مرتب: ڀائو در محمد ٻرڙو
تبصرو: پروفيسر منظور ڇڄڙو
لاڙڪاڻو
ڏاڙهيارو
جبل (ڪُتي جي قبر)
ڪجهه سچايون ۽ حقيقتون سيني به سيني ايندڙ نسلن
ڏانهن منتقل ٿينديون رهنديون آهن، جيڪي اڳتي هلي
جڏهن ڪتابي صورت اختيار ڪنديون آهن ته اهي ريڪارڊ
جي صورت وٺنديون آهن ۽ پوءِ اهي تاريخ جو حصو بنجي
وينديون آهن. مثال طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جهرجهنگ وڃي لوڪ ادب هٿ ڪيو پوءِ ان کي لوڪ ڪهاڻين
جي صورت ۾ ڇپرائي تاريخ جو حصو بنايو، اهڙي طرح
لطيف سرڪار جي شاعريءَ کي جيڪڏهن تمر فقير گڏ نه
ڪري ها ۽ ان کي ڪتابي صورت نه ملي ها ته اهو انمول
خزانو اسان تائين پهچي نه سگهي ها. سنڌ ڌرتيءَ جا
ناياب خزانا ريڪارڊ نه هجڻ ڪري اهي ڌرتيءَ جي دز ۾
دفن ٿي اسان جي نظرن کان اوجهل آهن ۽ اسين انهن
تائين پهچي نه سگهيا آهيون، سنڌ جي اوائلي تاريخ
جيڪا هزارين سالن تي ٻڌل آهي، تنهن جو ڪوبه اَتو
پتو ڪونهي، صرف راءِ گهراڻي کان پوءِ جي تاريخ ملي
سگهي آهي، جيڪا به اڻپوري آهي. حالانڪه سنڌ جو
عظيم ورثو موهن جو دڙي جي صورت ۾ اسان آڏو ڪر کنيو
بيٺو آهي، جيڪو پڻ اسان جي لاءِ هڪ وڏي ڳجهارت
بڻيل آهي، جنهن جي حقيقت اڃا پردي هيٺ آهي.
جيڪا شيءِ ڪڏهن بي مُلهي ۽ ڪنهن ڪم جي نه سمجهي
ويندي آهي ته ان جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ان وقت ڪوبه
تيار نه هوندو آهي، پر جڏهن ان شيءِ جا اڻ مَيا
خزانا ظاهر ٿيندا آهن ته پوءِ دوست دشمن، ڏيهي ۽
پرڏيهي سڀ مالڪيءَ جا دعويدار ٿي پوندا آهن، اڄ
اها ساڳئي صورتحال ڏاڙهياري جبل جي آهي، اسين
انتهائي ٿورائتا آهيون محترم ڀائو درمحمد ٻرڙي،
محترم سليم رضا کهڙو ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ محترم
جاويد علي جاگيراڻي ڊپٽي ڪمشنر ضلعو قنبر-
شهدادڪوٽ جا جن پنهنجين ڪاوشن ذريعي هڪ تاريخي
دستاويز ’ڏاڙهيارو جبل- ڪُتي جي قبر‘ جي نالي سان
ڪتاب ڏيئي سنڌ جي تاريخ ۾ ريڪارڊ طور محفوظ ڪري
سنڌي قوم تي احسان ڪيو آهي. اسين سندن ڪوششن کي
عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ هن بهترين ڪم تي کين
سلام پيش ڪريون ٿا.
هيءُ ڪتاب قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل
سوسائٽيءَ پاران ڇپائي آگسٽ 2019ع ۾ پڌرو ڪيو آهي،
اداري پاران اعزازي سيڪريٽري دين محمد ڪلهوڙي
وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ”ڏاڙهياري جبل ۽ ڪُتي جي
قبر متعلق تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ خاص
مقالا جڳ مشهور محققن شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ
۽ محترم ايم.ايڇ پنهور جا پڻ شامل آهن.“
هن ڪتاب جو مهاڳ ڀائو درمحمد ٻرڙي چيئرمين قنبر-
شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو لکيل آهي، هن
جي مهاڳ جو عنوان آهي ’ڏاڙهيارو جبل- ڪُتي جي قبر،
سنڌ جو جاگرافيائي اٽوٽ حصو‘ مهاڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي
ته انگريزن جي دور ۾ ڪُتي جي قبر کي سنڌ جي حد
مقرر ڪندي سنڌ بلوچستان جو دنگ ظاهر ڪيو هو، جتي
هڪ پڪي دِڪي ٺاهي، اُتي هڪ بانس جو وڏو لڪڙو هڻي
ڇڏيو هو ۽ ڪاغذ اِن دِڪي ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا، پر
مقامي ماڻهن ان ۾ لڪل دولت سمجهي کوٽي برباد ڪري
ڇڏيو. 1861ع ۾ انگريز سرڪار سنڌ جي حد ۾ هڪ ريسٽ
هائوس تعمير ڪرايو هو، هن وڌيڪ لکيو آهي ته
”بلوچستان جا ڪجهه ماڻهو غلط پروپيگنڊا ڪري ان کي
بلوچستان جو حصو ڪوٺي رهيا آهن، جيڪي نسلن پاڻ به
سنڌي آهن، پر ميرزا قليچ بيگ ۽ ايم.ايڇ پنهور جا
تحقيقي مقالا ۽ انگريزن جي ڪيل حدبنديءَ ان کي
قنبر جي حد تسليم ڪيو آهي.“ هن پنهنجي مهاڳ ۾ سنڌ
سرڪار کي ڪجهه تجويزون ڏنيون آهن جن مطابق راهوجي
آنئٺي کان ڪُتي جي قبر تائين پڪو روڊ ٺاهيو وڃي،
جيڪو ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽر مس ٿيندو، سنڌ حڪومت
پنهنجين حدن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خاردار تارون لڳائي
حد مقرر ڪري ڇڏي ۽ بلوچستان حڪومت کي ريڪارڊ پيش
ڪري حد جو نبيرو صلح ۽ امن سان ڪيو وڃي.
هن ڪتاب ۾ ڪل نَوَ مقالا يا مضمون لکيل آهن، جن جو
مختصر احوال ڏجي ٿو:
(1) ڏاڙهياري جبل جو سير (ميرزا قليچ بيگ):
هيءُ مضمون 1885ع ۾ ان وقت لکيو ويو جڏهن ميرزا
صاحب نصيرآباد ۾ مختيارڪار هو، هن علائقي کي
انگريزن هِل اسٽيشن بنائڻ پئي گهريو، پر نامناسب ۽
ڏکئي پهاڙي علائقي هجڻ ڪري ان منصوبي تي عمل نه ٿي
سگهيو. ميرزا صاحب اهڙي ڏکئي صورتحال ۾ ان جو
جائزو وٺڻ لاءِ سفر تي نڪري پيو.
تاريخ 6 جون 1885ع تي وارهه کان روانا ٿيا، هن
ناهموار ۽ اڻانگي رستي جو ذڪر ڪيو آهي، ان
کانسواءِ مختلف هنڌن جو ذڪر ڪيو آهي. مثلاً
بدربان، ڪڪريو، مزاراڻي نئن، ڪاٺي لڪي ٽڪر، ڇني
بٺي، ڪرڻا واري لڪي، پيرا جا مڪان، اونهڙ جي ڏاٺ،
زال لڪڙي، صفر طوق، ڍوري جو وات، نئن دلان، ڪڙوال
جي ڏيوري بادار جي ڏيوري، ليهڙي جي ڍوري، زرد جبل،
پينئري جو جبل ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جڳهون، نيون ۽
چمشا هئا جن جو ذڪر هن ڪيو آهي، آخرڪار هو 10 جون
تي ڪُتي جي قبر تي پهتا. افسوس جي ڳالهه آهي سوا
سؤ سال گذرڻ کان پوءِ 15-16 ڪلوميٽر رستو ٺهي نه
سگهيو آهي. جيڪڏهن اهو رستو ٺهي پوي ته چئن ڏينهن
بجاءِ 15-20 منٽن ۾ غيبي ديري کان ڪُتي جي قبر
تائين پهچي سگهجي ٿو، ان کان سواءِ هيءَ بهترين
هِل اسٽيشن ٺهي سگهي ٿي، جتي اونهاري جو ماڻهو
اُتي وڃي ڪوهه مريءَ جهڙو مزو وٺي سگهن ٿا.
(2) سنڌ ۾ اونهاري لاءِ صحت افزا جابلو ماڳن مڪانن
جي ڳولا (ايم.ايڇ پنهور):
هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ پنج جابلو چوٽيون
آهن، جن جي اوچائي سمنڊ کان هن ريت آهي: ڏاڙهيارو
جبل 6500 فوٽ، ڪُتي جي قبر 6877 فوٽ، ڊبلائي 6527
فوٽ، مري ٺل 7122 فوٽ ۽ داد 6718 فوٽ آهي، جتي ٿڌ
تمام گهڻي آهي ۽ انهن پنجن ئي جڳهن تي هِل اسٽيشن
ٺاهي سگهجن ٿيون. ۽ ميون جا باغ پڻ لڳائي سگهجن
ٿا. پنهور صاحب 1954ع ۾ اُتي ويو هو، هن ٻڌايو ته
مئي مهيني ۾ ڪُتي جي قبر وٽ 65 ڊگريون فيرانائيٽ ۽
ساڳئي ڏينهن ميهڙ ۾ گرميءَ جو درجو 118 درجا
فيرانائيٽ هو. 50 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڪيڏو وڏو فرق
آهي، پر سنڌ ۽ پاڪستان جي حڪومتن هن جي ترقي ۽
واڌاري لاءِ ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا، جڏهن ته
1927ع ۾ ان وقت جي ڪمشنر ليلر، جارج هينڊرسن
1861ع، ميرزا قليچ بيگ 1885ع، ڊبليو ايڇ لوڪس
1910ع، واٽسن اي.ايڇ 1916ع ۽ والوچ اُتي ويا ۽
ريسٽ هائوس قائم ڪيائون.
