’جمال‘
مراد گبول
عمرڪوٽ
غزل
هُنن پرپٺ اسان جي لئه، ٻڌايو ڪُجهه نه ڪُجهه
هوندو،
حبيبن جو هنيون مون تان، هَٽايوڪُجهه نه ڪُجهه
هوندو.
اسان جيءَ ۾ ڏنيون جايون، پَراون توڙي پنهنجن کي،
پَراون ساڻ گڏ پنهنجن، ڏُکايوڪُجهه نه ڪُجهه
هوندو.
پَراين يار ڳالهين تي، متان ڪو ڀروسو ڪريو،
اوهان کي دشمنن بدظن، بنايوڪُجهه نه ڪُجهه هوندو.
مَڃان ٿو مٺ گهرن ماڻهن، مُخالف ڪئي هوندي منهنجي،
رقيبن منهنجو قد تو وٽ، گهٽايوڪُجهه نه ڪُجهه
هوندو.
اسين ٺاري ڏيئون جن کي، اُنهن کي ٿو لڳي ”ڪوسو“،
سدائين دوستن دشمن، به ڀانيوڪُجهه نه ڪُجهه هوندو.
جِنين وڌ گهٽ ڪري ڳالهيون، دُکائي منهنجي دل آهي،
اُنهن کي رات ڏينهن وَهمن، وَرايو ڪُجهه نه ڪُجهه
هوندو.
غريبي پنهنجي حالت سان، وساريو ڪونه آ ڪنهن کي،
سُکن توڙي ڏکن ۾ مون، نڀايوڪُجهه نه ڪُجهه هوندو.
’جمالَ‘ آهي اوهان کي هي، سُڻايو راز آ دل جو،
ذرو مون ذهن پنهنجي جو، لِڪايوڪُجهه نه ڪُجهه
هوندو.
دين محمد ’سجاڳ‘ پلي
عمرڪوٽ
غزل
ڪري ڪونه در تان ڌِڪي ڌار ربّ،
چوي ٿو سدائين ڀليڪار ربّ.
جڏهن ڪو خطاڪار بخشش گهُري،
ڪري ان تي بخشش جي وسڪار ربّ.
جڏهن ڪوبه ٻڏندڙ ٻڏي، سڏ ٻڌي،
انهيءَ کي پُڄائي ڪنڌيءَ پار ربّ.
اچي ڪوبه غمگين تسڪين ڏي،
سمورا ڪڍي درد ويچار ربّ.
کڻي عيب جيڪو اچي در مٿي،
ڍَڪي عيب ان جا لکين وار ربّ.
کڻي عرض جيڪو اچي در مٿي،
ٻڌي عرض ان جي لهي سار ربّ.
ٿئي ڪوبه صحرا ۾ ڀٽڪيل سجاڳ،
ڪري ان جي وِک وِک کي گلزار ربّ.
غزل
آب شيرين، موسمي ميوات جهڙي رات هُئي،
چين هو بي چين وٽ ثمرات جهڙي رات هُئي.
هڪ ڳهيلو، ٻي وياڪل رات جهڙي رات هُئي،
نيڻ، ٻالڪ، چنڊ، ڳڀو، خيرات جهڙي رات هُئي.
ڀرت اجرڪ يا رليءَ جي ذات جهڙي رات هُئي،
هنر فن جي حُسن جي هر بات جهڙي رات هُئي.
نيڻ اوتيم ٿي وئي برسات جهڙي رات هُئي،
درد دريا ٻوڏ جي حالات جهڙي رات هُئي.
راڄ تارا چنڊ راجا، راڄ جو ۽ ڀاڳ جو،
واهه شاهي شاهه جي محلات جهڙي رات هُئي.
دل جڏهن خوشحال هُئي تارا هُئا ڄڃ چنڊ گهوٽ،
شاديون آڌي اسر بارات جهڙي رات هُئي.
ڇانئجي ويئي مون مٿان اهڙي طرح جو ڀانئيم،
يار جي زلفن سندي سوغات جهڙي رات هُئي.
يارَ، ڏوراپا ۽ سارون جڳ به جڳمڳ هو ’سُجاڳ‘،
چنڊ چوڏهين جاڳيا مُهمات جهڙي رات هُئي.
فضل الله ’فدا‘چانڊيو
ڪُنري
مُناجات
ياالٰهي قائم و دائم رَهي تُنهنجي عطا،
مون کي سجده ڪرڻ جي توفيق ڏي منهنجا خدا.
