سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-3/ 2020ع

باب:

صفحو:17 

صدام جوکيو

مٺا خان جوکيو

 

 

 

همٿ ۽ حوصلو

اَڻ مُندائتي مِينهن جا سنها سنها قطرا مينديءَ سان نڪتل چِٽن وارن هَٿن مٿان ٽِمڻ لڳا هئا، پر مينهن جي ڪڻن جي رفتار ڳوڙهن کان تيز نه هئي. هڪڙو ڦُڙو مينهن جو هٿن تي ڪري، تيسين سَت اَٺ ڳوڙها ڳڙيو وڃن. اِهي مينديءَ سان رنڱيل ڳاڙها هٿڙا، اِهي ننڍڙا نازڪ ۽ ڪچڙا هٿڙا، اُن اُبهم معصوم ڇوڪريءَ جا هُئا، جنهن جا ٻَکَ اڃا ٻالاپڻ جي کيڏ ۽ رونشي مان نڪتا ئي نه هُئا، جيڪا اڃا رشتن جي ٻاڌ وارن اُصولن کان ئي اڻڄاڻ هئي، مڙس، زال، نڪاح، شادي هنن لفظن جي حقيقي معنيٰ مفهوم ۽ مقصد کان گهڻي وانجهيل هئي. سندس وهي ٽاريءَ جي چوٽيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ تازي ٻُور جيان هئي، جنهن اڃا گل، ميوي يا ٻوٽي جي صورت ئي اختيار نه ڪئي هُئي.

جن هٿن ۾ اڃا مٽيءَ جا رانديڪا زور سان پڪڙيل هئا، اُنهن هٿن جي آڱرن کي زور ۽ زبردستيءَ سان سڌو ڪري، رانديڪا ڇڏائي، ڪنهن گهوٽ جي هٿن ۾ ڏنا ويا هئا، جيڪو ڳائي، وڄائي، دُهلن ۽ شرنائن سان محفل مچائي، ناچڻيون نچائي، مٺايون، شربت ۽ ڀت جون ديڳيون ورهائي، شاديءَ جو ڍونگ رچائي، هنن هٿن تي پنهنجو قبضو ڄمائي، پنهنجي حَوس کي پوري ڪرڻ خاطر گهوٽ بڻجي، ڌن، دولت جي ڦاهي وجهي، هن آزاد پکيءَ کي جيڪو دنياداريءَ کان دور پنهنجي همعمر پيارن سان گڏ پيو گهمندو ڦرندو هو، اُن کي مائٽن مٽن ۽ زميندارن جون مضبوط زنجيرون پيرن ۾ وجهي، پنهنجن کان پري ڪري گهر وٺي آيو هو.

پاڻ ته ستاويهن سالن جو هو، پر سهتي اڃا سامائي به نه هئي، غريب ماءُ پيءُ پئسي وارو گهر ڏسي، اِهو سوچي ته وڃي سُک جو ڀورو کائيندي، کيس ننڍي عمر ۾ ئي پَرڻائي ڇڏيو. مائٽن کي ڪهڙي خبر ته حقيقي خوشي ملڪيت ۽ مايا سان نه، پر آزاديءَ سان ملندي آهي.

پهريان ته ساهُرن ۾ سهتيءَ کي ڏاڍيون ڏونگهيون، مصريون ۽ کنڊون کير کارايا ۽ پياريا ويا، هيرن ۽ موتين سان تراشيو ويو، پر ڪجهه وقت گذرڻ بعد کيس گهر جي ڪَمَن ڏانهن راغب ڪيو ويو ۽ هوريان هوريان سڀُ ڪم هن تي ورايو ويو. هونئن به اميراڻي گهر جون مايون ڪم ڪنديون ڪٿي آهن...؟؟ سَسُ ۽ نڻانون کيس نوڪرياڻيءَ جئان هلائڻ لڳيون. سهتيءَ جو مڙس وري به ڪجهه روپئي مان چار آنا قياس وارو هو، سو هن جو خيال رکندو هو.

