مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو محمد خان
مڙس ماڻهو...
”بابا…بابا…با…با…“
پر هُو حوا کي گهليندا، اچي ڪار ۾ اُڇلائين ٿا.
”بابا… منهنجو ڏوهه…!“
مُنهن تي چماٽ، چپن مان رت، حوا جي اکين ۾ ڊنل
هرڻيءَ جيان
ڀؤ!
سڳو پيءُ، اڄ ڪوهين ڏور پئي نظر آيس.
گاڏي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز.
”ڇڏ“. منهنجي ٻچڙيءَ کي، اهو ظلم نه ڪر، ڪو رب جو
خوف ڪر…“
ڌڙام- ٺڙڪ ۽ ڌڪي سان گڏ، لوهي دروازو بند ٿيڻ جو
ٺڪاءُ.
گُگدام ڳوڙها.
”بابا، مون کي معاف ڪر، خدا جي واسطي، هي هي هٿ ٿي
جوڙيان، الا!“
وارن مان جهلي، هُن کي پٺيان ڇڪين ٿا.
”ٿڙ، ٿڙ، ٿڙ…“
چماٽن جو آواز، گڏوگڏ رؤن رؤن گاڏي جو آواز…
”دير ڪئي اٿس.“
ويٺلن مان هڪڙي چيو.
”ڇوري ڪانه مڃيندي هوندي.“
موٽ ۾ ٻئي جواب ڏنو.
”وعدو ڪيو اٿس، ضرور آڻيندو، نه ته پنهنجي رقم
واپس ڪندو.“
پنجاهه سالا ٿيندڙ گهوٽ ورندي ڏني.
”نه… نه اوهان کٽڪو نه ڪريو، مڙس ماڻهو آهي، ضرور
وچن نڀائيندو.“
ڳوٺ جي همراهه وراڻيو.
”دير گهڻي ٿي ويئي آهي، انهيءَ ڪري ٿا چئون.“
گهوٽيتا فڪرمند ٿيندي وراڻيا.
”اجهو اچڻ وارا ئي هوندا.“
ڳوٺ جي چڱي مڙس چيو.
رؤن رؤن گاڏي جو آواز، رات جي سانت کي ٽوڙي رهيو
هو.
رؤن رؤن جي آواز ٻڌڻ سان ئي همراهه رائيفلون
اُڀيون ٿا ڪن. گاڏي انهيءَ مڙسالن سان ڀريل اوطاق
تي اچي بيٺي.
”ڇڏيو… ڇڏيو… خدارا مون کي ڇڏيو.“
حوا رڙيون ڪندي رهي، منهن مان رت، وار اُجڙيل،
مُنهن تي ڌڪن جا نشان، رڙيون ڪرڻ تي چماٽون…!
رائيفل جو ڪنداق حوا جي پُٺي تي اچي لڳي ٿو. هوءَ
دانهون ڪندي، مٽيءَ ۾ وڃي ڪِري.
”سوڍل… وٺي وڃينس اندر.“
ٻانڌي، پنهنجي خاص ماڻهو کي رڙ ڪري چيو.
سوڍل ۽ ورو، حوا کي ٻانهن مان کنڀين ٿا، حوا جو
رئو، مٿي تان لهي وٽجي سٽجي اچي ٻانڌيءَ جي قدمن ۾
ڪِري پوي ٿو.
”آئون ڪانه وينديس، الاڙي… منهنجي جان ڇڏيو.“
او امان… منهنجي مٺڙي جيجل، مون کي بچاءِ ڙي…“
وروءَ وارا حوا کي گهليندا اندر وٺي ويا.
ويندي ويندي حوا، پيءُ کي رڙ ڪري چيو:
”بابا… بابا… او منهنجا مٺڙا با…“
پر سندس پيءُ رئيس ٻانڌي خان ۽ پنجاهه سالا گهوٽ
سومار سان ڳالهائڻ ۾ مشغول هو.