(3) ڪُتي جي قبر- ڏاڙهياري جبل جو سير (ڀائو
درمحمد ٻرڙو):
هن ٻڌايو آهي ته ننڍي هوندي کان ڪُتي جي قبر کي
ڏسڻ جو شوق هو، جيڪو تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ به
پورو نه ٿي سگهيو. 2016ع ۾ مون ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي،
پر ناڪام رهيس. منهنجو اهو خواب ڪمشنر لاڙڪاڻو
محترم سليم رضا کهڙي ۽ جاويد علي جاگيراڻي ڊپٽي
ڪمشنر ضلعو قنبر- شهدادڪوٽ جي مهربانين سان 28
اپريل 2019ع تي ساڀيان ٿيو. اسين صبح جو سوير قنبر
کان ميرو خان، سجاول جوڻيجو، قبو سعيد خان، ونگو
چاڙهي، بولاني چاڙهي ڏيئي ڪرخ کان ڏکڻ طرف جبل جو
رستو وٺي ڪُتي جي قبر تي پهتاسين، هي هنڌ قنبر شهر
کان اولهه طرف 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
ڏاڙهياري جبل جي وٽ ۾ ٽي ڪلوميٽر هم چورس سڌو
ميدان هو، جتي ساوڪ ئي ساوڪ هئي. هتي بهترين تفريح
گاهه ٺهي سگهي ٿو. ڏاڙهياري جبل جي ڀر ۾ هيٺيان
قبيلا يا ذاتيون رهن ٿيون، ڇُٽا، گانئچا، چانڊيا،
مگسي، ٻرڙا، لوهاڻي، لنڊ، مري، بگٽي، بوزدار،
لاشاري، گبول، برفت وغيره. هنن سمورن ماڻهن جو گذر
سفر مال پالڻ تي آهي. هن ڪجهه تجويزون به ڏنيون
آهن. جن مطابق غيبي ديري کان ڏاڙهياري جبل تائين
پڪو رستو ٺهرايو وڃي. هِل اسٽيشن ۽ ريسٽ هائوس
قائم ڪيا وڃن. بلوچستان حڪومت کي پراڻو رڪارڊ
ڏيکاري ثابت ڪيو وڃي ته علائقو سنڌ جو آهي ته جيئن
سنڌي بلوچن وچ ۾ قائم صديون پراڻو دوستيءَ وارو
رشتو برقرار رهندو اچي.
(4) ڪُتي جي قبر لاءِ انگريزن به لکيو ته اها سنڌ
آهي (آصف رضا موريو):
هن لکيو آهي ته ننڍي هوندي کان پڙهندو ۽ ٻڌندو هيس
ته هن علائقي تي پرين جا آستان آهن، انهن کي جاچڻ
لاءِ مون اُتي راتين جون راتيون گذاريون، پر
بگهڙن، گدڙن، مِرن، جهنگلي ٻلن ۽ سهڙن کان سواءِ
ڪا شيءِ نظر نه آئي.
ريڪارڊ پيش ڪندي هن ٻڌايو آهي ته 1857ع ۾ اسٽينلي
نيپئرريڪس پنهنجي لکيل ڪتاب ’فوڪ ٽيلس آف سنڌ اينڊ
گزارٽ‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾
پنهنجي ڪتاب ’تقريرون ۽ تحريرون‘ ۾ لکيو آهي ته هي
علائقو قنبر تعلقي جي حد ۾ آهي. 1861ع ۾ جارج
هينڊرسن ۽ 1862ع ۾ مسٽر بولٽن سروي ڪري هن جو ذڪر
سنڌ سان ڄاڻايو آهي ۽ 1876ع ۾ گرميون گذارڻ لاءِ
هتي سينٽوريم ٺهرايو. 1940ع ۾ ايڇ.ٽي لئمبرڪ جيڪب
آباد کان غيبي ديري نواب صاحب جي دعوت تي آيو ته
هن علائقي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي سفارشون
ترتيب ڏنيون. هن پنهنجي ڪتاب ’سنڌ- هڪ عام جائزو‘
۾ ڪوهستاني حصي ۽ ڪُتي جي قبر کي سنڌ جو حصو
ڄاڻايو آهي، آرڪيالاجيءَ جي ماهر اين.جي.مجمدار
پنهنجي ڪتاب ’ايڪسپوريشن ان سنڌ‘ ۾ کيرٿر جي
علائقي کي سنڌ جو اهم جابلو حصو لاڙڪاڻي جي ضلعي
جي تعلقي قنبر جو حصو ڄاڻايو آهي. هن اهو به ٻڌايو
آهي ته اُتي جي جڳهن، وڻن ۽ ٻوٽن تي رکيل نالا به
سنڌي آهن. جهڙوڪ: ڪُتي جي قبر، کيرٿر، اڇو جبل،
ڇڇانگي، درياڙو، سَرَ، ٻوڙا، لوهيڙا وغيره.
(5) ڪُتي جي قبر (ستار هَڪڙو):
هن لکيو آهي ته ڪُتي جي قبر جو پهاڙي سلسلو سنڌ ۾
سڀ کان اوچائيءَ واري جاءِ تي آهي، هتي سراسري
گرمي پد اونهاري ۾ 20 کان 32 ڊگريون سينٽي گريڊ ۽
سياري ۾ 2 کان 10 ڊگريون سينٽي گريڊ رهندو آهي، هي
علائقو 3 ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آيو، ڪُتي بابت ڪٿا
پڻ شامل ڪئي اٿائين.
جنهن موجب ڪُتو گائنچن جو هو، جيڪو هن دوست کي ڏنو
هو، هڪ ڏينهن اصلي مالڪ ڏانهن ايندو ڏسي کيس غدار
سمجهي گهٽ وڌ ڳالهايو ته ڪُتو ان وقت ان هنڌ تي
مري ويو. مالڪ ڏاڍو لڄي ٿيو، جڏهن هن جي ڳچيءَ ۾
ٻڌل چٺي پڙهيائين، جنهن ۾ لکيل هو ته چورن منهنجي
چوري ڪئي ۽ اها کڏ ۾ پوريائون، جيڪا هن وفادار
ڪُتي ڪڍي آڻي ڏني، ان جي خوشيءَ ۾ ڪُتو اوهان
ڏانهن موڪليان ٿو. هن جي وفاداريءَ تي کيس ان
ڳالهه تي دفن ڪيو، هن وڻن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي
ته هتي فيش، ڪهو، لوهيڙا، کٻر، ڄار، لئو، ڪرڙ،
ڪنڊي، ٻٻر، اَڪ، ڄاڳرا ٻير ۽ ٻيون ڪيتريون ئي
ٻوٽيون ٿين ٿيون. پالتو جانورن ۾ ڳئون، ٻڪريون،
رِڍون پاليون وڃن ٿيون ۽ جهنگلي جانورن ۾ سرهُه،
گَڊ، چراخ، چيتو، لومڙ، بگهڙ، گدڙ، سهو، جهنگ ٻلو،
چمڙو، نانگ وغيره ٿين. پکين ۾ باز جا مختلف قسم،
چٻرو، ڳيرو، تلور، تِتر، جهنگلي ڪبوتر يا پاريهر
وغيره ٿين ٿا. هتي جا ماڻهو برسات ٿيڻ کان پوءِ
ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر، تِر ۽ مختلف سبزيون پوکين ٿا.
هن اُتي پهچڻ جا ٻه رستا ٻڌايا آهن، پهريون قنبر
کان اُلهندي پاسي مرزاڻي (دارا) گيس فيلڊ تائين 45
ڪلوميٽر پڪو رستو ٺهيل آهي. ان کان پوءِ
30
ڪلوميٽر ڪچي سڙڪ ٺهيل آهي، جيڪا دارا لڪ ڏيئي
راهوجو آنئٺو ڳوٺ، سيتا جي ڏاٺ، ۽ ٻير جي ڪنب کان
ٿيندو ڪاري جبل تي پهچي ٿو، ٻيو رستو ميهڙ کان شاه
گودڙئي تائين 45 ڪلوميٽر پڪو روڊ آهي، جتان انهڙ
نئن تائين 25 ڪلوميٽر ڪچو رستو آهي، جتان پينئڙو
لڪ 20 ڪلوميٽر ۽ اُتان ڏاڙهيارو جبل 10 ڪلوميٽر جي
پنڌ تي آهي. قنبر واري رستي سان جيڪڏهن سيتا جي
ڏاٺ کان 10 ڪلوميٽر پڪو رستو ٺهي پوي ته قنبر کان
ٽن ڪلاڪن ۾ ڏاڙهيارو جبل ۽ ڪُتي جي قبر تي پهچي
سگهجي ٿو.
(6) قنبر ضلعي جو تاريخي ۽ جابلو
ماڳ
’ڪُتي جي قبر‘ (آصف رضا موريو):
هن مضمون ۾ ليکڪ ٻڌايو آهي ته هڪ زماني ۾ سنڌوءَ
جون ڪجهه شاخون هاڪڙو ۽ واهندو ڪاڇي واري علائقي
مان گذرنديون هيون، هن سنڌ کي ٽن قدرتي حصي ۾
ورهايو آهي پهريون ٿر، ٻيو ڪشمور کان عربي سمنڊ
تائين وارو علائقو ۽ ٽيون ڪوهستان جو پهاڙي علائقو
آهي، جيڪو بلوچستان جي خضدار، قلات ۽ لس ٻيلي کان
سنڌ کي جدا ڪري ٿو. سنڌ جي هيءُ علائقو قبو سعيد
خان قنبر، ميهڙ ڪي.اين.شاهه جوهي کان هلي دادو،
سيوهڻ، مانجهند، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولاخان کان ٿيندو
ڪراچيءَ ۾ ختم ٿئي ٿو. هي جابلو حصو ڪوهه سليمان
جي سلسلي مان نڪري ٿو، سنڌ ۾ ڪڪريو، ڪارو ۽
ڏاڙهيارو نالن سان پهاڙي علائقا آهن، جيڪي کيرٿر
جبل جي سلسلي جا جبل آهن.
هن قنبر متعلق ڪافي ڄاڻ ڏني آهي، جنهن مطابق قنبر
جي عمر اڍائي ٽي سؤ سال آهي، هن جو بڻياد، ڪلهوڙا
دور ۾ پيو، آدمشماري 1961ع ۾ پندرهن سورهن هزار
1974ع ۾ ساڍا چوٽيهه هزار ۽ 1981ع ۾ 45 هزارن تي
پهتي.
انتظامي لحاظ کان 1862ع ۾ انگريزن هن کي تعلقي جو
درجو ڏئي شڪارپور ضلعي ۾ شامل ڪيو. 1901ع ۾ جڏهن
لاڙڪاڻو ضلعو ٿيو ته هن ۾ شامل ڪيو ويو. 13 ڊسمبر
2004ع تي قنبر ضلعو بڻايو ويو، جيڪو سياست جي ور
چڙهي قنبر- شهدادڪوٽ ٿي ويو. هن ۾ قنبر، قبو سعيد
خان، شهدادڪوٽ، سجاول جوڻيجو، ميرو خان، وارهه ۽
نصير آباد تعلقا آهن.
هن ضلعي جي زمين 75 سيڪڙو زراعت لائق آهي پر فقط
35 سيڪڙو تي زراعت ٿئي ٿي. 15 سيڪڙو جابلو علائقو
آهي، 10 سيڪڙو ڪاڇو آهي، جيڪو برسات پوڻ کان پوءِ
زراعت لائق بنجي ٿو. باقي علائقن ۾ ڍنڍون ۽ ڍورا
آهن، جنهن ۾ هاسو، بڊام، حمل، ساروهه، چڱڙو، ڊرگهه
۽ لنگهه مشهور ڍنڍون آهن.
ڪوهستاني حصي ۾ گئس، پيٽرول، سنگ مرمر، چاڪ، چوني
جي پٿر، جپسم، شيهو، لوڻ، ڪوئلو، گندرف ۽ ٻين
قيمتي پٿرن سان مالامال آهي. ان کانسواءِ هن
وفادار ڪُتي جي لازوال ڪهاڻي به آهي جيڪا اڳين
مضمونن ۾ اچي چڪي آهي.
