سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

 

 

 

 

وينجهرو: سڪرنڊ تعلقي جو وِساريل تاريخي ماڳ

تاريخي طور سر زمين سنڌ ۾ موئن جي دڙي ۽ چانهوءَ جي دڙي کان وٺي وينجهري تائين ڪيئي تاريخي، جاگرافيائي ماڳ، مڪان ۽ سياسي سماجي، تهذيبي ۽ تمدني روايتون ۽ حقيقتون دفن ٿيل آهن. ضرورت آهي ته انهن عظيم تاريخي دفينين کي تاريخي تحقيق جي روشنيءَ ۾ پرکي پروڙي ڇنڊي ڇاڻي روشناس ڪجي ۽ انهن مان جيڪي تاريخي حقيقتون سامهون اچن، انهن کي اُجاگر ڪجي.

سردست اسان هتي سڪرنڊ تعلقي جي مُغل دور، بلڪ ان کان به اڳ ۾ آباد ڪيل تاريخي ماڳ ’وينجهري‘ جو ذڪر ڪريون ٿا.

محل وقوع: سنڌو درياء جي کاٻي ڪپ تي وچولي سنڌ ضلعي شهيد بينظيرآباد (نواب شاهه) تعلقي سڪرنڊ ۾، سڪرنڊ- قاضي احمد مين روڊ، مشائخ بس اسٽاپ کان چند ڪلوميٽر اولهه طرف، ڳوٺ پيرشاهه ڀِراڙي کان ويجهو، مشائخ شاخ کان ڏکڻ پاسي سڏ پنڌ تي وينجهري جا ڦٽل کنڊرات موجود آهن.

روايتون ۽ تاريخي حقيقتون: روايتي ۽ تاريخي طور مشهور آهي ته سيوهڻ سرڪار جي لاکاٽ پرڳڻي ۾ وينجهرو شهر، ڪوٽ ۽ قلعو، مغل دور، بلڪ ان کان اڳ وسندڙ شهر، درياهي پتڻ ۽ وڻج واپار جو مرڪز هو ۽ وينجهر ذات جي ماڻهن جو آباد ڪيل شهر هو، انڪري انهي شهر جو نالو ’وينجهرو‘ پئجي ويو.

’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ هن تاريخي ماڳ، ڪوٽ قلعي، تَر جي ماڻهن لاکن، سميجن انڙن، هوسڙن ملاحن ۽ ٻين ذاتين جو ذڪر موجود آهي. هنن جون پاڻ ۾ ذاتي رنجشون ۽ جهيڙن جهٽن ۽ مغل ڪارندن جي قهري ڪارواين جو احوال به آيل آهي. هتي پاڻيءَ جي ڍنڍ، ڍورن ۽ باغن بُستانن جو بيان به موجود آهي.

مشاهدو: اسان وينجهري جو قديمي ماڳ چاليهارو سال اڳ ڏٺو هو. هينئر ٻيو ڀيرو اهو تاريخي ماڳ ڏسڻ وياسون ته وينجهري جي حالت ٻي هئي، تاريخ 23 ڊسمبر 2019ع تي ڳوٺ دڙي مگسي تعلقي سڪرنڊ مان راقم، برادرم مختيار مگسي، عزيز ذوالفقار مگسي سان گڏ اسان پهريان ڳوٺ عارف انڙ ۾ ’مخدوم بلاول لائبرري‘ جو ديدار ڪيو. اُتان چانهه پي، ڪتاب دوست عاشق حسين انڙ گڏجي ’وينجهرو‘ ڏسڻ وياسون.

جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته وينجهري جي ايراضي ٽيهارو ايڪڙ ۽ ڪوٽ قلعا ساڍن ٽن ايڪڙن ۾ هئا، پر هن وقت وينجهري جا کنڊرات زرعي آبادي هيٺ آهن. دڙي تي الڳ الڳ ٻه ڳوٺ آباد آهن، جن ۾ جٽ قوم جا گهر آهن. اصل ماڳ بنهه ٿورو وڃي رهيو آهي. هينئر اتي جي رهاڪو محمد يونس ولد عبدالغفور جٽ پنهنجي ڄاڻ موجب ٻڌايو ته:

”اسان جا مائٽ ورهاڱي کان پوءِ هتي اچي رهيا آهن ۽ هيءَ زمين اسان جي مُلهه خريد ڪيل آهي. آسپاس ٻين ماڻهن جي به زمين ورتل ۽ آباد ڪيل آهي. هتي ڦِٽل ٽي دڙا آهن. هر ڪاهڻ سان ٺڪر جا ٿانءَ ۽ ٽوٽا ٻاهر نڪرن ٿا. اسان اُنهن کي هاري ماڻهو سنڀاري نه سگهيا آهيون. وري اسان جا ننڍا ٻار انهن ٺڪرن سان راند ڪري انهن کي ڀڃي ڇڏين ٿا. اڄ به برسيم مان گاهه ڪندي، سُلفي نموني پورو ڊگهو ڀڳل پراڻو ٺڪر نڪتو آهي.“ اهو سُلفي نموني ٺڪر آڻي اسان کي ڏيکاريائين. اسان دڙي تي پيل پُراڻين سِرن، ٽوٽن ٽُڪرن ۽ ٿانون جي ٺِڪرين جا نمونا ٽڙيل پکڙيل ڏٺاسون ۽ انهن جا ڦوٽو ڪڍياسون.

محمد يونس جٽ وڌيڪ ٻڌايو ته، ڪجهه وقت اڳ واٽر مان پاڻي هيٺ کاٽ هنيو ته هيٺان انساني ڍانچا ۽ هڏا نڪتا هئا. ان مان لڳي ٿو ته هي غرق ٿيل شهر آهي؟

اسان کيس ٻڌايو ته هي شهر غرق ٿيل نه آهي، پر ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ فارسي موجب، مغل دور يا ان کان به اڳ ۾ وينجهر قبيلي جو آباد ڪيل قديمي شهر آهي. هِتي لاکاٽ پرڳڻي جي لاکن، سميجن انڙن، مناهيجن ۽ هوسڙن ملاحن جون مغل لشڪر سان لڙايون ٿيون هيون. جن ويڙهاندن ۾ مُغل فوجي به ماريا ويا هئا ۽ تر جي ماڻهن مان هزار سميجا مارجي ويا هئا. ست سؤ قيد ڪيا ويا. انهن جو مال متاع ڦُريو لُٽيو ويو ۽ سؤ هوسڙا ملاح ڦاهي تي لٽڪايا ويا هئا (صفحو 131، 132). ان تي محمد يونس چيو ته، ان بابت اسان کي ڪابه خبر ڪانهي. باقي هِنن دڙن جي چوڌاري سڏ پنڌ تي ويجهو ويجهو ٽي وڏا قبرستان آهن: ڏکڻ طرف ’آري لاکي جو قبرستان‘، اوڀر ڏانهن ’پاڻ پير جو مقام‘ ۽ اولهه پاسي ’نانگو شاهه قبرستان.‘

اسان کيس ٻڌايو ته هي سڄو علائقو مقامي ماڻهن ۽ مُغل ڪارندن جي ويڙهاند جو ميدان رهيو آهي. اسان محمد يونس کان پڇيو ته: ڪنهن وقت هتي ٽي پڪيون قبرون مُغل فوجين يا مقامي اُنڙن جون هيون ۽ هڪ قبر تڪو پير نالي به هئي. (ٽماهي ’مهراڻ‘ 1 ۽ 2، 1982ع) ان تي چيائين ته مون کي خبر هجي ها ته توهان کي ڏيکاريان ها. گهرن واري دڙي تي قبرون ڪونهن.

 

وينجهري جي قديم ڦِٽل ماڳ تي ٽِڙيل پکڙيل ٺِڪراٺو

Text Box: وينجهري جي قديم ڦِٽل ماڳ تي ٽِڙيل پکڙيل ٺِڪراٺو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ۾ آهي ته: وينجهري جو قلعو مُغلن کان به اڳ جو آهي. مير ابوالقاسم پاران ان جي مرمت ڪرايل ٿي ڏسجي...... هي دڙو زمين جي سطح کان 5 .2 ميٽر اوچو آهي. دڙي تي جهنگلي ٻوٽا ۽ جهاڙيون ڦُٽل آهن. مقامي ماڻهن دڙي تي والار ڪري ان جو وڏو حصو زرعي زمين هيٺ آڻي ڇڏيو آهي.... چوڌاري سِرن جا اڌڙ ٽوٽا ۽ ٺڪراٺو پکڙيل آهي.... گهڻي قدر مليل ٺڪريون ڳاڙهي رنگ ۽ ڪجسي (Dull) ڳاڙهي رنگ جون آهن. ڳاڙهي تي ڪارو سُڃاتل سنڌو وارو ٺڪراٺو ملي ٿو، جنهن  تي ڄاريدار لڪيرون، ٽِڪنڊا ۽ ٻيون ليڪون، مهندي (Geometry) ڪارا چِٽ، زنجير وانگر ڌارون نڪتل آهن. هلڪي ڳاڙهي تي پيلي رنگ ۽ ڪريم ڪلر جا تهدار ٿورا گهڻا ٺِڪر مليا آهن. ڪٽ چڙهيل سِڪا جي سڃاڻپ ۾ نه ٿا اچن، اڪثر ٿوري کوٽڻ سان لڀن ٿا، (تلخيص 304، 307)

موجوده حالت ۽ حفاظت: وينجهري جي حفاظت، لاءِ سڪرنڊ جي اديبن، شاعرن ۽ صحافين ڪوشش ڪري نواب شاهه جي بالا آفيسرن کي هن تاريخي ماڳ کي بچائڻ ۽ حفاظت بابت ٻڌايو ۽ عملدار وينجهري جي سرزمين تي به آيا ۽ وينجهري جي حفاظت لاءِ هائوڪار به ڪيائون، پر اڃان تائين نه وينجهري ماڳ جي روينيو رڪارڊ موجب حدبندي ٿي آهي ته اصل ايراضي ڪيتري آهي؟ نه چوديواري آهي، نه خاردار تارون لڳيون آهن ۽ نه وينجهري مان لڌل شيون ميوزم ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن ته جيئن سڪرنڊ تعلقي جو هيءُ تاريخي ماڳ وڌيڪ قبضي کان محفوظ رهي. بهرحال هن وقت تاريخي ماڳ وينجهرو مقامي ماڻهن جي بي حسي ۽ تاريخ دانن ۽ آثار قديمه جي ماهرن کي توجهه ڏيارڻ ۽ حفاظت ڪرڻ لاءِ نه رڳو ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، بلڪ سُڏڪا ڀري رهيو آهي!

ڪير فردوسي ٿئي؟

جو وري هڪ داستان،

اڄ لِکي سِنڌ جو ڏئي!

وينجهري ڏسڻ کان پوءِ ان سان لاڳاپيل ويجهو ڏکڻ طرف ’آري لاکو قبرستان‘ وڃي ڏٺوسون. مُنڍ ۾ اوڀر کان مٿان پَڙ پيل هڪ وڏي ڪچي قبر آهي ۽ مُقام اولهه پاسي هڪ قبو ڊٺل صورت ۾ هو. ڪنهن قبر تي نالو لکيل نه هو. غالباً وڏي ڪچي قبر آري لاکي جي آهي، پر اتي ويجهو ٻنيءَ تي بيٺل هارين آري لاکي جي قبر جي نشاندهي نه ڪئي.

ان کان بعد اسان ’پاڻ پير مقام‘ جي پاسي کان لنگهي، وينجهري جي اولهه طرف ’نانگو شاهه نوراني قبرستان‘ ۾ آياسون. اتي خدمتگار لياقت آرائين مليو. هن ٻڌايو ته اندازاً نانگو شاهه نوراني، آري لاکي کان اڳ جو آهي ۽ ڪربلا مان آيل آهي. منهنجي پيءُ فقير قربان ٽي سال اڳ نانگي شاهه تي قبو ٺهرايو آهي.

اتي خيرمحمد خاصخيلي، الهه يار لاشاري ۽ ڦوٽو راڄپر مليا. انهن ٻڌايو ته نانگي شاهه مقام اندر اتر پاسي کان هوسڙن ملاحن جون لاڳيتيون سؤ قبرون آهن. گذريل تاريخ جي هن ڀيانڪ واقعي تي اسان جا وار ڪانڊارجي ويا. هينئر اُهي گهڻيون قبرون کٻڙن جي ڄارين اندر ڍڪجي ويون آهن. البت ڪنهن به قبر تي تاريخ ۽ ڪتبو لڳل نه آهي. اسان کي انهن ماڻهن هلي لاڳيتو سؤ قبرون ڏيکاريون. اسان انهن قديم قبرن جو يادگار طور ڦوٽو ڪڍيو. مقامي مشاهدي کان پوءِ اسان انهن قبرن جي نشاندهي ڪرڻ وارن ماڻهن کي ٻڌايو ته، هي قديم قبرستان نانگو شاهه نوراني، توڻي آري لاکو ۽ پاڻ پير مقام هڪ ئي دور  جا ۽ هن وينجهري ماڳ جي تر جي قتل ٿيل ماڻهن سان وابسته معلوم ٿين ٿا. هي ٽئي پراڻا قبرستان ۽ وچ وارو وينجهري جو ڦِٽل ماڳ هڪ ئي گڏيل کنڊرات واري ايراضي جا نشان سمجهڻ گُهرجن.

اسان کي اتان واپسي تي سيد ٻُڍل شاهه ڀراڙي وارو به زمين تي مليو. بعد ۾ ريڻ شاخ جي اولهه طرف ’شهيدن جو مقام‘ ڏٺوسون. اتي اڳ ۾ ٽي قُبا هئا. اتر پاسي ٻه قبا ڊهي ويا آهن، باقي هڪ قبو به خسته حالت ۾ هو. اندر قبر به ميساريل هئي. تاريخ ۽ نالو لکيل نه هو، ته اهي شهيد ڪهڙي دور جا آهن؟ شهيدن جي مقام ۾ هن وقت ڪوبه ماڻهو دفن ڪونه ٿا ڪن.

اتان دعا گهري ريڻ شاخ جي لڳ اوڀر طرف سيد شاهه مراد بخاري جي قديم قبرستان‘ ۾ آياسون، جيڪو چاليهن ايڪڙن ۾ آهي. شاهه مراد تي سائو قبو ٺهيل آهي. اندر مقبري ۾ ٻه قبرون آهن. وچ تي شاهه مراد جي قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي:

هو الباقي

وصال مرحوم مغفور ميان سيد شاهه مراد

بخاري عليہ الرحمة

تاريخ 14 رمضان شريف 596هجري

ٻي قبر شاهه مراد جي مزار ويجهو اولهه پاسي سيد امين محمد شاهه جي آهي، اُن قبر تي هي ڪتبو لکيل آهي:

هو الباقي

وصال مرحوم مغفور ميان سيد امين محمد شاهه

عليہ الرحمة بتاريخ 12 ماهه ربيع الاول 597هجري

هنن سيدن جي قبرن تي لڳل تاريخي ڪتبن مان معلوم ٿيو ته هي ٻئي سيد شاهه مراد ۽ امين محمد شاهه، قلندر لال شهباز سيوهاڻي جي وفات 673 هجريءَ کان ستهتر، اٺهتر سال يعني مُني صديءَ کان اڳ جا آهن ۽ انهي مان ظاهر آهي ته سڪرنڊ تعلقي ۾ آڳاٽي وقت يعني ڇهين صدي هجريءَ جون قديم قبرون موجود آهن.

شاهه مراد بخاري جي مقبري لڳ ڏکڻ پاسي ٻاهران خدمتگارن جون قديم قبرون آهن، انهن جا نالا ۽ وفات جا سال هي لکيل آهي:

ميان الهه ڏنو فقير        (وفات: 594 هجري)

ميان رمضان فقير (وفات: 696 هجري)

ميان ڌيرائو فقير   (وفات: 872 هجري)

ميان محبوب فقير        (وفات 884 هجري)

اِهي خدمتگار ڀاڻوجا انڙ آهن. هن وقت شاهه مراد بخاري جو خدمتگار به وارث فقير ڀاڻوجو آهي. مزار تي مقبرو به وارث فقير جي چاچي اسحاق فقير ڀاڻوجي پنجاهه سال اڳ ۾ جوڙايو هو.

فقير وارث ڀاڻوجي ٻڌايو ته، شاهه مراد بخاري لڳ اتر پاسي ’ڳاڙهو مقام‘ مشهور آهي. ڪنهن زماني ۾ هتي وڏي لڙائي لڳي هئي، گهڻا ماڻهو مُئا ۽ گهڻي رتوڇاڻ ٿي، ڄڻ هي سڄو ميدان رت سان ڳاڙهو ٿي ويو. ان ڪري لاشا اُتي ئي دفن ڪيا ويا، ان ڪري هيءُ مقام ’ڳاڙهو مقام‘ نالي مشهور ٿي ويو! اسان دعا گهري تصويرون ڪڍي، وارث فقير ڀاڻوجي کان موڪلائي، ڳوٺ عارف انڙ ۾ عاشق حسين انڙ وٽ اچي ماني کاڌي. موڪلائي ڳوٺ واپس ايندي، علم دوست حاجي محمد ملوڪ انڙ وٽ ڳوٺ راهب شاهه ۾ سندس ’طارق لائبرري‘ ڏسڻ وياسون. لائبرري بند هئي ۽ حاجي ملوڪ انڙ سڪرنڊ ويل هو. اهڙي طرح هي تاريخي قديم ماڳ ڏسي، اسان نماشام پنهنجي ڳوٺ دڙي مگسي پهتاسون.

