سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:10 

ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘ 

عمرڪوٽ

 

 

 

حميد سنڌي

(سنڌي ادب جو سگهارو نالو)

حميد سنڌي صاحب جون سنڌي ادب، سنڌي سماج، سنڌ جي تعليم، آفيسر شاهي ۽ انتظامي عهدن جي نسبت سان گهڻيون ئي وصفون آهن. هو هڪ سٺو انسان، وطن دوست، سنڌ پرست، تمام مٺڙو ماڻهو، پنهنجي سڄي نهج ۽ رَوَين ۾ ماکيء جي لار جهڙو پيارو شخص هئو. تمام گهڻو محنتي، پنهنجي ڪم سان مڪمل واڳيل شخص، داخلي خواه خارجي معاملن ۾ ظاهر ۽ نِروار هئو. سندس منزل واضع، رستا ۽ پيچرا چِٽا. ٻيائي جي زبان نه ڳالهائڻ واري هن شخص ڪڏهن به ڪنهن کي ٺونٺ هڻي پنهنجي جاءِ نه ٺاهي. دوستي جو دم هنيائين ته نباهڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيائين. هو سنڌ جي نوجوان نسل سان پيار به ڪندو هئو ته انهيء نسل جي رهنمائي جو به اُلڪو ۽ اونو رکندو هئو. هُن نوجوان نسل کي اُتساهه به ڏنو ته ايندڙ اوکاين ۽ جوکن کان به آگاهه ڪيو.

هنن سڀني ڳالهين جي باوجود حميد صاحب جي هڪ ئي وصف جيڪا کيس ايندڙ صدين تائين تاريخ ۾ ياد رکندي اُها سندس تخليقڪار جي حيثيت آهي.

هُو انهيء دؤر جو سگهارو تخليقڪار جنهن دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ تخليقڪارن جو وڏو جهرمٽ ۽ مانڊاڻ متل آهي. سنڌي ادب ۾ مختلف مڪتبئه فڪر جا تمام وڏا تخليقڪار سندس همعصرن ۾ شامل آهن. حميد صاحب هن تخليقڪارن جي سُڪار ۾ پنهنجي خوشبوءِ ۽ سُرهاڻ سان بلڪل نمايان نظر اچي ٿو. سندس قلم جي سگهه ۽ سندس شعور جي سُرهاڻ ڪٿي به ٿڪجي نٿي. هو هرڪنهن دؤر ۾ عهد جواني کان وٺي پنهنجي حياتي جي سج لڙڻ تائين پنهنجي ذميواري کان فارغ نه ٿيو آهي. هو ڪٿي به مايوس نه ٿيو آهي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاريائين ۽ هميشه پنهنجي مثبت روين سان هُن علم ۽ عمل ۾ ساڳيو رخ ورتو آهي. قول ۽ فعل ۾ تضاد نٿو رکي ۽ بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي:

”تتيءَ ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي.“

 

 

حميد صاحب جي ادبي گرومنگ ته مارشل لا ۽ ون يونٽ جهڙن ناڪاري ۽ ڪارن قانونن خلاف جنگ سان ٿئي ٿي، پر پاڻ هميشه سماجي اڻبرابرين ۽ پنهنجي ڌرتي سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف ساڳي قلمي سگهه سان برسرِ پيڪار رهيو آهي. پوءِ چاهي ’روح رهاڻ‘ جو ايڊيٽر هجي يا ڪنهن اعليٰ سرڪاري عهدي تي فائر هجي، سندس ڪردار هر دؤر ۾ معتبر ۽ تعميري رهيو آهي، هو ڪٿي به ڀٽڪيو ناهي، پنهنجي ڪيل سڄي قلمي پورهئي تي کيس هميشه فخر رهيو آهي.

محترم عبدالحميد ميمڻ ولد سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم نوشهرو فيروز ۾ حاصل ڪري، سنڌ يونيورسٽي مان بي.اي (آنرز) ۽ ايگريڪلچر اڪنامڪس ۾ ايم.اي ڪيائين. هُن ايل.ايل.بي بعد مانچسٽر يونيورسٽي برطانيه مان هاير ايجوڪيشنل ايڊمنسٽريشن جو ڪورس پڻ مڪمل ڪيو. هِن سڄي تعليمي سفر کي نهايت همت ۽ برجستگي سان طئه ڪرڻ بعد هُن پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ پڻ ڪافي طويل سفر ۽ جدوجهد ڪئي، سندس هِن سڄي جدوجهد ۾ هو ڪٿي به مايوس ۽ هينئون هاريل نٿو لڳي پر تسلسل سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ٿو. 1958ع کان هو ادبي دنيا ۾ پڻ پير پائي چڪو آهي ۽ ساڳي طرح سندس عملي جدوجهد به شروع ٿي چڪي آهي، منجهس جيڪا سماجي روين ۽ خاص طرح سنڌ جي ڌرتيءَ سان جيڪو اجوڳو ورتاء مرڪز خواهه مرڪز نواز قوتن طرفان ٿئي ٿو، انهي جي خلاف هو سراپا احتجاج ۽ مزاحمت ٿي اُٿي ٿو. ائين ڪونهي ته ٻيو ڪوبه ساڻس هنن گهڙين ۾ شريڪ ڪار ڪونهي. تمام وڏو ڪاروان آهي سڀني جي منزل ساڳي آهي پر ڪي ابتدا ۾ ئي گس مٽائين ٿا. ڪِنِ کان اِهو دڳ مٽرايو وڃي ٿو، هن جدوجهد ۾ ڪيئي اختلاف ۽ ڏار وڌا وڃن ٿا مگر حميد صاحب جا پير اکڙڻ جا ئي نه آهن، هو ڄاڻي ٿو ڪيترائي منصوبه هن جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا. ڪيترائي پنهنجا، پرايون ايجنڊائون کڻي ساڳي جهنڊي هيٺ هلن ٿا مگر مجال جو هن شخص جي روين ۾ ڪا تبديلي اچي، هو صبر، استقامت ۽ نهايت مِٺي لهجي سان اڳتي وڌندو رهي ٿو.

