محمد ٻارڻ
سجاول
غزل
ياخدا منهنجي سنڌي ڪُل قوم جي پارت اٿئي،
پيرسن ڳڀرو جوان، معصوم جي پارت اٿئي.
سنڌ کي جن جي دعائن، سان سلامت تو رکيو،
تن ڀٽائيءَ ۽ سچل، مخدوم جي پارت اٿئي.
مان ڏي مسڪين کي، لاچار کي نادار کي،
ڏور ڪر ڏک سور، هر مغموم جي پارت اٿئي.
هارين جا حق ڦٻايا، ٿا وڃن زوري هتي،
بي پهچ مزدور جي، مظلوم جي پارت اٿئي.
ڳٽ غلامي جو پيل، انسان جنهن کي آ جتي،
واهرو ٿي اُن مُٺي، محڪوم جي پارت اٿئي.
امن سان آراسته، عالم سڄو آباد ڪر،
رک سلامت سنڌڙي کي، روم جي پارت اٿئي.
مسئلا آهن گهڻا، سر تي ڳرا انسان جي،
خوش هجن جيئرا به هر، مرحوم جي پارت اٿئي.
در ٻيا ڀيٽي گهڻا اڄ، نيٺ تنهنجي در پُنس،
حال ٻارڻ جي سڄي، معلوم جي پارت اٿئي.
عبدالجبار’عاجز‘ منگي
شڪارپور
غزل
اصولن جي مسافت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو،
۽ سوچن جي بغاوت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
رهن انسان ٿا مايوس ڌرتيءَ تي ته جنمن کان،
سندن ڏک جي عبارت کي نه تو سمجهيو نه مان سمجهيو.
ٽُٽاسين پاڻ رشتن کان رهيو احساس سُڏڪن ۾،
۽ انساني رفاقت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
تصور جا به رُخَ بدليا نه تدبيرن ۾ تبديلي،
شناخت ۽ قيادت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
سچائيءَ جو ڇڏيوسين گَسُ تڏهن ئي روح ڀٽڪن ٿا،
صداقت جي سعادت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
خيالن سان خيالن کي ملائڻ ڀي ته مشڪل آ،
وري زير اضافت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
رُنا
مظلوم ماڻهو ڀي نه اکڙيون ڪنهن اگهيون تن
جون،
۽ دردن جي شناخت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
حقن جي پاسداريءَ ۾ جياپو آ حياتيءَ جو،
سچارن جي حمايت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
اُگهاڙا انگ ٻاڏائن لَٽي مانيءَ لئه واجهائن،
غريبن جي ته غربت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
رُڪاوٽ سوچ ۾ آهي نه اُسري ڪا ترقي آ،
۽ ماڻهن جي خطابت کي نه تو سمجهيو نه
مان
سمجهيو.
محمد بخش ’بخشل‘ چانڊيو
ننگر پارڪر
ڪافي
وجهه نه وڇوڙا دلبر تون،
جاني جيئري ڪر نه جدائي.
تولاءِ سڪندي سال ٿيا هِن،
ههڙا منهنجا حال ٿيا هِن،
هاڻ اچي ڏي ڀورل ڀَر تون،
جاني جيئري ڪر نه جدائي.
پل نه توکان دور گذاريان،
دور نه توکان مور گذاريان،
ايندين ڪڏهن چئو آخر تون،
جاني جيئري ڪر نه جدائي.
موسم ڏاڍي آهي پياري،
ڳڻتين دلڙي آهي ڳاري،
ڌيان ته ’بخشل‘ ڏي ڌر تون،
جاني جيئري ڪر نه جدائي.
غلام محمد غازي
سکر
غزل
عشق اهڙي ٿو لوري لڳائي ڇڏي،
تختئدار تي ٿو پڄائي ڇڏي.
عشق سٿرو نه آهي ڪري ڪو ڏسي،
سئن سر جي هڻي سر ڪپائي ڇڏي.
ڪنهن کي گهاڻي ۾ پيڙهائي پرزا ڪري،
ڪنهن کي نيزي مٿان ٿو ٽنگائي ڇڏي.
بي خوديءَ ۾ انالحق ٿا عاشق چون،
رنگ اهڙو ڏئي ٿو رچائي ڇڏي.
پيچ پُختا پيا پيار جا جن ۾ سي،
نينهن نانگا ڪري ٿو نچائي ڇڏي.