سهتيءَ جي شاديءَ کي پنڌرهن ڏينهن کن گذريا ته سهتيءَ جي مڙس عُمري جي خيال سان سعودي عرب وڃڻ جي رٿا ڪئي ۽ ڪجهه ئي ڏينهنِ ۾ نڪري پيو.

هن ايئرپورٽ جي ٿورو اوريان ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل تي چانهن پيئڻ جو ارادو ڪيو ۽ هوٽل جي پاسي ۾ هڪ مسجد جي ڀر ۾ پنهنجي ڪار بيهاري اچي ويٺا. سهتيءَ جي مڙس کي ايئرپورٽ تائين موڪلائڻ لاءِ هڪ سؤٽ ٻه دوست ۽ ڊرائيور ساڻ هئا. هيءُ ڪجهه دير ويهي چانهن پيئڻ کان پوءِ موٽي اچي پنهنجي ڪار ۾ ويٺا ۽ ڪار اڃا اسٽارٽ مس ڪيائون ته مٿان کان اهڙي ڦِٽي آئي، اُنهيءَ ساعت اوچتو مسجد ۾ بم ڌماڪو ٿيو ۽ مسجد جي ڀت هنن جي ڪار مٿان ڪري پئي، جنهن سبب هنن جي ڪار چيپجي وئي. کين تڪڙو تڪڙو اسپتال تائين پهچايو ويو، پر ڊاڪٽر به اُنهن کي ئي بچائي سگهندا آهن، جن کي مالڪ حياتي بخشي ۽ سهتيءَ جي مُڙس جي حياتي ايتري ئي هئي. تمام گنڀير زخمي حالت ۾ فقط هڪ سؤٽ زنده بچي سگهيو.

موبائلن جي ذريعي ڳالهه هوا کان به تيز رفتاري سان ڊوڙي اچي سهتيءَ جي ساهرن ۾ پهتي. پوءِ ته بس ڪهرام مچي ويو، رنڀون رڙيون، دانهون، افسوس ۽ اُوڇگارون. سهتي جنهن کي اِهائي خبر نه هئي ته شادي ڇا آهي؟ ان سوال جو جواب به مڪمل طور اڃا نه هو ڳولي لڌو؟ اُها بيواهه جي نئين سوال ۾ سُڪَ ٿي وئي!! وچ آڳر ۾ پَٽُ ئي پَٽ تي پئي ڳوڙها ڳاڙيائين. سَهيلين، ڀينرن ۽ پاڙي وارين جا اُهي ئي پار ”ادي سهتي هيءُ تو سان ڇا ٿيو....؟؟“ ادي ڀينڙي تون ننڍيءَ ۾ ئي بيواهه ٿي وئينءَ!! تنهنجو مڙسڙو توکي اڪيلو ڇڏي ويو.“

سهتيءَ جي مڙس جو لاش ٿلهي تي کٽ تي رکيو هو. پورو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو هو. مائِن ماڻهن جا ميڙ هئا، چار ئي پاسا توبهن ڪبي توبهن جو آواز هو ۽ ائين ئي وقت جنازي کڻڻ جو آيو، سهتيءَ جو مڙس مقام طرف کڄي ويو، پويان مائن جا ڪوڪٽ، رڙيون هيون، ڪجهه ئي وقت کان پوءِ ڪانڌي موٽي آيا، سهتيءَ جي سَسُ سهتيءَ کي ميندي لڳل ۽ ٻانهن ۾ چوڙا پاتل ۽ رنگين ڪپڙا پاتل ڏٺا، سو وچ مائِن ۾ پَٽِ تي ويٺل سهتيءَ کي وڏي واڪي چيائين ”منهنجو پُٽُ مري ويو ۽ تون اڃان تائين ٺهي ٺُڪي، سنبري سهي وچ مائِن ۾ ويٺي آهين. ڪو شرم حياءُ مائٽن سيکاريو اٿئي يا نه؟؟

