سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:8

اشتياق انصاري

 

 

 

 

 شاهه بهارو

چانڊڪا پرڳڻي جو ناظم اعليٰ

سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي جي ابتدا، سترهين صدي ڌاري ٿي. شروعات ۾ هُو پاڻ سان لٺ باٺا کڻي اچڻ بجاءِ، پيري فقيري جو جُبو پائي، هٿ ۾ تسبيح کڻي آيا. ڪلهوڙا پوءِ آهستي آهستي تسبيح ۽ تلوار جي زور تي، پيرن ۽ فقيرن مان زميندار، جاگيردار آخر ۾ هتان جا حاڪم بڻجي ويا.

ڪلهوڙن پنهنجي حاڪميت جو آغاز سَري واري علائقي مان ڪيو. سنڌ جي اُترين پاسي کي سَرو چيو ويندو آهي. جنهن ۾ لاڙڪاڻو به شامل آهي، ڪلهوڙن جو ناميارو حاڪم، ميان نورمحمد ڪلهوڙو به لاڙڪاڻي مان اُسريو ۽ نسريو. هن سنڌ تي پنجٽيهه سال حڪومت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته ميان نور محمد ڪلهوڙو پنهنجي دور جو سٺو سپهه سالار، سياستدان ۽ اعليٰ منتظم هو. هن جي خاص خوبي اها هئي ته هن وٽ بهادرن ۽ جنگي جوڌن جو هڪ دستو هوندو هو. هُو پاڻ به مغلن طرفان ”ثابت جنگ“ جو پنج هزاري عهدو رکندو هو. سندس ٻيا سپهه سالار به وڏا ويڙها هئا. هن جي فوج ۾ سماٽ ۽ بلوچ سپاهي شامل هئا. هن جي لشڪر ۾ جنگي جوڌن ۾ هڪ شاهه بهارو به شامل هو. سنڌ ۾ شاهه بهاري لاءِ سندس فوجي صلاحيتن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي طلسماتي ڳالهيون مشهور آهن. اچو ته سڀ کان پهريائين شاهه بهاري جي خاندان ۽ سندس ذاتي زندگيءَ تي هڪ نظر وجهون.

شاهه بهارو 5 ذي القعد 1076هه/ 21 نومبر 1665ع ۾ دادو ضلعي جي ”بوبڪ“ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. شاهه بهاري جا وڏا اصل ۾ ڏکڻ پنجاب ۾ رهندا هئا ۽ هُو سرائيڪي زبان ڳالهائيندڙ هئا. ميان آدم شاهه جڏهن سَري طرف ويو هو ته اتان جا ڪيترائي ماڻهو پنهنجي روحاني راحت لاءِ مهدوي طريقي طرف مائل ٿيا. ميان صاحب جڏهن بکر ڇڏي چانڊڪي پرڳڻي ۾ اَچي ديرو لاٿو ته انهن مان ڪجهه خاندان ساڻس گڏ لڏي آيا. جن ۾ ”جنجهڻ“ قبيلو به شامل هو. ڪي جنجهڻ پاڻ کي ”شاهاڻي“ به سڏائن ٿا. بهرحال ڪلهوڙن جي اڳتي هلي جڏهن ميان شاهل محمد جي زماني ۾ اَبڙن ۽ سانگي زميندارن سان اڻبڻت ٿي. تڏهن ميان شاهل محمد ڏوڪري مان تڏو پٽي، لاڙڪاڻي شهر کان ڪجهه فاصلي تي قنبر تعلقي ۾ اچي خيما کوڙيا. ميان صاحب اتي پراڻي اَبڙي واهه مان کڻايل گهاڙ واهه تان پنهنجي مريدن کان زرعي زمين کيڙائڻ شروع ڪئي. تڏهن شاهه بهاري جي وڏڙن ٻين خاندانن سان گڏ هاڻوڪي تعلقي قنبر ۾ رهائش ڪري اتي پوکي راهي ڪرڻ لڳا. ان وقت شاهه بهاري جو پيءُ ڪلهوڙن جو شاهي ايلچي ۽ معتقد هو. سندس ڪم هئا هارين تي نظر رکڻ، ڍلن جي اُڳاڙي ڪرڻ، ٻين زميندارن ۽ سردارن ڏانهن ايلچي طور ڪلهوڙا بزرگن جو پيغام کڻي وڃڻ وغيره. شاهه بهاري جو پيءُ غلام حيدر جنجهڻ، ميان شاهل محمد جو نهايت ڀروسي جوڳو ۽ وفادار ايلچي هو. ميان صاحب کيس ڏاڍو ڀائيندو هو. اڄ به تعلقي قنبر ۾ ان نسبت سان يونين ڪائونسل جيئڻ اَبڙي ۾ ”ايلچي“ ديهه موجود آهي. جيڪا تعلقي لاڙڪاڻي سان لڳ آهي. ان جي آبادي گهاڙ واهه تان ٿئي ٿي. ان کانسواءِ، لاڙڪاڻي ۽ قنبر تعلقن ۾ ”جنجهڻ“ ۽ ”جنهه“ قبيلن جا آباد ڪيل قديمي ڳوٺ اڃا تائين انهي قبيلي جي ماڻهن سان ڀريل آهن. دراصل ”جنجهه“ ۽ ”جنجهڻ“ هڪ ئي ذات جا ٻه سلسلا آهن. جيڪي سنڌ ۾ گهڻي عرصي کان مقيم آهن. هن قبيلي جي مادري ٻولي سرائڪي آهي. سندن اوائلي آبادڪاري به چانڊڪي پرڳڻي ۾ ٿي آهي. اڄ به قنبر ۽ لاڙڪاڻي تعلقن ۾ رهندڙ جنجهه ۽ جنجهڻ پاڻ کي ”شاهه بهاري“ جي نالي پٺيان عقيدت ۽ احترام طور ”شاهاڻي“ سڏائين ٿا.(1)

ڪن محققن جا شاهه بهاري جي ذات ۽ اَوائلي آبادڪاري تي اختلاف آهي. سندن راءِ موجب، شاهه بهاري جا وڏا اصل تعلقي جوهي جا رهاڪو ۽ ذات جا شاهاڻي هئا. جي پوءِ جنجهڻ يا جنجهه ٿيا. شاهاڻي گهراڻي بابت پروفيسر ڦيرواڻي شيوارام نرسنگهه داس لکي ٿو ته:

”پروفيسر ڀيرومل (مهرچند) وٽان معلوم ٿيو اٿم ته حيدرآباد ۾ جيڪي هاڪارن عالمن جون آڪهيون آهن. تن مان شاهاڻي جي آڪهه به آهي. سنڌ جون گهڻو ڪري آڪهيون پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏجن ٿيون. پر هن آڪهه جي حالت ۾ ائين نه آهي. ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ شاهه بهارو چانڊڪي پرڳڻي (ضلعي لاڙڪاڻي) جو حاڪم هو. جنهن جي تربت لاڙڪاڻي ۾ آهي. جيڪي ديوان وٽس نوڪري ڪندا هئا. سي سندس نالي پٺيان پاڻ کي ”شهاڻي“ يا ”شاهاڻي“ سڏائڻ لڳا. انهن ديوانن مان ڪي حيدرآباد آيا ته ڪي اصل لاءِ لاڙڪاڻي طرف رهيا. جنهنڪري شاهاڻي ٻنهي طرف موجود آهن. تنهن کانسواءِ شاهه بهاري ۽ سندس عملي کي جيڪي مودي، سيڌو پاڌو پهچائيندا هئا سي به پاڻ کي ”شاهاڻي“ سڏائڻ لڳا ۽ انهن جي اولاد مان ڪي به اڄ تائين ساهتي پرڳڻي، خاص ڪري ٺارو شاهه ۾ آهن. حيدرآباد ۾ شاهاڻين جا ڪيترا گهر آهن. پر سڀني ۾ ٻن گهرن جو نالو برک آهي. هڪڙو منشي گدومل جي آڪهه جو. اهي ٻئي گهر ٻين ڪيترن عالمن جيان گرو جا سک هئا ۽ اصل ڪيس (وڏا وار) رکيل هئن، پر منشي گدومل جي آڪهه جو اُڏيرو لعل ۾ يقين هو. اڳتي هلي منشن جو عهدو ديوانن کان به وڏو هوندو هو. ديوان هوندا هئا ۽ ڍلون اُڳاڙيندڙن جا عملدار ۽ منشي هوندا هئا. وزيرن وانگر هرهڪ ضروري ڪم ۾ ميرن کي صلاح مصلحت ڏيندڙ عملدار(2) قنبر تعلقي جي ڪن ڳوٺن ۾ رهندڙ وڏڙن وٽ اوائلي شجرو موجود آهي. جنهن ۾ شاهه بهاري جي وڏن کان وٺي هاڻوڪي دور تائين سندن خاندانن جي فردن جا نالا ڄاڻايل آهن ۽ هو پاڻ کي شاهه بهاري جي نالي پٺيان ”شاهاڻي“ سڏائين ٿا، پر سندن قبيلو ”جنجهڻ“ ۽ ”جنجهه“ نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. سندن ڳوٺ به ”جنجهه“ ۽ جنجهڻ جي نالي سان ٻڌل آهن. جي اڄ تائين انهن نالن پٺيان سڃاتا وڃن ٿا. دادوءَ جي ڪاڇي ۾ به شاهاڻي رهن ٿا، پر انهن جي وڏڙن جي دعوا آهي ته هو ڌار هڪ بلوچ قبيلي سان واسطو رکن ٿا(3)

شاهه بهاري جي زندگي جو احوال

جيئن ته ڪيترن تاريخن ۾ اهو ذڪر آهي، شاهه بهارو جو پيءُ غلام حيدر، ڪلهوڙن جي وفادار ملازمن ۾ شامل ٿيندو هو. غلام حيدر خاص ڪري شاهل محمد جو خاص ايلچي هو. ڏٺو وڃي ته ميان آدم شاهه جي شهادت کان پوءِ ميان دائود ۽ ميان الياس پنهنجو وقت پُرامن طريقي سان گذاريو. زمينون وڌايون، مريدن جو تعداد وڌيو. بکر جي عملدارن کي شڪايت جو موقعو نه مليو ليڪن ميان شاهه علي جي دور ۾ حالتن ۾ وري تبديلي ظاهر ٿي ۽ معاملو خون خرابي تائين پهچي ويو(4).

جيئن هيگ لکي ٿو ته:

”ڪلهوڙا عام طرح جارح هئا، پر زمين جي آبادي لاءِ سخت محنت ڪندا هئا. گهاڙ واهه کوٽائي چانڊڪي کي جنت بنايائون. ان طرح ثابت ڪيائون ته اهڙين حاصل ڪيل زمينن جي قبضي جو کين پورو پورو حق هو. ليڪن هي ڳالهه مقامي جاگيردارن کي پسند نه هئي. ان طرح اهي وڃي ملتان ۽ بکر  پهچندا هئا. فوجي چڙهايون ڪلهوڙن کي ڀڄائينديون هيون. اهڙين لڙائين ۾ شاهه علي مارجي ويو. ليڪن جيئن فوجون واپس ٿينديون هيون، تيئن ڪلهوڙا وري پنهنجن ماڳن تي پهچي ويندا هئا.(5)

اڄ به اهو دستور آهي ته جڏهن به ڪو حڪمران تَر جي ماڻهن تي ڏاڍ ڪندو آهي انهن جي مال ملڪيت تي قبضا ڪندو آهي ته ماڻهو ان کي سٺي نظر سان نه ڏسندا آهن. ساڳي وقت ان جا ساٿاري ۽ ايلچي به عام ماڻهو ۾ مقبوليت ماڻي نه سگهندا آهن. اهڙي طرح ٿي سگهي ٿو شاهه بهاري جي پيءُ غلام حيدر به هتان جي اَبڙن، سانگين، پنهورن کي تنگ ڪرڻ ۾ شال محمد جو ساٿاري هجي.

شاهه بهاري جي پيءُ غلام حيدر کان پوءِ غلام حيدر جو وڏو پٽ مقصودو فقير به ڪلهوڙن جو خاص خدمت گار ٿي رهيو آهي. ڪلهوڙن جي خاص خدمتگارن ۽ اَميرن ۽ عملدارن لاءِ غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ”ڪنهن به حڪومت يا رياست جي بقا، استحڪام ۽ جٽاءَ جو گهڻو مدار، اتان جي سول توڙي فوجي عملي تي مدار رکي ٿو. حڪومتن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ، سڄي جو سڄو اُتي جي انتظام هلائيندڙن جي ڪارڪردگي تي منحصر آهي. سٺي حڪومت يا خراب حڪمراني وڏي حد تائين سول ۽ فوجي بيوروڪريسيءَ جي عملن تي مدار رکي ٿي. جيسين اَمير ۽ عملدار ٺيڪ هئا. ڪلهوڙن جي حڪومت به مضبوط ۽ وڌندڙ هئي. جڏهن اَمير اَمراءِ ۽ وقت جا عملدار پاڻ ۾ وڙهيا ته هن خاندانن جي حڪومت کي ڊهندي گهڻي دير نه ٿي.“(6)

اسان کي ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جي ابتدائي دور جي جن امير ۽ عملدارن جو ذڪر ملي ٿو ته ان ۾ غلام حيدر جنجهڻ جو پٽ ۽ شاهه بهارو جي وڏي ڀاءُ مقصودو فقير جو ذڪر به ملي ٿو.(7)

ميان نصير محمد کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان دين محمد پيري مرشدي جي مسند ۽ حڪومت جي گادي تي ويٺو. ميان دين محمد جو مرڪز ”ڳاڙهي“ رهندو آيو. هن جي دور ۾ ڪلهوڙن پنهنجي حڪومت ۽ اختيار کي اڃا به وسعت ڏني. ميان دين محمد جي دور ۾ ڀرپاسي ۾ موجود ڪلهوڙن جي مخالف قوتن وري ڪر کنيون. ڌرين جي وچ ۾ زبردست معرڪا ٿيندا رهيا. ليڪن ڪاميابي ڪلهوڙن کي ٿيندي آئي. مير علي شير قانع لکي ٿو.