سومار چيو:
”اڳئي ٽي ايڪڙ وٺي چڪو آهين.“
حوا جو پيءُ وراڻيو:
”اهي منهنجا ئي ته هئا، جيڪي جوا ۾ هاريا هئم ۽ تو
زبان ڪئي هئي ته پنج ايڪڙ ٻيا ڏيندين.“
سومار وراڻيو:
”اُن جاءِ تي تون مون کان ٻه لک روپيا ٻيا به
اُڳاڙي چڪو آهين.“
ٻانڌي خان ٻنهي جي وچ ۾ پوندي وراڻيو:
”اهي پراڻيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ نه ئي هڪٻئي کي
رنن وارا مهڻا ڏيو. سومار خان، تون به ڪجهه خيال
ڪر، هُو پنهنجي پندرهن سالن جي نينگري پيو ڏي.“
سومار وراڻيو:
”رئيس اها ته سراسر بيواجبي ٿا ڪريو، اڳئي مون
گهڻي ئي کارايو آهي.“
حوا جي پيءُ وراڻيو:
”مون کي اهو منظور ڪونهي.“
اها ڳالهه ٻُڌي گهوٽيتا پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا،
اندران رڙين ۽ اوڇنگارن جو پڙاڏو ٻاهر آيو پئي،
بابا… بابا جون دانهون صاف ٻُڌجڻ ۾ پئي آيو پر
ٻاهر ڄڻ ويٺل سڀ مڙسالا ٻوڙا هجن.
صلاح مصلحت کان پوءِ، پنجاهه سالا گهوٽ وراڻيو:
”مون کي منظور آهي.“
رئيس ٻانڌي خان ٻنهي کي ڀاڪر پارائي، سوڍل کي
سڏيندي چيو:
”سوڍل، مولوي صاحب ڪٿي آهي؟“
رئيس جي حڪم جي دير هئي، سوڍل سيڪنڊن ۾ مولوي صاحب
کي وٺي آيو.
رئيس ٻانڌي خان مولوي صاحب کي چيو:
”مولوي صاحب نڪاح پڙهايو.“
مولوي صاحب ڪنهن به رُڪ رُڪان کان سواءِ نڪاح پڙهڻ
شروع ڪيو.
وچ ۾ وراڻيو:
”ڇوڪريءَ کان گواهه پُڇي اچن.“
ٻانڌي خان کٽ تي گول ويهاڻي کي ٽيڪ تي ويٺي ويٺي
وراڻيو:
”ابا، اسين سڀ گواهه آهيون، هُن کي هي رشتو قبول
آهي.“
نڪاح پڙهي دنگ ٿيو ته هر طرف مبارڪن جي صدا گونجڻ
لڳي.
”مبارڪون سومار خان، مبارڪون.“
”ابا اهي اٿئي مڙس ماڻهو“. سومار خان مولوي صاحب
کي هزار جا ويهه نوٽ ڳڻي، هٿ ۾ ڏنا. ماني هلڻ سان
گڏ رائيلفلن جي فائرنگ جا ڌوڙيا ٿي ويا.
رئيس ٻانڌي خان، سوڍل ۽ وروءَ کي چيو.
”بابا، ڪنوار جن جي امانت آهي، هنن کي وٺي آڻي
ڏيو.“
ٻئي ڄڻا دروازو کولي ڪنوار حوا کي وٺي آيا.
اُجڙيل… وار وکريل… ڌُڌڙ سان ڀريل لٽا… چپن مان
رت، هراسيل اکيون… ٻانڌي خان، حوا جو هٿ، سومار
خان جي هٿ ۾ ڏنو. حوا، پيءُ کي نماڻين اکين سان
نهاريندي رهجي ويئي، ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي. ”بابا“
لفظ نڙي ۾ گهلجڻ
لڳا، ”او منهنجا مڙس ماڻهو بابا!“
يار محمد چانڊيو
شڪاري
چوڳ تي اُڏامي لهي آيل پاريهرن جي ولر تي فائر
ڪندي ملوڪَ جا هٿ صفا ٺري ويا ۽ امالڪ ٻُوڙن جي
گهاٽن جُهڳٽن مان ٻاهر نڪري، چئن، پنجن ڦٿڪندڙ
زخمي پاريهرن ڏانهن ڊوڙ پائي، هن پاڻ سان گڏجي
ٻُوڙن جي اوٽ ۾ ويٺل ساٿيءَ کي هڪل ڪئي:
”سخي بيگ! ڊوڙي اچ، اڄ ججهو شڪار لڳو آ!!“
ٻئي ڄڻا ڊوڙندا زخمي ٿيل پاريهرن تائين پهتا.