]تاريخ مظهر شاهجهاني فارسي، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، ٽه ماهي ’مهراڻ‘، شمارو 1 ۽ 2- 1982ع ۽ مقامي ماڻهن کان مليل روايتون ۽ مُشاهدو.[

 ذوالفقار علي جلباڻي

 

لغت نويسيءَ جو فن ۽ ان جي مختصر تاريخ جو جائزو

 

 

ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج جو اهم سبب لغتون ئي هونديون آهن، جنهن زبان ۾ لغتن جو وافر مقدار موجود هوندو آهي، اهي ئي زبانون پنهنجي ٻوليءَ جي بقا جي ضمانت ڏينديون آهن. سنڌي زبان ۾ ڪيتريون لغتون ترتيب ڏنيون ويون آهن انهن لغتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان پنهنجي وسيع پکيڙ رکي ٿي ۽ هر قسم جي علم ۽ هنر جي لفظن جو ذخيرو هن زبان ۾ موجود آهي. هن زبان جي علمي وسعت جو اندازو سنڌي زبان جي لغتن مان لڳائي سگهجي ٿو ته، اهي ترتيب ڏنل لغتون سنڌي ٻوليءَ جي ضمانت ڏين ٿيون. لغتن مان اها گواهي ملندي آهي ته جن زبانن ۾ لغتون موجود آهن انهن جي ٻوليءَ کي ڪو به لهر لوڏو نه ايندو آهي، ڇو ته لغتن جي ترتيب ۽ ٽحقيق مان اها ڳالهه نظر ايندي آهي ته ٻوليءَ جي زاني ۾ ڪيترو زنبيل آهي ۽ ڪيتري کوٽ آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان جي لغتن ۾ لفظ، اشقاق، پهاڪا، محاورا، اصطلاح، انوکا انوکا اظهار ٿيل آهن  ۽ لطيف نڪتا ۽ انهن جون معنائون شامل ڪيل آهن. دنيا ۾ لغتون انهن سمورن علمي فڪرن جي دعوت ڏينديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي لغتن جي اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي زبان ۾ لغت نويسي جو فن ايڏو قديم ۽ ايڏو جديد به ڪونه آهي. هت ڪجهه نڪتا بيان ڪجن ٿا ته سنڌي زبان جي لغت نويسي جي فن بابت هيٺ ڏنل نڪته غور هيٺ رکي سگهجن ٿا.

1. لغت ڇا آهي 2. لغت نويسي جا ڪهڙا اصول ۽ پيمانا آهن 3. لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ روايت 4. لغت لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن 5. لغت جي فن جي اهميت ۽ افاديت 6. لغت نويسيءَ جا اصول ڪهڙا آهن. 7. سنڌي زبان ۾ لغت نويسيءَ جي روايت ۽ لغت نويس 8. مشهور سنڌي لغتون ۽ انهن جو تعارف 9. سنڌي زبان جي لغتن جي لساني اهميت 10. لغت نويسيءَ جا قسم 11. علم اللغات ۽ سنڌي زبان ۾ لغت سازيءَ جي روايت 12. لوڪ ادب ۽ لغت نويس 13. سنڌي لغت جي ترقيءَ ۾ علمي ادبي، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جو ڪردار. مٿيان اهڙا موضوع آهن جن بابت سنڌي لغتن جي تاريخ ۽ فن تي ڀرپور تحقيق پيش ڪري سگهجي ٿي.

لغت ڇا آهي: علم اللغات کي انگريزيءَ ۾ lexicology چيو وڃي ٿو. اها لسانيات جي علم جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ لغت سازي اصولي توڙي عملي لغات سازيءَ لاءِ طئي ڪيل قاعدا قانون ۽ اصول سيکاريا ويندا آهن، ان علم سان لسانيات جا ئي ٻيا علم پڻ تربيت جو حصو ٿيندا آهن.

لغت جا اصول ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: (1) "Semantics" يا معنويات ذريعي لفظن جون معنائون، لغوي توڙي اصطلاحي معنيٰ حاصل ڪرڻ لاءِ علامتن (Symbols) کي سمجهڻ ۽ انهن جي وصف ڪرڻ جو عمل ٿيندو آهي.

(2) "Etymology" يا علم اشتقاق ۽ لفظن جي بڻ بنياد ۽ ارتقا جي ڄاڻ به هڪ حد تائين ان سکيا ۾ ضروري آهي.

(3) "phonology" يا علم صوتيات ذريعي لغت جي لفظن جي آوازن ۽ اچارن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي.

(4) "Morphology" يا علم صرفيات جي ڄاڻ ذريعي لفظن جي جوڙجڪ ۽ ساخت سمجهڻ لاءِ ضروري هوندي آهي.

(5) "Syntax" علم نحويات يا گرامر جي ڄاڻ ذريعي لفظن جي ويا ڪرڻي حيثيت طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

(6) "Orthography" لکت، الفابيٽ ۽ صورتخطيءَ جا مسئلا هن علم ذريعي حاصل ڪري سگهبا ۽ لَطن جي خارجي ۽ داخلي ترتيب کي الف- بي وار ڪرڻ پڻ هن علم ذريعي آسان ٿئي ٿو. انهن سمورن علمن جي گڏيل اڀياس سان علم لغات جو ڪم جهڙوڪر لغت سازيءَ جي عملي تربيت ڏيڻ ٿئي ٿو. (1)

”لفظ ڊڪشنري، لاطيني ٻوليءَ جي لفظ  Dictionarious۽ Dictionarium مان ٺهيل آهي، لاطينيءَ ۾ "Dictio" معنيٰ Saying (چوڻي)، اهو لفظ خاص ڪري اهڙي ڪتاب لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ لفظ الفابيٽ جي ترتيب سان ڏنل هجن. سڀ کان پهريائين 3 (ٽئين) صدي قبل مسيح ۾ اپولونيس (Apollonious) جي پاران هومر جي لفظن جي معنائن جي ڏسڻي (Lexicon) ٺاهي وئي هئي. 1532ع ۾ رابر ايسٽين ۽ سندس پٽ لاطيني ڊڪشنريون ٺاهيون. ان کانپوءِ اهو سلسلو يونان ۾ هلي پيو، ۽ ڏٺو وڃي ته دنيا جي اڪثر ٻولين جون ڊڪشنريون ٺهيون. 17 عيسوي صديءَ ۾ اطالوي( 2161ع) فرينچ 1694ع، اسپيني 39- 1726ع ٻولين جون ڊڪشنريون شامل آهن. انهيءَ صديءِ ۾ انگريزيءَ ۾ سڀ کان اهم ڪم هو جانسن پاران 1755ع ۾ ٺاهيل تفصيلي ۽ ضخيم ڊڪشنري، جنهن کان اڳ ۾ ناٿن بيليءَ نالي ماڻهوءَ به هڪ ننڍڙي ڊڪشنري 1721ع ۾ ٺاهي هئي، پر جانسن واري ڊڪشنري معنائن ۽ سمجهاڻين ۾ سندس راءِ شامل هئڻ ڪري اهميت رکي ٿي، ان کان پوءِ وري 1854ع ڌاري وليم گرم جرمني ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪم شروع ڪيو. 1928- 1884ع واري دور ۾ انگريزي ٻوليءَ جي لاءِ هڪ تمام اهو ڪم ٿيو، جيڪو انگريزي ڊڪشنري جي تاريخ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيو.

New English Dictionary On. Historical Principles. نالي سان اها ڊڪشنري، سرجيمس مري، ڊاڪٽر هينري برئڊلي ۽ ٻين ٺاهي هئي، ان کانسواءِ ويبسٽر (Webster) آمريڪن ڊڪشنري (1828ع) سان آمريڪا ۾ اهو سلسلو هليو. 1968ع ۾ پهريون ڀيرو آڪسفورڊ ڊڪشنري سي ٽي اينن (Onion) جي ترتيب ڏنل وڏي اهتمام سان ڇاپي پڌري ڪئي وئي، ان کانپوءِ ڪيمبرج ڊڪشنري آئي ۽ هن وقت تائين انهن ٻنهي ڊڪشنرين جا ڇاپا اچي چڪا آهن. ويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڇپيل ڊڪشنرين ۾ هرهڪ لفظ جي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ معنيٰ ۽ ان جي اشتقاق، بڻ بنياد، ويا ڪرڻي حيثيت بابت معلومات ڏيڻ جو رواج پيو. اهو ئي طريقو هاڻي دنيا جي ٻولين جي اڪثر ڊڪشنرين ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي.

جيئن ته مٿي اها ڳالهه ڪري چڪا آهيون ته، ڊڪشنري يا لغت هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ الفابيٽ (سنڌي الف- ب يا انگريزي ABC يا ڪنهن به ٻوليءَ جي اهڙن اکرن) جي ترتيب سان لفظن جون معنائون ڏنيون آهن. اهڙيون لغتون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن.

1. هڪ ٻوليائي

2. ٻه ٻوليائي، پهرين قسم جي لغتن ۾ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جا سمورا يا صرف ڏکيا لفظ ڏئي انهن جي معنيٰ يا متبادل لفظ ساڳي ٻوليءَ ۾ ڏبا آهن. (2)

”لغات اهو بنيادي، حوالن لاءِ تيار ڪيل ڪتاب يا مواد آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ مروج/ رائج لفظن کي الف- ب وار گڏ ڪري انهن لفظن جي اچارن، تلفظ، لفظن جي لکڻ لاءِ هجي (Spelling) انهن لفظن جي معنائن، مفهوم، سمجهاڻي، ڌاتن، بنيادي صورتن، صيغن ۽ اشتقاقن کانسواءِ جملن، فقرن، اصطلاحن، پهاڪن، چوڻين، شعرو شاعريءَ کان سواءِ انهن جي خطي وار استعمال، مفهوم ۽ ڪارج سمجهايل هجي. (3)

”ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي- انگريزي ڊڪشنري، جيڪا بمبئي سرڪار 1885ع ۾ ڇپرائي هئي، ان ۾ ديوناگري سنڌي لپي هئي جيڪا هاڻ 2011ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ديوناگريءَ سان گڏ عربي لپيءَ ۾ ڇپائي آهي، ان کي 1879ع ۾ جارج شرٽ، مرزا صادق علي بيگ ۽ اڌارام ٿانورداس سامهون رکي، عربي لپيءَ ۾ پنهنجي ڊڪشنري ڇپرائي (ڪراچيءَ مان) ان ۾ هجئين جي مسئلي ڏانهن مرتبن جو ڌيان هو، جن لکيو هو ته: ”اسين گهرون ٿا ته هن ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترن سنڌي لفظن جون جدا جدا هجيئون ڏنيون ويون آهن، چاهي اهي هجيئن جا فرق گهڻا نظر ايندا هجن، پر هن وقت انهن کي ڊڪشنريءَ مان هٽائي ڇڏڻ ممڪن نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي لفظن جا اهڙا علحده علحده اچار نه فقط ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ٻڌڻ ۾ اچن، پر اهي سڀ لکيل ٻوليءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، ممڪن آهي ته لفظن جون اهي سڀ مختلف صورتون لکاوٽ ۾ پنهنجو وجود رکي نه سگهن، انهن مختلف هجئين مان ڪن جو استعمال لکاوٽ مان جيترو جلدئي ڪڍي ڇڏجي اوترو بهتر ٿيندو، پر هن وقت اسين انومان ڪري سگهون ٿا ته جدا جدا هجئين مان ڪهڙيون هجئين وڃي آخر ۾ قائم رهنديون، هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن کي ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ ۾ بحث جو موضوع بنائڻ گهرجي. (4)

لغت جا قسم: Lexicography لغات جا ٻه قسم ٿيندا آهن 1. اصولي لغت سازي Theoritical (Lexicography) ٻيو عملي لغت سازي (Practical Lexicography) پهرين قسم موجب لغت ٺاهڻ لاءِ لفظن، انهن جي معنائن جو عالماڻي طريقي سان تجزيو ڪرڻ، انهن ڀاڃ (Decipherment) ڪرڻ يا حيثيت جو تعين ڪرڻ، بڻ بڻياد يا ارتقا معلوم ڪرڻ ۽ لفظن جو پاڻ ۾ تعلق ڏسڻ شامل آهي.

Theoretical Lexicography is scholarly discipline of analyzing and deciphering semantics, symtomatic and paradigmatic relationship within the lexicon vocabulary.

اهي اصول آهن جن تي هلي ڪوبه لغت ساز، لغت لکڻ جو عمل يعني لغت نويسي ڪري سگهي ٿو.

علمي لغت سازي (Practical Lexicography) لغت جو خاڪو جوڙي ان کي لکڻ ۽ مرتب ڪرڻ يا سهيڙڻ بابت آهي. ان جي وصف هن ريت ٿيندي:

It is the art or craft of compiling, writing and editing dictionaries

ان ڏس ۾ جيڪي ڳالهيون خيال ۾ رکڻيون آهن ۽ جن تي لکڻو آهي هن ريت ڄاڻايل آهن.

Practial Laxicographic work involves several activities, and the compilation of well crafted dictionaries require careful consideration of all or same Or same of the following aspects.

1. Profiling the intended users (i-e linguistic and nonlinguistic competence) and identifying their needs

2.Defining the communicative and cognitive functions of the dictionary

3. Selecting and organizing the components of the dictionary.

4. Choosing the appropriate Structures for presenting the data in the dictionary.

5.Selecting words and affixes for systematization as entries.

6. Selecting collocations, phrase and examples

7. Defining words.

8. Organizing definitions

9. Specifying pronunciations of words.

10. labeling definitions and pronunciations for register and dialect, where appropriate.

11. Selecting equivalents in be and multilingual dictionaries.

12.Translating collocations, phrases and examples in bi- and multilingual dictionaries.

13. Designing the best way in which users can access the data in printed and electronic dictionaries.

(5)

لغتون جيئن ته ڌار ڌار قسمن تي مشتمل هونديون آهن، ان ڪري ڪن خاص قسم جي لغتن ۾ خطيوار، جاتيوار، ۽ ڌنڌيوار لفظن جو ذخيرو گڏ ڪيل هوندو آهي.

لغتن جا ڪيئي قسم بيان ڪيا ويا آهن، ۽ ڏٺا ويا آهن، هر شاهوڪار زبان ۾ لغتن جا قسم ڪثرت ۾ ملن ٿا. سنڌي زبان به جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي شاهوڪار زبانن مان هڪ آهي، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ۽ آزاد راءِ ڏني وڃي ته، هيئن چئبو ته، سنڌي زبان ۾ لغات جي سلسلي ۾ اڃا ايترو گهڻو ڪم ڪونه ٿيو آهي، جو هن زبان کي انگريزي، فرينچ، جپاني، بنگالي، هندي يا ٻين مشرقي يا معربي ملڪن جي زبانن ته ٺهيو، پر ڏکڻ ايشيا جي زبانن سان ڀيٽي سگهجي، پر تنهن هوندي به اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته اردو زبان سميت، پاڪستان جي ٻين زبانن جي مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾، سرڪاري مدد نه ملڻ جي باوجود تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، ۽ هيءُ زبان انهن زبانن کان وڌيڪ ترقي يافته آهي، ۽ اڳتي آهي.

”مطالعي جي مدد سان لغتن جا جا هيٺيان ڌار ڌار قسم مقرر ڪري سگهجن ٿا.

(الف) لهجي- وار يا اُپڀاشا/ اُپڀاشائن تي مشتمل لُغات: هن قسم واري لغات ۾ ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ لهجي يا لهجن ۾ رائج لفظن جي ذخيري کي گڏ ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن ڏس ۾ لهجن تي ڪم گهڻو ڪونه ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به هيٺيان ڪتاب هن موضوع ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. انهن ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن/ اُپڀاشائن ۽ روز مره واري ٻولي/ ٻولين تي مواد ملي ٿو.

1. سنڌي ٻولي جي تاريخ 2. ٻيلاين جا ٻول 3. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ 4. ريگستان (سير ريگستان) 5 بدنصيب ٿري 6. آفتاڀ ادب 7. سير ڪوهستان 8. لاڙ جو سير 9. لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ 10. سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي 11. ڪڇين جا قول 12. سبي واري علائقي ۾ ٻولين جو لساني جائزو 13. لاڙ جي لغت.

(ب) جاتيوار ٻولين جي لغات: الڳ الڳ جاگرافي يا ٻوليائي اُپڀاشائن کان سواءِ ڌار ڌار جاتياتي اُپڀاشائن تي مشتمل لفظن جو ذخيرو گڏ ڪري انهن جون لغتون ٺاهيون ويون آهن. پر سو گدواڻي صاحب هن ڏس ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جي راءِ موجب جت، سوڍا، سما، سومرا الڳ الڳ قومون يا جاتيون آهن، جن جي جاتيوار اُپڀاشائن/ محاورن ۾ فرق آهي، يعني انهن جون جاتيوار اُپڀاشائون آهن: هر هڪ اُپڀاشا جي لفظن کي گڏ ڪري ڌار ڌار جاتيوار لغات ٺاهيون ويون آهن. هن ڏس ۾ ڀارت ۾ گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي: خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي اَنمل يونيورسٽيءَ جي در  اوڙي ٻولين واري اداري ته گهڻو ئي ڪم ڪيو آهي. سنڌ ۾ به هن قسم وارين لغتن تي تحقيق ٿي سگهي ٿي.

مثلاً:

خواجن، جتن، ريٻاڙين، اوڏن، ڪولهين، ڀيلن، ميگهواڙن، باگڙين، سوڍن، سمن، سومرن، شڪارين، مهاڻن ۽ شيدين وغيره جي ماحول ۾ رائج لفظن جون لغتون ٺاهي سگهجي ٿيون.

(ت) ڌنڌي وار لفظن جون لغتون: ڊاڪٽر گدواڻيءَ اهڙي قسم جي لغات طرف اشارو ڪيو آهي. ”جامع سنڌي لغات“ ۾ پڻ ڌار ڌار ڪرت ڪندڙن جي ڪرت لاءِ رائج لفظ شامل ڪيا ويا آهن، پر هن (جامع سنڌي لغات) لغات کي خاص ڌنڌي وار لفظن جي لغات ڪونه چئبو. سنڌي زبان ۾ هن قسم جي لغات مرحوم ڊاڪٽر محمد صالح شاهه تيار ڪئي هئي. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڌارڌار ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي ذخيري تي مشتمل لغات، ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ اهم هوندي آهي.

