عمرڪوٽ جو ٻيهر حاصل ڪرڻ، سنڌ جا ٽالپر امير ۽ نواب ولي محمد خان شڪارپور ۾، سردار ولي محمد خان جا تعلقات ۽ ترقياتي ڪم، سنڌ جو عدن، تاريخي رني ڪوٽ جي تعمير، قطعات رني ڪوٽ، ٽالپر دور جا قلعا، انهي سڄي تحقيقي ڪاوش جي پٺڀرائي لاءِ محقق، ڊاڪٽر بلوچ جو مستند ۽ جامع حوالو ڏئي ٿو، جيڪو وضاحت ۽ صراحت سان رني ڪوٽ جي قلعي بابت صفحي 55 تي ڊاڪٽر عابد لغاري بيان ڪري ٿو ته هن قلعي يا ٻئي ڪنهن (قلعي) يادگار جي اهميت کي ان جي قدامت جي بنيادن تي حق بجانب ٺهرائڻ يا اُن جي وجود لاءِ ڏندڪٿائي ماضي جي ڪا خيالي تصوير پيش ڪرڻ لاءِ ڪو سبب ڪونهي. يادگار عمارتون فقط سَندن قدامت سبب ئي عظيم نه هونديون آهن. انهن جي اهميت، آثار قديمه جي قدامت کان علاوه اُنهي قوم ۽ ملڪ جي ڄاتل ۽ معلوم تاريخ جي دائره اندر وڌيڪ بامعنيٰ ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ هيءُ قلعو تاريخ ۾ نسبتاً گهٽ ڄمار جو آهي، ان جي باوجود اهو پنهنجي ڊزائين ۽ اڏاوتي ڪم جي سرانجامي جي لحاظ کان عظيم آهي. اهو اسان جي توجهه جي لائق آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي تاريخ ۾ عام طور ۽ قلعي سازي جي فوجي تاريخ ۾ خاص طور، هڪ حيرت انگيز سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.“ انهي موضوع تي ويجهڙائي ۾ وڌيڪ جديد کوجنا سابق چيف سيڪريٽري سنڌ سيد سردار احمد به انگريزي زبان جي مقالي ۾ ڪئي آهي، جنهن 1845ع کان پوءِ واري دور ۾ ڪراچي جي فوجي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي جي رني ڪوٽ بابت گورنر بمبئي کي موڪليل رپورٽ ۾ انهي قلعي کي ٽالپرن جي عظيم فوجي تعمير قرار ڏنو آهي، ۽ باقي هاڻي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ Radio Carbon جي سهوليت دستياب آهي جيڪا انهي مشڪل جو سائنسي حل آهي ۽ اُن سان طبعي عمر به واضح ٿي ويندي. فاضل محقق جي خانداني روايتن مطابق هو فٽ نوٽس ۾ 7 پئرا ۾ بيان ڪري ٿو ته جيئن ته انهي قلعي جي بنياد پوڻ جو واقعو حيرت انگيز نوعيت جو هو، سال 1950ع کان 1960ع جي ڏهاڪي ڌاري خود محقق جي طرفان ڪيل ذاتي تحقيقات دوران سنڌ جو ”شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار“ (سنڌ مسلم سوسائٽي 1935ع) جو بياض جيڪو 15 بندن تي مشتمل آهي، ان جي تصديق نواب خاندان جي انتهائي مشهور و معروف افرادن جهڙوڪ: نواب مرحوم گل محمد خان، نواب شفيع محمد خان ۽ نواب عرض محمد خان طرفان ڪئي وئي، جيڪي سڀ جا سڀ گذريل صدي جي پوئين اڌ حصي ۾ ڄاوا هئا ۽ اهڙي طرح اُهي قلعي جي بنياد پوڻ واري واقعي کي سؤ سال وڌيڪ قريب هئا، وڌيڪ حوالو ”تاريخ سنڌ“، فارسي متن، ايڊيٽر: ڊاڪٽر يو.ايم.دائودپوٽو، پونو، 1938ع، صفحو 256 ۾ ڏنل آهي، قابل مصنف ٻڌائي ٿو ته 1819ع ۾ رني ڪوٽ جو ڪم اڃان مڪمل نه ٿيو هو ته اوچتو شاهه شجاع (ڏسو وليم ڊالرمپل جو مشهور انگريزي ڪتاب ‘Return of the King’ اچي شڪارپور سهڙيو، نواب ولي محمد خان به اميرن سان مشورو ڪري تڪڙو تڪڙو لاڙڪاڻي پهتو ۽ اُتان نوشهري ابڙي اچي منزل ڪيائين. شاهه شجاع (وفات: 1842ع) جون ڪابل موٽڻ جون واهون انڪري بند هيون، جو اُتي سردار محمد عظيم خان (سندس وزير) جو قبضو هو. اِهوئي سبب آهي جو شاهه شجاع الملڪ لاڳيتو ٻه سال شڪارپور ۾ رهي پيو. نواب ولي محمد خان سواءِ شڪارپور شهر جي باقي سڄي علائقي تي پنهنجو قبضو قائم ڪيو. شاهه جي ماڻهن کي آسپاس مهمانن جي حيثيت حاصل هئي، مگر اهو بقول محقق، ڊاڪٽر عابد لغاري جي شرافت جا ليڪا لنگهڻ لڳا ته رعيت تي ٿيندڙ ظلم ڏسي نواب ولي محمد خان کان برداشت ٿي نه سگهيو. هيٺ نوٽس ۾ محقق (حوالو ڏنل نه آهي) بيان ڪري ٿو ته شاهه شجاع شڪارپور ۾ ٻن سالن تائين رهي خُراسان وري حاصل ڪرڻ لاءِ جنگي تياريون ڪرڻ لڳو. هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا سندس فوجون شڪارپور جي هزاري در کان ٻاهر نڪري جنگي مشقون ڪنديون هيون. شڪارپور تان افغانن جي قبضي کي ختم ڪرڻ ۾ نواب ولي محمد خان جيڪو بهترين حرفتي  (Strategic) ۽ سياسي (Diplomatic) ڪردار خوبي سان ادا ڪيو، ان کي محقق ”تازه نوائي معارڪ“ جي باوثوق حوالي سان ۽ اعجاز الحق قدوسي جي ”تاريخ سنڌ“ جي آڌار تي دلچسپ پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو هاڻي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ٻڌائي ٿو ته ”مُلا مومن خان غِلزئي کان پوءِ سردار رحمدل خان بن سردار پائينده خان قنڌار کان شڪارپور جو ناظم الامور مقرر ٿي آيو ۽ هو 1726ع تائين رهيو، جنهن بعد شيردل خان پنهنجي ڀاءُ رحمدل خان جي جاءِ تي مامي جي پٽ عبدالمنصور خان کي شڪارپور جو ناظم الامور مقرر ڪيو. اڃا چار مهينا مس گذريا ته رنجيت سنگهه جي پيش قدمي جو هُل هُلي ويو، جنهن جي فوج جي تربيت يورپي انداز ۾ هڪ فرانسيسي جنرل وينقوره ڪئي هئي. تنهنڪري انهن (ٽالپرن) نواب ولي محمد خان لغاري کي جيڪو انهن جو بهترين مشير ۽ امير هو، انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيو، جيئن هو شڪارپور مان افغانن کي ڪڍي ان تي قبضو ڪري. قابل محقق، پروفيسر عطا محمد حامي جو هي بيان دُهرائي ٿو ته شڪارپور جو شهر  احمد شاهه ابدالي جي وقت کان پٺاڻن جي قبضي ۾ هو. 1823ع ۾ حيدرآباد جي وڏي وزير نواب ولي محمد لغاري حڪمت عملي سان ۽ رت ڇاڻ کان سواءِ پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ اُتي خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن طرفان گورنر مقرر ٿيا. ڊاڪٽر جيمز برنس جا تاثرات سندس مشهور ڪتاب (A Narrative of the visit to the Court of Sindh- A sketch of the History of Katch ۾ هن ريت آهن ته: ”ڏسڻ ۾ معزز ۽ باوقار، عمر رسيده، غيرتمند، اميري شان وارو، جنهن سان گڏ سندس شخصيت ۾ بلڪل فطري بُلندي ۽ رحمدلي سمايل آهي. امير خود کيس سنڌ جو وزيراعظم تسليم ڪن ٿا، ۽ عزت احترام ۽ عظمت ۾ خاص ٽالپر اميرن کان پوءِ ٻئي نمبر تي ليکين ٿا. اميرن جي نظام حڪومت ۾ سندس ذات هڪ خصوصي حيثيت رکي ٿي. هو پاڻ لغاري قبيلن جو اڳواڻ آهي، جن جي همت ۽ حمايت سان ٽالپر اميرن سنڌ فتح ڪئي. ذاتي طور تي هو اميرن جو نهايت وفادار ۽ لائق آفيسر ٿي رهيو آهي ۽ نه فقط اميرن جو منجهس ڪُلي اعتبار آهي، مگر عجب اهو ته ان سان گڏ عوام کي به سندس واسطي عزت ۽ احترام آهي. هو داخلي معاملن ۾ اميرن جو خاص مشير آهي. نواب ولي محمد خان هن وقت يقيني طور تي ستر ورهين جو هوندو (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد تصحيح ڪري ٿو ته هو 78 ورهين جو هو) ۽ خدشو اهو آهي ته سندس وفات اميرن کي سندن مخلص ترين محافظ کان جدا ڪندي. نواب صاحب فارسي جو اعليٰ شاعر آهي ۽ طب تي به گهڻو لکيو اٿس. جنهنڪري کيس سنڌ جو ”لقمان حڪيم“ تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس ننڍو رسالو ”معالج الامراض“ قابلِ ذڪر آهي، جيڪو هن مير مراد علي خان جي نالي منسوب ڪري تاليف ڪيو آهي.“ محقق ان سان اختلاف ڪندي اهو ٻڌائي ٿو ته اهو رسالو ننڍو نه بلڪ وڏو ضخيم ڪتاب ”طب ولي“ آهي ۽ محفوظ آهي.