خوف بس تنهنجو هُجي، باقي صفا بي نياز ڪر،
جنت الفردوس ۾ بڻجي وڃي ڪو منهنجو گهر،
اهڙو هن مسڪين تي ٿي تنهنجي رحمت جو اثر،
ٿيان نه مان رُسوا ڪڏهن، هن عارضي دنيا اندر،
تو اڳيان هيءَ عاجزيءَ سان آهه منهنجي التجا.
مون وٽان مالڪ مٺا، سوالي نه خالي ڪو وڃي،
فرض جو مون تي هجي، مون کان ادا ٿي سو وڃي،
جو اچي مون وٽ بُکيو، ماني سوکائي پو وڃي،
فرض ڪو نماز جو مون کان قضا ٿي ڇو وڃي،
مان وڃي ٻيهر ڏسان ڪعبه ۽ مروه ۽ صفا.
منهنجا پالڻهار تون، منهنجون مدايون معاف ڪر،
سمجهه ۾ اڻ سمجهه ۾ ڪيل ڪچايون معاف ڪر،
جي لکيم جيڪي چيم، ڳالهيون اجايون معاف ڪر،
مالڪ مٺا منهنجون ڪيل ڪُل ئي ڪِنايون معاف ڪر،
واسطي حضرت محمّدؐ مير مرسل مصطفيٰ.
ماڻهن جي محتاجي کان مالڪ ٿو گهران توکان پناهه،
پنهنجوئي محتاج رک مون کي مٺا منهنجا الله،
جي ڪيم جواني اندر سي بخش ڪر منهنجا گناه،
منهنجو
مقدر تنهنجي هٿ ۾، تنهنجي هٿ
۾ منهنجو ساه،
رحم ڪر رحمان ڏي هر مرض کان ڪامل شفا،
مون کي شيطاني شرارت کان خدايا ڪر پَري،
بندگي تنهنجي کان هڪڙو پل نه مون کي ڪو سَري،
ڪَلمهءِ توحيد پڙهندي هي ’فدا‘ چانڊيو مري،
نيڪ عملن سان اچان، توڏي مان هي جهولي ڀري،
منهنجي سڀ مقبول ڪر مالڪ سڳورا هي دُعا.
غزل
جڏهن کان نفرت محبوب من جي ابتدا ٿي آ،
تڏهن کان ڪششِ وصلِ صنم جي انتهائي ٿي آ.
ڪڍي ڪيئي ڪشالا مان پڳس اڄ ڪوچئه جانا،
ڏٺم وسندي بشمول، مون کان خفا ٿي آ.
ڏسان جو روءِ دلبر ڏانهن، ته اڄ پرده نشين ٿي پيو،
هي ماڻهو مڙيئي مٽجي ويا خدايا ڇا خطا ٿي آ.
فقط ديدار جي خاطر، مون پڪڙيو دامن دلبر،
تون آهين ڪير ڪٿان جو، اها مون کان پڇا ٿي آ.
هتي خاموشي طاري آ، کلي ڪنهن ڪونه کيڪاريو،
سندم حالت ته اسرارِ دل نادان اها ٿي آ.
چيم توتي ’فدا‘ آهيان، ’فدا‘ تي پڻ ’فدا‘ تون ٿي،
چيائين ڪنهن چيو توکي، ’فدا‘ مون تي ’فدا‘ٿي آ.
سرفراز راڄڙ
کپرو
غزل
جن ڪئي جيئري جُدائي تن جو خير،
بي سبب ڪئي بيوفائي تن جو خير.
هيئن ڪري بيگانگيءَ کي اختيار،
آشنائي جن وڃائي تن جو خير.
عشق جي راهن ۾ جن آندو ڇِڪي،
منهنجي همت آزمائي تن جو خير.
ڪا گهڙي مون وٽ اچي مون کي پُڇن،
ناهي جن کي واندڪائي تن جو خير.
خوش رهن شل رهزنِ صبر و قرار،
دولتِ دل جن لٽائي تن جو خير.
صبر ساڃهه جي کڻي ويا عقل و هوش،
جن ڪيو مون کي توائي تن جو خير.
رنج و حسرت داغ دل جن جي طفيل،
ٿي اندر ۾ روشنائي تن جو خير.
ڪيترو مجبور آهي اڄ ’سرفراز‘،
هي حقيقت جن ٻُڌائي تن جو خير.