سونهن ڀريل سنهڙين اَڇڙين ٻانهن مان مهڪندڙ چوڙيون لاٿيون ويون، ڪَنن مان ٽاريءَ ۾ لڙڪندڙ گلاب جئان پيل والا لاٿا ويا، سِپَ ۾ پيل ڪنهن موتيءَ جيان نڪ ۾ چمڪندڙ ڪوڪو لاٿو ويو، پرهه جي پهرين روشنيءَ جهڙي روشن ڀوريءَ ڳچيءَ تان هيرن موتين جو ٺهيل هار، ڇڪي پٽي لاٿو ويو، نديءَ جي ڪناري تي سياري جي ٿڌي هوا ۾ جهومندڙ سچن سَرن جهڙن وارن مان سڳيون لاٿيون ويون، پر پوءِ به سهتيءَ جي ڇڄندڙ ڇاتيءَ ۾ ٽپڪا کائيندڙ دل، کيس اجازت نه ڏني ته هوءَ ڪجهه ڪُڇي، چُپ چاپ هر ڳالهه تي راضي ڪنڌڙو هيٺ ڪيو ويٺي هئي. اُهو ٿرٿلي ۽ زلزلي جو ڏينهن گذري ويو.

ٻئي ڏينهن سهتيءَ جي ماءُ هن لاءِ کير جو وٽو ۽ ماني کڻي آئي ۽ کيس اچي چيائين ”سهتي تو ڪلهه کان ڪجهه به ناهي کاڌو، اچي هن کير مان ٻه ڍُڪ ڀري مانيءَ جو ڀورو کاءُ.“

سهتيءَ اڃان لرزجندڙ اُڃايل خشڪ چَپَ کير جي ويجهو ڪيا ته سندس سَس پري کان رڙ ڪئي ”اڙي مُيس، منهنجو لکن جو مير شهزادو پُٽ مري ويو آهي ۽ هتي سندس زال کير پَئي پِئي، ڪڍوس منهنجي گهر مان، ندوري ڏائڻ منهنجي گلاب جي گل جهڙي پُٽ کي ڳهي وئي.“

سهتيءَ وٽي کي اڳيان هٿڙو ڏئي پوئتي هٽايو ۽ ماءُ کي چيائين ”امان مون کي بُک ڪانهي، تون پريشان نه ٿيءُ قسمت جو لکيو ڀوڳڻو ته پوندو.“

ٽي ڏينهن پٿر جا سهتيءَ لِڪي ڇُپي پاروٿا ساروٿا مانيءَ جا ڀورا کائي وقت گذاريو، صُبح جو پٿر کنيو ويو ته سندس ماءُ کيس چيو، ”سهتي توکي عدتُ ڪرڻو پوندو؟“

سهتي ”امان عدت ڇا هوندو آهي؟“

اِهو سوال ٻڌي ماڻس جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا، جنهن نينگريءَ کي اڃا رانديڪا هٿن ۾ هُئڻ گهرجن، اُن کي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي ويا....!!

ماڻس جواب ڏنس ”امان سهتي جنهن جو مڙس گذاري ويندو آهي، اُن کي چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن هڪ ئي گهر ۾ بنا ڪنهن هار سينگار ڪرڻ جي، سادن سودن ڪپڙن ۾ پيري اُگهاڙي گذارڻو پوندو آهي.“

سهتي ”پوءِ امان مان ته ننڍڙي آهيان، مون کي به ائين ڪرڻو پوندو.“

ماڻس ”ها اَمان ائين ڪرڻ سان مڙس کي قبر ۾ سولائي ٿيندي آهي.“

سهتي ”پوءِ اَمان جيڪڏهن مان مري وڃان هان ته پوءِ منهنجو مڙس به منهنجي لاءِ ائين ڪري ها...؟