حميد صاحب وليج ايڊ ڊپارٽمينٽ ۾ بحيثيت پبلسٽي آفيسر جي 1960ع ۾ پنهنجي نوڪري جي ابتدا ڪئي. ان بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ ائڊمنسٽريٽو آفيسر (1970ع) ٿيو، جنهن بعد امتحانن واري شعبي ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات ٿيو ۽ ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ رجسٽرار ۽ ايڊيشنل ڊئريڪٽر سنڌالاجي پڻ رهيو، هنن عهدن جي عهد ۾ هو نه صرف ملازم رهيو مگر سندس ڀرپور مزاحمتي تخليقن جو سلسلو به ساڳي جوش سان جاري رهيو. هو ٻن مختلف دؤرن 77-1976ع ۽ 90-1989ع ۾ تعليم کاتي ۾ بحيثيت ڊئريڪٽر ڪاليجز پڻ رهيو. ان کان علاوه هو هڪ مڪمل ڏهاڪو (89-1998ع) پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال پڻ رهيو. ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽيشن ونگ (1996ع) ۾ رهيو، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄام شورو (98-1997ع) ۾ پڻ چيئرمين رهيو. سنڌي ٻوليء جي بااختيار اداري جو پڻ سربراهه رهيو. ملازمت جي هن سڄي ڳتيل دؤر ۾ هو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائيس چانسيلر پڻ رهيو ۽ ساڳي طرح 1991ع کان 1995ع تائين شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسيلر پڻ رهيو. حميد صاحب سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ سان گڏ سنڌي ادبي بورد جو ميمبر پڻ رهيو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو پڻ ميمبر رهيو.

هن هڪ پل به واندو نه وهڻ واري حياتي ۾ وري جڏهن سندس ادبي ڪمن، قلم جي جدوجهد جي اسپيڊ ’روح رهاڻ‘ جو سڄو مزاحمتي دؤر ڏسجي ٿو ته يقين ڪرڻ ئي ڏکيو آهي ته هي سڀ ڪم هو هڪ حياتي ۾ ڪيئن ڪري سگهيو.

مون حميد صاحب سان پهرين ملاقات پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپال هجڻ وقت ڪئي، ان کان پوءِ ڇڊيون ڇڊيون ملاقاتون ٿينديون آيون، ڀٽ شاهه جي اسٽيج تي ساڻس وڌيڪ ويجهو ٿيڻ جو موقعو مليو، ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ چيئرمئني وقت به ساڻس ملاقاتون رهيون ۽ پوءِ کيس ويجهو ٿيڻ جا موقعا وڌندا ويا، ۽ جڏهن کان منهنجي رهائش سندس گهر جي سامهون واڌو واهه جي اوڀر طرف ٿي ته وقت مون کي تمام گهڻو سندس ويجهو وٺي آيو، سندس شخصيت جي ڪشش ۽ بزرگانه شفقت مون کي هميشه پاڻ ڏانهن ڇڪيو.

مون کي بابا کان علاوه جن ٻن ٻين شخصن حميد صاحب جي ويجهو آندو اُهي آهن پروانو ڀٽي مرحوم ۽ محترم نفيس احمد شيخ صاحب. بابا سان گڏ ڀٽ شاهه جي ڪانفرنسن جي دؤران آئون سندس ويجهو آيس. پرواني ڀٽي سان گڏ پبلڪ اسڪول ۾ ۽ محترم نفيس احمد شيخ صاحب سان گڏ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمئني دوران، مون حميد صاحب کي ڏٺو پوءِ ۽ پڙهيو پهرين، سندس ’روح رهاڻ‘ بابا وٽ مسلسل ايندو هئو ۽ مون کي اڃان ان وقت پرائمري جي زماني ۾ نه صرف روح رهاڻ جا ٽائيٽل وڻندا هئا پر اُهو ’روح رهاڻ‘ به وڻندو هئو جنهن ۾ عبدالڪريم پلي صاحب جو ڪو شعر ڇپبو هو. هونئن ته ’روح رهاڻ‘ 1960ع ۽ وري ٿوري توقف بعد 1963ع کان شروع ٿيو ۽ 1968ع تائين ڇپبو رهيو. پر 1965ع ۽ 1966ع جي سالن ۾ عبدالڪريم پلي صاحب جي شاعري لاڳيتو ’روح رهاڻ‘ ۾ شايع ٿي ۽ اهوئي وقت منهنجو ’روح رهاڻ‘ جا پنا ابتا سبتا اُٿلائڻ جو آهي ۽ اِهي ئي ڏينهن آهن جو حميد صاحب جو نالو منهنجي ذهن تي آيو آهي. ’سيمي‘ کان وٺي
’درونديءَ جو ديس‘ تائين مون حميد صاحب جا سڀ ڪتاب، ’اُداس واديون‘، ’ويريون‘، ’راڻا جي رجپوت‘، ’جاڳ به تنهنجي جيءَ سان‘، ’سوني زنجير‘ (جاپاني لوڪ ڪهاڻيون)، ’سوکي ڌرتي‘
 (اردو)، ’سو مون سڀ ڄمار‘، ’ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون‘ ۽ سندس سچل سرمست تي تحقيقي مقالن جو مجموعو ’آري اچين شال‘ تائين مطالع ڪيا. هُن ٽماهي مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون پڻ ترتيب ڏنيون جيڪو به لاجواب انتخاب آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي هڪ ئي تخليق جي پڙهندڙ جي ذهن تي اهڙي زبردست ڇاپ ڇڏيندو آهي جو سندس باقي سڀ تخليقون انهيء هڪ تخليق جي چؤگرد ائين لڳنديون آهن جيئن ”ڄڃ“ ۾ گهوٽ جي چؤگرد ڄاڃي هوندا آهن.