”شهر ’فتحپور‘ اصل ۾ مير پنهوار جو هو ۽ هاڻي ڪلهوڙن جي قبضي ۾ هو. مير، ان جي حاصلات لاءِ بادشاهه جي حضور ۾ دانهين ويو. مرزا خان پنيءَ کي سندس مدد ۾ موڪليو ويو، پر ناڪام ٿيو. ان بعد امير شيخ جهان آيو. فيروز ويرڙ ديري قلعي مان نڪتو ۽ ڳيريلي وٽ دوبدو ٿيا. ٻئي طرف ڳاڙهي مان لشڪر پهتو، ٻنهي لشڪرن، امير سان جنگ ڪئي. جنهن ۾ امير مارجي ويو، بکر جي حاڪم الهه يار خان ڀڄي جند ڇڏائي، قنبر خان بروهي ۽ ڪلهوڙن جي ميرن شاهه ۾ لڙائي ٿي. ليڪن بروهي بيوس ٿي جان ڇڏائي. پنهورن مجبور ٿي ڪلهوڙن جي اطاعت ڪئي. سبي ۽ شڪارپور جي حاڪم (پني پٺاڻ) سان ڪلهوڙن جا تڪرار جاري رهيا ”شاهزادي محمد معز الدين (پنهنجي سر) لاهور کان سنڌ رخ ڪيو. ميان دين محمد ڪلهوڙي هيءَ خبر ٻڌي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد ڪلهوڙي کي کمل ۽ قاسم وڪيلن سان گڏي بکر موڪليو جن شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿي هن کي پاڻ کان راضي ڪري شهزادو موٽي ويو.“(7)

تحفة الڪرام ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ”پر سرائين جي نصيب ۾ جو مصيبت لکيل هئي. سو بهار شاهه (شاهه بهاري) جي وڏي ڀاءُ مقصودي کي ناداني کان اچي ڪڏ کنيون ته شاهزادو اسان جي طاقت ڏسڻ کان سواءِ موٽيو ٿو وڃي هڪ دفعو کيس طاقت ڏيکارڻ گهرجي. تنهن تي پنهنجي سردار کي صلاح ڏيڻ کانسواءِ، زبردست فوج سان سوار ٿي وڃي ماٿيلي ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي ڦر (ڪيائين) ۽ اُچ جي رهاڪن جو ڪوس (پڻ) ڪيائين. جيئن سمنڊ جوش ۾ ايندو آهي. تيئن نهايت ڪاوڙ ۾ ڀرجي موٽي آيو. ميان دين محمد ڪلهوڙو مصيبت ايندي ڏسي پاسو ڪري ويو ۽ شاهي فوج سيوستان ۾ ويهي گهاري ۽ ان جي (آسپاس وارن) ڳوٺن کي ڦري صاف ڪري ڇڏيو. سيوستان ۾ ڇهه مهينا رهڻ کان پوءِ آخر ميان دين محمد ڪلهوڙي صلح ڪري اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو.“(8)

مقصودو فقير مشهور سپهه سالار شاهه بهارو جو وڏو ڀاءُ هو. تاريخن ۾ آهي ته مغل شهزادي معزالدين جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ته ميان دين محمد جو ڪوبه ان سان جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪونه هو. هن پنهنجي قابل وڪيلن ذريعي شهزادي معزالدين سان ڳالهيون ڪري کيس ملتان واپس وڃڻ تي راضي ڪيو هو، پر مقصودو فقير ڪنهن سان صلاح ثواب بغير صرف پنهنجي طاقت ۽ حيثيت ڏيکارڻ لاءِ اتر سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن تي حملا ڪري انهن کي ناس ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ شهزادو معزالدين ڪاوڙجي ”ميان دين محمد ڪلهوڙي کي پاڻ سان وٺي موٽي ويو ۽ ملتان پهچي کيس حياتي جي قيد مان آزاد ڪيائين مارائي ڇڏيائين.“(9)

بهرحال ڪلهوڙن جي خاص صلاحڪارن غلام حيدر جنجهڻ ۽ سندس پٽ مقصودي کان پوءِ سندن پٽ شاهه بهارو به ڪلهوڙن جي وفادار ملازمن ۾ شامل ٿيو. شاهه بهارو 1665ع ۾ ڄائو هو. اهو دور ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو دور هو. جنهن ۾ ميان وال تحريڪ عروج تي هئي، پر ميان وال تحريڪ جي سپاهين يا سپهه سالارن ۾ ڪٿي به شاهه بهارو جو ذڪر نٿو اچي. حالانڪ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات 1692ع وقت شاهه بهارو 27 سالن جو ٿي چڪو هو، پر هو ڳڀرو جوان هوندي به ان ساري ميان وال هلچل ۾ ڪٿي به نمايان نظر نٿو اچي.

ميان نصير محمد ڪلهوڙي کانپوءِ دين محمد ڪلهوڙو 1692ع کان وٺي 1700ع تائين يعني پورا 8 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. ميان دين محمد جي حڪمراني دوران شاهه بهارو 35 سالن جي عمر ۾ پير پائي چڪو هو. يعني 35 سالن جي عمر تائين هن جنجهڻ نوجوان جو ڪٿي به احوال نٿو ملي. البت سنڌ جون واڳون 1701ع ڌاري جڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي سنڀاليون. ان وقت ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور“ ۾ هن جو ذڪر هن طرح اچي ٿو.

”ڪلهوڙن جي ناليرن جرنيلن مان شاهه بهارو خاص طور تي قابل ذڪر آهي. ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي دور (1700ع-1718ع) کان وٺي، پنهنجي وفات تائين سڀني وڏين لڙاين ۾ اڳڀرو رهيو ۽ زياده لڙاين ۾ سندس بهادريءَ سان ڪاميابيون حاصل ٿيون. هن ڪيترائي قلعا ٺهرايا. هرهنڌ واهه کوٽايا، لاڙڪاڻي علائقي (پرڳڻي) جو ناظم رهيو ۽ پنهنجي انتظامي دور ۾ علائقي کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي. 1148هه/1735ع ۾ فوت ٿيو.“(10)

تاريخ ڪلهوڙا ۾ اهو ذڪر پنهنجي جاءِ تي پر ڏٺو وڃي ته يار محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ جيڪي به مشهور معرڪا ٿيا آهن ان ۾ ڪٿي به شاهه بهارو جو نالو نٿو ملي. ان دور ۾ پنهورن جي سردار قيصر خان پنهور کان، يارمحمد ڪلهوڙي جيڪا ڏنڊن سان وڙهي جنگ کٽي هئي. جنهنڪري يار محمد ڏنڊائي مشهور ٿيو. ان جنگ ۾ يار محمد جي وفادار سپهه سالارن ۾ ميان اُوڍاڻو، ڏونگر مگسي، گاچي شاهه کوسو، شاهه گودڙيو، فقير فتح محمد لاشاري، فقير گلزار علي لنڊ، فقير ڏاتل کهاوڙ، فقير چاڪر خان شاهاڻي، منگو جتوئي، فقير گل محمد، فقير جان محمد ڏاهري، ان کانسواءِ ميان صاحب سان راڄو ليکي، ميوڻ سولنگي، شهداد خان لانگاهه، بهليل شاهه، اهي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي پهرين فتح ۾ شامل هئا.(11)

ان کانسواءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي شاهه عنايت سان وڙهيل جنگ ۾ ٺٽي سرڪار جي مدد لاءِ شهداد فقير لانگاهه، ميان محمد خان ۽ سندس پٽ ميان محمد شفيع جي سربراهي ۾ لشڪر موڪليو.(12) ان لشڪر ۾ به شاهه بهارو جو نالو نظر نٿو اچي. تاريخن ۾ آهي ته ميان يار محمد ڪلهوڙي 18 سال حڪومت ڪري 1718ع ۾ وفات ڪئي. يار محمد جي وفات وقت شاهه بهارو 53 سالن جو ٿي چڪو هو. ان 53 سالن تائين هن جو تاريخ ۾ ڪو نمايان ڪارنامو نه آهي.

”مغل- ڪلهوڙا“ تعلقات:

تاريخ جا ورق ورائيندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙا ڪوشش ڪري مغلن سان پنهنجا تعلقات بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هو مغلن جي اطاعت ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهندا هئا. جيئن مولانا غلام رسول مهر ”تاريخ ڪلهوڙا“ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مغل درٻار ڏي لکيل خط جو متن ڏنو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو.

”ڪير اهڙي نعمتن کان انڪاري ۽ ذهن جو انڌو هوندو، جيڪو پنهنجي جان يا پنهنجن فرزندن جي خاطر فرمانبرداريءَ جا لوازما ۽ مهربانين جا حق وساري ڇڏيندو.“(12a)

مولانا مهر اڳتي به ”گلدسته نورس بهار“ جو حوالي سان ميان يار محمد جي وفاداري جي باري ۾ لکيل خط جو ٽڪرو ڏنو آهي ته:

”منهنجي فرمانبرداري جي ثابت قدمي، جناب عالي تي انهي  ڏينهن ظاهر ٿيندي، جڏهن رڪاب جهلي، جانفشاني ڪندي، قربان ٿي ويندس ۽ منهنجي فرمانبرداري جي پختگي هميشه لاءِ دنيا جي تختي تي نقش رهندي.“(12b)

مغل حڪمران اڪثر ڪلهوڙن کان ملندڙ مال ۾ پنهنجو پاڻ واڌارو ڪري ڇڏيندا هئا. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي لکيل خطن ۾ اهڙا مثال موجود آهن. جيئن هڪ خط ۾ لکي ٿو”سيوستان واري حصي مان جيڪا حاصلات ٿي آهي. ان جي حقيقت اوهان جي اڳيان اچي چڪي هوندي. بلڪ گهڻي قدر ممڪن آهي جو ارمان ٻين ذريعن سان به سڀ ڪجهه ٻڌو هجي. خدا جو قسم، سيوستان جي رقم جنهن ۾ ڪيل اضافي کي منهنجي وڪيل برخردار موٽومل مهتي قبول ڪيو هو. گهٽ حاصل ٿيڻ ڪري، ان کي پورو ڪرڻ به مشڪل آهي. انهي صورتحال جي باوجود مان ادب جي ڪري ڪا ڳالهه زبان تي نٿو آڻيان. بهرصورت، قرض کڻي، رقم باقاعدي ادا ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن هر رقم کان واڌو ٻيو به ڪجهه گهريو وڃي ٿو، ته ان جي ادا ڪرڻ ۾ به ڪوتاهي نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ وصول ٿيندڙ رقم مان ان جو پورائو ڪري نٿو سگهجي، فقط هيءُ خيال رهي ٿو ته جيڪڏهن مون ڪجهه چيو ته ميان نواب صاحب جي دل ۾ انهيءَ مان ميرائي پيدا ٿئي.“(12c)

ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مٿين لکيل خطن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو مغلن جو ايترو ته فرمانبردار هو جو سندن گهوڙن جي رڪاب جهلڻ ۾ به فخر پيو محسوس ڪري. ان کانسواءِ مغلن کي باسيل رقم ان کان به وڌيڪ ڏيندو رهندو هو ايتري قدر جو هڙان وڙان ڏئي به مغلن جي طعبداري ڪندو ٿي آيو.

ميان يار محمد ڪلهوڙي کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان نور محمد ”خدا يار خان“ جي لقب سان پيءُ جو ملڪ قبضي ڪيو. صاحبزادو دائود خان ٽي سال مخالف رهيو. پر پوءِ اچي ڀائپي جو ناتو رکيائين.(13) والد وانگر ميان نورمحمد پڻ تختگاهه ”خدا آباد“ کي قائم رکيو.

نورمحمد جي تخت نشيني مهل روشن اختر محمد شاهه هندستان جو نئون بادشاهه ٿيو. اورنگزيب کان پوءِ هيءُ پهريون مغل بادشاهه هو جنهن هندستان تي طويل عرصو بادشاهي ڪئي. ميان نورمحمد کي ڊگهي مدت تائين، محمد شاهه جي حڪومت ۽ انتظاميه سان منهن ڏيڻو پيو. ميان نورمحمد هڪ خط ذريعي مرڪز کي پنهنجي والد يار محمد جي وفات ۽ پنهنجي مسند نشيني جو اطلاع هن ريت ڏنو.

” پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي فرمانبرداري لاءِ تيار آهي. اطاعت ۽ خداڪاري جا واجبات پورا ڪري رهيو آهي. حڪمن جي تعميل ۾ ڪوشان آهي. سرحدن جي قلعن، سبي، گنجابه ۽ ان کانسواءِ ٻين علائقين ۽ سيوستان جي لڪن جي نگهباني جا فرض ادا ڪري رهيو آهي.“(14)

نور محمد جي ان اطاعت نامي مان ڪٿي به اهو ظاهر نٿو ٿئي ته هن هندستان جي مغل حڪومت سان بغاوت ڪري سنڌ ۾ پنهنجي ڪا الڳ خود مختيار حڪومت قائم ڪئي هئي. نورمحمد پاڻ به پنهنجي وڏڙن جيان مغل درٻار جو فرمانبردار ۽ ڏن ڀرو رهڻ پسند ڪيو. حالانڪ ڪي محقق هروڀرو هن لاءِ لکن ٿا ته هن صرف سنڌ ۾ انهن ڏيهي ماڻهن سان جنگيون ڪيون. جيڪي سنڌ جا غدار ۽ مغلن جا وفادار هئا، پر هن خط مان ته اهو ثابت ٿو ٿئي ته ان وقت نور محمد کان وڌيڪ سنڌ ۾ مغلن جو وفادار ۽ ڏن ڀرو ٻيو ڪونه هو. ان مان لڳي ٿو ته هن ڪلهوڙي حڪمران جون جنگيون به رڳو  ڏيهي ماڻهن ۽ زميندارن جي مال ملڪيت تي قبضي گيري لاءِ هيون. ميان نور محمد جي ان مال ملڪيت ميڙڻ واري مهم ۾ ٿي سگهي ٿو ته اسان جو شاهه بهارو به شامل هجي.

مرزا قليچ بيگ، شاهه بهاري لاءِ ”قديم سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته:

”ڪلهوڙن چانڊڪي ۾ هڪڙو نائب رکيو، جنهن جو نالو شاهه بهارو هو ۽ جنهن جي قبر اڃا اتي آهي. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي انهيءَ پاسي ملڪ وڌايو، تڏهن چانڊڪو يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ۾ اچڻ لڳو. هڪڙو جهونو قلعو به اتي هوندو هو، جو ڪلهوڙن جوڙايو هو... مٿيون شاهه بهارو، ميان نور محمد جو وزير يا نائب هو ۽ ڏهه هزار ماڻهو سندس هٿ هوندا هئا. 1188هه مطابق (1773ع) ۾ وفات ڪيائين. جو سال سندس قبي تي لکيل آهي. اهو قبو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو.“(15)

سنڌ گزيٽيئر پڻ ائين لکيو آهي ته:

”شاهه بهارو نور محمد ڪلهوڙي جو وزير هوندو هو. جنهن هتي (لاڙڪاڻي تي) حڪومت ڪئي ۽ جنهن جي حڪم هيٺ ڏهه هزار ماڻهو هوندا هئا. ائين پيو لڳي ته هن 1735ع ۾ وفات ڪئي.“

خادم شاهه بخاري ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۾ لکي ٿو ته:

تحقيق ڪندي شاهه بهاري جي مجاورن وٽ هڪ فارسي نسخو نظر مان گذريو جنهن ۾ هڪ شاعر هوت بلوچ جو تعارف ڪرايو ويو آهي. جو چيو وڃي ٿو ته شاهه بهاري جو خاص خادم هو. هن نوٽ مان شاهه بهاري جو به ڪجهه احوال ملي ٿو. جنهنڪري جنسي عبارت هيٺ لکجي ٿي.