نورمحمد هاءِ اسڪول جي منهنجي استاد ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جي تحقيقي پي ايڇ.ڊي واري مقالي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو رايو خاص اهميت رکي ٿو، جنهن رسالي ”الرحيم“ ۾ نواب صاحب کي وڏو خراج تحسين پيش ڪيو آهي ته هن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. افغانن يا فرنگين جي باري ۾ يا ملڪي مسئلن ۾ سندس راءِ يا مشوري کي وڏي اهميت حاصل هئي ۽ نه فقط ملڪي سياست پر طب، شعر ۽ ٻين علمن تي به کيس وڏو ملڪو حاصل هو (ڏسو سنڌ جا اسلامي درسگاهه، صفحو 82). راقم الحروف کي ويجهڙائي ۾ عزيزم عبدالڪريم لغاري جي وفات جي افسوسناڪ واقعي تي نواب ولي محمد خان لغاري جي مقبري جي زيارت نصيب ٿي جيڪو حيدرآباد ۾ پٺاڻ ڪالوني ۾ واقع آهي ۽ جنهن جي پيراندي کان هيٺيان هي الفاظ اُڪريل آهن (حوالو ڊاڪٽر عابد لغاري صاحب جي) مقبرو بند هو ۽ اهو رات جو وقت هو ۽ اها عبارت ڊاڪٽر عابد صاحب جي مهرباني سان وفات يافت نواب مرحوم تاريخ ماهه ذيقعد روز شنبه 1247هه (1832ع) .

مرحوم نواب ولي محمد لغاري سيادت ۽ سياست کانسواءِ علم ۽ دانش جي ميدان ڪارزار جو هڪ وڏو شهسوار هو ۽ سندس خدمتن ۽ ڪارنامن جي گونج، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دورن ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ جي معرڪة الآرا ڪتاب ”ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري“ ۾ تاريخي حوالن سان محفوظ آهي، ۽ هن ڪتاب تي ڊاڪٽر عابد لغاري کي هِن تحقيق ڪرڻ تي اُتساهيو.