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي جو حوالو ڏيندي ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر پرسو گدواڻيءَ جو خيال آهي ته: ”ڌنڌي وارين اُپڀاشائن جو شيد- ڀنڊار ڪٺو ڪرڻ، انهن لفظن جو اشتقاقي اڀياس ڪرڻ ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪن لفظن جي ڄاڻ پوي. (6)

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ڌنڌي وار ماڻهن جي جيڪا فهرست ڏني آهي، اها آهي: ڪنڀر ۽ مهاڻا وغيره الانا صاحب لکي ٿو ته: ”ته هي فهرست وڏي آهي: مثلا:

هاري، ناري، اوٺار، ڌڻولي، ڀاڳيا، جهانگي، سانگي، واڍا، لوهار، ڪنڀار، سونارا، ساٽي، سوٽهڙ، ٺاٺارا، رنگريز، سيلاوٽا، پيڃارا، بورچي، ملاح، ڪوري، ڪوڪڙي، ڪاريا، اوڏ، کاٽير، رازا، ڪاشيگر، طبيب، وگهامل، تيلي، سراز، موچي ۽ سوچي وغيره (7)

(ث) ڌاتو ڪوش (Btymological dictionary)

هن قسم وارين لغتن ۾ لفظن جا ڌاتو، بنياد، ماده ۽ اشتقاق ڏنا ويندا آهن. هر قسم واريون لغتون، ٻولين جي تاريخي ابتدا ۽ا رتقا جي اڀياس ۾ مدد ڪن ٿيون. سنڌيءَ ۾ هن کيتر ۾ ئي گهڻو ڪم ٿيو آهي.

هيٺيان ڪوش خاص فخر ڪرڻ جي لائق آهن:

(1) جامع سنڌي لغات (2) وئتپتي ڪوش (3) تحقيق لغات سنڌي (4) Philological Guruousities انهن کان علاوه شاعرن جي ڪلام جا ڪوش به لکيل آهن جن جا نالا الڳ الڳ ڏنا ويا آهن.

(ج) جامع سنڌي لغات: هن قسم واريون اهي لغتون هر لحاظ کان جامع آهن. جن ۾ لهجي وار لفظن جا مجموعا، جاتيوار اُپڀاشائن جا شبد، ڀنڊار، ڌنڌي وار لفظن جون لڙهيون، لفظن جا ڌاتو، اُچار، ماده اشتقاق ڏنل هوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هن قسم واري لغات لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي. (8)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”هن لغات لاءِ سڄيءَ سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ مان عام رائج لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ جي هر ضلعي جي مکيه ڀاڱن ۾ مڪاني ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهن لاءِ پنهنجي تَرَ جي ٻولي جا الفاظ ۽ اططلاح هٿ ڪري موڪلين مثلاً: ڪاسبين، ڪنڀارن، لوهارن، ڪورين، واڍن، وگهاملن جا الفاظ ۽ اصطلاح: جنسن جا نالا: مقامي ريتن، رسمن، جهڙوڪ: شادي، غمي، ميلن، ملاکڙن جا اصطلاح، ڀرت جا نالا وغيره: اٺن، گهوڙن جا سازن، سنجن، پنڌن، بيمارين ۽ ملاحن جا الفاظ ۽ اصطلاح: پوک جي مڙني قسمن جي پوکڻ ۽ سنڀارڻ جا الفاظ ۽ اصطلاح: ميوي جي فصلن جهڙوڪ: انب، کجي وغيره جا اصطلاح ۽ الفاظ. هن سلسلي ۾ هي احتياط پڻ رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي مڙني مکيه محاورن يعني ته لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، کاري، ڪڇ ۽ لس ٻيلي جي مخصوص ٻولين جا انوکا عام رائج الفاظ ۽ اصطلاح هن لغات ۾ شامل ڪري سگهجن. (9)

(ح) ثقافتي قسم جي لغات: هن قسم جي لغات ۾ ثقافت سان واسطو رکندڙ موضوعن وارا لفظ گڏ ڪيا ويندا آهن. ڌار ڌار جاتين جي ثقافت وغيره جي جهلڪ هن قسم جي لغات ۾ نظر ايندي آهي.

(خ) دو لساني لغات (ٻن ٻولين واري لغت): هن قسم واري لغات هر ٻوليءَ ۾ ملي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين هن قسم جون لغتون شايع ٿي چڪيون آهن جن ۾:

(1) انگريزي- سنڌي لغت (2) سنڌي- انگريزي لغت (3) عربي- سنڌي لغت (4) اردو- سنڌي لغت (5) سنڌي- اردو لغت.

(د) گهڻ لساني لغات: هن قسم واريون لغتون ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيار ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ هن سلسلي جو ڪم پشتو اڪيڊمي ۽ اردو مرڪزي بورڊ ڇپايو هو. پشتو اڪيڊمي پنج- لساني لغت ۽ مرڪزي اردو بورڊ ”هفت- لساني لغت“ تيار ڪري ڇپائي. انهن لغتن ۾ اردو ٻوليءَ جي لفظ کي مرڪزي لفظ مقرر ڪري، ان جي سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، بروهي ۽ انگريزيءَ ۾ معنيٰ ڏني وئي آهي.

اردو، سرائڪي ۽ ٻين ٻولين جي تاريخن ۾ به هن قسم جي عام لفظن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً: عين الحق فريد ڪوٽيءَ جو ڪتاب ”اردو زبان ڪي قديم تاريخ“ ۽ ظامي صاحب جا سرائڪي ٻوليءَ تي لکيل ڪتاب وغيره.

(ذ ۽ ر) ڪنهن شاعر جي ڪلام مان چونڊيل لفظن جي لغات: هن قسم جو ڪم دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ پڻ شاهه، سچل، سامي، شاهه ڪريم، گرهوڙي (استاد بخاري ۽ شيخ اياز) تي سٺو ڪم ٿيل آهي:

مثال هيٺيان عنوان هن موضوع جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿا.

I لغات لطيفي

II لغات قديمي

III ٻاروچي ٻولي

IV غريب اللغات

V سامي ڌاتو ڪوش

VI سچل لغات

VII شيخ اياز جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ

 VIIIڇپر ۾ ڇڙيون ڏکين لفظن جي معنيٰ

(ز) ڪنهن به ٻوليءَ ۾ علم ادب ۾ لغات: هن قسم جون لغتون ڌار ڌار ملڪن جي ٻولين جي ادب تي ملن ٿيون. هن قسم جي لغات ۾ معياري ادب، لوڪ ادب ۽ ٻين علمي ۽ ادبي صنفن ۾ ڪم ايندڙ فني ۽ اصطلاحي لفظن جي سمجهاڻي ڏني ويندي آهي. هن قسم واري لغات ۾ هيٺيان عنوان/ ڪتاب شامل ڪري سگهجن ٿا.

I سنڌ جو سينگار

II ڏهس نامو

III هنر

IV سرهاڻ

V سڳنڌ

VI لغت گنان

(س) انسائڪلو پيڊيا: هن قسم واري لغات جو بنياد برٽئنيڪا وڌو ”نئين سوچ“ رسالي ۾ هن قسم واري لغات ۾ وصف هن ريت ڏني وئي آهي. (10)

”انسائيڪلو پيڊيا يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: انسائيڪلو پوري پيڊيا تعليم، اصطلاحي معنيٰ علم ۽ فن جي دائري ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ، اسان انسائڪلو پيڊيا کي حوالن واري تصنيف به چئي سگهون ٿا. ائين کڻي چئجي ته اهڙو ڪتاب جنهن ۾ دنيا جي سمورين شين جي پوري ڄاڻ ڏني وڃي. تهذيب وتمدن جي ابتدا کان وٺي اڄ تائين انسان پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڄاتو ۽ حاصل ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه انسائيڪلو پيڊيا ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي.

انسائيڪلوپيڊيا ۽ لغت (ڊڪشنريءَ) ۾ فرق آهي. (ڊڪشنري) ۾ لفظ جي هِجي، تلفظ ۽ معنيٰ درج هوندي آهي، پر انسائيڪلو پيڊيا ۾ انهيءَ اصل ڳالهه ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي. جنهن لاءِ اهو لفظ واضح هوندو آهي. (11)

(ش) خاص موضوعن ۽ مضمونن تي مشتمل لغتون: هن قسم جون لغتون دنيا جي هر ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن. سنڌيءَ ۾ ڪن موضوعن تي هن سلسلي ۾ ڪم ٿيو آهي، خاص خاص هي موضوع آهن.

علم ڪيميا، فرڪس، علم ارضيات، علم رياضي، اقتصاديات، معاشرتي علوم، سوشيالاجي، جاگرافي، لسانيات، صوتيات، صوتي اچارن واري لغت، علم آثار شناسي، ٽيڪنيڪل ٽرمز واري لغت، بايولاجي، علم انسان شناسي، علم الانسان، علم طب، علم دواسازي، علم زهريات، زراعت، علم ادب، فنون لطيفه، علم نجوم، علم فلڪيات، علم موسيقي، علم التعليم ۽ علم تاريخ وغيره

(ص) انڊيڪس يا ڏسڻي: هن قسم جون ڏسڻيون دنيا جي سڀني ٻولين ۾ لکيون ويئيون آهن. سنڌ ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڏسڻين ۾ ماڳن، مڪانن، ماڻهن، دريائن، شهرن، ڳوٺن وغيره کانسواءِ ڪتابن جا نالا پڻ شامل ڪيا ويندا آهن. هن موضوع تي شاهه لطيف جي ڪلام تي ڪم ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ Concordance به هن موضوع ۾ سامل ڪري سگهجن ٿا.

(ض) گلاسري يا فرهنگ: هي به هڪ بين الاقوامي موضوع آهي. ڪن ڪن ڪتابن ۾ اهڙا فني اصلاحات ڏنا ويندا آهن جن جي سمجهاڻي جي ضرورت هوندي آهي. اهڙا فني لفظ ۽ اصلاحات، گلاسريءَ جي عنوان هيٺ گڏ ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏني ويندي آهي.

(ط) دفتري ٻوليءَ تي لغتون: سرڪاري طور آفيسن، ڪورٽن ۽ حڪومت جي ڪم ڪارلاءِ جيڪا ٻولي منظور ڪئي ويندي آهي. ان کي دفتري ٻولي چئبو آهي. سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ سنڌ صوبي ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به سرڪاري دفتري ٻوليءَ طور قبول ڪيو ويو. پاڪستان ۾، سنڌ اسيمبليءَ 1972ع ۾ ”سنڌي لئنگويج ائڪٽ“ پاس ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي اهو درجو عطا ڪيو. حالانڪ سنڌي سرڪاري زبان طور انگريزن جي زماني کان به اڳ رائج هئي. تازو نومبر 1990ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ وارو بل ترميم سان منظور ڪيو آهي. انگريزن جي دور ۾ دفتري ۽ سرڪاري ڪاروبار لاءِ هر قسم جو مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇاپيو ويو، پر جيئن ته ان ساري مواد جي هن مقدمي ۾ فهرست ڏيڻ، موضوع کان ٻاهر ٿيندو، تنهن ڪري هت صرف دفتري ڪم ڪار لاءِ تيار ڪيل لغوي مواد جي نشاندهي ڪبي. انگريزن جي دور ۾ ۽ پوءِ پاڪستاني دور ۾ هيٺيون مواد سايع ٿيو.

(I) سنڌ گزيٽيئرس ۾ دفتري ڪاروبار لاءِ انگريزي لفظن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ انهن جي فهرست

(II) انگريزي- سنڌي لغت

(ط) ڪرانالاجيڪل لغات: هن قسم جي لغات جي ٻوليءَ جي رائج لفظن سان ڪو واسطو ڪونهي. هن قسم جي لغات ۾ ملڪ جي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي مواد، تاريخ وار ۽ سال وار درج ڪيو ويندو آهي.

(ع) پنهنجي ماحول ۾ رائج روزمره وارن لفظن جي لغات: هن قسم جي لغات ۾ ڪي ليکڪ، اديب، عالم ۽ شاعر پنهنجي چوڌاري پنهنجي ماحول ۾ رائج لفظن تي مشتمل لغوي مواد جو شبد- ڀنڊار گڏ ڪري، انهن کي لغات جي صورت ۽ شڪل ڏيندا آهن. هن جو هڪ مثال ”لغات سنڌي مخففات“ ۾ ملي ٿو. محترم مرتب هن لغات ۾ اُهي لفظ به شامل ڪيا آهن، جيڪي فقط سندس ماحول ۾ يعني داو ضلعي ۾ (اهو به فقط دادو جي آسپاس) رائج آهن. مثال طور هيٺ ڪي لفظ ڏجن ٿا جن جي جائزي مان ثابت ٿئي ٿو ته، هن لغات ۾ انهن لفظن جي شامل ڪرڻ سان، لغات جي حيثيت، هڪ لهجي تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. اهي لفظ هن لغات جي اهميت کي گهٽائين ٿا، ڇو ته اهي لفظ سڄيءَ سنڌ جي لغوي خزاني جي نمائندگي نٿا ڪن:

مثال طور:

اصلوڪو لفظ     مخفف روپ

تاتي                 تتي

تاتهين            تِتِ

تتاهون          تتئون

تڏهن            تڏ

تيڏانهن         تاڏي

هن فهرست ۾ ”تاتي“، ”تاتهين“ تتاهون“، ”تاڏي“، ”تتئون“ لفظ فقط هڪ محدود حصي ۾ رائج آهن. (12)

”تڏ“، ”ڪڏ“، ۽ ”جڏ“ روپن لاءِ طالب الموليٰ سائين پنهنجي ديوان ۾ واضع فرمائين ٿا.

”ڪڏهين ۽ جڏهين جو مخفف (گهٽايل) ڪڏهن ۽ جڏهين آهي. ڪي ته ”ڪڏ“ ۽ ”جڏ“ به لکندا آهن، جي غلط سمجهان ٿو. (13)

5. علم اللغات ۽ سنڌيءَ ۾ لغت سازيءِ جي روايت ۽ تاريخ

سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جو فن ته آڳاٽو آي، پر، سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ڪا ايڏي پراڻي نه آهي. سنڌي لغت نويسيءَ طرف 18 صديءَ جي وچ ڌاري ڌيانُ ڏنو ويو. ٽالپر حڪومت جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪن انگريز بيورو ڪريٽن، پنهنجي حڪومتي مقصدن ۽ استحڪام خاطر، سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ طرف توجهه ڪيو ويو. 1835ع ۾ جيمس پرنسيپ، ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ (A Grammar of the scindee language) ۽ 1836ع ۾ ڊيليو. ايڇ. واٿن ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مختصر ذخيرو“ (A Grammar of sindhi language) بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن بمبئيءَ ۾ رهندڙ سنڌي واپارين کان سنڌي سکي هئي. 1843ع ۾ انگريزن، ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو. ان سال ٻن انگريز فوجي عملدارن: ڪئپٽن ايسٽوڪ (J.B. Eastwick) ۽ ليفٽيننٽ ليچ (R. Leech) سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا ذخيرا (Vocabularies) رومن لپيءَ ۾ انگريزي معنيٰ سان ڇپائي پڌرا ڪيا. ڪئپٽن اسٽوڪ، سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ دوران پنهنجي روءِ سوءِ سنڌي سکي، 1847ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر تيار ڪيو، ۽ گڏوگڏ، انگريزي- سنڌي ۽ سنڌي- انگريزي ڊڪشنرين تي ڪم شروع ڪري ڏنائين. هن جو ”سنڌي گرامر“ ۽ انگريزي سنڌي لغت“ 1849ع ۾ ڇپيا. هن لغت ۾ 12000 انگريزي لفظن جون سنڌي معنائون ڏنل هيون. ڪئپٽن سٽئڪ، ٻن سنڌي عالمن- پنڊت برهم سچانند ۽ پنڊت جيشٺ برهم يا جيٺارام جي مدد سان ”سنڌي انگريزي ڊڪشنري“ جوڙي، پر ان جي ڇپائيءَ کان اڳ وفات ڪري ڪري ويو. اها ڊڪشنري، اڳتي هلي بي. ايڇ. ايلس بئرو، اسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، پنهنجي نگرانيءَ ۾ 1855ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپائيءَ، جنهن ۾ 20000 جي لڳ ڀڳ لفظ هئا، ان ئي عرصي ۾ هڪ سنڌي عالم آخوند عبدالرحيم عباسيءَ پهرين سنڌي فارسي لغت- ”جواهر سنڌي اُڪيچار سنڌي“ تيار ڪئي، جنهن جي تياريءَ جو عرصو 1845ع کان 1851ع جي وچ وارو ڄاڻايو وڃي ٿو. (14)

”علم اللغات، لغت سازي، لغت نويسي، اهڙا اصطلاح آهن، جن کي عام طرح هم معنيٰ سمجهيو ويندو آهي، پر اصل ۾ انهن اصطلاحن ۾ ٿورو فرق آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. لغت سازيءَ کي انگريزيءَ ۾ Lexicography چيو ويندو آهي، جيڪا لسانيات جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ لفظن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ لفظن جي ماهيت، عناصر، معنائون، اچار، ويا ڪرڻي حيثيت ۽ سموري لفظي ذخيري (Vocabular) کي شامل ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ۾ ٺهندڙ لغت جي لفظن جي الف- ب وار ترتيب کي ڌيان ۾ رکندي سهيڙ (Compilation) وغيره ٿيندي آهي. (15)

سنڌي لغت نويسيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ ٿي. شروع شروع ۾ سنڌيءَ ۾ هڪ ٻوليائي لغتون چپيون. جيئن جارج شرٽ جي اکر ڌاتو (1866ع) جهمٽ مل نارو مل جي ”وئتپتي ڪوش“ (1886ع) ڀيرو مل مهرچند اڏواڻيءَ جي ”غريب اللغات“ (1907ع) مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ (1914ع) ۽ ”لغات قديمي“ (1924ع) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”جامع سنڌي لغات“ جلد پهريون: 1960ع) عبدالڪريم سنديلي جون ”تحقيق لغات سنڌي“ (1963ع) ۽ ”سچل لغات“ (1984ع) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”جامع سنڌي لغات جو ٻيو ۽ ٽيون جلد ( 1981 ۽ 1984ع) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ”لاڙ جي لغت“ (1975ع) عبدالڪريم سنديلي جي ”سامي ڌاتو ڪوش“ (1978ع) شاهه جهان قريشيءَ جي ”سنڌي علمي لفظن جو ذخيرو“ (1965ع) سيد نجف علي شاهه ڪمتر نوقيءَ جي ”ٻاروچي ٻولي“ (1984ع) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”جامع سنڌي لغات“ جوچوٿون جلد ۽ پنجون جلد (1985 ۽ 1988ع)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هڪ جلدي ”سنڌي لغت“ 1998ع). عبدالستار بلوچ جي ”سنڌيڪا لغت“ (2006ع) ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جي ”ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ (2004ع ) شامل آهن. (16)

ٻه ٻوليائي لغتون: آخوند عبدالرحيم وفا عباسيءَ جي ”جواهر اللغات“، ”سنڌي اڪيچار“ (1845ع) هي سنڌي ۽ فارسي لغت آهي، ان کانسواءِ ”انگريزي- سنڌي لغت“ (1855ع) پهريون ڀيرو جارج اسٽئڪ انگريزن جي دور ۾ ٺاهيون. ان کان پوءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين اهو ڪم ڏيهي عالمن ۽ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي لغتون تيار ٿينديون رهيون، جن ۾ پرمانند ميوارام جي ”سنڌي- انگريزي لغت“ (1910ع ۽ انگريزي- سنڌي لغت (1933ع) آنندرام. ٽي شهاڻيءَ جي (1924ع) انگريزي- سنڌي لغت (1942ع)، ڊبليو. اي شاهاڻي 1924ع) جون ڊڪشنريون اهميت جوڳيون آهن. انهن مان وري آنندرام ٽي شاهاڻيءَ جي ”سنڌي- انگريزي لغت“ اڄ تائين وري وري سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجندي پئي اچي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، سنڌ ۾ سنڌي، انگريزي- سنڌي لغتن ۾ ميمڻ عبدالحسين (59- 1957ع)، ثنا الله شيخ (1967ع)، سيد علي ڏني شاهه (1988ع عبدالرشيد ميمڻ (2006ع) ۽ پروفيسر محمد صفر سهتي ۽ ٻين جون لغتون اچي وڃن ٿيون.