”شاهه بهارا يک بزرگ بهادر و بلاغت انتظام داشت و صلاحيت حکمراني دارنده نائب بود... نيک صورت و سيرت و خدا ترس شخص بوده در مملکت ميان نور محمد چون ملک افزوده شد در آن وقت زيرِ حکمراني اين نائب لاڙکانه در مشهور حصص ملک شمار کرده مي مثد. زير حکم شاهه بهارا جمله بيست و پنج هزار سپاهيان لشکر مي ماندد. جمله هشتاد چهار جنگهاتي کرد و خدا اورا درهم ظفر و نرت نصيب کردِ در منن يک هزار و يک صد و پنجاه وفات يافت. از خاد مانش هوت بلوچ يک مشهور شاهه در زبان فارسي بود...“

”شاهه بهارو هڪ وڏو بهادر ۽ انتظام رکڻ جي قابليت ۽ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت رکندڙ نائب هو. نيڪ صورت ۽ سيرت ۽ خدا ترس شخص هو. ميان نورمحمد جي حڪومت ۾ جڏهن ملڪ کي وڌايو ويو. تڏهن ان وقت هن نائب جي حڪمرانيءَ هيٺ لاڙڪاڻو ملڪ جي مشهور حصن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. شاهه بهاري جي حڪم هيٺ جملي 25 هزار سپاهين جو لشڪر رهندو هو. ڪل 84 جنگيون ڪيائين جن سڀني ۾ خدا کيس فتح ۽ نصرت نصيب ڪئي. سنه 1150هه ۾ وفات ڪيائين. سندس خادمن مان هوت بلوچ فارسي زبان جو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.“

سنڌ جي هر تاريخ ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته شاهه بهارو ڪل 84 جنگيون وڙهيون. هن به پنهنجي زندگي ۾ ڪابه جنگ نه هارائي آهي. هُو هر جنگ و جدل ۾ دشمن مٿان غالب رهيو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي 35 سالا دور ۾ ڇا ايتريون گهڻيون جنگيون وڙهيون جو انهن مان رڳو 84 جنگين جو فاتح شاهه بهارو هو. ظاهر آهي ته نور محمد ڪلهوڙي جا ٻيا سپهه سالار به ڪجهه جنگيون وڙهيا هوندا. ان حساب مان لڳي ٿو ته نورمحمد جي دور ۾ سوين جنگيون لڳيون آهن. جن مان 84 جنگين جو هيرو صرف شاهه بهارو آهي، اچو ته هاڻي ان غير عقلي ڳالهه جي ڪجهه ڇنڊ ڇاڻ ڪيون. 

اسان هاڻي انهن حالتن کي ذهن ۾ رکنداسين. جن حالتن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران ٿيو هو. ان کانسواءِ نور محمد ڪلهوڙي جي دور جي ڪجهه اهڙن اهم واقعن جو جائزو وٺنداسين جن ۾ شاهه بهارو پڻ شريڪ ٿيو هو.

ميان نورمحمد جا ٽي سال پُرامن گذريا. پر حڪومت جي چوٿين سال مطابق 1135هجري (1723ع) ۾ دائودپوٽا لڙائي لاءِ اٿيو ۽ مُلا جيئندو ابڙو، جو بکر قلعي جي جتوئي پرڳڻي ۾ ڪن زرخريد ديهن جو سنڀاليندڙ هو. تنهن سان جهڳڙو ڪيائين. شڪارپور ۽ خانپور جي سرزمين جا (آس پاس جي) ديهن سميت مير عبدالواحد خان جي جاگير هئي. هنن انهن ۾ پڻ دخل ڪري مٿئين خان کي ڪوبه جواب ڪونه ٿي ڏنو. تنهنڪري ٺاري خدمتگار کي حضور ۾ موڪلي (مٿئين) جاگير کي پنهنجي حوالي ڪرڻ جي گهر ڪري هنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ متوجهه ٿيو ۽ ڪجهه لڙاين کان پوءِ کين شڪارپور جي قلعي ۾ گهيرو ڪري آڻ مڃرايائين.(16)

غلام رسول مهر به تحفة الڪرام جي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته:

”ان زماني ۾ دائود پوٽن جو اڳواڻ امير محمد مبارڪ خان 1136هه/1723ع ۾ هن محمد صادق خان کي پنهنجي مارجڻ جي صورت ۾ پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو. ميان نور محمد، مير شهداد خان ٽالپر کي شڪارپور روانو ڪيو ۽ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ حالتن جو انتظار ڪرڻ لڳو، جنگ جو طبل وڳو ته ميان سٺ هزار سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري اچي شڪارپور  پهتو. شاهه بهارو، راجا ليکي ۽ مراد ڪليري به مختلف طرفن کان متعين ڪيا ويا. جمادي الآخر 1136هه/ فيبروري 1724ع تائين جنگ ٿيندي رهي. ليڪن ان جو فيصلو نه پي ٿيو. آخرڪار ميان نورمحمد ڀرپور حملي جو حڪم ڏنو، طرفين جو گهڻو نقصان ٿيو. ان بعد ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو.“(17)

هيءَ پهرين جنگ آهي، جنهن ۾ اسان کي شاهه بهارو جو تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو. ان جنگ ۾ حصو وٺڻ مهل شاهه بهارو جي عمر 58 سال ٿي چڪي هئي، ڪن تاريخ شاهه بهاري جي سڀ کان وڏي سوڀ آهي، جنهن ۾ هن بروهين سان جنگ دوران بروهين جي سردار عبدالله خان کي ماريو هو، قلات جي بروهين ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي وچ ۾ اڪثر ننڍيون ننڍيون جهڙپون رهنديون هيون. ڇو جو بروهي اڪثر جبلن تان لهي سنڌ ۾ ڦُرلُٽ ڪري واپس هليا ويندا هئا. سن 1143هه/ 1713ع ۾ بروهين، سنڌ طرف لشڪرڪشي ڪئي. بروهي شڪست کائي ڀڳا، قلات جو حاڪم بروهي ميان جي فرزند کي پنهنجون ٻه نياڻيون ڏئي صلح لاءِ آماده ٿيو.“(18)

هڪ سال پوءِ 1144هه/1732ع ۾ بروهين جي هڪ قوم عهدشڪني ڪري فريدآباد جي ڀرواري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو. هن واقعي سبب ميان نورمحمد گهڻو ناراض ٿيو. ميان نور محمد پاڻ لاڙڪاڻي پهچي نامور سپهه سالارن کي بروهين جي بيخ ڪنيءَ جو حڪم ڏنو. ڪڇي ۾ جنديهر وٽ خونريز جنگ ٿي. ڪيترن ئي نامور سپهه سالارن سان گڏ مير عبدالله خان بروهي پاڻ به هن جنگ ۾ مارجي ويو. بروهين جو زور هميشه لاءِ ٽٽي پيو.(19)

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو لکي ٿو ته:

”قلات جو حاڪم عبدالله خان بروهي جيڪو پاڻ کي شهباز ڪوهستاني سڏائيندو هو. سو هميشه ميان صاحب جي ملڪ مان ڦر مار ڪندو هو ۽ هر سال زبردستي ڀتو وٺندو هو. ميان نور محمد 1143هه ۾ عبدالله خان بروهي تي حملي جو قصد ڪيو ۽ سيوهڻ ڀرسان پنهنجي خدا آباد واري رهائش گاهه کان نڪري لاڙڪاڻي اچي ترسيو ۽ وڏي فوج رواني ڪيائين. جڏهن ته عبدالله خان بروهي به دليري ۽ بهادري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سو به پنهنجي ٿوري فوج ساڻ ڪري قلات کان نڪري، سرحد پار ڪري اچي ڪلهوڙا فوج جي سامهون مهاڏو ڏنو ۽ سخت لڙائي لڳي، پر قضا الاهيءَ سان عبدالله خان بروهي مارجي ويو. مير سيد غلام علي آزاد بلگرامي سندس وفات جي تاريخ هن جملي مان ڪڍي آهي.

”عبدالله بروهي قتل گرديد“ 1143هه(20)

جنگناما ۾ هڪ روايت لکيل آهي ته:

”قلات جي والي مير عبدالله خان جي وقت ۾ ڪڇي ۾ ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ هڪڙي بروهڻ بيوهه زال کان هڪڙو ٻڪر کسي ورتو اها بيوهه عبدالله خان وٽ فريادي آئي. عبدالله خان ان عورت کي ٻڪر جي بجاءِ ست ڌڻ ڏيڻا ڪيا، پر بروهڻ زال چيو ته ”مان سنڌ ۾ وعدو ڪري آئي آهيان ته جيڪر عبدالله خان جيئرو هوندو ته ست دفعا ڪڇو هڻائيندس.“ تنهن تي عبدالله خان خاموش ٿي ويو. چند ڏينهن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن پنهنجي اُمرائن کي درٻار ۾ جمع ڪري، مشورو ورتائين ته ”هن بيوهه بروهڻ جو ٻڪر منهنجي ڇاتي تي ٿو ٽپي. اوهان جي ڇا صلاح آهي؟“ بروهي اميرن سندس راءِ تي اتفاق ڪيو ته ”بروهڻ جي زبان کي پاڻي ڏجي.“ پوءِ عبدالله خان ڇهه دفعا سنڌ هڻي آندي، سنڌ جا ڪلهوڙا حاڪم شڪست کائي عاجز ٿيا. نيٺ شاهه بهارو نالي هڪ سيد جي ڪمان هيٺ ساري سنڌ جمع ڪري، مقابلي جي واسطي موڪليائون، ڪلهوڙن جي انهي حملي جي وقت اڪثر بروهي لشڪر واپس جبل ڏي موٽي ويل هو. ٿورن سوارن سان عبدالله خان ڪڇي ۾ رهيل هو. جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر حملو ڪري عبدالله خان کي سندس همراهن سميت قتل ڪيو. سنڌ جو  لشڪار بي حساب هو. تنهنڪري هي ٿورڙا ماڻهو وچ لشڪر ۾ لوڻ پاڻيءَ وانگر ٿي ويا...

ان واقعي تي جلال کٽي ۽ جمن چارڻ ڪافي شعر چيا آهن، جلال کٽيءَ جا ڪجهه شعر هي آهن.

مير ويهجي ميدان ۾ ڍاريائين ڍارو

جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍريو، پيو پئون پاسارو

بازي بهارو، شاهه کٽي ويو شير کئون.

---

مير ويهي ميدان ۾ چؤپڙ چٽائي

کيليا خان کٽي چوي، ڪي ٻارهن ٻولائي،

جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍريو، ويو کڻ کٽائي

بازي بتلائي، شاهه کٽي ويو شير کئون.“(21)

تحفته الڪرام موجب اها جنگ گنجابه لڳ خانپور (ڪاڇي) واري هنڌ تي لڙي وئي، ان جنگ ۾ شاهه بهارو سان گڏ، مراد فقير، ڦتو خان فقير، نورنگ جسڪاڻي، مير شهداد خان ٽالپر، محمد حسن کهاوڙ، شهداد خان کهاوڙ، ڏاتو کهاوڙ، ڪلهوڙن پاران وڙهيا.  

مٿين بهادرن مان شهداد خان کهاوڙ جي نالي سان شهدادڪوٽ شهر، ڦتو مل جي نالي سان ڦتو مل واهه، جيڪو تعلقي قنبر ۾ موجود ڳوٺ ڀاوند لاکا لڳ اتر ۾ نور واهه مان نڪري ٿو. نورنگ جسڪاڻي جي نالي پٺيان تعلقي قنبر ۾ نورنگ واهه، ڳوٺ راضي ڳوڙ جي اتر ۾ ”ٽمنهونءَ“ وٽان کهاوڙ واهه مان نڪري ٿو. مراد ڪليري/ ڪلهوڙي جي نالي پٺيان مراد واهه، ڏاتي کهاوڙ پٺيان تعلقي قنبر ۾ ”ڏاتي جي ڪور“ موجود آهي، اهي سڀئي فقير، ميان نور محمد ڪلهوڙي جا نهايت ڀروسي جوڳا بهادر فوجي جرنيل هئا. جن خانپور واري معرڪي ۾ شاهه بهاري جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا.(21)

مٿين ڪن تاريخن ۾ ان معرڪي ۾ شاهه بهارو جو ذڪر ڪونهي. پر ڪن تاريخن ۾ ان ساري بروهن واري جنگ جو سرواڻ ۽ ڪريڊٽ 67 سال پوڙهي شاهه بهارو کي ڏنو ويو. ڪن مؤرخن ته ان جنگ دوران شاهه بهاري کي غدار ۽ سندس وفاداري ۽ نيڪ نيتي تي شڪ ڪيو آهي. جيئن آخوند محمد صديق ”تاريخ بلوچستان“ ۾ لکي ٿو ته:

”جيئن ته مير عبدالله ڪاڇو فتح ڪرڻ چاهيو ٿي، انڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي جرنيل شاهه بهاري سان خط و ڪتابت شروع ڪيائين. شاهه بهاري سوچ ويچار ڪري مير عبدالله کي لکيو ته ”اوهين ڪاڇو وٺڻ چاهيو ٿا ته مناسب ائين ٿيندو ته جملابن جي لشڪر کي حڪم ڏيو، ته هو ”موري لڪ“ جي رستي گنجابه پهچي، ته جيئن منهنجي لاءِ ميان نور محمد خان وٽ عذر جو سبب بڻجي سگهي.“(23)

غلام رسول مهر ”تاريخ سنڌ“ ۾ آخوند محمد صديق جي مٿين خيال کي غلط قرار ڏيندي لکي ٿو ته:

”هن بيان جو اهو قصو ته سراسر ناقابل قبول آهي ته، مير عبدالله خان ڪاڇي تي ڪاهڻ لاءِ شاهه بهاري سان خط و ڪتابت ڪئي هئي.“

غلام رسول مهر ان ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:

”شاهه بهارو، ڪلهوڙا سرڪار جو نهايت بهادر ۽ ڄاڻو جرنيل هو. ڪلهوڙن وٽ کانئس وڌيڪ اعتماد جو درجو ڪنهن ٻئي کي حاصل نه هو. اهو ممڪن ئي نه هو ته هُو ان قسم جي لکپڙهه لاءِ تيار ٿئي ها.“(24)

بهرحال ان جنگ ۾ جيئن ته عبدالله بروهي قتل ٿي ويو هو، شاهه بهارو جي اهڙي ڪابه لکپڙهه يا سازش ڪري ها ته ضرور عبدالله بروهي جي فائدي ۾ وڃي ها نڪي ان جو سر وڃائي ها. ان کانسواءِ آخوند محمد صديق ان لکپڙهه جي باري ۾ ڪا چٽي ثابتي يا وزنائتا دليل ڏئي نه سگهيو آهي هو پاڻ ئي ان معرڪي لاءِ تاريخ بلوچستان ۾ لکي ٿو.

”شاهه بهارو ۽ گنجابه جو نائب مراد ڪليري سنڌ ۽ گنجابه جو سمورو لشڪر وٺي لڙائي لاءِ خانپور پهچي ويا، مير عبدالله خان جڏهن ڏٺو ته جملابن ۽ التازئين جي غفلت سبب فوج تمام گهٽ آهي ۽ دشمن جو لشڪر تعداد ۾ گهڻو وڌيڪ آهي ته کيس ڳڻتي ٿي، هن جو پٽ، محبت خان بروهي ۽ ساڻس گڏ هو. آخوند محمد صالح کي حڪام ڏنائين ته منهنجا ٻه پٽ ننڍي عمر جا آهن. ملڪ انهن جي هٿن مان نڪري ويندو. تون محبت خان کي پاڻ سان وٺي وڃي حاڪم مقرر ڪر، ته جيئن احمد زئين جو بنياد (نسل) برباد نه ٿي وڃي. انهي جنگ ۾ سنڌي لشڪر پوئتي هٽيو، پوءِ وري سنڌي هڪٻئي کي طعنا ڏيندي موٽيا ۽ لڙڻ لڳا رب جي رضا اها هئي. خان اعليٰ شان عبدالله خان شهادت جو شربت نوش جان ڪيو.“(25)

هيءَ آهي ٻنهي ڌرين يعني ڪلهوڙن ۽ بروهين جي تاريخدانن طرفان پيش ڪيل پنهنجو پنهنجو موقف هاڻي سوال آهي ته اهڙو سورمو جنهن جا ابا ڏاڏا صدين کان ڪلهوڙن جا وفادار ۽ خاص خدمتگار رهيا هجن. شاهه بهارو ڪيئن پنهنجي محسنن سان غداري ڪري دشمنن سان ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهه ڪندو.