ڳالهه ڪهڙي تو ”غازي“ آ ڇيڙِ ڇڏي،
عشق آڙاهه جيئن ٿو جلائي ڇڏي.
مرتضيٰ جمالي
جوهي
وائي
سڙندو آهي هانءِ،
تنهنجي وڇڻڻ جي ڪري.
نٽهڻ لڳندي آ مون کي،
گهاٽي گهاٽي ڇانءِ،
تنهنجي وڇڻڻ جي ڪري.
تنهنجي ناهي ڪا خبر،
آهيان ڏکارو آنءِ،
تنهنجي وڇڻڻ جي ڪري.
پچندو آهيان جيئن پچي،
آوي اندر ٿانءِ
تنهنجي وڇڻڻ جي ڪري.
ڏاتر ڏني ڏات ۽،
ڏکن ڏنو ڏانءِ،
تنهنجي وڇڻڻ جي ڪري.
ولي محمد وفا هوت
جهڏو
غزل
آئي جي جتي ڪابه عزت ئي ڪانهي،
وڃڻ جي اتي پوءِ، ضرورت ئي ڪانهي!
محبت ۾ دوکو، دغا جو ڪري،
انهي ساڻ پنهنجي، سنگت ئي ڪانهي!
چڱي ڳالهه تي ڇو چڙي ٿا پئو،
خدا جو قسم هي فضيلت ئي ڪانهي!
لڳين هاڻ پيو تون ته غيرن کان غير،
ته ڄڻ مون سان تنهنجي ڪا نسبت ئي ڪانهي!
لائي نينهن ۽ پوءِ ننڊون جو ڪري،
ڏسڻ ۾ اچي پيو ته محبت ئي ڪانهي!
ورڻ جو وهڻ جو نه ڪنهن کي چئون،
رهي هاڻ پنهنجي ته حجت ئي ڪانهي!
ٻڌي ڳالهه ڪن هڪ مان، ٻي مان ڪڍي،
انهيءَ کي ’وفا‘ جي نصيحت ئي ڪانهي!
مُجاهد مَهَڙ
نوابشاهه
غزل
اوهان ته آهي صفا وساريو، اسان جي دل ۾ اڃان به
آهيو،
اسان کي دل مان اوهان ڌڪاريو، اسان جي دل ۾ اڃان
به آهيو.
اوهان جون يادون هُڳاءُ بڻجي، اسان جي ساهن سان گڏ
هلنديون،
ڀلي نه مُرڪي مٺا نهاريو، اسان جي دل ۾ اڃان به
آهيو.
مڃان ٿو هر شي ته فاني آ پر؟ اُميد تي آ جهان
قائم،
اسان کان ڀل پيا پري گذاريو، اسان جي دل ۾ اڃان به
آهيو.
اوهان جون ڳالهيون اوهان کي
ويهي، سڻايان ڪهڙي نموني سپرين،
اوهان جي ڳالهين اسان کي ڳاريو، اسان جي دل ۾ اڃان
به آهيو.
اسان سان ماڻا ڇڏي ڏيو پيارا، وري وطن ڏي اچو
خدارا،
اُداس دل کي اچي اُجاريو، اسان جي دل ۾ اڃان به
آهيو.
اوهان جي درشن جي آس دل ۾، مٺا ’مُجاهد‘ سدائين
آهي،
اسان جو هاڻي چيو نه ٽاريو، اسان جي دل ۾ اڃان به
آهيو.
ذاڪر حسين کٽي
جاتي
غزل
سونهن صورت جو مزو، انسان ۾،
ڏَس منزلَ جو مليو، انسان ۾.
ڇا ته تخليق آ، تخليقڪار جي،
دم ڌڻيءَ بيشڪ وڌو، انسان ۾.
چنڊ چانڊوڪي، ۽ ستارن جو قسم،
مينهن محبت، جو وُٺو، انسان ۾.
نور مان نوري، سندس محبوب ٿيو،
پاڻ خود ويهي رهيو، انسان ۾.
جنهن جا شيدائي، ملائڪ سڀ ٿيا،
راز ربَ مخفي رکيو، انسان ۾.
مدهوش ’ذاڪر‘ ٿي ويو زيارت ڪري،
جلوو آ جانبَ سندو، انسان ۾.