انگريزي- سنڌي لغتن کان سواءِ اردو- سنڌي ۽ سنڌي اردو لغتن جي سلسلي ۾ ابن الياس (51- 1950ع) ۽ عبدالستار بلوچ جون لغتون اهم آهن عربي- سنڌي لغتن ۾ وري حاجي محمود خادم (1975ع) ۽ عبدالستار بلوچ جون لغتون اهم آهن. پروفيسر غلام حسين جلباڻي (89- 1988ع) شامل آهن. جديد دور ۾ هڪ ٻوليائي لغت جو مثال ”جامع سنڌي لغات“ آهي، جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تيار ڪرايل آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اسي هزار کن لفظن جون سنڌيءَ ۾ ئي معنائون ۽ سمجهاڻيون ڏنل آهن، ان لغت جا اول پنج جلد ۽ هاڻي ٽي جلد ڇپيلا آهن. انهيءَ لغت جي خوبي اها آهي جو ان ۾ لفظن جا ماخذ ۽ به ڏنل آهي، يعني ته ڪو لفظ اصل ۾ ڪهڙي ٻوليءَ جو بنياد رکي ٿو.

اصلوڪي سنڌي آهي يا عربي، فارسي، سنسڪرت يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان آيل آهي، ان کانسواءِ لفظ جي ويا ڪرڻ يا گرامر واري حيثيت به ڄاڻايل آهي ته آيا اهو لفظ اسم آهي، ضمير آهي يا ڪو فعل آهي، ۽ جي اسم آهي ته مذڪر آهي يا مونث/ ۽ واحد آهي يا جمع! اهو ئي طريقو اڪثر انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين جي لغتن ۾ اختيار ڪيل هوندو آهي. انگريزيءَ ۾ ته فعل بابت به جاڻ هوندي آهي ته اهو متعدي يا لازمي آهي لغتن جي انهيءَ قسم ۾ انگريزي - انگريزي ڊڪشنريون عربي- عربي لغتون ۽ ٻين ٻولين جون هڪ ٻوليائي ڪيتريون ئي لغتون مارڪيٽ ۾ موجود آهن. (17)

سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي لغت نويسيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ سنڌي لغات جو سلسلو هڪ سئو سال اڳ ارڙهينءَ صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو، تنهن هوندي باوجود ڪيترين ئي مخلصانه ڪوششن جي، سواءِ ڪن خاص لفظن تي مخصوص لفظن مخصوص لفظن جي، سنڌي ٻوليءَ سنڌي لغات، جنهن ۾ مجموعي طور رائج ٻوليءَ جا مکيه لفظ ڏنل هجن ۽ معنائون پڻ سنڌيءَ ۾ لکيل هجن. (18)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ سنڌي لفظن جو صحيح سلسلو انگريزن جي دور کان شروع ٿئي ٿو. تاهم انهن سڀني لفظن ۾ بنياد يا ڌاتو جي ڪمي نظر اچي ٿي. ڪئپٽن اسٽئڪ پهريون انگريز هو جنهن 1848ع ۾ انگريزي- سنڌي لغت جي پيڙهه جو پٿر رکيو. هن سلسلي ۾ صاحب 1855ع ۾ سنڌي- انگريزي لغت پڻ ٺاهي جا عربي- سنڌي آئيويٽا بدران ديوناگري لپيءَ ۾ آهي. (19)

ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”سنڌ ۾ لغت سازيءَ جو ڪم انگريزن جي دور ۾ 19 صديءَ ۾ 1849ع کان شروع ٿيو، جيڪو ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ڪيو، سندس پهرين لغت انگريزي- سنڌي 1849ع ۾ ۽ ٻي سنڌي- انگريزي- لغت 1855ع ۾ ڇپي، جن ۾ سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل هئي (هن ڊڪشنريءَ کي 2011ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران الٿو ڪري عربي سنڌي لپيءَ ۾ ڇپايو ويو آهي. (20)

ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”جيئن ته زنده ٻولين ۾ وقت سان گڏ ڪيترن ئي لفظن جو اضافو ٿيندو آهي، ۽ ڪيترا نوان لفظ شامل ٿيندا آهن، ان ڪري اهي سدائين پيا لغتن ۾ شامل ٿيندا رهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪي ڊڪشنريون هزارين بلڪ لکين لفظن تي مشتمل ڪيترن جلدن ۾ هونديون آهن ته، ڪي وري ننڍڙيون پاڪيٽ سائيز (کيسي ۾ رکڻ جيتريون) به هونديون آهن، وري ڪي عام هونديون آهن، جيئن سائنسي لغت، سوشيالاجيءَ جي لغت يا وري ميڊيڪل ڊڪشنري وغيره. ائين ئي عمر ۽ ضرورت جي لحاظ کان ڪي وڏن لاءِ، ڪي ڪاليجن يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ ڪي وري اسڪولي ٻارن لاءِ هونديون آهن. (2)

پروفيسر محمد سليم ميمڻ لکي ٿو ته: ”علم ادب ۾ اها ڳالهه مڃيل آهي ته جيڪو ليکڪ لوڪ ادب جو ڄاڻو هوندو، اهو ان ٻوليءَ جي لغت کان چڱيءَ طرح واقف هوندو. ڇاڪاڻ ته لغت جو اهم سرمايو لوڪ ادب ۾ هجي ٿو. (22)

لغتن جا فائدا:

لغتن مان نون پڙهندڙن توڙي خاص يا عام ماڻهو فائدو حاصل ڪندا آهن، ڇو ته انهن ۾ پڙهندڙن کي ڏکين لفظن جي معنيٰ ملي ويندي آهي. لغتن ۾ نون پراڻن لفظن جو ذخيرو موجود هوندو آهي، ڇو ته ٻولي هڪ هنڌ نٿي بيهي، پر وڌندي ويجهندي رهي ٿي تنهنڪري ڪابه ٻولي اگر نون علمن، هنرن، نون ايجادن توڙي اصطلاحن کي پنهنجي عالمن ڏاهن جي معرفت داخل نه ڪندي ته اها ٻولي مري سگهي ٿي، ٻوليءَ کي هميشه نون خيالن کان روشناس ڪرائجي، ۽ پراڻن ذخيرن کي محفوظ ڪري رکجي اهو خزانو لغتون ئي محفوظ ڪري سگهن ٿيون، جن ۾ نون پراڻن لفظن جو ذخيرو هوندو آهي. لغتن ۾ زوزمره ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ پنهنجي ماضيءَ جا گواهه هوندا آهن تنهنڪري هر دور ۾ لغتون لکيون وڃن انهن کي ڇپرايو وڃي انهن کي ڇپرائي ڳالهائيندڙ ۽ سمجهندڙ ماڻهن لاءِ وقت به وقت نيون لغتون تيار ڪرائي، نون ويچارن ۽ اصطلاحن ۽ علمي تجربن لاءِ هر دور ۾ وسيع ميدان مهيا ڪري ڏنو وڃي، تاڪ نون اديبن، استادن ۽ شاگردن کي ڊڪشنري استعمال ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، مٿي ڄاڻايل لغتون ۽ انهن جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي ته سنڌي ٻولي به دنيا جي ترقي يافته زبانن مان هڪ اهڙي زبان آهي جنهن ۾ هر طرح جو علمي ادبي ذخيرو موجود آهي، جنهن کي لغت نويسن قلمند ڪيو آهي. اهي ئي سماج علمي ۽ ادبي تسليم ڪيا ويندا جن وٽ پنهنجي ٻوليءَ جي لفظن جو ذخيرو لغتن ۾ محفوظ هجي اهي ئي قومون پنهنجي قومي تشخص جي سڃاڻپ قائم رکنديون آهن انهن جو علم ادب ئي دنيا جي اونداهي کي آباد رکندو آهي.

بشير احمد منگي لکي ٿو ته: ”ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي ۽ استعمال جي حوالي سان ڊڪشنريءَ جي وڏي اهميت آهي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي مختلف ٻولين ۽ مضمونن جون ڊڪشنريون شايع ٿينديون رهيون آهن. (23)

ڪابه ٻولي لغت جي خزاني کان خالي هوندي ته ترقي نه ٿي ڪري سگهي. سنڌي ٻوليءَ جا خير خواهه هر موضوع تي لغتون جوڙي رهيا هتي ننڍڙو مثال آفتاب ابڙي صاحب جو پيش ڪجي ٿو جنهن سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري“ مرتب ڪئي آهي. هي لغت اهميت رکي ٿي ڇو ته هن لغت شاگردن جو اهم خيال رکيو ويو آهي. هر هڪ لفظ جي چڱيءَ طرح لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. لفظن جي صورتن بابت به ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙا لفظ گرامر جي حالت ۾ اسم، ضمير، مذڪر، مونث، صفت، اصطلاح، واحد، جمع، ظرف، محاورا، ضمير متصل، مصدر يا مرڪب آهن. 336 صفحن تي محيط هي ڊڪشنري پنهنجي اندر جامعيت رکي ٿي. 321 صفحي کان ضميمو- الف ”ضد“ صفحي 330 تي ضميمو ب اشتقاق ۽ انهن جي تشريح ڪئي وئي آهي جيئن ٽئين درجي کان مئٽرڪ تائين جي ٻار جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته مستقبل جو معمار هن ڊڪشنريءَ مان ڀرپور فائدو وٺن.

ڊڪشنري يا لغت جا بنيادي نڪتا:

1. معنويات (Semantic) هرهڪ سٺي لغت ۾ اها ڳالهه هوندي ته هر هڪ لفظ جي معنيٰ سان گڏ ان لفظ جي ويجهڙائي رکندڙ هم معنيٰ وارا لفظ شامل ڪيا ويندا آهن.

ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”لفظ جون گهڻيون معنائون ۽ هڪ معنيٰ وارا گهڻا لفظ سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ڪنهن لفظ جي معنيٰ جو دائرو يا وسعت پڻ علم معاني طي ڪري ٿو. هن علم جي مدد سان لفظن جو تجزيو ڪري بلڪل ٺهڪندڙ ۽ تز معنيٰ ڳولڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي، جيڪڏهن اسين لسانيات جي مدد سان ٻوليءَ جي وصف ڪريون ته اها پاڻ مرادو اختيار ڪيل آوازي علامتن جي تنظيم آهي.

2. صوتيات 3. صوفيات يا علم صرف 4. نحويات وغيره لفظ جملي ۾ جيڪو ڪارج ادا ڪن ٿا، ان مطابق انهن جي هڪ الڳ سڃاڻپ هوندي آهي، انهن جي مختلف رخن پاسن جزن جي ورهاست ڪيل ٿيندي آهي، ڪي اسم، ڪي ضمير ته ڪي فعل سڏبا آهن اهي خاص حالتن ۾ ڦيرا کائيندا آهن. فعل لازمي ۽ فعل متعدي ٿيندا آهن، معروف ۽ مجهول صورت ۾ هوندا آهن، مختلف زمانن ۽ حالتن موجب گردان ڪندا آهن، ٻين لفظن سان جنس ۽ عدد موجب مطابقت رکندا آهن انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻ هڪ لغت دان کي لفظن جي ويا ڪرڻي حيثيت مقرر ڪرڻ لاءِ گهڻي مدد ڪندي آهي ۽ لغت نويس ٻڌائي سگهندو آهي. ته لفظ اسم آهي يا صفت جي اسم آهي ته واحد آهي يا جمع يا مذڪر آهي يا مونث آهي. اهڙي ريت هر ڳالهائڻ جا لفظ (Parts of speech) جو خاصيتون لکي سگهندو. ڪي لفظ هڪ ئي وقت صفت ۽ ظرف جون خاصيتون رکندا آهن، مثلاً ڇوڪرو تکو ڊوڙي ٿو. هي هڪ تکو گهوڙو آهي هن ۾ لفظ تِکو پهرين جملي ۾ ظرف ۽ ٻئي “ صفت آهي، اها ڄاڻ لغت نويس لاءِ تمام اهم آهي. (24)

لغت نويس کي حروف تهجي يا الف- ب جي ترتيب کي به ڌيان ۾ رکڻو پوندو آهي. هڪڙن لفظن جي ٻاهرين ترتيب ٿئي ٿي يعني الف جا لفظ پهرين لکبا ۽ ب جا پوءِ ان کانپوءِ ٻ، ڀ جا ايندا. ٻي ترتيب لفظ جي اندر هوندي آهي، جنهن کي پڻ ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي، لفظ ۾ ٻي نمبر تي ايندڙ حرف جي ترتيب، ان کانپوءِ ٽئين جي ترتيب کي سامهون رکبو وڃبو مثلاً هي لفظ ڏسو: الم- امل- امر- البم، انهن ۾ سڀ کان پهرين ڏسو ته ٻئي نمبر تي ايندڙ حرفن مان ڪهڙي لفظ جو اکر الف- ٻ ۾ پهرين ايندو آهي، ظاهر آهي ته ل ۽ ۾ مان ”ل“ پهرين ايندو، ان ڪري الف کانپوءِ جن لفظن ۾ ”ل“ آهي اهي پهرين ايندا الم، البم پهرين رکبا ۽ ”م“ وارا پوءِ ايندا. (امر ۽ امل) ان کانپوءِ ٽيون اکر ڏسبو- پهرين ٻن لفظن ”الم“ ۽ البم“ ۾ ٽئين نمبر تي، م، ۽ ب اکر آهن، ظاهر آهي الف -ب ۾، ب، ميم کان پهرين ايندي آهي، ان ڪري، البم، پهرين لکبو، الم، پوءِ لکبو. پوين ٻن مان وري (امر ۽ امل)، ر، ل، کان پهرين ايندي آهي، ان ڪري، امر، پهرين لکبو ۽، امل، پوءِ لکبو، ان طريقي هي چار لفظ هن ترتيب سان لکبا.

البم، الم، امر ۽ امل:

جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ ڪمپيوٽر ۾ اهڙي عمل کي Sorting چيو وڃي ٿو ۽ اهو ڪم ڪمپيوٽر جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو، پر هڪ لغت (يا انسائيڪلو پيڊيا، ڏسڻي (انڊيڪس) وغيره ٺاهيندڙ کي ان جو علم هئڻ ضروري آهي، جيئن هو ڪابه غلطي پڪڙي سگهي..... ٻوليءَ ۾ حروف تهجي جي ترتيب () کي هڪ مسئلو بڻايو ويو آهي سنڌيءَ جي عربي لکت جنهن وقت انگرزن طرفان مقرر ڪئي وئي ته ان جي هڪ سرڪاري ترتيب به مقرر ٿي هئي، ان کان اڳ به ترتيب جا مختلف نمونارائج هئا. جيئن ابوالحسن جي سنڌي هئي. ان کانپوءِ انگريزن واري مقرر ترتيب موجب سمورا ٻاراڻا ڪتاب ۽ ڊڪشنريون ڇاپيون وينديون هيون، پر پرمانند ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ اها ئي ترتيب آهي، ان ترتيب موجب ٻارن کي اکر سيکارڻ ۾ سهوليت خاطر الف کان پوءِ ب ۽ پوءِ نقطن جي تعداد موجب حرفن کي رکيو. (25)

ماهر لغات:

جڏهن سنڌ جي لغت نويسن جي لکيل لغتن تي نظر وجهون ٿا ته ان مان اڪثر طور اهڙن لغت نويسن جي آهي جن وٽ صرف لفظ گڏ ڪرڻ وارو ذخيرو ته موجود آهي، پر لفظن گرامر جي ڄاڻ نظر نٿي اچي هڪ لغت نويس لاءِ اهو ضروري هجڻ گهرجي ته هو گرامر جي ڄاڻ رکندڙ هجي، ڇو ته لغتن ۾ گرامر جو صيغو يا لفظن جي انفرادي ايڪن ۽ انهن جي مقرر هنڌ ان جي اهميت، مٽا سٽا، جملن جي جوڙجڪ ويا ڪرڻي حيثيت ڪنهن به ٻولي لاءِ اها شيءِ اهم هوندي آهي ته گرامر ۾ لفظ جي حيثيت، ڦيرن، مصدرن جيڄاڻ نهايت ئي اهم آهي نه ته لغت نويس لفظن جي بڻ بنياد ۽ اصليت سان ڪو به انصاف ڪري نهس گهندو اهو ڪم ماهر لسانيات ئي صحيح معنيٰ ۾ سرانجام ڏئي سگهي ٿو ڇو ته ان کي لغت سازيءَ ۾ لفظن جي ساختيات جي علم جي ڄاڻ هوندي آهي. علم اشتقاق، معنوي تبديلين، لفظ جي ماده ساخت يا مصدرن جي ڄاڻ جنهن مان ٻيا لفظ ٺهن، مٽاسٽا ٻوليءَ جو مزاج ماحول ڪهڙو لفظ ڪهڙي علائقي جو آهي اهي سڀئي صورتو هڪ ماهر لسانيات ئي سمجهندو آهي. تنهنڪري هڪ لغت نويس لاءِ صورتخطي کي سمجهڻ ان کي صحيح صورت ۾ لکڻ، الف- ب جي ترتيب جوڙجڪ جي ڄاڻ رکندڙ ئي لغت نويسي وارو ڪم درست طريقي ۾ آڻي سگهي ٿو.