(7) ڏاڙهيارو جبل ۽ ڪُتي جي قبر (ڪامريڊ ولي محمد
مڱڻهار):
هن مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن هنن ٻنهي
علائقن لاءِ هلِ اسٽيشن، بجلي ۽ رستي جو بندوبست
ڪيو وڃي ته بهترين ٿڌو تفريحي مقام ٺهي سگهي ٿو،
ڪوهه مريءَ جهڙو مزو هتي وٺي سگهي ٿو. هن حدن
متعلق ٻڌايو آهي ته اولهه ۾ بلوچستان، اُتر ۾ جيڪب
آباد، ڏکڻ ۾ دادو ضلعو ۽ اوڀر ۾ لاڙڪاڻو ضلعو آهي.
کيرٿر جبل جي اٽڪل 50 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 20 ڪلوميٽر
ويڪرو علائقو آهي، جتي ڪوبه اسڪول، اسپتال ۽ ٻيون
بنيادي انساني سهوليتون ميسر نه آهن. هن ڪُتي جو
داستان پڻ ٻڌايو آهي. پاڻيءَ بابت ٻڌائي ٿو ته
نئيون واحد ذريعو آهن جن ۾ سيتا نئن ۽ مزاراڻي نئن
مشهور آهن، وڻن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته هتي بغير
ميون جا وڻ ملن ٿا، پر ڏاڙهون، صوف، انگور، زردالو
۽ بادام ٿي سگهن ٿا. آثارِ قديمه جو ذڪر ڪندي
ٻڌائي ٿو ته هتي گيربند يا ڪافرڪوٽ، لالڻ جي ماڙي،
لاکي جو جبل، سيتا جي ماڙي، سيتانئن ۾ اُڪريل چِٽ،
اکر ۽ تصويرون آهن، جن تي تحقيق ڪري سگهجي ٿي.
(8) ڏاڙهياري جبل ۽ ڪُتي جي قبر جو تاريخي پسمنظر
(احمد خان عرف جبران ڇٽو):
هن مضمون ۾ تخليقڪار ٻڌائي ٿو ته ڇُٽا، سومرن جا
مددگار هوندا هئا، هو اصل ۾ سما آهن، کهاوڙ ۽ کهڙا
هن جا ڀائر آهن، سومرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ
هو بلوچستان لڏي آيا ۽ ڪجهه ماڻهو ڏاڙهياري تي گهر
ٺاهي ويٺا، هتي پاڻي جام هوندو هو، جنهن تي ساريون
ڪندا هئا، پوءِ زلزلي ڪري جبل ڦاٽو ۽ ان ۾ ڏار
پئجي ويا، هن جو نالو ڏار+ هياڙو=
ڏار وارو يا ٽٽل حصو. هتي جا ماڻهو ڏار کي ڦوڙ ڪري
سڏيندا آهن. ان کان پوءِ پاڻي بند ٿي ويو، اهو
پاڻي اندران وهي وڃي ميرهڙ جي علائقي ۾ چشمي جي
صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن تي گانئچا آبادي ڪن ٿا.
ڪُتي جي قبر بابت ٻڌائي ٿو ته 1200ع ڌاري ميرڪ ڇٽي
جو ڪُتو هو، هن جو قصو ذڪر ٿيل آهي، ميرڪ ڇٽي ڪُتي
جي وفاداريءَ ڪري قبر ٺاهي جيڪا اڳتي هلي مشهور
ٿي. انگريزن هتي سرڪاري بنگلو ٺهرايو هو.
9. کيرٿر، ڏاڙهيارو ۽ ڪُتي جي قبر (دين محمد
ڪلهوڙو)
کيرٿر:
مضمون نگار کيرٿر بابت ٻڌائي ٿو ته اڇي تهه کي ٿر
سڏبو آهي. جيئن ته هي جبل اڇو آهي، انڪري هن کي
کيرٿر سڏيو ويو ۽ ڪي ماڻهو کيرٿر کي اڇو جبل به
سڏيندا آهن. هي جبل ٽن کان ساڍا ٽي ڪروڙ سال اڳ
زمين تي ظاهر ٿيو. کيرٿر قنبر ضلعي کان دادو ۽
ڄامشوري تائين ڦهليل آهي. لڪي، نري، گاج ۽ منڇر
وارن جابلو علائقن کي کيرٿر سڏبو آهي.
هن سلسلي ۾ ڀت، ڪارو، بڊو، ڏاڦوڙو، ڀڳو ٽوڙهو،
دنبار، ميهي، ڪانڀو، سورجاڻو، سنبڪ، ڦڙو لڙو،
موڙهو جبل شامل آهن.
ڏاڙهيارو جبل:
هيءُ سلسلو قنبر کان اولهه طرف 80 ڪلوميٽرن جي
مفاصلي تي آهي. هي سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي آهي.
هي سمنڊ کان 6 هزار فوٽ اوچو آهي. جولاءِ مهيني ۾
گرميءَ جو درجو 13 کان 25 سينٽي گريڊ رهندو آهي.
هن علائقي کي محترمه بينظير ڀٽو 1988ع ۾ تفريح
گاهه ٺاهڻ پئي چاهيو، جيڪو تبديل ٿي گورک هل
اسٽيشن ڏانهن هليو ويو. هتي گهڻائي ڇٽا برادريءَ
جي آهي. هتي جهنگلي ميون ۾ توت، انجير ۽ لوهيڙا
گهڻي مقدار ۾ ٿين ٿا. ڪهو به جام ٿئي ٿو.
ڪُتي جي قبر:
هيءُ تاريخي ماڳ ٽونڪ بارغ ۽ ڏاڙهياري جبل جي دنگ
تي آهي. اولهه ۾ هزارين فوٽ هيٺاهينءَ تي ڪنڊي جي
گري، اتر ۾ ڏاڙهياري جا پٽ، اوڀر ۾ وسيع کوڙي وادي
۽ ڏکڻ ۾ کيرٿر جبل جي سلسلي جون چوٽيون، بارغ،
هرباب، پرپڪي، ڪچرڪ وغيره آهن. قبر پٿرن جي ٺهيل
آهي، جنهن جي ڊيگهه 7 فوٽ ويڪر 4 فوٽ ۽ اوچائي 3
فوٽ اٿس. قبر جو رخ اولهه ۽ اوڀر آهي. تنهنڪري پڪ
سان چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ڪُتي جي قبر آهي. جيڪڏهن
ماڻهوءَ جي هجي ها ته ان جو رخ اتر ۽ ڏکڻ هجي ها.
ڪُتي جو ذڪر ’لب تاريخ سنڌ‘ ۾ خداداد خان ڪيو آهي،
جنهن جو ذڪر اڳين مضمونن ۾ ٿيل آهي. ڪتي جي قبر
سمنڊ کان 7600 فوٽ مٿي آهي.
ليکڪ: ڊاڪٽر روحي الطاف (اياز)
سنڌيڪار: ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
ايندو نه وري هي
وڻجارو
منهنجو بابا سائين جيڪو منهنجو فخر هئو، منهنجي آن
۽ عزت هئو، منهنجو مسيحا ۽ منهنجو غرور هئو، هو
منهنجي لاءِ ڇاڇا نه هئو، بلڪه ايئن چوان ته هو
منهنجو سڀڪجهه هو. هو هئو نه پر هو آهي، هر وقت
مون کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ٿئي ٿو. هر ڪنهن سٺي
خواه مشڪل وقت ۾ سندس ڳالهيون ۽ نصيحتون منهنجي
رهنمائي ڪن ٿيون.
بابا سائين پنهنجي والد جو اڪيلو پٽ هئو. سندس
حوصلو هميشه بُلند هئو. هو تمام مصروف ماڻهو هئو.
وڪالت جو هر وقت ۾ مصروفيت وارو شعبو، ان سان گڏ
سياست ۾ سندن ڪردار، خاندان جا ٻيا مسئلا، ادب سان
نباهه، پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت غرض ته غم
دوران هجي يا غم جانان منهنجو بابا سائين سڀ ڪم
وقت تي ۽ نهايت محنت ۽ خوش اسلوبي سان پورا ڪندو
هئو.
منهنجو بابا سائين تمام شاندار مذهبي خاندان ۾
پيدا ٿيو. هو ننڍي هوندي کان ئي ڏاڏا سائين جي آڱر
جهلي مسجد شريف ۾ وڃي هر وقت جي نماز ادا ڪندو هئو
۽ قرآن مجيد جي تعليم ننڍي هوندي مڪمل ڪري
ورتائين.
اسان جي بابا سائين پنهنجي ٻارن جي لاءِ پاڙي جي
هڪ قرآن مجيد پڙهيل عورت کي قرآن مجيد پڙهائڻ لاءِ
مقرر ڪيو، جنهن جي زبان اردو هئي. اسان سڀني ٻارن
9 سالن جي ڄمار تائين قرآن مجيد ناظره پورو ڪيو
هئو. هڪ دفعي مون وڏي آواز سان قرآن مجيد پڙهيو
پئي ته بابا سائين اتان کان گذريو. پاڻ هڪدم بيهي
رهيو ۽ مون کي چيائين ته بابا غلط پئي پڙهين، پوءِ
مون کي صحيح ’هِجي‘ سان پڙهايائون ۽ اسان جي استاد
کي سختيءَ سان چيائون ته ٻارن جي تلفظ ۽ صحيح هِجي
تي ڌيان ڏيو ڇو ته ٻار قرآن مجيد روز روز ته نه
سکندا آهن. اگر هڪ دفعو غلط پڙهي ويا ته پوءِ ان
کي وساري ٻيهر صحيح پڙهي نه سگهندا.
اسان جي امان سانئڻ به اسان جي پڙهائي تي خصوصي
توجهه ڏيندي هئي. اسان سڀني ٻارن کي ستن سالن جي
عُمر کان روزا سيکاريائين. امان نه صرف پنج وقت
نماز پڙهندي هئي بلڪه تهجد به پابندي سان ادا ڪندي
هئي. بابا سائين جي لئبرري ۾ قرآن مجيد جهجها سارا
نسخا ۽ ترجما موجود هئا جيڪي سندن مطالع ۾ رهندا
هئا.
بابا سائين ٻين مذهبن جي ڪتابن جو مطالعو به ڪندا
هئا ۽ انهن جو احترام پڻ ڪندا هئا. سندن لئبرري ۾
گوتم ٻڌ ۽ ٽئگور جون مورتيون به رکيل هيون.
ڪيترائي هندو اديب ۽ شاعر سندن دوست هئا جن جو
پنهنجن ڪتابن ۾ پڻ ذڪر ڪيو اٿن. هندن کان علاوه
دنيا جي ٻين مذهبن جي پيروڪار عالمن ۽ اديبن سان
پڻ سندن دوستي هئي.