مون جڏهن نسيم کرل جون ڪهاڻيون
’اٽالوپڊنگ‘ ۽ ’چوٽيهون در‘ پڙهيون ته مون کي ائين لڳو ته هِن کان وڌيڪ سٺي ڪهاڻي ’نسيم‘ لکي ئي نه سگهندو. پر جڏهن سندس ڪهاڻي ’ڪافر‘ پڙهيم ته دماغ جا تاڪ ئي کولي ڇڏيئين. ’ڪافر‘ ڪهاڻي مون ڪيترا دفعا پڙهي آهي پر ڪڏهن به ’ڍءُ‘ نه ٿيو آهي، دل چوندي آهي ته روز پڙهجي ۽ ٻين کي پڙهي ٻڌائجي. ساڳي ڪيفيت منهنجي تڏهن به ٿي جڏهن ’عبرت ڪده‘ ۾ مون ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ڪهاڻي ’مُنڊي‘ پڙهي يا بادل جمالي جي ڪهاڻي ’خفتي‘ پڙهي. ائين اسان جي ڪيترن ٻين تخليقڪارن جي تخليقن ۾ آهي. ’راڻا جي رجپوت‘ ۽ ’ويريون‘ پڙهڻ وقت به منهنجي ساڳي ڪيفيت رهي ته حميد صاحب ’راڻا جي رجپوت‘ ۾ ڇيهه تي آهي يا ’ويريون‘ ۾، ۽ پوءِ جڏهن ’مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ‘ پڙهيم ته لڳو ته حميد صاحب هن ڪهاڻي کان پوءِ وري ٻي اهڙي ڪهاڻي نه لکي سگهندو. سنڌ ۾ سوڪهڙو ۽ اسان جي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري جي ڏک ڀري داستان جو ڪيس اسان جا ڪيترائي محبت ڀريا ليکڪ وڙهيا آهن پر حميد صاحب هِن ڪيس تي هِن ڪهاڻي ۾ تمام مٿي ڳالهائي ويو آهي، هن ڪهاڻي جي ڇاپ به اُها ڇاپ آهي جنهن جو اثر مٽجي ئي نٿو. حالانڪ ليکڪ هن ڪهاڻي ۽ ورهاڱي جو درد به ڀريو آهي پر اهو ’درياهه جي درد‘ اڳيان ثانوي رهجي ويو آهي. واه حميد صاحب واه! بلا مبالغه اهو چوڻ تي دل آماده آهي ته سندس هيء هڪ ڪهاڻي ئي سندس تعارف جو شان وڌائي ڇڏي ٿي، انهيء ڪري ئي مون چيو ته حميد صاحب جن امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻي يا جيڪي عهدا حاصل ڪيا انهن منسبن تي ته کانئس اڳ به ماڻهو هئا پوءِ به آهن. پر سندس هِن تخليقي قدڪاٺ سان ڪوبه برميچي نه سگهندو.

حميد صاحب جي شخصيت ۾ جيڪا جاذبيت هئي ان جو هڪ سبب هيءُ به هئو ته سندس اندر ۾ هڪ معصوم شخص هميشه زندهه رهيو. هڪ دفعي فجر نماز بعد واڌو واهه تي واڪ ڪندي مون ڏٺو ته منهنجي اڳيان حميد صاحب پڻ هليو پئي. اسان جو رخ ڏکڻ طرف راڻي باغ ڏانهن هئو. مون پنهنجي اسپيڊ کي ڍرو ڪري ڇڏيو ۽ آهستي آهستي حميد صاحب جي پوئتان هلڻ لڳس. فجر جي واڪ ۾ چار ماڻهو منهنجا مختلف وقتن تي ساٿي رهيا آهن. ٿڌي سڙڪ تي مون محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان واڪ ڪئي. ڊاڪٽر صاحب مستقل مزاجي سان تيز رفتاري سان واڪ ڪندو هئو. آئون سندن پوئتان اولڊ ڪئمپس کان گِدو چوڪ تائين واڪ ڪندو رهندو هئس. نسيم نگر چوڪ کان علي پئلس ڏانهن واڪ دوران منهنجي ٻن پيارن دوستن ڊاڪٽر سميع الله شيخ ۽ ڊاڪٽر وسيم الله شيخ جو والد محترم سائين ثناءُالله شيخ صاحب اڪثر گڏ هوندو هئو.