اوائلي ڊڪشنريون:

هاڻي جڏهن پراڻين ڊڪشنرين تي نظر وجهون ٿا ته انهن جي ترتيب مختلف آهي ۽ موجوده دور ۾ اها ٻي آهي، ان سان شاگردن کي مونجهارو ٿي سگهي ٿو. هتي هڪ ڳالهه اها به ضرور ڪجي ته لغت ۾ لفظن بابت معلومات ڏيڻ لاءِ اڳواٽ مخفف ٺاهيا ويندا آهن. گرامر جي اصطلاحن توڙي انهن جي بنياد بابت مثلاً لفظ اسم مذڪر واحد آهي ته ”مَ، و لکبو، فعل آهي ته متعدي يا لازمي هوندو، ان لاءِ ف، م ۽ ف، ل جا مخفف لکبا آهن.

اها تاريخي حقيقت آهي ته شروعاتي دور کان هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ لغتو ٺاهڻ وارا عموماً پراڻن فائينل پاس استاد رهيا آهن، جن کي سنڌي ”صرف“ (لفظن جو علم) ۽ ”نحو“ عبارت ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ حيثيت) جي مڪمل ڄاڻ هوندي هئي، ۽ انهن جو قديم ويا ڪرڻ يا صرف ونحو (گرامر) جو وسيع مطالعو هوندو هو ان کانسواءِ هو عموماً هندي، يا عربي ۽ فارسي به ڄاڻندا هئا (ڪن کي انگريزي به ايندي هئي) ان ڪري انهن ٻولين جي لفظن جي ذخيري (Vocabulary) ۽ نحوي بناوٽن جي به ڄاڻ هوندي هئن. لفظن جا اشتقاق ڪرڻ به سکيل هوندا هئا، ۽ ڦيرا، گردانون توڙي لفظن جي (مختلف حالتن فاعلي مفعولي، جري وغيره) ۾ تبديلي وغيره سان گڏوگڏ سادن، مرڪب ۽ پيچيده لفظن جي مادي يا بنياد بابت به ڄاڻندا هئا، ان ڪري لغت سازيءَ (Lexicography) جي باقاعده تربيت نه هئڻ باجود انهن لغتون جوڙيون، ان ڪري انهن کي لغت ساز (Lexicographer) ته چئي سگهجي ٿو، پر علم اللغات (Lexicology) جا ماهر نٿو چئي سگهجي (26)

سنڌي لغت جي ترقيءَ ۾ ادارن جو ڪردار

1. سنڌي ادبي بورڊ: يا ساهتيه جو مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي رٿا ۾ ڊڪشنريون: 1940ع ڌاري سنڌي ساهتيه مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان ”جامع سنڌي لغات“ لکرائڻ جي باري ۾ سوچيو ويو. شروع ۾ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهن ڪجهه ڪم ڪرايو، پر پوءِ اهو ڪم باقاعدگيءَ سان تڏهن ٿيو، جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ صلاحڪار بورڊ کي، سنڌي ادبي بورڊ جو نالو ڏئي نئين سر جوڙيو ويو ۽ لغت جو ڪم باقاعدي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ”ڊڪشنري آفيس“ ۾ شروع ٿيو، جنهن جي ذميواري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏني وئي، ۽ 1952ع کان باقاعدي ڪم شروع ڪيو ويو. هن لغت جو ڪم باقاعده رٿابنديءَ سان شروع ڪرڻ لاءِ اڳوڻيون لغتون سامهون رکيون ويون، ٻين ماخذن، ڪتابن ۽ فيلڊ مان مواد ڪٺو ڪرڻ ۽ ڊڪشنري آفيس ۾ مقرر ريسرچرن جي مدد سان لفظن جي اچارن، ويا ڪرڻي/ نحوي حيثيت ۽ معنائن بابت تصديق سان داخلائون تيار ڪيون ويون ۽ ان وقت سنڌي ٻوليءَ لاءِ مقرر صورتخطيءَ ۾ الف- ب جي ترتيب موجب ان کي تيار ڪرايو ويو...... پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي، ته انهن سمورن عالمن، اديبن ۽ ريسرچ ڪندڙ استادن عبدالڪريم سنديلي، شيخ محمد اسماعيل، محمد يعقوب ميمڻ، شيخ محمد واصف، ممتازمرزا، ڊاڪٽر غلام علي الانا مان ڪوبه باقاعده علم اللغات جو ڄاڻو نه هو، پر ايتريقدر جو خود ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ان علم جو سند يافته نه هو، پر ڇاڪاڻ جو هو لغت سازيءَ لاءِ گهربل سمورين گهرجن کان وافق هئا. ان ڪري هو ان ۾ ڪامياب ويا. پهريون جلد ڊاڪٽر بلوچ جي سربراهيءَ ۾ ڇپيو، باقي جلد مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ادارت/ سهيڙ سان ڇپيا، جن کي گڏ ڪري بعد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب واڌارن سڌارن سان ٽن جلدن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کان ڇپرايا. (27)

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ اڳ ۾ به ڪيتريون ي، عام هڪ ٻوليائي لغتون/ ڊڪشنريون ڇاپيون ۽ اڃا ڪي ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ آهن، جيڪي ڇپجي پڌريون ٿينديون. هڪ ٻوليائي لغتن ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جي ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن تي مشتمل لغت ”روشني“ ڊاڪٽر بلوچ مرتب ڪئي، ڏهن سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر ۾ تيارٿي، اڃا به ڪيترن لغتن تي ڪم ٿي رهيو آهي. انهن لغتن ۾ هڪ ڳالهه ۾ سمورا محقق، لغت دان منجهيل رهيا، اها هئي سنڌي لفظن جي بڻ بنياد ۽ اشتقاقن واري، Etymology ، جيئن ته سنڌي ٻولي هڪ قديم ٻولي آهي جنهن جي بڻ بنياد، توڙي تاريخي ارتقا جي باري ۾ مختلف نظريا ۽ رايا ماهرن ڏنا آهن، جن بنياد تي هن ٻوليءَ ۾ موجود لفظن جا بنياد ۽ اشتقاق سجهائڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، ڪي عالم هر ڪنهن لفظ کي سنسڪرت ۾ ٿا ڳولين ۽ ان سان هڪجهڙائي جا درجا مقرر ڪري تتسم (ساڳيا سنسڪرت وارا لفظ) تڌڀوءَ (سنسڪرت کان ڪجهه بدليل/ اسريل) ۽ ٽيان ديسي قرار ڏين ٿا، جن کي به دراوڙيءَ جي نالي ته ڪڏهن سامي سٿ ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي گروهه ۾ کڻي وڃن ٿا.

2. سنڌي لئنگويج اٿارٽي:

جڏهن 1991ع ۾ ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن اداري جو پهريون باني چيئرمين بڻيو، ته هن سنڌي لغت بابت وڌيڪ تحقيق ۽ تاليف طرفان ڌيان ڏنو، ۽ هيٺين چئن قسمن جي لغتن تيار ڪرڻ جي رٿا هٿ ۾ کنيائين:

(1) جامع سنڌي لغات جي اختصار تي مشتمل هڪ جلدي سنڌي لغت

(2) مفصل سنڌي- انگريزي لغت

(3) مفصل انگريزي- سنڌي لُغت

(4) اطلاعاتي صحافتي ڊڪشنري

ڊاڪٽر صاحب ”انگريزي- سنڌي لغت“ جي رٿا تيار ڪئي ۽ ”هڪ جلدي سنڌي لغت“ جو ڪم هٿ ۾ کنيائين، ۽ ڊسمبر 1993ع تائين الف-ب جي 11 پهريان اکرن جا لفظ ۽ اصطلاح ترتيب ڏيئي ڪمپوزنگ ۾ ڏنائين. فيبروري 1994ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جيئن ئي چيئرمين شپ تان لٿو، ته هن لغت جو ڪم رڪجي ويو. اٿارٽيءَ جي نئين چيئرمين کي خط لکڻ کان پوءِ مختصر عملي جي مقرري ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب 16 جولاءِ 1994ع کان لغت جي ڪم ۾ ٻيهر هٿ ڳنڍيا ۽ جون 1997ع ۾ ڪم جي تڪميل ٿي. (28)

وئتپتي ڪوش: وئتپتي ڪوش ۾ سڀ اهڙا لفظ جن کي هن لغت ۾ سنسڪرت سان ملايو ويو آهي. پرمانند ميوارام جي ڊڪشنري ان ڳالهه کي ڪونه ڇهيو ويو آهي، ان کانپوءِ عبدالڪريم سنديلي جون لغتون جن ۾ اڪثر ڪري لفظن جا بنياد ڄاڻايا ويا آهن، ان کانسواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران جامع سنڌي لغات جي تياريءَ دوران مختلف رسرچرن سان بحث مباحثن ۽ اڳواڻن ڪتابن جي مدد سان مختلف لفظن جي اشتقاقن بابت طع ڪيو ويو، قديم ڊڪشنرين مان ڪئپٽن اسٽئڪ جو ڪم نظر اچي ٿو.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي- انگريزي ڊڪشنري:

عربي- سنڌي لپيءَ ۾ الٿو ڪيل ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ ۾ انهيءَ ڳالهه تي نظر وڌي وڃي ته مرتب پاران ڪافي لفظن جا بنياد ڄاڻايا ويا آهن، انهن مان ڪي هتي ڏجن ٿا.

هُو نج سنڌي لفظن لاءِ، S، عربي لفظن لاءِ، P، ۽ فارسي لفظن لاءِ، جون نشانيون مقرر ڪري ٿو، پر ان کان علاوه لاڙي لفظن، L ، جي نشانيءَ سان بلڪل ڌار ڪري ٿو، مثال لاءِ

S - اڪٿ (صفت) ناقابل اظهار (Inexpressible)

S - اکر (واحد مذڪر)، الفابيٽ جو هڪ حرف، هڪ لفظ

L - انئي-، تون، جو فاعل جمع(You)

L -اُڪارڻ (فعل) جانور کي هلائڻ (To drive an animal)

A - عقل- (واحد مذڪر)، ڏاهپ، سمجهه وارو عقل وارو(Wisdom, Understanding)

A - عقلائتو- (صفت، ظرف) سمجهه وارو، عقل وارو(Rational, Wise)

D- انگستانو (واحد مذڪر) آڱر ۾ پائڻ وارو

اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته اسٽئڪ هروڀرو ڇڪي سنڌي لفظن کي سنسڪرت بنياد مان ڪڍڻ بدران عام رواجي طور سنڌي لفظ ڌار ڪيا آهن ۽ ظاهر ظهور عربي فارسي لفظ ڌار ڪيا آهن، ۽ سنڌيءَ جي لاڙي لهجي جا لفظ ڌار ڪيا آهن (ان جو ڪارڻ شايد اهو آهي جو اسٽئڪ سان جنهن سنڌي منشيءَ ڪم ڪيو هو. اهو اتر جو هو انهيءَ ڪري سندس لغتن توڙي گرامر، ٽ، جا اچار، ٿ، ۽ ٽر ڏنا ويا آهن. (29)

ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو ته: ”جامع سنڌي لغات“ جي پهرين جلد ۾ پوري لغت ۾ ايندڙ اکرن جي ترتيب/ آئيويٽا ڏنل آهي، جيڪا عام طور ڪم ايندڙ اکرن جي هم شڪل ۽ ٽٻڪن- وار سوني ترتيب واري آئيويٽا کي رد ڪري 1853ع واري ساڳي ايلس (ائبرو ايلس) واري آئيويٽا ۾ صرف هڪ اکر، ف، کي، پ، جي ڀر مان هٽائي، ف، جي ڀر ۾ رکيو ويو آهي. (30)

سٺي لغت نويس جي خوبي:

اها ئي هڪ سٺي لغت نويس جي خوبي هوندي جنهن ۾ سندس ترتيب ڏنل لغت ئي هن جي علمي ڄاڻ جي گواهي ڏيندي آهي ته لغت نويسيءَ واري ڪم ۾ نج تيار سنڌي لفظن سان گڏ سنسڪرت، پراڪرت، دراوڙي، عربي ۽ فارسي جي لغتن مان لفظ ڳولهي ڦولهي لفظن جي وچ ۾ هڪجهڙائي يا پري جي ممائلت ۽ مائٽي بڻ بنياد تلاش ڪيل هجي هروڀرو اڻ سونهندڙ ۽ ٻوليءَ ۾ بي تڪا بي موقعي ڪيل هروڀرو بي لاڀ لفظ نه ڏيڻ گهرجي. سٺو پاڙهو ۽ گهڻي مطالعي وارو ئي ماڻهو هي ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو. لفظن جي اصليت کي ڳولڻ ۽ ان کي بڻائتو بنائي ڌاتو ڪڍي لفظ اصل مصدر مان گذارڻ جو ڏانو گهڻ پاڙهو لغت نويس ئي ڏئي سگهي ٿو جيئن ٻوليءَ جو صحيح حق ادا ٿي سگهي.

لغت جو فن:

لغت نگاري جيئن ته هڪ فني ڪم آهي ۽ خاص موضاتي لغت ۾ ذهني جاکوڙ جي گهٽ گنجائش رهندي آهي ڇاڪاڻ ته فرهنگ نويس نوان لفظ جوڙي يا شامل ڪري نهس گهندو آهي. هو فقط محنت ۽ جستجو ڪري اهڙن لفظن کي ڳولي شامل ڪندو آهي، جيڪي ڪن سببن جي ڪري پهرين لغات ۾ شامل ڪرڻ کان رهجي ويا هوندا. مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي (مرحوم) جي اضافي ڪم بعد سنڌي ڪلام جي ”سچل لغات“ هاڻي مڪمل ۽ معياري لغت جي حيثيت سان ڪتب خانن جي زينت بڻجندي ۽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ سچل سائين جي شعر وَ سخن تي تحقيق ڪندڙن لاءِ پڻ اهم ماخذ ۽ مددي ڪتاب جو درجو رکندي. (31)

ڪن اديبن ۽ عالمن وري ڪلام جي لغوي پهلوءَ جي طرف توجهه ڏنو: شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ پهريون شاهه ڀٽائيءَ جو شيدائي هو، جنهن ”لغات لطيفي“ 1913ع ۾ شايع ڪرائي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو، ته ”يڪي بعد ديگري“ ”سچل ۽ سامي“ جون الڳ الڳ لغاتون ظاهر ٿين ها، پر ايئن نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته هي ڪم ئي نرالي نوعيت جو آهي، جنهن لاءِ ڪي خاص محقق کپن نيٺ ڪن سالن پڄاڻان محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي 1978ع ۾، ساميءَ جي سلوڪن جي لغات ”سامي ڌاتو ڪوش“ (An-Etymological Dictionary of Saami) علمي ميدان تي آنڊي، جنهن ڪافي کان زياده مقبوليت حاصل ڪئي. ان ۾ ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي ۽ فارسي لفظن جي نه رڳو معنيٰ ڏنل آهي، پر هرهڪ لفظ جو بنياد (Root) پڻ ڏنل آهي، جنهن مان فاضل محقق جي محنت ۽ ڄاڻ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هرهڪ لفظ جي سطحي سمجهاڻي ڏيڻ ته قدري آسان ڪم آهي، پر هر هڪ لفظ جي اندرئين تهه ۾، جيڪي عميق خيال سمايل آهن، تن جو تڏهن ئي پتو پئجي سگهندو، جڏهن لفظن جي بنيادي معنيٰ ڏسبي (32)

سچل لغات جي لغوي نقطي کان جائزو وٺيو ته ان ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون نظر اينديون. ڪيترن ئي لفظن جا ان ۾ مترادف ۽ متضاد ڏنل آهن.

لفظ

مترادف

 

معنيٰ

ريگستان

ريگ بوم

 

وارياسو ميدان

ساحر

ڪاهِن

 

جادوگر منترباز

شِرڪت

اَتياري

 

شريڪ ٿيڻ

گبر

مُغ

 

آتش پرست

ميخانه

ميڪَده

 

شراب

 

لفظ

معنيٰ

متضاد

معنيٰ

ارض

ڌرتي، زمين

سَما

آسما

باطِل

ڪوڙ، ناحق

حق

سچ

بُعد

دوري

قُرب

نزديڪي

پُورب

اوڀر

پڇم

اولهه

گُرگُر

مرشد

چيلو

مريد

ڪن لفظن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ، مشهور شاعرن جهڙوڪ؛ شاهه ڪريم، ڀٽائي، جلال رنگريز، صابر، ڪنڀار، سامي، حسن ديدڙ جي ڪلام مان شواهد پيش ڪيا ويا آهن.

”سچل لغات“ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪن عربي لفظن جي معنيٰ هوندي به، ٻيا ساڳي معنيٰ وارا ٺيٺ هندي ۽ سنسڪرت لفظ ڏنا ويا آهن ته جيئن تصوف جي ميدان ۾، انهن انوکن لفظن جي بخوبي پروڙ پوي ٿي.

انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم لاءِ اُپاءَ:

انگريزن جي دور ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪافي تبديليون آيون. ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو ته: ”انگريزن سنڌ لاءِ جيڪا تعليمي پاليسي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رٿا منظور ڪئي، تنهن جو تفصيلي جائزو وٺندي، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڄاڻائي ٿو ته:

(الف) سنڌي ٻولي لاءِ هڪ رسم الخط مقرر ڪيو ويو.