شاهه بهاري سان هڪ ٻي جنگ به منسوب ڪئي وڃي ٿي، جيڪا 1746ع ۾ ڪچي (موجوده بدين لڳ) جي ڪانجي قلعي جي راڻي سان لڳي.

برصغير ۾ جڏهن مغلن جي بادشاهي هئي. تڏهن سنڌ تي سندن طرفان صوبيدار مقرر ٿي ايندا هئا. ان وقت نڱامرن جي سامونڊي ڪناري الڳ رياست هوندي هئي جنهن جو حڪمران راڻو عبيد هو. مغلن جي پڇاڙڪي دور ۾ نڱامرن جي رياست جو حاڪم راڻو ارجن ٿيو. سنڌ ۾ جنهن مهل ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي ان مهل هن رياست جي حڪمراني راڻي اجمال جي اولاد ۾ هلندي آئي. جنهنڪري ان کي اجمالي سڏيندا هئا.

اجمالي مختلف دورن ۾ پنهنجي رياست جي گادي هلائيندا رهيا. شروعاتي دور ۾ انهن جي گادي ڪٽي ڪوٽ ۾ هئي. ان بعد ڪن سببن ڪري هو پنهنجي رياست جو مرڪز کڏي واري کاري وٽ کڻي آيا. رياست جي آخري ڏينهن ۾ انهن جي گادي ڌاراجا ٿي. سگهڙن مختلف هنڌن تي اجمالين جي گادي جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:

اول هئا ڪٽي ڪوٽ تي

پوءِ وئا کڏي پاسي کڻي

الله اجمالين جي اوچي ڪج آني

ڌاراجا ڌڻي ڏسي مڇ نه موٽيا.

ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ نڱامرن جي رياست ڪا وڏي ڪانه هئي، پر تنهن هوندي به هڪ طاقتور رياست تصور ڪئي ويندي هئي. ميان نور محمد پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ ان کي پنهنجي حڪومت هيٺ آڻڻ لاءِ ڌاراجا جي راڻي ارجن تي حملا شروع ڪيا. راڻو ارجن به بهادر مڙس هو. هو ٻه ترارون ٻڌندڙ هو. هن به ڪلهوڙن تي جوابي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. راڻي ارجن پنهنجي بچاءَ ۽ رهائش لاءِ ڌاراجا ۾ ڪوٽ ٺهرايو هو. جيڪو راڻي ڪوٽ جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪلهوڙن سان دشمني ڪري راڻو اَرجن کين تنگ ڪرڻ لڳو هو.... ايتري قدر جو هن ٺٽي تي به حملو ڪيو هو.(26)

تحفة الڪرام جو مصنف ان واقعي لاءِ لکي ٿو ته:

1157هه ۾ شيخ شڪرالله، ڪڪرالي جي حاڪم ڄام هوتي کي نابود ڪري سندس جاءِ تي ڄام موهر کي مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ سال 1158هجري ۾ شاهه قلي خان پاڻ ڪانجي جي قلعي تي ڪاهي ان کي زبردستي سان فتح ڪيو. 1159هجري ۾ انهن ڪڇي ڪافرن کي، جن ڪانجي جي قلعي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ بدين جي ڳوٺن ۽ ٻين هنڌن تي اچي شورش پيدا ڪئي هئي. سيکت ڏيڻ لاءِ بهار شاهه فقير (شاهه بهاري) ۽ ٻين جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو ويو... انهن ئي ڏينهن ۾ ڌاراچي بي راڻي جي چرچ تي سو جابلو ويڙهاڪ ماڻهو ٺٽي جي پسگردائي کي ڦرڻ لاءِ مسو فقير ۽ شيخ شڪر الله بولي خان جاکري سان گڏ کين سامهون ٿيڻ لاءِ وڏي درجي واري پير (شايد پير پٺو) جي مزار وٽ اچي منزل ڪئي. ٽئين ڏينهن مقابلي ڪرڻ وقت هزارن، سون کان زبردست شڪست کاڌي راڻي جي انهي اڳرائي ڪري. صاحبزادو محمد خداداد خان وڏو لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي آيو. مٿئين ڏوهه ۾ مسو فقير نظامت (گورنري) کان موقوف ٿيو. ۽ بلاول فقير نائچ (گورنر) مقرر ٿي راڻي جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو. راڻو پاڻ سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ قلعو ڪن غلامن جي نگراني ۾ ڇڏي ويو. انهن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن بي انداز لشڪر سان جنگ جوٽي ڏني. آخر قلعو جنهن صورت ۾ نهايت اهم هو. تنهنڪري هڪ جڙتو دستاويز جي ذريعي فتح ڪيو ويو. قلعو هٿ ڪري صاحبزادو موٽي ويو.(27)

راڻي ڪوٽ جي قبضي جي تاريخ هڪ شاعر محسن ٺٽوي هيئن ڪڍي آهي.

دلم از بهر سالش فکر مي کرد

خود گفتا ”بحق فتح مبين است“.

ان مان لڳي ٿو ته راڻي ڪوٽ تي اهو حملو 1161هه (1747ع) ڌاري ٿيو هو.(28)

ٿوري ئي وقت کان پوءِ شيخ شڪرالله، راڻي کي بجار جوکئي جي معرفت صلح جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ آرماڙ مان هيٺ لاهي قتل ڪرايو.(29)

شاهه بهاري جي وفات تاريخ سنڌ-ڪلهوڙا دور جو مصنف 24 ربيع الثاني 1150هه، 12 مئي 1736ع ڏيکاري آهي ته هو لاڙڪاڻي ۾ فوت ٿيو. ان تاريخ مطابق، هن 71 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي پر ڪڪرالي ۽ راڻي ارجن واريون جنگيون بعد ۾ يعني 60-1159هجري 1747ع ۾ وڙهيون ويون. مثال طور اسان سمجهون ته شاهه بهاري جي اها تاريخ وفات غلط آهي. هو ڪانجي ڪوٽ تي حملي وقت به جيئرو هو ۽ فوج جي ڪمان ڪئي هئائين ته ان ڪمان مهل سندس عمر 82 سال ٿي چڪي هئي.

عقل اها ڳالهه تسليم ڪندو ته هڪ 82 سالن جو بزرگ ايڏو چاڪ و چوبند هوندو جو گهوڙي جي پٺي تي چڙهي سوين ميل ڪهي ڪن دور دراز علائقن ۾ وڃي جنگيون جوٽي.

ڪجهه عقيدتمندن ته شاهه بهاري کي ديو مالائي شخصيت بڻائي کيس ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دور کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ايامن تائين يعني 92 سالن جي عمر ۾ به ڪلهوڙن جي خدمت ڪندي ڏيکاريو آهي. جيئن”ڪلهوڙا (عباسي) دور“ ۾ آهي ته ”شاهه بهارو ڪلهوڙن جي دور جو بهترين جنرل هو. هي چانڊڪا موجوده لاڙڪاڻي جو ناظم به رهيو. يار محمد ڪلهوڙي جي دور کان وٺي جنگيون وڙهندو رهيو.

سن 1144هه/1731ع ۾ هن قلات جي والي عبدالله خان جي حملي کي منهن ڏنو ۽ عبدالله خان مارجي ويو.

نور محمد ڪلهوڙي هن کي سن 1159هه/ 1146ع ۾ ڪانجي ڪوٽ جي فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو.

1170هه/1757ع هن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو ساٿ ڏنو...“(29b)

ان مان لڳي ٿو ته شاهه بهارو 1757ع تائين يعني 92 سالن جي عمر تائين ڪلهوڙا درٻار سان وابسته رهيو هو.

بهرحال اسان ڏسنداسين ته سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه بهار سان رڳو چند جنگيون منسوب آهن. جن ۾ دائودپوٽن سان ڪجهه جنگيون ۽ عبدالله بروهي کي مارڻ واري جنگ مشهور آهي ان کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته شاهه بهاري، ڪجهه وڌيڪ جهيڙا دائودپوٽن ۽ بروهين سان ٻيا به ڪيا هجن. جن جو انگ به ڪو ايڏو وڏو ڪونه هوندو. البت اهو امڪان آهي ته شاهه بهارو سنڌ جي مڪامي زميندارن، ابڙن، سانگن، پنهورن سان ڪي جهيڙا، دنگا فساد ڪري، انهن جا ٻني ٻارن تي قبضا ڪيا هجن. پنهنجي سنڌين سان وڙهڻ، حاڪمن جي هُشي تي انهن کان ملڪيتون کسڻ ۽ انهن جا ويڙها ويران ڪرڻ واري کي، ڀلي ان دور جا درٻاري مورخ هيرو ڪري پيش ڪن، پر جديد دور جي مُورخ کي هرو ڀرو اڳلن درٻاري مورخن جي تائيد نه ڪرڻ کپي. هن کي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ سوال ضرور اٿارڻ گهرجن.

بهارپور ۽ ان جو قلعو

ميان آدم شاهه جي وفات بعد سندس پوٽن ميان الياس ۽ ميان شاهه علي جنهن کي تاريخ ۾ شاهل محمد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. شروع ۾ ميان الياس پنهنجي مريدن جو انگ وڌائڻ سان گڏ زمينداري وڌائڻ لاءِ پنهنجي وڏڙڻ کان به گوءِ کڻي ويو. ميان شاهل محمد دور پنهنجي چانڊڪا پرڳڻي ۾ هڪ معمار واري حيثيت رکي ٿو. ميان شاهل محمد لاڙڪاڻي جي زراعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ گهاڙ واهه کوٽايو. پاڻي جي گهڻائي ڪري اتر سنڌ جو هي علائقو وڌيڪ سر سبز ۽ شاداب بڻجي پيو. هر طرف چهل پهل ساوڪ ۽ باغ بستان ڏسي لاڙڪاڻي کي ”سنڌ جو عدن“ سڏيو ويو. زرخيزي ۽ هتان جي ماڻهن جي خوشحالي ڏسي اهو مشهور ٿي ويو ته:

هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو

نه ته وت ويڳاڻو.

ميان شاهل محمد گهاڙو واهه جي ٻنهي ڪنارن واريون زمينون زوري اتان جي مقامي ماڻهن ابڙن ۽ سانگين کي ڊوڙائي پنهنجي قبضي ۾ آنديون، اهڙي ئي هڪ جهيڙي ۾ ميان شاهل محمد قتل ٿي ويو.

نور محمد ڪلهوڙو جڏهن 1132هه/1719ع سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هن شاهه بهارو کي ”چانڊڪي پرڳڻي“ (لاڙڪاڻو) جو ناظم اعليٰ مقرر ڪيو. ان کان اڳ ئي لاڙڪاڻو هر قسم جي باغات ۽ واپاري منڊي هئڻ ڪري مشهور هو. ميان شاهل محمد طريل (1593ع-1657ع) جي کوٽايل ”گهاڙ واهه“، هن شهر کي ”بندر“ جي حيثيت ڏياري هئي. پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٻيڙا پڻ هتي لنگر هڻندا هئا. جنهن کي واپار کي هٿي ملي. اهڙي پر فضا وڌندڙ واپاري شهر ميان صاحب وقت جي ناظم جي حيثيت ۾ حياتي جا سکيا ڏينهن گذاريا.

سندس هٿ هيٺ ڏهه هزار ماڻهو هوندا هئا. شهر جي اتر- اوڀر ڪنڊ تي، گهاڙ واهه جي ڪنڌي سان ننڍڙو ڪوٽ (قلعو) به جوڙايو هئائين. ”جيڪو پوءِ وڌي، سندس نالي پٺيان بهارپور سڏجڻ لڳو. هينئر پراڻي گهاڙ واهه جي ختم ٿيڻ ڪري، بهارپور لاڙڪاڻي شهر سان بلڪل ملي ويو آهي. سندس خاص آبادي آهي. منجهس قلعو به صديون اڳ غالباً سن 1721ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر کان 300 ميٽرن جي مفاصلي تي ”ڦلن“ جي ڳوٺ  ڏانهن ويندڙ رستي تي ٺهي راس ٿيو. جنهن ۾ پاڻ پنهنجي سپاهه ۽ ضروري سامان سميت رهندو هو. ميراڻي صاحبي ۾ درياءَ جي چاڙهه سبب قلعو تباهه ٿي ويو. البته سندس ڦٽل نشان بهارپور جي ڏاکڻي طرف اڃا تائين قائم آهن جن ۾ 18 ميٽر ڊگهي 26 ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر ٿلهي ديوار ڊٺل حالت ۾ اڄ به موجود آهي.(30)

سيد خادم حسين شاهه ان قلعي لاءِ لکي ٿو. ”شاهه بهاري پنهنجي وقت ۾ لاڙڪاڻي کي ترقي ڏيارڻ جون ڏاڍيون ڪوششون ۽ سعيو ڪيو. پاڻ ڪيترائي قلعا ٺهرايائين ۽ شهر ٻڌايائين. لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ سندس قبي جي ڏکڻ ۾ گهاڙ واهه جي ٻيءَ ڀر بهارپور جو ڳوٺ به سندس ئي ٻڌايل آهي. ڳوٺ بهارپور لڳ هڪ ڦٽل قلعي جا آثار اڃا تائين موجود آهن. جو شاهه بهاري جي رهائش طور ڪم ايندو رهيو. قلعو اٽڪل 30 جريبن ۾ هو، جنهن کي چوڌاري وڏيون ديواريون ۽ چئني ڪنڊ ۾ چار منارا هوندا هئا. جي هينئر ناس ٿي ويا آهن.“(31)

ان لاڙڪاڻي جي قلعي لاءِ امام المتقين راشدي لکي ٿو ته:

”لاڙڪاڻي ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي پنهنجي قابل فخر سپهه سالار شاهه بهاري جي نگراني ۾ هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرايو هو. جنهن کي چار مورچا (منارا) به هئا. ان ۾ ميان نور محمد کي پورچوگيزن طرفان مليل ڪجهه توپون هيون. قلعي ۾ شاهه بهاري جي ڪمان هيٺ ڏهه هزار فوجي دستو رهندو هو. جنهن ۾ جتوئي ۽ کوسا قبيلي جا ماڻهو شامل هئا. اهو قلعو ٽالپرن جي دور ۾ به توبخاني جي حيثيت ۾ استعمال ڪيو ويو. هن وقت اهو اهم قلعو پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي. شاهه بهاري انهي قلعي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ بهارپور جي نالي سان آباد ڪيو هو. جيڪو اڄ به قائم آهي.“(32)