”هي ته صرف ٻه پاريهر آهن، ٻيا ڪٿي آهن؟“
”اتي ئي اوسي پاسي ڏس، ضرور هوندا!“
”نه ڪو!“
”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي سخي بيگ!“ ملوڪ جون نظرون
پاريهرن جي تلاش ۾ هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳيون،
چيائين ”سالن کان شڪاري آهيون، ال ناهيون، شڪار
ڪندي هٿ ٺريو پون ته پڪ سمجهه اڌ ڊزن پکي پڪا!!“
”ڀليو آهين!“ سخي بيگ بندوق جي چپڙي سان ٻن زخمي
پاريهرن کي ڪُٺو، چيائين ”پاڻ کان وڌيڪ ڪير شڪاري
هوندو؟ پَکي پَکڻ، جانورَ، ماڻهو ڪهڙو شڪار نه ڪيو
آ پنهنجي هٿن، پر مجال جو ڪڏهن ڪو هٿ ٺريو هجي!“
”شڪارين ۾ به فرق هوندو آ.“
”ڪهڙو فرق؟“
”هڪڙا ظالم شڪاري ۽ ٻيا رحمدل!“
”شڪاري ۽ رحمدل؟… شڪاري ته هر وقت ظالم هوندو آ…
هن جي هٿ مان نڪتل بارود جي بوءِ به خطرناڪ هوندي
آهي…!!“
”سخي بيگ! هڪڙن ماڻهن کي وقت جون ستم ظريفيون ۽
تنهايون شڪاري بڻائينديون آهن، انهن جا هٿ شِڪار
ڪندي جڏهن ڪوئي نقصان ڪري نشاني تي پورو لهندا
آهن، تڏهن…!!“ ملوڪَ سارين جي ڦٽل ديري ڀرسان
موجود ٿُٻين کي اُٿلائيندي پُٿلائيندي جهٽ پل جي
خاموشيءَ کان پوءِ وري ڳالهايو: ”هُو ڏس سخي بيگ!
سامهون زخمي پاريهر اُڏاميو ٿو وڃي!!“
”ڪيترو اُڏامندو؟“
”ٻه قدم يا ٻارنهن!؟“
”ملوڪ! هوشياري… تِکو ڊوڙ… زخمي پاريهر ساڻو ٿي
پيو آ…! اِجهو ڪِريو…!!“
ملوڪُ شڪارپور، لاڙڪاڻي قومي شاهراهه جي اُترين
پاسي موجود بوهي قُبن جي قبرستان ڀرسان پهچي زخمي
پاريهر جي پويان ڊوڙندي هڪ قبر جي مٿان اچي پهتو،
جتي زخمي وجود جو درد محسوس ڪندي هن جون اکيون
ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ سندس زخمي پاريهر ڏانهن
وڌايل هٿ لرزش ۾ اچي ويا.
”مهران…!“ اوچتو قبر جي مٿان جهڪندي هن جو اندر ٻه
اڌ ٿي پيو مهران…!! مان تنهنجو ڏوهي آهيان… منهنجي
محبتن جي انتظار توکي موت جي لحد تائين پهچايو!
خاموش قبرستان ۾ ملوڪَ پاڻ کي پاريهر جيان زخمي
ڀانيو ۽ ماضيءَ جي ڪُن ۾ ڪِرندي هُو بي ساخته سڏڪن
۾ پئجي ويو.
هڪ لڱان.
اهو آچر جو ڏينهن هو.
ملوڪُ پنهنجي جُهور پوڙهي بيمار ماءُ جي تيمارداري
۾ مصروف هو، جو مهران سندس ماءُ جي طبيعت پڇڻ آئي
هئي. پاڙيسرياڻي مهران جي خوبصورتي ڏسندي ملوڪَ جا
هوش اُڏامي ويا هئا. سنهڙي سيپڪڙي مهرو جواني جي
چائنٺ تي ايندي ڌرتيءَ جو خوبصورت چنڊ ٿي پئي هئي.
”ملوڪ!“
”هه…و…ن…هون!“
مهران جي اوچتي آواز تي ملوڪ ڇِرڪي پيو هو.
”جوان اولاد پيءُ ماءُ کي سُک ڏيندو آهي ۽ تون…!“
”ڇا مان…؟ مون نه سمجهيو…؟؟“
”جوان اولاد هوندي پيءُ ماءُ ڏکيا هجن ته اُن
اولاد جي هجڻ ۽ نه هجڻ ڪهڙو فرق؟“ مهران اوچتو
اٻاڻڪي ٿي وئي هئي، چيو هئائين ”ملوڪ ماسيءَ جي
صحت جو خاص خيال رک…! ماءُ جي جدائي جو درد اسان
کان پڇ…!! ماءُ زندگيءَ جو ڇانورو آهي…!!“
مهران ڳالهائيندي رهي هئي ۽ ملوڪ خاموش ٿي سندس
نصيحتن کي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري رهيو هو.