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
گيت
واءُ اُلفت جو گهُليو،
محبتي مَنُ آ مليو،
هر جڳهه هٻڪار ٿي.
چؤطرف
منظر سُندر،
پيو ٺري پنهنجو اندر،
من ئي من ٿڌڪار ٿي.
هر سلامي سونهن جي،
ٿي وندر ورونهن جي،
سندرتا نروار ٿي.
پيار سڪ جون راتيون،
ڪيئن سي وسرن باتيون،
پرت جي مهڪار ٿي.
جيءَ ۾ جايون ڏبيون،
قرب جون ڳالهيون ڪبيون،
محبتي درٻار ٿي.
چاهه جون جهوليون ڀريون،
پيار جون ٻوليون ڪريون،
سونهن جو سنسار ٿي.
عشق جي خوشبو عجب،
مهڪ کستوري غضب،
هر جڳهه گلزار ٿي.
محبتون وڌنديون ويون،
جَل پَريون ملنديون ويون،
پيار ۾ سهڪار ٿي.
دل ڏئي ’عادل‘ اول،
پوءِ وٺي سڀ کان مٺل،
قرب جو واپار ٿي.
جيئند علي مهر
شڪارپور
وائي
ٻري ٻري وساميا!
تولئه راتِ ڏيئڙا!
پرتِ آرزو جاڳائي،
پِنِيا پئي دُعا!
تولئه راتِ ڏيئڙا!
موٽُ ڀي او ڍوليا!
مون سان گڏ رُنا!
تولئه راتِ ڏيئڙا!
نيڻن پيچرا سجائي،
هر گهڙيءَ سِڪيا!
تولئه راتِ ڏيئڙا!
جِيءَ منهنجي ساڻ ”جيئند“،
سوڳَ ۾ ٿي جاڳيا!
تولئه راتِ ڏيئڙا!
تولئه راتِ ڏيئڙا!
قاضي مقصود احمد
مٽياري
بيت
اچين جي هيڪار، ڪهيو قبوليندي پرين،
تو ڌاران تومارَ، سرس رهيا هن سور جا!
سِرَّ چوين ٿو ڏينم، سر ته آهي ڪين ڪي،
ڪنڌ جهڪايم تو اڳيان، ڪپيو ئي ڀانئيم،
هاڻي ٻيل نه ٿيم، جيئري ڪا جنت پسان!
ويڙهي ۾ ويهي، قرب ڪچهري ڪا ڪجي،
هجون جي ٻيئي، هڪ لڳون هر ڪنهن کي!
تنورئان وڌ گهڻو، سُجهي هڪڙو تاءُ،
هڏ چم ڪري خاڪ ٿو، اکين جو اٽڪاءَ،
عشق سندو آڙاهه، شال نه لڳي ڪنهن کي.
وڪرم پارڪري
ننگر پارڪر
غزل
اجايو سجايو، جيئن بِي چئو،
کٽايو لٽايو، جيئن بِي چئو.
رمز تي ڪيو رقص آهي اسان،
نچايو کلايو، جيئن بي چئو.
رناسين ته گڏجي سدائين ۽ هاڻ،
ڦٽايو نبايو، جيئن بي چئو.
نظر ۾ اوهان ئي رهيا آهيو،
لنوايو نٽايو، جيئن بي چئو.
تڙپياسين اسان لاءِ ’وڪرم‘ سدا،
ڏکايو ستايو، جيئن بي چئو.
غازي جمالي
سکر
غزل
اوهان جون پيارا ادائون ٿيون مارن،
وري بي رخي جون سزائون ٿيون مارن.
عطائون گهريون مون جفائون ملي ويون،
اوهان جون اهي ئي جفائون ٿيون مارن.
نه دل ٿي رُڪي ايڏي پئي آهي ڦاسي،
هي دل چري جون خطائون ٿيون مارن.
سرابن پٺيان ٿو سهان سور صدمان،
اميدن جون ٿڌڙيون هوائون ٿيون مارن.
اوهان جي نشيلي نظر قيد ڪيو آ،
هي دل جون اکين کان پڇائون ٿيون مارن.
پري ٿا رهو ايڏو، غازي، کان ڇالئه،
اوهان جون اهي بي وفايون ٿيون مارن.