(ب) سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻولي رائج ڪرڻ لاءِ حڪمنامو ڪڍيو.

(د) سرڪاري آفيسرن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي ٺهرائي وئي.

(هه) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن کي ترجمو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ مترجمن لاءِ انعام رکيا ويا.

(و) سنڌ ۾ تعليم کاتو قائم ڪيو ويو، ۽ اسڪولن ۾ نصاف لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ لاءِ حڪم نامو ڪڍيو ويو.

(ز) تعليم کاتي ترجمي جو سيل (Cell) قائم ڪيو ويو.

(ح) سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ حڪمنامو ڪڍيو ويو، ۽ ان لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي.

(ط) سنڌ ۾ ڇاپخانا قائم ڪيا ويا.

(ي) سنڌي زبان جي ويا ڪرڻ ۽ لغتون لکرايون ويون.

(ڪ) سرڪاري طور سنڌي اخبارون ڪڍيون ويون.

(ل) سرڪاري اشتهار ناما، سرڪيولر ۽ نوٽيس وعيره سنڌي زبان ۾ جاري ڪيا ويا.

مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ انگريز سرڪار طرفان توجه ڏنو ويو، جنهن ڪري هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ هر ميدان گهڻي ترقي ڪئي. (34)

ڊاڪٽر الطاف جوکيو. ڊاڪٽر فهميده حسين جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”انگريزن واري مقرر الف- بي واري ترتيب موجب سمورا ٻاراڻا ڪتاب ۽ ڊڪشنريون ڇاپيون وينديون هيون، پرمانند ميوارام جي ڊڪشنريءَ ۾ اها ئي ترتيب آهي، ان ترتيب موجب ٻارن کي اکر سيکارڻ ۾ سهوليت خاطر الف کانپوءِ، ب، ۽ پوءِ نقطن جي تعداد موجب حرفن کي رکيو ويو، جنهن پ کي ٻ کانپوءِ رکيل هو، ڪجهه وقت کانپوءِ اها ترتيب بدلائي وئي ۽، ٻ، کانپوءِ، ڀ، کي رکيو ويو، جواز اهو ڏنو ويو ته هر اوسرڳ آواز پٺيان وسرڳ آواز رکيا ويا آهن، پر اهو اصول، پ، ۽ ڦ، سان لاڳو ڪونه ڪيو ويو، ڇو ته، ڦ، جي شڪل صورت، ف، سان ملندڙ هئي، ان ڪري اتي وڌيڪ مناسب سمجهي وئي، ان صورت ۾ موجوده ترتيب نه صوتيات جي لحاظ کان درست آهي، ۽ نه وري نقطن جي ترتيب سان، اهڙي قسم جون تبديليون اختياري واري حيثيتن تي رهندڙ فرد انفرادي طور تي ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته اهڙا ڪم ماهرن تي مشتمل ڪميٽين يا پئنلن کي ڪرڻ گهرجن. (35). فهميده 2012: 13، 137.

ابتدائي ڊڪشنريون:

ڪنهن به ٻوليءَ کي پرکڻ لاءِ ان جي لغت جي ذخيري کي ڏٺو وڃي جنهن مان اها ڀليءَ ڀت ڄان ملي ويندي ته هن زبان ۾ ڪهڙي قسم جون لغتون موجود آهن، جن کي ٻوليءَ جي ماهرن ترتيب ڏنو آهي. لغتن جي مدد سان فن پارن جي جڙاوت ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ بنيادي توڙي ايڊوانس لغتن جي ترتيب ۽ تاليف مان ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ جي خبر پوندي آهي، ان ڪم مان ئي تحرير، تخليق کي نئين سگهه، سونهن، ۽ نواڻ پيدا ٿيندي آهي ان مان نوان شاهڪار جنم وٺندا آهن. ٻوليءَ ۾ واڌارو ايندو آهي لغت ۽ درياهه هڪ ڳالهه آهن. ٻنهي ۾ وهڪرو ضروري آهي جنهن سان ملڪ سرسبز ساوا ٿيندا آهن لغتن جو ذخيرو به ٻوليءَ جي خزاني ۾ واڌارو ڪندو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”هاڻي جڏهن ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جون ڊڪشنريون اٿارٽيءَ پاران ديوناگريءَ سوڌو عربي- سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجي آيون آهن (2011ع) ته اها ڳالهه صاف ڏسجي ٿي، ۽ سنڌي- انگريزي ۽ انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ جي ديوناگري صورتخطيءَ ۾ مرڪب لفظن کي گڏي لکڻ يا ڌار لکڻ وارو عمل پڻ پڌرو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ديوناگريءَ مان عربيءَ ۾ الٿائڻ کانپوءِ قائم رکيو ويو آهي، هتي اسٽئڪ جي لغتن مان مثال ڏجن ٿا.

ڪمڪڙ، اڪٽٽڙو، الڇنڀ، اڳڄائو، اڳڪٿي، اڳ ڳڻتي، اڳڀرو، (ڪن سوپاري)، ص 83، 23 ڪچڪچ (ص 112) ڪتيپڇ (ڪتي پڇ) ڄاڻيٻجهي ڄاڻيو اڻي (ڄاڻي بجهي، ڄاڻي واڻي) (ص 227) زيانخوري (زيان خوري) (ص 230) ايڏتانئين ايڏتانيون ايڏتانها وغيره ايستائين لاءِ. (36)

لغت نويسيءَ جا اصول ۽ پيمانا:

لغت نويسيءَ بابت ڪن ماهرن ڪي اصول ۽ قانون مقرر ڪيا آهن. انهن کانسواءِ لغت جو فن اڌورو رهجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ مرتب ڪرڻ وقت ڪي اصول ۽ پيمانا سامهون رکي مذڪوره لغت تيار ڪئي آهي، انهيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪي اصول ٻڌايا آهن. ته ڪنهن به لغت نويس کي اهي ڳالهيون سامهون رکڻ گهرجن عام طور لغت نويسيءَ لاءِ جيڪي اصول، قاعدا ۽ قانون، طور طريقا ۽ عملي قدم کنيا ويندا آهن. لغت تيار ڪرڻ لاءِ هڪ لغت نويس لاءِ لفظن جو سرمايو گڏ ڪرڻ هوندو آهي، ان کانپوءِ هر هڪ لفظ جي پوزيشن يعني ڌاتو، ماده، اشتقاق ڪڍڻ، محاورنم اصطلاحن، روزمره وارن اچارن (Dialectology) ويا ڪرڻي صورت، بيهڪ، تلفظ جي مدنظر لساني پهلوئن کي زير غور گهري مطالعي کان پوءِ لفظن کي اختيار ڪيو ويندو آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته؛ ”انهن اصولن جي اڀياس لاءِ سر گريئرسن، بدولف (Biddulpif) مسٽر لاريمر، پروفيسر اسڪالموسڪي، ڊاڪٽر رٿ، مارٿي فچ ۽ گريگري ڪوپر، ڊاڪٽر لور سئندر، پروفيسر ايم. اي يانگ، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪتاب ۽ جائزا رهنمائي ڪن ٿا. لغت نويسيءَ لاءِ ماهرن جيڪي اصول قاعدا ۽ قانون مقرر ڪيا آهن، انهن مان ڪي هي آهن.

i .ٻوليءَ جي دائري اندر مختلف خِطن ۾ مروج لفظن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جون الف- ب وار چٽڪيون ۽ فهرستون ٺاهن.

ii . هرهڪ لفظ جي اچارڻ هجي (Spelling) جزن ۽ پدن (Syllabication) ۾ ورهائڻ، ۽ ان موجب اچار مقرر ڪرڻ.

iii . هر هڪ لفظ جي ماده، ڌاتو ۽ اشتقاق ڪڍڻ ۽ ان لفظ جي تاريخي ارتقا بيان ڪرڻ.

iv . هر هڪ لفظ جي معنيٰ، ان جو مفهوم، سمجهاڻي ڏيڻ ۽ فقري، جملي ۽ شعر جي مصرع، چوڻي ۽ پهاڪي ۾ ان جو استعمال ڏيکارڻ ته، جيئن الڳ الڳ حالتن (Context of Situation) ۾ لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ نمايان معلوم ٿئي ٿي،

v. هرهڪ لفظ اچار لاءِ ڪنهن خاص علامت (Symbol) ذريعي اچار جي نشاندهي ڪرڻ.

vi. هرهڪ لفظ جي ويا ڪرڻي حيثيت يعني ڳالهائڻ جي اٺن صورتن (Parts of Speech) مان ڪنهن به هڪ حيثيت جي نشاندهي ڪرڻ.

vii. هرهڪ لفظ جي حيثيت ۽ معيار، نثري جملن، چوڻين، پهاڪن ۽ شعري مصرعن ذريعي بيان ڪرڻ ته جيئن خبر پوي ته اهو لفظ روزمره واري ٻوليءَ موجب عام محاوري (Colloquial) ۾ عام گفتگو ۾ عام طور مروج آهي يا بازاري ٻولي (Slang) رائج آهي.

viii. اهڙيءَ طرح هر هڪ لفظ جي معنيٰ کان سواءِ هم معنيٰ لفظ ۽ انهن جي فقرن، جملن، چوڻين، پهاڪن ۽ بيتن وغيره ۾ رائج استعمال جا مثال ڏيڻ، لغت نويسيءَ لاءِ ڌار ڌار لغت نويس، ڌار ڌار قدم کڻندا آهن. ڪي لغت نويس جدا جدا خطن ۾ پنهنجا ”خابرو“ (Informants) مقرر ڪندا آهن. (37)

سنڌي زبان ۾ ترتيب ڏنل لغتن جو تعارف

1. غريب الغات: هي لغات 1997ع ۾ قيصريه پريس حيدرآباد ۾ ڇپي، هن لغات ۾ شاهه جي رسالي جي ابتدائي ٽن سُرن (ڪلياڻ، يمن ۽ کنڀات) جون معنائون ڏنل آهن. ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، غريب تخلص ڪندو هو. ان ڪري لغت تي اهو نالو رکيائين، هو سنسڪرت زبان جو ڄاڻو ۽ رسالي جو اڀياسي هو. هن لغت ۾ لفظن جي ڌاتن جو حوالو ڪونهي، جيڪو هُن اڳتي هلي گربخشاڻي جي ڪيل معنائن بابت ڏنو. ڪاڪي ڀيرو مل جي اڳيان رسالي جا ان وقت تائين موجود ٿيل ٽي ڇاپا هئا جن مان هن مدد ورتي ۽ رسالي جو نئون ڇاپو هو. تعليم کاتي واري ڇپايل 1900ع واري ڇاپي کي چوي ٿو: ”غريب اللغات“ ۾ هن پنهنجي طرفان رسالي جي اهنجن لفظن ۽ جملن جي معنيٰ ڏيڻ جو سعيو ڪيو آهي، ۽ هي پهريون ڀاڱو آهي. ديباچي ۾ لکي ٿو ته: ”اميد ته ٻيا به جلد ڇپرائي پڌرا ڪندس،“ ديباچي ۾ ئي شاهه جي سوانح، رسالي جي ڪجهه سمجهاڻي به ڏئي ٿو، لغات ۾ ڪي غلطيون ڇپائيءَ جون به ٿيون آهن. نئين رسالي جي ڀلنامي سان گڏ لغات جي ڀلنامي کي به شامل ڪيو اٿس. ساڌو هيرانند، آخوند وفا، مرزا قليچ بيگ ۽ تاراچند شوقيرام جي مدد جو به تذڪرو ڪري ٿو. ٽنهي سرن جو معنائون اهڙي سليس انداز ۾ ڏنيون اٿس، جيئن هيٺين درجن جا شاگرد به انهن کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن. هُن ڪنهن به طرح لغات کي عالمانه ۽ محققانه ڪاوش نن بنايو آهي، باقي ڀاڱا ڪونه ڇپيا. (38)

2. لغات لطيفي: هن ڊڪشنريءَ کي مرزا قليچ بيگ 1914ع ۾ ”لغات لطيفي“ جي نالي سان مرتب ڪئي، هن لغت ۾ جيڪا ترتيب ڏني ويئي آهي، اها آئيويٽا 1853ع واري ايلس واري آهي. (39)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”هن لغت ۾ ساهه جي ڪلام جي معنيٰ مطلب جي لحاظ کان ڪنهن حد تائين، خود رسالي ۾ ڏنل معنائون موجود آهن. گربخشاڻي لفظن جي ڌاتن لفظن جي ڌاتو سميت پنهنجي رسالي ۾ معنيٰ ڏني. سندس پيروي ڪلياڻ آڏواڻي، شاهواڻي ۽ ٻين ڪئي. انهن سڀني کان ڪاڪو ڀيرومل ۽ مرزا قليچ بيگ رسالي جي لغات لکڻ جي ابتدا ڪري چڪا هئا. هن سلسلي ۾ ڪاڪي ڀيرومل کي اوليت حاصل آهي، جنهن سڀني کان اڳ ”غريب اللغات“ لکي هن موضوع جي شروعات ڪئي. (40)

سنڌي ادبي بورڊ پيو ڀيرو (ٻيو ڇاپو) 1976ع ۾ ڇپايو. هن ۾ معنيٰ سُر وار ڏني ويئي آهي. ڪل ستٽيهه (37) سر (ڌارئين ڪلام سميت) هن لغات ۾ شامل آهن. رسالي کي تازو رسالو سڏي ٿو، اهو شايد تيار ڪيل رسالو آهي، جيڪو 1913ع ۾ چپيو مرزا صاحب هر ڪا ڪوشش ڪئي آهي ته هُو رسالي جي ڏکين لفظن جون معنائون مهيا ڪري، ان ۾ هو ڪامياب به ويو آهي، اهو مشڪل آهي ته ڪنهن لفظ کي ڏکيو لفظ سمجهي معنيٰ ڏجي يا آسان سمجهي ڇڏي ڏجي، اها ڳالهه اهم آهي، بحرحال مرزا قليچ بيگ جي هيءَ لغات، رسالي جي آڳاٽين لغتن ۾ اهم آهي. هيءَ لغات مرزا صاحب طرفان سمجهڻ سمجهائڻ وارين ڪاوشن مان هڪ آهي، اهڙين ڪاوشن ۾ سندس ڪتاب احوال شاهه عبداللطيف به آهم آهي، جو شاهه صاحب جي سوانح حيات بابت معلومات فراهم ڪري ٿو. (41)

لطيفي لغات جي سلسلي ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو به اهم ڪردار رهيو آهي. هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ مرحوم معمور يوسفاڻي هر ڪنهن سُر جي لغت تي لکيو ۽ سندن وفات بعد محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب به مختلف سُرن جي صرف ۽ نحو تي لکندو رهيو آهي. اهڙيطرح هيستائين 20 سُرن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هي مقالا ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌ ثقافت کاتي طرفان مختلف ’سر وار‘ ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

3. وئتپتي ڪوش: هن لغت کي 1866ع ۾ جهمٽمل نارومل وسڻائيءَ ”وئتپتي ڪوش“ ڇپرايو، جيڪو ديوناگري لِڀيءَ ۾ لکيل هو، بعد ۾ 1964ع ۾ ان کي عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ مٽائي ڇاپيو ويو. هن لغت ۾ ديوناگري واري ترتيب ڪم آندل آهي.

4. سنڌي انگريزي لغت: هي ڊڪشنري 1910ع کي پرمانند ميوارام ترتيب ڏنو. هن لغت ۾ پرمانند ميوارام 1853ع واري مسٽر ائبرو ايلس واري الف- ب مطابق ترتيب ۾ رکيو آهي. (42)

5. فرهنگ همايوني: هن ڊڪشنري تي تحقيق فقير عبدالغفور همايوني ۽ ترتيب نياز همايوني ڏني آهي. هي ڊڪشنري طب تي مشتمل آهي، جيڪا 1918ع ۾ تيار ڪيو ويو. هن لغت جو اوائلي مسودو سنڌ جي مشهور حڪيم، طب ۽ خطاطي جي ماهر سيد ٻڍل شاهه پنهنجن هٿن اکرن ۾ لکيو، جيڪو پوءِ ليٿو ۾ ڇپيو. بعد ۾ سيد ٻڍل شاهه جي خواهش مطابق ۽ اهڙي ضرورت کي محسوس ڪندي هيءَ لغت سنڌي جي طب جي ماهر، حڪيم، ٻوليءَ جي پارکو ۽ وڏي شاعر محترم نياز همايونيءَ 1994ع ۾ ترتيب ڏئي اداري جي حوالي ڪئي. (43)

6. تحقيق سنڌي لغات: هي لغت 1955ع ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ”تحقيق لغات سنڌي“ اشتقاقي انداز سان لغت تيار ڪرائي ڇپائي، هن لغت ۾ 1853ع واري ايلس واري آئيويٽا ڪم آندل آهي.

7. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: هي لغت وزارت تعليم پاران 1976ع ۾ ڇپرائي وئي.

8. سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت: هي لغت 1996ع ۾ مرحوم ڊاڪٽر غلام قادر سومري ترتيب ڏني هئي.

9. اکر اکر آرسي: هي لغت 2009ع ۾ عزيز ڪنگراڻي ”اکر اکر آرسي“ نالي سان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ترتيب ڏني، جنهن ۾ 1960ع واري بلوچ آئيويٽا ڪم آندي وئي آهي.

10. اصطلاحن جي اصليت: 1987ع ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي اصطلاحن ۽ محاورن جي لغت ”اصطلاحن جي اصليت“ نالي سان ڇپرائي، جنهن ۾ ترتيب 1960ع واري رکي وئي آهي.

11. سنڌي ٻوليءَ جي سونهن: هي لغت 1910ع ۾ گهنشام داس ڀڳت، ”سنڌي ٻوليءَ جي سونهن“ نالي سان اصطلاحن ۽ محاورن تي مبني هڪ لغت ترتيب ڏني، جنهن جي ترتيب ۾ 1853ع واري آئيويٽا کي سامهون رکيو ويو آهي.

12. سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو: هن کي مدد علي قادري ترتيب ڏنو آهي. هن ۾ هن صاحب ڊاڪٽر مدد علي قادري عربي آئويٽا (اب ت) ڪم آندي آهي. (44)

13. ٻوليءَ سندا ٻول: هي لغت شهيد سومري ترتيب ڏني آهي. هن لغت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻ معنائن لفظن جي تشريح کي بيان ڪيو ويو آهي. محترم عبدالخالق ”شهيد“ سومري پاران تيار ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي خاص لفظن ۽ اصطلاحن جي هي تقابلي ۽ تشريحي لغت ان سلسلي ۾ هڪ جامع اڀياس پيش ڪري ٿي. ان کان علاوه هن لغت ۾ مختلف جاين تي اهڙن خاص لفظن جي تشريح ۽ سمجهاڻي بيان ڪندي حوالي طور شاهه لطيف جي بيتن کي پڻ ڪتب آندو ويو آهي. جيڪي پڻ هن تحقيق سَند جون ساکون ڀريندي نظر اچن ٿا. (45)

14. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت: هي لغت مختيار احمد ملاح ترتيب ڏني آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1185 ادبي اصطلاحن جي تشريح ڪيل آهي. پبلشر پاران ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”منهنجو ڪيل ڪم انگريزي ڪتاب مان، ترجمو، هو، پر ملاح صاحب مختلف ڪتابن ۽ لغتن جي مدد سان اهڙا سمورا اصطلاح چونڊيا ۽ لکيا، جيڪي سنڌي جي ادبي کيتر ۾ رائج ٿي چڪا آهن. گڏوگڏ اردو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي نج ذخيري مان به ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح شامل ڪيا آهن، اهڙيءَ ريت ترجمي کان وڌيڪ تحقيقي ڪم بنڄي ويو آهي، جنهن کي اڳتي وڌائڻ جي هميشه گنجائش رهندي آهي ۽ مون کي اميد آهي ته ڀاءُ مختيار ملاح ان ۾ رهجي ويل موضوع ۽ اصطلاحن بابت تحقيق جاري رکندو ۽ ٻئي ڇاپي ۾ ان کي شامل ڪري کوٽ جو پورائو ڪندو. (46)

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي رخ ۽ پاسا رهيا پيا آهن، جن جي اڃا به جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ”قديم آثار ڪهڙي به صورت (وٿن، دڙن، عمارتن، ڀاڻن يا پڊن) ۾ هجن، جنهن ملڪ سان واسطو رکن ٿا، تنهن جا جنسي دستاويز آهن، جن مان ان ملڪ يا خطي جي اقتصادي، سياسي، سماجي، تاريخي، مادي، هنري، موسمي، آبادياتي، نباتاتي، حيواناتي ۽ فني يا فڪري ڄاڻ کان علاوه ان جي خارجي تعلقات تي به روشني پوي ٿي. چوندا آهن ته آثارن کانسواءِ ملڪ ايئن آهي جيئن يادگيري ڌاران ڪو شخص. (47)

سنڌي لغات جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو تمام وڏي پد تي نظر اچي ٿو. تاج جويو لکي ٿو ته: ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هڪ وڏو ڪارنامو هو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سرانجام ڏنو. (48)

15. جامع سنڌي لغات: ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: ”عزت مآب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل ”جامع سنڌي لغات“ هڪ گهڻ- مقصدي يا گڻ پاسائين لغات مڃي سگهجي ٿي. هن لغات ۾ به لهجيوار لفظن ۽ اصطلاحن جو وڏو خزانو، جاتيوار اپڀاشائن جا سيد ڀنڊار، لفظن جا اچار، ڌاتو، مادا ۽ اشتقاق ڏنا ويا آهن. لهاذا سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لغتن ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هڪ بهترين ۽ بامقصد لغت چئي سگهجي ٿي. (49)

16. روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت 2002ع. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تيار ڪيل هيءَ لغت، رسالي جي جديد لغت آهي، هيءَ لغت ڊاڪٽر صاحب طرفان شاهه جو رسالو شايع ڪرڻ کان پوءِ اُن مشن ۽ مقصد کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ڊاڪٽر صاحب لفظن، فقرم ۽ سٽن جي معنيٰ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ معنائن کي وڌيڪ آسان ۽ چٽو ڪرڻ لاءِ رسالي مان مثال به ڏنا آهن. ڊاڪٽر بلوچ هونئن ئي لغت توڙي زبان ادب جي شعبن ۾ پٿريلي زمين تي هلي منزل تي ڪاميابي سان پهتو آهي، ان لاءِ سندس لوڪ ادب، تاريخ سنڌ، ڪلاسيڪي شاعرن تي ڪيل ڪم نشانبر بيٺو آهي. (50)

17- سوشيالاجيءَ جي لغت: هي لغت پروفيسر تنوير جوڻيجو ترتيب ڏني آهي. هن لغت جي مهاڳ ۾ تنوير جوڻيجو لکي ٿي ته: ”هن ڊڪشنريءَ ۾ ڏنل بنيادي اصطلاح، سوشيالاجي جي لغت Dictionary of sociology and related sciences henry pratl Fairchild and 100 Authors, little Field Adams and Co Torunto new Jercy. مان ورتا ويا آهن. ان کان سواءِ ساڳئي اداري جي اينٿراپالاجيءَ جي لغت Dictionary of Anthropology by Charles Winiek مان به ڪجهه لفظ ورتا ويا آهن، The New National Dictionary Collins London and Glasgow, Third Edition 1996 ۽ ٻيون ڊڪشنريون جن مان فائدو ورتو ويو آهي. اهي آهن.

”قومي انگريزي اردو لغت“ مرتب ڪندڙ ڊاڪٽر جميل جالبي- مقتدره قومي زبان اسلام آباد. ان کانسواءِ ڪي ٻيا اصطلاح پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي جا پڻ هن لغت ۾ شامل هن، ۽ هن لغت جي حوالي سان انهيءَ ڳالهه چوڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ نه ٿي محسوس ٿئي ته جي پروفيسر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي جون پر خلوص ڪوششون شامل نه هجن ها ته هيءَ ڊڪشنري اوهان جي هٿن تائين نه رسي ها. (51)

هن لغت ۾ انگريزي لفظ، اصطلاح ۽ پوءِ ان جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ ڏني وئي آهي. هن ڊڪشنريءَ ۾ هڪ اهم کوٽ اها آهي جو انگريزيءَ ۾ سوشيالاجيءَ جي اصطلاحن ۽ ٽرمس کي منجهائيندڙ نموني بيان ڪيو ويو آهي ڇو ته ان سان پڙهندڙ کٽو ٿي ٿو پوي ان لاءِ ضروري هو ته انگريزيءَ جا اُچار سنڌي صورتخطيءَ ۾ پيش ڪيا وڃن ها ته چڱو ٿي پوي ها ۽ ٻئي طرف وري محنت پورهئي کي به ساراهجي ٿو ته اهڙي قسم جون لغتون سنڌي زبان ۾ اهم واڌارو آهن.

18. سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري: هي لغت ڊاڪٽر آفتاب ابڙي صاحب جي ترتيب ڏنل آهي، جنهن جي پيش لفظ ۾ هو لکي ٿو ته: ”هن ڊڪشنريءَ ۾ لف- ب جي ترتيب اهائي رکي ويئي آهي، جيڪا ”جامع سنڌي لغات“ ۾ اختيار ڪئي وئي آهي، ۽ هاڻ عام درسي ڪتابن ۾ پڙهائي وڃي ٿي. ڏکيائيءَ جي صورت ۾ درسي ٻاراڻو ڪتاب ڏسي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين فني قاعدن ۽ لوازمن ۾ ساڳيو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڪيو ويو آهي.

ڊڪشنريءَ جي ترتيب لاءِ هي طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. ٽئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين سڀ سنڌي ڪتاب، دينيات، زرعي ڪتاب، سماجي اڀياس، سائنس، (فزڪس، ڪيمسٽري، بائلاجي وغيره) ورتا ويا آهن. ٻوليون جهڙوڪ: انگريزي، اردو، عربي وغيره شامل نه آهن. ڏکين لفظن ذاتي طور ڳاڙهيءَ پين سان مارڪ ڪيو ويو آهي. (52)

19- بين الاقوامي تعلقات جي لُغت: هي هڪ موضياتي لغت آهي، ۽ پنهنجي جاءِ تي هڪ تشريحي لغت پڻ آهي، هن لغت کي سنڌي جي مشهور ۽ نالي واري دانشور سنڌ يونيورسٽيءَ جي بين الاقوامي تعلقات جي شعبي جي استاد انعام شيخ صاحب ترتيب ڏنو آهي.

هن لغت ۾ مترادف ۽ متبادل لفظن بدران تشريحون ڏنل آهن، اهي اصطلاحي تشريحون اڌ صفحي ۾ ته ڪٿي مڪمل صفحي تائين اصطلاحن جي تشريح ڪيل آهي. هن لغت ۾ جديد دور جي معيارن کي مدنظر رکي انگريزي زبان جي الفابيٽ کان شروعات ڪئي وئي آهي. 723 صفحن تي پکڙيل هن لغت ۾ اهم ڄاڻ مهيا ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ آهي.

انعام شيخ لکي ٿو ته: ”هن لغت جي تياريءَ ۾ بنيادي طرح پينگوئن بوڪ لميٽيڊ جي 1998ع شايع ڪيل ۽ گرامر هم ايونز (Graham Evans) جي جوڙيل Dictionary of International Relations کي آڏو رکيو ويو آهي، ۽ ان مان اهميت جوڳو مواد ترجمو ڪري لغت تيار ڪئي وئي آهي، پر ٽي ٻيا ڪتاب

(1) Dictionary of International Relations by trauna sareen (Published by LvY Publishing House New Delhi, year 2005.

(2) Diplomatic Hand book by R.G Selthem (Publisher. langman London 1982)

(3) International Relations by prakash Chander (Publisher Cosmos book hive (p) Ltd. Dehli; years 2000.

به مدد لاءِ ڏنا ويا آهن گڏوگڏ بين الاقوامي تعلقات جي مختلف درسي ڪتابن مان به ڪيترن ئي اصطلاحن جون وضاحتون ڀيٽيون ويون آهن. ساڳئي وقت جديد دور جي سرشتن کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ تي موجود معلومات وسيلن جهڙوڪ:

Wikipedia (2) The free Dictionary of International Relations (3) Glossary of Terms of l.R (4) A Glossary of Terms and concepts in peace and conflict studies (5) Merriam Webster (6) Answer- Com (7) International Relations and Security Acronyms Dictionary CSS Forum.

۽ ٻين ممڪن/ موجود ويبسائيٽن، برقياتي وسيلن کان ڪم وٺندي، تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي آهي،  ته اصطلاحن ۽ تصورن کي هن لغت جو حصو بنايو وڃي. ان هوندي به مون کي شديد احساس آهي، ته اڃا گهڻن ۽ لڪل ذريعي تائين پهچڻ ممڪن نه ٿي سگهيوهوندو، جنهن جو ازالو اڳتي هلي ڪرن جي ڪوشش ڪبي. (53)

20. هندي- سنڌي لغت: هي لغت انفرادي حيثيت رکي ٿي جنهن کي هڪ پرائمري استاد مرحوم محمد پناهه ڦرڙي صاحب ترتيب ڏنو آهي. هن لغت جي ناشر پاران نوٽ ۾ عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ته: ”هندي- سنڌي لغت جو هي بنيادي نمونو آهي، جيڪو مقتدره قومي زبان، اسلام آباد پاران ڇپيل هندي- اردو لغت کي آڏو رکي تيار ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هن لغت ۾ا ڃا به واڌارن ۽ سڌارن جو چٽو امڪان آهي، تنهن هوندي به اسان سمجهون ٿا ته هيءَ لغت، موضوع سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ڪارائتي ضرور ٿيندي. هن لغت جي ترتيب ۽ رسم الخط عربي- سنڌيءَ وارا ساڳيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته هندي لفظن ۽ اصطلاحن جي صحت ۽ هجائي ترتيب کي برقرار رکي سگهجي ۽ پڙهندڙن کي آساني ٿئي. (54)

هي ڊڪشنري 307 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ الف- ب وار ترتيب هن طرح رکيل آهي. ا ب ڀ پ ت ٿ ٽ ٺ ج جهه چ ڇ دڌ ڊ ڍ رس ش ڦ ڪ ک گ گهه ل م ن وهه ي.

هن لغت کان اڳ ۾ هن موضوع تي ڪم پڻ ٿيل آهي جنهن ۾ ”هندي- سنڌي- انگريزي تري ڀاشاڪوش (3جلد) سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ آف انڊيا نئين دهلي، انڊيا: ڪيندرياله هندي نديشاله سڪشته سمس ڪرتي منتر ياليه ڀارتي سرڪار (1989ع)، جلد 1، ص 1008، جلد، 2 ص 804، جلد 3، ص 404.

2. لغت/ مولف: بنيادي سنڌي- انگلش- هندي ڊڪشنري/ ڪنهيا لال ليکواڻي. ڇاپو- 1 پونا انڊيا: پرڪاش پبليڪيشن (1996ع)، ص: 199.

3. لغت/ مولف: سنڌي- هندي- انگريزي سچتر شبد ڪوش/ ڪنهيا لال ليکواڻي. ڇاپو- 1 (1998ع).

4. هندي- سنڌي لغت: مولف: هندي- سنڌي ويهوار ڪوش/ سينٽرل سنڌي ڊئريڪٽوريٽ آف انڊيا. چاپو- 1، نئين دهلي انڊيا: ڪيندر ياليه هندي نديشاليه سڪشه تاتها سمس ڪرتي، منتر ياليه ڀارت سرڪار (1984ع)، ص 442

5. سنڌي- هندي لغت: مولف: سنڌي- هندي شبد ڪوش/ ڪنهيا لال ليکواڻي جلد- ا، انڊيا (1995ع) ص: 162. (55)

21. ميڊيڪل ڊڪشنري انگريزي- سنڌي: هي لغت ڊاڪٽر عاشق حسين بدويءَ صاحب جي ترتيب ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب مرحوم لکي ٿو ته: آءٌ ڪيترن ئي عرب ملڪن ۾ رهيو آهيان. مون کي چار عربي ڀاشائون، لپي (عربي، بربر، ترڪي، ۽ اطالوي جو ڳاڏاپو) مصري (قبطي اثرات، سعودي ۽ يمني ٻوليون ڳالهائڻ اينديون آهن. اتي مون مشاهدو ڪيو ته هڪ عام عرب نه رڳو عربي ڄاڻي ٿو، پر جي کيس ڪا نئين سائنسي ايجاد ڏيکارجي ٿي ته فوراً ان جو عربي نالو ايجاد ڪري ٿو. جيئن اسان وٽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن موٽر سائيڪل جو نالو ”ڦٽڦٽيو“ يا ”ٺپٺپيو“ رکيو آهي. عرب ۽ سنڌي ماڻهن ۾ اها مشترڪ خوبي آهي ته سنڌي ماڻهو سنڌي ٻوليءَ جي خوبيءَ سبب ٻين ٻولين مان ڪا ڏيهي يا پرڏيهي ٻولي جلد سکي وڃي ٿو. (56)

هي طبي لغت جو هڪ ماڊل بنايو ويو آهي، جيڪا ميڊيڪل جي شاگردن، نرسز توڙي پئرا ميڊيڪل اسٽاف عام پڙهندڙن لاءِ مفيد آهي. هن لغت لکڻ وقت لغت نويس وٽ بنيادي ٽي ماخذ آهن.

1. ميڊيڪل پريڪٽس دوران پنهنجي ڄاڻ

2. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ”جامع سنڌي لغات“

3. پرمانند ميوارام جون ”انگريزي- سنڌي،“ ۽ ”سنڌي- انگريزي ڊڪشنريون.

هن لغت جي ترتيب ۾ انگريزي طبي اصطلاحن جو نه رڳو اچار ڏنو ويو آهي، پر ڏنگين ۾ ان جي سنڌي معنيٰ سميت يوناني، لاطيني، يا اينگلو سئڪس (A.S) پاڙ به ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر توڙي حڪيم هن (395) صفحن تي مشتمل ڊڪشنري مان لاڀائتو ڪم وٺي سگهن ٿا. هن لغت جو مقدمو سنڌي ٻوليء جي ماهر ڊاڪٽر اسد جمال پلي لکيو آهي، پاڻ ڇاڪاڻ ته ميڊيڪل سائنس ۽ سنڌي ٻولي ٻنهي جو ماهر آهي، انهيء ڪري ٻنهي پهلوئن کان هن مقدمي ۾ ڀرپور سمجهاڻيون ڏنيو اٿس. هن طبي لغت ۾ جيڪي پنج ضميما ڏنا ويا آهن.

 پهريون ضميمو: ضميمي ۾ ميڊيڪل ۾ ڪم ايندڙ يوناني ۽ لاطيني اڳياڙين (Prefixes) ۽ پڇاڙين تي لفظ ٻڌل آهن ۽ ان سان گڏ سنڌي لفظن جا بدل ڏنا ويا آهن.

ٻيو ضميمو: جنهن ۾ مسلم (عرب ۽ ايران، مصري يا ترڪ) طبيبن بابت آهي انهن عالمن طب ۾ نظرين، ايجاد ۽ نئين واڌاري تي روشني پيل آهي. حڪيمن، طبيبن جي طريقيڪار علاج معالج جي استعمال ۾ ايندڙ جڙي ٻوٽين جو ذڪر، مسلمان حڪيمن جي تاريخ، وغيره شامل ڪيل آهي اهريءَ پنج ئي ضميما اهم ڄاڻ مهيا ڪيا ٿا جيڪا هن ڊڪشنريءَ جي خاص خوبي آهي.

22. سنڌي انگريزي ميڊيڪل ڊڪشنري: هيِء لغت به ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي ترتيب ڏني آهي ۽ لئنگئيج اٿارٽي شايع ڪرائي آهي، هِن لغت جو به جامع مقدمو ڊاڪٽر اسد جمال پلي لکيو آهي.