مرزا خسرو بيگ جو مشهور ادبي ۽ علمي ڪارنامو محڪ خُسروي (1232هه) آهي ۽ جنهن عظيم ڪتاب تي ڊاڪٽر فائزه مرزا بنت مرزا اعجاز اسد بيگ ابن مرزا قليچ بيگ تهران يونيورسٽي مان Ph.D جو اعزاز حاصل ڪيو. هن ڪتاب ۾ ننڍي کنڊ ۽ ايران جي فقط 55 چونڊ ۽ باڪمال بامثال شاعرن جو انتخاب ۽ غزليات کي شامل ڪيو ويو آهي. مرزا خُسرو بيگ نواب ولي محمد لغاري کي انهن 15 سنڌي شاعرن ۾ شامل ڪيو آهي، جن جو ڪلام اعليٰ معيار جي فارسي ۾ آهي ۽ سندس بهترين 16 غزليات انهي چونڊ ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر عابد جي هن ريسرچ ۾ ٻين جيّد لغاري شخصيتن جو به چڱو ذڪر انهي اهميت سان ڪيل آهي، جنهن جا هو لائق آهن. نواب احمد خان لغاري بن سردار نواب ولي محمد خان ۽ سندس تحريري خدمتون، نواب علي محمد خان بن غلام محمد خان جون تاريخي خدمتون، نواب غلام الله خان بن غلام محمد خان شهيد، نواب غلام شاهه بن غلام الله خان (اول)، نواب جان محمد خان (اول) بن نواب غلام الله، نواب غلام محمد خان بن سردار نواب ولي محمد خان، نواب الهداد خان بن سردار نواب ولي محمد خان الخ. خود 43 نمبر تي محقق ۽ مصنف، مُدبر ۽ مدير ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ ولد نواب حاجي محب علي خان بابت مفيد معلومات ملي ٿي، جنهن ۾ سندس انيڪ گوناگون تحريري خدمتون، سندس ڪم بحيثيت ايڊيٽر ”نئين زندگي“، بحيثيت هڪ سياح ۽ ڏاهي مدبر جي ادبي تنظيمون ۽ ڊاڪٽر عابد، سندس ڪهاڻيون ۽ انٽرويو، ناول نگاري، ايڊيٽوريل، نثري خدمتون، مٿس لکيل ڪتاب، ٽيليويزن، ريڊيو ۾ خدمتون، ادبي ايوارڊ، سندس تعليمي خدمتون، سندس بيروني سفر ۽ خاص لکتون، قابلِ ذڪر آهن. نواب نصرالله بن ڊاڪٽر عبدالجبار عابد (51 نمبر) تي، عوام جي هڏ ڏوکي  ۽ حيدرآباد جي مسڪين جهان کوسي (صفحو 368) تي دلچسپ زبردست پڙهڻي آهي. سندس والد محقق پنهنجي لائق فرزند جو انهماڪ سان تعارف ڪرائي ٿو، وري وري ٻڌائي ٿو ته مسجدون ٺهرائڻ مٿس ڏاڏي جو اثر آهي پر مدرسا قائم ڪرڻ، خواتين ۾ تبليغي پروگرام ڪرائڻ ۽ ديني پروگرامن ۾ وڌ ۾ وڌ دلچسپي جي مُهم ڏينهن رات جاري رکڻ هاڻي تاريخي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٽارگيٽ جابلو علائقا جيئن ٿاڻو بولاخان وغيره ۽ شهر جا آسپاس وارا غير ترقياتي علائقا آهن.

هن تحقيقي سفر ۾ خاص طور تي لغاري خاندان جي اَملهه ماڻڪ سردار نواب ولي محمد لغاري، نواب علي محمد خان لغاري، ۽ نواب غلام علي خان لغاري جو تحقيقي تذڪرو خصوصي اهميت رکي ٿو. جن ”هالاڻي“ جي ميدان تي پنهنجي دليري ۽ سرفروشي ڏيکاري ٽالپرن کي فتحياب ڪرايو ۽ جنهن جي ڪري وزارت عظميٰ ۽ گورنرن جا قلمدان هن تاجپور جي لغاري خاندان جي حصي ۾ آيا. سندس مذڪوره ڀائرن کان سواءِ سندس پٽن نواب احمد خان، نواب محمد خان ۽ نواب الهداد خان، ٽالپرن جي ٻي ”چوياري“ ۾ پڻ وزيرن ۽ گورنرن جي حيثيت ۾ حڪومتي ڪارونهوار (Administration) ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ريسرچر ڊاڪٽر عابد لغاري اُنهن برگزيده جوڌن جوانن جو ذڪر خاص طور تي ”مياڻي“ ۽  ”دُٻي“ وارين جنگين ۾ ڪري ٿو ۽ بيان ڪري ٿو ته لغاري قوم يا قبيلي جا سردار جنگ جي ميدان جا شهسوار ۽ سپہ سالار هئا ۽ ساڳئي وقت اُهي علم و ادب جي ميدان جا علمبردار هئڻ سان گڏوگڏ شاعر، اديب، عالم، مؤرخ، حڪيم، حاذق ۽ عوام جا هڏ ڏوکي مخير سنڌ پرست دانشور ۽ ڏاها به هئا.

هي تحقيقي مقالو 372 صفحن تي محيط آهي، ۽ ان جي ببليوگرافي 99 سنڌي حوالن، 15 اردو حوالن ۽ 21 انگريزي ريفرنسن (References) سان مستند ۽ معتبر لڳي ٿي ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي هڪ اهم باب جي ترجمان آهي، جيڪو اهڙي طرح ڄڻ ته هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويو آهي ۽ ان لاءِ ڊاڪٽر عابد جا وڏا وڙ آهن، ته هن هي وقتاتو ڪم ڪيو آهي. (جزاڪم الله)

نصير مرزا

حيدرآباد

 

 

 

 

گهڻو آهن گهٽ، توکان سڀ گُــل ڦُــل

 

سنڌ جي دل، حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سفر 17 هين آگسٽ 1955ع تي شروع ٿيو، جنهن جي قيام جو تمام تر سهرو پير سائين علي محمد شاهه راشديءَ جي سِرَ تي ٻڌل آهي. هاڻي هن اسٽيشن تان سنڌ ڌرتيءَ جي ٻولي ۽ ثقافت مطابق، ڪهڙا پروگرام ۽ ڪهڙي موسيقي نشر ٿيڻ گهرجي. ان جي لاءِ سنڌ سڄڻ اڪابرن جي هڪڙي مشاورتي ڪاميٽي جوڙي وئي. هونئن ته ان ۾ ڪيئي اڪابر هستين کي شامل رکيو ويو، پر انهن ۾ جن ٻن عظيم الشان شخصيتن سان هن ڪاميٽيءَ جو مانُ مٿانهون ٿيو انهن ۾ اول، ’مخدوم سائين طالب الموليٰ‘ ۽ ٻي سنڌ سينگار شخصيت هئي ’ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب.‘ هاڻي هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار ته پاڪستان ۾ اُن وقت ريڊيو پاڪستان جا جيڪي به اعليٰ ۽ بالا آفيسر، سي آل انڊيا ريڊيو تان  آيل ۽ مٿان وري اردوءَ يا پنجابي ڪلچر جا واڳ ڌڻي ۽ خيرخواهه هئا، جن منجهان ڪن جو تعلق مشرقي مغربي پنجاب سان ته ڪي وري هئا يوپي سي پيءَ جا دهلوي ۽ لکنوي صاحب. هاڻي سنڌ اندر جڏهن ڪراچيءَ بعد، سنڌ جي  نج نبار ادبي ۽ ثقافتي شهر حيدرآباد ۾ اسٽيشن کوليائون پئي ته ان کي به هنن پنهنجي مزاج ۽ پسند سان هلائڻ ٿي چاهيو. هاڻي اهڙن آفيسرن جي نيت تي ڪرڙي نظر ڪنهن ڪنهن رکي؟ پير سائين علي محمد شاهه راشديءَ، مخدوم سائين طالب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪتاب ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ۾ پير صاحب لکيو سنڌي موسيقيءَ جي باري ۾ منهنجو پنهنجو معيار هو. ريڊيو حيدرآباد جو مون بنياد رکيو ته يو.پي، سي.پيءَ وارن ”دادرن“ ۽ غزلن“ جي جاءِ تي مون سوچيو ته سنڌ کي صرف سنڌ جي ئي موسيقي کپي، يعني لوڪ موسيقي، ڪافيون ۽ ڏوهيڙا. هاڻي ريڊيو حيدرآباد جي تاريخ تي مون جڏهن مُڙي نظر وڌي ته صاف صاف نظر آيو، ته اتان لوڪ موسيقي ۽ سازڪاري جي ابتدا لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ڏوهيڙن سان ڪافي ۽ سدا رنگي راڳداريءَ لاءِ مخدوم سائين طالب الموليٰ جا مشورا نظر آيا، معنيٰ ريڊيو حيدرآباد تان دادرن، غزلن ۽ پڪن راڳن وچ ۾ ”لوڪ“ ۽ ”ڪافي“ گائيڪي کي مُروج ڪرائڻ ۾ انهن ئي ٻنهي عظيم شخصيتن جو بنيادي حصو ۽ هٿ نظر آيو.