سجاد ميراڻي
پريان لوءِ
غزل
يار توکان سوا، گهاربو ڪيترو،
ديپ دل جو ڀلا، ٻاربو ڪيترو!
پيار پنهنجي جو ٻيڙو آ وچ سير ۾،
ساٿ تنهنجي بنا، تاربو ڪيترو!
گڏ رقيبن مان توکي ڏِسيو دل جَلي،
دل جَليءَ کي ڀلا ٺاربو ڪيترو!
ڇو واعظ! ٿو ٽوڪين تون مون کي ڀلا،
سونهن ۽ سچ کي ٽاربو ڪيترو!
زهر تنهنجي هٿن مان ٿو هر هر مِلي،
نيٺ پيئبو پرين، هاربو ڪيترو!
ياد توکي ڪندي، اک لڳي وئي مٺا،
بيوفا کي ڀلا ساربو ڪيترو!
ثمينه ميمڻ
ڄام
شورو
غزل
قَلَمَ ڪڏهوڪر ساٿ ڇڏيو آ،
زخم جهُريو آ تازو ٿيو آ.
پاڻان ڄاڻِي شعر جُڙيو آ،
جدا جڏهن کان ٿيڻو پيو آ.
تُنهنجون يادون سوچون سپنا،
جيون اِن بِنِ ڪجهه نه رهيو آ.
آءُ ته گلابي گيت آلاپيون،
سُورن ساز وري ڇيڙيو آ.
غزل
جو نه چاهيم لِکڻ سو به لِکجي ويو،
جي لِڪائڻ گهُريم نه لِڪجي سگهيو.
منهنجي ڀر ۾ هوندي، هو به ڏور ٿي ويو،
نه وسارڻ چاهيم پوءِ به وسري ويو.
هُو به پنهنجو هُئو ايئن سمجهي ويٺيس،
ڪرڻ پنهنجو چاهيم ٿي نه پنهنجو سگهيو.
هُو به روئي ويٺو ياد شايد ڪري،
رات اونداهي اندر سُڏڪيو هيو!
نجمه پنهور
ڄام
شورو
گيت
سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پُڄاڻي آ،
هي ڳالهه نئين ناهي، جذبن جي ڪهاڻي آ.
هي ڌرتي منهنجي ماءُ مٺي، سونهن جي ساکي آ،
هِن ديس جي هر نار، نئين دؤر جي ٻاگهي آ.
چئي پيءَ منهنجي ڌيءَ ڏسو ڪيڏي سڀاڳي آ،
هيءَ هاڻي نه ڌڪبي ڪڏهن، هيءَ ديس ڌياڻي آ.
سي ڏينهن ويا خوف جا، سُڏڪن جي ڪهاڻي آ.
هَٽ هاڻ سندس راهه تي شيشا نه ڪي رکجان،
ڪا ڳالهه ڪري ڪوڙي ڪو الزام نه مڙهجان،
ٻُڌ ڏينهن ويا ڊوهه جا، سي ڏينهن نه سڏجان،
هي راڄ سڄو هُن جو آ، هُو راڄ جي راڻي آ،
سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پڄاڻي آ.
هٿ ناٽ تنهنجي هٿ جا سڀئي ڪيئن نه ڊهي پيا،
جي ڪات ڪيا تيز اُهي توتي وهي پيا،
اڄ ڏس ته سڄي ڏيهه ۾ ڇا گهاٽ ٺهي پيا،
هن موت کي ڏئي مات، وري واڳ ورائي آ،
سي ڏينهن ويا خوف جا، سُڏڪن جي پڄاڻي.
هڪ تڙپ، پنهنجي ڏيهه سان سڀ ڏرت پڄايان،
ڪنڊن کي هٽائي رڳو گُل ئي ورهايان،
مان پاڻ جيئان، سک جا پر احساس ورهايان،
هيءَ سوچ کڻي سنڌ جي نڪتي هوءَ نياڻي آ،
سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پڄاڻي آ.
هي ڳالهه نئين ناهي، جذبن جي ڪهاڻي آ.
ڊاڪٽر فتح علي ٽالپر مخلص
ڀٽ شاهه
غزل
وئي ڪُسي بيڏوهه، ٿي ڪاري ڪٿي،
تنهنجي لئه انصاف، اي! ناري ڪٿي.
جڳ اندر ماده پرستي وئي وڌي،
دوست ڪَن ٿا هاڻ دلداري ڪٿي.