ميان صاحب منتظم جي حيثيت ۾ بهارپور کي خوب وڌايو ۽ منجهس بازار قائم ڪيائين. جنهن ۾ مقامي توڙي ٻاهرين قافلن جو مال عام جام وڪامندو هو. گويا لاڙڪاڻي جي منڊي ”بهارپور“
بڻجي وئي. اهوئي سبب هو جو لاڙڪاڻو سندس ذاتي اثر رسوخ خوش خلقي، سياسي تدبر ۽ اورچائي سببان اُوج تي وڃي رهيو. خود ميان نور محمد ڪلهوڙي کي جتي ٻين ملڪن جي معاملن ۽ بهادري جي ڪارنامن سان دلچسپي هئي. اتي زراعت کي به نظرانداز نه ڪيائين! ۽ پوکي راهيءَ جي ترقي ۽ اناج وغيره جي جهجهي اُپائڻ لاءِ بنيادي ڪمن طرف توجهه ڏنائين. انهي سلسلي ۾ سنڌ اندر واهن جو وڏو ڄار وڇايو ويو ۽ آمد رفت جي سهولت لاءِ پُليون پڻ ٺهرايائين. خاص ڪري اتر سنڌ ۾ وڏا واهه کوٽايائين جن ۾ شاهه بهاري وڏي دلچسپي ورتي. سندس اَيام ڪاري ۾ کوٽايل، سندس نالي پٺيان ”شهه جي ڪور“ وڏي اهميت ۽ سندس روشن دماغ جو واضح ثبوت آهي ته ”گهاڙ واهه مان نڪتل“ اها ڪور هن وقت ڳوٺ ماهوٽي (تعلقو لاڙڪاڻو) ڀرسان رائيس ڪئنال مان نڪري تعلقي قنبر جي اترئين علائقن مان لنگهندي، تعلقي ميرو خان تائين هزارين ايڪڙ زمين سيراب ڪري ٿي. قنبر ۾ هن ڪور جي ڪجهه ڀاڱي کي هينئر ”شاهه همير“ به چون ٿا ڪجهه عرصو اڳ ڪُورَ جي ڪجهه حصي تي همير خان چانڊئي جي زمينداري هئي ”شاهه همير“ يعني شاهه بهارو ۽ همير چانڊيو.“(33)

شاهه بهاري کي ”فقيري“ جو لقب:

ڪلهوڙن جي پهرين حاڪم ميان آدم شاهه ڪلهوڙي محسوس ڪيو ته اقتدار لاءِ روحاني طاقت سان گڏ مادي طاقت جو هجڻ به ضروري آهي. ان ڪري هن زمين جو وڏو خطو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. جنهنڪري سندس حيثيت هڪ زميندار سان گڏوگڏ ”مذهبي پير“ واري پڻ ٿي پئي. سندس مريدن کي فقير سڏيو ويندو هو ۽ اهي فقير وري پنهنجي اعليٰ قيادت کي ”ميان صاحب“ جي لقب سان سڏيندا هئا. اڳتي هلي سڀئي ڪلهوڙا حاڪم پاڻ کي ”ميان“ ۽ ”خادم الفقراءِ“ جي لقب سان سڏائڻ لڳا. اهڙي طرح مريد پڻ ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙن کي ”فقير“ سڏيو ويندو هو. جيڪي فل ٽائيم ورڪر هوندا هئا. پارٽي جي پروپئگنڊا، تحريڪ اندر نون ڪارڪنن کي شامل ڪرڻ، پارٽي ليڊر جي شخصيت جو اميج ٺاهڻ ۽ تحريڪ جي مقصدن کي عوام تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندا هئا. ٻيو گروهه اهڙن مريدن جو هو. جن جو ڪم زمين خريد ڪرڻ. نوان ڳوٺ ٻڌڻ، تحريڪ لاءِ پئسو مهيا ڪرڻ ۽ جدوجهد دوران مقصد تحت پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ. هن گروهه کي ”سرائي“ چوندا هئا.“(34)

اهڙي طرح ميان نور محمد ڪلهوڙو جڏهن گادي سنڀالي ته هن پنهنجي ڪن خاص خدمتگارن کي ”فقير“ جو لقب ڏنو. ان ۾ شاهه بهارو به شامل هو. ”ڪلهوڙن وٽ اڃا وڌيڪ جيڪو پيارو هوندو هو، اهو برخوردار سڏبو هو.“(35)

شاهه بهارو ۽ حڪمت

سنڌ ۾ جيڪي به عالم، فاضل ۽ سياسي مدبر ٿي گذريا آهن. تن کي ٻين علمن سان گڏ ”طب“ سان به دلچسپي رهي آهي، شاهه بهاري عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان جي پڻ ڄاڻ رکي. ساڳئي وقت هو هڪ حاذق حڪيم به هئو. خاص ڪري طبي طريقن ۾ پوري سنڌ ۾ سندس مشورا وڏي اهميت رکندا هئا. خود ڪلهوڙا حاڪم به علاج معالج لاءِ سندس صلاحن کي ترجيح ڏيندا هئا. وٽس وڏا وڏا حڪيم ۽ يوناني طب جا ماهر موجود هوندا هئا. جن مان سندس رهاڻيون ٿينديون هيون. انهن سان سيد عبدالله ولد سعد الله سورتي (وفات 1138هه) ميان شفيع محمد ڌوٻي (وفات 1174هه) حڪيم عبدالرئوف بوبڪائي (وفات 1181هه) ۽ مرزا علي مدد خان (وفات 1183هه) جا نالا سرفهرست آهي. ميان شاهه بهاري پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو مايوس ۽ نااميد مريضن تي شفا ۽ دعا جا هٿ ڦيريندي، سندن دلجوئي ڪندو رهيو. سندس تشخيص توڙي تجويز به فلاسفيانه ۽ فڪرمندانه طرز جي هئي. جنهنڪري ڪافي مريض وٽانئس صحتياب پئي ٿيا. کيس پنهنجي دور جو حاذق حڪيم ڄاتو وڃي ٿو. هن مطب حاڪم جي حيثيت ۾ ڪونه کوليو هئو. پر غريبن جي خدمت خاطر اڪثر دوائون وٽس موجود رهنديون هيون.“(36)

شاهه بهاري جو ڪتب خانو

شاهه بهارو جي علم دوستي ۽ ڪتابن سان محبت لاءِ ميمڻ عبدالغفور سنڌي لکي ٿو ته:

عيسوي ارڙهين صدي جي اوائل ۾، ميان نور محمد ڪلهوڙو جو نائب (وڏو وزير ۽ سپهه سالار) شاهه بهارو ولد غلام حيدر جنجهڻ (1665ع-1736ع) ٿي گذريو. اٺاويهين ورهين جي عمر ۾ چانڊڪي پرڳڻي جو ناظم اعليٰ مقرر ٿيو. لاڙڪاڻو سندس ذاتي اثر رسوخ، خوش خلقي ۽ سياسي تدبر سببان اوج تي پهتل هو، وٽس ڪتابن جو به وڏو ذخيرو موجود هيو، جنهن ۾ هزارين ناياب قلمي ڪتاب رکيل هئا. مدد خان آچو ڪاتب رکيل هوس. جنهن کي ڪتبخاني جي ذميواري سونپيل هئي. سال 1134هه (1721ع) ۾ حج بيت الله شريف جي فريضه لاءِ حرمين شريف ويو. واپسي تي ڪيترائي عربي زبان ۾ ديني ڪتاب خريد ڪري، پنهنجي ڪتبخاني ۾ اضافو ڪيائين. افسوس زماني جي انقلابي تبديلين، ڪتبخاني جو نانءَ نشان ئي مٽائي ڇڏيو.“(37)

شاهه بهارو جي وفات

شاهه بهاري جي ڄمڻ جي تاريخ تي سڀ مؤرخه متفق آهن ته هر 1076 هجري 1665ع مطابق پيدا ٿيو. البت سندس وفات تي تاريخ تي ڪجهه اختلاف آهن.

1.             غلام رسول مهر ”تاريخ سنڌ“ (ڪلهوڙا دور) شاهه بهاري 24 ربيع الثاني 1150هه/ 12 مئي 1736ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.

2.     آرڪيالاجيڪل سروي آف ويسٽرن انڊيا نمبر-8 ۾ شاهه بهاري جي وفات 1148هه/1735ع ڄاڻايل آهي.

3.     سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته ”شاهه بهارو، نور محمد ڪلهوڙي جو وزير هوندو هو، جنهن هتي (لاڙڪاڻي) تي حڪومت ڪئي. جنهن جي حڪم هيٺ ڏهه هزار ماڻهو هوندا هئا ائين پيو لڳي ته هن 1735ع ۾ وفات ڪئي.

4.     سيد خادم حسين شاهه کي شاهه بهاري جي مجاور وٽان هٿ آيل فارسي قلعي نسخي مان شاهه بهاري جي وفات 1150هجري (1736ع) لکيل آهي.

5.     ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شاهه بهاري جي موت لاءِ لکي ٿو ته ”آخر هن بهترين منظم زندگي جون ستر بهارون پوريون ڪري، تاريخ 24 ربيع الثاني سنه 1150هه مطابق 12 مئي 1736ع تي لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو.“

6.     انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ آهي ته شاهه بهاري 24 ربيع الثاني 1150هه/10 آگسٽ 1736ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.

7.     مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ“ ۾ انهن سڀني ڳالهين جي ابتڙ شاهه بهاري جي وفات ۽ سندس مقبري جي اڏاوت جو سال ساڳيو سن 1773ع ڄاڻايو آهي. هن مطابق شاهه بهارو 108 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿيو.

مرزا قليچ بيگ جي اها تاريخ ان ڪري به درست نٿي لڳي جو ”تحفة الڪرام“ موجب ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 1772ع ۾ وفات ڪري ويو. ظاهر آهي ته غلام شاهه ڪلهوڙو موت کان هڪ سال پوءِ ڪيئن مقبرو ٺهرايو هوندو.

8.     ڪن تاريخدانن عقيدت جي شدت ۾ شاهه بهارو کي سندس موت کان پوءِ به جنگ وڙهندي ڏيکارين ٿا. مثال طور جيڪڏهن هو جيئرو به هجي ها ته 82 سالن جي عمر ۾ جنگ جي ميدان ۾ تلوار بازي ڪندي ڏيکاريو آهي. جيڪو ناقابل قبول ۽ تاريخ سان مذاق آهي. جيئن ڪن مورخن کيس سندس موت کان 81 سال جي عمر ۾ به راڻي ارجن واري جنگ ۾ به وڙهندي ڏيکاريو آهي. جيڪا جنگ 48-1747ع ۾ وڙهي وئي. مثال طور: جيڪڏهن ان جنگ ۾ شاهه بهارو حصو ورتو هوندو ته هو لڳ ڀڳ 82 سالن جو ٿي چڪو هيو.

9.     شاهه بهاري کي هروڀرو 84 جنگن جو هيرو ڪرڻ لاءِ کيس ڪن تاريخدانن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سموري دور (1753-1719ع) ۾ موجود ڏيکاريو آهي. جيئن ته ميان نور محمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. ان وقت تائين اسان جي 84 جنگين جو فاتح 88 سالن جي عمر جو ٿي چڪو هو. ان وقت تائين شاهه بهارو برجستو ۽ چاڪ و چوبند رهڻ ۽ حڪومت جي وهنوار ۾ حصو وٺڻ ڪافي سوال ۽ شڪ پيدا ڪري ٿو.

بهرحال منهنجي ذاتي راءِ آهي ته شاهه بهارو سان هروڀرو سندن مجاورن ۽ معتقدن غلط روايتون منسوب ڪري، کين 84 جنگن جو فاتح قرار ڏئي کين مرڻ بعد هروڀرو نوي سالن جي عمر تائين جيئرو رکي، جنگيون ويڙهايون ويون آهن. جنهن تي نئين سري سان تحقيق جي ضرورت آهي.

منهنجو خيال آهي ته شاهه بهارو جي وفات جي تاريخ جيڪا ڪيترن معتبر تاريخي تحفة الڪرام، سنڌ گزيٽيئر ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن ۽ قلمي نسخن ۾ 36-1735ع لکيل آهي. اها وڌيڪ مستند، قابل قبول ۽ فطري لڳي ٿي. جنهن مطابق هن 71 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي.

شاهه بهارو جي اولاد:

چيو وڃي ٿو ته شاهه بهارو کي چار پٽ پيدا ٿيا هئا. جن ۾ مقصود فقير، فتح خان، مير خان ۽ دوست محمد خان پٽ ڇڏيا. نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ شاهه بهاري جو فرزند مقصود فقير 29 آگسٽ 1757ع ۾ ميان صاحب جي وڏي فرزند ميان محمد مراد ياب جي معزولي بعد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي باغي ڀاءُ ميان محمد عطرياب سان هم رڪاب رهيو، پر قسمت کيس ساٿ نه ڏنو ۽ هر ڀيري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي لشڪر هٿان شڪست کاڌائين. شاهه بهارو جا پونيئر دادو، لاڙڪاڻي ۽ قنبر ضلعن ۾ اڃا تائين رهن ٿا.

شاهه بهاري جو مقبرو :

سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ڪلهوڙا دور جي تعميرات لاءِ ٻڌائي ٿو ”تاريخ جي رهيل مادي مثالن مان سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ جٽادار نشانيون ان دور جون اڏاوتون آهن. مشڪل سان ڪو اهڙو دور هجي جنهن جي ڪانه ڪا اڏاوت اسان کي ڪنهن حالت ۾ نه ملي هجي. ڪلهوڙا دور ۾ جڙيل عمارتن جو هڪ ڊگهو سلسلو سنڌو جي ساڄي ۽ کاٻي سري کان سمنڊ تائين نون شهرن، ڪوٽن، مقبرن ۽ مسجدن وغيره جي صورت ۾ موجود هو. اڄ تائين به هن دور جا ٻين دورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بيٺل يادگار ڏسڻ ۾ ايندا... ڪلهوڙا حاڪمن جي قبرن تي به قبا آهن، پر سندن سالارن ۽ مشهور ميانوالن جي تربتن تي مقبرا اڏيل آهن.(38)

سيد حاڪم علي شاهه بخاري اڳتي لکيو آهي ته:

”ڪلهوڙن ايتريون ته عمارتون جوڙايون آهن جو کين سنڌ جا مغل ڪري ڪوٺڻ ۾ به ڪو مبالغو نٿو لڳي. هيڏي وڏي تجربي هوندي به ڪلهوڙا تعميرات جي ميدان ۾ ڪو الڳ يا سڌاريل پرڪار (Shape) پيدا ڪري نه سگهيا. گهڻو ڪري گذريل وقت جي گٺل گهاڙيٽن کي دهرايو ويو، ممڪن آهي ته فن ۾ نيارپ پيدا ڪرڻ لاءِ جيتري نويڪلائي ۽ چترائي گهربل هوندي آهي سا ٿور وقتي ۽ وڳرڙيل راڄ ۾ حاصل نه ٿي هجي. پوءِ به ڪجهه ڌيان ڌرڻ سان سندن دور جي عمارتن جي سڃاڻپ ڪرڻ ناممڪن ناهي.(39)

شاهه بهاري جي مقبري جو پلان

اسان هت ڪلهوڙا دور جي ٻين تعميرات کي ڇڏي رڳو شاهه بهارو جي مقبري ۽ ان جي فن تعمير تي روشني وجهنداسين. آثار قديمه جو ماهر نياز رسول، شاهه بهاري جي مقبري جي اڏاوت جو جائزو هن ريت پيش ڪيو آهي.