هن ئي رستي تي منهنجي ڪامريڊ ڄام ساقي سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي هئي. ڪامريڊ جي جيئن ئي نظر پوندي هئي پنهنجي پگهريل جسم سان ٻانهن ورائي منهنجي نراڙ تي چُمي ڏيندو هئو ۽ پوءِ هلندي هلندي خير خيريت پڇندو اڳتي نڪري ويندو هئو. راڻي باغ ڏانهن ويندي حميد صاحب محمدي ٽائون کان ٿورو اڳتي واڌو واهه جي اڀرندي ڪناري تي وڻن جي هڪ جهڳٽي وٽان هڪ ننڍي پيچري تان هيٺ لهي ان جهڳٽي ۾ موجود حضرت عبدالله شاهه بخاري رحه جي تربت وٽ وڃي بيهي رهيو. خبر ناهي ته هو ڪهڙي ڪيفيت ۾ هِن درگاهه تي دعا گهرندو رهيو جو هُن کي آسپاس جي ماحول ڏانهن توجهه ئي ڪونه هئي. مون گهڻي دير سندن هن ڪيفيت جو مشاهدو ڪيو ۽ پوءِ آئون کين اُتي بيٺل ڇڏي اڳتي هليو ويس. راڻي باغ مان واڪ جو رائونڊ مڪمل ڪري جڏهن آئون واپس ٿيس ته مون ڏٺو ته حميد صاحب ان وقت ’ارشد اسٽريٽ‘ ۾ پنهنجي گهر ڏانهن مُڙي رهيو هئو. هي ٽوٽل وقت هڪ ڪلاڪ مان ڪجهه منٽ گهٽ هئو. حميد صاحب جو سنڌ جي سڀني صوفياء ڪرام جي ڪلام سان ۽ درگاهن سان عشق هئو پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي درگاهه، رسالي خواه گادي نشينن سان سندن عشق ۽ عقيدت جا پنڌ پراهان هئا. هو پنهنجي ڳل ۾ پيلي رنگ جو ڳره پائي ڀٽائي جي اڱڻ ۾ فطري پانڌيئڙو لڳندو هئو.

ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيترائي ڀيرا ’ميزباني‘ جا فرائض نباهيائين. هن اسٽيج تي ميزبان تي تمام گهڻو پريشر هجي ٿو. ملڪي سطح تي مدعو ٿيلن کان علاوه مقامي طور به ڪيترائي ماڻهو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سان عشق ۽ عقيدت طور رنڊا روڙيو اچيو بيهن ته اسان کي وارو ڏيو. اهو وارو سڀني کي ڏيڻ ممڪن ئي ڪونه آهي پر حميد صاحب سڀني کي ڳرهاٽيون ڏئي پنهنجي مِٺي لهجي سان ڪيئن راضي ڪندو هئو. اهو سندس ڪمال هئو، جو هرڪو لکندڙ پڙهندڙ خوش ۽ مطمئن هوندو هئو. هُن ڀٽائي رحه جي سلسلي ۾ ٿيندڙ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تمام گهڻين ’لطيف ڪانفرنسن‘ ۾ صدارتي خطبا ڏنا ۽ لطيف جي فڪر ۽ فهم تي ڳالهايو. هن سلسلي ۾ هُن گهڻا سفر ڪيا ۽ شايد ئي ڪنهن ڪانفرنس ڪندڙ کي مايوس ڪيو هجيس.

ڀٽ شاهه ڪانفرنس تي پڙهيل سڀني مقالن کي ترتيب ڏيئي ثقافت کاتي سنڌ طرفان ڪتاب شايع ڪرايائون. ڪانفرنسن ۽ ڪتابن ۾ کين ان دؤر جي سيڪريٽري ثقافت محترم عبدالحميد آخوند جي مڪمل ساٿ ۽ رهنمائي رهي. مون هن دؤر ۾ بابا سائين سان گڏ ٻن ڪانفرنسن ۾ مقالا پڙهيا ۽ هميشه حميد صاحب مون کي همٿايو ۽ ڪڏهن به نوجوان سمجهي نظرانداز نه ڪيو، هن سلسلي ۾ جن سُرن تي پاڻ اسٽيج سنڀاليائون ۽ ڪتاب ڇپيا انهن ۾ ليلان چنيسر، گهاتو، ڪاموڏ، مارئي، ڪاپائتي، بلاول، رامڪلي، کاهوڙي، ڪارايل، بروو ۽ سارنگ شامل آهن. بابا سائين جنهن به پنهنجي شاگرد جو نالو حميد صاحب کي ڏنو انهيءَ جي ڪانفرنس ۾ ضرور نمائندگي ٿي.

حميد صاحب سنڌ جي سڀني بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن تي حاضري ڀريندو رهيو، نه ڪڏهن سواري نه هجڻ جو بهانو ڪيائين نه مصروفيت جو، پاڻ جڏهن ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ هئو ته (1998-1997ع) اسان جي دوستن صوفي صديق محمد صادق فقير جي شخصيت ۽ ڪلام تي هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس صوفي فقير (عمرڪوٽ) ۾ منعقد ڪئي. منهنجي ذمي حميد صاحب کي دعوت نامو ڏئي آڻڻ هئو. هن ڪانفرنس جو روحِ روان محترم زيب صوفي صاحب هئو. آئون سنڌي ادبي بورد مان محترم نفيس احمد شيخ صاحب کي پاڻ سان گڏ کڻي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پهتس. ملاقات ٿي پاڻ ايڏي پيار مان چيائين ته ”ڊاڪٽر صاحب اوهين پلي ايڏا پيارا آهيو جو اوهان جو حڪم آئون ٽاري سگهان ئي نٿو. مون کي ڪابه ڪار نه گهرجي آئون پنهنجي گاڏي تي ايندس ۽ نفيس صاحب به مون سان گڏ هوندو. پوءِ پاڻ وقت تي پهتو ڪانفرنس ۾ اعزازي مهمان طور تقرير به ڪيائين ۽ کِلندو مسڪرائيندو واپس حيدرآباد آيو.