سيف الله خالد يوسفاڻي
عمرڪوٽ
غزل
انڌيري رات آ، طوفان ڪَرُ ڇِڪيو آهي،
اسان به واٽ ۾ ٻاري رکيو ڏيو آهي.
نه تنهنجي ياد سُتي ۽ نه درد اک ٻوٽي،
نه آئين تون، نه غمِ هجر سَهميو آهي.
ڏيا اُميد جا گُل ٿيا، تڪي تڪي راهون،
وهاڻي رات، صبح جو پهر ٿيو آهي.
گناهه ڇو نه ٿين، درگذر سڄڻ منهنجا،
جَبينِ نياز، سندئي سنگِ در چميو آهي.
شبِ فراق سحر جو نه شبنمي هوندي،
اکين مان رات سڄي جهڙ پئي جهميو آهي.
نه ڪابه آس، تمنا نه آرزو حسرت،
تمام رات ڪوئي پوءِ به جاڳيو آهي.
لڙيا آهن جو رخِ ماه جي مٿان گيسو!
لڳي پيو چنڊ، ڪڪر اوٽ ۾ لِڪيو آهي.
اَرن ٿو ريس ڪري، تنهنجي جوت جلوت سان،
ويچارو چنڊ، ستارن مٿي ڀُليو آهي.
سندم وجود جا قنديل پيا وڃن اجهندا،
ڏِيَن ۾ تيل وڃي باقي ڪو بچيو آهي.
نه لوڌِ پنهنجي سنگ در وٽان سگِ در کي،
فقير عشق سندئي ڇانوَ ۾ پيو آهي.
اُجڙ اجاڙ گهٽيون، بزمِ دوستان ويران،
لڳي ٿو ’سيف‘ شهر مان هليو ويو آهي.
نه بي گهري جو ڏجو طعنو، ’سيف‘ آواره،
ٻڌون ٿا شهرِ خموشان ۾ گهر اَڏيو آهي.
جهڙلا نيڻ کڻي ’سيف‘ ائين نه رُلندو ڪر،
اسان ۾ هاڻي رئڻ جو نه ٻَرُ رهيو آهي!
تاج جويو
حيدرآباد
وائي
منهنجو ذهن، ضمير،
اڇو اڇو کيرُ،
ميرُ نه منهنجي مَن ۾!
سچَّ سُتيءَ سان ڳوهيو،
منهنجو ماءُ، خميرُ،
ميرُ نه منهنجي مَن ۾!
ڪيسين رهندو قيد ۾؟
منهنجو ساهه سريرُ،
ميرُ نه منهنجي مَن ۾!
سوگهو ڪندو نه سوچ کي،
زوراورَ! زنجير،
ميرُ نه منهنجي مَن ۾!
رهڻو ناهي راڄَ ۾،
هاڻي ڪوبه هميرُ!
ميرُ نه منهنجي مَن ۾!
آجو ٿيندو اڄ سُڀان،
منهنجو ملڪ مليرُ،
ميرُ نه منهنجي مَن ۾!
وسيم سومرو
نواب شاهه
غزل
آڪاس جي اڱڻ تي، تارا اُداس آهن،
۽ هيٺ چؤطرف هي چارا اُداس آهن.
گهر جا اُداس ڀاتي، گهر جون اُداس کِڙڪيون،
گهر جا کُليل اکين جيئن جارا اُداس آهن.
سنڌو اُداس آهي، ٻيڙيون اُداس آهن،
هُو ڏور سڀ ٻنيءَ جا ٻارا اُداس آهن.
هٿ مان ڇڏائي ڪنهن جي آ، آرسي ڪِري پئي،
۽ آرسيءَ جا ٽڪرا سارا اُداس آهن.
سارين سوز کي ٿا، آلاپ ڪي جُمن جا،
سڀ سانجهه جي ڳچيءَ جا ڳارا اُداس آهن.
گرجڻ ۽ گوڙ بدران، برسڻ گهڻو گهرن ٿا،
احساس ايئن ڪڪر جا ڪارا اُداس آهن.
ماڻهو مِٺو مِٺن جي وڇڙي ويو ٻکن کان،
ڳوڙها ڳڙيل اکين جا کارا اُداس آهن.
ائين ٿو لڳي ته درشن اڄ ڌار ڌار ٿي ويا،
تخليق جا سمورا آرا اُداس آهن.
اڄ رنگ پيچرن جا، آهن ويا اُجهامي،
سارا ’وسيم‘ هالا وارا اُداس آهن.