”مهرو.“
”مهرو نه چئه!“
”ڇا چوان؟“
”مهران چئه!“
”ڇو؟“
”اڳ ننڍي هئس، هاڻ وڏي آهيان!“
”ڪيتري وڏي آهين؟ هان…؟ اهي ڏينهن وسري ويئي؟؟“
”ڪهڙا ڏينهن؟“
”جڏهن لڪ لڪوٽي کيڏندي مهرو ٻالي چئي توکي
چيڙائيندو هوس ۽ هاڻي…“
”ڇا هاڻي؟؟“
”پاڻ کي سيبتي سمجهي نصيحتون ٿي ڪرين.“
”سو ته آهيان!“
”مهرو! واقعي بدلجي وئين آن تون، توسان ڪير سينهو
ساهي؟“
”بس بس، لٻاڙي!“
”مهرو تنهنجي ٻن سالن جو پردو توکي ايڏو حسين
بڻائيندو، مون ته ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هو!!“
”هل ڪوڙا.“
”سچ ٿو چوان مهرو…! جواني ٿئي يا قيامت!!“
”ڇيڇ! ٿورو آهستي، ڪو ٻڌي نه وٺي.“
”ڪير ٻڌندو؟“
”ڀتيون…! ڀتين کي به ڪن هوندا آهن بيوقوف!“
مهران جي ان ملاقات ملوڪَ جي زندگيءَ ۾ تبديلي
آندي هئي. سندس ڇڙواڳِ ۽ آواره مزاجِ دل پهريون
دفعو ڪنهن جي يادن ۾ زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي.
اُن ئي هفتي مهران نئون بهانو ٺاهي ملوڪ جي گهر
ٻيهر آئي هئي، پر ملوڪَ کي ڄڻ ڪا ڳالهه سمجهه ۾
نٿي آئي، هن کان لفظ نٿي نڪتا.
”ملوڪ.“
”ڇه… ڇا؟“
”تون شادي ڇو نٿو ڪرين؟“
”ڇو ڪيان؟!“
”گهر ۾ ماسي اڪيلي ٿي لوڙي…“
”مطلب ته امان جي خدمت لاءِ شادي ڪيان؟“
”ها.“
”ڪنهن سان ڪيان؟“
”…م…م…م…“ مهران ڳالهائيندي چُپ ٿي وئي هئي…
”مم ڇا؟ ٻاتي…! ڳالهاءِ به!!“
”مون سان!، مهران ڳالهائيندي شرم ٻوٽي جيان
ڪوماڻجي وئي هئي.
”واقعي!“ ملوڪ مهران جو هٿ پڪڙي ورتو…
”هٿ ڇڏ ملوڪ.“
”ڇو؟“
”ڪو ڏسي نه وٺي!،
”ڀلي ڏسي!“
”پاڻ به مرندين… مون کي به مارائيندين.“
مهران پنهنجي جوانيءَ جي زور تي ملوڪ کان هٿ
ڇڏائي، پنهنجي گهر ڏانهن تِکيون وِکون کڻي ڊوڙي
هئي، اهو ڏينهن مهران جو آخري ڏينهن هو ۽ هوءَ
حجاب کان هڪ هفتي تائين ملوڪ جي سامهون نه ٿي هئي،
مهران لڄ جو پهراڻ پاتو ته لاهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي
کنيائين.
اها شام جهڙالي شام هئي، ملوڪ ڏاندن جي جوڙي لاءِ
ڪُتر مشين تي ڪُتر هڻي رهيو هو ۽ هن جي ماءُ کيس
مُٺ ڏئي رهي هئي، ٺيڪ ان سمي مهران جي اوچتي آواز
تي ملوڪَ جا هٿ ڪُتر ڪرڻ کان رُڪجي ويا هئا.
”ماسي هٽ پري تون… ملوڪَ کي مان ٿي مُٺ ڏيان…
ڏيکاري طاقت پنهنجي!“
ملوڪ جي ڪراڙي ماءُ، پاسي ٿي گهر جي ڪم ۾ مصروف ٿي
وئي هئي.
”ملوڪ…“
”هون.“
”جوانيءَ تي ايترو ناز اٿئي؟“
”ها- آهي.“
”چڱو شروع ٿي… هلاءِ مشين…! ڏسان تنهنجي جواني؟“
”آزمائين ٿي؟“
”ها.“
”چڱو هوشياري وٺ!“ ملوڪ جا سٻر هٿ بجلي جي ڪرنٽ
جيان حرڪت ۾ آيا هئا.