”هي مقبرو هڪ عاليشان عمارت آهي ۽ سمورو پَڪ سرو آهي هي مقبرو هم چورس آهي. يعني ڊيگهه ويڪر 39 فوٽ اٿس. سمورو مقبرو وري هڪ پڪ سري پليٽ فارم تي ٺهيل آهي. پليٽ فارم جي ڊيگهه 76 فوٽ ۽ ويڪر 71 فوٽ آهي. هن مقبري جو گنبذ ان گول وانگر آهي. جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ رنگ رنگيلو شمع دان آهي. هي شمع دان ٻي ڪنهن به مقبري تي نظر نه ايندو ۽ دل کي خوش ڪندڙ هڪ تبديلي آهي ۽ پڻ ان شمع دان جي موجودگي گنبذ کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. ان ٽائپ جو مقبرو هڪ ئي ٿو نظر اچي، سو به سنڌ جي اترين پاسي. اندر اچڻ لاءِ مهاڳ دروازو مشرق ۾ اٿس ۽ دروازو پڻ ڪاٺ جي ڪم جو شاهڪار آهي ۽ مٿانئس رنبي جي ڪم سان گل پڻ ڪڍيا ويا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ شاهه بهاري واري مقبري جو دروازو

اولاهين ديوار جي وچ ۾ هڪ محراب آهي، جڏهن ته اترئين ۽ ڏاکڻي ديوار پاڻ ۾ ائين ملن ٿيون جو هڪ ڪمان وانگر محراب ٺاهين ٿيون. جنهن کي هاڻي بند ڪيو ويو آهي. مقبري جي اندر هڪ فوٽ اونچو پليٽ فارم آهي. جنهن تي نو قبرون جڙيل آهن. جنهن ۾ هڪ قبر شاهه بهاري جي ئي چمڪيلي سرن جي حاشيه، مقبري جي اندرين ديوار جي چوڌاري لڳل آهي. هرهڪ سر جي سائيز 4x3 انچ آهي. انهن حاشين جي مٿان وري گل پنن جي چٽسالي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پارسي خطاطي پڻ آهي. مقبري جي ٻاهريان چوني جو پلستر ٿيل آهي ۽ پلستر ۽ مستطيل ڊزائين ڏني وئي آهي.“(40)

انيس انصاري ”شاهه بهارو جو مقبرو“ ۾ ان عمارت جي گنبذ محراب ۽ طرز تعمير لاءِ لکي ٿو ته:

”هر قوم جي عمارت ۾ ڪي خاص اهڃاڻ هوندا آهن، جن جي موجودگي سان ئي اها عمارت سڃاتي ويندي آهي. اسلامي اڏاوت ۾ مناري محراب ۽ گنبذ کي خاص اهميت حاصل آهي. برصغير پاڪ ۽ هند ۾ اچڻ بعد مسلمانن پنهنجي عمارت سازي جي فن کي قائم رکيو. جيتوڻيڪ هندستان ۾ هندن اڏايل پهرين عمارتن تي اتان جي مقامي اثر صاف ۽ ظاهر ظهور اچي ٿو ته به اڏاوت جون بنيادي چيزون اسلامي فن جون عڪاس آهن... اسلامي عمارت سازي جي حوالي سان جي اسان شاهه بهاري جي مقبري کي ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان ۾ انهي فن کي چڱي طرح استعمال ۾ آندو ويو آهي.“(41)

مقبري اندر ڪل 9 قبرون آهن، اتر واري پاسي کان 5 ۽ ڏکڻ پاسي کان 4 قبرون آهن. اتر طرف دورازي کان پهرين ڇڏي ٻئي نمبر واري قبر شاهه بهاري جي آهي.

 هينزي ڪزنس وري ان شاهه بهاري جي اڏاوتي جوڙجڪ کي ڪا خاص اهميت نه ڏني آهي. البت سندس فانوس (ڊگهو روشندان) Lantern ۽ ڪاٺ جي دروازي کي ڪافي ساراهيو آهي.

”مقبرو تعمير جي لحاظ کان خاص اهميت جي لائق نه آهي. سواءِ ڪاٺ جي اڪريل دروازي ۽ ان جي مناري جي جنهن ۾ عمدي قسم جي نقش و نگار ڪئي وئي آهي ۽ مقبري جي گنبذ مٿان تعمير ٿيل آهي. اهو منارو تمام ناياب قسم جو ۽ ڏاڍو دلفريب آهي. جنهن مقبري جي ڳوراڻ ۽ بي ڊولائي کي ڪجهه ڏسڻ جهڙو ڪري بيهاريو آهي. هن مقبري جي اڏاوت اٺ پاسائون ڪاشيءَ جي سرن سان ڍڪيل آهي. هن جو نمونو گهڻو تڻو جاپاني قسم جي منارن جهڙو آهي. وڏو دروازو ڪاٺ جي اُڪير جو بيش بها نمونو آهي. جنهن جا عام درن جيان ٻه تاڪ آهن. هرهڪ تاڪ کي پٽيون هڻي ڏهن ٻارين ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هرهڪ ٻاري ۾ اڀريل نموني گلڪاري جي اُڪر ٿيل آهي. دروازي جي چوڌاري چوڪاٺي تي به اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. دروازي جي مٿان آر پار ڄاري جي طرز جي ٽُڪائي ٿيل آهي. سا به ڏاڍي عمدي آهي. در مٿان ٽڪنڊي مهاڙي ۾ ڪاٺ جي اُڪر کي دهرايو ويو آهي. جنهن ۾ سهڻي گلڪاري ڪيل آهي. جيڪا سنڌ ۾ عام طور تي ڪاشيءَ جي پڪل چمڪدار سرن تي فارسي لکت آهي.“(42)

مقبري جي اندر محراب تي هي ڪتبو لڳل آهي:

گنبذ شاهه بهارا چه زهي نيک سرتشت

کاتب از جود و صفا نيش همه بر لوح نوشت

خادمش هوت ز تاريخ عمارت پر سيد

هاتفش گفت که وه بيشک محسود بهشت.

1188

ترجمو:

گنبذ شاهه بهار جو واهه جو ڀلو ٺهيل آهي،

گويا جو ڪاتب تقدير سخا ۽ تعريفون سڀئي،

لوح مفوظ ۾ لکي ڇڏيون آهن،

هوت خادم ان جي عمارت جي تاريخ پڇي،

غيبي آواز ان کي چيو ته بلاشڪ بهشت برابر آهي.(43)

شاهه بهاري جي مقبري جي ٻاهرين دروازي تي لڳل ڪتبي مان هن جي تعمير ٿيڻ جو سال 1188 ڏيکاريو ويو. ڪتبو جو مضمون هن ريت آهي.

عجائب گنبدي درزير گردون

ثريا وار حنش گشته است

برد شاهه بهاره صاحبش نام

که در دنيا بجز نيکي نه کشت است

بهار است اين نه گنبذ درتما شا

جهان گويد ڪه اين خرم بهشت است

ز تاريخش چو پر سيدم گفتيذ

هزار و ويکصدو هشتاد وهشت است.

(1188هه)

ترجمو:

عجيب گنبذ آهن آسمان جي هيٺان

ڪتين وانگر حُسن هن جو گڏ ٿيو آهي

هئو شاهه بهاري صاحب جو نالو

دنيا ۾ سواءِ نيڪيءَ جي نه پوکيو هئائين

هن دنيا ۾ هن جي مثل ڪوبه گنبذ نه آهي

زمانو ائين ٿو چوي: ابن خرم جو بهشت آهي.

جڏهن هن جي تاريخ پڇيم ته چيائين. 1188هه(44).

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهو مقبرو شاهه بهاري پنهنجي جيئريءَ ئي جوڙايو هو.

ساڳي وقت اهو به مشهور آهي ته اها عمارت شهور رازي جان محمد جوڙي هئي.(45)

شاهه بهاري جي مقبري تي جيڪو چن جو پلستر ٿيل آهي. ان ۾ ڏاچن جو کير استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪو ان دور ۾ اهڙي سورهيه کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين ذريعو هو.(46)

سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ۾ شاهه بهارو جي مقبري لاءِ لکيل آهي ته:

ٻاهرين بناوت

”هي قبر غلام شاهه ڪلهوڙي شاهه بهاري جي خدمتن جي عيوض مٿس ٺهرايو. هي مقبرو هاڻي بهادر آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي. جيڪو ڪنهن زماني گهاڙ واهه جي ڪپ سان هو. مقبرو هڪ مستطيل ٿلهي مٿي، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان 4.4 فوٽ اوچو آهي. ٿلهي جي ڊيگهه ۽ ويڪر 71x70 فوٽ آهي. ٿلهي کي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي. جنهن تي اڌ گول نموني جا ڏاڪا ٺهيل آهن. دروازو اوڀر ۾ اٿس. ڪاٺ جي ٺهيل دروازي جي مٿان ڪاشيءِ سان سينگاريل جارو آهي. ان جي مٿان پانيل ٺهيل آهن. مهاڙي خوبصورت، ميناردار ٽه ونگائين، سنڌن ۽ اڀن پانيلن سان سينگاريل آهي. مهاڙي تي چار برج آهن. ٻن ڪنڊن وٽ ٻه ٻانهين جي آخري ڇيڙي وٽ اڳين مهاڙي واري برجن جي ماپ 8.8 فوٽ آهن، ٻانهين جي ڪنڊن وارن برجن جي ماپ 4.8 فوٽ آهي. برجين تي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. مقبري جي باقي حصي تي 5 اڀا پانيل  ڏنل آهن. جيڪي ٽن سڌين قطارن ۾ حاشيه کان مٿي ٺهيل آهن.

هي حجرو 27x27 فوٽ جو آهي، فرش تي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. مقبري اندر هڪ ننڍي ٿلهي تي جيڪو اتر ڏکڻ 22.3 ۽ اوڀر اولهه 17 فوٽن جو آهي. ان تي ٻن قطارن ۾ نو قبرون ٺهيل آهن، اتر کان ٻئي نمبر واري قبر شاهه بهاري جي آهي، چون ٿا ته اتي ڏهين قبر به هئي، چورس هجري جي ڪنڊن تي حاشيه (Dado) کان مٿي، هر ڪنڊ تي وڏي کڻ ونگ (Recesses Arch) جيڪا 7.6 ويڪري ۽ 15.3 ارپي ٺهيل آهي. محراب 8.8 فوٽ اوچو ۽ 4.4 فوٽ ويڪرو آهي. اولاهين ڀت جي وچ تي ٺهيل محراب جو ونگ (Arch) تي راسيون نڪتل آهن. اتر ۽ ڏکڻ وارين ديوارن ۾ 5.9 فوٽ اوچيون 2.71/2 فوٽ ويڪريون ۽ 5.1 فوٽ اونهيون (Deep) دريون ٺهيل آهن جن تي هاڻي لوهي ڄاريون هنيون ويون آهن. ڪانس (Cornice) 21 فوٽن تي قبي جي چوڌاري ديوارن کي ڏنل آهي. ڪانس جي مٿان 16 ننڍا جارا ٺهيل آهن جن جي مٿان ڳُچ (Drum) ۽ ان جي مٿان گنبذ، گنبذ جي مٿان فانوس ٺهيل آهي. ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي. ڳچ تي چوڌاري سوراخ نڪتل آهن. جنهن تي هاڻي اهي ڄاريون هنيون ويون آهن. ان ڳچ ۾ اٺ عدد روشندان، هوا ۽ روشني لاءِ رکيا ويا آهن. جارا چٽيل آهن. فرش کان گنبذ جو بنياد 31 فوٽن تي مٿي آهي. گنبذ جو اندريون قطر ٿلهي ليکي 24.4 فوٽ آهي. هي مقبرو ڊيگهه ۾ وڏو ۽ اوچائي ۾ ننڍو آهي. ان لاءِ ڏسڻ لاءِ ائين لڳي ٿو ته اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. گنبذ جي ڳچ جي سورنهن ئي پاسن تي ڪانس نڪتل آهي. ڳچ هر ڪنڊ تي ڪلسو ڏنل آهي. شاهه بهاري جي مقبري جا لڇڻ (Feature) نيارا آهن. جيڪي اسلامي اڏاوتن ۾ ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا.

فانوس:

اٺڪنڊو فانوس 16 فوٽ اوچي گنبذ مٿان ٺهيل هو. ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي، ان ڪلس جي ماپ 2.9 فوٽ هئي. جيڪا هاڻي نه رهي آهي. افسوس جو هن مقبري جا گهڻا لڇڻ هاڻي ختم ٿي ويا آهن، جيئن ڪنگرا، ڪاشيءَ جون سرون، نوڪدار برجيون ۽ خوبصورت ڪلسو وغيره.

شاهه بهارو ڪلهوڙن جو منصبدار جرنيل هو. ڪافي جنگين ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهيو. کيس لاڙڪاڻي جو ناظم مقرر ڪيو ويو هو. هي مقبرو مٿس غلام شاهه ڪلهوڙي مڃتا طور ٺهرايو هو. ڪنهن زماني ۾ هتي ڪابه قبر ڪانه هئي، پر هاڻي چڱو خاصو قبرستان ٺهي ويو آهي،ا ندر ٿلهي ڀرسان به قبرون ٺاهيون ويون آهن، روضي جي ٽن پاسن کان والار ٿي چڪي آهي.“(47)

روشندان

شاهه بهاري جي مقبري مٿان لڳل ان دلڪش اُڀي روشندان جي هر ڏسندڙ تعريف ڪئي آهي. اهڙا اُڀا روشندان برصغير جي ڪيترن ئي عمارتن ۾ اڳ استعمال ڪيا ويا آهن. پر سنڌ ۾ انهن ڊگهن روشندانن جي اڏاوت ڪلهوڙا دور ۾ ٿي آهي. ڪلهوڙن جي ڪيترن ئي مقبرن مٿان اهڙا ڊگها روشندان بيهاريل آهن جن ۾ ميان الياس ۽ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مقبرن مٿان اهڙا سهڻا روشندان ڏسي سگهجن ٿا.

انهن ڊگهن روشندانن جي تعريف هينري ڪزنس به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته ”اهو منارو مقبري جي گنبذ مٿان تعمير ٿيل آهي. اهو منارو تمام ناياب قسم جو ڏاڍو دلفريب آهي. جنهن مقبري جي ڳوراڻ ۽ بي ڊولائي کي ڪجهه ڏسڻ جهڙو ڪري بيهاريو آهي. هينري ڪزنس هڪ ٻي هنڌ لکيو آهي ته ”اهي اُڀا روشندان ڪن حالتن ۾ تمام وڻندڙ ايجاد آهي. جيڪا انهن گنبذن کي تمام اثرائتو بڻائي ٿي. انهن آرائشي اڀريل روشندانن جو انڊيا ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي.(48)

ڪلهوڙن اڳتي هلي عمارتن کي پرڪشش بڻائڻ لاءِ اهي ڊگها روشندان باقاعده پنهنجي تعميرات جو حصو بڻائي ڇڏيا. اهڙي طرح سنڌ ۾ عمارتسازي جي تاريخ ۾ اهي ڊگها روشندان ڪلهوڙن ئي متعارف ڪرايا. چيو وڃي ٿو ته انهن اُڀن روشندانن جو رواج اسان وٽ مغرب کان آيل آهي، پر هينري ڪزنس جو خيال آهي ته روشندانن جي اها طرز جپانن وٽ رائج آهي. بهرحال اهڙا روشندان ڪلهوڙن حڪمرانن جي مقبرن کانسواءِ سندن درٻاري ماڻهن جي قبن مٿان به بيهاريل آهن. جن ۾ شاهه بهارو به شامل آهي. شاهه بهاري جي روضي جي چوٽي تي بيهاريل ان منفرد روشندان جي هر ماهر ساراهه ڪئي آهي.