امان ننڍي هوندي اسان کي روزن رکڻ لاءِ سحري جي
وقت جاڳائي پاڻ بورچيخاني ۾ هلي ويندي هئي ۽ اسين
سُستي سبب وري سُمهي پوندا هئاسين ته بابا اچي
اسان کي ٻيهر ننڊ مان سجاڳ ڪندو هئو ته متان سحري
جو وقت نڪري نه وڃي. افطاري لاءِ بابا طرح طرح جون
کاڌي جون شيون آڻيندو هئو ۽ خوش ٿيندو هئو ته
الحمدلله منهنجا سڀ ٻار روزائتا آهن.
امان جان جيڪا اٺ نمازون پابنديءَ سان پڙهڻ واري
هئي، بابا ان کا پهريائين ’عمره‘ ادا ڪيو. بابا
سائين جڏهن عمره ڪري واپس خير سان آيا، امان کي
ٻڌايائون خدا جي خدائي جو مظهر ته آهي ئي ڪعبة
الله ۾، جيستائين ماڻهوءَ کي جنت نصيب ٿئي مسلمانن
لاءِ ته ڪعبي ۾ جنت جو سمان آهي. رات جو طواف بعد
مون جڏهن شڪراني جا نفل پڙهي دعا لاءِ هٿ مٿي کنيا
۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو ته مون کي ايئن لڳو ڄڻ
چنڊ منهنجي هٿن جي پيالي ۾ اچي ويو آهي.
بابا سائين جو سڄو ننڍپڻ شڪارپور ۾ گذريو هئو. ان
وقت شڪارپور ۾ تمام گهڻا هندو خاندان رهندا هئا.
جن ۾ اديب، شاعر به هئا وڏا وڏا سيٺ به هئا. سماج
سڌارڪ به هئا ته سياستدان به هئا. شڪارپور جي ٻين
مسلمان خاندانن جي ٻارن وانگر ’بابا‘ جو انهن جي
ٻارن سان گڏ اٿڻ، ويهڻ، پڙهڻ ۽ راند روند ڪرڻ جو
معمول هئو. ان وقت اڃان پاڪستان نه ٺهيو هئو. بعد
۾ لڏپلاڻ بعد به جيڪي خاندان شڪارپور ۾ رهيا ۽
جيڪي به هندستان لڏي ويا بابا جا انهن سان تعلقات
۽ واسطا قائم رهيا.
شيخ اياز جهڙي ادبي قد آور شخصيت ۽ ديومالائي
ڪردار تي تعريف، توصيف ۽ تنقيد جي سلسلي ۾ ته گهڻو
ڪجهه لکيو ويو آهي پر سندن ننڍپڻ جي ڳالهين ۽
خانداني ۽ گهرو معاملات جي سلسلي ۾ ڪجهه به نه
لکيو ويو آهي. ان ڪري مون سوچيو اڄ آئون صرف
منهنجي بابا تي اهو ويهي لکان ته مون پنهنجو بابا،
بابا سائين جي حيثيت ۾ ڪيئن ڏٺو. مون بابا سائين
جهڙا اندر جا پڪا پختا مسلمان تمام گهٽ ڏٺا ۽
ظاهري نمود و نمائش وارن جي ته کوٽ ئي ڪونهي. امان
عشاء نماز پڙهڻ بعد پنهنجي معمول مطابق تمام ڊگهي
دعا گهرندي هئي ته آئون مذاق مذاق ۾ امان کي چوندي
هئس ته اڄ مُصلي تان اٿڻ جو آسرو ناهي جيستائين
امان سڄي اُمت بخشائي ڇيهه نه ڪري. بابا ان وقت
امان جي چوڪيداري لاءِ ويهي رهندو هئو ۽ پوءِ امان
کي چوندو هئو ته هاڻي جيڪي به دعائون گهريون آهن
منهنجي مٿان ڦوڪي (شوڪاري) ڇڏ ته جيئن آئون صبح جو
صحتمند اٿان، ڇاڪاڻ دنيا ڇڏڻ کان اڳ ۾ اڃان مون کي
گهڻو ڪجهه لکڻو آهي پنهنجي ماڻهن لاءِ، اڃان ته
مون کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي به هڪ ڪتاب لکڻو
آهي. ان کانپوءِ امان کان دم ڪرائي پنهنجي ڪمري ۾
اچي ليٽندو هئو ۽ جيستائين ننڊ نه اچي تسبيح
پڙهندو رهندو هئو. امان جان اگر چوندي هُئي ته
اوهان ته دعائن جو ڪتاب لکيو آهي انهن مان ڪا دعا
گهرندا ڪريو ته چوندو هئو ته نه اوهان جي دعائن ۾
تمام گهڻو اثر آهي.
آئون جڏهن ڊسمبر جي موڪلن ۾ ڪراچي ايندي هئس ته
بابا کان اڪثر پڇندي هئس ته بابا توهين الله پاڪ
کان دعائن ۾ ڇا ٿا گهرو ته پاڻ جواب ڏيندا هئا ته
آئون الله پاڪ کان اوهان سڀني جي نيڪ ۽ درازعمر ۽
پنهنجي سُٺي آخرت جي دعا گهرندو آهيان، الله سائين
قبول ڪرڻ وارو آهي.
منهنجو بابا سائين جيترو وڏو اديب ۽ شاعر هئو ايڏو
وڏو ماڻهو پڻ هئو. اسان جي سنڌ جا ڪجهه اديب ۽
شاعر جن مان اڪثر بابا جي ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ وارا
پڻ رهيا آهن اُهي اگر بابا جي علمي قدڪاٺ کان
خوفزده رهيا آهن ته اُها ٻي ڳالهه آهي باقي اُهي
ڪنهن به طرح بابا جي علمي حيثيت جو مقابلو نٿا ڪري
سگهن. جهڙي طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪو ثاني
ڪونهي، ڪوبه ٻيو علامه اقبال پيدا ٿي نه سگهندو يا
فيض احمد فيض نٿو ٿي سگهي ايئن ڪير شيخ اياز به
نٿو ٿي سگهي. هر ڪنهن جي پنهنجي عزت ۽ مقام آهي.
اها الله پاڪ جي مرضي آهي جنهن کي جيترو نوازي،
عزت، نالو، شهرت ۽ مقام عطا فرمائي.
اگر آئون بابا سائين سان گذاريل پنهنجي وقت تي
ويهي لکان ته پورو ڪتاب به لکي سگهان ٿي. ان لاءِ
ڪافي مهينا ۽ سال گهرجن. آخر زندگي جو طويل سفر
آهي هي ته صرف ان سلسلي جا ابتدائي الفاظ آهن جيڪي
آئون تحرير ڪريان ٿي.
جهڙي طرح دنيا بابا کي تمام وڏو شاعر، اديب، وڪيل،
مفڪر ۽ دانشور سمجهي ٿي اهڙي طرح آئون بابا سائين
کي والد جي حيثيت سان به تمام مٿانهين مقام تي
محسوس ڪريان ٿي.پاڻ پنهنجي گوناگون مصروفيتن جي
باوجود ڪڏهن به پنهنجي پدرانه ذميوارين کان غافل
نه رهيا ۽ هميشه هڪ شفيق پيءُ وارو رويو رکندا
هئا. صبح جو سويل ڪڏهن ميرپورماٿيلو، جيڪب آباد،
لاڙڪاڻو يا خيرپور جي ڪورٽن ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾
ويندا هئا ته صبح پنج بجي اٿندا هئا ۽ انهيءَ
پريشاني ۾ هوندا هئا ته ٻار اسڪول ڪيئن ويندا.
ڇاڪاڻ ته ڊرائيور پاڻ سان گڏ هوندو هئن، پوءِ ڪنهن
نه ڪنهن دوست تي ذميواري وجهندا هئا ته منهنجي
ٻارن کي اسڪول حفاظت سان کڻي وڃجو ۽ واپس پهچائجو.
اسان جي اسڪول جي ڪپڙن جو گهڻو خيال ڪندا هئا.
اسڪول مان وٺڻ ايندا هئا ۽ گهر ۾ اسڪول جي مڪمل
معلومات وٺندا هئا. شام جو انگريزي نظمن جو ترجمو
ڪرائيندا هئا. پوءِ انگريزي زبان جا جملا لکائيندا
هئا ۽ حسابن جا فارمولا سيکاريندا هئا ۽ پاڻ سان
گڏ ويهاري ڪچهري ڪندا هئا. هر ڪنهن آچر تي شاليمار
سئنيما ۾ فلم ڏيکارڻ وقت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي
بابا ’سئنيما‘ ۾ وقفي دوران سڀني کي ڪولڊ ڊرنڪ وٺي
ڏيندو هئو. پاڻ ٿوري پي ٻي بچائي رکندو هئو. آئون
پنهنجي ڪولڊ ڊرنڪ جلدي جلدي پي پوءِ بابا جي بچائي
رکيل به پي ويندي هئس. بابا جڏهن ڏسندو هئو سندس
بوتل خالي آهي ته پڇندو هئو ته ڪنهن پوري ختم ڪئي
آهي ته ان کي خرچي ملندي. آئون يڪدم هٿ مٿي کڻندي
هئس ته بابا کِلي چوندو هئو ته هن منهنجي بوتل
پيتي آهي.
آچر ڏينهن صبح جو بابا امان کي چوندو هئو ته اڄ
ناشتي جو ڀرپور انتظام ٿيڻ گهُرجي. ڇاڪاڻ ته سڀ
ٻار گهر ۾ موجود آهن. پوءِ ڊائننگ ٽيبل تي بابا
اسان کي دنيا جهان جون ڳالهيون ٻڌائيندو هئو. بابا
جڏهن ڳالهائيندو هئو ته ائين لڳندو هئو ڄڻ وقت
جامد و ساڪت ٿي ويو آهي. سندن ڳالهيون ايڏيون
خوبصورت هونديون هيون جو دل چاهيندي هئي وقت جي
رفتار کي ڪمند لڳي وڃن ۽ بابا ڳالهائيندو رهي.
بابا اسان اولاد سان تمام گهڻو پيار ڪندو هئو،
ڇاڪاڻ ته اسين ئي سندس ڪُل ڪائنات هئاسين. بابا جي
صرف هڪ ننڍي ڀيڻ هئي ۽ چار سئوٽ هئا باقي سڄي
خاندان جو پيار هو اسان ۾ ئي ڳوليندا هئا.
جڏهن عيد ايندي هئي ته به بابا شام تائين آفيس ۾
ڪم ڪندا هئا. واپسي ۾ اسان کي سکر بازار ۾ وٺي
ويندا هئا ۽ ريڊي ميڊ ڪپڙا وٺي ڏيندا هئا ۽ نيون
جتيون وٺي ڏيندا هئا. امان جي لاءِ غوري ڪلاٿ
هائوس تان ڪپڙا وٺي ڏيندا هئا ۽ درزيءَ کي تاڪيد
ڪندا هئا، صبح جو 8 بجي تائين ڪپڙا سبي تيار ڪري
ڇڏجانءِ.
سکر ۾ سخت گرمي ٿيندي هئي ۽ اسان جي چارماڙ گهر ۾
هيٺ هڪ ڪمري ۾ اي. سي لڳل هوندو هئو ۽ اسين سڀ ٻار
مٿي ڇِت تي سمهندا هئاسين. بابا 9 بجي رات جو آفيس
مان ايندو تيستائين اسين هيٺ سمهي رهندا هئاسين.