ورندڙ سال وري ڪانفرنس جو پروگرام ٿيو ۽ طئه ٿيو ته هن سال محترم رسول بخش پليجو صاحب کي مدعو ڪيل آهي ۽ پليجو صاحب ليڪچر ڏيندو ۽ بعد ۾ سوال جواب ٿيندا ٻيو ڪوبه مقرر نه ڳالهائيندو. هن پروگرام سبب جن ٻين ماڻهن کي مدعو نه ڪيو ويو انهن ۾ محترم حميد سنڌي صاحب به شامل هئو. حميد صاحب کي خبر پئي ته نفيس احمد شيخ صاحب جي هٿان نياپو موڪليائين ته ’پلي‘ ايڏي بيوفائي، ڪم هئو ته پهچي وئين هن دفعي صلاح به ڪونه ڪيئي. مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي ته حميد صاحب جي ميار درست آهي پر ڪانفرنس جي ترتيب ڦيرائڻ به منهنجي وس ۾ نه هئي. جيئن ته گذريل ڪانفرنس ۾ ”صوفي صديق فقير ادبي ايوارڊ“ صوفي صاحب جي سوانح ۽ ڪلام تي ڪيل تحقيق جي سلسلي ۾ محترم راڄ محمد پلي صاحب جي نالي هئو جيڪو مون اسٽيج تي حميد سنڌي کان ورتو هئو. پوءِ اُها تحقيق مون ترتيب ۽ ضميما لکي ڪتاب ’وڙهيا واڳيا واپريا‘ پريس ۾ ڏنو هئو. هن ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون هن ٻي ڪانفرنس ۾ رونمائي لاءِ اسان ارجنٽ ڇپرايون هيون. ان بعد هڪ ننڍو ڪارڊ دعوتنامي طور ڇپائي ان ۾ مون رونمائي ڪندڙ جو نالو حميد سنڌي صاحب جو ڏنو ۽ منتظمين کي قائل ڪيو ته هن ڪتاب جي رونمائي مرحوم راڄ صاحب جو دوست محترم حميد سنڌي صاحب ڪندو. ان بعد حميد صاحب وٽ حاضر ٿيس ۽ کيس سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيم. مجال جو وٽس ڪو منهن ۾ گهنج يا شڪوه هجي. پاڻ مهرباني ڪري آيو ڪتاب جي رونمائي بعد ڪتاب ۽ شخصيت (راڄ محمد پلي صاحب) تي ڳالهايائين. ان بعد پليجي صاحب ليڪچر ڏنو.

فنڪشن بعد وري به مون سان تمام تفصيلي ڪچهري ڪيائين ۽ برادرم اختر علي ولد راڄ محمد پلي سان به خوب پيار ڀريون ڳالهيون ڪيائين. ’روح رهاڻ‘ جون ڳالهيون ڪندي سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا جڏهن مون کي ٻڌايائين ته سندس عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي، راڄ محمد ۽ وفا صاحب سان ڪيترو ويجهو ناتو هئو. هن ڪانفرنس ۾ وفا صاحب ڪونه پهتو هئو ته سندس لاءِ خاص پڇيائين. مون کي چيائين ته ’جشن روح رهاڻ‘ جا جيڪي مالي طور مدد ڪرڻ وارا ماڻهو هئا انهن سڀني ۾ عبدالڪريم پلي صاحب جو سوايو حصو هئو. هن سلسلي ۾ اشفاق قاضي جي پلي صاحب سان خط و ڪتابت هوندي هئي. اوهان کي اگر پلي صاحب جي فائلن ۾ اشفاق جا خط ملن ته اهو منهنجا ئي لکايل آهن.

حميد سنڌي صاحب جي عام خبر ته اسان کي صرف ’روح رهاڻ‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت واري آهي پر پاڻ ڪجهه ٻين رسالن جو به صلاحڪار ۽ ايسوسيئيٽ ايڊيٽر به رهيو جن ۾، ماروي (هفتيوار)، ماروي (ماهوار)، لطيف ڊائجسٽ ۽ نئين زندگي (ماهوار) شامل آهن، سندن خدمتن جي عيوض کين ڪيترن ئي قومي ۽ صوبائي سطح جي ايوارڊن، اعزازن ۽ تمغن سان پڻ نوازيو ويو جن ۾ خاص طور هيٺيان شامل آهن: (1) تمغئه امتياز (1990ع، پاڪستان)، (2) اعزازِ فضيلت (1993ع- پاڪستان)، (3) لطيف ايوارڊ (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز)، (4) شاهه عبداللطيف ايوارڊ (1981ع- ’ويريون‘ مجموعي تي (پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان)، (5) سنڌالاجي ادبي ايوارڊ (1981ع- ’ويريون‘ تي) (6) پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان (1981ع ويريون تي) ايوارڊ، (7) نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان (1995ع ۾ ’راڻا جي رجپوت‘ تي) ايوارڊ.