”بس… مان ٿڪجي پيس مهرو…!!“ ملوڪ اڃان ڪجهه ويرم
ئي نه گذري هئي ته، سهڪي پيو هو…
”هارجي وئين تون ملوڪ“ مهران مُرڪي پئي هئي.
”ها مهرو مان هارجي ويو آهيان… مون کي ڪهڙي جُرئت،
جو تنهنجو مقابلو ڪيان!“ ملوڪ وڏا ساهه کڻندي
ڳالهايو هو، ”ايترا ڏينهن ڪٿي هئينءَ… بي رحم ڪنهن
جي ننڊ چورائي، پاڻ سڪون سان گذاريئي!“
”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن ديواني جي ننڊ حرام
آهي.“
”توکي خبر آهي.“
”ڇا جي؟“
”ته ڪوئي توکي دل جي گهرائيءَ سان چاهي ٿو…“
”ڪيئن اعتبار ڪيان؟“
”منهنجي دل کان پُڇ… دل جي ڌڙڪن ۾ صرف تنهنجو
نانءُ آهي… سوچيان ٿو…“
”ڇا ٿو سوچين؟“
”اڄ رات تنهنجي گهر اچان.“
”رات جو؟“ مهروءَ کان ڇِرڪ نڪتو هو.
”ها مهرو! مان چاهيان ٿو توسان ڊگهيون ڪچهريون
ڪيان… مان تنهنجي ڀاڪر ۾ توسان واعدا ڪرڻ ۽ وٺڻ
گهران ٿو…“
”ڇا جا واعدا؟“
”توسان گڏجي گذارڻ جا… جيئڻ ۽ مرڻ جا… مان رات
ايندس… تون ننڊ نه ڪجانءِ مهرو…“
”تار لوڙهو لتاڙي ڪيئن ايندين بيوقوف؟“
”ائين ايندس، جيئن تنهنجو ڀاءُ دلاور پراوا لوڙها
لتاڙيندو آ…“
”اُهو ته چورُ آهي…“
”اهو چور آ ته مان به شڪاري آهيان!!“
”پر اڄ رات گهر جي سڄي آڳر تي چانڊوڪي هوندي…
چوڏهينءَ جي رات آهي.“
”مان اهوئي ته چاهيان ٿو ته توسان ملي چنڊ جي رات-
چنڊ کي ڪڪرن جي اوٽَ وڃڻ تي مجبور ڪيان…!!“
چانڊوڪيءَ جي اُن رات.
جڏهن آسمان تي چانڊوڪي پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن
ملوڪ جي پوڙهي ماءُ بخار جي شدت ۾ تڙپي ٿي… ماءُ
جي اها تڙپ ڏسي ملوڪَ جون اکيون ڳوڙهن ۾ آليون ٿي
ويون هيون ۽ رات جي اُن سمي هن کي پنهنجي ماءُ کي
ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ ڏاند گاڏيءَ تي شهر اچڻو پيو
هو…
صبح ٿيندي…
ملوڪ جڏهن شهر کان ڳوٺ موٽيو هو ته هن جي پيرن
هيٺان ڌرتي نڪري وئي هئي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ خوف جو راڪاس
ڇانيل هو، چيائون پئي.