ياد ڪريو، 17 هين آگسٽ 1955ع تي ريڊيو حيدرآباد جي افتتاح وقت جيڪو مشاعرو رٿيو ويو هو، مخدوم صاحب جن جي ئي مشاورت سان اُهو ”ڪافي“ صنف جي نسبت سان ڪرايو ويو. پاڻ ان مشاعري جا بي شڪ ته خاص مهمان هئا، پر صدارت بزرگ شاعر سائين سائل راشديءَ کان ڪرايائون. ان موقعي تي ترنم سان، پنهنجي جيڪا مترنم ڪافي پاڻ جهونگاريائون اُها هيءَ هئي:

سُهڻل جا سينگار وهه وا- دل کي وڻن ٿا

هاڻي، هيءَ ڳالهه به ريڊيو رڪارڊ جي دل تي لکي پيئي آهي ته اتان متعارف ٿيندڙ گيتن غزلن جي گائڪن وچ ۾ پاڻ پنهنجي حاضريءَ جي، سدا رنگي..... صوفي ۽ موج مستي سان ڳائيندڙ راڳيءَ، فقير عيسيٰ کي نموني طور متعارف ڪرايائون، جنهن بعد پوءِ خانقاهي راڳين مان چپڙي يڪتاري تي صوفي ۽ سنڌي راڳ راڳڻين تي ڳائيندڙ، هڪ کان هڪ راڳين تي ريڊيو حيدرآباد جا دروازا جو کلڻ شروع ٿيا ته اڄ سوڌو اهو سلسلو جاري و ساري آهي.

ريڊيو حيدرآباد جو هي جيڪو ٻهگڻ لوڪ موسيقار، ماسٽر محمد ابراهيم ان کي مخدوم صاحب ڪافي ڏوهيڙن سان سينگاري ڳائڻ جي ترغيب ڏني، ٿوري وقت بعد پنهنجي حاضريءَ جي ٻئي گُني گائڪ مصري فقير سرهاڙيءَ واري کي ريڊيو حيدرآباد تان متعارف ڪرايائون. گڏوگڏ پنهنجن ڪافي کي دوگاني جي انداز ۾، پهريون ڀيرو ماسٽر محمد ابراهيم کي ترغيب ڏئي ڳارايائون. جنهن صاحب، سشيلا مهتاڻيءَ جي ساٿ سان سندن هي ٻه ڪافيون دُوگاني جي انداز ۾ ڳائي، سنڌ ۾ غير فلمي دوگانن ڳائڻ جي رواج کي عام ڪيو هي ڏسو انهن دوگانن جا ٻول:

ڪُجهه يار سڄڻ سان سلڻو آ.

۽ ٻيو دوگانو هو؛

آهي عشق آفت، متان هٿ ڪو لائي.

ان دوران پاڻ ڇهه سٽي ڪافي لکڻ ۽ ڳارائڻ جو تجربو به ڪيائون. حسين بخش کان اها ڪافي ڳارايائون ته هر پاسي ان جو چوٻول ٿيو ۽ هر هنڌان ٻڌجڻ ۾ آئي:

تو دلڙي يار ڌتاري- پو يَر ڪانه ڪيهءِ پوئواري.

پوءِ هڪ ٻئي پويان مصري فقير، حسين بخش ۽ ڦوٽي زرداريءَ جي آواز ۾ هر طرف کان سندن هنن ڪافين جون بهاريون لڳي ويون. ’ڪري قرب اچڻ“.... ’ويئڙا ولر وهي وهي‘.... ’منهنجو پُنهل اٿوء‘.. ’آيو يار ڏنئه دلداريون‘..... ’مهرباني ٻي ته وئي‘.... ’خطادار آهيان‘... ’ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان‘.... مخدوم صاحب جي اهڙين سڀني ڪافي کي ايتري ته شهرت ۽ مڃتا ملي جو چيو ويو، سنڌي موسيقي جو، اهو نئون اسڪول آف ٿاٽ آهي ”سروري اسڪول آف ميوزڪ.“

هاڻي ريڊيو حيدرآباد تان هلڪي ڦلڪي سنڌي موسيقي ۾ ’گيتن‘،’واين‘ ۽ ’غزلن‘ کي ڪلاسيڪل سکيا ورتل سنڌي راڳين جي آوازن ۾ رڪارڊ ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته سڀ کان اول محمد يوسف جي آواز ۾ مخدوم صاحب جن جو هي غزل رڪارڊ ٿيو: ”وڃ ته قاصد سهي، پوءِ يار اچي يا نه اچي“ ۽ پوءِ ڪافي گائيڪي جي انداز ۾ هي ڪلام به هن ڳايو:

اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا، پوءِ تون مڃين يا مان مڃان.