منهنجي سورن ساڻ هو سهمت ٿئي،
اڄ سياست منجهه سرداري ڪٿي.
اڄ محبت ناهه معياري ڪٿي،
هاڻ يارن ۾ وفاداري ڪٿي.
هڪ به مٺڙو ٻول تون ٻولين نٿو،
ٻي ڪندين تون ناز برداري ڪٿي.
ڪيئن رقيبن سان سينو ساهيان،
ڪٿ هي دربان ۽ هو درباري ڪٿي.
دل جو گهر مخصوص آ تولئه صرف،
تنهنجي جاءِ ٻي ڪنهن آ والاري ڪٿي.
پِرت جا ڪيئن ايندا اي ’مخلص‘ پتنگ،
شوق جي تو ڪا شمع ٻاري ڪٿي.
اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
نظم
منهنجا وطن
جابجا جنت نشان منهنجا وطن،
زينتِ ڪون و مڪان منهنجا وطن!
تنهنجي هرسُو هاڪ دنيا ۾ سُڄي،
تنهنجو اعليٰ عزو شان منهنجا وطن!
چار سُو توحيد جي تو ۾ تنوار،
توتي موليٰ مهربان، منهنجا وطن!
ڪونه ٿو بيهجي سگهي ٻيو نظريو،
تنهنجي منهنجي درميان منهنجا وطن!
تنهنجي سڀڪا رات، چوڏهين چنڊ جيئن،
ڏينهن هرهڪ ضوفشان منهنجا وطن!
تنهنجا ماڻهو محبتي ۽ جانثار،
سرخرو ۽ جانِ جان منهنجا وطن!
تنهنجيون بستيون، ڳوٺ، واهڻ ۽ ڳليون،
شادمان ئي شادمان منهنجا وطن!
تنهنجي سيني تان نه شل پاڻي کُٽي،
رهن سڀ درياءَ روان منهنجا وطن!
ياخدا مهراڻ کي رک موجزن،
۽ ٿين سارنگ سنوان منهنجا وطن!
آ دعاڳو تنهنجي عزت شان لئه،
هي ’جمالِ‘ ناتوان منهنجا وطن.
عبدالواسع عبد ”سهندڙو“
شڪارپور
شڪارپور جو نوحو
داستان درد وارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو،
شاندار ۽ پيارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
اڳ وجود هو نه منهنجو، هو شڪارگاهه ٻيلو،
چار چنڊ پوءِ لڳائي، راڄ ڀاڳي رنگ ميلو،
چنڊ کي منڊ يارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
سونهن سوڀيا ۾ منهنجو، هو مثال ڪونه ڪوئي،
لاجواب شهر سهڻو، ايشيا ۾ هو نه ڪوئي،
ياد آهه ناز نيارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
”سنڌ واهه“
سانوڻي ۾، کل خوشيءَ جو آستانو،
مرد ٻار عورتن لئه، هو شنان شادمانو،
گهاٽ سُڃ ڪڙ ڪنارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
ڪوٽ شهر کي وڏو هو، اٺ(2) در ها
نشانبر،
گم ٿيا ڪي ۽ ڪي ٿين ٿا، نامدار آ لکيدر،
اوج ان جو غم گذارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
”قافلي قلعي“ ۾ ئي هو، خشڪ ميوو ايندو هوجو،
پڻ هِتان به کنڊ ڪپڙو، ”وچ ايشيا“ ويندو هو جو،
يادگار سو نه يارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
”ڍڪ بزار(3)“ خوب خاصي، ساڳو ان جي
بناوت،
شاهڪار شان واري، بي نظير آ علامت،
ڪاٺ ڪاٺ داغ ڪارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
وقت ڪنهن ۾ ”باغ شاهي“ دلفريب هو ته وهوا،
گل غونچ وڻ ٻوٽا، ريل ڇيل ڇا ته وهوا،
چُور چُور روڊ چارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
اسپتال ”اوڌو(4)“ جي، يادگار آ سلامت،
درسگاهه سنگهه ”سيتل“
ڪئي اسان تي هي عنايت،