ماڻس کيس ڇِڀيندي چيو ”اِهي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڇڏ، سڀني کي ائين ڪرڻو پئي ٿو. سهتي وئي ته زهر سان ڀرجي، پر فيصلو اِهو ئي هو، کيس عدت ڪرڻو پيو. عدت دوران ويچاري اَڪيلي پريشان صدمن ۾ پئي سيڪ کائيندي هئي. سندس لُڇڻ پُڇڻ ۽ تَڙپڻ جو ساهُرَن تي ڪو به فرق نه هو پوندو. اُهي هن کي ندوري، چنڊي ۽ ڏائڻ جهڙن نالن سان سڏيندا هئا. سندس ڪجهه سهيليون ۽ ڀينرون ساڻس ملڻ اينديون هيون ته جيئن کيس مڙس جي حادثي واري سوچ کان پري رکي سگهن، پر هڪ ڏينهن پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي سهتيءَ کان ٽهڪ نڪري ويو، سندس هڪ نڻان اُهو ٻڌي ورتو، پوءِ ته باهه ٻاري ڇڏيائين، سهتيءَ جي سهيلين ۽ کي به گهڻو ڪجهه ڳالهايائين. ڀلا پرائي گهر ۾ اُهي ڇا ڪن؟ چُپ چاپ هليون ويون پوءِ اُنهن اچڻ وڃڻ به ڇڏي ڏنو.

سهتي تئيءَ ۾ تيز تَتَل تيل ۾ ٽڙڪندڙ جليبيءَ جيان وڪوڙجي، ويڙهجي سَڙندي ۽ ڳرندي، اُهي عدت وارا چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن گذاريا. عدت ختم ٿيڻ سان سندس سَسُ ۽ ڏيرن جا مهڻا زور وٺي ويا، ڳالهه ڳالهه تي ٽوڪڻ، تُهمَتون لڳائڻ، ڇڙٻون ڏيڻ، طعنا، مهڻا سهتيءَ جو اُن گهر ۾ گذارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. ساهُرن ۾ سَڄو گهر هن کي مڙس جي مرڻ جو ذميوار سمجهندو هو....

هڪ ڏينهن ننڍي نڻان کيس ڪا ڇِڙِٻَ ڏني ۽ سهتيءَ سَهپ، تحمل ۽ وڏ گُردائي جي پڪڙ مان پير ڇڏائي تيز آواز ۾ ڳالهايو ۽ چيائين ”بس گهڻو ٿيو مون کان جيترو ٿي سگهيو مون برداشت ڪيو، مان عزرائيل ناهيان جو توهان جي ڀاءُ جو ساهه ورتو اَٿم...! نه ئي مان سندس حياتي طئه ڪئي هئي.! اهو اُهو سڏ آهي، جنهن کي نه منهنجي ڏهڪار واري پئسي تي ٻَرُ رکڻ واري سَسُ ٿي هٽائي سگهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو...!! توهان کي اُن پُٽ جو فڪر آهي...! جيڪو هِن دوزخي دنيا مان آزاد ٿي ويو ۽ منهنجو هن گهر ۾ ڪو قدر ئي ناهي.“

سهتيءَ جي ائين چوڻ جي دير هُئي، ساهُرا ته اِن موقعي جي انتظار ۾ هئا، اوڏي مهل ئي پيرين اُگهاڙي  کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيائون....

سهتي ٿيڙ ٿاٻا کائيندي، اُنهن گهٽين مان اچي گُذري، جتي ڪجهه مهينا اڳ ۾ هڪ جيڏين سان گڏ پئي گهمندي ۽ ٽُپ ڏيندي هئي. ڪيتري عرصي کان پوءِ وري اُهي گسَ گهٽيون ۽ چارا ڏسي اکين ۾ لُڙڪ لڙي پيس. اُهي ڪچيون ڀتيون جن تي ٽيڏيون سيڏيون ڪارن اڱرن سان شڪليون ٺاهيون هئائين، گِهٽين جون اُهي ڪُنڊون جتي لِڪَ لڪوٽيءَ ۾ سهيلين کان لِڪي ويهندي هئي. اُهي ڳوٺ جون کڏن کُٻن ۽ دڙن جتي ڌوڙ ئي ڌوڙ ۾ مٽيءَ ۾ ڀريل هٿن ۽ پيرن سان پئي سڄو ڏينهن کيڏيندي هئي. دل ۾ اُڌما ٿي آيس ته اُنهن سڀني گهٽين رستن ۽ پَٽن کي ڀاڪر پائي پنهنجي ڏک ۽ درد جي ڪهاڻي ٻڌائي. انهن رستن کي لتاڙيندي، اوسا پاسا تڪيندي، هوڏانهن نهاريندي، اچي ماءُ پيءُ جي گهر پهتي.