ايئن فيروز گل جي موسيقيءَ ۾ سنڌي راڳڻين تي آڌارڪ سندن شاندار ۽ سُريلين ڪافين جا ٻه ’لانگ پلي‘ رليز ٿيا. پي.ٽي.وي تي مهناز سندن ڪافي ڳائي..... ”پنهنجي پرين سان“...... پوءِ عابده پروين جي آواز ۾ هيءَ فراقيه ڪافي..... ”او وڻجارا ته ورن ڙي ڀينر جيڏيون، ڏينهن ڏٺي ٿيا جن جي“.... مخدوم صاحب جن جي خود به دلي خواهش ٿي ته فيروز گل جي موسيقي ۾، ٻين ڪيترين ڪافين سان گڏ، هي ٻه ڪافيون به عابده پروين ڳائي. هڪڙي ته هيءَ ”جنهن ڪيو بيمار سو منهنجي شفا“ ۽ ٻي ”وري وري اي بهارو.“

هاڻي هتي هي ڳالهه به ياد رهي ته ويهين صديءَ ۾ جيڪي جيڪي به عظيم ۽ سرموڙ شاعر، پيدا ٿيا، انهن ۾ ڪي ٿورا بي شڪ ته موسيقي شناس شاعر پر مخدوم صاحب خصوصيت سان انهن مڙني جي وچ ۾ سراپا موسيقي هئا، ۽ صرف راڳ راڳڻين جا پارکو ئي نه، زبردست ڄاڻو به هئا. مٿان ايترا ته سُر لئه جا سمجهو جو، سازن جي آنس تي، خواجه غلام فريد سائين جي هيءَ ڪافي پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائي هئائون: ”اڄ زيور پئي ٺهندي هن“ ڪنهن ڏينهن واري تي ريڊيو تان اُها نشر ڪندا آهيون ته، عقيدت مند ان کي ٻڌي روحاني حظ پيا حاصل ڪندا آهن. ازان سواءِ چوندا آهن، ڪافي صنف جي شاعر جو جيترو سُريلو سڀاءُ هوندو ۽ جي جهونگاري لکندو ته اُن جي هر ڪافي ڪمال جي هوندي. مخدوم صاحب جن لاءِ به اها عام راءِ ته پاڻ ڪافي سدائين جهونگاري ئي لکندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو، سندن اڪثر ڪافيون راڳ راڳڻين تي آڌارڪ ۽ انهن جا مکڙا هڪ کان هڪ سُريلا ۽ مرتنم آهن.... هتي مثال طور سندن بي انتها سنگيت رس ڪافين جا روان دوان مُکڙا ڏسو؛

گهڻو آهن گهٽ، توکان سڀُ گل ڦُل.

......

ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان،

ڪنهن جي جذباتن جو جواب آهيان.

......

ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ،

اها رسم رکڻ، اختيار نه ڪر.

......

تنهنجو طالب مولا آهي، ٻئي ساڻ ڀلا ٻيو ڇاهي،

اچ قرب ۾ ڳاهي ماهي، سڀ لڳ لاڳاپا لاهي.

مٿان سندن ڪافين ۾ هڪ ڪرا، يَڪ سُرا، هم آواز ڪيترا ئي حرف لفظ ۽ محاورا به ته، ڪافين جي اندرين ترنم کي ٻيڻو ٽيڻو ڪندا ٿا نظر اچن. جيئن مثال طور.... ”سنگ دل، موم دل“..... ”محتسب مستي نه ڪر“،،، ”هر جا حاضر ناظر“..... ”غافل غفلت ڇڏ“...... ”ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين“، ”عجب عشق آهي اسان جو الستي“.... ”سڪندي سال ٿيا“.... ”ڪارا ڪارا ڪنڍڙا ڪنڍڙا“.... ”نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو“.... ”کسي دل کڻين وئين، ڪجل پائي ڪاني“... ”تيل ڦليل ڦڻيون ڦوڪارا“..... ۽ اهي سڀ ڇا ته ماکيءَ مصريءَ جي تڙن جهڙا محبوب مصراءِ آهن. مخدوم صاحب جن ذاتي حيثيت ۾ بي شڪ ته طريقت ۾ سهروري خاندان جا سجاده نشين، پر ’يا ڄمار‘ سندن محبتي مشرب ڪهڙو رهيو؟ اهو اسان کي پاڻ هنن لفظن ۾ ٻڌايو اٿن.....

سواءِ عشق جي ٻيو ڪو مذهب نه ملت،

اسان جي اها ئي عبادت سعادت.

ٻئي پاسي، هر عبادت ۽ رياضت بعد، هاڻي جيڪا منهنجي باقي زندگي بچي آهي، ان ۾ منهنجي لاءِ ته هر ڏکي گهڙي وقت يا ته ”نادِ علي“ جو ورد ۽ ان بعد، چپن تي جي ڪا ٻي دعا..... ۽ التجا..... ته اُها هيءَ ته آئون پاڻ کي مخدوم سائين جي هن شعر سان ڏڍ ڏيندي چوندو رهندو آهيان ته اي ميان نصير!

وقت مشڪل تون فقط مُشڪل ڪشا کي ياد ڪر،

دست- گيري، اُت علي المرتضيٰ پاڻهي ڪندو.

 

سيف الله خالد يوسفاڻي

عمرڪوٽ

 

 

 

 

زندگي، زهر ٿي پئِي آ وفا

ولي محمد وفا پلي جي غزل ۾ درد ڪٿائون

 

وفا شاعري جي ابتدا ان دور ۾ ڪئي، جيڪو دور غزل جي شاعري جو تابناڪ دور هو، ان دور ۾ سنڌي غزل کي روايتي انداز ۾ ان جي تقاضائن مطابق لکيو پئي ويو، اهو دور سنڌي غزليه شاعري جو سنهري دؤر سڏجي ٿو، جنهن دور ۾ سنڌي غزل جا استاد شاعر، شاعري جي اُفق تي روشن ستارن جيان ڇانيل هئا.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، گل حسن شاهه ’مجذوب‘، احسن الهاشمي، اسحاق راهي، محمد خان غني، محسن ڪڪڙائي، فيض بخشاپوري، معمور يوسفاڻي، ولي سروري، رشيد احمد لاشاري، احمد خان آصف، شعراءِ ٽکڙ ۽ ٻيا کوڙ سارا شاعر غزل جي شاعري ۾ پنهنجي استادانه حيثيت مڃائي چڪا هئا. ان دور ۾ وفا جهڙي اسرندڙ شاعر جي جاءِ ٺهڻ ڏاڍي مشڪل ڳالهه هئي ليڪن وفا پنهنجي استاد معمور يوسفاڻي جي مخلصانه تربيت، پنهنجي عظيم ڀائرن عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي ۽ راڄ محمد جمال جي علمي ادبي پرورش، مخدوم طالب الموليٰ ۽ سنڌ جي ٻين اعليٰ پايي جي اديبن ۽ شاعرن جي علمي ادبي صحبت ۽ خود پنهنجي فطري شاعراڻي صلاحيتن سبب اساتذه جي هجوم نِڪري نروار ٿيو، پنهنجي سڃاڻپ هڪ مستند غزل گو شاعر طور ڪرايائين ۽ ڏسندي ڏسندي تمام ٿوري وقت ۾ انهن استاد شاعرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو ۽ سندن هم پلئه شاعر طور مڃتا ماڻيائين ۽ سنڌي غزل جو مقبول ۽ معروف شاعر بڻجي ويو.