ماڳ ماڳ آ ڏکارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
علم ادب جي شمع هڪ، خوب روشن هئي هتي جو،
راجپال هڪ ”سنڌو(6)“ هو، ميگزين جو
ڪڍيندو،
ديپ دور گپ انڌارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
ها سليم ۽ ثميره(7) قلم ڪار صاف ظاهر،
هڪ اياز ٻيو آ سامي، ٽيون نياز خاص شاعر،
ويا وڄائي وقت وارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
صبح شام خوب ٿيندي، ڇنڊ ڦوڪ شهر جي هي،
بم بکيڙو جابجاء هو، واس خاص قهر جي هي،
ڀڙڀينگ کڙ کنڊارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
انتظام ڇا ته اعليٰ؟ گهر گهٽي هو پاڪ صاف،
هو حسين ڄڻ ته پيرس، چوڪ چارو آسپاس،
هنڌ هنڌ گپ گارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
واڳ منهنجي هئي هندن هٿن ۾، ڏينهن رات هو سهانو،
اوج موج نينهن ناتو، ياد آهه سو زمانو،
ڪير ٽيڪ ڏي سهارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
امن جو به آشيانو، ٿيو گولي جو نشانو،
شهر ۾ آ ڄڻ کُلي ويو، بم جو ڪو ڪارخانو،
ڏينهن شينهن خوف وارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
ٿيا وزير کوڙ توڙي، پوءِ به درد سور ٻيڻا،
لاعلاج مرض ناهي، وڌو ڌارا حال هيڻا،
ڪنهن نه آندو آ سڌارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
عدن آهه هاڻي، ٿي ويڳاڻي راڄ راڻي،
ڍونڍ ڌپ گند ڪچرو، ڇيڪ شهر ۾ آ پاڻي،
سم ڪلر جر کارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
چوپچو هئي چاهه واري، چهچٽو ۽ رنگ منهنجو،
ڇا عروج ڇا جواني، ’سهندڙا‘ هو سنگ منهنجو،
گهنج گهاوَ ٿيو نظارو، اڄ شڪارپور ٻڌايو.
لوڪ
ادب
تاج محمد ’تاج‘ هاليپوٽو
شادي پلي
اسين نِپنا ناري جا
ابيات
اسين نِپنا ناري جا، پاريون قول قرار،
نڪي رنجايون راڄ کي، پلپل ڪريون پيار،
سدا هجن سر تي، کڻي بيحد بار،
هلي ته به هَر وار، مهلون ڪريون منٽن ۾.
اسين نِپنا ناري جا، نه ڄاڻون ڪوڙُ ڪُپت،
يَڪي رکون ياري ٿا، سهڻي صاف سنگت،
پيارَ واري پاڙي سان، هَلون ٿا هَلت،
نمي ڪريون نِوڙت، نه رکون آڪڙ اندر ۾.
اسين نِپنا ناري جا، ڌاريون وَڏا ڌڻ،
کايو روز خوش ٿيون، ڌونئرا کيرَ مکڻ،
اچي جيڪو اڱڻ تي، ڏيون محبت مڻ،
جيسين ڏينهن جيئڻ، پاريون پَت پريت جي.
اسين نِپنا ناري جا، نه رکون رُسامو رَنجُ،
جيڪو ملي مهل تي، گهڻو ڀانيون گنجُ،
جيئڻ هت جهان ۾، ڪي پلڪ چار پنج،
گهوڙو ساجهر سَنج، سعيو ڪر ڪو سفر جو.
اسين نِپنا ناري جا، نه آهيون اکيون پُورَ،
رکون ننگ نياڻين جا، بيشڪ ٿا ڀَرپور،
سانڍيون ڪين سيني ۾، هردم هٺ غُرور،
ڪريون قرب وارن سان، محبت جا مذڪور،
اُلفت جا انگورَ، ونڊيون روز واٽن تي.
اسين نِپنا ناري جا، اُٿي کيڙيون کيٽَ،
پورهيو ڪري پچايون، ڪَتيون توڻي چيٽَ،
کيرَ، ڌونئري مکڻ مان، پنهنجو ڀَريون پيٽَ،
مُرڪي ملون محبت مان، لحظو نه ڪريون ليٽَ،
ڀلي ڪريو ڀيٽَ، ناهيون ڪَسا قربَ ۾.