گهر ۾ هن کي ڏسي سڀئي پريشان ٿي ويا، ماءُ ۽ ننڍيون ڀينرون کيس چنبڙي ويون ۽ زور سان روئڻ لڳيون، سهتيءَ به اندر ۾ جهلي رکيل ڳوڙهن جي سمنڊ جا در کوليا ۽ ماءُ کي روئيندي چيائين
”امان مون کي ڇو پاڻ کان پري ڪري ڌارين ۾ اُڇليو هوئي....؟ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو...“ ٿوري گهڻي رُکي سُکي ڀوري ۾ راضي هوندي هئس، مون ته ڪڏهن ڪو انگل ڪونه ڪيو هو، منهنجي قسمت ۾ هي داغ ڇو لڳو....؟ امان هن کان سُٺو هو مونکي ماري ڇڏيو ها.....!

ماڻس ۽ ڀينرن به تمام گهڻو رُنو ۽ پوءِ جڏهن هن کان گهر موٽي اچڻ جو سبب پڇيائون، هن سڄي حقيقت جيڪا ساهُرن ۾ ٿي گذري، اُن جو احوال گهر ڀاتين کي ٻڌايو. وڏي ڀاءُ ڀاڄائي توڙي پيءُ هن تي ڪاوڙ ڪئي، پر ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن پوءِ به هن کي سهارو ڏنو. پويان ساهُرن وري اها ڳالهه هُلائي ڇڏي ته سهتي مڙس سان هر وقت جهيڙو لائيندي ۽ گهوپيهه ڪندي هئي ۽ مڙس کي پٽيندي هئي، اُن جي ڪري ئي سندس مڙس مري ويو هو ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان به ٺهيل هئي، ان جي ڪري دعائون پئي گهُريائين ته مُڙس مان جان ڇُٽي ته گهر ڀَڄان ۽ اُنهيءَ ماڻهو سان وڃين آزاديءَ ملهايان، هتان ڀڄي وئي آهي.....

پوءِ ته هر ماڻهو سهتيءَ کان نفرت ڪرڻ لڳو هو. ڪجهه ڏينهنِ گذرڻ بعد سهتيءَ جي پيءُ کي سڀني گڏجي سَهتيءَ جي ساهُرن ۾ موڪليو ته سندس مُڙس سُٺو ڀلو زميندار هو. سهتيءَ جو به اُن گهر، مال ملڪيت ۾ حصو آهي. اُهو حق ته سهتيءَ کي ڏين ۽ پوءِ اهڙو خيال کڻي سندس پيءُ سهتيءَ جي ساهُرن ۾ ويو. اتي ٿوري گهڻي سلام دعا کان پوءِ هن ٻانهون ٻڌي پنهنجي ڌيءُ جي لاءِ ڪجهه خرچ گهريو، پر هوو سمجهندا ئي سهتيءَ کي مڙس جو قاتل هئا، سو هِن کي رهندو گهٽ وڌ ڳالهائي خالي هٿين  موٽائي ڇڏيائون. هِن گهر اچي سڄي ڳالهه ٻُڌائي، اِتي سهتيءَ جي وڏي ڀاءُ چيو ”پوءِ هاڻي ڪير کارائيندو هن آفت کي...؟ اسان کان ته پنهنجا ٻچا به ڪون ٿا تاتيا ٿين؟ نه اَبو هاڻي ڪمائڻ جهڙو نه ننڍا ڀائر؟“