ان ۾ ڪابه شڪ ۽ گمان جي ڳالهه ناهي ته جنهن شاعر غزل کي سندس زمين ۾ عربي، فارسي ترڪيبن ۽ جملي فني گهُرجن مطابق ۽ عروضي اصولن تحت لکيو، ان شاعر کي شاعري ۾ عروج ۽ اعليٰ مقام حاصل ٿيو ۽ جن ماڻهن انهن شين کان ڪناره ڪشي ڪري غزل ۾ اڻ سونهندڙ تجربا ڪيا، تن کي ڪا خاطرخواه موٽ نه ملي سگهي.

’وفا‘ جي غزل کي جيڪا ڪماليت حاصل ٿي ان جو سبب به اهو آهي ته هن صاحب به غزل سان انصاف ڪيو، غزل جي فني ۽ فڪري تقاضائن کي سامهون رکي لکيو، تڏهن پاڻ ننڍيءَ ٽهيءَ کان ئي سنڌي غزل جو مقبول ترين شاعر بنجي ويو، تڏهن ئي ته سندس ڪنهن مداح شاعر پنهنجي محبوب جي سونهن کي وفا جي غزل سان ڀيٽيو آهي.

چنڊ تارن سان ڇو ڀيٽ تنهنجي ڪريان،

تون ته اهڙو حسين ڄڻ ’وفا‘ جو غزل.

’وفا‘ جي شاعري تي لکڻ وارن لاءِ سندس شاعري ۾ موضوعات جي ڪا ڪمي ڪونهي ۽ مون انهن موضوعن مان ”درد“ کي پنهنجي هن مختصر مضمون لاءِ چونڊيو آهي.

مون ’وفا‘ جي شاعري الائي ته ڪيترا ڀيرا پڙهي آهي ۽ ٻڌي آهي، مون کيس لفظ لفظ ۾ سراپا درد ۽ سِٽ سِٽ ۾ سورن جي تصوير ڏٺو آهي، سور کي اهوئي سمجهي جنهن جي ورونهن ئي سور بنجي وڃن ۽ جيڪو صبح شام دردن جي پيڙا ۾ پيڙجي. وفا پاڻ ان ڳالهه جو اظهار ڪري پيو ته:

سا پڙهڻ واري کي خبر ڪهڙي،

جو لکڻ واري ڀوڳيو هوندو.

وفا جي درد جون شدتون ته وفا ڄاڻي، پر پڙهڻ واري کي به سندس درد لوساٽي وجهي ٿو، وفا هڪ لمحي لاءِ درد کان فارغ ناهي، سورن ۽ غمن سان برسرِ پيڪار ’وفا‘ ڪڏهن انهن دردن کي پنهنجا اڪيلائي جا ساٿي بنائي دل ۾ وسائي ٿو، ته ڪڏهن وري انهن کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ سرگردان آهي، ڪڏهن غمِ حجران جي سمونڊ جي ڇولين ۾ غوطا کائيندو رهي ٿو ته ڪڏهن وري غم دوران جي درياهه ۾ لڙهندو پسجي ٿو:

هي بيڪسيءَ جا نغما،

هي حسرتن جا نوحا،

هي درد جا فسانا،

مايوسين جا ميلا،

آهيون ڪٿي اڪيلا.

-*-

غمِ دوران، غمِ جانان،

جيئڻ جو مشغلو آهي.

هجر و فراق جا هاڃا، دوستن جون بي وفايون ۽ ناروا رَوشون ۽ وقت وارن جون ستم ظريفيون ’وفا‘ کي سورن جي ماٽي ۾ ولوڙي ولوڙي جڏهن صفا جهوري وجهن ٿيون تڏهن سندس اندر جون ڪيفيتون مايوسين جي انتهائي حدن کي ڇهڻ لڳن ٿيون:

مون کي حاصل فنا کان پو يارو،

درد و غم کان مفر ٿئي شايد.

يا

ڪنهن ٿي ڄاتو وفا ڪو اينئن ٿيندو،

پاڻ کي پاڻ مارڻو پوندو.

پنهنجن ساهه سريکن ۽ همراز دوستن تان جان وارڻ واري ’وفا‘ جي دل تي جڏهن انهن دوستن ناروا سلوڪ ۽ بي وفائي جا وار ڪيا ته مٿس درد جا پهاڙ ٽُٽي پيا ۽ سندس ’وفا‘ تان صفا ويساهه ئي کڄي ويو:

هاڻي ڪونهي وفا جو دور ’وفا‘،

هي اڳوڻيون روايتون آهن.

هِن پيڪر وفا وٽ زبان تي دوستن لاءِ پوءِ به ڪا شڪايت ناهي، بس پنهنجي اندر جي پيڙا کي لڪائي ناهي سگهيو. ۽ يارن جي ڪج ادائن تي پاڻ روڪي نه سگهيو آهي ۽ روح جي سختي ۽ اندر جي تڪليف کانئس صرف ايترو چوائي ٿي ته:

دوستن جو سلوڪ ڇا چئجي،

دشمنن کان نه گهٽ هئا يارو.

-*-

وقت ڇا وارُ ڪري ويو يارو،

باوفا يار گهٽيا، بي وفا يار وڌيا.

-*-

وقت وارن جا وار سهبا پر،

دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.

’وفا‘ محبتن جو پرچار ڪندڙ انسان ۽ ڪوڙ ڪُپت ۽ دوکي کان صفا اڻڄاڻ، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر، وفائن ۾ يقين رکندڙ ۽ دوستي کي ايمان سمجهندڙ ۽ بي غرض، سچو ۽ مخلص ماڻهو جڏهن دوستن جي مطلب پرستي کان آشنا ٿئي ٿو ته بجاءِ شڪوه شڪايت جي خود انهن جي دوستي کان الڳ ٿي ٿو وڃي:

پنهنجي مطلب پرست يارن جي،

دوستي کان نجات چاهيون ٿا.

دل وارن جي دوري، ۽ وقت وارن جي بيقدري جي دردن جڏهن سندس دل ۾ ديرا ڄمائي، وجود کي وڻ ويڙهي وانگر ويڙهي ورتو ته کانئس سک ۽ قرار رُسي ويندو رهيو، زندگيءَ جون سموريون آسائشون ۽ راحتون ميسر هوندي به خوشيون کانئس ڪوهين ڏور وينديون رهيون ۽ خوبصورت خماريل اکين مان ننڊ موڪلائي وئي ۽ اوجاڳا ۽ بيقراريون سندس ڏاج بڻجي ٿا وڃن:

تنهنجي يادن کان ڇوٽڪارو ناهه،

خاڪ سک سان اي يار سمهنداسون.

-*-

سوزشِ دل به دوستو گهٽجي،

گهٽجي غم جو غبار سمهنداسون.

غم هجران جا ڪرب و بلا، سوزشِ جگر ۽ نينهن جا ناسور جڏهن کيس دردن جي گهاڻي ۾ پيڙڻ لڳن ٿا تڏهن به ’وفا‘ جو حوصلو سورن کي هارائڻ ۽ قرار حاصل ڪرڻ لاءِ پُراميد نظر اچي ٿو:

ڪيسين جاڳائيندين غمِ هجران،

نيٺ زير مزار سمهنداسين.