اسين نِپنا ناري جا، ڪريون روز رهاڻ،
مِڙي وهون مچَ تي، سِري سَنجهي ساڻ،
واري اَچون وچينءَ جو، وَڳر منجهه وٿاڻ،
ماهيا کيرَ ماٽين ۾، ٻي ساڳن جي سُرهاڻ،
مَهند ماني مهمان جي، پوءِ کائون ٿا پاڻ،
اهڙا رکون اُهڃان، صدين کان سنسارَ ۾.
اسين نِپنا ناري جا، رکون نه زنگ ذرو،
حاضر ٿيون هڪل ۾، ٻڌي پرت پَرو،
سِڪايون نه سائل جو، ڪَريون هٿ هَرو،
جيڪو ناحق ڏي نَرو، سو سهون ڪين سنگت ۾.
سو سَهون ڪين سنگت ۾، ڌِڪي ڪريون ڌار،
ساري رکون ساٿ ۾، مُڙس مڻيادار،
پري ڪريون پاڻ کان، چُغل چورَ چَڪار،
محبت وارن ماڻهن سان، ونڊيون ڪي ويچار،
وڏو وڻج واپار، پُڇڻ پنڌ پريت جو.
پُڇڻ پنڌ پريت جو، ڏاهن سندو ڏَسُ،
ادب ۽ اخلاق جو، گوهر وٺن گسُ،
مِلن صِلا سچائيءَ جا، وَرن ولهارين وَس،
نيت صاف مُراد حاصل، ڪونه لڳندي ڪَس،
بِنهه ڪَر تون بَس، ادا اجائي آڪڙ کان.
عاصي عبدالواحد هڪڙو
ٽنڊو الهيار
”ڪيترن ماڻهن کي ائين چوندي ٻڌو اٿم ته رچنا
ڪرڻ آهي سور کائي ٻار ڄڻڻ سمان، مگر مون کي ته
رچنا ڪرڻ مهل پرڪرتيءَ سان لين ٿي وڃڻ جو آنند
محسوس ٿيندو آهي. پنهنجي چوگرد لوڪن جا دک سک،
لڳ لاڳاپا، وير ساڙ، همدرديون ۽ حسد. هزارين
احساس کنيو، منهنجو تصور هڪ اهڙي دنيا وڃڻ
چاهيندو آهي، جاهجي سچائي، سونهن ۽ سٺائيءَ جو
سنگم، ڪڏهن دک جا نظارا چٽيندي اکين مان لُڙڪ
لڙي پوندا آهن ته به ائين پيو لڳندو آهي، ڄڻ
مان دک جي ندي پار ڪندي، سک جي سرسبز کيت
ڏانهن پئي وڃان.
ڪابه ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول يا ڪويتا لکندي ائين
لڳندو اٿم ته چوڌاري ڏٺل ڪردارن ۽ واقعن جو بس
ويٺي نقل ڪريان. رچنا جي لاءِ ٺوس حقيقتن جي
ڍانچي مٿان پنهنجي ڪلپنا، ڪلا، سوجهه ٻوجهه ۽
ويچار جو ماس چاڙهڻ بلڪل ضروري آهي. رچنا،
ڪورين حقيقتن جي رڳي فوٽي گرافي ڪرڻ ناهي.
ائين ته حقيقتن جا ڍير اسان جي چوگرد خوب
پکڙيا پيا آهن. جهڙا سنڌباد لاءِ هيرن جي
ماٿريءَ ۾ هيرا، ليڪن هرڪو هيرو گهڙجڻ ۽ پرکجڻ
کان پوءِ ئي ڪنهن نو ورنيءَ جي سينگار جو زيور
بڻجي سگهي ٿو.
جڏهن روزاني جيوت جي حقيقتن جي اکٽ ڀنڊار مان
رچنا ڪار ڪجهه کڻي، ان تي ڪلا ۽ ڪلپنا جو پوش
چاڙهي ٿو ڇڏي. تڏهن واچيندڙ عجب ٿو کائي. اڙي
هيءَ ته حقيقت مون به ڏٺي هئي..... مگر رچنا
جو روپ پوءِ اهڙو آهي جهڙو پٽ ڪنئين جي وات
مان نڪتل ريشم جي تند، جا وستر جو روپ ڌاري،
ڪنهن جوانڙيءَ جي جسم مٿان سهڻي پوشاڪ بڻجي
ٻَهڪي پئي.“
سُندري اُتمچنداڻي
ٽماهي ’مهراڻ‘ 3-4/1993ع
ص 128 تان کنيل
|