ان کان علاوه پاڻ ڪيترن ئي ادبي فنڪشنس جون صدارتون ڪيائين، سرواڻي ڪيائين ۽ ڪنوينر رهيو، مسلسل عزتون ۽ اعزاز ملڻ باوجود ڪڏهن به غرور ۽ تڪبر مٿس غالب نه آيو. سنڌ جي لاتعداد نوجوانن جي رهنمائي ۽ رهبري ڪيائين ڪڏهن به ڪنهن کي مايوس نه ڪيائين. بلڪه هميشه هر ڪنهن جي همت افزائي ڪيائين. پويئين دؤر ۾ سندس ئي نوازيل ڪجهه هُرڇُرن نوجوانن ”پوڙها ڪريسي“ جي مذموم طعنه زني شروع ڪئي. حميد سنڌي کي سڀ خبر هئي ته هيءَ ڪم عقلي ڪنهن جي آهي مگر پاڻ ان تي ائين ردِعمل ڏنائين جو بزمِ روح رهاڻ (هفتيوار) جون گڏجاڻيون شروع ڪيائين جيڪي سندن وفات بعد به جاري آهن، هڪ دفعو وري سندن هن ادبي عمل سان ڪيترن ئي کليل واتن کي ماٺ اچي وئي. اها حميد سنڌي جي وسيع نظري ۽ درياهه دلي هئي جنهن جو هُن عملي مظاهرو ڪيو. آئون پنهنجي ذاتي ڳوٺ واري (هفتيوار) ڪلينڪ سبب وٽس ڪنهن به آچر واري ڪچهري ۾ حاضر ٿي ڪونه سگهيس. مون کي چوندو هئو ته ڏنڊ ۾ ٻئي ڪنهن به ڏينهن ايندو ڪر. آئون ويندو به هئس ته ڪجهه رهاڻين ۾ وري سيف الله خالد کي خاص طرح سان موڪليندو هئس. مون ’بزمِ روح رهاڻ‘ جي صرف هڪ رهاڻ ۾ حاضري ڀري جيڪا شروع ۾ آچر بجاءِ ڪنهن ٻي موڪل جي ڏينهن ٿي هئي.

محترم محمد عثمان منگي صاحب کي الائي ڪهڙي سجهي آئي جو مون سان هڪ ڀرپور ادبي رهاڻ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان سنڌي ٻولي جي اداري ۾ رکيائين. ڀٽ شاهه تي حاضري ۽ راڳ رهاڻ کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ ادبي پڳ جو به پروگرام ۽ منهنجي فرزند حمادالله لاءِ سنڌي ٽوپي پارائڻ رٿيائين. هيء پڳ مون کي قبله پير غلام مجدد سرهندي صاحب ٻڌائي ۽ قلندر شاهه، ادا حزب الله، الله بچايو مشتاق آريسر منگي صاحب ۽ ٻين دوستن سان گڏ محترم سائين عبدالحميد سنڌي جا ڏنل اُهي پيار ۽ شفقت ڀريا پڳ جا وَرَ جن مون کي نه صرف ان وقت خوشيء ۾ روئاڙي وڌو پر اڄ تائين اُهو ڇُهاءُ محسوس ٿئي ٿو. ان ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي مهربان دوستن منهنجي حيثيت ۽ خدمتن کان گهڻو مٿي ڳالهائيو، پر حميد صاحب جيڪي مون لاءِ لفظ ڳالهايا اُهي منهنجي لاءِ دعائن اُتساهه جو سبب به بڻيا ته منهنجي لاءِ وڏو اعزاز ۽ سَنَدَ پڻ آهن.

هڪ دفعي مون کي محترم محمد عثمان منگي صاحب ٻڌايو ته هو حميد سنڌي صاحب تي هڪ ڪتاب ترتيب ڏيڻ جي تياري ۾ آهي توهان حميد صاحب تي لکو. مون ان وقت کان ئي ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪيون پر پوءِ مواد جي اڻاٺ سبب اهو ڪتاب نه اچي سگهيو. البته منگي صاحب اهو ٻڌايو ته ادا اسد، حميد صاحب منهنجي تنظيم طرفان تمام گهڻن فنڪشنن ۾ شريڪ ٿيو، صدارتون ڪيائين ۽ منهنجو قدم قدم تي ساٿ ڏنائين. اسان سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان سندن اعزاز ۾ هڪ عاليشان ادبي پروگرام ڪيو هئو.

حميد صاحب دلربا شخصيت جو مالڪ هئو. سنڌ جو ته عاشق هئو پر سنڌ جي عاشقن تان به قربان هئو. سندس ڪردار ۾ شروع کان آخر تائين ڪڏهن به عشق ۾ لاٿ نه آئي. سچو ماڻهو، ماڻهن سان پيار ڪندڙ، دوستن جو دوست ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ناتا نباهيندڙ شخص هئو.

حميد صاحب سان منهنجي آخري ملاقات ’هالا‘
۾ قبله مخدوم محمد امين فهيم صاحب جي عذرخواهي لاءِ قبله سائين مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ سائين جن وٽ ٿي. آئون محترم حاجي علي مراد راڄڙ صاحب (سابق ايم.پي.اي سنڌ اسيمبلي) سان گڏ پهتو هئس.