کيس خبر آهي ته سندس چاره گر موٽي اچڻو ناهي پر پوءِ به ان جي راهه ۾ اکيون اٽڪائي سراپا انتظار آهي:

هن شهر ۾ وفا نه آهي ڪو،

تنهنجو همدرد يار ڇا ڪريان.

-*-

ڪوبه ايندو نه ريگرزان ۾،

راهه ڪنهن جي وفا نهاري ٿو.

ڏکن ۽ سورن جا سلسلا ڪيترا به طويل ڇو نه هجن پر ’وفا‘ جو حوصلو انهن کان گهڻو مضبوط، پاڻ ڪٿي به زندگي کان مايوس نظر نه ٿو اچي ۽ خوشين کي پنهنجائڻ لاءِ پُرعزم آهي:

غم جي تمهيد ڀَلُ هجي به کڻي،

پر خوشي ڪا ڇڏڻ جي شيءِ آهي.

-*-

اي وفا ڪجهه ته اڃان جي ڏسجي،

من ڏسون منهن ڪو مسيحائن جو.

زندگي ڇا آهي؟ ’وفا‘ چوي ٿو:

اي مسرت پسند انسانؤ،

زندگي دشتِ ڪربلا آهي.

’وفا‘ عشق کي ڪيئن پروڙيو، پرکيو ۽ عاشقي ۾ ڇا حاصل ڪيو؟ پاڻ ’وفا‘ ٻڌائي ٿو ته:

دردِ غم جو آ يار مجموعو،

عشق ۾ هونديون لذتون ڪهڙيون.

جڏهن زندگي جو ساز شڪسته ٿي وڃي ۽ راحتون رنج ۾ تبديل ٿي وڃن ته پوءِ دعا به بيڪار ته دوا به بيڪار:

ڪيترا نغما ويا ٿي نذرِ غم،

زندگاني جو شڪسته ساز آ.

-*-

زندگيءَ جي دعا نه ڏي مون کي،

اي مسيحا شفا نه ڏي مون کي،

آرزو کان سوا نه ڏي مون کي،

دردِ دل جي دوا نه ڏي مون کي.

حقيقت پسندي ۽ سچائي جو قائل وفا، غير سان شڪايت ڪرڻ جي بنهه حق ۾ ناهي وٽس غير جي حيثيت غير کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي، توڙي جو غيرن کان اڻ ڳڻيا درد پرايائين. کيس پنهنجن جي جهوري ئي جهوريو ٿي ڇڏي.

اٿئون جي غم ته پرين تنهنجي ڪج ادائي جو،

زمانو غير هو، غيرن تي ڪا ميار آهي.

هر ساعت وصل جي اُميد تي هجر جي نذر ڪري، راتيون جاڳي حسرتن ۽ آرزوئن جي شمع کي رت جي ڳوڙهن سان روشن رکي، سراپا انتظار جي ڪيفيت ۾ جيئڻ ته ڪير ’وفا‘ کان سکي:

ٿي ميسر نه وصل جي ساعت،

شام هجران هزار بار آئي.

-*-

آرزوئن جون تربتون آهن،

دل ۾ ڪيڏيون نه حسرتون آهن.

-*-

هاڻ دل جو علاج ڇا ڪريان،

حسرتن جو مزار آ پيارا.

دنيا جي اها ڪهڙي جاءِ آهي، اهو ڪهڙو گوشو آهي جتي درد وارن کي محبوب جي گهٽي جي ياد نه اچي، ياد جو درد آهه بنجي نه اڀري.

ڪنج زندان ۾ درد مندن کي،

ڪوءِ جانان جي ياد آئي آ.

شدتِ درد ۾ وحشتِ دل جو هي عالم جو بي سرو ساماني جي حال ۾ دشت پيمائي ۽ رڻ پٽن جي رولاڪي ياد اچڻ، ’وفا‘ ٿورن لفظن ۾ ڇا ته تصوير ڪشي ڪئي آهي:

دل جي حالت فزون فزون آهي،

دشتِ ويران جي ياد آئي آ.

’وفا‘ جو چاره گر کي داستانِ درد ٻڌائڻ سندس لاءِ باعث درد بڻيو:

فسانه درد ٻڌي ڀي، وري خفا ٿيندو،

نه خبر هئي ته ستم هينئن به رونما ٿيندو.

پوءِ به دردن جي گهاڻن ۾ پيڙجندڙ ۽ ڏکن جي ڏئون ۾ جلندڙ ’وفا‘ سراپا صبر ۽ لب بسته آهي ۽ ضبطِ فغان سان غمن جون شامون گذاري پيو.

خوگرِ درد وفا، صبر سوا ڪجهه به نه آ.

-*-

شامِ غم جي لڄ رکي ضبط فغان،

رات دل مان باراتِ الم گذري وئي.

مون ’وفا‘ صاحب کي زندگي ۾ ڪڏهن به شڪسته دل نه ڏٺو، منجهس ڪمال جو حوصلو ڏٺو، سدائين سورن کي سيني ۾ لڙڪن کي اکين لڪائي، چپن تي مرڪون سجائي جيئندي ڏٺو، ’وفا‘ جي زنده دلي اهو ڪڏهن به گواره نٿي ڪري ته هو دنيا وارن جون همدرديون وٺي پاڻ کي قابلِ رحم بنائي ڇڏي. جڏهن به ڪنهن ساڻس سور ورهائڻ ۽ آٿتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ’وفا‘ ان کي پنهنجي سيني جون وسعتون ڏيکاري چپ ڪرائي ڇڏي:

منهنجي غم ۾ اُداس ٿي نه پرين،

منهنجي سيني ۾ دم گهڻو آهي.

ڇو ته ’وفا‘ چاره گر و مسيحا کان بڻجي سورن کي شڪسته ڪرڻ لاءِ زندگي جي زهر کي امرت بنائي پي ۽ جي رهيو آهي:

ويڄ  آهي نه ڪوئي پنهنجو وفا،

ڪنهن سان رنج و محن جي ڳالهه ڪجي.

-*-

تشنهءِ ڪام ازل آهي ’وفا‘،

ناهه ڪو ڪار ساز ڪنهن کي چئون.

-*-

دشتِ غربت ۾ دردمندن لئه،

ڪونهي ڪو غم گسار موٽي آ.

-*-

موت خود ويو مري شبِ هجران،

زندگي ڀي نراس آ پيارا.