ڪمپيوٽر موجب ترتيب: هاڻوڪي ڪمپيوٽر واري دور ۾ ڪن سببن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ هيٺ ڄاڻايل ترتيب به ڪم آندي وئي آهي، جنهن کي ڪمپيوٽر ترتيب ڏئي ٿو، اهڙي ترتيب جو استعمال پروفيسر محمد صفر سهتي پنهنجي ترتيب ڏنل لغت، ”ماڊرن سنڌي انگلش ڊڪشنري“ ۾ ڪيو آهي، اها ترتيب ڪنهن لفظ جي اندر آيل آهي، باقي لفظن جي اڳياڙي ذريعي لفظن جي ڳولا ۾ عام رواجي (1960ع) آيويٽا ڪم آندي اٿس، اهڙي مٽ جي گهرج تڏهن پيش آيس، جو هن دوست ڪافي لفظ سهيڙي ڇڏيا هئا، جن کي اندروني رديف- وار ترتيب رکڻ لاءِ ڪمپيوٽر کان مدد وٺڻي پيس. اهڙي اظهار ڪندي صاحب موصوف لکي ٿو ته: ”هر اکر جي لفظن جي ترتيب ڪمپيوٽر جي مدد سان ڪئي وئي آهي، جيڪا عربي الفابيٽ جي اثر ڪري هن وقت استعمال هيٺ پٽيءَ کان ڪجهه مختلف آهي، جيڪا هن ريت آهي. انڪري ڪنهن به حرف جي اندر ڪو لفظ ڳولڻو هجي ته هن ترتيب کي ذهن ۾ رکجي.

عه اب پ ت ث ج جهه چ ح خ د ذ ر ذ س ش ص ض ط ظ ع ف ق گ گهه ل م ن هه وي ٺ ٻ ٽ ٿ ڀ ڃ ڄ ڇ ڊ ڌ ڏ ڍ ڙ ڦ ک ڪ ڱ ڳ ڻ (صفر 2009: پنهنجي پاران).

مٿي ڏنل آئيويٽا جي ترتيب رديف وار ڪمپيوٽر ذريعي مان جي خاني مان ٿيندي آهي، محترم سهتي صاحب ان ترتيب لاءِ، عربي الفابيٽ جو محاورو ڪم آندو آهي، حالانڪ اهڙي ترتيب فارسي آئيويٽا جي اثر کان ٿي آهي، ڇو ته ان ۾ ”پ“ جو اکر مذڪوره ترتيب جي شروعات ۾ ئي اچي ٿو وڃي، جڏهن ته سنڌي اکرن جي ترتيب ۾ بعد ۾ بيهي ٿو. (57)

23. منٺارُ اللُغاتِ سنڌي: هن لغت ۾ آيل لفظن ۽ خيالات جو تعلق (حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه جي رسالي ”خدائي“ جي لغت)، سان آهي. مذڪوره لغت کي ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ترتيب ڏنو آهي. هن لغت جو پهريون ڇاپو آهي، جنهن کي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، آڪٽوبر 2018ع ۾ شايع آهي.

هن لغت جو نهايت ئي شاندار مقدمو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب لکيو آهي. مقدمي مان ان ڳالهه جي پوري طرح وضاحت ٿئي ٿي ته، حضرت منٺار فقير نه صرف پنهنجي دور جو مشهور ڪافي گو شاعر آهي، پر هو سنڌي ٻوليءَ جي عوامي لهجي جو نمائنده شاعر آهي. مقدمي جي ترتيب مان هن لغت جو مفهوم ۽ مقصد پڻ چٽو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ حضرت منٺار فقير رحه جي سوانح حيات ۽ خاندان جو تعارف، وفات، فقير صاحب جو اولاد ۽ سندس سجاده نشين، فقير صاحب جا طالب ۽ صحبتي، فقير صاحب جو ڪلام: جنهن ۾، 1، رسالو خدائي 2. رسالو رهنمائي 3. رسالو مرتضائي 4. رسالو صدائي (قلمي)، حضرت منٺار رحه جي شخصيت ۽ ڪردار، حضرت منٺار فقير جي شاعري جو تحقيقي جائزو، فقير صاحب جي چند موضوع: قناعت، هئڻ ۽ هستي، توبهه ۽ تسلي، تڪبر، قرآن مجيد جا نقطا، گس، توحيد، مرشد جو ذڪر، عشق جو انعام، طمع ۽ لالچ، گمراهي کان بچاءُ، ڪوڙ، دوستي، فضيلت، شينهن جو سانگ، هنج پکي، قصص الانبياءُ ۽ تصوف بابت ۽ ٻئي طرف موسيقي جا ٽيڪا، شعر بابت. لساني خوبيون بيان ڪيون ويون آهن.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب لکي ٿو ته: ”هن لغت جي ڇپائيءَ جو مقصد آهي ته خلق خدا کي منٺار فقير جي ٻولي سمجهائجي ۽ فقير صاحب جي مخصوص لهجي جي ڪنهن حد تائين اپٽار ڪجي هن سلسلي ۾ لغت نويسي جي بنيادي تقاضائن کي اڳيان رکي اڪثر لفظن جي ٻولي جي نشانين سان ظاهر ڪيو ويو آهي، جيئن عربي لاءِ- ع) فارسي لاءِ- ف) هندي لاءِ- هه)، سنسڪرت لاءِ- س) ۽ سرائڪي لاءِ- سر) ۽ انگريزي لاءِ- انگ) جا اسارا ظاهر ڪيا ويا آهن. اهڙن ڪافي لفظن جا اصل ڌاتو به ڏنا ويا آهن ۽ گرامر جي لحاظ کان انهن جي حيثيت کي به واضح ڪيو ويو آهي. هيءُ لغت فقط فقير صاحب جي رسالي ”خدائي“ عرف ”ڪلام منٺار فقير راڄڙ“ تي مشتمل آهي.“ (58)

هي سموري لغت 149 صفحن تي مختصر مگر پنهنجي جاءِ تي اهم خصوصيت رکي ٿي، جنهن ڪري مرتب جي خداداد صلاحيتن جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. لغت جو جيئن ئي مقدمو پورو ٿئي ٿو، تنهن کان پوءِ لغت ۾ موجود لفظن جو مرحلو (الف) جي سَري هيٺ. پنجين نمبر لفظ: دنيا جي پهرين خلقت ”آدم“ جي وضاحت ملي ٿي. (24) نمبر لفظ ”ابراهيم“ جي وضاحت ٿئي ٿي، هن لفظ کي پوري هڪ صفحي ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح؛ ابليس، الست بربڪم  قالو بليٰ، کان ”يهودي“ حضرت موسيٰ عليه السلام جي امت سڏائيندڙ قوم بني اسرائيل، لفظ تي هي لغت پوري ٿئي ٿي.

صفحي نمبر (114) کان، حضرت منٺار فقير رحه جي ڪلام ۾، محاورا، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن.

نتيجو:

1. اسين جڏهن لغت سازي يعني (Lexicography) جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ته ان مان معلوم ٿيو ته اسان آڏو سڀ کان اول قديم يونان اچي ٿو، جنهن لغت سازيءَ جي جوڙجڪ تي ڌيان ڌريو آهي.

2. اسان کي مذڪوره تحقيق مان جيڪا معلومات حاصل ٿي، ته عربي زبان ۾ سڀ پهرين لغت، ڪتاب العين، کي مجبور وڃي ٿو. اها لغت الخليل ابن احمد الفرهدي بصري شهر ۾ (740ع کان 750ع) تائين مرتب ڪئي هئي.

3. مطالعي مان اها ڳالهه آڏو اچي ٿي ته، سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان پهرين، جيڪا باقاعدي لغت پڌري ٿي، اها ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي ”انگريزي- سنڌي ڊڪشنري“ ڳڻي وڃي ٿي.

4. مطالعي مان اهو معلوم ٿيو ته، ويهينءَ صديءَ جي پهرين ڏهاڪن کان ويندي ورهاڱي تائين سنڌي لغت نويسيءَ ۾ اعليٰ نموني جو تحقيقي ڪم نظر اچي ٿو جنهن ۾ پادري شرٽ، عبدالرحيم وفا عباسي، جهمٽمل نارو وسڻائي، ليلارام وطڻمل لالواڻي، پرمانند ميوارام، ڪاڪو ڀيرومل ۽ مرزا قليچ بيگ اهم ڪم ڪيو آهي.

5. آزادي کان پوءِ سنڌي لغت نويسيءَ جي فن تي ڪن لغت نويسن جو چڱو ڪم نظر اچي رهيو آهي جنهن ۾ هي اهم لغتون سامهون آيون: جديد سائنٽيفڪ ڊڪشنري (1987ع) شمس الدين تنيو. لغات سنڌي مخففات، (1991ع) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ شاهه جي رسالي جي ڏسڻي (1994ع) عبدالغفور گوهر دائود پوٽو. پهاڪن جي پاڙ،“ اصطلاحن جي اصليت ۽ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، اهم آهن.

6. ڪنهن به زبان جي ترقيءَ جو راز انهيءَ زبان جي لغت نويسيءَ مان پوندي آهي، جيترو لغتن جو ذخيرو وافر مقدار ۾ ملندو اوترو ئي زبان جو بنياد مضبوط هوندو آهي.

7. اسان کي ڪي چند لغت نويس اهڙا به نظر اچن ٿا، جن جي لغتن مان ٻوليءَ جي لفظن جي اصل حيثيت معلوم ٿي، ته لفظ جي صورت ڪهڙي آهي.

8. اسان کي تحقيق دوران جيڪي سنڌي لغتون آڏو آيون تن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي علمن جون لغتون ملن ٿيون، جنهن مان تمام گهٽ لغتن مان انهيءَ ڳالهه جي معلومات حاصل ٿي آهي ته، لفظن جي گرامر جي قائدن ۽ قانونن جي جوڙجڪ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، اها خوبي گهٽ لغتن م ملي ٿي، جن ۾ اهڙي ڄاڻ ملي ٿي سي ئي اعليٰ علمي بنياد واريون لغتون سمجهيون وڃن ٿيون.

9. لغتن جي تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو، گهڻن ئي لغت نويسن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ نه هئي جو هُو، لفظن جي معنيٰ ڏيڻ وقت ٻڌائن ها ته هي لفظ ۽ ان جي صورت پنهنجي استعمال واري هنڌ يا مقرر جاءِ ۾ ڪهڙي سڃاڻپ رکي ٿو.

9. ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته، هڪ زبان مان جڏهن لفظ ٻي زبان ۾ ويندا آهن ته هڪ ته ان جي مزاج موجب بدلجندا آهن، ٻيو وري وقت گذرڻ سان اُچارڻ سان گڏ معنائون به بدلجي وينديون آهن.

10. اسان جي هن تحقيق پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي عظمت کي وڌائڻ لاءِ هر علم جي ايجادات جي آجيان ڪجي وقت به وقت هر دور جون لغتون سنڌي ۾ تيار ڪجن ته جيئن ٻوليءَ کي سگهارو بڻائي سگهجي ڇو ته، لغتون زبان جي واڌاري ۾ بنيادي حيثيت رکنديون آهن. ٻوليءَ جي لکت الف- ب ۽ لفظن جي صورت ۽ مزاج جي نين اصطلاحن سان نواڻ ايندي ۽ نيون ايجادون ٿينديون.

حوالا:

1. فهميده حسين ڊاڪٽر ”ٻولي: مختلف لساني پهلو“ (ڇاپو پهريون) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ 2012ع، ص 129.

New English Dictionary on Historical Principles.

2. منگي بشير احمد پروفيسر: ”ٻارن لاءِ تصويري: سنڌي- انگريزي لغت“ (جلد پهريون) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2009ع، ص 11 ۽ 17.

3. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ”لغات سنڌي مخففات“ (ڇاپو پهريون) سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد سنڌ 1991ع، ص ٿ ۽.

4. ايضاً، 93.

5. ڊاڪٽر فهميده حسين هي حوالو وڪي پيڊيا دي فري انسائيڪلو پيڊيا تان کنيو آهي. (حوالو: فهميده حسين ڊاڪٽر ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو“ ص 129.

6. ڊاڪٽر غلام علي الانا ”لغات سنڌي مخففات“ (مقدمو)، ص ج ۽ ڄ.

7. پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“ گانڌي، گجرات اڪاڊمي، 1989ع.

8. لغات سنڌي مخففات: ص، ڃ.

9. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”جامع سنڌي لعات“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1960ع (مهاڳ).

10. لغات سنڌي مخففات: (مقدمو).

11. ڀٽي خالد سيف: مقالو، ”انسائيڪلو پيڊيا“ هفتيوار ”نئين سوچ رسالو“ جلد: 2، شمارو 19- 20 ڪراچي، 15 آڪٽوبر، 1990ع، ص 26.

12. آڏواڻي ڀيرومل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1956ع، ص 112.

13. طالب الموليٰ ”ديوان طالب الموليٰ“ هالا، 1982ع، ص 16 ۽ 17. سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جا قسم جو حوالو ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ”لغات سنڌي مخففات“ ۾ لکيل ”مقدمو“ تان کنيو ويو آهي، جيڪو، پ، کان، خ، صفحي تان ورتو ويو آهي.

14. جويو تاج ”سنڌ جو عظيم لفات نويس: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ“ ٽماهي ”تَخيل“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر) شمارو (7- 8) جولاءِ ڊسمبر، مارئي اڪيڊمي قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ 2017ع، ص 98.

15. ڊاڪٽر فهميده حسين ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو“ ص، 127.

16. منگي بشير احمد پروفيسر ”ٻارن لاءِ تصويري: سنڌي- انگريزي لغت“ جلد پهريون: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 2009ع، ص 111 ۽ 17.

17. ٻارن لاءِ تصويري: ”سنڌي- انگريزي لغت“ ناشر پاران: ص، 5، 4، 6 رومن انگن ۾.

18. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”جامع سنڌي لغات“ 1960ع، مهاڳ)

19. سنديلو عبدالڪريم ڊاڪٽر”تحقيق لغات سنڌي“ مهاڳ.

20. سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو: ص، 140.

21. ٻارن لاءِ تصويري- ”سنڌي- انگريزي لغت“ ص، 17)

22. ميمڻ محمد سليم پروفيسر ”ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جو تحقيق جو تنقيدي جائزو“ عوامي آواز (سنڊي مئگزين) آچر 20 نومبر 2016ع، ص، 8.

23. سنڌي- انگريزي لغت: تعارف؛ بشير احمد منگي ص، 8.

24. فهميده حسين ڊاڪٽر ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو“ ص، 132، 133.

25. ايضاً، ص: 137.

26. سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو، ص: 139.

27. ايضاً، ص: 139.

28. ٽماهي ”ئخيل“ شمارو (8، 7 9) 2017ع، ص: 106.

29. سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو“ ص،: 142، 143.

حوالو: سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو، ص: 141.

30. جوکيو الطاف ڊاڪٽر ”عربي سنڌي آئيويٽا جو اڀياس“، ص 79.

31. سنديلو عبدالڪريم ڊاڪٽر ”سچل لغات“ احوال عرض ته: الطاف اثيم: ايڊيشنل ڊئريڪٽر سچل چيئر: ڇپائيندڙ: سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، 1984ع، ص 9، 8.

32. ايضاً، ص 20، 19.

33. ايضاً، ص 21.

34. عربي سنڌي آئويٽا جو اڀياس:، ص، 118، 117.

35. ايضاً، ص 127.

36. لغات سنڌي مخففات، ص، د ۽ ڌ.

37. فهميده حسين ڊاڪٽر ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پهلو“ (ڇاپو پهريون) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ 2012ع، ص 93، 94.

38. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ”ڪنزاللطيف“ ڇاپو پهريون، مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در شڪارپور، اپريل 2009ع، ص 57.

39. جوکيو الطاف ”عربي سنڌي آئيويٽا جو اڀياس“ ص: 81.

40. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ”ڪنزاللطيف“ ص: 57.

41. ايضاً، ص، 58.

42. جوکيو الطاف ”عربي سنڌي آئيويٽا جو اڀياس“ ص: 81.

43. فرهنگ همايوني: تحقيق: فقير عبدالغفور همايوني. ترتيب: نياز همايوني. ناشر پاران. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ 2004ع.

44. جوکيو الطاف ”عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ حيدرآباد 2016ع ص: 82 83، 85.

45. سومرو شهيد ”ٻوليءَ سندا ٻول“ ناشر پاران: سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 2005ع.

46. ملاح مختيار احمد ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“ پبلشر پاران: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ 2015ع.

47. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري: سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محد عثمان ميمڻ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد 2008ع، (مهاڳ)

48. ٽماهي ”تَخيّل“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر: شمارو (7- 8) جولاءِ- ڊسمبر 2017ع، ص: 106.

49. ايضاً، ص: 90.

50. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ’ڪنزاللطيف‘ (ڇاپو پهريون) مهراڻ اڪيڊمي. واڳڻو در شڪارپور. اپريل 2009ع، ص: 59.

51. جوڻيجو تنوير پروفيسر ’سوشيالاجيءَ جي لغت‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، 2004ع (مهاڳ).

52. سنڌي جونيئر اسڪول ڊڪشنري: مرتب: آفتاب ابڙو، (ٻيو ڇاپو) سنڌي اڪيڊمي ڪراچي، 2004ع، ص: 9 ۽ 10.

53. شيخ انعام ’بين الاقوامي تعقات جي لغت‘ (ڇاپو پهريون) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ 2012ع، ص 14، 13.

54. ڦرڙو محمد پناهه ’هندي- سنڌي لغت‘ (ڇاپو پهريون) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ 2007عم (ناشر پاران).

55. ناسف علي شيراز ’سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي‘ (قسط 2 آخري) ٽِماهي ”مهراڻ“ جلد 54 سرءُ، نمبر 3 سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ 2004ع، ص: 31، 33.

56. بدوي عاشق حسين ڊاڪٽر ’ميڊيڪل ڊڪشنري: انگريزي- سنڌي‘ (پاپو پهريون) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ مارچ 2015ع، ص: 7.

57. جوکيو الطاف ’عربي سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي- حيدرآباد 2016ع، ص: 68 ۽ 69.

58. مَنٺارُاللُغاتِ سنڌي: (حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه جي رسالي ’خدائي“ جي لغت)، مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2018ع ص: 11.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org