هن دفعي مون کي حميد صاحب جي صحت تمام گهڻو مايوس ڪيو. باوجود صحت جي ڏکيائين جي حميد صاحب هڪ باحوصله شخص طور مون سان ڪيئي موضوعن تي گفتگو ڪندو رهيو، ٻنپهرن جي ماني وقت پاڻ قبله مخدوم محمد امين فهيم صاحب جي شخصيت تي انتهائي خوبصورت گفتگو ڪيائين. آخر ۾ جميل سائين کي خاص دعا لاءِ چيائين.

دعا بعد سهاري سان سندن گاڏيء تائين آئون گڏ آيس. تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوهه سان موڪلايائين. جڏهن سندن وفات (3- جنوري 2020ع) جي خبر پئي ته ساڻس گذاريل سڀ گهڙيون دل تي تري آيون. هن مضمون ۾ مون ڪوشش ڪري گهڻيون ساريون ڳالهيون لکيون آهن، پر اُهو سڀ نه جيڪي منهنجي اندر ۾ اڃان به آهي. الله پاڪ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکي ۽ سندس سموريون دنياوي لغشون معاف فرمائي ۽ سندن اولاد کي سندس نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق ڏئي. (آمين)

جئن جئن مطالعو ۽ مشاهدو وڌن ٿا، تئن تئن ذهن ڪن اصولن سان بغاوت ٿو ڪري ۽ ڪي نيون پابنديون پاڻ تي پاڻهي عائد ٿو ڪري، پوءِ اهي نيون پابنديون صحيح هجن يا غلط، بهرحال انهن جو ڄار ايترو مضبوط ۽ وسيع ٿئي ٿو، جنهن مان هڪ شاعر ۽ اديب، فنڪار يا ڪلاڪار جند ئي نٿو ڇڏائي سگهي. ان ڄار مان وري به فن جو وسيع تجربو، وسيع مطالعو ۽ وسيع مشاهدو ئي ڪڍي سگهن ٿا. جيستائين ايتري وسعت نگاهه، ۽ فن جي پختگي اچي، تيستائين فنڪار، لازمي طور ان ڄار جي چَڪَر ۾ رهڻ ۽ وَهڻ لاءِ مجبور به آهي ۽ معذور به آهي!

اسان جو ڪجهه اڄ چئي رهيا آهيون، اهو  اڄ سؤ في صدي درست آهي، ليڪن سڀاڻي جي خبر نه آهي ته انهيءَ فيصلي جي ڇا حيثيت رهي؟ اصل ۾ اسان جو ڪجهه اڄ چئي رهيا آهيون، تنهن جي درست ۽ سچي هجڻ جي پرک سڀاڻي ٿيندي.

عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي

’مهراڻ‘ 1/1964ع تان ورتل

سيد مُرتضيٰ ڏاڏاهي

ٽنڊوالهيار

 

 

 

 

ڪافي

 

مڃيون ٿا ته سڀڪجهه لُٽائي ڇڏيوسين،

محبت جو ناتو نباهي ڇڏيوسن!

 

سَريو سونهن تنهنجي جو سايو سوايو،

اسان پنهنجو بيشڪ ڀَلو ڀاڳ ڀايو،

ڪري قرب ڪافي ڪمائي ڇڏيوسين!

 

وڇوڙي ۾ وسري ويا شوق شاهي،

اچي عشق گهر گهر ڪرائي گدائي،

کڻي پاڻ رسوا بنائي ڇڏيوسين!

 

حڪم حُسن وارا، ڏنئي سر ڏيڻ جو،

اسان ڪونه سوچيو مَرڻ ۽ جيئڻ جو،

بنا دير ڪنڌڙو، ڪپائي ڇڏيوسين!

 

اهو ’مرتضيٰ‘ کي سدا ناز رهندو،

پرين پيار مشهور ممتاز رهندو،

وفا ۾ ته نالو ڪڍائي ڇڏيوسين!

ڪافي

ڪيو عشق اظهار ڳائي وڄائي،

ڀلين حاسدن کي وڃي ڪو ٻڌائي!

 

گهڻوئي رقيبن کان ڊڄندا رهياسين،

لِڪي محب مٺڙن سان ملندا رهياسين،

چَون پوءِ به ڇا ڇا پيا ٿا الائي!

 

صبح شام سُهڻن سان ملبو ئي رهبو،

ڏيئي هٿ هٿن ۾ ته هلبو ئي رهبو،

محبت جا ميلا ته ڇڏبا مچائي!

 

نه روئبو نه رڙبو نه ڀربا شوڪارا،

ڪبا سوڳ ڪنهن جي ۾ ڪپڙا نه ڪارا،

ڇڏينداسين مُرڪن سندا مينهن وسائي!

 

حسينن سان هاڻي، ’مرتضيٰ‘ مدامي،

سرِعام ٿيئبو، سلامي ڪلامي،

گهڻا ڏينهن لڪبو، ڀلا نينهن لائي.

 

شبير هاتف

ڪراچي

 

 

 

 

نعت

 

هي سڄو سنسار آ تنهنجي ڪري،

تَنهن جو سڀ جنسار آ تنهنجي ڪري.

 

خلقيو خالق نظامِ ڪائنات،

اي سچي سرڪار! آ تنهنجي ڪري.

 

آسمانن ۽ زمين تي رَبَّ جو،

زڪر ۽ اذڪار آ تنهنجي ڪري.