”توبهه زاري! ظالم ڀاءُ جوان ڀيڻ کي وڏي بي درديءَ
سان قتل ڪيو!!،
”ويچاري مهران آسمان ڦاڙ رڙيون ٿي ڪيون، پر ڪنهن
کي مجال نه ٿي جو ڪو ويچاريءَ کي ڇڏائي وجهي ها!“
”خدا ڄاڻي ڏوهي هئي به الائي نه!“
”بيگناهه هئي بي رحم ڀاءُ دشمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ
کيس قربان ڪيو.“
”ايلي توبهه زاري…!! خون جو بدلو خون… ڀيڻ کي
ماري، دفن ڪري موٽيو ته پاڻ به نه بچيو…!“
”ڀيڻ جي خون کان پوءِ هُن دشمنن جي ڳوٺ تي حملو
ڪيو… جوابي حملي سِر کنيس…“
”ڇا“ به هجي، پر هن جي ڀيڻ معصوم ۽ گگدام هئي، هُن
تي اجايو الزام لڳو…“
ملوڪَ لاءِ اهو ڏينهن قيامت جو ڏينهن هو ۽ هن جي
نازڪ وجود کي دردن جي درياهه ڪيترائي دفعا ٻوڙيو
هو، ۽ دنيا جي روايتن جي خوف ۾ هُو ڪيترائي ڏينهن
مهران جي قبر تي به نه وڃي سگهيو هو…
ڇنڇر جي ان رات، جڏهن چوڏسا برسات جو ماحول هو،
تڏهن هُو قبرستان جي خاموش ۽ سنسان ماحول ۾ مهران
جي قبر جي مٿان ايندي زاروزار رُنو هو… پاڻ کي
زندهه لاش ڀانيو هئائين… ان کان پوءِ هن ڪيتريون
ئي گمنام راتيون مهران جي قبر جي مٿان ڳوڙها
هاريندي گذاريون هيون… ۽ اڄ شڪار جي ڳولا ۾ هُو
اُن ئي قبر جي مٿان اچي بيٺو هو… جتي هن جون
خوشيون ۽ ارمان به دفن ٿيل هئا.
”ملوڪَ…! ڪهڙن خيالن ۾ گُم آهين؟ شڪار هٿ آيو؟“
”ها!“ ملوڪ سخي بيگ جي آواز تي پاڻ سنڀالي زخمي
پاريهر کي آزاد ڪري وراڻيو، ”ڪڏهن… ڪڏهن زخمي وجود
جي درد کي ويجهڙائيءَ کان ڏسندي ڏاڍو عجب لڳندو
آهي… اسين تماشي جو حصو ٿي شڪار ڪيون ٿا ۽ هنن جون
زندگيون گهائجي وڃن ٿيون…!!“
”ڇا مطلب؟“
”مطلب صاف ۽ چِٽو آهي سخي بيگ!“ ملوڪ جي بندوق جو
رُخ سخي بيگ ڏانهن ٿي ويو ته سندس آواز ۾ سختي اچي
وئي، چيائين،”هيٺ ويهه جوان جا پُٽ… تون به گهڻن
جا کير کاريا ۽ ڳاڙهي ٻوڙ کي ڪيترين حياتين جو
خاتمو آندو آ… اڄ تنهنجو پنهنجو خير ناهي!“
”ملوڪَ ڇا ٿو ڪَرين؟ هٽاءِ بندوق!!“ سخي بيگ وائڙو
ٿي ويو.
”نه ڇڏيندس توکي!“ ملوڪ جي آواز ۾ خوف ڀريل هو.
”پر ڇو؟ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟؟“
”هن قبر کي سڃاڻين ٿو؟“
”ها“.
”ڪنهن جي آهي؟“
”دلاور جي ڀيڻ جي!“
”ان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، جو تو اُن جي ڀاءُ
سان گڏجي سندس خون ڪيو هو، مون کي خبر آهي سڄو
ڪالَ تنهنجو هو…“
”پر ان سان تنهنجو ڇا وڃي؟“
”هوءَ منهنجي پاڙيسرياڻي هئي… معصوم هئي، هڪ
بيگناهه جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي… اوهان
دشمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ هُن کي ڍال بڻايو… ظالم…
تنهنجي تاڙ ۾ هيس مان… اڄ نه ويندين… هن قبرستان م
اڄ تنهنجي قبر به ٺهندي…!!“
”ملوڪَ! بندوق هيٺ ڪر… اڄ مان سچ ٿو ٻڌايان توکي!“
”ڪهڙو سچ.“
”مهران جيئري آهي.“
”ڇا؟“
”ها.“
”ڪوڙ!“
”خدا جو قسم مهران جيئري آهي!!“ سخي بيگ تي خوف
حاوي هو، چيائين ”هيءَ قبر خالي مٽيءَ جو ڍير آهي…
مهران ڳڙهي خيري جي هڪ ڳوٺ ۾ پرڻائي ڏنل آهي…مهران
کي موت جي حوالي ڪرڻ جو ڪم دلاور- منهنجي حوالي
ڪيو هو… ۽ مان رحم کائي کيس آزاد ڪري ڇڏيو هو… مان
سچ ٿو ڳالهايان ملوڪَ… مهران زنده ۽ ٻن ٻارن جي
ماءُ ٿي چُڪي آهي!“
ملوڪَ جي اکين مان ڪِرندڙ ڳوڙها خالي قبر جي مٿان
اچي ڪِريا ۽ هن ڊوڙي وڃي سخي بيگ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. |