’وفا‘ صاحب پنهنجي وڏن ڀائرن خانصاحب عبدالرحمٰن، عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي ۽ عبدالرحيم عرف راڄ محمد جمال جي محبتن ۽ شفقتن جي هنجن ۾ پلجي وڏو ٿيو، پر جڏهن انهن عظيم شفيق ڀائرن جو ڇانورو هڪٻئي پٺيان سندس سِر تان کڄي ويو ته ’وفا‘ واريءَ جي محل جيان ڀُري پٽ پئجي ويو. طويل عرصي جي لب بستگي کانپوءِ جڏهن لب ڪشائي ٿي ته هينئن ٿي:

پهرين عبدالرحمٰن

پوءِ ڪريم، رحيم به هليا

ساڳئي ماڳ مڪان

-*-

تو ٽوڙي ’وفا‘ جي دل اي ڪريم،

ڇا لاءِ ڇڏيئي ويچارن ۾.

وڻجارن کي پنهنجي ماڳن مڪانن تي نه پسي سندن وٿاڻ خالي ڏسي ’وفا‘ جو اندر صفا جهڄهي جُهري پيو:

واٽون ويڙها ساڳيا ليڪن،

وڻجاري جي واس کان خالي.

’وفا‘ حقيقت پسند انسان آهي، ’وفا‘ قول ۽ فعل ۾ تضاد کان پاڪ انسان آهي، ’وفا‘ جيڪو شاعري ۾ آهي، عملي زندگي ۾ به اُهوئي آهي، ’وفا‘ اِهو سچو سون آهي جيڪو سورن ۽ دردن جي کُوري ۾ جلي جلي ڪُندن بڻجي ويو. ضبط فغان جو عملي نمونو جهڙو مون ’وفا‘ کي ڏٺو، اهڙو ڪنهن کي به نه ڏٺو، لُڙڪن جو وهڻ ته فطري عمل آهي پر درد جي طوفانن ۾ لُڙڪن جي سيلاب کي روڪڻ جو حوصلو ۽ ڪمالِ هنر مون صرف ’وفا‘ صاحب ۾ ڏٺو، اهو به تڏهن جڏهن ڪريم پلي جي وفات ٿي سڄي سنڌ ۽ خصوصاً نارو پٽ ماتم ڪده بڻيل هو، هر طرف آهه بقا اشڪن جي برسات هئي، ان حال ۾ ’وفا‘ پنهنجي لبن کي بستگي جي مهر هئي پنهنجي اکين کي ريگزارن وانگر خشڪ ڪري ڇڏيو ۽ همدرديون وصول ڪرڻ بجاءِ اکين ئي اکين ۾ راڄن کي آٿتون ۽ دلاسا ڏيندو رهيو، ’وفا‘ ڏکن جا سمونڊ ائين پي ويو ڄڻ ساڻس ڪجهه ٿيو ئي ناهي، درد کي اهڙي ته شڪست ڏنائين جو درد خود محوِ حيرت رهجي ويو هوندو، اهوئي حال راڄ محمد جمال جي وڇوڙي تي به هوس، سورن کي هارائي ’وفا‘ پوءِ به جيئندو رهيو، اِهوئي ’وفا‘ ۽ اُهي ئي سندس وفائون يارن دوستن ۽ اوڙي پاڙي سان.

’وفا‘ کي تعريف ۽ خوشامد کان سخت چِڙ ۽ شهرت ۽ وڏ ماڻهپي جي نمود و نمائش کان سخت عار، سندس يارن دوستن سان نباهه، حاجت وارن سان همدرديون اوڙي پاڙي سان فياضانه سلوڪ به پس پرده ساڄي هٿ جو ڪيو کاٻي هٿ کان لڪائڻ ۾ يقين رکندڙ انسان. علمي ادبي دوستن لاءِ وسيع ۽ ڪشادو هٿ رکندڙ ’وفا‘ سچ پچ ته پنهنجي نالي وانگر وفائن جو مجسمو ۽ مظهر هئو.

’وفا‘ جي شاعري ۽ فن تي ته ڪو صاحب فن ماڻهو ئي ڪا سٺي ڄاڻ ڏئي سگهي ٿو، باقي مون کي اها ذاتي طرح خبر آهي ته ’وفا‘ انهن شاعرن مان ئي نه هئو جيڪي شعر لکي پوءِ ان جي بحر وزن جي جاچ پڙتال پيا ڪندا ۽ لفظن جي مٽا سٽا پيا ڪندا.

’وفا‘ کي شعر جي فن تي اهو عبور ۽ ڪمال حاصل آهي ته هن جيڪو به لکيو ان کي رَندي هڻڻ جي ضرورت محسوس ڪونه ڪيائين. اِها سندن فن جي پُختگي ۽ فڪري ڪماليت جي علامت آهي.

وفا طويل گوشه نشيني بعد جڏهن ڊاڪٽر اسد جمال جي اسرار تي ٻيهر علمي ادبي مجلسن ۽ مشاعرن ۾ واپس آيو ته ڄڻ ادبي دنيا ۾ بهار اچي وئي، ادبي حلقن ۾ خوشيون ۽ علمي ادبي دوستن جي چهرن تي مُرڪون ۽ رونقون اچي ويون.

اهو ’وفا‘ ئي آهي جيڪو پنهنجي اساتذه جي دور ۾ به استاد شاعر هو، پنهنجي همعصر شاعرن جي دور ۾ به غزل جو استاد شاعر رهيو. سنڌ شاعرن سان ڀري پئي آهي پر مون کي عصرِ حاضر ۾ سندس هم پلهءِ غزل گو شاعر سُجهي ئي ڪونه توڙي جو سنڌي ۾ سٺو غزل لکڻ وارا اڄ به تمام گهڻا شاعر موجود آهن، گهٽ ۾ گهٽ آئون ته اهوئي چوندس ته ’وفا‘ هن دور جو تمام وڏو غزل گو شاعر آهي.

هاڻي ’وفا‘ صاحب جي وفات بعد به سندس شاعري جو ڇپيل ڪتاب ’درد هزارين هڪڙي دل‘ پڙهجي ٿو يا ڪڏهن ريڊيو تان ڳايل سندس ڪو ڪلام سماعتن تائين پهچي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ’وفا‘ اسان سان گڏ ويٺو آهي، اڃا به ’وفا‘ صاحب جو هڪ ڪتاب جيترو مواد اڻڇپيل موجود آهي، ۽ هڪ ڪتاب سٺ واري ڏهاڪي ۾ ”لونءَ لونءَ منجهه لغار“ جيڪو هاڻي اڻلڀ آهي، اگر ڇپجي اچن ته ’وفا‘ صاحب جي چاهيندڙن کي گهڻي سرهائي ٿيندي:

جي ورڻ جي ڪرين، ته به بهانا گهڻا،

جي نه موٽي ورين، ته به بهانا گهڻا،

اڄ اچڻ جي ڪرين ته به بهانا گهڻا،

جي سڀاڻي پرين، ته به بهانا گهڻا.

(وفا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org