 

وقت جي گرداب ڪيڏو گهيريو!

منهنجو ٻيڙو پار آ تنهنجي ڪري.

 

هاڻ هي دل جو مدينو يا نبي!

مجمعِ انوار آ تنهنجي ڪري.

 

غزل

هت پيار محبت جو ڪو نام و نشان ڪونهي،

هي پنهنجي زمين ڪانهي هي پنهنجو جهان ڪونهي.

 

جو آئي وئي اڳيان زخمن جو ڪري چرچو،

سو عشق مان ڇا ڄاڻي سو پاڻ منجهان ڪونهي.

 

هن شوخ جي آمد جا افواهه گهڻا اُٿيا،

پيغام پڪو پختو ڪو يار وٽان ڪونهي.

 

ماڻهن کي نظر آئي بس چهري جي سرهائي،

جو اصل ۾ حال آهي توکان ته نهان ڪونهي.

 

”هاتف“ جي ڪلامن سان ڪا باهه ٻري ڪانهي،

شاعر ته چڱو آهي پر شعله بيان ڪونهي.

ارشاد شاهه ڪاظمي

     ڪراچي

 

 

 

 

غزل

 

اچڻ عار تو ڪيو ته ڇا ٿي پيو،

مليو هڪ نه موقعو ته ڇا ٿي پيو.

خوابن ۾ اسان جي ملاقات ٿيندي،

زماني جي روڪيو ته ڇا ٿي پيو.

اسان ۽ صنم جو روحاني آ رشتو،

اوهان جي نه سوچيو ته ڇا ٿي پيو.

تصور ۾ ساجن سدا ساڻ آهي،

هلي ڏور جي ويو ته ڇا ٿي پيو.

فقيرن جي پٺيان ڪُتو ڪو جي ڪاهي،

ڀڙڪي جي ڀوڪيو ته ڇا ٿي پيو.

اي ”ارشاد“ محبت ڪرڻ ڏوهه ناهي،

ٽپي جي ڪنهن ٽوڪيو ته ڇا ٿي پيو.

 

ڌرتي ماءُ

 

ڌرتي ماڻهو ٺاهي يار، ڌرتيءَ سان ٿو سونهين پيار،

ڌرتي مادر ڌرتي ماتا ڌرتي سڀ جو آ سنسار.

ڌرتي ڏي ٿي اَنّ ۽ پاڻي کائي پيئي جو انسان،

کاڌي پيتي کائڻ ان سان رت ٺهي ٿو جند ۽ جان،

رت جي خمير مان ئي خلقي جڙيو ماڻهو جو جنسار،

ڌرتي ماڻهو ٺاهي يار......

مٽيءَ جي مهميز ۽ آبهوا جي گڏيل اثر،

ماڻهو جو ٿو ٺهي مهانڊو هرڪو سڃاپي پٺيان پڌر،

ملڪين ملڪين ماڻهو ماڻهو هرڪنهن پَٽ جا پنهنجا پار،

ڌرتي ماڻهو ٺاهي يار......

منهنجي ڌرتي منهنجي ماءُ جنهن سان سلهاڙيو سندم ساه،

محبت ان سان جي مان ڪيان تو ڪيو ڀلا اٿم ڪهڙو گناه،

صدقي ان تان سِر مان ڪندس هي”ارشاد“ جو آ اقرار،

ڌرتي ماڻهو ٺاهي يار......
 

ڪافي

 

ڇو نه مَرڪي سنڌ توتي مان واري مارئي،

لڄ لويارن تو بچائي ثابت ساري مارئي.

تنهنجي عظمت، تنهنجي همت، تنهنجي غيرت تي سدا،

ناز ڪري ٿو ٿر نه رڳو پر ساڻيهه ساري مارئي.

ڪوٽ جي قيدن ڪين ڪنبايئي آڻ مڃيئي نه عمر سندي،

لالچ توکي سگهي نه لوڏي سنڌي ناري مارئي.

ملڪ مٺي جا مارو آهن اڃا ۽ اعليٰ منجهه اصول،

ثابت تو هيءَ ريت سنواري پت هيءَ پاري مارئي.

عظمت عورت ذات جي اوچي اصل کان آ ”ارشاد“،

ويتر تنهنجو تو شان وڌائي سينڌ سنواري مارئي.

 

ڪافي

 

مون وٽ ڇو نه آيا سي اوٺي اباڻا،

روئي رات جن لاءِ ڀڄايم وڇاڻا.

 

ننڍي هوندي جن هو نازن مان نپايو،

ڏکيءَ کي ڏکن ۾ تني آ ڀلايو،

وساري ڇو ويٺا ڏوٿي مون ڏاڏاڻان،

روئي رات جن لا.....

 

جهانن ۾ آهي اڄ عيد آئي،

مٺيءَ جي ته مارن هوندي سا ملهائي،

رنا نيڻ هوندا جيجل جا نماڻا،

روئي رات جن لا.....

 

ڏٺا خواب ۾ مون اَباڻا سيئي،

ڏکيءَ کي ڏوراپا ڏنئون پي ته روئي،

ڇڏيئي ڇو ڀلائي پنهنجا پڊ پراڻا،

روئي رات جن لا.....

 

اي ”ارشاد“ مارو نه منهنجا مياري،

ڊنل ڊاءُ ڊپ ۾ اٿن خوف طاري،

هتي ڪيئن پهچن ويڙيچا ويڳاڻا،

روئي رات جن لا.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org