مٿان سهتيءَ جي ڀاڄائيءَ چيو ”هن بيواهه سان ته هاڻي ڪير شادي  به نه ڪندو، ڀلا بيواهه سان ڪير ڪندو شادي...؟ سا به اهڙي نڀاڳي جو ٻه به هفتا ڪون گذريا ته مڙس جو ساهه کنيائين.“

وڏو ڀاءُ ائين چئي ”بس اسان جي ئي قسمت ڦٽل هئي“ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ سندس زال به مُنهن خراب ڪري لڳي مڙس جي پُٺيان.

سهتيءَ لاءِ هاڻي ته ماءُ پيءُ جو گهر به عذاب بڻجي چڪو هو. وڃي شادي مُرادي تي ته به مايون چونس ”هيءَ ته بي شرم ڏسو ڪلهه مڙس مُئو اٿس ۽ اک ۾ ڪڪر به ڪونيهس، بيواهه هوندي به ڪنوارين جهڙا هار سينگار ڪري اچي بيٺي آهي.“

جنهن مائيءَ سان گهٽيءَ پاند گڏ بيهي، اُها هِن کان پري ٿي وڃي، هرڪو کيس حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳو هو....!! ندوري، چنڊي، مَنحوس، بدبخت، ڪم بخت، نڀاڳي انهن لفظن سان ماڻهو هن سان مخاطب ٿيندا هئا، هرهنڌ هر جاءِ کيس طعنا تنڪا ۽ اوڀالا ملن،  سهيلين کي به مائٽن جهليو ته هن کان پري رهجو، آخر بيواهه جو ڏوهه ڪهڙو....؟

سهتي ته اڃا معصوم هُئي، هيءَ سُهڻي، ستابي خوبصورت، ننڍي نئين، جوڀن ڀري ڦوهه جواني، هن بلوغت جي ڄمار ۾ ته قدم ئي هاڻي رکيو هو. سهتيءَ ۾ اهڙو ڪهڙو عيب اچي ويو هو جو، ڪير هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو....؟ اڪثر اهڙي حالتن ۾ عورت پاڻ هارائي خودڪشي ڪري ڇڏيندي آهي، پر سهتيءَ هڪ نئون قدم کنيو، هن مائٽن کان زوريءَ اِجازت وٺي، ڳوٺ کان چار پنج ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هڪ شهر ۾ هڪ وڏي ڊاڪٽر جي گهر ۾ وڃي نوڪرياڻيءَ جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شام جو اَڪيلي اَڪيلي ڪم ڪار ڪري ڪِرائي جي گاڏيءَ ۾ گهر موٽي ايندي هئي. اهڙي طرح هيءَ پنهنجن پيرن تي پاڻ اُٿي بيٺي. ماڻهن جون ڳالهيون هڪ ڪن کان ٻُڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندي هئي. ڊاڪٽر جي گهر واري به خود ڊاڪٽرياڻي هئي، جيڪا مائِن جو ويم ڪرائڻ ۾ ماهر هئي، پر عمر جي وڏي هئڻ سبب گهڻي محنت ڪان پُڄندي هئس ۽ ڊليوريءَ جا ڪيس هر روز ڌڙا ڌڙ ايندا رهندا هئس. ڊاڪٽرياڻي ويم دوران سَهتيءَ کان مدد وٺڻ شروع ڪئي ۽ سهتي همٿ ڪري آهستي آهستي اُهو ڪم سکي ورتو ۽ ميڊم جي نالي پويان ڪم سڀ هيءَ ڪرڻ لڳي هئي.