بابا ماني کائي پوءِ هڪ هڪ ڪري آهستي آهستي مون
کي، نگهت ۽ سليم کي کڻي ڇت تي ايندو هئو پر ايترو
پيار سان ۽ آهستگي سان جيئن اسان جي ننڊ نه ڦِٽي.
هر سال گرميءَ جي موڪلن ۾ ڪوئٽا يا ڪراچي اسان کي
وٺي ويندو هئو. ڪوئٽا ۾، ڪوئٽا بلديه هائوس ۾
رهندا هئاسين ۽ ڪراچي ۾ هوٽل ۾ رهندا هئاسين. اتي
اسان کي خوب گهمائيندو ۽ سير ڪرائيندو هئو ۽ خوب
کاڌا پيتا کائيندا هئاسين. پوءِ رات جو وري پنهنجن
دوستن کي ڪجهه وقت ڏيندو هئو. ڇاڪاڻ ته وٽن دوستن
لاءِ عليحده ملڻ جو وقت نه هوندو هئو. پنهنجي
انتهائي مصروف زندگي جي باوجود به بابا سائين وٽ
اسان لاءِ وقت هميشه هوندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن اسان
سان لڪ لڪوٽي راند به ڪندو هئو ۽ لبِ مهراڻ جيڪو
ان وقت تازو ٺهيو هئو، اتي به تقريباً روزانو وٺي
ويندو هئو ۽ اتان جي مشهور ”مٽڪي واري قلفي“ اسين
روز کائيندا هئاسين.
صبح جو روزانو بابا واڪ تي ضرور ويندو هئو. اسان
جو گهر پراڻي سکر ۾ دريا جي ڪناري کان ڪجهه دور
هئو. اگر آئون ۽ ياسمين (ڀيڻ) جاڳيل هوندا هئاسين
ته بابا اسان کي به گڏ وٺي ويندو هئو ۽ دريا جي
ڪناري تي بتيلن وارا بابا کي ڏسي سڏيندا هئا ته
سائين اچو درياهه جو سير ڪرايون. پوءِ بتيلي ۾
بابا اسان کي گڏ ويهاري درياهه جو سير ڪرائيندو
هئو. ان ماحول ۾ بابا سائين ڪيتري ئي شاعري دماغ ۾
ٺاهي وٺندو هئو ۽ گهر پهچي قلم کڻي پنهنجيون
ڊائريون خوبصورت شاعري سان ڀري ڇڏيندو هئو.
اولاد ته سڀ هر ڪنهن مائٽ کي پيارو هجي ٿو پر
آئون بابا کي وڌيڪ لاڏلي هئس، اهو مون کي محسوس
ٿيندو هئو. انهي جو هڪ سبب اهو به هئو ته آئون
ننڍي هوندي بيمار گهڻو رهندي هئس. خاص دم
(Asthma)
جا مون کي دورا پوندا هئا ٻيو منهنجي شڪل ڏاڏي
امان جهڙي هوندي هئي ۽ ڳالهائيندي به ان وانگيا
هئس. امان ٻڌائيندي هئي ته ”تنهنجي ڏاڏي امان جڏهن
ڳالهائيندي هئي ان جهڙي لفظن جي چونڊ هرڪوئي نه
ڪري سگهندو هئو“. آئون ته سندس پيرن جي خاڪ برابر
به نه آهيان. جڏهن وقت جي نام نهاد حڪمرانن بابا
کي غدار جو لقب ڏيئي سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو هئو
ته اُهو وقت اسان لاءِ ڏاڍو مشڪل هئو. اسان جي
محلي ۾ رهندڙ اردو ٻوليءَ وارا اسان کي غدار
پاڪستان جو اولاد چئي ٺٺوليون ڪندا هئا ۽ پٿر اسان
ڏانهن اڇلائيندا هئا. اسان جو اسڪول وڃڻ بند ڪيو
ويو ۽ اسان کي لڳندو هئو ته اسين پنهنجي سنڌ ۾ ڄڻ
’مهاجر‘ آهيون. ان زماني ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي
جنگ هلي رهي هئي (1965ع) ۾ ايئن لڳندو هئو ڄڻ جنگ
اسان جي بابا سائين ڪرائي هجي.
بابا جي گهر ۾ نه هجڻ جو سڀ کان گهڻو اثر منهنجي
صحت تي پيو ۽ تمام گهڻو بيمار ٿي پيس. وڪيلن عدالت
مان بابا سان ملڻ جي اجازت حاصل ڪئي. آئون امان
جان سان گڏ بابا سائين سان ملڻ لاءِ جيل تي ويس.
بابا سائين مون کي ۽ امان کي گلي لڳايو ۽ امان سان
وعدو به ڪيو ته بس هاڻ وڌيڪ پنهنجي اولاد کي اذيت
نه ڏيندس، اها سڀ سندن محبت جي انتها هئي ۽ پنهنجي
اولاد سان لازوال محبت جي نشاني هئي. هُن پنهنجي
ماڻهن کي به پنهنجي شاعري جي صورت ۾ لازوال محبت
ڏني.
الله الله ڪري جنگ به ختم ٿي ۽ بابا به جيل مان
آزاد ٿي آيا. اسان جا امتحان به اچي پهتا. امتحانن
دوران بابا سائين اسان جا ڪتاب، پينسلون ۽ جاميٽري
باڪس خود سنڀالي رکندو هئو.
مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته بابا تمام خوبصورت
شاعري ڪئي پر سندن شاعري ڪرڻ جا وقت عجيب هوندا
هئا. سکر ڪورٽ ۾ ڪيس لاءِ ويندا هئا ته گاڏي ۾
اڪيلا ويٺا هوندا هئا ۽ ڪيترائي شعر لکي وٺندا
هئا. رستي ۾ هلندي اگر ٻڪرين جو وَلَر ۽ ان کي
چاريندڙ ڪا ٻهراڙي جي ڌنار ڇوڪري ڏسندا هئا ته ان
تي خوبصورت غزل لکي وٺندا هئا. خوبصورت رستا، محنت
ڪش غريب ماڻهو، سنڌ جي وادي جا پيارا پيارا نظارا،
گل ٻوٽا ۽ فصل، پکي ۽ جانور، موسمن جو بدلجندڙ
هوائون ۽ رنگ سڀ سندن شاعري جا موضوع هئا. جيئن
اُهي رستي جي ڪنارن سان هلندا هئا بابا سائين جي
شاعري به انهن سان گڏ هلندي هئي.
بابا سائين دوستن جي محفل ۾ اگر ڪڏهن ڪڏهن جام
نوشي ڪندا هئا ته به هڪ اڌ پيگ مشڪل سان. گهر ۾ به
ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻي ٿڪاوٽ سبب پيئندا هئا ته به
ڪڏهن به پورو پيگ نه. امان کي سختي سان منع ڪندا
هئا ته ڪنهن به طرح منهنجي هن عمل جي ڄاڻ ٻارن کي
نه پئي ۽ انتهائي خفيه طور مختصر پي پوءِ مڪمل هوش
حواس ۾ ويهي پنهنجو ڪم ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به مدهوشي
سان همڪنار نه ٿيا. ڪڏهن پيئڻ کانپوءِ گهر ۾ هُل
هنگامو ته ڇا پر وڏي آواز سان چيخ و پڪار به نه
ڪيائون. کين چڱي طرح خبر هئي ته مدهوشي ۾ نه ٻارن
کي سنڀالي سگهندا، نه خوبصورت شاعري ۽ نثر لکي
سگهندا ۽ نه وڪالت جهڙو اهم پيشو سنڀالي سگهندا، ۽
انهي ڳالهه تي هميشه ڪاربند رهيا.
اسان کي انهيءَ ڳالهه جي به خبر آهي ته بابا سائين
جڏهن شاعري ڪندو هئو ته ڪيڏي تڪليف مان گذرندو
هئو. سندن هڪ هڪ شعر بندوق جي گولي وانگيان
سامراجي قوتن تي وار ڪندو هئو. اهو ون يونٽ جو دؤر
هئو ۽ هر ڪنهن ۾ ان وقت قلم کڻڻ جي همت ۽ جرئت نه
هوندي هئي. بابا پنهنجو سک ۽ آرام قربان ڪري،
روزگار داءُ تي لڳائي پنهنجي سنڌ لاءِ ۽ سنڌ جي
ماڻهن لاءِ نهايت همت ۽ جرئت سان لکيو.
هاڻي ڪي ماڻهو جيڪي بابا جي شعرن کي ساراهيندا هئا
پنهنجو چوغو مٽائي ڪڏهن مدهوشي جا مهڻا ته ڪڏهن ون
يونٽ سان گڏ ون يونٽ واري دؤر جي شاعري جي بيسود
هجڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا اُهي يا ته بابا جي شاعري ۽
شاعرانه حيثيت کان خوفزده هئا يا انهن کي حسد هئو.
حالانڪه بابا سائين کي هيءَ جهان ڇڏي 22 سال ٿي
ويا آهن پر اڃان تائين سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز ته
پري جي ڳالهه آهي پر ان جو پاڇو به پيدا ٿي نه
سگهيو آهي.
بابا سائين پيدائشي شاعر هئو. پاڻ جڏهن دعائون
لکيائين ته مٿن ڪيترائي الزام لڳا. اهي ان دؤر جي
اڻسهائيندڙ تنقيد جا اثرات هئا جو بابا کي سخت
تڪليف ٿيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن امان سان پاڻ ان
تڪليف جو اظهار به ڪندا هئا ۽ خبر پوندي هئي ته
مٿن دل جي دوري
(Heart Attack)
پوڻ جا اسباب اتان کان ايندا هئا.