شاهه بهاري جي مقبري مٿان بيٺل ان روشندان کي گول گنبذ مٿان بيهارڻ لاءِ پهريائين هڪ ويڪرو اٺ ڪنڊو (اٺاس) بنياد رکيو ويو آهي، جنهن کي ڪنهن گگهي جي ڳچي جيان ڪجهه قدر سوڙهو ڪيو ويو آهي. جنهن مٿان سوا فوٽ کن جو هڪ ٻيو ننڍڙو دڪو ڏئي ان مٿان گولائي مائل ڪانس ڏني وئي آهي. اهڙو بنياد فراهم ڪرڻ کان پوءِ ان تي اٺڪنڊو روشندان بيهاريو ويو آهي. موجوده ان روشندان جي هر پاسي کي مستطيل اُڀي شڪل ڏنل آهي. جنهن ۾ ماکي جي مناري جيان سيمنٽ جون ڄاريون لڳل آهن. ان محراب دار ڄارين کي نيرو رنگ ڏنل آهي. ان اٺن پاسن کان لڳل ڄارين کي مٿي آهستي آهستي کولي موڪرو ڪيو ويو آهي. جن مٿان خوبصورتي لاءِ ڪنڊن واري پٽي ڏني وئي آهي. ان مٿان گولائي مائل نوڙيءَ جيان ڪنگڻي نظر اچي ٿي. اهڙي نوڙي جي شڪل نما ڪنگڻي برجن ۾ پڻ ڏنل آهي. ان ڪارنس مٿان فٽ کن جي ديوار کڙي ڪري ان جي وچ ۾ ڪڪڙ جي بيضي جهڙي ننڍڙي دلي رکي وئي آهي، جنهن مٿان نيل بيهاريل آهي.

موجوده وقت ان روشندان جي ڪنهن به حصي تي ٻاهران ٽائلس لڳل نٿي نظر اچي. البت نيري رنگ جا پٽا وغيره ڏئي وڏي ڪاريگري سان ان جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. (افسوس جو ادارن جي نالائقي ۽ بي توجهي ڪري اهو تاريخي شاندار روشندان 11-2010ع جي مينهن دوران ڪِري ختم ٿي چڪو آهي). شاهه بهاري جي مقبري جي چوٽي تي اڏيل ان پُررونق روشندان کانسواءِ مقبري جي مُک دروازي جي سجاوٽ لاءِ ڪيل ڪاٺ جي اُڪر به ڪاريگري جي ڏات جو ڪمال آهي. خاص ڪري ڪاٺ مٿان رنبي جي مدد سان جيڪا شانائتي اُڀريل گلڪاري ڪئي وئي آهي. اها موزونيت جي خيال کان هڪ معتبر مثال آهي. ان کانسواءِ دروازي مٿان ٽڪنڊي مهاڙي ۾ ڪيل پورهيو به مهارت جي معراج تي پهتل آهي.

هاڻي افسوس اهو آهي جو اسان جي بي توجهي ڪري اهڙو باعث زينت يادگار دروازو هن وقت ڀڄي ڀري پنهنجا نقش نگار ۽ منهن مهانڊو مٽائي چڪو آهي، پر چيو وڃي ٿو ته وري به شاباس آهي ”سنڌالاجي وارن کي جن شاهه بهاري جي دروازي جو نقشو اڳيان رکي هڪ عاليشان دروازو ساڳي نموني جو تيار ڪرائي پنهنجي ميوزيم کي هنيون آهي. ان طرح هن فن پاري کي اصلي حالت ۾ نه ته به ان جي سٺي نقل جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.(49)

هڪ انجنيئر جي حيثيت ۾ منهنجي خيال مطابق اڏاوت جي خيال کان شاهه بهاري جي مقبري ۾ ڪجهه اُوڻايون آهن جنهن مان وڏي ۾ وڏي خامي ان مقبري جي اُوچائي، ان جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي نسبت سان گهٽ رکي وئي آهي. مقبرو ڪوتاهه قد هئڻ ڪري ايترو موهيندڙ نظر نٿو لڳي. ان غير متناسب قد ڪري، عمارت ايڏي پر وقار نٿي لڳي. خاص ڪري ڏور کان هڪ سرسري نگاهه وجهڻ سان مقبرو هڏ ڪاٺ ۾ سگهارو لڳي ٿو، پر چڱي طرح ڌيان ڌرڻ سان اها اڏاوت غير معمولي ڄامڙي ۽ بي ڊولي لڳي ٿي. خاص طور تي جڏهن ان مقبري کي پاسن کان يا پويان بيهي ڏسجي ٿو ته اها خاص واضح طور تي واڪا ڪري ٿي. حالانڪ ٻين ڪلهوڙا دور جي عمارتن ۾ اهڙي ڳالهه جو خيال رکيو ويو آهي. شاهه بهاري جي مقبري جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ جيڪڏهن مقبري جي ڇت تي ٻيڙٻنو يا پلويڙو ڏنو وڃي ها ته ان سان عمارت جي هيٺين ۽ مٿين حصي جي بناوت ۾ ڪجهه توازن جڙي ها. پر ان جي بجاءِ مقبري مٿان هڪ ننڍڙو ڏندائتو ٻيڙ ٻنو ڇڏيو ويو هو. ان کان علاوه شاهه بهاري جي مقبري کي چوڦير ڏنل چبوترو/ ٿلهو هڪ طرف ته هن جي ڪجهه قدر اوچائي ۽ رتبو وڌائي ٿو ته ٻي طرف اهو ڪم چلاؤ چبوترو هن جو شان به گهٽائي ٿو.

بهرحال اسان هاڻي شاهه بهاري جي مقبري جي اڏاوت انهي جي خوبين ۽ خامين جو ذڪر سان گڏ ان جي موجوده صورتحال تي ذڪر ڪندا هلنداسين.

چبوترو:

شاهه بهاري جي يادگار مقبري کي ذري گهٽ هڪ چوڪور چبوتري تي بيهاريو ويو آهي. جيڪو موجوده وقت زمين جي سطح کان 4.3 فوٽ بلند آهي. ان چبوتري جي اولهه ۽ ڏکڻ پاسي کان شهر ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ رستا ڇڏيا ويا آهن. نه ته اهو يادگار چبوترو قبرستان جي گهيري ۾ آهي. ان قلعي جي اتر ڏکڻ ڊيگهه 72.2 فوٽ آهي ۽ اولهه اوڀر ويڪر 71 فوٽ آهي. چبوتري کي مضبوط ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي پاسن تي هر 3 فٽن تي هڪ فوٽ ويڪرا 3 انچ کن ٻاهر نڪتل پشتا ڏنا ويا آهن. ٿلهي جي مٿين ڪناري تي پنج سمهاريل سرن جو ٿلهو ڪنارو ڪانس طور ٻاهر ڪڍي ويو آهي. ان چبوتري جي مٿاڇري تي بعد جي دور ۾ سيمنٽ جو پلستر ڪيو ويو آهي.

ان چبوتري تي مٿي چڙهڻ لاءِ اوڀر پاسي کان پوري وچ تي اڌ گول جي شڪل ۾ 6 ڏاڪن جي ڏاڪڻ ڏني وئي آهي. هر ڏاڪو بلندي ۾ 8 انچ آهي. زمين تي رکيل پوين ڏاڪي جو قطر 20.5 فوٽ آهي. اهڙي طرح مٿان رکيل ڏاڪو ان کان گهٽ قطر وارو آهي. آخر ۾ مٿاهون ڏاڪو جنهن بعد ماڻهو چبوتري مٿان پير رکي ٿو. ان جو قطر 10.8 فوٽ بيهي ٿو. ان ڏاڪڻ جي به مٿين ٻن ڏاڪن کي بعد ۾ غير ماهرانه پلستر ڪيو ويو آهي.

مهاڙي

ڪلهوڙا دور جي عمارتسازي ۾ اها خوبي آهي ته ڪلهوڙن پنهنجي عمارتن، خاص ڪري مقبرن ۽ مسجدن کي دلڪش بنائڻ لاءِ ان کي سامهون واري مهاڙي تي وڌ ۾ وڌ توجهه ڏنو آهي. ڪلهوڙن جي ڪنهن به اڏيل عمارت کي اڳيان کان بيهي ڏسجي ٿو ته ان جو سامهون وارو ڏيک باقي عمارت جي حصن کان وڌيڪ وڻندڙ آهي. خاص ڪري مک دروازي واري حصي کي اکين جي زينت بنائڻ لاءِ وڏي مهارت ۽ قابليت استعمال ڪئي وئي آهي. انهن دروازي واري حصي کي باقي عمارت کان اوچائي تي رکڻ کانسواءِ مک دروازي کي جاذب نظر بنائڻ لاءِ مٿان ڇپري طور ڇڄرو ڏنو ويو آهي. ان مهاڙي واري ڇڄري ۽ دروازي مٿان مختلف محرابن، چوڪورن ۽ رنگ برنگي ٽائلس ۽ پينٽنگ سان سجايو ويو آهي. جيئن ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو، خدا آباد جي مسجد، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي مزارن جون مهاڙيون، ڇڄرا، محراب ۽ دروازا ڪمال ڪاريگري جو مثال آهن. اهڙي طرح شاهه بهاري جي مقبري جي مهاڙي ۽ ڇڄري کي به ڪاريگرن سينگارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر فرق صرف اهو آهي ته شاهه بهاري جي مهاڙي کي پورو آرائشي ۽ رنگين ٽائلس سان ڍڪڻ ۽ سجائڻ بجاءِ ان کي صرف ٽائلس جي پٽن ناليسرن سان رنگين بڻايو ويو آهي.

خاص ڪري مقبري ۾ لڙڪندڙ ٽائلس ناليسرن جون لَڙيون پري کان ائين نظر اچن ٿيون ڄڻ شاهه بهاري جي مقبري جي ڳچي ۾ ڪنهن مالاهون پارايون آهن. نيري رنگ جي ان ٽائلس ناليسرن جون پٽيون، مهاڙي جي ڪلهن وٽان جي ٻانهن کان ڪانرن سان گڏ لڙڪي اچي پيرن ۾ پون ٿيون. انهن لڙين کي مقبري جي مٿاهين حصي يعني ڳچي وٽ پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. مهاڙي مٿان ڪارنس وٽ به نيرن ناليسرن سان سينگاريو ويو آهي.

ساڳي طرح مهاڙي جي وچ تي مک دروازي جي مٿان ڏنل محراب دار ڇڄري جي ٻنهي پاسن کان لڙڪندڙ ٽائلس ناليسرن جون پتيون ڏئي زمين طرف رخ رکن ٿيون. انهن پٽين کي به ڪلهن وٽ ٽائلس جي ٻن پٽين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارايو ويو آهي.

انڪري مهاڙي ۾ مٿان ڇت کان وٺي مقبري جي پيرن تائين ناليسرن جون چار لڙيون لڙڪندي نظر اچن ٿيون.

ڪاشي:

شاهه بهاري جي ان مقبري کي هڪڙي ئي قسم ۽ رنگ جون ٽائلس لڳل آهن. 8x8 انچ ماپ جون آهن. ٽائلس تي نيري گهاٽي رنگ جي Background مٿان اڇو رنگ استعمال ڪيو ويو آهي. ساري ٽائلس کي چوڦير هڪ گول اڇو ليڪو ڏنل آهي. جيڪو سندس ڪنارن کي وڃي ڇهي ٿو. اهو گول ليڪو جڏهن ٽائلس جي وچ تي ڪناري کي ڇهي ٿو ته اتي ڪنهن ول جا ٻه پن چٽيا ويا آهن. اهي ٻن پن ڀرسان ڀرسان واري ٻي ٽائلس جي ٻن پنن سان ملي چئن پنن جو هڪ خوبصورت سلسلو جوڙن ٿا. ان ول جا پن ٿورا گهڻا هتان جي ناڙو (Convolvulus) خاندان سان ملن ٿا. جيڪا عام واهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ترندي نظر ايندي آهي. هڪ هڪ ٽائلس جي پوري وچ تي پنجن پنکڙين جو سدا بهار جهڙو ننڍڙو اڇو گل ٺهيل آهي. اهڙو گل سنڌ ۾ ڪيترن اڏاوتن ۾ نقش ڪيل آهي. اسان کي سکر ۾ شاهه  خير الدين جي مقبري ۾ اهڙو گل عام نظر اچي ٿو.

شاهه بهاري جي مهاڙي ۾ لڳل ٽائلس وارن پٽين (ناليرن) جي ٻنهي پاسن تي ساڳيءَ گلن ۽ رنگن وارا بارڊر پڻ ڏنا ويا آهن.

گردو  ڳچ Drum

شاهه بهارو جي شاهوڙ ۽ ڳوري گنبذ کي بيهارڻ لاءِ پويان ۽ ان جي هيٺيان چوڦير سورهن ڪنڊو قدآور بنياد يا گردو Drum ٺاهيو ويو آهي، ان گردو کي به خوبصورت بنائڻ لاءِ ٻاهران نظر ايندڙ مستطيل پلستر جا محراب ٺاهيا ويا آهن. محراب مٿان سنهي پٽي ڏئي ڪانس بيهاري وئي آهي، ان ڳچ ۾ اٺ عدد روشندان ڇڏيل هئا، روشندان کي هاڻي ڄاريون هڻي بند ڪيو ويو آهي.

گنبذ Dome

شاهه بهاري جي مقبري کي ڏنل ان ڳچ مٿان پورو اڌ گول گنبذ ڏنو ويو آهي، اسان کي اهڙا سهڻا گول گنبذ دکن آرڪيٽڪچر ۾ نظر اچن ٿا، خاص ڪري بيجاپور جو محمد عادل شاهه جي مقبري وارو گنبذ. هن سان ملندڙ جلندڙ آهي، شاهه بهاري جي مقبري جو هي گنبذ صديون گذرڻ بعد به بغير جهول جي قائم آهي، ان گول گنبذ ڪري هن ڪوتاهه قد اڏاوت جو ڏيک ڪجهه قدر موهي ٿو.

سِرون Bricks

ان يادگار عمارت ۾ ٻن قسمن جون سِرون ڪتب آندل آهن، هڪ ننڍي ٻي وڏي. ننڍي سر ذري گهٽ چوڪور ٺاهي ٿي، جنهن جي ماپ 7x7x1 انچ آهي. اها سِر گهڻو ڪري مقبري جي اڏاوت ۾ ڪم آندل آهي. ٻي وڏي سِر جي ماپ 10.5x6.5x15 انچ آهي، جيڪا چبوتري ۾ استعمال ڪئي وئي آهي.