غزل
درد جو حل به آهي، يا ناهي،
اِن جو ڪو ڦل به آهي، يا ناهي.
ٻارڙا ٽاپ تي ته ڊوڙن پيا،
شاخ ۾ جل به آهي، يا ناهي.
ساهه جي پل کي ڪو پتو ناهي،
ڪو اڳيان پل به آهي، يا ناهي.
تو رئي تي جا ڀرت سان ٺاهي،
سا ڦٽي ول به آهي، يا ناهي.
مان ٿو سُڏڪن جي ميڙ ۾ ڳوليان،
مُرڪندڙ ڳل به آهي، يا ناهي.
اقبال شاهين
جاتي
غزل
وارن کي واري وار، ڀلا ڪير ٿو ڪري،
نازن سان دل شڪار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
احساس وقت جو ٿيو، جوڀن وڃڻ کان پوءِ،
اکين کي اشڪبار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
ڏک سُور خاص آهن، حياتيءَ جو هڪ حصو،
مرضيءَ سان اختيار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
جبلن مٿان جا پير اگهاڙا ڪري هلي،
ايڏو پنهل سان پيار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
موٽي وڃان ملير، اَباڻن ڪکن وري،
ايڏي وطن جي سار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
مومل مُڪا ڪي ماڻهو مِلائين مينڌرو،
ايڏو ته انتظار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
سُهڻي ڏنو عظيم محبت جو فلسفو،
ڪَچي گهڙي تي تار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
’شاهين‘ پيار پيو ڪر جيسين آ زندگي،
جيون تي اعتبار، ڀلا ڪير ٿو ڪري.
الهبچايو ’مشتاق‘ آريسر
ميرپورخاص
غزل
پوري ٿئي هي دل، ڪا حسرت وري وري،
محبوب جي عطا ٿئي، ڪا صحبت وري وري.
جلوو، جمال پسجي ٿو، ڀرپور جام سان،
”ساقي پيار جامِ محبت وري وري.“
جلوه گري ڏسڻ لاءِ، ڪا حسن و جمال جي،
حاصل ڪجي ملي جي، سعادت وري وري.
جاه و جلال، ثروت سان نسبت رکن ٿا، جي،
سچ جي نه دل سان ڪن سي، اطاعت وري وري.
قربت جي هڪ گهڙي ۾، ٿا مٽجن ڪي فاصلا،
تڏهن ته رکجي ان سان ٿي نسبت وري وري.
ڪُلفت ۽ ڪوڙ ڪن ٿا، جي اُلفت جي آڙ ۾،
باري تون بخش تن کي هدايت وري وري.
هيڻن جا حق ڦٻائن، جي طاقت جي زور تي،
تن جي ڀلي ڪجي پئي، ملامت وري وري.
وعدا ڪري وفا جا، جي بنجن ٿا بي وفا،
تن کي ڪڏهن نٿي ٿئي، نِدامت وري وري.
وعدن جو پاس ڪن جي، ۽ وعدا وفا نه ڪن،
تن تي سدائين ٿئي پئي، عنايت وري وري.
مخدوم سڀئي ’طالب‘، ’جميل‘ ’فهيم‘ ٿيا،
سڀني کي خوب حاصل، ٿي عظمت وري وري.
جهڙو فهيم نالو، هُو اهڙو به هو فهيم،
هن کي عطا ٿي فهم و فراست وري وري.
هن بزم کان تون ’مشتاق‘، هڪ پل نه ٿي پري،
عزت ملي جتي ٿي ۽ شفقت وري وري
تاج ٽکڙائي
ٽنڊو محمد خان
غزل
ساريان ٿو سدا سونهن جي، سردار جي صورت،
آ شوق ڏسان، قدرتي شهڪار جي صورت!
محبوب جڏهن ٻول مِٺا، مون سان ٿي ٻوليا،
ڄڻ موتي مڙهيندو هجي، گفتار جي صورت!
لب لعل جڏهن کليا، ته محسوس ائين ٿيو،
اکڙين جي اڳيان آئي ڪا گلنار جي صورت!
ڪنهن قوم جي اڳواڻ، ۽ يارن جا وچن هڪ،
اقرار ڇو ڌاري ڀلا، انڪار جي صورت!
ناراض نظر جا جي، ڪشي ڪان هنيا هُن،
تن حملو ڪيو هانوَ تي، يلغار جي صورت!
ڀانيم ته ڪو خنجر هو تکو، مونکي ڪهڻ لئه،
جنهن دم مون ڏٺي، ابروئي خمدار جي صورت!