وقت جي رفتار ڊاڪٽر جي زال کي صفا پوڙهائپ ڏانهن ڌڪيلي ڇڏيو، منجهس هاڻي ايتري به همت نه هئي، جو ڪنهن سان ڪو وهنوار (Deal) ڪري سگهي. انڪري مُڪمل ڪم سهتي ڪرڻ لڳي. هاڻي ته نالو به سهتيءَ جو نڪرڻ لڳو هو. ڏسندي ڏسندي سهتي اُن ڪم ۾ ايتري ماهر ٿي وئي جو تمام وڏن ڊاڪٽرياڻين وٽان واپس ٿيل ڪيس به حل ڪري وٺندي هُئي. جڏهن ته سهتي پڙهيل به نه هُئي، پر هڪ طرفي محنتي دماغ، توجهه ۽ تجربي جي ڪري، هيءَ ڪامل فن ٿي وئي. اهڙي طرح تمام گهڻا پئسا به ڪمائڻ لڳي هئي.

شهر ۾ پلاٽ وٺي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کان علاوه پنهنجي پوري گهر کي شهر ۾ شِفِٽ ڪري ڇڏيو هئائين. ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي سهتيءَ جي مائٽن کان اجازت وٺي سندس شادي به هڪ نوجوان سان ڪرائي ڇڏي ۽ سهتيءَ جي زندگي وري واپس جواني جي ڀرپور رنگت ۾ رنگجي وئي...! 

حقيقت جي ڳولا:

اهو قرآن پاڪ ئي آهي جنهن انسانذات جو ڌيان فطرت جي حقيقتن، انساني ذهن ۽ انساني تاريخ ڏانهن ڇڪيو. قرآن پنهنجي معتقدن تي اهو زور ڀريو ته دنيا جو مشاهدو ڪريو ۽ تجربا ڪريو، ان لاءِ سفر ڪريو ته جيئن ابتدائي آفرينش بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو. ٻين لفظن ۾ قرآن تجرباتي سائنس جي پُڙ کي وڌيڪ ڀاري ڪري ڇڏيو ۽ پيغمر اسلام پنهنجن پوئلڳن کي واضح لفظن ۾ ٻڌايو ته هو خدا جي حقيقت بابت اجايا خيال ڇڏي سندس تخليقن ڏانهن ڌيان ڏين. انهن هدايتن تي عمل ڪندي مسلمان حقيقت جي ڳولا ۽ جستجو ۾ لڳي ويا، تنهنڪري اهو نهايت اتساهه وچان طب، نباتيات، حياتيات، فلڪيات ۽ ڪيميا جي مطالعي ۾ جنبي ويا. هنن نهايت ڌيرج ۽ مذهبي جذبي سان فطرت جي هر پهلوءَ بابت حقيقتن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح فطرت جو سائنسي مطالعو مذهب جو نه رڳو حصو ٿي ويو، بلڪ ائين کڻي چئجي، ته اهو جذبو مذهب جي روح واري صورت اختيار ڪري ويو.

يورپ گذريل ٽن صدين جي عرصي ۾  مسلمانن جي انهيءَ ساڳي روايت کي پاڻ وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان جاري رکيو. زندگيءَ جي علمي ضرورتن مٿان سائنس جي اطلاق انسان کي هڪ طرف فلسفيانه سوچ لاءِ وڏو مواد مهيا ڪيو، ته ٻئي طرف زندگيءَ لاءِ وسيع سهوليتون پيدا ڪري ڏنيون پر بدقسمتيءَ سان جنهن رفتار سان تجزياتي ۽ حقيقتن کي جمع ڪرڻ جو ڪم بغير ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهيو، ان رفتار سان انهن جي ترتيب ۽ تدوين لاءِ ساڳئي پيماني تي ڪوششون ڪونه ٿيون. نتيجو اهو نڪتو جو علم جي هر شاخ هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي وئي، ۽ اهڙيءَ طرح انساني ذهن جو تجزياتي پهلو ترتيب واري پهلوءَ کي نظرانداز ڪري گهڻو اڳتي وڌي ويو.

علامھ آءِ.آءِ قاضي

ڪتاب ’صوفي لاڪوفي‘ مرتب: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ص 34 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org