بابا جي خوبصورت شاعري تي لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻو
مواد آهي. دل چوندي آهي جيڪو اندر ۾ آهي سڀ پني تي
آڻي ڇڏيان، پر شايد اڃان تائين صحيح وقت ۽ فرصت
مون کي نصيب نه ٿي آهي. ساڳي وقت آئون بابا جهڙي
خوشنصيب ڪٿي جو اولاد سان والهانه پيار، روزگار جا
مسئلا ۽ ٻي طرف پنهنجي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ بي
پناهه پيار سڀ ڪجهه ساڳي زندگي ۾ انسان ڪري سگهي.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي بابا کي تمام تيز بخار
هئو ۽ امان سندن مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رکي
رهي هئي. آئون ان وقت اڃان ننڍي هئس. ٿوري دير ۾
بابا اُٿي ويٺو ۽ چيائين مون کي شڪارپور ڪيس جي
شنوائي جي سلسلي ۾ وڃڻو آهي. امان منع ڪئي ته اڄ
توهان جي طبيعت صحيح نه آهي، نه وڃو. بابا وراڻيو
ته زري! اگر آئون نه ويس ته ناحق ويچارن چئن ڀائرن
کي ڦاسي جي سزا اچي ويندي. مٿن ڪنهن قتل جو الزام
اچي ويو آهي ۽ هو بيقصور آهن. سندن دل ۾ انسانيت ۽
رحم جو ايڏو جذبو سمايل هئو. پاڻ جيڏو وڏو شاعر
هئو ايڏو وڏو همدرد انسان پڻ هئو. هو جيڏو سٺو
’بابا‘ هئو ايڏو سٺو ’خاوند‘ به هئو. هو بي انتها
مصروف هئڻ جي باوجود اسان تي مڪمل توجهه رکندو
هئو. بابا لاءِ اهو به بغير سوچڻ سمجهڻ ۽ خبر هئڻ
جي الزام هنيو ويو ته بابا سائين، اقبال بيگم کي
امان جي چوڻ تي طلاق ڏني هئي. حالانڪه جڏهن امان
جي چوڻ تي اقبال بيگم سان بابا شادي ئي نه ڪئي هئي
ته طلاق وري ڪيئن ڏني. جيترو صبر امان هن سلسلي ۾
ڪيو شايد ڪا عورت ڪري سگهي، پر ڪڏهن به بابا لاءِ
ڏکيائي پيدا نه ڪئي. جيتريون قربانيون امان، بابا
کي هن مقام تي پهچائڻ لاءِ ڏنيون هر ڪنهن عورت جي
وس ۾ ڪٿي ۽ هر ڪنهن ور جي ڀاڱي ۾ ڪٿي. بابا ٽي-
چار سال روز امان جي بستري جي سائيڊ تي پيراندي
کان ويهي پيرن تي هٿ رکي چوندو هئو ته ”زري! مون
کي معاف ڪر جو مون تو جهڙي هيري جي ڪڻي تي هڪ عام
عورت کي ترجيح ڏني.“ امان چوندي هئي آئون بلڪل
معاف نه ڪندس منهنجي زندگي جا اُهي ست سال ڏاڍا
مشڪل هئا، ڪنهن ڀيانڪ خواب جهڙا هئا جو منهنجو
’ور‘ مون کان ڪنهن ڇني ورتو. هاڻي اهو تلخ ذڪر وري
نه ڇيڙيو جو منهنجا نيڻ ڇلڪي ٿا پون.
جڏهن وئڪيشن ۾ آئون ڪراچي ويندي هئس ته بابا جي
خوشيءَ جي حد ئي نه هوندي هئي. امان چوندي هئي ته
تنهنجو بابا صبح کان انتظار پيو ڪري ته منهنجي
’روحي‘ پئي اچي. آئون پهچندس بابا ملڻ کانپوءِ وري
ساڳي ميز تي پنا ۽ ڪاغذ ۽ قلم. آئون ڪاوڙجي ويندي
هئس ته بابا مون لاءِ اوهان وٽ وقت ته آهي ئي ڪونه
پوءِ ايڏو سِڪَ سان ياد ڇو ٿا ڪريو، ته ورائيندو
هئو ته امان تون منهنجي ويجهو ويٺي آهين، انهيءَ
سڪون جي ڪا قيمت آهي ڇا ۽ وري اُهي ڊائريون ۽ لکڻ
پڙهڻ. هر اڌ ڪلاڪ بعد ڪنهن نه ڪنهن ٻار کي آواز
ڏئي تسلي ڪندو هئوته ٻارن سان گهر ڀريو پيو آهي ۽
خوش. دل کي سڪون اچي ويندو هئو بابا کي، ٻئي ڏينهن
امان سان گڏ ”آغاز سپر اسٽور“ تان دنيا جهان جون
کاڌي پيتي جون شيون وٺي ايندو هئو. شام وري هوٽلنگ
۽ ٻارن کي پارڪ جو سير به بابا ڪرائي ايندو هئو.
بابا لاءِ شاعري ڄڻ زندهه رهڻ ۽ ساهه کڻڻ جو ذريعو
هئو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ايندي هئي بابا جا
ڪتاب ۽ ڊائريون کڻي گم ڪري ڇڏيان ۽ ڪڏهن دعا
گهرندي هئس ته الله ڪري بابا شاعري ڪرڻ وساري ڇڏي
ته امان چوندي هئي ته ايئن نه چؤ شاعري ۽ ڪتاب
تنهنجي بابا جي زندگي جا ساهه کڻڻ لاءِ لازمي آهن.
ڪراچي ۾ ٿامس ۽ ٿامس (مشهور ڪتابن جي دڪان) تان
فون ايندو هئو اوهان جا ڪتاب آيا آهن جيڪي پاڻ
ٻاهران گهرائيندو هئو ته بيچين ٿي ويندو هئو ته
جلدي ڪتابن تائين پهچان ۽ ڊرائيور نه هوندو هئو ته
وڌيڪ ڏکيائي ۾ ته ڪتاب اچي ويا آهن، پهچان ڪيئن.
پوءِ جڏهن ڪتاب گهر کڻي ايندو هئو ٽيبل تي پارسل
کولي رکندو ته هئو ۽ تمام گهڻو خوشيءَ ۾ اسان کي
ٻڌائيندو هئو ته ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي بين الاقوامي شهرت
رکندڙ ليکڪ جو لکيل آهي. پاڻ سڄي دنيا جي مشهور
ليکڪن جو نثر ۽ شاعري پسند ڪندا ۽ پڙهندا هئا.
پاڪستاني اديبن ۽ شاعرن کي به گهڻو ساراهيندا هئا
ته تمام سٺو ادب پاڪستان ۾ لکجي پيو ۽ انهن سڀني
جا ڪتاب سندن لئبرري جي زينت هوندا هئا. اگر ڪوبه
ڪتاب پنهنجي جاءِ تي رکيل نه ملندو هئو ته گهر ۾
زلزلو اچي ويندو هئو. امان اسان کي چوندي هئي ته
ڪتاب کڻو ۽ پڙهو ضرور پر واپس ترتيب سان رکو. بابا
کي ڪتابن سان گڏ ڪتابن جي ترتيب سان رکڻ سان به
گهڻو چاهه هوندو هئو.
بابا کي سمنڊ تمام گهڻو پسند هوندو هئو. اهو ئي
سبب هئو جو جڏهن سکر کان 32 سال پهرين ڪلفٽن تي
رهائش اختيار ڪئي ته گهر سمنڊ جي ڀرسان ورتو. اڪثر
ڪري سمنڊ تي تفريح لاءِ ويندا هئا ۽ سمنڊ جي لهرن
جو شور، تڙپ ۽ ڪناري سان لڳي مايوس ٿي موٽي وڃڻ تي
تمام غور سان ڏسندا ۽ مشاهدو ڪندا هئا. سردين ۾
سوئيٽر پائي ۽ مفلر گلي ۾ وجهي وڃي سمنڊ جي لهرن
جي خاموشي جو مطالعو ڪندا هئا. خبر ناهي پاڻي ۽
شور ۾ ڇا پڙهي سگهندا هئا جو واپس اچي گهر ڊائرين
جا پنن جا پنا لکي ڇڏيندا هئا.
خوشگوار موڊ ۾ پٺاڻي خان، جيوڻي ٻائي ۽ ناهيد اختر
جا گانا ۽ ڪلام وڏي آواز مان لڳائي مسڪرائيندا ۽
خوش ٿيندا هئا. اگر ڪو ٻار سندن ڪيسٽن کي ڇهندو به
هئو ته غصي چوندا ته روحي جي ٻارن جو ڪم ئي آهي
منهنجا سامان ۽ شيون اٿل پُٿل ڪرڻ، ٻارن کي اها
موسيقي وڻندي ئي ڪونه هئي ۽ چوندا هئا، نانا ابا
هي ڇا ٿا ٻڌو اسان کي اها موسيقي بلڪل نٿي وڻي ۽
پوءِ ٻار وري چوندا نانا-بابا هاڻ پوڙهو ٿي ويو
آهي ۽ وري ٻارن کي الطاف جي ڪاوڙ برداشت ڪري پوندي
هئي ته نانا-بابا، توهان جي امي ۽ ناني جان سڀني
کي هيءَ موسيقي پسند آهي هن کي خراب نه چئو نه ته
سڀ توهان کان ناراض ٿي ويندا.
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي
وڻجارو،
پهرين ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ
پيارو.
(اياز)
ٻي نشت تائين الله واهي!
نوٽ: هن سال جي شروع ۾ منهنجي ملاقات محترمه ڊاڪٽر
روحي الطاف سان سندن گهر تي (ڪراچي ۾) ٿي. ملاقات
دوران محترمه روحي پنهنجي والد شيخ اياز صاحب جي
ذاتي زندگي متعلق ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون جيڪي
اڳ ۾ ٻڌل نه هيون. مون کي چيو ته اهي ڳالهيون
مضمون جي شڪل ۾ ’مهراڻ‘ لاءِ لکي ڏيو، پاڻ چيائين
ته، آئون اردوءَ ۾ لکندس ۽ ترجمو توهين ڪندا، مون
سندن شرط قبول ڪيو ۽ هيءُ مضمون ’مهراڻ‘ جي
پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي.
ايم.حنيف لغاري
ٽنڊوالهيار
مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شخصيت شاعر کان علاوه
مرتضيٰ ڏاڏاهي صاحب جو مختصر پروفائيل
نالو: |
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي |
والد جو نالو: |
سيد امام الله شاهه ڏاڏاهي |
جنم: |
26- نومبر 1939ع |
ذات: |
سيد مٽياري (ڪاظمي) |
تعليم: |
سنڌي، اردو، انگريزي، والد صاحب کان
حاصل ڪئي. |
مستقل رهائش: |
ٽنڊوالهيار |
شادي: |
1966ع، اولاد ٻه پُٽ ٻه نياڻيون، پنج
پوٽيون ۽ هڪ پوٽو |
شاعريءَ جي شروعات: |
1953ع کان چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ |
صنفون: |
ڪافي، غزل، گيت، نظم، وائي، بيت،
قطعا، حمد، نعت، منقبت ۽ مناجات وغيره |
ڇپيل ڪتاب: |
زهر و زم زم 1984ع، تون پارس آئون
لوهه 1994ع، سهڻا سُرها گل 1996ع، مان
ذرو تون ماهتاب 2011ع، ٿورا نه ٿورا
2015ع، نه هِن پاسي نه هُن پاسي
2016ع، ڏاڏاهي جا ڏهه هزار 2017ع |
نثر: |
چڱوٿيو اوهان کي به وسري وياسين
(ڪافيون) 2019ع، اخباري رپورٽون ۽
ڪالم |
اڻ ڇپيل مواد: |
عشقيه شاعري، وطن جا گيت، مزاحيه نظم،
زرعي نظم ۽ ميوزيڪل فيچرس |
قائم ڪيل تنظيمون: |
بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي،
ڏاڏاهي ادبي تنظيم (ڏات) |
مرتضيٰ ڏاڏاهي صاحب جن، بنيادي طور ته، برصغير جي
تمام وڏن عوامي شاعرن ۾ شمار ٿين ٿا ۽ ان حوالي
سان ته هنڌين ماڳين سندس هاڪ هلندڙ آهي. ماڻهن جي
گهڻائي ۾ پاڻ هڪ مَن موهيندڙ شاعر طور ئي سُڃاتو
وڃي ٿو، مگر اهو سندس شخصيت ۽ ذات جو فقط هڪ پهلو
آهي.