برجيون Turrets

شاهه بهاري جي مقبري مٿان چئن ڪنڊن تي برج بيهاريا ويا آهن. انهن برجن تي ساڳي ڊزائين جي اڇي ۽ نيري گلن واري ڪاشيءَ لڳل آهن. اهي اٺ ڪنڊيون برج گولائي مائل ڪنڊون ٺاهيندا مٿي اُسرن ٿا. برجن کي اسان ٽن طبقن ۾ ورهائي سگهون ٿا. ان کي بلندي جي پهرين طبقي ۾ ست ٽائلس هڻڻ بعد ان جي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ ان کي گولائي نما اڀن ليڪن سان ڪنگڻيون ڏنل آهن. ڪن برجن جي ڪارنس تان رنگن لهڻ ڪري ميٽائي رنگ جو مسالو ظاهر ٿئي ٿو. ان ڪارنس کانپوءِ برج ٻي طبقي ۾ چوٽي ڏي ويندي سوڙهو ٿيندو مخروطي شڪل ٺاهي ٿو. مٿي پهچي اهي ٽائلس پاڻ ۾ ملي هڪ ننڍڙي گولائي ٺاهن ٿا. ان مخروطي حصي ۾ برج ۾ ڇهه ٽائلس لڳل آهن. اهڙي طرح اهي برج بلندي ۾ 8x8 فوٽ بيهن ٿا. اسان کي اهڙي قسم جا ڊزائين وارا برج سکر ۾ شاهه خير الدين جي مقبري ۾ به نظر اچن ٿا.

ان مخروط نما برج جي مٿان ٽين طبقي ۾ نيلون لڳل آهن. نيل جي هيٺين حصي ۾ ڄڻ جنڊيءَ تي لٿل هڪ گول ڪنگڻي مٿان هڪ گول ولي رکيل نظر اچي ٿي. ان بعد هڪ ٻي مٿان به ڪجهه گول ڪونگرا چڙهيل آهن. آخر ۾ نيل چوٽي تائين پهچي ڪنهن بند مکڙي جيان سنگ رکيل آهي.

ننڍيون برجون

شاهه بهاري جي مهاڙي جي سامهون مک دروازي مٿان ڪنهن جانور جي اُڀن سڱن جيان ٻه ننڍيون برجون بيهاريل آهن. جن ۾ به ساڳي قسم جا ٽائلس لڳل آهن. اهي اٺڪنڊيون برجون ٻين ڪنڊن وارن برجن کان قد ۾ ننڍيون آهن. هن جي هيٺين طبقي ۾ چار اڀا ٽائلس هڻڻ بعد ڪنگڻيون ڏئي مٿان به ٻيا ٽائلس بيهاري ويا آهن. اهي ٽائلس مٿي وڃي گول ٺاهن ٿا. ان جي بنسبت ڪنڊن وارن وڏن برجن جون چوٽيون ڪنڊون ٺاهن ٿيون. انڪري انهن وڏن ۽ ننڍن برجن جي مٿين چوٽين ۾ واضح فرق نظر اچي ٿو. انهن ننڍين برجين مٿان به ساڳي طرز جون نيلون لڳل آهن.

شاهه بهارو جي حجري جو اندروني منظر

شاهه بهارو جي اندروني حجري جو فرش ڪنهن زماني ۾ هلڪي نيرو/ فيروزي رنگ جون ٽائلس لڳل هيون. جيڪي هن وقت ختم ٿي چڪيون آهن. هاڻي اتي زبون سرن جو فرش هنيون ويو آهي. شاهه بهارو جي مزار اندر ٻن قطارن ۾ ٽوٽل 9 قبرون آهن. جن ۾ چار قبرون اتر طرف اڳين قطار ۾ ۽ پنج قبرون  ڏکڻ طرف پوئين قطار ۾ آهن. انهن اتر واري چئن قبرن مان اوڀر دروازي کان ٻي نمبر سڀ کان وڏي ۽ نمايان قبر شاهه بهارو جي آهي. موجوده وقت ان قبر تي ڪوبه ڪتبو لڳل ڪونهي. ان سيمنٽ سان پلستر ٿيل قبر مٿان پڙ پيل آهن. ڪافي عرصي کان سنڀال نه هئڻ ڪري فرش ۽ قبرن جي حالت تمام خراب آهي. ساڳي وقت حجري جي اندروني ديوارن جا بنيادن جو به سيمي ڪري پلستر ۽ رنگ روغن ميسارجي چڪو آهي.

ان اٺ پاسائين مقبري جي اوڀر کان داخلي دروازو آهي. جڏهن ته ان اولهه پاسي کان محرابي پيٺل جاري مٿان، چن سان پلستر ٿيل اڇي تختي تي فارسي جو هي شعر لکيل آهي.

گنبذ شاهه بهارا چه زهي نيک سرتشت

(ان شعر جو ذڪر اسان اڳ ڪري آيا آهيون).

ان کان سواءِ مقبري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي تي هوا ۽ روشني لاءِ دريون ڏنيون ويون آهن.

ان اٺ ڪنڊي حجري جي چئن ڪنڊن تي اندر بيٺل ونگ دار جارا Nichee ٺهيل آهن. انهن ونگ دار ڪنڊن وارن جارن جي ڇت وٽ خوبصورتي لاءِ ماکي جي مناري Honey Comb جهڙا کائنچا ڏنا ويا آهن. انهن چئن ڪنڊن وارن ونگ دار جارن جي پاسن تي ڊگهائي ۾ مستطيل پيٺل محراب ڏنا ويا آهن. ڪنڊن وارن ونگ دار جارن ۽ پيٺل محراب دار پينل کي ناسي رنگ جي گلن ۽ ساون پنن سان سينگاريو ويو آهي.

انهن محرابي جارن مٿان ۽ ڪارنس تي ڳچ Drum رکيل آهي. ڳچ ۾ 16 ننڍڙا محراب دار جارا آهن. جن ۾ هر ڪنڊن وارن جارن جي اڇي پلستر تي ناسي ۽ سائي رنگ سان گلڪاري ڪيل آهي. ان 8 ڪنڊي حجري جي هر پاسي مٿان ڳچ اندر روشني ۽ هوا لاءِ محرابي روشندان ڏنا ويا آهن.

ڳچ (Drum) اندر جوڙيل محرابي جارن ۽ روشندانن مٿان گولائي مائل شاهي گنبذ جا بنياد رکيل آهن. ان ڳچ جي مٿان ۽ گنبذ جي بنيادن وٽ اڇي چن جي پلستر تي جاميٽريڪل ڊزائين سان ناسي رنگ سان چوڦير بارڊر ڏنل آهي. اهو گلن وارو بارڊر ڄڻ پري کان ڪنگريون لڳن ٿيون. جيڪي اڪثر ڪوٽن جي ٻاهرين ديوارن جي خوبصورتي لاءِ رکيون وينديون آهن.

گنبذ جي اندرين طرف پُوري چوٽي يعني مرڪز جي هيٺان ناسي گلن جو گول دائرو ڏنل آهي. گلن جو جهڳٽو ڄڻ تاج جهڙي شڪل جوڙي ٿو يا جيئن قبرن مٿان سيراندي تي پڳ رکي ويندي آهي. ان گلن جي جهڳٽي مٿان ستارن جي شڪل جهڙا گل چٽيا ويا آهن.

ان گول دائري جي پوري وچ تي هڪ ننڍڙي گول ۾ ڦرڻي جي پرن جيان نيري رنگ جا پَرَ (پن) ٺاهيا ويا آهن. گنبذ جي اندرين پاسي ڪيل اها گلڪاري ڪافي سادي ۽ موهيندڙ آهي.  

اڏاوت ۾ ڪم آندل مسالو Material :

مقبري جي پهرين اڏاوت دوران ساري اوساري مٽيءَ گاري سان ڪئي وئي آهي، جن مٿان چيرولي جو استر ڏئي مٿان چُن جو پلستر ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح اوائلي اڏاوت دوران مقبري جي ٻاهران بيهاريل پٽن ۽ بارڊرن ۾ 2 تهه چيرولي جا ڏئي ان مٿان هڪ تهه ۾ چُن ۽ واري ملائي هنيون ويو آهي، جنهن بعد چُن جو اَستر ڏئي ان مٿان چُن جو پلستر ڪيو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي سنگ جراح به لڳل نظر اچي ٿو. ساڳي نموني مقبري جا ٽائلس به روايتي انداز ۾ چيرولي سان لڳل آهن.

شاهه بهاري جو موجوده وقت جائزو وٺڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته مقبري جي بعد ۾ به مرمت ڪئي وئي، ڪنزرويشن جي اصولن جي خلاف مرمت دوران ٽائلن چيرولي بجاءِ سيمنٽ سان هنيا ويا آهن. اهڙي طرح اوساري ۾ به چُن ۽ واري ڪتب آندي وئي آهي، ڪٿي ڪٿي سيمنٽ به استعمال ڪيو ويو آهي.

حوالا

1.      دين محمد ڪلهوڙو، شاهه بهارو جنجهڻ، ٽماهي مهراڻ سيارو 2006ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو صفحو 155.

2.     ڦيرواڻي شيوارام نرنسگن داس پروفيسر ”راڄ رشي ديوان ڏيارام گدومل جي جيون چرتر“ ڇاپو ٻيو 2000ع ڇپائيندڙ کاهوڙي پبليڪيشن سنڌ گريجوئيشن ائسوسيشن ڪراچي، صفحو 14.

3.     دين محمد ڪلهوڙو، شاهه بهارو جنجهڻ، ٽماهي مهراڻ سيارو 2006ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

4.     غلام محمد لاکو، ڪلهوڙا دور حڪومت، انجمن اتحاديه عباسيه پاڪستان 2004ع، صفحو 92.

5.     هيگ: انڊس ڊيلٽا ڪنٽري، انڊس پبليڪيشن ڪراچي، 1972ع صفحو 112.

6.     غلام محمد لاکو، ڪلهوڙا دور حڪومت، انجمن اتحاديه عباسيه پاڪستان، 2004ع صفحو 269.

7.     تحفة الڪرام، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2004ع، صفحو 231.

8.     ساڳيو، صفحو 231.

9.     ساڳيو، صفحو 231.

10. سنڌ جي تاريخ (ڪلهوڙا دور)، غلام رسول مهر، حصو ڇهون، جلد ٻيو 1964ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، صفحو 838.

11.  ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، خدا آباد جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حيثيت، ميان نصير محمد، ميان يار محمد ڪلهوڙو، تاريخي، ثقافتي يادگار ڪاميٽي، خانپور، ضلع دادو 1997ع صفحو 11.

12. ساڳيو صفحو 27.

12a. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، غلام الرسول مهر، جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1963ع، صفحو 301.

12b. ساڳيو، صفحو 301.

12c. ساڳيو، صفحو 291.

13. تحفة الڪرام، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2004ع صفحو 233.

14. وليم ارون، ليٽر مفلر، جلد ٻيو ص-1، نئون ڇاپو، لاهور، بحوالو غلام محمد لاکو ڪلهوڙا دور حڪومت.

15. مرزا قليچ بيگ، قديم سنڌ.

16. تحفة الڪرام، مترجم: امير احمد، سنڌي ادبي بورد، ڄام شورو 2004ع صفحو 234.

17. تڪراري جاگير جا چار حصا ڪيا ويا، ٻه حصا جيئندو ابڙو، هڪ حصو دائود پوٽو ۽ هڪ حصو ميان کي مليو. تحفة الڪرام، صفحو 234.

18. تحفة الڪرام، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2004ع صفحو 235.

19. تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن صفحو 447.

20.            ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، ڪلهوڙا عباسي دور، مقالا سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، 2009ع صفحو 27.

21. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جنگناما سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 1984ع، صفحو 61.

22.            دين محمد ڪلهوڙو، شاهه بهارو جنجهڻ، ٽماهي مهراڻ سيارو، 2006ع صفحو 158.

23.            محمد صديق آخوند، تاريخ بلوچستان صفحو 186، بحوالو دين محمد ڪلهوڙو.

24.            غلام رسول مهر مولانا، ”سنڌ جي تاريخ“ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون جلد، پهريون 1958ع صفحو 344.

25.محمد صديق آخوند... تاريخ بلوچستان.

26.            اشتياق انصاري، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1996ع صفحو 330.

27.            تحفة الڪرام: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2004ع صفحو 238.

28.            اشتياق انصاري، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1996ع صفحو 331.

29.            تحفة الڪرام، مير علي شير قانع، سنڌي ادبي بورڊ، 2004ع صفحو 238.

29a. امام زادي عباسي، ڪلهوڙا (عباسي) دور، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي 2009ع، صفحو 230.

30.            ماهوار ”الرحيم“ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد مئي جون 1979ع صفحو 31 بحوالو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي واليءِ سنڌ، سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو، 1991ع، صفحو 192.

31. سيد خادم حسين شاهه، لاڙڪاڻي جون ڪجهه شخصيتون، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو 1984ع صفحو 223.

32.            امام المتقين راشدي، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار ٽماهي مهراڻ 4-3/1998ع.

33.            دين محمد ڪلهوڙو، شاهه بهارو جنجهڻ ٽماهي مهراڻ 2006ع، سنڌي ادبي بورد، ڄام شورو.

34.            پروفيسر عبدالله مگسي، سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ٻيو ڇاپو، 2010ع صفحو 103.

35.ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ميان شاهه بهارو جنجهڻ واليءِ سنڌ نور محمد ڪلهوڙو، سنڌ هسٽاريڪل ايند ڪلچرل سوسائٽي مورو 1991ع صفحو 189.

36.            ساڳيو.

37.            ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڪتب خانا، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، 1984ع صفحو 273.

38.            سيد حاڪم علي شاهه بخاري واليءِ سنڌ، نور محمد، سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو 1991ع صفحو 109.

39.            ساڳيو 110.

40.            نياز رسول، واليءِ سنڌ نور محمد سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو، 1991ع صفحو.

41. انيس انصاري، شاهه بهارو جو مقبرو، سنڌ 6 صفحو 214.

42.            هينري ڪزنس سر، سنڌ جا قدمي آثار، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو ڇاپو ٻيو 2004ع صفحو 278.

43.            امام المتقين راشدي چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار ٽماهي مهراڻ 4-3/1998ع

44.            ڪتبن جا فارسي مان سنڌي ترجما، امام المتقين راشدي، حڪيم حاجي سعد الله شيخ کان ڪرايا هئا. بحوالو ٽماهي مهراڻ 4-3/1998ع.

45.ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، واليءَ سنڌ نور محمد ڪلهوڙو، سنڌ  هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو، 1991ع صفحو...

46.  امام المتقين راشدي، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار ٽماهي مهراڻ 4-3/1998ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

47.            سيد حاڪم علي شاهه بخاري، محمد عثمان ميمڻ، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2008ع صفحو 172.

48.            S. Hakim Ali Shah Bokhari, Kalhora Period Architecture Sindh Archives Department, Government of Sindh, Karachi 2006, page 39.

49.            انيس انصاري، شاهه بهارو سنڌ 6، صفحو 213.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org