اي سچ جا سودائي، بنان خوف خطر ڏي،
اندر سندي آواز کي اظهار جي صورت!
هڪ روپ تي ٻهروپ، نئين سج ٿا مٽجن،
بدليون ڇا عجب رنگتون، سنسار جي صورت!
ماڻهو ته ٿيا مطلبي، پاڇو به پري ٿيو،
سوچيم ته ڏيندا ساٿ، جي ديوار جي صورت!
چَهري جي پٽيءَ جا ٿا، جڏهن لفظ بدلجن،
پڙهڻ ۾ پوءِ آسان ٿئي، مڪار جي صورت!
جيئن ليلا ڪيو ڪانڌ کي ڪونروءَ جي حوالي،
دل ڪنهن جي متان هرکي، ڏسي هار جي صورت!
پانڌيءَ کي چيم پار، پرين ساڻ وٺي وڃ،
ڏيکار سگهو رستو، سندن يار جي صورت!
محتاجي ڪا مخلوق جي، قادر متان ڪارين،
ڪم جنهن ۾ اڙي، منهن مٽي ناڪار جي صورت!
سيني ۾ جي سانڍيائين، ستم سور سوايا،
نروار سي بالآخر ٿيا، اشعار جي صورت!
ساهن جي ٽُٽل ڏور، ڳنڍي ڪونه ڪو سگهندو،
هڪوار حياتيءَ ۾، پسان پيار جي صورت!
اکڙين ۾ اڃان تائين، اٿم آس اُڃايل،
اي ساقي ڏي مئي، شربتِ ديدار جي صورت!
شب روز سندءِ تات طلب ساهه کي سهڻا،
تانگهائي هتي ’تاج‘، طلبگار جي صورت!
حميد هوت
جهڏو
ٽيڙو
ناهي ڪا منزل،
ڄــــــڻ ڪــــــو آهــــــيــــــان مــــــان،
آواره بادل!
سچ پچ مون ائين ڄاتو،
ڪا ڪل جو کنيئي مُک تان،
ڄڻ چنڊ ليئو پاتو!
جهڙا هوندا ڪانوءَ،
روشن تهڙو ئي ڪندا،
ٻچا سندن نانءُ!
شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
غزل
توکي ڏسي آ رشڪ ٿيو اوج شباب کي،
ڪونهي لِڪڻ جي جاءِ مگر ماهتاب کي.
عرش و فرش تي تنهنجي ئي آ نور جو ظهور،
آهي سلام تنهنجي حُسنِ بي حساب کي!
جلوي ۽ جهلڪ تنهنجي کان روشن جهان ٿيو،
رخ تان هٽايو جيئن تو، آ اڄ نقاب کي.
آئون ازل کان تُنهنجو ۽ تون مُنهنجو مه لقا،
ويڇا ڇڏي ٿي ويجهو، هَٽائي حجاب کي!
پنهنجي مهر سان ڪيئي تو ”مردان“ نوازيا،
تُنهنجي نظر سان پهتا وڃي لاجواب کي!
ڪوثر هالائي
هالا
چوراها شهر جا پاڳل هئا....
افسوس زماني جي گردش،
سپنن کي سجائڻ ڪونه ڏنو،
۽ تاج مهل جي آڳر ۾،
ڪو ليئو پائڻ ڪونه ڏنو،
دوريءَ جو ڪارڻ دوکو هو،
غيرن کي سارڻ دوکو هو،
ٿي روپَ وفا جي ڊيڄاريو،
واعدن کي نڀائڻ ڪونه ڏنو.
چوراها شهر جا پاڳل هئا،
۽ ڏس ڏيڻ کان غافل هئا،
ڪادير اُتي بيٺا هئاسين،
پر پير وڌائڻ ڪونه ڏنو،
هئا کوڙ زبانن تي تالا،
احساس جي خانن تي تالا،
ريتن رسمن ۾ رولا هئا،
سمجهڻ سمجهائڻ ڪو نه ڏنو،
هڪ نيڻ اڳيئي آلا هئا،
ٻيو آيا ڏينهن جهڙالا هئا،
۽ موٽيا مينهن ڀٽارا هئا،
پر سارنگ ڳائڻ ڪونه ڏنو،
ٿي رنگ سنهري ڪاروما
هڪ هڪ ٿي ساٿن وارا ويا،
۽ پَل رسي ويا پريت سندا،
تن کي پرچائڻ ڪونه ڏنو. |