پاڻ هڪ اعليٰ قدر شخصيت ۽ بي مثال ڪردار جا مالڪ
آهن سندن شان ۾ جيترو به لکيو وڃي ۽ چيو وڃي سو
”اٽي ۾ لوڻ“ برابر هوندو.
هي فقير صفت انسان، نهايت سادو، سودو ۽ سٻاجهڙو،
سدائين مُرڪندڙ، صبروشڪر جو پيڪر، سمنڊ جيڏي دل
رکندڙ، لکين محبت جا موتي ۽ جواهرات بنا معاوضي
ورهائيندو ٿو وتي. ان گمان جي ضرورت ئي ناهي ته
هزارين سندس مُريد هوندا، سڳا ڌاڳا وٽرائڻ ۽ پاڻي
جا شيشا پڙهائڻ ۽ پَليتا لکرائڻ وارن جي وٽس قطار
لڳل هوندي، دعا ۽ پِٽ جي وارو وار لڳي پيئي هوندي،
هڪڙا سندس پيرن تي ڪريل هوندا ته ٻيا سندس هٿ پيا
چُمندا هوندا، جيئن اسان جي سنڌ ۾ عام مشغلو آهي
پر ان جي ابتڙ بس نج انسان دوستي، دنيا جي انهن
ڪارن ڪرتوتن ۽ ٺڳين کان صفا پري. مون مٿي عرض ڪيو
ته سائين نه، سڳا وٽي نه ڇيلا يا پاڏا يا ڳئون،
ٻڪري وٺي نه ڪارا ڪڪڙ ۽ دُنيا گهورائي ڪاڍاڻا
ڪڍرائي، نه پاڻ کي نقش سليماني جو ماهر سڏائي ڪو
نذرانو وٺي.
هڪ ڀيري حُجت ڪندي کانئس پُڇيم ته سائين ڪنهن کي
ڀلا پُٽ ڄمي ۽ هُو ٻڪري ڪاهي اچي توهان کي ڏئي ته
وٺندو؟ پاڻ يڪدم چيائين ته ادا آءُ ڪنهن جي ٻچي جي
وات مان کير ڪيئن ڦريندس. جي ٻڪري آءُ وٺان ته هو
جيڪو پتڪڙو دنيا ۾ آيو آهي سو دُڪو ڪٿان کائيندو.
سو شاعريءَ جي ڏات کان سواءِ هن امُلهه ۽ دردِ دل
رکندڙ مٽيءَ جي پُتلي کي رب تعاليٰ ٻيون انيڪ
انساني خوبيون عَطا ڪيون آهن.
مرتضيٰ ڏاڏاهي ڇا آهي، ڪير آهي؟ انهيءَ انت تائين
پُهچڻ ته مُشڪل آهي. سندس هڪ هڪ خوبي الڳ الڳ
عنوان جي طبلگار آهي. غرور، وڏائي، تڪبر، ته سندس
مزاج جو ڪڏهن حصو ئي نه رهيا آهن. هڪ اعليٰ آدرشي
انسان آهي. سندس ڪافي ”قرب واري ڪئي ڪچهري سا مِٺا
وسري نٿي“ سا ته وسارڻ جي ئي نه آهي مگر سندس رهاڻ
۽ ڪچهريءَ کي ڪير وساري اهو ڪنهن جي وَس آهي؟ سندس
رس ۽ چس ڀري رهاڻ ايتري ته قربائتي هوندي آهي جو
روح کي سُرور پيا ايندا آهن. سندس گفتگو دوران کِل
مذاق ۽ ڀوڳ چرچو به نهايت بامقصد هوندو آهي. جڏهن
اسان ڪنهن شخصيت جو ڇيد ڪندا آهيون ته، هڪ سٺي
انسان ۾ ڪهڙيون خوبيون ۽ خصلتون هئڻ گهرجن، جن جي
بنياد تي سندس رت ۽ گوشت مان ٺهيل پُتلي جو اڀياس
ڪندي سندس مايو ماپي سگهجي، ته ڏاڏاهيءَ جي سڄي
شخصيت مونکي سندس ئي هن شعر جي محور تي گهُمندي
نظر آئي ته.
وسارياسين دوکا، سپيئي دوستن جا،
نه دشمن ٿياسين، ڪڏهن دشمنن جا،
اڱڻ آيو جيڪو کيڪاري ڇڏيوسين،
وهيو واپريو ڇا، وساري ڇڏيوسين،
غمن ۾ به کلندي گذاريوسين.
کلي کيڪارڻ ۽ مُرڪي مِلڻ جو انداز ته، ڪو سکي ئي
ڏاڏاهي صاحب کان پراون کي پنهنجو ڪرڻ ۽ پنهنجن سان
پيار ڪرڻ ته سندس شيوو آهي. مِلڻ جُلڻ جو هڪ منفرد
انداز، جيڪو کيس قدرت عطا ڪيو آهي، سو شال سڀني کي
نصيب ٿيئي. وڏو هجي يا ننڍو، اديب، شاعر هجي يا
سياستدان، سماجي ورڪر، صحافي يا ڪو سياسي ڪارڪن
فلعن جو شوقين، فنڪار يا فقير ڪير ۾ هجي جيڪو ساڻس
ملندو سو بي اختيار چوندو ته مرتضيٰ منهنجو آهي.
مهمان نوازي: جيڻوڻيڪ پاڻ مالدار ۽ پئسي وارو بلڪل
نه آهي ۽ نه ئي ڪو سندس مُريد آهي جن تي مارو
هُجيس. ”پراڻي مال تي ٽوپي نِراڙ تي“ وانگر مگر
پوءِ به دوستن ته ڇا! پر رڳو سُڃاڻون ماڻهن لاءِ
به سندس دسترخوان ڪُشادو هوندو آهي. جيڪو به ساڻس
مِلڻ لاءِ وٽس ويو ”جهڙو حال پريان نال“ کيس ماني
کائڻ لاءِ اوَس اسرار ڪندو. صَفا نه، ته به انهن
بسڪيٽ ۽ شربت کان سواءِ ته اصل ڪونه ڇڏيندو ۽ اهو
وٽس ڪي نوڪر چاڪر يا ٻانهيون ڪونه آهن جو کڻي
کارائين. باوجود بيمار ۽ ڪمزور هئڻ جي سڄي خدمت
پاڻ يا سندس لائق فرزند جاويد مرتضيٰ يا سجاد
مرتضيٰ ڪندا ۽ ٻانهون ٻڌي اڳيان بيٺل هوندا جَسَ
هجي اهڙي سالم سپوت اولاد کي.
هڪ دفعي کانئس پُڇيم ته سائين هن موت مار
مهانگائيءَ ۾ ڪيئن ٿا دوستن جي تواضع ڪريو؟
مُرڪندي وراڻيائين ته ڇڏيار، کارائيندي ڪو ماڻهو
کٽندو آهي ڇا؟ رب ڏيڻ وارو آهي، مون مسڪين جي ڪهڙي
مجال آهي جو کارائي سگهان. سائينءَ جي يا باشي،
ڄاڻ سُڃاڻ ۽ دوستيءَ جو حلقو به نهايت وسيع آهي.
ريڊيو، ٽي وي، پرنٽ ميڊيا، اديب، دانشور، شاعر،
سماجي وَرڪر، فلاحي ادارن وارا، سياستدان، ڊاڪٽر،
ڳائڻا، ڳائڻيون هندو، مسلمان سڀني سان برابر
نڀائيندو اچي.
بااُصول صحافي: ڏاڏاهي صاحب صحافت جي شُعبي سان پڻ
ڪافي وقت وابسطه رهيو سال 1972ع کان 2002ع تائين
روزانه هلال پاڪستان جو رپورٽر رهيو ۽ اربعا خطا
جي عنوان سان باقاعده ڪالم نويس به رهيو. سندس اهو
دور به هڪ يادگار آهي.
جڏهن اڄ جي، صحافتي ڪردار ۽ رُجحانات کي ٿو ڏسجي
ته، پاڻ صحافتي فرشتا هئا. نه ڪنهن کان چندو، نه
اڳاڙي نه بليڪ ميلنگ، خدا ڪارڻ خبرون هلائڻ، انهن
۾ به انصاف ڪرڻ، نه، جي حضوري، نه چمچاگيري، نه
خوشنودگيءَ جي خواهش، ۽ نه ئي صحافت کي وسيله
روزگار بنائڻ پاڻ ٽنڊي الهيار ۾ صحافت جا پير پختا
ڪرڻ لاءِ 1972ع ۾ پنهنجي ٽن ساٿين گلاب هڪڙو صاحب
(مرحوم) محمد ڪامِل سمون صاحب (مرحوم) ۽ دوست علي
ڀٽي صاحب (مرحوم) سان گڏجي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب جو
بنياد رکيائين ۽ اڄ به ان تي سندس باني هئڻ جو
بورڊ آويزان آهي. پريس ڪلب جا باني هئڻ جي باوجود
ڪڏهن به اُن پليٽ فارم کي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ
استعمال نه ڪيائون. نه ته اڄ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾، جتي
سندس چاهيندڙ، متوالن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو
جهمڳهٽو هوندو آهي ۽ جي چار سڄڻ وڌيڪ اچن ته، محبت
۾ بيٺا هوندا آهن. ان جاءِ تي پاڻ هڪ عاليشان
بنگلي ۽ ڊگهي ڪار جو مالڪ هُجي ها. مگر هتي ته
ماڳهين قصو ئي اُبتو آهي. جي بيمار ٿئي (جيڪو اڪثر
رهي ٿو) ته پيو سُور کائيندو، تڙپندو، مگر، دوستن،
همدردن کي پنهنجي علاج لاءِ چندو ڪرڻ کان به منع
ڪندو ۽ انفرادي طور تي به، مالي مدد کان انڪاري.
خليل جبران چيو آهي ته دنيا ۾ هميشه تڪليفن منجهان
گذري ئي سگهارا روح سامهون آيا آهن. دنيا جا سمورا
وڏا ماڻهو (ڪردار) زخمن سان ڀريل آهن ۽ مونکي
ڏاڏاهي انهن سِٽن جو مظهر لڳندو آهي.
ڏاڏاهي صاحب ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي ڌرتي،
قوم ۽ ماروئڙن جي اهنجن کان آجو نه رکيو آهي.
مولانا رومي فرمائي ٿو ته! ”جيڪو ماڻهو پنهنجي
ديس، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم جي سورن تڪليفن
اذيتين ۽ ناانصافين کان لاتعلق آهي، ان جو مذهب
مڪاري، قابليت خود غرضي ۽ شرافت جو ناٽڪ آهي.
ڌرتي ۽ قوم جو اونو انسانيت جي نشاني آهي، هنن
سِٽن جي پيرا ۾ جيڪڏهن اسان ڏاڏاهي ۾ گُڻ
ڳولينداسين ته پاڻ انهن لفظن ۽ انهيءَ سوچ جي چٽي
تصوير نظر ايندا.
ڏاڏاهي جي هَرعَمل ۽ اُٿي ويٺي ۾ قومي پيڙا ۽
شاعري ۾ ڌرتي ۽ قوم جو درد سمايل آهي.
ڀٽائي، جيڪو رومي جي مثنوي هميشه پاڻ سان گڏ رکندو
هو، سو پڻ رومي جي قومي فلسفي جي تائيد ڪندي
فرمائي ٿو ته.
آءُ ڪيئن ڇڏيان سومرا، تِن پهنوارن پچار،
جَڙ جنين جي جيءَ ۾، لڳي ريءَ لوهار،
ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،
پکا ۽ پهنوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
ساڳيو ئي تسلسُل وَرجائيندي ۽ برقرار رکندي،
ڏاڏاهي فرمائي ٿو ته:
پون ياد پل پل پنهنوارن جون ڳالهيون،
عُمر ڪين وِسرن، ڳنوارن جون ڳالهيون.
جنين وٽ جنم ٿيو، تني کي ٿي ساريان،
گهڙي آءُ غافل، ڪڏهن ڪا نه گهاريان،
وڻن مون ويڙهيچن، ولهارن جون ڳالهيون.
ماڻهو ڏاڍو مطلب پرست ۽ خودغرض، لالچي ۽ اذيت پسند
هوندو آهي. ٻين جي دل آزادي ۽ تڪليف، سندس تسڪين
جو باعث هوندي آهي. مگر مرتضيٰ جهڙا ماڻهو انهن
مڪروهه عيبن کان مٿاهان ۽ ڪوهين ڏور آهن. ڏاڏاهي
صاحب ايترو ته نازڪ مزاج، حساس ۽ نرم دل رکندڙ
انسان آهي جو پاڻ ڪنهن کي دڙڪو ڏئي، اهو ته ممڪن
ئي ڪونهي. پر ڪوبه ڪنهن جي دل آزاري ڪري، ڪو ڪنهن
کي ستائي ته، پاڻ اهو لڪاءُ ڏسي روئڻ ۾ پئجي ويندو
۽ هفتن تائين پيو انهيءَ منظر کي ورجائيندو ۽
افسوس ڪندو. کانئس ڪنهن جي به تڪليف ڏٺي ڪونه
ٿيندي آهي انهيءَ ڪري ته چوي ٿو ته.
خوش رهين اي خوشنما، هَرڪا خوشي توتان نثار،
زنده دِل زنده هُجين، هي زندگي توتان نثار.
هڪ باوقار مهذب ۽ رَڄ مُڙس واريون خاصيتون جيڪڏهن
ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهي سڀ قدر منجهس موجود آهن ۽
پاڻ انهن گڻن جو بهترين درس ڏيندڙ استاد ڀٽ آهي.
جيتوڻيڪ پاڻ هاڻي نوجوان نه آهي مگر سندن اُٿي
ويٺي ۽ ڀڙڪو اهو ئي ساڳيو جواني وارو آهي. آيل سان
اُٿي ملڻ، ويندڙ کي دروازي تائين رُخصت ڪرڻ، ماني
کارائڻ کان اڳ مِهمان جا هٿ ڌئارڻ، ويندي مهمان کي
پليٽ ۾ ٻوڏ وڌائي ڏيڻ تائين پيو خدمت ڪندو. ان کان
علاوه هميشه پاڻ کي صاف سُٿرو، اَڇو اُجرو ۽ ٽِپ
ٽاپ رکڻ. جيستائين وهنجي، ڏاڙهي لاهي استري ٿيل
ڪپڙو ۽ پالش ٿيل بوٽ نه پائيندو اوسيتائين ٻاهر به
ڪونه نڪرندو پاڻ چوندو آهي ته ادا اسين عاشق جي
اٻالا هونداسين ته محبوبن کي ڪيئن وڻنداسين.
محترم سليم بچاڻي جيڪو پاڻ شاعر، اديب ۽ هر دلعزيز
شخصيت جو مالڪ هو ان سان سائين جون ٻٽيهه دليون
هُيون ۽ ساڻس خاص اُنس هوندو هوس ۽ هُو به سائينءَ
سان بي انتها پيار ڪندڙ انسان هو. پاڻ ٽنڊي الهيار
جي بچاڻي گهراڻي جي سُکئي ستابي خاندان جو فرد هو
مگر برملا چوندو هو ته آءُ مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو
معشوق آهيان اوچتي وڇوڙي تي مون ڏاڏهيءَ جي وجود
کي پرزا پرزا ٿيندي ڏٺو. مُلهه ڏاڏاهي صاحب جي
صحافتي باب ۾ اضافو ڪندي عرض ڪندس ته پاڻ 1972ع
کان اڳ روزاني عبرت، سنڌ ٽائيمز ۽ مهراڻ سان پڻ
مختلف وقتن تي وابسطه رهيا.
هڪ نهايت ايماندار، سچي ۽ نيڪ مرد انسان هئڻ جي
باعث سرڪاري ادارن توڙي سماجي ڀلائي جي مختلف
تنظيمن ۾ سدائين سندس ضرورت ۽ اهميت پئي محسوس ڪئي
ويئي آهي پاڻ هلال احمر ڪميٽي، اينٽي نارڪوٽڪس
ڪميٽي، ڪرائيم ڪنٽرول ڪميٽي، تعليمي ڪميٽي، پيشنٽ
ويلفيئر سوسائٽي، سٽيزن ڪميٽي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ
مئنيجمينٽ ڪميٽي ٽنڊوالهيار جا مُکي ميمبر رهندا
پئي آيا آهن ۽ انهن ڪميٽين ۾ سندس موجودگي ٻين
لاءِ پڻ راههِ مشڪل رهي آهي علمي، ادبي، سماجي
خدمتن جي عيوض کين مختلف وقتن تي لاتعداد اعزازن ۽
ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي پاڻ، شاهه لطيف
ايوارڊ، سهڻي ميهار گولڊ ميڊل، نئين زندگي گولڊن
جوبلي ايوارڊ، مهراڻ ڪلچرل ايوارڊ سوشل ويلفيئر
ڪميٽي ايوارڊ، آرٽ لورس ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد ايوارڊ، بلديه حسن ڪارڪردگي ايوارڊ، ڍول
فقير ايوارڊ، مصطفيٰ قريشي ايوارڊ 1992 ۾ ادب
دوستن پاران سندس تاج پوشي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران
کين لڳ ٻڌرائي ويئي.
سال 2018ع ۾ کين حسن ڪارڪردگي ۽ عظيم عوامي شاعر
جي مڃتا طور ملڪ جي وڏي اهم صدارتي ايوارڊ سان
نوازيو ويو ان کان علاوه ٻيا به گهڻائي ايوارڊ ۽
سرٽيفيڪٽ وغيره پاڻ ماڻي چڪا آهن ۽ زندگي جي سفر ۾
ڳڻڻ کان مٿي ساڻس رهاڻيون ۽ شامون ملهايون ويون
آهن.
عظيم ڏاهو ۽ جڳ مشهور اسڪالر سائين حسام الدين
راشدي صاحب سندس شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هو.
پاڻ چٽي طرح چوندو هو ته ڏاڏاهي ڦٽيل دلين جو
درمان آهي ۽ اهو پڻ فرمائيندا هئا ته جڏهن
ڏاڏاهيءَ جي ڪافي ٻڌندو آهيان ته ائين لڳندو اٿم
ته آءُ ئي ڪلام ٺاهيان پيو ۽ خود ئي ڳايان پيو. ۽
سائين مخدوم طالب المولا صاحب پڻ ڏاڏاهي صاحب کي
ڏاڍو چاهيندا ۽ پسند ڪندا هئا ۽ کين تعريفي خط
لکندا هئا، جيڪي اڄ به سائين مرتضيٰ وٽ محفوظ آهن.
مڃتا طور محترم حاجي خيرمحمد کوکر صاحب جڏهن تعلقي
ميونسپل ٽنڊوالهيار جا ناظم هئا ته پاڻ ادب ۽ علم
دوستي جو ثبوت ڏيندي، ميونسپل ائڊمنسٽريشن طرفان
برصغير جي هن عظيم عوامي شاعر ۽ دردِ دل رکندڙ ڳڻن
ڀرئي انسان جي نالي سان مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي شال
تعمير ڪرايو، جنهن ۾ ادبي علمي، سماجي ۽ تعميري
فيض جو آب جاري آهي. ڏاڏاهي صاحب پاڻ کي رڳو هڪ
عوامي شاعر هئڻ تائين محدود ڪونه رکيو آهي، مگر
پاڻ پنهنجن هَمعصرن توڙي نوجوانن ۾ علمي جاڳرتا
پئدا ڪرڻ لاءِ هميشه اڳڀرا رهندا پئي آيا آهن.
انهيءَ کيتر ۾ ”بزم مرتضيٰ“ وتايو فقير يادگار
ڪميٽي“ ڏاڏاهي ادبي تنظيم (ڏات) جو پايو وجهندڙ
آهي. هن وقت (ڏات) جي صدر هئڻ جو اعزازبندءِ ناچيز
کي آهي. جيڪو سندم لاءِ نهايت فخر جي ڳالهه آهي.
هي رحم ڍل انسان ڪنهن ساهه واري جي شڪار کي پاپ
سمجهي ٿو باقي سندس شڪاري اکين ته ڪيترا اهل دل
پنهنجي دام ۾ ڦاسايا آهن. سونهن ڏاڏاهي جي ڪمزوري
آهي. پاڻ ئي چوندو آهي ته هَر عاشق شاعرنه هوندو
آهي مگر هَر شاعر عاشق ضرور هوندو آهي. اهم سندن
اکين جي ڪشش ۽ ڪردار جو ڪمال آهي جو هن وقت به سنڌ
جي ڪيترن نوجوان ادب دوستن جو گهيرو سندن چؤگرد
رهي ٿو:
زماني جا، گل و گلزار سارا،
اوهان جي سونهن تان صدقي سارا.
ياوري هيئن به فرمائي ٿو ته،
سونهن سندم ڪمزوري آهي.
سونهن تان صدقي ٿيندو آهيان.
سو ڏاڏاهي صاحب فلمون ڏسڻ، راڳ ٻڌڻ، سنڌ جا ميلا
ملاکڙا گهمڻ ۽ تاريخي ماڳن جو سير ڪرڻ جا به شوقين
جا آهن. سندن والد صاحب گهوڙن جو شوقين هو
تنهنڪري پاڻ به وهي ۾ خوب گهوڙي سواري ڪيائون. اهو
شوق ته کين اڄ به آهي مگر هاڻي بيوس اٺن بار ڇڏيا.
باقي کاڌي پيتي ۾ اڄ به تتر جو پلاءُ، لسي، کير-
توري ۽ ميهن جا خوب شوقين آهن.
رب پاڪ کين شل وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت عطا فرمائي
آمين.
زخم زندگيءَ ۾، نه ڪنهن کي رسائي،
وري پاڻ سو وار ڦٽجي ڏٺوسين،
زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳيئي مري جي ڏٺوسين. |